Sunday, March 27, 2011

هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس



هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس

”سنگاپور کان ملائيشيا جي شهر جوهوربارو وٺي اچڻ واري همراهه، مون کي آڌيءَ رات جو، رستي تي ڏهه رنگٽ جو نوٽ هٿن ۾ ڏنو ۽ پاڻ روانو ٿي ويو.“ عليءَ تفصيل ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو؛ ”تاريخ ياد نه اٿم. مهينو مئي جو هو ۽ سال 1994ع هو. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو رنگٽ، اسان جي ٻارهن رپين برابر هو. مون ڪوالالمپور وڃڻ چاهيو ٿي، جتي مون ٻڌو ته دنيا جي اوچي عمارت ٺهي رهي آهي، جنهن جي ڪم لاءِ ڪيترن ئي هنرمندن کان علاوه مون جهڙن بي هنر ماڻهن کي به مزوري ملي سگهي ٿي ۽ آئون روزگار ڪمائي پيٽ جي باهه اجهائي، في الحال جياپو قائم رکي سگهان ٿو.“
ھن ڳالھ کي جاري رکندي چيو؛ ”مون جوهوربارو جي بس اسٽاپ تان ڪوالالمپور ويندڙ بسين جي ٽڪيٽ پڇي. ڏهه رنگٽ، ايترو گهٽ پئسو هو جو ان مان ڪنهن بنا A.C ۽ پراڻيءَ بس جي به ٽڪيٽ نٿي ٿي سگهي. آئون هاڻ بس اسٽاپ ڀرسان پيٽرول پمپ تي بيهندڙ ڪارن ۽ پڪ اپ ۾ سوارن کي جانچڻ لڳس ته من ڪو مون کي ڪوالالمپور تائين لفٽ ڏئي. هڪ ٻن جي انڪار بعد، هڪ ملئي فئملي مون کي پنهنجي ڪار ۾ ويهارڻ لاءِ راضي ٿي وئي. مون کين ٻڌايو ته؛ آئون ٽوئرسٽ آهيان. باقي دوستن کان وڇڙي ويو آهيان. هو منهنجو ڪوالالمپور ۾ انتظار ڪري رهيا آهن. هنن منهنجو پاسپورٽ مٿان مٿان ڏٺو ۽ گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائي مون کي اڳيان ويهاريو ۽ پنهنجي زال کي پٺيان ٻارن سان گڏ ويهاريو. هو جوهوربارو، پنهنجن مائٽن سان ملڻ ويا هئا ۽ هاڻ واپس اپوح وڃي رهيا هئا. سندن رستي تي، ڪوالالمپور مان لنگهه هو.“
”جوهوربارو کانپوءِ هو ننڍا وڏا شهر آئرحطام، موئر، جاسين، ملاڪا وغيره اڪري سريمبان ۾ ڪجهه دير ترسيا. پاڻ به ماني کاڌائون ۽ مون کي به کارايائون. ڪوالالمپور پهچي مون کي اتي لاٿائون جتي پيٽروناس جا جاڙا ٽاور (Twin Towers) جڙي رهيا هئا. اڃا اونداهه هئي. صبح ٿيڻ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. ڪنسٽرڪشن واري ايراضيءَ ۾ ڪيترا ئي مزدور، جيڪي ڀر واري ملڪ انڊونيشيا ۽ فلپين جا غريب لڳا ٿي، پٽ تي تختا يا گتا وڇائي ستا پيا هئا. مون کي به هڪ ردي اخبار ملي وئي، جيڪا پٽ تي وڇائي چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس. ڪلاڪ ٻه ڪار ۾ به اک هڻي آيو هوس ۽ اهڙو ڪلاڪ ڏيڍ هتي به ننڊ اچي وئي. صبح جي وقت جيئن ٻين مزورن گهوريئڙن(Hawkers)  کان ناسي ليماڪ خريد ڪري کاڌو تيئن مون به ڏهن رنگٽن مان ڏيڍ رنگٽ نيرن ڪرڻ لاءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهي ملئي چانور(Nasi Lemak)  وٺي کاڌا.
بلڊنگ تي ڪم شروع ٿيڻ بعد، مون هيڏانهن هوڏانهن سرون ۽ بار کڻڻ جي مزدوري کان وٺي واڍي، رازي، ويلڊر، مڪينڪ جو هيلپر ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويس. نه فقط ڪامياب ٿي ويس، پر الله جي فضل سان مون کي صاف سٿري نوڪري ملي وئي. بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ هلندڙ ڪم لاءِ نٽ بولٽن ۽ پائيپ نلڪن جو اسٽور هو، جتان ان ڪمپنيءَ جي رازن واڍن کي سامان سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. پڙهيل ڳڙهيل هجڻ ڪري، ڪمپنيءَ جي انچارج، مون کي ان اسٽور ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. منهنجو ڪم سامان جو اندراج ڪرڻو هو ته ڪنهن ورتو ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ. جنهن شيءِ جي کوٽ ٿيڻ لڳندي هئي، ان بابت مٿي ٻڌائي اها شيءِ گهرائي ويندي ھئي. هن نوڪريءَ ۾ منهنجو واسطو مزدورن ۽ بي هنر ماڻهن کان وٺي پڙهيل ڳڙھيل انجنيئرن، ٽيڪنيشن، مڪينڪن ۽ ٻين سان پيو ٿي. ڪجهه ڏينهن، فٽ پاٿ تي سمهڻ بعد، مون کي ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ سمهڻ ڏنو ويو. ڪمپنيءَ وارا به مون مان خوش هئا. ڇو جو آئون هر وقت موجود رهيس ٿي ۽ کين ضرورت جي شيءِ، وقت تي ملي وئي ٿي.
دنيا جي هن اتاهين عمارت(Twin Towers)  جو ڪم، هاڻ آخري مرحلن ۾ هو. ان ڳالھ جو مون کي الڪو هو ته؛ ڇهن ستن مهينن بعد، منهنجي هيءَ نوڪري هلي ويندي. بهرحال آئون لاڳيتو پورو سال، هن بلڊنگ جي مڪمل ٿيڻ تائين، روزگار سان لڳو رهيس.
”پوءِ ان بعد ڇا ڪيئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”ان بعد مون سائبر ڪيفي کولي.“ عليءَ ٻڌايو.
”اهو بزنيس ڌيان ۾ ڪيئن آيو؟“ مون پڇيو.
”در اصل ڇا ٿيو جو پيٽروناس ٽاور جي ڪم ۾ جڏهن وڃي ٻه ٽي مهينا بچيا ته مون واري ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪري مون وٽ آئي.“ علي پنهنجي وڌيڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو؛ ”هن مون کي چيو ته ٻن ٽن مهينن بعد، پاڻ سڀني کي هن فارين ڪمپنيءَ طرفان نوڪري ختم ٿيڻ جو نوٽيس ملندو. ڇو جو بلڊنگ ٺهڻ بعد، گورن جي هيءَ ڪمپني، وائينڊ اپ ڪري پنهنجي ملڪ هلي ويندي. ان بعد تو پاڻ لاءِ ڇا سوچيو آهي؟“
”مون کيس ٻڌايو ته منهنجي ذهن ۾ ته ڪجهه ناهي“.
هن چيو ته؛ هوءَ ڪمپيوٽرن جي به ڄاڻو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا ۾ سائبر ڪيفي جو رواج هلي رهيو آهي. هوءَ مون کي ايماندار ۽ محنتي ٿي سمجهي ۽ جي آئون چاهيان ته ساڻس ان بزنيس ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهان ٿو. ڇو جو ڇوڪري ٿي ڪري، سندس لاءِ هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ، آسان ڪم ناهي. مون کي سندس ڳالهه وڻي. اسان نوڪري ختم ٿيڻ کان اڳ، هڪ ڪيفي کولڻ جي لوڪيشن جو انتخاب ڪري ورتو. اهو ڪلانگ لاما وارو علائقو هو، جنهن ۾ هاڻ ڊولپمينٽ ٿي رهي هئي. اوسي پاسي ۾ ڪيترا ئي IT اسڪول ۽ ادارا کلي رهيا هئا. اتي اسان هڪ دڪان مسواڙ تي وٺي، ان ۾ ڪمپيوٽر وغيره فِٽ ڪيا ۽ جيئن ئي پيٽروناس ٽاور واري نوڪري ختم ٿي ته اسان اچي هن ڪيفي کي سنڀاليو.“
”ڀلا جنهن سان تنهنجو شادي ڪرڻ جو ارادو هو، اها ساڳي ملئي ڇوڪري ته نه هئي؟“ مون پڇيو.
”جي ها!“ عليءَ وراڻيو؛ ”جڏهن اسان گڏ بزنيس شروع ڪيو ته هن ٻڌايو ته؛ هن جي ڪجهه سال اڳ شادي ٿي هئي. پر پوءِ جلد طلاق ٿي وئي ۽ هاڻ هوءَ اڪيلو گذاري ٿي. هن مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان به ملايو، جيڪي نيڪ نمازي ملئي مسلمان هئا. آئون وٽن اڪثر ويندو رهيس ٿي. کين پنهنجي ڌيءَ جي طلاق جو ڏک هو ۽ چاهيائون پئي ته سندس شادي ٿي وڃي ته سٺو. وقت سان گڏ هنن مون ۾ دلچسپي ڏيکاري. وجھ وٺي، هڪ ڏينهن مون سان ان بابت ڳالهه به ڪيائون. ڇوڪري، عمر ۾ مون کان وڏي هئي. بزنيس ۾ گڏ هئڻ ۽ Understanding وڌڻ ڪري، منهنجي به هن ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. مون سندس والدين سان هائوڪار ڪئي. هو ڏاڍو خوش ٿيا. هنن ڇوڪريءَ سان به ڳالهه ڪئي. جيڪا پاڻ به مون ۾Interested  هئي (يا شايد والدين کيس شادي لاءِ Convince ڪيو) جو هن به هائوڪار ڪئي. اسان جو پاڻ کي ڪجهه وڌيڪSet  ڪري، شادي ڪرڻ جو ارادو ٿيو.“
”ڀلا هي سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ڪيترا سال هليو؟“ مون پڇيو.
”اهو ٽي سال هليو. اسان جي خوب ڪمائي پئي ٿي. منهنجو ارادو هو ته مسواڙ بدران، پنهنجو دڪان وٺجي يا ساڳيو ئي خريد ڪجي،“ عليءَ وڌيڪ ٻڌايو؛ ”پر ان ڳالهه تي هوءَ متفق نه هئي. هوءَ ٻين ملئي ماڻهن وانگر، بيحد خرچائو طبيعت جي هئي. کائڻ پيئڻ، ڪپڙن گندين جي ته وڏي شوقين هئي. هاڻ ته ماڳهين کيس فلئٽ وٺڻ جو شوق ٿي پيو ھئو. هوءَ هڪ تمام اوچي قسم جي ٺهندڙ فلئٽن مان هڪ، پنهنجي نالي بڪ ڪرائي آئي. مون وٽ ان وقت تائين 40 هزار رنگٽ کن گڏ ٿيا هئا، جيڪي اڄ جي حساب موجب 10 لک رپيا کن ٿيا. هن مون کان منهنجي بچت جا به پئسا گهريا ته آخر شاديءَ کان پوءِ پاڻ کي ئي ان ۾ رهڻو آهي. مون کيس سڀ پئسا ڏئي ڇڏيا.“
”پوءِ شاديءَ جو معاملو ڪيئن بگڙي ويو؟“ مون پڇيو.
”ان دوران ڇا ٿيو جو ڪيفي جو بزنيس هلائڻ وقت، هن سان گڏ هڪ ساهيڙي اچي رهي، جنهن جي پڻ شادي ٽٽي وئي هئي. هو ٻئي گڏ گڏ رهيون ٿي ۽ سٺيون ساهيڙيون ۽ حال-ڀائياڻيون هيون. ڇا ٿيو جو، اسان جي شاديءَ جي ارادي جو ٻڌي، سندس ساھيڙيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو.“
”ڇو ڀلا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هن کي اهو ٿيو ته شاديءَ بعد هوءَ اڪيلي ٿي ويندي. يا هن کي نوڪري ڇڏي پنهنجي ڳوٺ اپوح وڃڻو پوندو. بهرحال هن منهنجي بزنيس پارٽنر جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ هوءَ مون کان پري ٿيندي وئي. منهنجي سمجهائڻ جي باوجود، هوءَ هر ڳالهه ۾ پنهنجي هلائڻ لڳي. هن لاءِ مون کان وڌيڪ پيارو ۽ اهم ماڻهو، هن جي ساهيڙي ٿي پئي. آخرڪار هن مون سان اهڙي بي رخي اختيار ڪئي جو مون سندس والدين سان به ان خدشي جو اظهار ڪيو ته؛ هوءَ مون سان شايد شادي ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. جيڪو پوءِ حقيقت ثابت ٿيو. مائٽن جي سمجهائڻ جي باوجود به هوءَ، پنهنجي ضد تي قائم رهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هن جي پنهنجي ساهيڙيءَ ۾ شروع کان ايڏي ته دلچسپي وڌي وئي هئي جو هن مون سان گڏ والدين کان به ڪنارو ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾، اسان جي سائبر ڪيفي ۾، ڪجهه نوجوان تامل گراهڪن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس يڪدم پهچي وئي ۽ ڪيفي بند ڪرائي وئي، جيڪا هن ملئي ڇوڪريءَ جي نالي هئي. اسان جو روزگار بند ٿي ويو. منهنجو گڏ ڪيل سمورو پئسو ڇوڪريءَ حوالي ٿي ويو.“
”تو هن کان پنهنجا پئسا گهريا سهي؟“
”گهريم پر هن فلئٽ ۾ لڳائي ڇڏيا هئا ۽ فلئٽ سندس نالي هو. منهنجي قانوني ڪا به حيثيت نه هئي. آئون هڪ دفعو وري زيرو تي اچي پهتس، جنهن تي ان کان 4 سال کن اڳ هوس، جڏهن سنگاپور کان ڪوالالمپور پهتو هوس.“

No comments:

Post a Comment