Sunday, June 04, 2023

ساڻيہ ڏانھن سفر - خير محمد ڪولاچي

ساڻيہ ڏانھن سفر

خير محمد ڪولاچي



مون پنهنجي هڪ ڪتاب جنهنجو نالو ساروڻيون ساڻيه جون هو تنهن ۾ سنڌ ۾ ڏھ مهينا ترسڻ جون يادگيريون قلم بند ڪيون هيون. ان ڪتاب جي مواد کي گهڻن سارهيو هو پر اتي هڪ همراه اهو به سوال اٿاريو هو ته توهان جو هاڻي ديس ته ڪئناڊا آهي توهان سنڌ جي سلهاڙيل يادگيرين کي ڪيئن ٿا ساڻيه جون ساروڻيون چئو. مون کيس لکيو هو ته اسان گهڻو وقت جنهن ڌرتي تي گهاريو آهي، اسان جينهن ڌرتي تي جنم ورتو آهي، جتي رانديون رونديون ڪيون آهن، جتي جي ماروئڙن جي ڏک سک جو حصو رهيا آهيون سو ئي اسان جو حقيقي ديس آهي.


ياد اٿم ته هڪ ڀيري پنهنجي ننڍي پٽ کي چيو هوم ته يار ڪئناڊا ۾ رهندي ڪيترو وقت ٿي چڪو آهي پوءِ منهنجي انگريزي ٻولي اڃا سٺي معيار جي ٿي ڪو نه سگهي آهي. تنهن مون کي وراڻيو هو ته بابا توهان ننڊ مان اٿي آن لائين سنڌي اخبار پڙهندا آهيو ته پوءِ توهان جي انگريزي وري ڪيئن بهتر ٿيندي. ساڻس اتفاق ڪندي چيم ته واقعي منهنجي اندر طلب اها ئي آهي ته مان ديس جي معاملن جي ڄاڻ رکان، اتي جي ڏکن ۽ اهنجن کان آگاه رهان، اتي جي ترقي تي خوش ٿيان، ديس سان تعلق ۽ فخر کي بيان ڪرڻ مهل ان ۾ موجود موسمي سختين جو به صفائي سان ذڪر ڪندي شيخ اياز پنهنجي هڪ شعر ۾ چوي ٿو تھ

جت لڪ لڳي، جت اڪ تپن،

سو ديس مسافر منهنجو ڙي!

اها ناحق جي گرمي جيڪا پگهر ڪڍي ٿي وجهي جيڪا لڱ ساڙي ٿي وجهي، اتر سنڌ ۾ منجهند جو ڪم ڪار ۽ ڪاروبار ان گرمي جي شدت ڪري عملي طور تي بند ٿيو وڃن، جتي ٻاهر ڪانو جي اک پئي نڪرندي آهي، اي سختيون به سهي ان جي مٽي جو واس وڻي ٿو، اتان جا گفتا ئي دل وندرائين ٿا. اتان جي ٻولي من پسند آهي. ساٿين ۾ قرب جي جيڪا ڪشش آهي تن ۾ اتان جا اڻ وڻندڙ بد امني، ڪٿي جارحاڻو رويو به نظر انداز ٿئي ٿو. ڇا ڪڻ ته ديس سان دل لڳي ٿي ان ڪري ان جي پيار ۾ ان معاشري جي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪريون ٿا. ان سان پيار جو آهي.

ٻي ڳالھ پٽ کي چيم ته يار ڪئناڊا جي اخبارن ۾ مزو به ڪونهي، پنهنجي ملڪ جي اخبارن ۾ سياستدانن جا احوال، بيان، ماڻهن جا خواهشن هيٺ اندازا ۽ تبصرا، تجزين ۾ سطحي ڳالهيون، ماڻهن ۾ سنسي پکيڙيندڙ تبصرا، انهن جو پنهنجو مزو آهي.

هر سال سياري جي مند ۾ سنڌ اچڻ جي روايت گهڻو ڪري پڪي ٿي ويئي آهي. پر هن سال ڪو ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهيو هوس تنهن ڪري وڃڻ لاءِ دل من پئي هنيم پر سنگت جو زور ته پاڻ سڀ وڃون پيا تون وري ڪيئن نه هلندين. پنهنجي چوياري جي دوستن جي رهاڻ جو آسرو هجي پوءِ پوئتي رهڻ به ڏکيو لڳو تنهنڪري ٽڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪيم ته هن سال هوائي جهاز جي ٽڪيٽن جي قيمت آسمان تي چڙهيل هيون. منهنجو سانگو هو ته ٽورنٽو ۾ ۲ ڊسمبر تي ٿيندڙ ڪلچر جي ڏهاڙي جي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪري پوءِ وڃان پر ڊسمبر جي مهيني ۾ ٽڪيٽن جي مهانگي هجڻ ڪري نومبر جي ٽيهين تاريخ جي ٽڪيٽ بڪ ڪرايم جيڪا نسبتن ڪجھ سستي پئي. خبر چار ورتم ته دوستن مان ڪي اڳ وڃي چڪا هئا ڪي مون کان پوءِ ايندا پر ڊسمبر جي وچ ڌاري سڀ اچي سنڌ ۾ گڏبا.

وڃڻ لاءِ سنبت ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ڪو نه هوندو آهي، ٻه چار جوڙا بيگ ۾ وڌا، منٽن ۾ تياري ٿي ويئي. ائين به سڄي زندگي ٻه شيون منهنجي لاءِ غير اهم رهيون آهن. هڪ لباس ان ۾ جيڪو آيو سو پهريو. ٻيو کاڌو جيڪو مليو سو ئي پسند. فڪر ڪرڻ لاءِ ٻيون ڳالهيون به کوڙ آهن. جن کي عزت ڏيڻي هوندي سي مون کي سادي لباس ۾ به ڏيندا. جن کي ڪپڙن کي عزت ڏيڻي آهي تن وٽ پاڻ وڃون ئي ڪو نه. سي پنهنجي جهان ۾ خوش هجن. اهو منهنجو جهان آهي ئي ڪونه.

راونگي کان هڪ ڏينهن اڳ، شام جو ڊيوٽي پوري ڪرڻ کان پوءِ، منهنجو پٽ مون کي مسي ساگا شهر ڇڏي آيو، جتي ويجهن شهرن ۾ منهنجا سڀ ٻار رهندا آهن. هڪ ڏينهن اڳ اچڻ جو سانگو ساڻن ملڻ جو هو. ٻارن ۽ خاندان جي فردن جن اعجاز ڪولاچي، وزير ڪولاچي، قدوس الرحمان سومرو شام جو گڏ هئا. انهن سان گڏ چوياري ڪئي. ڪي دوست به هلي آيا، جن سان رهاڻ ٿي. ٻئي ڏينهن جهاز جي روانگي کان ٽي ڪلاڪ اڳ ئي اچي ايئرپورٽ تي پهتس، جيڪو منهنجي رهائش کان اٽڪل ۱۵ منٽن جي سفر تي هو.

ايئرپورٽ تي پهچي اهو هنڌ ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم جتان پنهنجي پرواز جي بورڊنگ ثيڻي هئي. اهو معلوم ٿيڻ تي ان هنڌ پهتس ته اڳ وانگر ڪائونٽر تي لائين لڳائڻ بجاءِ ان ويجهو لڳل ڪيئي مشينن کي ان مقصد لاءِ استعمال پئي ڪيو ويو. جيڪي هن سسٽم کي اڳ استعمال ڪري چڪا هئا سي پنهنجو ڪم پاڻ ڪندي پئي نظر آيا. جن کي ڏکيائي پئي ٿي تن جي رهنمائي لاءِ ڪي ملازم بيٺل هئا. مون به هڪ کي رهنمائي لاءِ سڏيو جنهن اچي مون کان پاسپورٽ وٺي ان کي اسڪين ڪيو ته ٽي بورڊنگ ڪارڊ نڪري آيا. مون کي ڇاڪاڻ ته رستي ۾ ٻه اسٽاپ هئا ان ڪري ٽن جهازن ۾ بورڊنگ ڪرڻي هئي. ان کان پوءِ پڇيائين ته سامان ڪيترو آهي. مون کيس چيو ته هڪ بيگ جنهن لاءِ به هن ٽيگ ڪڍيو جيڪو هن منهنجي بيگ تي لڳائي ان جي رسيد بورڊنگ ڪارڊ تي لڳائي ڇڏي.

مون بيگ ڪنويئر بيلٽ تي موڪلي ته هلي ويئي پر جي وزن وڌيڪ هجي ها ته اها واپس اچي ها پوءِ وري عملو ان جي وڌيڪ وزن جا پئسا وٺي ها. جڏهن هنن هي نوان سسٽم متعارف ڪرايا آهن ته هنن مشينون به اهڙيون ئي رکيون آهن جيڪي وزن جي چڪاس ڪندي ان کي اڳتي يا پوئتي موڪلين.

اڳ ائٽلانٽڪ پار ويندڙ مسافرن کي ٻن بيگن کڻڻ جي سهوليت مليل هئي جيڪا هاڻ گهڻو ڪري سڀني هوائي ڪمپنين گهٽائي هڪ ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ٻي بيگ به کڻڻي آهي ته ان لاءِ کيس پئسا ڏيڻا پوندا. ٻيو ته بيگ جو وزن به گهٽ ڪري ۲۳ ڪلو ڪيو ويو آهي. سواءِ پي آءِ اي جي جنهن ۾ اڃا تائين ۲۸ ڪلو وزن جون ٻه بيگون کڻڻ جي اجازت آهي. اها هڪ سهوليت ٻيو ته پي آءِ اي جي اڏام سڌي ملڪ اچي ٿي ان ڪري ٻارن وارو يا پڪي عمر جو ماڻهو اهڙي سڌي پرواز پسند ڪري ٿو جنهن سان هي فلائيٽون فل اچن ٿيون. اڳ جڏهن ٻن بيگن کڻڻ جي سهوليت هئي سا به پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي ڪتب ايندي هئي. پاڪستان سنبرڻ تي مٽن مائٽن، يارن دوستن جو سامان جنهن ۾ سوکڙيون وغيره شامل هونديون هيون سي کڻڻيون پونديون هيون، هاڻي هر ڪنهن کي خبر آهي ته سامان کڻڻ جي سهوليت محدود آهي ته پوءِ ان حوالي سان مسافرن تي ٻين جي سامان کڻڻ جو وزن به گهٽيو آهي.

ٽورنٽو جي وڏن اسٽورن تي رش گهڻي ٿئي ٿي. اتي پاڻ ئي شين جي قيمت جو ڪاٿو لڳائي ادائگي ڪرڻ جون مشينون ۽ سسٽم شروع ٿيو ته اسان جهڙن کي ڏکيائي ٿي. تن جي مدد لاءِ انهن اسٽورن جا ڪي ملازم موجود هوندا هئا. هاڻي انهن جي استعمال جي ڄاڻ وڌڻ تي هر ڪو پاڻ ئي پنهنجو سامان چيڪ ڪري بل جي رقم بئنڪ ڪارڊ ذريعي ادا ڪري راهي ٿيندو آهي. سسٽم جي ڄاڻ وڌڻ تي هو هاڻي اسٽورن وارا ڪائونٽرن تي رکيل اسٽاف گهٽ ڪندا ٿا وڃن. ائين سسٽم ۽ مشينن جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌي پيو.

شروع ۾ ڪو نئون سسٽم استعمال ڪرڻ ۾ مونجھ ٿئي ٿي پر پوءِ خبر پوي ٿي ته اهو ته سولو ۽ سهوليت وارو آهي. ڪجھ وقت اڳ جڏهن بئڪن ۾ آن لائين سسٽم شروع ٿيو هو جنهن ۾ بل به پنهنجي ڪمپيوٽر تان ويهي ادا ڪرڻ جي سهوليت مهيا ٿي ته به مان بل ادا ڪرڻ لاءِ بئنڪ ويندو هوس. هڪ ڏينهن ٽيلر تي ويٺل ڇوڪري چيو ته سر توهان کي آن لائين سروس جي سهوليت مليل آهي توهان ان کي استعمال ڪري اهو بل گهر ويٺي ادا ڪري سگهو ٿا. کيس وراڻيو هوم ته مون کي اها خبر آهي پر پني تي جيڪو ٺپو هڻو ٿا سو سٺو ٿو لڳي. هن به مرڪي ان ڏينهن ٺپو هڻي ڏنو. پر سندس ڳاله تي غور ڪيم ته محسوس ٿيو ته چوي ته درست ٿي. ان ڪري ان ڏينهن کان وٺي آن لائين سستم تان بل ادا ڪرڻ شروع ڪيم جيڪو هاڻ معمول بڻجي ويو آهي.

ڪووڊ جي بيماري جنهن سبب ڪيئي انسان اجل جو شڪار ٿيا، ڪن جي صحت بگڙي، ڪي ڌنڌا ڌاڙي نقصان ۾ ويا ته ڪي بند ٿيا پر اتي گهر مان ويهي ڪم ڪرڻ جو هڪ رحجان پئدا ٿيو جيڪو هاڻ ايترو مڃتا ماڻي چڪو آهي جو ادارا ۽ ڪمپنيون پنهنجي ملازمن کي گهران ڪم ڪرڻ تي همٿائن ٿيون جنهن سان آفيس جي خرچن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. منهنجو پٽ ڊائون ٽائون ٽورنٽو ۾ هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو. جڏهن ڪووڊ پکڙڻ جي ڏينهن ۾ هنن کي گهر مان ڪم ڪرڻ جو چيو ويو ته پوءِ اسٽاف هفتي ۾ هڪ ڀيرو ميٽنگ لاءِ گهرايو ويندو هو. اداري سوچيو ته جڏهن روز جو ڪم ڪونهي ته پوءِ ڊائون ٽائون ۾ مهانگي آفيس رکڻ جي ڪهڙي ضرورت. ان ڪري هنن ٽورنٽو ويجهو هڪ ننڍي شهر ۾ آفيس شفٽ ڪري ڇڏي.

ڪووڊ جي بيماري وارن ڏينهن ۾ ماڻهو گهرن تائين محدود رهڻ جي ضرورت هيٺ هوٽلن تان کاڌو گهر گهرائيندا رهيا. ان دوران ٻيون شيون به آن لائين گهرائڻ جي ضرورت وڌي جيڪو هاڻ فيشن ۽ معمول بڻجي ويو آهي. مان روزانوجڏهن منجهند کان پوءِ گهر جو دروازو کوليندو آهيان ته ڪو نه ڪو پاڪيٽ در تي پيل ملندو آهي جيڪو منهنجو پٽ آرڊر ڪري گهرائيندو رهندو آهي. جنهن ۾ سندس استعمال يا گهر جي استعمال جون شيون هونديون آهن

جتي ڪووڊ جي بيماري سبب ڪئناڊا ۾ ڌنڌا تباه ٿيا اتي سرڪار طرفان هر ان ماڻهو کي پئسا ملڻ شروع ٿيا جنهن ڪووڊ پکڙڻ کان اڳ ڪل وقتي يا جزوري نوڪري ڪئي هئي. ايئن هر گهر ۾ جهجهو پئسو اچڻ لڳو. هاڻي ان واڌو پئسي کي ڇا ڪجي تنهن کي گهڻو ڪري ماڻهن گهرن ۾ سيڙپ ڪري خرچ ڪيو. اهڙي طلب سبب گهرن جي قيمتون آسمان تي پهچي ويون ۽ ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ته اهي هاڻ عام ماڻهو جي پهچ کان مٿي ٿينديون ٿيون وڃن. ائين ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ وڏو پئسو آيو ۽ هن شعبي جون سرگرميون چوٽ چڙهي ويون. سرڪار طرفان مليل ان پئسي مان ڪن وري پنهنجي پسند جون مهانگيون گاڏيون ورتيون. جتي ڪووڊ ڪن کي نهوڙيو اتي وري ڪن جا شوق پورا ٿيا.

هاڻ مان جهاز لاءِ مقرر گيٽ طرف وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي جي سيڪشن طرف ويس. جتي جي سسٽم جي خبر هجڻ ڪري سڀ شيون بيلٽ تي رکيم رڳو اتي بيٺل ملازم ڪمپيوٽر واري ٿيلهي کي ڏسي پڇيو ته هن ۾ ڇا آهي کيس وراڻيم ته ليپ ٽپ آهي. تنهن تي هن چيو ته اهو ٿيلهي مان ٻاهر ڪڌي جدا ٽري ۾ رک. ائين ئي ڪيم ته سامان چڪاس ٿي ٻئي طرف اچي ويو جيڪو کڻي سنڀالي اڳتي روانو ٿيس ۽ اچي مقرر دروازي تائين پهتس. جهاز جي روانگي ۾ اڃا اٽڪل اڍائي ڪلاڪن جو ٽائيم هو جيڪو اتي ويهي گذارڻو هو.

گيٽ وٽ پيل ڪرسين تي وڃي ويٺس جتي ٻيا به ڪيترا مسافر ويٺا هئا جن ۾ گورا، ڪارا، ايشيائي، نوجوان، پوڙها پڪا، ته ڪي ٻار. مان پهريان ته هڪ ڪرسي تي ويٺس ۽ ماحول جو جائزو ورتم، ٻارن کي ڏسي انهن جي وڏي ٿيڻ انهن جي مستقبل جي زندگي بابت خيال ذهن ۾ اچڻ لڳا. اتي پوڙهن پڪن جن مان ڪن جي صحت به سٺي نظر نه ٿي آئي تن بابت شمشيرالحيدري جي ٻول وانگر آهي ته؛

هن وقت جي پيالي ۾ مڌ پنهنجي حياتي جو باقي ڪي بچيل آهي من ڪوئي اچي نڪري

وقت گذرندو رهي ٿو.

وقت واري بيت وانگر ته؛

پوڙهن جي پيشاني ۾، پيرا مون پسجن.

ويل وقت جو قدر، انهن کي هوندو آهي، جن جو وقت گذري وڃي ٿو. حقيقت ۾ جن وقت جو قدر ڪري ان جو جائز استعمال ڪيو تن ڪجھ کٽيو سي ئي اندر ۾ ڪجھ مطمئن رهن ٿا باقي جن وقت کي ضايع ڪيو سي پاڻ ئي ضايع ٿين ٿا.

پنهنجي طبيعت ۾ مزو ڪجھ گهٽ هو. فلو جو اثر اڃا باقي هو. ٻيو ته وقت به گذارڻو هو تنهن لاءِ ان ئي ايريا ۾ موجود هڪ اسٽال تي ويس جتي کاڌي پيتي جون شيون وڪري لاءِ موجود هيون. مون ڪائونٽر تي وڃي اتي بيٺل ڇوڪري کي آرڊر ڏيڻ چاهيو ته ڇوڪري وراڻيو ته سامهون جيڪي ڊيسڪون رکيل آهن انهن تان ئي آرڊر ڏيو. پوءِ اهي شيون توهان وٽ پهچي وينديون. انهن ڊيسڪن تي ويٺس ته هر ڪرسي جي سامهون هڪ ڊوائيس رکيل هئي جنهن ۾ ان اسٽال تي موجود هر شيءِ درج ٿيل هئي جنهن جي سامهون ان جي قيمت به لکيل هئي.

مون ڪافي سان گڏ کائڻ لاءِ به ڪن شين جي چونڊ ڪئي جن جو جمع ٿيل بل سامهون اچي ويو. ان ۾ ادائگي ڪيئن ٿيندي تنهن جو آپشن به موجود هو. مون پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تان اهو بل ادا ڪيو ۽ ان سيٽ تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳس. چند منٽن کان پوءِ ويٽر اچي اهي شيون منهنجي سامهون رکيون. ائين ان اسٽال تي نه ڪي ماڻهو بيٺل نظر آيا ته نه وري ڪا لائين ئي لڳل هئي. ماڻهوءَ کي هر شي سيٽ تي مليو وڃي تنهن تي پراڻي چوڻي ياد آئي ته؛

جت چڙهي سچائي تي ته کڙھ تي کير پياري.

پر هتي ڪا جت واري ياري، سچائي ڪونهي پر پئسن جو ڪمال آهي. ٻيو ته انهن سسٽمن جو دخل آهي جنهن ۾ ماڻهن تائين شيون پهچن ٿيون. کيس گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪو نه ٿي ڪرڻي پوي، جنهن سان وقت بچي ٿو. هي نئون جهان جتي سک نظر اچي ٿو اتي ان ۾ چرپر گهٽجي ٿي جنهن سان جسم سست ٿئي ٿو. پوءِ وري شام جو ورزش ڪرڻ جي ضرورت وڌي ٿي.

مان ڪافي جا ڍڪ ڀريندي ڪمپيوٽر کولي هڪ ڪتاب پڙهڻ لڳس جنهن جي پي ڊي ايف ڪاپي آن لائين رکيل هئي. اڄڪلھ ڪمپوٽر ان حوالي سان ڪافي مددگار آهي. هاڻ ڪتاب هٿ ۾ کڻي هلڻ ته جيئن ڪٿي واندڪائي ۾ اهو پڙهجي واري ضرورت به گهٽي آهي.

پڙهندي جڏهن وقفو پئي ڪيم ته وقت گذرڻ جي انتظار سان گڏ ڊگهي هوائي سفر ۽ وچ ۾ ٻن هنڌن تي چند ڪلاڪن جي اسٽاپ واري اڻ وڻندڙ سوچ ذهن ۾ پئي آئي. ڪئناڊا يا آمريڪا وارا ان ڊگهي سفر کي هڪ ڏکيائي سمجهندا آهيون. خاندان ۾ ڪنهن موت يا ڪنهن سبب جلد پهچڻ واري ضرورت پوري ڪرڻ، ڊگهي سفر سبب، ڏکي ٿي وڃي ٿي. خير جتي ڪئناڊا جي ٻين سکن مان مزو وٺون ٿا اتي ٿڌ ۽ ڊگهو سفر ڪرڻ واري تڪليف به سَهڻي آهي.

وقت گذرندو رهيو. جنهن دوران ٻيهر ڪافي گهرايم. جيڪا منهنجي ان وقت صحت جي ڪيفيت ۾ وڻندڙ ٿي لڳي ۽ جنهن سان طبيعت کي فرحت ٿي آئي. وقت ٿيڻ تي جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ سڏ ٿيو. پهريان عورتن، ٻارن سان گڏ مختلف زونن وارن کي واري واري سان سڏيو پئي ويو. جيڪي اندر هوريان هوريان پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهندا ويا. مان آخري ويندڙن مان هوس.

اڄڪلھ جي سهوليتن ۾ مرضي جي سيٽ جي چونڊ جنهن جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. ٻيو ته چوويھ ڪلاڪ اڳ آن لائين بورڊنگ جو سلسلو شروع ٿيڻ تي ماڻهو اڳ ئي بچيل سٺيون سيٽون والاري ٿا وڃن. مون سستي ۾ اهو ڪو نه ڪيو جنهن ڪري جهاز جي آخري سيٽن مان هڪ مون کي ملي. جتي سڄو جهاز ڀريل هو، ماڻهو ماڻهو گڏ ويٺل هئا اتي هي آخري لائين کان هڪ لائين اڳ ۾ سيٽ هئي. ان چار جي لائين ۾ هڪ ڪنڊ تي مان ويٺل هيس ته ٻئي تي هڪ ڇوڪري هئي باقي وچ واريون ٻه سيٽون خالي هيون. آخري لائين ۾ وري فضائي عملو ٿي ويٺو. واه هي ته سستي جو ثمر مليو جنهن ڪري کلي ويهي جسم کي آرام ٿي مليو. جنهن سبب سفر سولو گذريو. ٻيو ته فضائي عملي کان گهرائڻ ڪجھ سولو ٿي پيو، جيڪي گهڻو وقت پاڙي ۾ موجود رهيا.

پائلٽ جهاز کي هلائڻ شروع ڪيو. ڪڏهن اڏام لاءِ مقرر رن وي تي پهچڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو آهي ته ڪٿي وري اها سهوليت ويجهي فاصلي تي هوندي آهي. هن ڀيري پائلٽ جلد رن وي تي پهچي جهاز جي رفتار وڌائي. اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جهاز تڏهن ئي اڏام ڀري سگهندو آهي جڏهن اهو گهربل رفتار تي ڊوڙندو آهي. اها اڏام جي گهرج آهي. حقيقت ۾ زندگي ۾ ڪاميابي جو به اهو ئي پيمانو آهي ته گهربل مقصد لاءِ ڪو وقت لڳايو، ڪي ڪوششون ڪريو ته پوءِ ئي ڪاميابي جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪندئو.

هوائي سفر ۾ گهڻن اهو محسوس ڪيو هوندو ته جهاز لهڻ مهل ڪڏهن ڦيٿا زمين تي ڪجھ زور سان لڳندا آهن جڏهن ته ڪو پائلٽ ايئن اچي جهاز لاهيندو آهي جو ڪو جهٽڪو محسوس ئي نه ٿيندو آهي. اسان اهڙي پائلٽ جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندا آهيون پر جڏهن ان حوالي سان هڪ پائلٽ کان پڇيم تنهن چيو ته فني لحاظ کان ڦيٿا زور سان زمين تي لڳڻ درست آهي جنهن ۾ جهاز جي سلپ ٿيڻ جو امڪان گهٽجي ويندو آهي. باقي ڪي پائلٽ ائين لينڊگ ڪندا آهن جنهن سان جهاز کي جهٽڪو تمام گهٽ اچي سو فني لحاظ کان موزون ڪونهي. مون کيس چيو ته اسان ته تعريف اهڙي پائلٽ جي ئي ڪندا آهيون اهو چئي ته واه جا لينڊنگ ڪيائين.

ان پائلٽ کان اهو به پڇيم ته اسان وٽ عام تصور آهي ته هاڻوڪن جديد جهازن ۾ آٽو سسٽم لڳل آهن جن کي سيٽ ڪري پوءِ پائلٽ سڪون سا ويٺو هوندو آهي يا ٻاهر جهاز ۾ پيو گهمندو ڦرندو آهي. تنهن سوال جي جواب ۾ هن چيو هو ته اهي تصور ماڻهن جا پنهنجا ٺاهيل آهن. پائلٽ پوري ذميواري سان سڄو وقت ويٺو هوندو آهي. جي ڪڏهن اٿندو آهي ته ان جو معاون پائلٽ ڪاڪ ۾ الرٽ ويهي سسٽم تي نظر رکندو آهي. هي جيڪي ماڻهو پنهنجي سوچ هيٺ ڳالهيون ٺاهن ٿا تن جو حقيقت سان تعلق گهٽ ئي هوندو آهي.

جهاز هوا ۾ اڏامي بلندين طرف وڌندو رهيو. اڏام شام جو ۷ بجي هئي. لنڊن ايئرپورٽ تائين اڏام جو وقت اٽڪل اٺ ڪلاڪ هو.. ٻنهي علائقن ۾ ۳ ڪلاڪ کن جي وقت جو به فرق هو. ان ڪري صبح سوير لنڊن پهچڻو هو. رات رستي ۾ ئي گذرڻي هئي. فضائي عملي پنهنجي معمول موجب تواضع پئي ڪئي. ان سان گڏ اڏام جي اڏڻ ۽ لهڻ جي وقت جي ضرورتن تي نظر رکي مسافرن کي ان حساب سان تيار پئي ڪيو. اڏام دوران ڪيئي ڀيرا موسم جي خرابي سبب جهاز کي لوڏا به ايندا رهيا جنهن لاءِ پائلٽ مسافرن کي الرٽ ڪندو ٿي رهيو ۽ ان دوران کين سيٽ بيلٽ ٻڌي ويهڻ جي هدايت ڪندو رهيو.

مسافرن کي وندرائڻ لاءِ جتي جهاز جو پنهنجو ميوزڪ، ڊرامن، فلمن ۽ خبرن جو نيڪ ورڪ آهي اتي هو مسافرن کي فيس عيوض انٽرنيٽ جي سهوليت آڇيندا رهيا. چند ڊالرن ۾ جي اٺ ڪلاڪ ڪمپيوٽر ذريعي دنيا سان ڳنڍيل رهي ته سودو مهانگو ڪونهي. تنهن ڪري اها خريد ڪيم ۽ ڪمپيوٽر کي ڪافي وقت استعمال ڪيم جنهن سان ڪجھ وقت سجايو ته ڪجھ وندر ڪندي گذاريم.

ٿورو وقت ڪتاب پڙهيم پر لاڳيتو پڙهڻ جي همٿ ڪو نه ٿي پوءِ ڪجھ وقت سنڌي موسيقي ٻڌندو رهيس. پنهنجي بولي جو راڳ من پسند ٿئي ٿو جنهن ۾ ذڪر ڪيل پيار جو اظهار، وفائون يا بي وفايون، ڪي مهڻا ته ڪي طعنا، ڪي خواهشون، تصوراتي منظر يا ڪي سانگ تن جي سحر ۾ گم ٿي ماڻهو ڄڻ ته اهو عاشقي جو ڪردار بڻجي وڃي ٿو سو ٻڌندڙ کي سحر ۾ آني ٿو ڇڏي. ايترو سحر ٻي ٻولي جي شاعري ۽ راڳ ۾ ڪونهي.

هڪ ڀيري هڪ يورپي انجنيئر جيڪو پنهنجي ڪمپني جي نمائندي طور پاڪستان آيو هو تنهن سان فني معاملن تي ڪچهري کان پوءِ جڏهن عام حال احوال ٿيا ته پيار جي موضوع تي ڳالهائيندي هن چيو هو ته جنهن سان پيار هجي تنهن سان پيار جي ڳالهين جو لطف به تڏهن ايندو جڏهن ٻئي ساڳئي ٻولي ۾ رواني سان گفتگو ڪري سگهندا. جيڪڏهن جوڙو هڪ ٻئي جي ٻولي نه ٿو سمجهي ته پوءِ ڄڻ هڪ ٻئي جي سامهون خوبصورت گڏا ويٺا ويٺا هوندا. سامهون واري جو حسن ضورت ڪشش ڪندو ۽ وڻندو پر قرب ونڊڻ وري ضرورت پوري ڪو نه ٿيندي.

جيئن اڄڪلھ هڪ ڪلام هلي ٿو ته

يار ڪيو اٿم اهڙو ڪراچي هوش ٿي ويا هن گم

مان ٿو چوان مون سان سنڌي ۾ ڳالهاءِ چوي اردو ۾ بولو تم

هي اڏام ايئر ڪئناڊا جي هئي جنهن جو شمار سٺين هوائي ڪمپنين ۾ ٿئي ٿو. اڏام دوارن سروس جي حوالي سان ڪا ڪمي محسوس ڪو نه ٿي. جڏهن ٿڪاوٽ ٿي ته سيٽ تي پلاسٽڪ بيگ ۾ رکيل سنهو ڪمبل جسم تي وجهي سيٽ کي پوئتي ڪري سمهي پيس، رات جي وقت ۽ ٿڪ سبب ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ اچي ويئي.

ننڊ مان اک کلي ته سيٽ سامهون اسڪرين تي جهاز جي پوزيشن معلوم ڪيم. خبر پئي ته جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري چڪو هو. ان وقت فضائي عملي نيرن ڏيڻ شروع ڪئي. صبح جي وقت نيرن ۽ ڪافيءَ، موڊ بهتر ڪري ڇڏيو. اتي پائلٽ اعلان ڪيو ته اسان هاڻ هيٺ لهڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ جلد لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي لهنداسين. ائين هوريان هوريان هيٺ لهندي جهاز زمين تي اچي لڳو. هلندي هلندي اچي دروازي وٽ بيٺو. سامان کڻي ٻاهر نڪتاسين. جهاز ڪجھ دير سان هليو هو، وچ ۾ اسٽاپ جو وقت به ڪو گهڻو ڪو نه هو تنهن ڪري مون کي ان فڪر اچي ورايو ته دير ٿيڻ جي صورت ۾ ڪٿي اڳتي ابو ظهبي لاءِ اڏام نڪري نه وڇي. ان ڪري تيزي سان وڃڻ لڳس. خبر پئي ته هي ايئرپورٽ تمام وڏو آهي جنهن جا پنج ٽرمينل آهن جن مان ڪي ڪافي فاصلي تي آهن. اوڏانهن وڃڻ لاءِ بسن جو استعمال ٿيندو آهي.

نوٽيس بورڊ پڙهيم ته اتحاد ايئر لائين جي اها اڏام ترمينل نمبر ۴ تي هئي. مان بسن جي روانگي واري هنڌ پهتس ته معلوم ٿيو ته هر ٽرمينل ڏانهن جدا بس وڃي ٿي جيڪا هر ۱۰ منٽن ۾ هلي ٿي. اتي بيهي انتظار ڪيم ته چند منٽن کان پوءِ بس به اچي پهتي. ٿڌي موسم هجڻ سبب دروازا بند هئا جيڪي بس جي پهچڻ تي کليا. بس مان هڪ عورت لٿي جنهن اچي اسان کي بس ۾ ويهڻ لاءِ چيو. جڏهن اتي موجود اسان چه ست مسافر ان بس ۾ سوار ٿياسين ته اها عورت به ڊرائيور سان گڏ واري سيٽ تي اچي ويٺي. ايئن لڳو ته اها به هن بس عملي جو حصو هئي. بس جي ڊرائيور به عورت هئي. هي ٻئي ايشين پئي لڳيون جيڪي پاڻ ۾ حوال ڪنديون پئي آيون. هلندي، اچي ٽرمينل نمبر چار تي بس بيٺي. اسان لهي ٽرمينل ۾ وياسين ۽ جلد اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته اڏام جي پوزيشن ڇا آهي. خبر پئي ته هي اڏام هڪ ڪلاڪ ليٽ هئي تنهن کي اڃا دروازو الاٽ ئي ڪو نه ڪيو ويو آهي.

اهو خدشو ته دور ٿيو ته ڪٿي اڏام نڪري نه وڃي. هاڻي ٿورو انتظار ڪرڻو هو. هٿ منهن ڌوئي تازو ٿي هڪ ڪافي شاپ تي وڃي ويٺس جتي ڪافي پيئندي وقت پئي گذاريم. ان دوران لنڊن ۽ انگلينڊ جي باري ۾ ماضي ۽ حال جا ڪي ورق ذهن ۾ اٿلڻ لڳا.

لنڊن ھيٿرو ايئرپورٽ جي ھن ٽرمينل تي مون کي جھاز ۾ چڙھڻ لاءِ مقرر دروازي وٽ ڪلاڪ ڏيڍ ا انتظار ڪرڻو ھو. ان وقت دوران لنڊن بابت گھڻيون ڳالھيون ذھن ۾ اچڻ لڳيون جن ۾ اڳ گھمڻ لاءِ آيل وقتن جون يادگيريون. ان سان گڏ انگلينڊ جي اونداھي ماضي کان وٺي ترقي جي منزلن طي ڪرڻ، دنيا جي وڏي حصي تي حڪمراني، ماضي سان گڏ اڄ جي دور ۾ امريڪا جو ساٿاري بڻجي دنيا ۾ جارحاڻي ڪردار ادا ڪرڻ وارا ھن ملڪ جو عمل ذھن جي نقشي تي ڦرڻ لڳا. ھتي به روشن خيالي جي دور تائين پھچڻ ۾ ڪيئي ڏکيايون ھيون ۽ چرچ ۽ حڪومت ڪيئن ترقي جي رستا روڪ ڪندي رھي سو به تاريخ جو حصو آھي.

انگريزن سرڪار جي ڪيترن ملڪن تي حڪمراني سبب وسيع سلطنت ھئي جنھن لاءِ مشھور ھو ته برطانيه سرڪار جي حڪمراني ۾ سج لھي ئي ڪو نه ٿو. ان جارحاڻي رويي سبب جتي ھو معاشي ترقي ڪري اڳڀرا ٿيا. پوئتي پيل ملڪن مان سستو خام مال حاصل ڪري پنھنجي صنعت کي ترقي وٺرائي. ان دوران ھو انگريزي ٻولي کي دنيا جي وڏي حصي ۾ رائج ڪري ويا جنھن ڪري اسان سندن ڪتاب ۽ ادب پڙھي انھن جي ڏاھپ ۽ ڏاھن کان متاثر ٿي کين ھيرا سمجھون ٿا. سندن جارحاڻي رويي سبب ھو پنھنجي ٻولي کي متعارف ڪرائي دنيا جي ونھوار تي حاوي ڪري ويا. ٿوري تعداد واري ھي قوم وڏي آبادي تي پنھنجي ٻولي مڙھي ويئي.

ٻئي طرف اسان جيڪي پرامن قوم ھئڻ جا دعويدار آھيون ۽ موھن جي دڙي مان ھٿيار نه ملڻ تي فخر ڪندي خوش آھيون تن جي ٻولي پنھنجي ئي ڌرتي تي پنھنجي وجود بچائڻ ۾ ڏکيائين کي منھن ڏئي رھي آھي. ساڳيو حال سينٽرل ايشين رياستن جو آھي جتي سويت يونين جي دور ۾ انھن رياستن تي روسي ٻولي کي بالادست ڪري ان کي عام ڪيو ويو. ان کان پوءِ روسي اتي جي اوپري زبان نه رھي آھي.

سوال اھو آھي ته انگريزن ڏاڍائي مان فائدو ورتو يا اسان پرامن بڻجي فائدي ۾ رھياسين. نتيجو سڀني جي سامھون آھي باقي پنھنجو پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ اسان وٽ دليلن جي کوٽ ڪونھي.

اھو انگلينڊ جتي جي خلقت ماني لاءِ پريشان رھندي ڪسمپرسي واري زندگي گذاريندي ھئي. جتي پڻ چرچ سرڪار سان ساٿاري رھندي سائنسي ترقي جي رستا روڪ ڪندي رھي. اتي جا ماڻھو ان ڏکياين کي منھن ڏيندي ان ڏاڍ جي ماحول مان اڳتي نڪتا. ھو ڌارئي ملڪ ويا ته اتي معاشي فائدن وٺڻ تي زور ڏنائون. اتان جي وسلين کي پنھنجي ذاتي ۽ ملڪي مفاد لاءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون.

واپار جي حوالي سان ھنن ھر ڪنڊ استعمال ڪئي. جھمپير جي کجين مان تاڙي (نشي آوار رس) کي برآمد ڪري ڪمائڻ جي ڪوشش ڪيائون. اتي ھنن جڏھن اسٽريليا تي قبضو ڪيو ته ان ملڪ جي ڏوراھن ڏکين علائقن ۾ موجود معدنيات کي ڪڍي کڻي وڃڻ جي ڏکيائي کي محسوس ڪئي. ھنن ان معدنيات کي شھرن ۽ بندرگاھن تي کڻي اچڻ لاءِ پاڪستان، افغانستان ۽ عرب جي علائقن مان سن ۱۸۷۰ کان ۱۹۲۰ جي وچ ۾ ويھ ھزار اٺ ۽ اٺ سوارن کي سٺو معاوضي آفر ڪري آسٽريليا وٺي ويا. جتي جي معدنيات اٺڻ وسيلي ڏکين بنجر علائقن مان ڪڍي شھرن تائين پھچائي. ھي جانور اتي جي خشڪ ۽ بنجر زمين ۾ پاڻي اڻاٺ جي باوجود باربرداري ۾ موثر ذريعو رھيو اسان جي ماضي جي حڪمرانن وانگر ڪو نه ھيا جن شڪارگاھ ٺاھيا ۽ شادين تي زور ڏنائون.

سن ۱۹۳۰ ۾ انجن جي استعمال شروع ٿيڻ تي اٺن جي ضرورت نه رھي جن کي پوءِ جھنگ ۾ ڇڏي ڏنو ويو. سندن ڪي مالڪ وطن موٽي آيا ته ڪي اتي رھي پيا. اھي اٺ جھنگ جھر چرندي وڌندا ويا. ٿورو اڳ اٽڪل سن ۲۰۰۹ ۾ جھنگ ۾ چرندڙ ھڪ لک کان مٿي اٺن جي چرڻ سبب جھنگ جو گاھ ۽ پاڻي گھٽجڻ لڳو جنھن ڪري اتان جي جھنگلي جيوت لاءِ زندھ رھڻ ڏکيو ٿي ويو. ان تي حڪومت اھي اٺ مارڻ شروع ڪيا جنھن تي جڏھن جانورن جي تحفظ جي عالمي ادارن آواز اٿاريو تڏھن پوءِ وقتي طور تي اھو سلسلو رڪجي ويو آھي.

ائين نارٿ آمريڪا ۾ گيانا نالي ننڍو ملڪ آھي جيڪو پڻ برطانيه سرڪار جي حڪمراني ھيٺ اچي ويو ھو اتي زرعي اپت وڌائڻ لاءِ ھندستان ۽ آفريڪا مان ماڻھو شفٽ ڪري رھايا ويا جن اتي زمينن تي ڪم ڪري زرعي اپت وڌائي. واضح رھي ته برطانيه ۾ خوراڪ جي وڌندڙ ضرورتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ زرعي اپت وڌائڻ جون ڪوششون ٿيون. وقت گذرڻ سان اھي ھندستاني پوءِ پنھنجو ديس سان لاتعلق ٿي ويا. انھن مان گھڻا اميگريشن وٺي ڪئناڊا ۾ رھڻ ٿا جتي ھو جدا سڃاڻ سان رھن ٿا. اھو لکڻ جو مطلب اھو آھي ته برطانيه معاشي، ترقي لاءِ ڪيئن ھر پاسي ڌيان ڏنو آھي. ان ڪري ئي اھو ٿوري آبادي وارو ننڍو ملڪ دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن جي پھرين صف ۾ بيٺو آھي.

شيڪسپيئر جو ھي ملڪ جتي ڪميونزم جي نظريو ڏيندڙ ڪارل مارڪس پنھنجي حياتي جا آخري ڏينھن گذاريا سو پوءِ ٽين دنيا جتي انگريزي تعليم عام تي اتان جا ماڻھو ايندا ۽ ھتي آباد ٿيندا ويا جنھن ڪري ڌارين جي وڏي آبادي ھتي مقيم آھي. اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر علي گل ميتلو پڻ ھتي ھڪ ننڍي سنڌ ٺاھيو ويٺو آھي جتي سنڌ مان ايندڙ ڪيترا دوست سندس قرب ۽ مھمان نوازي مان لطف اندوز ٿين ٿا. منھنجو ٻيو پيارو دوست عبدالرشيد صديقي پڻ ھتي جو مستقل رھائشي ٿي چڪو آھي جنھن وٽ ڪيئي ڀيرا وڃڻ ٿيو آھي.

ياد اٿم ته جڏھن پھريون ڀيرو مان لنڊن آيو ھوس تن ڏينھن ۾ مان اسٽيل مل ۾ انجنيئر جي نوڪري ۾ ھوس. نوڪري دوران سئزرلينڊ ۾ ھفتي ڏيڍ جي تربيت کان پوءِ موڪل وٺي لنڊن گھمڻ آيو ھوس. ايئرپورٽ تي بارڊر سيڪيورٽي آفيسر اھي سوال پڇيا ھيا جيڪي گھڻو ڪري ويزا ڏيڻ مھل برطانيه جي سفارتخاني ۾ ويٺل ويزا آفيسر ڪيا ھئا. ڪمپيوٽر نظام ڪم ڪار ۾ ڇا ته سھوليت پئدا ڪري ڇڏي آھي.

ھي ديس فطرت جي شاعر وليم ورڊس ورٿ جو به آھي جنھن جو لکيل نظم ڊيفوڊلز اسان نصاب ۾ پڙھيو ھو جنھن جي پھرين بند جو مطلب ھو ته؛

مان اڪيلو ڪڪر جيان ٽڪرين ۽ وادين مٿان پئي اڏاميس ته منھنجي نظر ھڪ ڍنڍ ڪناري وڻن تائين موجود ڊيفودلز گلن تي پئي جيڪي ٿڌڙي ھير ۾ لڏندي ڄڻ ته ڊانس ڪري رھيا ھئا.

ھن شاعر پنھنجي شاعري ۾ قدرتي نظارن جي منظر ڪشي سھڻي انداز ۾ ڪئي آھي، پر شاھ لطيف جي منظر ڪشي جو مٽ ڪونھي. ان حوالي سان ڪيترا شعر آھن پر ھڪ جيڪو ذھن ۾ اچي ٿو تہ

ھيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراھم

اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءِ،

لڳي اتر واءُ، ته ڪينجھر ھندورو ٿئي.

لطيف سائين ڍنڍ ۾ وڻن جي ھجڻ جي سونھن، تماچي جي ٻيڙي سان گڏ سنڌي معاشري ۾ گھر جي پسند جي اسم ھندوري کي گڏي ھڪ جامع منظر جوڙيو آھي

يا

شيخ اياز جو شعر آھي تہ

نوري نه تماچي آ تڙ تي، آ ڪينجھر جي ڇر ڇوري جيئين،

چوڌار اياز ککي کارا، ڪيڏانھن وئين تو ڪيڏانھن وئين.

اڏام جو وقت ويجھو اچي ٿيو، بورڊنگ جي انتظار ۾ ويٺل ماڻھن مان گھڻن جي سڃاڻپ عرب پئي لڳي. اتحاد ايئر جي ھن اڏام جي منزل ابو ظھبي ھئي. متحدھ عرب امارات جي رياستن جون ھوائي ڪمپنيون جنھن ۾ اتحاد، امارات ۽ قطر ايئر آھن تن جي سروس ڪافي بھتر آھي جنھن ۾ ماڻھو چاھ سان سفر ڪندا آھن.

عرب دنيا جي ماضي جي تاريخ جو ھڪ ورق آھي ته فرانس جي فاتح نيپولين بوناپارٽ جڏھن سن ۱۷۹۸ ع ۾ مصر تي اوچتو حملو ڪري ان کي فتح ڪيو ته ھو ھتان جي زندگي کيس نئون تجربو لڳي. يورپ جي گھرن ۾ بند زندگي جي ڀيٽ ۾ ھو جڏھن کلئي آسمان ھيٺ ستو ته کيس منفرد لڳو ۽ کيس ائين محسوس ٿيو ته ھو پابندين کان آزاد آھي. عرب دنيا جي زندگي ۽ ڪلچر جاگرافي، موسم ۽ زمين جي نسبت سان ٺھي آھي. عرب دنيا جو وڏو حصو بنجر ۽ خشڪ آھي. جيتوڻيڪ عرب دنيا جي پکيڙ آمريڪا جيتري آھي پر زمين جو ڪو ڏھون حصو مس ڪو آبادي جي لائق آھي.

نيپولين مصر جي مملوڪ فوج کي شڪست ڏني ۽ علائقي تي قابض ٿي ويو پر کيس صحرا جي بدوئن کان مزاحمت پئي ملي جن سان ٺاھ ۾ ئي ھن بھتري سمجھي. نيپولين کي اھو ڄاڻي حيرت ٿي ته جڏھن ھي عرب بدو ڪنھن کي ڦر جي نيت سان يرغمال ڪن ٿا ته مال کسڻ کان پوءِ ھن سان بھتر رويو رکن ٿا. کيس قتل ڪو نه ٿا ڪن. ان ڪري نيپولين ھنن سان صلح ڪري جان ڇڏائي. ھن پوتئي پنھنجي ملڪ جيڪو پيغام موڪيلو تنھن ۾ چيائين ته ھي شڪاري قسم جا ماڻھو جن کي بدو چئون ٿا سي، پر سڪون، بھادر ۽ پر اعتماد آھن.

عربن ئي مغرب کي ٻڙي، الجبرا، ڪيلنڊر وغيرھ جو علم ڏنو. سورھين صدي تائين عرب فلڪيات (ستارن جي علم) جي ڄاڻ ۾ مغرب کان اڳتي ھئا. ڇھين صدي عيسوي ۾ عرب حڪيمن ماتا جي بيماري جو علاج ڪري پنھنجي علائقي ۾ ان جو خاتمو ڪيو. انھن ئي ڏينھن ۾ بغداد شھر ۾ مفت علاج لاءِ اسپتالون قائم ٿيون.. عرب واپارين ئي پھريون ڀيرو چين مان نارنگيون اسپين آنديون. عرب آبادگارن يورپ کي ليمون، ھنداڻو، زردالو ۽ سيريل ڏنا. ائين عربن علائقن مان ڌاتو کي پگھاري شيون ٺاھڻ جي بٺين جي ڄاڻ يورپ تائين پھتي.

اھڙي علم جو بنياد رکندڙ عرب دنيا پنھنجي ورثي کي سنڀالي اڳتي کڻي ترقي جون منزلون طي ڪري نه سگھي. ٻئي طرف مغرب اھي بنياد کڻي اڳتي وڌيو ۽ سڀني کان اڳتي نڪري دنيا تي حڪمراني ڪرڻ لڳو.

عرب دنيا به ڇا ته طوفاني تبديلي ڏٺي آھي. ھزارن سالن کان عرب صحرا ۽ علائقي جا ماڻھو روايتي محدود زندگي گذاريندا ھئا. سن ۱۸۷۷ع ۾ ھڪ ڏينھن شام جي وقت، ھڪ انگريز چارلس ڊائوٽي، حائل شھر ۾ اتان جي امير محمد بن راشد سان ملاقات ڪئي. جيڪا شيخ جي گھر ۾ ٿي ھئي، جيڪو علائقي جي روايتي اڏاوت موجب ٺھيل ھو.

شيخ راشد، چارلس ڊائوٽي کان پڇيو ته؛ ”ٽيليگراف ڇا آھي، جيڪا مغرب ۾ اڄڪلھ استعمال ٿي رھي آھي. “ ڊائوٽي شيخ کي اھا لفظن ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا شيخ جي گھڻي سمجھ ڪو نه آئي. اتي شيخ، مٿان ٻيو سوال ڪيو ته؛ ”اسان وٽ پئٽرول لڌو آھي. ان جي مغرب ۾ ڪا کپت آھي؟“ جنھن جو به ڊائوٽي کيس ڪو حوصلي ڏيندڙ جواب ڪو نه ڏنو. گفتگو ھلندي رھي. اتي شيخ راشد، چارلس ڊائوٽي کان پڇيو ته؛ ”اسان ۽ اسان جي نظام بابت مغرب وارن کي ڄاڻ آھي؟“ تنھن تي چارلس کيس وراڻيو ته؛ ”سواءِ ڪن ٿورن ماڻھن جي باقي اتي توھان کي ڪو ڪو نه ٿو ڄاڻي. “ شيخ کي سندس ڳالھ نه وڻي. تنھن تي ھن گفتگو ختم ڪندي، نوڪرن کي چارلس ڊائوٽي کي رواني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جلد پوءِ سعود خاندان ھن علائقي تي قبضو ڪري پنھنجي حڪمراني قائم ڪئي.

ان واقعي کان اٽڪل سٺ سالن جي عرصي اندر، مغرب اندر سن ۱۹۳۰ع ۾ انجڻ جي ايجاد ۽ ان جي وڌندڙ استعمال، عرب دنيا جي قسمت بدلي ڇڏي. يھودين کي من و سلوا ملڻ جھڙي نعمت وانگر عربن کي به تيل جي صورت ۾ دولت جا انبار مليا. قدرتي وسيلن مان ايترو ناڻو کين ملڻ لڳو جنھن جو مثال انساني تاريخ ۾ گھٽ ئي ملي ٿو. پئسي سان ھو زندگي جي آسائش جي ھر شي خريدڻ لڳا. دنيا لاءِ سندن ملڪ ۾ روزگار ۽ واپار جي وسيلا کليا تنھن دنيا ۾ عربن جي اھميت وڌائي ڇڏي.

عرب صحرا جا علائقا جتي اٺن ۽ گھوڙن جو واپار ٿيندو ھو اتي ھاڻي مغربي مشينري جي چرپر عام ٿي. عرب ۾ جڏھن پھرين سائيڪل آئي ھئي، تنھن کي مذھبي ماڻھن شيطاني گھوڙو چيو. ھاڻي اتي جديد ڪارون پيون ڊوڙن.

تيل، پوءِ عرب ملڪن جو ھٿيار ۽ مغرب جي ڪمزوري بڻجي ويو.

ستر جي ڏھاڪي ۾ سعودي عرب طرفان مغرب جو تيل بند ڪرڻ تي مغرب کي وقتي پريشاني ٿي. انھن ڏينھن ۾ اھو به مشھور ٿيو ته سعودي عرب جي بادشام شاھ فيصل سان جڏھن ھينري ڪسنجر ان موضوع تي ڳالھائڻ لاءِ سعودي عرب پھتو ھو ته شاھ فيصل ان سان ھڪ خيمي ۾ ملاقات ڪئي ھئي جتي اٺ به ٻڌل ھئا. اھو پيغام ڏيڻ لاءِ ته اسان ھن دور ۾ وري وڃي سگھون ٿا. پر اھو جذبو گھڻو ڪم ڪو نه آيو. تيل جي ان بندش کان پوءِ عرب دنيا کي اھڙو گھيري ۾ آندو ويو جو ھو اھڙي انتھائي قدم بابت وري سوچي نه سگھيا.

اصل ۾ پئسي سان عرب دنيا جديد سھوليتون، ٽئڪنالاجي خريد ته ڪئي پر اھا مصنوعي ترقي ھئي جيڪا پائيدار ڪونھي. حقيقي ترقي جديد علم، ھنر ۽ عمل سان ٿيندي آھي. سٺي گاڏي رکڻ، سٺو فون جو استعمال يا پر آسائش رھڻي ڪھڻي ترقي ڪونھي. دولت گھٽجڻ سان اھي به گھٽجي ويندي.

متحدھ عرب امارت جون ننڊيون رياستون جتي جا ماڻھو بنيادي طور تي خانه بدوش ھئا سي پاڻي ۽ ڪنھن زرخير زمين جي ٽڪڙي جي ڳولا ۾ لڏيندا رھندا ھئا. ھو بنيادي طور تي پنھنجي خاندان ۽ قبيلي سان وفاردار رھڻ سان گڏ مھمان نواز رھيا آھن. اٺ نه فقط ھن جي خوراڪ جو وسليو ھو پر ان جي ڊوڙ سندن ھڪ مکيه مشغلو ۽ تفريح رھي آھي. اھو صحرا ھاڻي اونچن عمارتن ۽ جديد آرڪيٽيڪچر لاءِ شھرت رکي ٿو.

 ھتي رھندڙ عرب جيڪي بدوئن واري طرز زندگي گذاريندا ھئا، سي ھاڻ عاليشن محلن ۾ رھڻ لڳا. رياستن جي دولتمند ھجڻ ڪري گھڻن ملڪن جي ماڻھن اوڏانھن جو رخ ڪرڻ شروع ڪيو جنھن سان ماڻھن کي روزگار ملڻ سان گڏ سياحت کي ھٿي ملي. بر صغير جي ماڻھن کان ويندي انگريز ۽ آفريڪي ھتي اچي معاشي ترقي لاءِ ڪوشان رھن ٿا. اسان جي ملڪ پاڪستان وارن لاءِ ھي رياستون تفريح ۽ دولت لڪائڻ جو وڏو مرڪز بڻجي ويون آھن. ھنن رياستن ۾ قانون جي بالادستي بھتر ھئڻ ڪري پئسي وارا ماڻھو ھتي ڪي ڏينھن تفريح ڪري گذارين ٿا. جيڪو يورپ وڃڻ ۾ ڏکيائي يا ان ڏانھن سفر مھانگو ٿو سمجھي تنھن لاءِ ھي سولي ۽ سستي تفريح جو ھنڌ ٿي ويو آھي. پنھنجي ملڪ جي گھڻڻ ماڻھن جي اتي رھڻ ڪري پنھنجائپ وارو ماحول به محسوس ٿئي ٿو. ائين ھر ڪوئي دبئي جي رخ ڪرڻ ۾ سولائي محسوس ڪري ٿو.

لنڊن کان ابو ظھبي ڏانھن اڏام جو وقت اٽڪل ۸ ڪلاڪ ھيو جيڪو ڪڏھن پڙھندي، ڪڏھن سيٽ سامھون لڳل اسڪرين تي ڪو پروگرام ڏسندي، ڪڏھن آرام ڪندي پئي گذريو. سروس به ٺيڪ ئي ھئي. ائين وقت گذريو ۽ جھاز اچي ابو ظھبي جي ھوائي اڏي تي لٿو. اسان مسافر بلڊنگ ۾ آياسين. جيڪي مقامي ھئا سي ته ٻاھر ھليا ويا. اسان جن جي ٽرانزٽ اڏام ھئي سي اندر بلڊنگ ۾ وڃي پنھنجي پنھنجي پسند جي ھنڌ تي ويھي وقت گذاريوسين.

ھتي ٽرانزٽ ھئڻ ڪري جھاز بدليو. بورڊنگ لاءِ قطار ۾ بيٺاسين ته ھر ڪنھن جو بورڊنگ ڪارڊ ڏسي ان کي اسڪين ڪري کيس اڳتي موڪيلو ٿي ويو. منھنجو وارو آيو ته منھنجو بورڊنگ ڪارڊ جيڪو مون کي ٽورنٽو مان ئي اشو ٿيل ھو تنھن کي جڏھن ان مشين ۾ وڌو ويو ته ھڪ ٻيو ڪارڊ نڪري آيو. اتي بيٺل ملازم چيو ته سر توھان جي سيٽ اپ گريڊ ڪري بزنس ڪلاس ۾ ڏني وئي آھي. توھان در کان ٻاھر کاٻي پاسي بزنس ڪلاس لاءِ بيٺل بس ۾ وڃي سوار ٿيو.. شايد بزنس ڪلاس جو سيٽون بچيون ٿي تنھنڪري اسان لنڊن مان ايندڙ ڪن جي سيٽ اپ گريڊ ڪري اڪانامي ڪلاس جون سيٽون خالي ڪري وڌيڪ مسافرن لاءِ گنجائش پئدا ڪئي ويئي ھئي. مان جڏھن ان بس ۾ ويٺس ته ۾ چند ماڻھو سوار ھئا. ٿوري انتظار کان پوءِ بس جھاز طرف رواني ٿي جيڪو ڪجھ پنڌ تي بيٺل ھو.

جھاز ۾ بزنس ڪلاس ۾ مليل سيٽ تي وڃي ويٺس ته فضائي ميزبان ٻن ٽن قسمن جا جوس ٽري ۾ رکي کڻي آئي ۽ اچي پسند پڇيائين. مون آرينج جوس ڏيڻ کاءِ کيس چيو. ڪشادي سيٽ ۽ آرام لاءِ نھايت موزون پر سفر ٻن ڪلاڪن جو ھو ان ڪري آرام سان ويھي وقت گذاريم. ماني جو وقت آيو ته به پسند پڇيائون. ماني بھتر ھئي ۽ ٽري ۾ رکي اچي سامھون واري ٽيبل تي رکيائون. ظاھر آھي بزنس ڪلاس جي ٽڪيٽ لاءِ وڌيڪ پئسا ڀرجن ٿا تن کي سروس به ان معيار جي ملي ٿي.

ابو ظھبي کان ڪراچي ۲ ڪلاڪن جو سفر ھو تنھن ڪري جلد پھچڻ جي اميد ھئي. ٿوري دير ۾ سمنڊ جي پٽي کان پوءِ جھاز پاڪستان جي گوادر واري علائقي ۾ داخل ٿيو. گوادر وارو بلوچستان جو علائقو پڻ پوئتي پيل ھو. اتان جا ماڻھو روايتي زندگي گذاريندا ھئا. علائقو ملڪ جي ھڪ ڪنڊ ۾ ھئڻ ڪري باقي ملڪ جي معمول کان گھڻو ڪٽيل رھندو رھيو آھي. ورھاڱي کان اڳ ھي خطو عرب رياست اومان جي ملڪيت ھو. ان ناتي ھتان جا ماڻھو ان عرب رياست ۽ ان سان لڳ ٻين رياستن ۾ پنھنجو ملڪ ھجڻ واري اعتماد سان ويندا رھندا ھئا. اتي کين مقامي ماڻھو وارو درجو ڏنو ويندو ھو ۽ روزگار ڏيڻ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ترجيح ڏني ويندي ھئي. ان ڪري ئي اومان ۾ ۳۰ سيڪڙو بلوچ نسل جا ماڻھو رھن ٿا. ۷ سيپٽمبر ۱۹۵۸ تي گوادر پاڪستان جي حوالي ٿيو ته به ھتان جي ماڻھن کي اومان ۾ اھوئي مقام ملندو رھيو.

عرب رياستن ۾ پئٽرو ڊالر جي گھڻائي سبب گوادر جا بلوچ به چڱو پئسو ڪمائي موٽندا ھئا. ان ڪري ھتان جي ماڻھن جي اوڏانھن وڃڻ مکيه پيشو ۽ ترجيح بڻجي ويئي. اسان جي ننڍپڻ جو دوست ۽ پاڙيسري احمد علي بروھي جيڪو مدرسي مان ڪجھ تعليم وٺي پوءِ پرائيوٽ بي اي پوءِ ايم اي انگلش ڪرڻ لڳو ته ھو غلط يا درست پر انگريزي جا جملا ڳالھائيندو رھندو ھو سو نيٺ ايم اي انگلش ڪري بلوچستان جي ھن گوادر ۽ پسني واري علائقي ۾ وڃي انگريزي جو ليڪچرار ٿيو. انھن ڏينھن ۾ بلوچستان ۾ پڙھيل ماڻھو گھٽ ھئا ان ڪري ھن کي سولائي سان نوڪري ملي ويئي. ھو جڏھن موڪلن ۾ ڳوٺ آيو ته اسان کانئس نوڪري جا حال احوال پڇيا. ھن ٻڌايو ته ھتي اسان کان ڪو پڇي ته تون پڙھي ڇا ٿيندين ته گھڻو ڪري جواب ھوندو ته انجنيئر يا ڊاڪٽرٿيڻ پر گوادر ۽ پسني جي علائقي جي شاگردن جو جواب ھوندو آھي ته مان وڏو ٿي پڙھي پوءِ اومان ويندس. سنڌ جي ٻارن ۽ نوجوانن انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ ڪامورن جي دولت ۽ شان و شوڪت ڏٺي آھي ان ڪري اھو ٿيڻ جي تمنا رکن ٿا پر گوادر جي ٻارن ته اومان مان پئسا ڪمائي ايندڙن کي ڏٺو آھي. اتان ٻاھر جو شيون ايندي ڏٺيون آھن. انھن خاندانن جي معاشي بھتري ڏٺي آھي تن جا آئيڊل به اھي ماڻھو آھن.

پوءِ عرب دنيا وانگر گوادر واري علائقي جي به قسمت بدلي آھي. اھو ھڪ الڳ سوال آھي ته رڳو علائقي جي حالت بدلي يا ماڻھن جي به حالت بدلي؟. اھو واضح ٿي چڪو آھي ته جيتري اھميت قدرتي وسيلن جن ۾ مکيه تيل کي حاصل آھي اوتري اھميت لنگھ جي به آھي جتان اھو مال نيو ويندو. دنيا جون قوتون وسيلن ۽ لنگھن تي حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪنديون رھن ٿيون. ماضي قريب ۾ ٿيل يا ھاڻوڪين ٿيندڙ لڙاين ۾ اھو عنصر مکيه رھيو آھي. اھو ھاڻ راز نه رھيو آھي ته مغربي ڪمپنين کي سينٽرل ايشين رياستن مان تيل جو رستو نه ڏيڻ تي افغانستان ۾ آمريڪي فوج لٿي ته جيئن رستو صاف ٿئي. بلوچستان ۾ آزادي جي اٿندڙ تحريڪ پڻ ان سلسلي جي ڪڙي چئي وڃي ٿي.

ھاڻي آمريڪي لابي گوادر کي پورٽ طور چين جي اثر ۾ ڏسڻ نه ٿي چاھي ڇاڪاڻ ته ان سان چين جو واپار وڌندو ۽ اھو ملڪ معاشي طور تي وڌيڪ ترقي ڪري اڳتي وڌندو. ٻئي طرف چين آھي جيڪو آفريڪا ۽ مدل ايسٽ سان پنھنجي واپار لاءِ ھن رستي کي استعمال ڪري فاصلو گھٽائڻ چاھي ٿو.

شام جي گھرو ويڙھ جو ڪارڻ به شامي حڪومت طرفان قطر کي يورپ تائين گئس پائپ لائين وڇائي گئس سپلاءِ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ آھي. يورپ جي گئس جواٽڪل اڌ حصو روس مھيا ڪري ٿو تنھن کي ڊپ آھي ته جي قطر گئس لائين مغرب تائين پھتي ته روسي گئس پوءِ ڪير وٺندو. ان مفاد ھيٺ ھو شام جو تحفظ ڪري ٿو. ايتري تائين جو مغرب ۽ عرب ملڪ پوري ڪوشش جي باوجود به شام ۾ گھربل تبديلي آڻي نه سگھيا. پر ان باھ ۾ لکين شامي سڙيا. ڪي ملڪ ڇڏي ٻيڙين ۾ ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا. تن مان ڪن وڃي ٻين ملڪن ۾ پناھ ورتي ته ڪن جي ٻيڙا ٻڌي ويا جنھن ڪري ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. اھڙي ئي ھڪ حادثي ۾ ٻڏي ويل ٻار ايلن ڪردي جو لاش لڙھندي ڪناري تي اچي پيو. ان دل ڏاريندڙ منظر جي ڦوٽو دنيا ۾ ڏک جي لھر آندي پر مفادن جي ويڙھ ۾ انساني خون کي بي رحمي سان نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.

ائين اڄڪلھ ھلندڙ يمن جي ويڙھ پڻ پاڻي جي ان لنگھ تي آھي جتان عرب ملڪن مان تيل يورپ وڃي ٿو. يمن وٽان سامونڊي پٽي باب المنديب ڪل ۱۶ ڪلوميٽر ويڪري آھي جنھن تي جي ڪنٽرول ٿي وڃي ته تيل جي رسد ڪنٽرول ۾ اچي ويندي جيڪا يورپ کي جھڪائي وجھندي. ان رستي تي ڪنٽرول لاءِ سعودي عرب ۽ متحدھ عرب امارات ھڪ پاسي آھن ته ايران ۽ روس جي ھوثي باغين کي مدد حاصل آھي. انھن سڄي مفادن جي ويڙھ ۾ انسان پسجي ٿو جيڪو ڪوس، بک ۽ بدحالي کي منھن ڏئي ٿو.

اھڙي ويڙھ علائقن ۾ مختلف بھانن سان وڙھي وڃي ٿي. ڪٿي ڪو بھانو ڪٿي وري ڪو. پر اھا ڳالھ غور طلب آھي ته ھر علائقي ۾ مغربي ملڪن جو ھوم ورڪ ٿيل آھي. بس اتي اڳ ئي تيار ميدان تي چڻنگ لڳائڻ جي دير آھي.

جھاز ڪراچي جي ويجھو ٿيو ته پائلٽ جھاز جي لھڻ جي مرحلي جو اعلان ڪيو. جلد ڪراچي شھر جون روشنيون جھاز جي دري مان نظر اچڻ لڳيون. ھيٺ لھندي جھاز اچي رن وي کي ٽچ ڪيو. ھلندي اچي دروازي تي پھتو ۽ مسافر جلد اٿي ٻاھر نڪرڻ لاءِ ايئن تيار نظر آيا جيئن ڪنھن کي ڪا آزادي ملي ھجي.

ان وقت شايد ھي ھڪ ئي اڏام پھتي ھئي ان ڪري رش گھٽ ھئي. جلد پاسپورٽ چيڪ ڪرائي سامان کڻي ٻاھر نڪتس. ارادو ھو ته ٽئڪسي ڪري گھر ويندس. رات جو ۲ بجي ڪنھن کي تڪيلف ڏجي. پر ڊاڪٽر شاھد قريشي جو خيال ھو ته ٽئڪسي ۾ سفر جي سيف نه ھجڻ جي شڪايتون آھن ان ڪري مان توھان کي پنھنجي گاڏي موڪلي ڏيندس. ڊرائيور توھان کي ڪو نه سڃاڻي پر ھو توھان جي نالي جي تختي جھليو بيٺو ھوندو. ٻاھر نڪرڻ تي ماڻھن جي ڪافي رش نظر آئي. ڪيئي ماڻھو نالي جون تختيون جھليون بيٺا ھئا جن تي نظر وڌم ته ھڪ تي منھنجو نالو لکيل ھو. ان نوجوان کي اشارو ڪيم ته ھو وڌي آيو ۽ اچي مون کان بيگ ورتائين.

گاڏي ۾ ويھي کيس گلشن حديد ھلڻ جو چيم. رستي ۾ پنھنجو نالي ظھير سولنگي ٻڌايائين. سندس تعلق سن شھر ۾ ھاءِ وي لڳ ھڪ ڳوٺ سان ھو. روڊ تي سفر ڪندي جلد محسوس ٿيو ته رستن جو ساڳيو ئي حال، ٽرئفڪ جو ساڳيو ئي انداز، جھان بدليو ته منھنجي سوچ به بدلي. ھتي رھندي مقامي ماحول ۾ رلي ملي رھڻ سان ئي ماڻھو ماحول جو لطف وٺندو. جيڪو ھتي جي ڏکيائين تي فڪر ڪندو ته اھو پوءِ ماحول جو لطف حاصل ڪري نه سگھندو. ان سان گڏ جھڙو ديس تھڙو ويس واري ضرورت کي به سمجھڻ گھرجي.

 مکيه روڊ ته ڪافي بھتر آھي پر جيئن ئي گلشن حديد ۾ داخل ٿيس ته روڊ جي اھائي حالت جيڪا سال اڳ ھئي. گاڏي وارو ھن شھر ۾ نئون آيو ھو تنھن کي خيال سان ٽٽل روڊ کي ڏسندي گاڏي ھلائڻ جي صلاح ڏنم. شھر ۽ علائقي جي ماڻھن کي اھا خبر آھي ته رستو ڪٿان ٽٽل آھي تن کي روڊ جي حالت ذھن ۾ ويٺل آھي. ڪو نئون اچي ته ان کي ڏکيائي ٿيندي آھي. ان حوالي سان ھڪ دوست قصو ٻڌايو ته ڪافي وقت کان پوءِ مان ڳوٺ ويس. مون پنھنجي سوزوڪي ڪار ۾ سفر پئي ڪيو. اوچتو رستي ۾ ھڪ کڏو آيو جنھن ۾ لڳڻ تي گاڏيءَ کي نقصان پھتو. ڳوٺ پھچي مٽن مائٽن کي چيم ته ھي روڊ ۾ جيڪو کڏو آھي تنھن کي ڀري نه ٿا ڇڏيو. حڪومت پنھنجي جاءِ تي پر ڏکيائي ته مقامي ماڻھن کي آھي ۽ ڪم به ٿورو آھي سو پاڻ ئي ڪري پنھنجي لاءِ سھوليت پئدا ڪري سگھجي ٿي. وراڻيائون ته اسان کي ان جي خبر آھي ان ڪري اتان وڪڙ ڪري ھليا ايندا آھيون پر تو کي ڇاڪاڻ خبر ڪو نه ھئي ان ڪري تنھنجي گاڏي ان ۾ لڳي. ھي جواب اسان مان اڪثريت جي مزاج جي نشاندھي ڪري ٿو يعني جھان ھلي پوءِ ڏکيو يا سکيو. جي ڪجھ ڪري ته سرڪار، ان جي آسري ۾ پيا جيئون. نه ٿيڻ تي پنھنجو ڪردار تي نظرثاني ڪرڻ بجاءِ حڪومت کي ڏوھاري چئي ان جي گلا ڪريون. ڪم ته ان جو ئي آھي پر پنھنجي سک لاءِ مقامي سطح تي ٿوري ڪوشش اجتماعي ڀلي ۽ اجتماعي سوچ جي زمري ۾ اچي ٿي. ان اجتماعي سوچ ۽ عمل ۾ ئي ڪوتاھ آھيون. اسان ذات ۾ ادارو ۽ اجتماعي طور تي بيحد ڪمزور آھيون.

 دوست شڪيل نظاماڻي کي پنھنجو ڪتاب ساروڻيون ساڻيھ جون موڪيلو ھيم. ھو ڪئناڊا جي شھر ڪئلگري ۾ رھندو آھي. عالمي لٽريچر جو باقاعدگي سان معالعو ڪندو رھندو آھي. منھنجو ڪتاب پڙھي ان تي پھرين اھو رمارڪ لکيائين تہ. ھي ڪتاب پڙھي ايئن لڳو ته مان ڪافي وقت کان پوءِ ڪو ديسي کاڌو کائي رھيو آھيان. ان جي ڳالھ وانگر مان سال کن کانپوءِ ھن ديسي ماحول ۾ ھوس. معاشري ۾ ترقي جي حوالي سان سڀني ڪوتاھين جي باوجود ھن ديس ۾ جيڪو قرب، پيار جو پاڙون گھريون آھن تنھن جو دنيا ۾ مٽ ڪونھي. اھو پيار ۽ پنھجائپ اسان کي ڇڪ ڪري ھتي آڻي ٿي.

پنھنجي معاشري تي نظر وجھجي ته مٽيريل ڪلچر (مادي ڪلچر) جنھن ۾ لباس، فرنيچر ۽ بيون شيون اچي وڃن ٿيون تنھن ۾ ته اسان ڪافي ترقي ڪئي آھي پر نان مٽيريل ڪلچر جنھن ۾ اخلاقي قدر، روايتون، اصول، ايمانداري ۽ بيا گڻ اچي وڃن ٿا جيڪي ڪنھن معاشري ۽ ڪلچر جو اصل روح ٿين ٿيون تن ۾ وک پوئتي ويندا رھون ٿا. ڪلچر جي ان حصي تي جي غور ڪريون ته مايوسي ٿئي ٿي. پر معاشري ۾ ميل جول ۽ قرب جي واس ۾ باقي اوڻايون دٻجي وڃن ٿيون.

جلد اچي گلشن حديد ۾ گھر پھتس. گھنٽي وڄايم ته گھر مان منھنجو ڀاڻج نڪري آيو. رات ۳ بجي جو وقت ھو سڀ گھر ڀاتي ستل ھئا. مان به ڊگھي سفر سبب ڪافي ٿڪل ھوس. ان ڪري مٿي واري حصي ۾ وڃي آرامي ٿيس. سفر جو ٿڪ ھو تنھن ڪري گھري ننڊ اچي ويئي.

صبح ستين بجي تائين ڪجھ ننڊ پوري ٿي، ٿڪ به لٿو ۽ روڊ تان گاڏين، ھارن ۽ موٽر سائڪلين جي آواز تي اک کلي ويئي. موسم سياري جي ھئي پر ٿڌ ڪا نه ھئي. ھڪ ته ٿڌ گھٽ ٻيو ته مان سياري جي ٿڌ جو ماريل ھوس تنھن ڪري منھنجي لاءِ اھا نھايت موافق موسم ھئي اھڙي جھڙي ٽورنٽو شھر ۾ اونھاري جي مند ھجي. ڪئناڊا ۾ ٿڌ سبب ٻاھر نڪرڻ جي پابندين جي ڀيٽ ۾ ھتي ڄڻ ته آزادي ملي. ٻاھر نڪري صحن ۾ بيھي ماحول تي نظر وڌم. ھاءِ وي کان گھر جي وچ ۾ خالي ميدان تي غريبن جا جھوپڙا ھئا جيڪي ان اسڪيم ۾ پيل خالي پلاٽن تي اڏيل ھئا. ھن قسم جا لاڏائو ماڻھو خالي جاءِ تي لڏو لاھي ويھندا آھن، جڏھن انھن پلاٽن تي تعمير ٿيندي آھي ته اھي وري ٻئي ڪنھن خالي ھنڌ تي وڃي ويھندا آھن. انھن کان پوءِ وري بنگلا آھن جن ۾ رھندڙن جو بظاھر معيار زندگي بلند آھي.

جيتوڻيڪ مغرب جا اڪثر ملڪ ويلفيئر رياستون آھن. ماڻھو جي ضرورتن ۽ گھرجن جو خيال رکيو وڃي ٿو پر اتي به عوام ۾ اميري ۽ غريبي عملي طور موجود آھي. پر ايترو چڀندڙ انداز ۾ ڪونھي جيترو ٽين دنيا جي ملڪن ۾ آھي. اميري ۾ غريبي جي ھجڻ تي ڪيئي سوال اٿن ٿا. ڪن جو خيال آھي ته اھا قسمت آھي. جيڪو جنھن جي نصيب ۾ لکيل آھي اھو ئي ان کي ملي ٿو.

ٻيا وري ان جو سبب معاشي استحصال سا جوڙين ٿا. استحصالي طبقو غريبن جو حصو ھڙپ ڪري، دولت ۽ طاقت جي زور تي وسيلن تي قابض ٿي ماڻھن جي حصي جو مال به ميڙي وڃي ٿو جنھن سان غربت ۾ واڌ ٿئي ٿي. ھي رويو ڪو رڳو مقامي طاقتور ماڻھن جو ڪونھي پر دنيا ۾ دولت جي ڍير تي ويٺل ارب پتي ڪمپنين جي مالڪن جو به آھي جيڪي بي رحمي سان ماڻھن جا کيسا خالي ڪن ٿا. ھڪ سابق آمريڪي بئنڪر جي موجب ته جي ماڻھن کي خبر پوي ته ڪيئن بئنڪن جي بورڊ روم ۾ ماڻھن کان پئسو ڇڪڻ جون منصوبه بنديون ٿين ٿيون ته ماڻھو ڏنڊا کڻي انھن کي مارڻ لاءِ بئنڪن تي چڙھائي ڪن. پر اھو وائيٽ ڪالر ڪرائيم آھي جيڪو ماڻھن کي مٺي زھر وانگر پياريو وڃي ٿو.

تازو اسان جو ھڪ ڪامريڊ دوست آمريڪا آيو ھو جتي آفريڪي نسل جي ڪاري رنگ وارن شھرين جو معيار زندگي ۽ عام رويو آمريڪا جي ماڻھن جي تصور موجب ڪو نه محسوس ٿيس. جڏھن ھو ھمراھ ٽورنٽو آيو ته ھن جو رمارڪ ھيو ته آمريڪا ۾ ھي ڪاري رنگت وارا آخر محنت ڪري ترقي تي ڌيان ڇو ڪو نه ٿا ڏين. ٽين دنيا جو ھي ھمراھ جيڪو انسانن جي برابري واري سوچ رکندڙ رھيو آھي تنھن جو ھي تبصرو ظاھري ڏيک تي ھيو جنھن جو گھري سماجي جوڙجڪ، صدين کان دٻاءُ ۾ رھندڙ آبادي جي ٺھيل روين کي سمجھڻ بنا ھو. ڪنھن جي غريب ٿيڻ يا قوم ۾ غربت وڌڻ ٻه جدا عنصر آھن. پھرين ۾ ڪنھن جي ذاتي ڪوتاھي، افعالن ۽ صلاحيتن کان ويندي قسمت جو دخل چئي سگھجي ٿو پر جي قوم بدحالي ۾ ھجي ته ان ۾ قوم جي روين سان گڏ سندس وسيلن جي استحصال ڪندڙن جي وارڌاتن جو دخل ٿئي ٿو.

اھا سوچ ڏکڻ آفريڪا ۾ به آھي جتي صدين کان گوري آبادي مقامي ڪارن جي آبادي تي حڪمراني ڪندي، وڻج واپار تي قابض رھندي دولتمند ٿيندي وئي. ھاڻ انھن وٽ پئسو، واپار ۽ ڌنڌي وارو تعلق ۽ رويو موجود آھي جيڪو سندس معمول ۾ مددگار آھي. ان جي ڀيٽ ۾ نيلسن منڊيلا جي دور ۾ ٻنھي آبادين کي برابري واري حق ملڻ کان پوءِ به اميدن جي برعڪس اتي جا مقامي ماڻھو معاشي طور تي گھڻي ترقي ڪو نه ڪري سگھيا آھن. ظاھر آھي انھن وٽ گورن جي ڀيت ۾ پئسي ۽ وسيلن جي کوٽ آھي، سندن صفن ۾ اھو ماحول ۽ ڪاروباري رويو ڪونھي. ان ڪري برابري جا حق ملڻ جي باوجود ھو اڳتي وڌڻ ۾ سست رفتار آھن.

اھو ساڳيو حال سنڌي مسلمان جو رھيو آھي. صدين کان ٻھراڙين ۾ رھندي، حڪومت جي ٻه اکيائي ڪري ھو مالي طور تي پوئتي رھيا. آزادي ملڻ کان پوءِ ھن آبادي جو ھڪ طبقو جيڪو نوڪري ڪري، ڪامورو بڻجي، يا ڪو وڻج واپار ڪري خوشحال نظر اچي پيو تن جا ابا ڏاڏا گھڻو ڪري غريب ھئا. ڪي ٿورا ماڻھو ٻين قومن جي ماڻھن کي ڏسي شارٽ ڪٽ وارن سرگرمين ۾ لڳي ويا. انھن وٽ پئسو جام اچي ويو آھي سو به سولائي سان تن جا ٺٺ ٺانگر به واھ جا آھن. انھن جو حال ان چوڻي جھڙو آھي ته بکيو ماڻھو بک ۾ مري ويندو آھي يا کائي کائي مري ويندو آھي.

ان ڪري ھاڻ موقعو ملڻ جي باوجود عام سنڌي ماڻھو جيتوڻيڪ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو آھي پر اڳ وسيلن ۽ واپار تي قابض ھئڻ وارن جي ڀيٽ ھو برابري جي پوزيشن ۾ ڪونھن. سندس رفتار سست آھي پر ھوريان ھوريان بھتر ٿئي پئي. جتي صدين کان ٺھيل رويا ان رفتار ۾ رنڊڪ آھن اتي ستر جي ڏھاڪي ۾ جڏھن تعليم عام ٿي ته اھو احساس برتري اڀاريو ويو ته اسان عظيم قوم آھيون، جڏھن آھيون ئي عظيم ته پوءِ عظمت لاءِ ڪوششن جي ڪھڙي ضرورت. جتي سنڌ جي بقا لاءِ سڄاڻ سنڌي پريشان آھي اتي حوصلي خاطر ئي اسان کي اھو تاثر ڏنو ويو ته؛

آيو ويو سڪندر، سيوھڻ اڃا اتي آ.

برابر سيوھڻ اتي آھي پر سيوھڻ وارن جو حال ڇا آھي ان تي به غور ڪجي. سيوھڻ ويجھو منڇر ڍنڍ جو ڇا حال ٿيو آھي. اسان جو اھو الميو آھي ته ھڪ طرف سنڌ جي بقا کي لھر نه لوڏو واري اعتماد ۾ آھيون ته ٻئي طرف گھوڙا ڙي سنڌ ھر شھر ۾ پٺاڻ اچي ويا، مدرسن جو ڄار وڇي ويو. ان سلسلي ۾ نه ڪو واضح رويو آھي نه وري معاملن کي اڳتي کڻي ھلڻ جي رخ جو درست تعين. ھن ذھين ۽ باصلاحيت قوم کي حقيقت ٻڌائي ان کي اڳتي وڌڻ جي رھنمائي ڪجي. قوم جي جذبي، ماڻھن جي ڏاھپ کي ڏسندي ان جي اڳتي وڌڻ جو يقين رھي ٿو پر صدين کان ٺھي ويل انھن روين کي ٽوڙڻ لاءِ سچائي سان سڌي ڳالھ ڪرڻي پوندي. پنھنجي مشھوري ۽ محتا لاءِ ماڻھن جي ئي ٺھيل ذھن کي اڀارڻ سياسي سوچ ته ٿي سگھي ٿي پر اھا قومي ڀلائي جو عمل ڪو نه ليکبو.

ڳالھ سامھون جھڳي ۾ رھندڙن جي پئي ٿي. ھنن جا ننڍا وڏا ٻار ۽ عورتون صبح ٿيندي ئي پنڻ لاءِ نڪري پوندا آھن. سندن عورتون روزانو پاڻي ڪنھن بنگلي جي ٻاھران لان لاءِ پاڻي جي پائيپ مان پلاسٽڪ جا دٻا ڀري وينديون آھن. جڏھن عورتون ۽ ٻار اھڙي زندگي گذارين اتي انھن جا ڪي مرد نڪما، ڪن جي چورين ۾ ملوث ھجڻ جون شڪايتون آھن، انھن مان ڪي موٽر سائڪلين تي گھمندا ڦرندا وتندا آھن ۽ رات جو وري پاڻ ۾ گڏجي شراب پيئندا آھن. پنجاپ جي ھڪ دوست ٻڌايو ته ڪي ماڻھو پنھنجي معصوم نياڻين کي گھرن ۾ ڪم ڪار تي لڳائي. مھيني ۾ ملندڙ معاوضو پاڻ وٺڻ ايندا آھن ۽ گھمندا ڦرندا وتندا آھن. ان سلسلي ۾ گھرن ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ عورت ٻڌايو ته مان جڏھن گھر جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ گھرن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ نڪرندي آھيان ته نڪرڻ وقت مڙس چوندو آھي ته مون کي ته چانھن لاءِ سو رپيا ڏيون وڃ. جتي ڪي انسان ڪن جي غربت سبب مٿن ترس کائين اتي ڪن جو پنھنجي ئي عورتن ۽ معصوم ٻارن سان ايتري بي رحمي سان پيش اچڻ حيران ڪندڙ آھي. ھن زندگي جا به ڪيئي رنگ آھن. جيترو انھن جي گھرائي ۾ وڃبو اوترو ئي پريشاني ٿيندي. ان ڪري شاھ سائين چيو آھي ته؛

الا ڏاھي مَ ٿيان، ڏاھيون ڏک ڏسن.

گھر جي آڏو واري روڊ تي نظر وڌم ته ٻارن جي اسڪول وڃڻ جو سلسلو نظر آيو. ننڍا ٻار يونيفارم پائي ڪو پنڌ، ڪو موٽر سائڪل تي، ڪي رڪشا ته ڪي سوزوڪي گاڏين ۾ ويندي نظر آيا. ان سان گڏ ٿي والدين ته ڪٿي ڊرائيور کيس اسڪول وٺي ٿي ويا. ڪي عورتون ڀر پاسي جي ڪچين آبادين مان گھرن ۾ ڪمن ڪارن لاءِ ايندي ويندي نظر آيون. ھن شھر ۾ لوئر مڊل ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جا ماڻھو رھن ٿا. غريب غربو جي اچ وڃ ۽ ڪمن ڪارن لاءِ چر پر سبب عام زندگي جو اصلي روپ نظر اچي ٿو.

صبح وقت ننڊ مان اٿيس ته سڀ گھر ڀاتين سان ملي جلي انھن کي حال احوال ڏئي، انھن جون خبرون چارون وٺي، صحن ۾ سج جي اس تي عزيزن سان صبح جي چانھن پيئندي گھر ۾ صبح جو ايندڙ سنڌي اخبار پڙھيم. خيال آيو ته گھر ويجھو حجام جو دڪان آھي جتان وار ڪٽرائي اچان ته پوءِ نيرن ڪري تيار ٿي ھن شھر ۾ ٻين مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان ملاقات لاءِ نڪران. ان ارادي سان سامھون فيز ۳ ۾ نون بنگلن جي وچ ۾ ٺھيل ٽن چئن دڪانن جي مارڪيٽ جنھن ۾ ھڪ حجام جو دڪان به آھي. پھتس ته ھڪ ھمراھ واندو بيٺو ھو جنھن مون کي ڪرسي تي ويھڻ لاءِ چيو. ڳالھائڻ مان لڳو ته ٻنھي نوجوانن جو تعلق پنجاپ جي سرائڪي بيلٽ واري علائقي سان آھي. گلشن حديد ۽ ڪراچي شھر جي ٻين حصن ۾ سرائڪي بيلٽ جا ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا. ڪم به سکڻ ۽ ڪرڻ ۾ سولو آھي اپت به چڱي آھي يعني روزگار جو کليل موقعو آھي ته نوجوانن کي ان موقعي جو فائدو وٺڻ گھرجي.

نوجوان چند منٽن ۾ وار ٺاھي ورتا. پوءِ مٿي کي مالش ڪرڻ ۽ پائوڊر ھڻڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته مون کيس روڪي ڇڏيو ته بس کوڙ ٿيو.

وار ڪٽرائيندي ماضي ۾ ھن ئي شھر ۾ ڪي سال اڳ حجام جي حوالي سان ھڪ واقعو ياد آيو. جيڪو ڪجھ وقت اڳ مون فيس بوڪ تي پوسٽ به ڪيو ھو. ھن موقعي جي حوالي سان پڙھندڙن سان ٻيھر ونڊيان ٿو.

مان پاڙي ۾ حجام جي دڪان تي وار ڪٽرائڻ ويس. حجام مون کي ڪرسي تي ويھاري، ڪپڙو ويڙھيو ته فون اچي ويس. ھو ڳالھائڻ ۾ لڳي ويو ۽ ڪافي دير ڳالھائيندو رھيو. مون کيس ٻه ٽي ڀيرا وچ ۾ ٽوڪيو ته فون تي ڳالھائڻ بند ڪري منھنجا وار ٺاھ. اٽڪل ڏھن منٽن کان پوءِ فون بند ڪري چيائين ته صاحب مرشد سائين جو ملتان مان فون ھو ان ڪري گفتگو ڊگھي ٿي ويئي. مرشد سائين وڏو پھتل شخص آھي. مون کي چيائين ته مان ھتان ڏسان ويٺو ته تون وار ٿو ڪٽين. مان انتظار ڪري اچي بيزار ٿيو ھوس سو کيس وراڻيم ته تون حجام آھين وار نه ڪٽيندين ته ڇا جھاز اڏائيندين. منھنجي ڳالھ نه وڻيس چيائين ته صاحب توھان کي مرشد جي منزل جي خبر ئي ڪونھي تڏھن ٿا اھڙيون ڳالھيون ڪريو. پوءِ تيزي سان وار ڪٽي مون کي فارغ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. ان ڪري ئي چوندا آھن ته مرشد جي ڪاني ڪرامت وارو ھجڻ کان وڌيڪ مريد جو جاھل ھجڻ ضروري آھي.

گھڻو اڳ جي ڳالھ آھي مان پنھنجي شھر باڊھ ۾ دوستن سان گڏ پنڌ اچي رھيو ھوس ته باراز ۾ ھڪ ھيئر سيلون جي ويجھو پنھنجي ھڪ پاڙيسري صديق لاکير کي ڏٺم ته ھو غور سان ان سيلون کي ڏسي رھيو ھو.. ڇا ٿو غور سان ڏسين مون کائنس پڇيو. وراڻيائين ته ڏسان پيو ته ڪيئن نه سيلون سينگاريل آھي ۽ ماڻھن کي ڪيئن نه ڪرسي تي ويھاري ان جي حجامت ڪئي وڃي ٿي. اسان ڪچي جي علائقي ۾ رھندا ھئاسين. مان ننڍو ھوس ته حجام مھيني ۾ ھڪ ڀيرو حجامت ڪرڻ لاءِ ايندو ھو. ھو پٽ تي ويھي اسان جو مٿو ڄنگھن ۾ ڦاسائي وار ٺاھيندو ھو. مون کيس چيو ته ھاڻ شھر ۾ آھين ۽ جھان به بدلجي پيو. اڳ ته غريب غربو ان پيشي ۾ ھو ھاڻ ته سرندي وارن جون عورتون، عورتن جا وار ڪٽڻ، ميڪ اپ ڪرڻ ۽ ڪنوار سينگارڻ جو ڪم ڪن ٿيون. ان جو نالو جديد ڪري ان کي بيوٽي پارلر جو نالو ڏين ٿيون. حجام جي ڌنڌي کي ڀلي ڪو پسند نه ڪري پر جڏھن اھو جديد ٿي بيوٽي پارلر بڻجي ٿو ته پوءِ اھو ڌنڌو پڙھيل ماڻھن کي به قابل قبول آھي. ڪمتر فقط روايتي انداز کي سمجھيو وڃي ٿو پر جي ان کي فيشن جي زمري ۾ آندو وڃي ته پوءِ ٺيڪ ٿي وڃي ٿو.

وار ٺھرائي ٻاھر نڪتس ته ھڪ جي پٺيان ٻيو اسڪول. پوئين پاسي کان روشن تارا اسڪول جو بورڊ لڳل نظر آھي جيڪو سگا جي اسڪول سلسلي جي ھڪ برانچ آھي. ھن ۾ سنڌي ميڊيم پڙھائي وڃي ٿي تنھن ڪري ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن مان ايندڙ پنھنجي ٻارن جي سنڌي ميڊيم ۾ تعليم جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ٻارن کي ھنن اسڪولن ۾ داخل ڪن ٿا. گلشن حديد ۾ وک وک تي اسڪول آھي ايترا اسڪول شايد ئي ڪنھن بستي ۾ ھجن. ماڻھو وڌندڙ آبادي جو فائدو وٺندي ھن ڪاروبار مان سولو پئسو ڪمائين ٿا.

گھر پھچي وھنجي سلوار قميس پائي تيار ٿيس ته نيرن آئي جنھن ۾ مڇي شامل ھئي. ھتي گھر ڀاتين کي منھنجي پسند جي خبر آھي ان ڪري جيترو وقت ھن گھر ۾ ھوندو آھيان ته نيرن ۾ مڇي کائڻ لاءِ ملندي آھي. مڇي ائين به اسان جي عام ۽ پسند جي خوراڪ رھي آھي. سنڌ ۾ ٻھراڙين ۽ ننڍن شھرن ۾ غربت ۽ ٻين سماجي سببن ڪري گوشت جو استعمال گھٽ ئي ھو. اسان جو ھڪ بزرگ ٻڌائيندو ھو ته اسان ڳوٺن ۾ گوشت تڏھن کائيندا ھئاسين جڏھن ڪا شادي ٿئي يا خيرات خاطر ڪو جانور ڪھي. باقي مڇي سو عام ھئي. خاص ڪري اسان جي چانورن واري بيلٽ ۾ اونھاري ۾ جھر جھنگ پاڻي ھوندو ھو، ڍنڍن کان ويندي کڏون کوٻا ڀرجي ويندا ھئا. ان ۾ مڇي ٿيندي ھئي. ان سان گڏ منڇر ڪينجھر ۽ درياھ جي ڪنارن تي غريب غربو مفت ۾ ماري کائيندو ھو. مڇي جي گھڻي ٿيڻ ڪري ان جي وڪري لاءِ ٽوڪرا ڀري ماڻھو گھٽين ۾ پيا ھوڪا ڏيندا ھئا. ان حوالي سان اسان نصاب ۾ ھڪ بيت پڙھيو ھو جنھن جون ٻه سٽون آھن ته؛

درياھ شاھ جو آندو مون تازو پلو،

کائيندڙ جو مولا ڪندو شل ڀلو.

لڳي ٿو ٿو ٻئي لاءِ دعا ان جي روين ۾ موجود رھي آھي. شاھ سائين سنڌ سان گڏ عالم کي آباد ڪرڻ جي دعا ڪئي آھي. مقصد پاڻ سان گڏ ٻين جي ڀلي جي به تمنا رکڻ آھي. جيئن شيخ اياز چيو آھي تہ

اسان سنڌ وارن ازل کان اياز،

ڪنھن لاءِ مندي سمائي نه من.

مڇي ته ھاڻ به ملي پئي پر سنڌ جي سوغات چئي ويندڙ پلو سنڌ ۾ ورلي ڪو ملي ٿو. پر اسان کي انگلينڊ ۽ ڪئناڊا ۾ بنگال ۽ برما(مينامار ) مان ايندڙ پلو ملي ٿو جيڪو ننڍپڻ ۾ کاڌل پلي جي سڪ لاھي ٿو. ننڍپڻ جيڪو پلو ملندو ھو تنھن ۾ آني وارو پلو شوق سان وٺندا ھئاسين.

جتي اڳ درياھ شاھ جو جھجھو پاڻي مڇي جي گھڻائي جو وسيلو ھو اتي ھاڻي درياھ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب مڇي جي پئداوار ۾ کوٽ کي وري ھاڻ فش فارمنگ پوري ڪئي آھي. پر اھي ڳالھيون به ٻڌڻ ۾ آيون ته فارم جي اھڙي مڇي جو وزن وڌائڻ لاءِ يوريا جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. اھو ڪيتري قدر سچ آھي تنھن بابت اعتماد سان چئي نه ٿو سگھجي پر پئسن جي ڪمائي جي ڊوڙ ۾ اھڙو ڪجھ ناممڪن به ڪونھي. ايئن مغرب ۾ به فاسٽ فوڊ جي نالي وارين ڪمپنين طرفان ان خوراڪ ۾ اھڙا ڪيميڪل ملايا وڃن ٿا جيڪي انساني جسم ۾ ٿولھ پئدا ڪن ٿا. مقصد ماڻھن کي ٿلھو ڪري انھن جي خوارڪ جي ضرورت وڌائڻي آھي ته جيئن ھو اھو فاسٽ فوڊ وڌيڪ کائين ته ڪمپني جي آمدني وڌي. سرمايه دار پئسن ڪمائڻ ۾ ڪيڏو نه بي رحم ٿي وڃي ٿو؟

وزير علي رتڙ ڪائناڊا ۾ اسان جي چوياري جو دوست رھيو آھي ھاڻي ھو سعودي عرب جي شھر جدي ۾ ڪنگ عبدالعزيز يونيورسٽي ۾ انگريزي جو پروفيسر آھي. موڪلن ۾ حيدر آباد آيل ھو ۽ مون سان لاڳيتو رابطي ۾ ھو اڄ ئي سندس روانگي جو ڏينھن ھو. سندس دلي خواھش ھئي ته ڪٿي ٿوري دير ئي سھي پر ملي وٺون. ان حوالي ڪٿي ملڻ جون صلاحون ڪندا رھياسين. ھڪ خيال اھو ھو ته سندس رستي ۾ ايندڙ بحريه ٽائون ۾ ڊاڪٽر شاھد قريشي جي گھر ملون. ھڪ ته ھن سان گڏ ٻار به ھئا ٻيو ته ڪراچي شھر ۾ سندس ڪي ڪم رھيل ھئا تن جو به کيس اونو ھو. صورتحال تي غور ڪري ملااقات جو پروگرام منسوخ ڪري ھڪ ٻئي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪري ٻئي ڀيري ملڻ جو ارادو ڏيکاريوسين.

وزير علي رتڙ مون کي ھڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ھو ته جنھن بلڊنگ جي فليٽ ۾ مان رھان ٿو ان ۾ ڪار پارڪنگ ۾ ھڪ ننڍي ڪمري ۾ ٻه سنڌي ڇوڪرا اچي رات گذاريندا آھن. سڄو ڏينھن ڪم ڪار ۾ رھندي، ڪم جا ڪپڙا پايو پيا ھلندا آھن. سندن حالت رحم جي قابل ھوندي آھي. ھفتيوار موڪل ۾ آچر جي ڏينھن ھو منھنجي فليٽ تي ايندا ھئا. مان به اڪيلو رھندو ھوس. ان ڪري کين چوندو ھوس ته موڪل جي ڏينھن مون وٽ اچي ويندا ڪريو. ھو اچي اتي وھنجي سھنجي پوءِ کاڌو پچائيندا ھئا، جيڪو گڏجي کائيندا ھئاسين. اھو معمول پيو ھلندو ھو.

انھن مان ھڪ نوجوان کي ڳوٺ وڃڻو ھو. ان ڏينھن ڏٺم ته کيس بوسڪي جو وڳو پھريل ھو، بيگ به سٺي ۽ ٻيو به ڪافي سامان ھوس. مطلب ته ائين پئي محسوس ٿيو ته وڏي شان سان ٿو وڃي. ھن جي ان روپ کي ڏسي ڳوٺ وارا يقيني طور تي اھو تاثر قائم ڪندا ته ھي ھمراھ ته مزي ۾ آھي. مون سان مليو ته کيس ڏسي چيم ته يار اڄ ته تنھنجو روپ ئي مٽيل آھي. وراڻيائن ته سائين اتي وڃي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪرڻ واري ڳالھ جو ڀرم به ته رکڻو آھي. توھان کي اسان جي حال جي ته خبر آھي پر ويندي ئي ھوٽل واري جي چانھن جو رھيل بل ڏيندس جيڪو ھوٽل واري چاليھ ھزار ٻڌايو آھي. اڳ به ان مد ۾ موڪليندو رھيو آھيان. بابو جڏھن ھوٽل تي وڃي ويھندو آھي ته يار دوست کيس چوندا آھن ته يار تنھنجو پٽ سعودي ۾ نوڪري ڪري ٿو، تون اسان کي چانھن ته پيار. ايئن روز کانئس چانھن پيئندا آھن، جنھن جو بل مون کي ادا ڪرڻو پوي ٿو. ھوٽل واري کي به آسرو آھي ته اڄ نه ته سڀاڻي اھو بل ملي ويندو.

اسان جي معاشري جو اھو الميو آھي ته ھو غريب پنھنجي حقيقي پوزيشن ٻڌائي ته ڀرم نه رھندس، ٻيو ته گھر وارن جي خرچ پکي جو ته بار کڻي ٿو پر ٻيا به ان جي ڪمائي مان چانھن يا مدد جي اميد رکن ٿا. معاشري جي اھڙن روين جي ڪري حقيقي صورتحال سامھون ڪو نه ٿي اچي جنھن ڪري ماڻھو پنھنجي مٿان مصنوعي خول چاڙھي ھلندو رھي ٿو. اھو ڀرم به وڏي بلا آھي جيڪو ماڻھو کي مصنوعي روپ رکڻ لاءِ پئسي جي خرچ کان ويندي ڏيک رکڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.

ڪافي وقت اڳ جي ڳالھ آھي ته ھڪ ھمراھ کي پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جي نوڪري ملي. نئين نوڪري، پگھار ٿوري ان ڪري ڳوٺ بس ۾ ايندو ويندو رھندو ھو. ماڻھن جون مٿس ٽوڪون ته اڙي ھي تون وري ڪھڙو صوبيدار ٿيئن جو وتين ٿو بسن ۾ ڌڪا کائيندو. ھر ڀيري ٽوڪ ٺٺول مان اچي اڙيو سو فيصلو ڪيائين ته ڪجھ به ٿئي پر جلد گاڏي وٺندس. سوچي سوچي خيال آيس ته ڇو نه ڪي ٻه ٽي ڦرون ڪري پئسا جمع ڪري گاڏي وٺان. سو ڏينھن جو ڊيوٽي رات جو ٻه چار ڇوڪرا ھٿ ڪري وڃي ڦر ڪندو ھو. ڪي ته ڦٻي ويس پر ھڪ وارڌات دوران پڪڙجي پيو ۽ جيل ڀيڙو ٿيو.

ماتلي جي نظاماڻي برادري جي ڪن دوستن سان ڀائرن جھڙو تعلق آھي. ان ناتي مان ڪيئي ڀيرا اوڏانھن ويو آھيان. بيحد مھذب ۽ مانائتا ماڻھو آھن. انھن سان اتي ملڻ ۽ رھاڻيون ڪرڻ دوران اتان جي جھان جون ڪيئي ڳالھيون سامھون اينديون ھيون. اتي سندن پاڙي ۾ ڦليلي ڪناري ھڪ ٿلھو ٺھيل آھي جنھن تي روز رات جو ڪچھري مچندي آھي. مان به ھڪ ٻه ڀيرا ان محفل ۾ شريڪ ٿيو ھوس. ان محفل ۾ روزمرھ جي معاملن تي خوب ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رھندي آھي. ھڪ ڀيري ان چوياري جو ھمراھ ڪار وٺيو پئي آيو. رستي ۾ ڪو ھمراھ مليس تنھن سندس سودي جي تعريف ڪندي چيو ته تو سستي قيمت ۾ سٺي گاڏي ورتي آھي. پنھنجي تنھن سٺي فيصلي تي خوش ٿيڻ بجاءِ ھن وراڻيو ته تون ته تعريف ڪرين ٿو پر رات ٿلھي وارا ھمراھ جيڪي ھن سودي ۾ ڪمزوريون ڪڍي تنقيد ڪندا مون کي تن کي منھن ڏيڻ جو فڪر آھي.

ھتي سوال اھو ٿو اٿي ته نوجوانن کي اڳتي وڌڻ ۾ رنڊڪ اسان جا رويا ۽ رواج به آھن جيڪي ھمٿ افزائي تي ٻڌل ڪونھن. انگريز جو ننڍو پٽ جي کيس ڪا شي کڻي آڻي ڏيندو ته پي ان کي چوندو ته مھرباني. اسان جي معاشري ۾ ڪو پنھنجو اباڻو ڪم ڇڏي نئون پيشو اختيار ڪندو ته مٽن مائٽن، اوڙي پاڙي يا يارن دوستن جي حوصلي شڪني ۽ ٽوڪ کي منھن ڏيڻو پوندس. ان ڪري ئي نوجوان نين راھن تي ھلڻ جو گھٽ سوچين ٿا. حقيقت ۾ ٻاھرين ڏاڍاين کي منھن ڏيڻ سان گڏ پنھنجي معاشري جي منفي روين تي تي نظر ثاني ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. پنھنجي معاشري جا رويا ۽ رواج ۽ انداز اسان کي پوئتي رکڻ ۾ ھڪ وڏو سبب آھن.

سنگت مان ڊاڪٽر شاھد قريشي ھن ھفتيوار موڪلن ۾ حيدرآباد وڃڻو ھو. مون کي به گلشن حديد ۾ ملڻو جلڻو ھو تنھن ڪري ٻه ٽي ڏينھن ھتي گذارڻ جو فيصلو ڪيم. ان دوارن اسان جي چوياري جو دوست عبدالجبار لاشاري جيڪو مون کان اڳ سنڌ پھتل ھو تنھن جو فون آيو ته مان سڀاڻي تون سان ملڻ ايندس. ان دوران ڊاڪٽر برما جيسراڻي جو به فون آيو تنھن پڻ ملڻ پئي چاھيو. ان ڪري ھنن ۽ گلشن حديد جي ڪن دوستن سان سڀاڻي شام جي وقت ملڻ ۽ رات جي ڊنر جو پروگرام ٺھيو.

مان تيار ٿي گھران نڪرڻ لڳس ته منھنجي ڀاڻج شبير ڪولاچي چيو ته ماما ڪيڏانھن ھلڻو آھي ته مان توھان کي گاڏي ۾ وٺي ھلان تنھن تي مون کيس چيو ته گلشن حديد ننڍو شھر آھي جنھن ۾ سولائي سان پنڌ ڪري سگھجي ٿو. مون کي ھلندي ڦرندي ماحول ڏسڻ وڌيڪ پسند آھي. اھو چئي مان ٻاھر نڪتس. سڀ کان پھريان دڪان تي وڃي مقامي فون نمبر وٺڻو ھو ته جيئن ھتي دوستن سان رابطي ۾ رھي سگھجي.

 ٿورو پنڌ ڪري جيئن ئي ھڪ چوڪ تي پھتس ته ھڪ ٻار تي نظر پئي جنھن جي ھٿ ۾ ٿيلھي ھئي سو ھيسيل بيٺي نظر آيو ۽ مون کي ڏسڻ لڳو. ڇا ڳالھ آھي بابا مون کانئس پڇيو. ھو ڪتو بيٺو آھي. نظر ڦيرايم ته ڪتو روڊ جي ٻئي طرف بيٺو ھو وچ ۾ نالو تنھن ڪري ان جي ھن طرف اچڻ جو امڪان به ڪو نه ھو. ٻيو ته ماڻھو ٻنھي طرفن کان پئي ھليا ان ڪري ھو پنھن منھن بيٺو ھو. مون کيس سمجھايو ته ڪتو ته ٻئي طرف آھي تنھنجي رستي ۾ ته ڪونھي تون اجايو ٿو ڊڄين پر ھن جو ڊپ ڪو نه لٿو ان ڪري مان کيس ساڻ ڪري ٿورو اڳتي ڇڌي آيس. جڏھن ان ھنڌ کان اڳتي کيس ڇڏيم ته ھو پوءِ به ڊوڙندو اڳتي ويو.

ان منظر مون کي ننڍپڻ ياد ڏياري ڇڏي جڏھن اسان گھٽي مان لنگھندي ڪنھن گھر جي در وٽ ڪتي کي موجود ڏسي بيھي رھنداسين. ڪو وڏو لنگھندو ھو ته ان سان گڏجي ھلندا ھئاسين. ڪڏھن ڪو نه آيو ته ڊوڙي اتان ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئاسين جنھن تي ڪتو رومڙ ڪري اٿندو ھو ۽ اسان جون رڙيون نڪري وينديون ھيون. سنڌي معاشري ۾ ننڍپڻ کان ويندي سڄي زندگي ڪو نه ڪو خوف لاحق رھي ٿو. بي خوف زندگي جو به ڇا ته لطف آھي جنھن جو روپ مون ڪئناڊا ۾ اچي ڏٺو آھي. جس آھي گورن کي جن جانورن تي ڪنٽرول ۽ تربيت کان ويندي ماڻھن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ سسٽم جوڙيا آھن جنھن ڪري معاشري ۾ خوف گھٽيو آھي ۽ انسان سڪون سان سفر کان ويندي رات جو بي خوف ننڊ ڪري ٿو.

 ھلندي ان اسپتال تي به نظر پئي جتان چار سال اڳ شگر جي دوا ورتي ھيم. انھن ڏينھن ۾ منھنجي رھڻ جو وقت اندازي کان گھڻو وڌي ويو ھو ان ڪري ٽن مھينن جي آندل دوا به ختم ٿي ويئي ھئي. دوا وٺڻ جو ارادو ظاھر ڪيم ته منھنجو ماسات درمحمد جيڪو ھيلٿ کاتي ۾ ملازم آھي تنھن جي صلاح تي ھڪ اھڙي ڊاڪٽر وٽ ويس جنھن کي ھن مرض جو ماھر ٿي چيو ويو. ھن علائقي ۾ ۽ ان جي پسگردائي ۾ ماڻھن جي آبادي جي وڌڻ ڪري ان حساب سان ڊاڪٽرن جي ضرورت به وڌي آھي. وڏا ڊاڪٽر ته پري ھجڻ ڪري ڪو نه اچن پوءِ ھي نوان ماھر پنھنجا تجربا ڪندا رھن ٿا. چوندا آھن ته جتي وڻ ڪونھي اتي ڪانڊيرو به وڻ. ان حساب سان مقامي ماڻھن کي جيڪو ملي ٿو تنھن کي مسيحا سمجھي ان کان علاج ڪرائين ٿا.

مان ان ڊاڪٽر وٽ در محمد سان گڏ ويس. ھن ڊاڪٽر جو تفصيلي تعارف ڪرايو ته خبر پئي ته ھن جو تعلق اسان جي شھر ويجھو ھڪ ڳوٺ سان آھي. سندس وڏن جو منھنجي والد صاحب سان دوستي وارو تعلق رھيو آھي. ان ناتي ھو اسان کي سٺي نموني ڄاڻن ته اسان به انھن مان چڱي طرح واقف. مون کان احوال پڇي. اڳ استعمال جون دوائون ڏسي انھن جو نعم البدل دوائون تجويز ڪيائين. مان اھي وٺڻ ڪوثر ميڊيڪوز، ٽائيم ۽ اغا خان اسپتال ۾ اسٽورن تي ويس. سڀ دوائون مليون پر ھڪ ملي ئي ڪانہ. خير ڏينھن ٻن کان پوءِ وٽس ويس ۽ کيس دوا نه ملڻ جي ماجرا ٻڌايم. وراڻيائين ته ھتي فلاڻي اسٽور تي اھا دوا ملي ٿي. سڄي شھر جي نالي وارن اسٽورن تي ڪونھي باقي گلشن حديد جي ڪنڊ ۾ ھڪ اسٽور تي ملي ٿي تنھن جي معني ته اھا ته پڪ جعلي ھوندي جنھن جي لکڻ لاءِ توھان کي جھجھي ڪميشن ملندي ھوندي. چپ ٿي ويو. ھتي خانداني دوستي واري حجت استعمال ڪندي کيس چيم ته نڀاڳا ٻين سان ته ھيرا ڦيري پر مون کان به نه مڙئين. پئسي ڪمائڻ ۾ تنھنجون اکيون بند ٿي وڃن ٿيون. ھاڻي ان دوا جي بدلي اھا دوا لکي ڏي جيڪا شھر جي وڏن اسٽورن تي به ملي. شرمندو ٿي پوءِ ٻي دوا لکي ڏنائين.

لالچ انسان کي انڌو ڪري ٿي ڇڏي. ڪنھن ڏوھ جي ڏوھاري ۾ پوءِ شناس نڪري ٿي وڃي. پئسن جي ھوس ۾ وٽس رشتن ۽ ناتن جي اھميت به ڪو نه ٿي رھي. جن ميڙڻ شروع ڪيو يا پاڻ کان مٿاھين جھڙو دولتمند ٿيڻ جي ريس ڪئي تنھن مان ھمدردي ۽ انسانيت موڪلائي ويندي. اھو ئي سبب آھي جو ڪنھن دور ۾ ڊاڪٽر ۽ حڪيمن کي مسيحا سمجھيو ويندو ھو اڄ انھن مان گھڻن جي ڪردار سبب پيشو ئي بدنام پيو ٿئي. پئسي جي لالچ ۾ جعلي دوائون وڪرو ٿين ٿيون جن جو وڪرو اڳ ئي صحت ۽ خوارڪ جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو شڪار غريب ماڻھن کي ڪيو وڃي ٿو.

روڊ تي ھلندو ويس، مارڪيٽ ۾ ھڪ دڪان تي وڃڻو ھو جنھن سان اڳ ڄاڻ سڃاڻ ھئي. ان نوجوان دڪاندار جو والد صاحب اسٽيل مل ۾ ملازم ھو جنھن ناتي ساڻس تعلق ھو. ھن نوجوان موبائيل فون جو دڪان کوليو آھي جيڪو ڪافي بزنس ڪري ٿو. پر ڦر يا ڌاڙي کان بچڻ لاءِ سامھون لوھي گرل لڳائي اٿائين. دڪان تي پھتس ته نوجوان کيڪاري پڇيو ته سر ڪڏھن پھتا آھيو کيس وراڻيم ته رات ئي پھتو آھيان. ھاڻي ھن فون ۾ ڪا سم وجھي مقامي نمبر ھلائي ڏي. ھن جلد ائين ڪري نمبر ھلائي ڏنو جنھن تي مون دوستن کي فون ڪرڻ شروع ڪيا انھن ۾ ٻه ڳوٺائي جن ۾ ھڪ عبدالحميد سومرو ۽ ٻيو منصور مغيري ھو. کين اچڻ جو ٻڌايم ته ملڻ لاءِ وقت پڇڻ لڳا. ان سان گڏ ڊاڪٽر شاھد قريشي، عبدالجبار لاشاري ۽ ٻين دوستن کي رابطا ڪرڻ شروع ڪيم.

ان دڪان جي ويجھو ئي منھنجو ھڪ دوست رھندو آھي جنھن سان ملڻ سانگي ھلندو وڃي ان گھٽي ۾ پھتس ته اتفاق سان ان گھٽي ۾ رھندر چار پنج ھمراھ ڪچھري ڪندي نظر آيا. اھي سڀ اسٽيل مل جا اڳوڻا ملازم ھئا ۽ انھن ٻه ٽي ته منھنجا ماتحت رھيا ھئا. مون کي ڏسي سرگرمي سان اچي مليا. پراڻيون نيون خبرون ٻڌائڻ شروع ڪيائون. ھنن نوجوانن مئٽرڪ پاس ڪري اسٽيل مل ۾ ھنرمند جي تربيت حاصل ڪري نوڪري شروع ڪئي. ھو پنھنجي پيشي جو ڪم ڪار اتي نوڪري دوران سکيا. منھنجي معرفت ھو روسي ماھرن کان ڪم سکيا جنھن ڪري مان نه فقط سندس آفيسر بالا ھوس پر ڄڻ ته استاد به ھوس. ڪم دوران ڪنھن مسئلي تي منجھي پوڻ تي مون وٽ ايندا ھئا. مون کي ٻئي کي عزت ڏيڻ وارو رويو موجود رھيو آھي پوءِ اھو ڀلي ماتحت ڇو نه ھجي ان ڪري ھو به منھنجي عزت ڪرڻ سان گڏ دوستن جيان چاھ سان ملندا آھن.

انھن ۾ ھڪ نوجوان جيڪو ھاڻ بزرگ آھي سو ذھين ۽ ڪم ۾ ڀڙ ھجڻ سان گڏ شرميلو ھوندو ھو. انھن ڏينھن موبائيل فون اڃا ڪو نه متعارف ٿي ھئي. ٽيليفون به گھرن ۾ تمام گھٽ ئي ھئي ۽ آفيسن ۾ به ڪن سينئر آفيسرن وٽ ھوندي ھئي. ھڪ ڏينھن اھو نوجوان منھنجي آفيس ۾ آيو ۽ اچي چيائين ته سر ضروري فون ڪرڻو آھي. مون کيس چيو ته ڀلي ڪر. ھن فون ملايو اڳيان عورت جي آواز ۾ نمبر مصروف ھجڻ جو رڪارڊ ٿيل پيغام پئي مليس. ھڪ به ڀيرا ڪوشش ڪيائين تنھن دوران مون سندس پريشاني کي محسوس ڪري ورتو. ڇا ڳالھ آھي مون کائنس پڇيو. وراڻيائن ته سر مان ته پنھنجي مائٽ جو نمبر ٿو ملايان پر ھي الائي ڪير خاتون آھي جيڪا جواب ٿي ڏئي. سمجھي ويس کيس چيم ته اھو رڪارڊ ٿيل ميسيج ھوندو آھي. نمبر ساڳيو آھي ته وري ڪوشش ڪر ملي ويندو. ھن ائين ئي ڪيو ۽ پوءِ سندس ڳالھ ٻولھ ٿي.

ائين منھنجو ھڪ ماتحت ڊپلوما ھولڊر اسسٽنٽ انجنيئر ھوندو ھو. نھايت شريف ۽ ڪم پوري ايمانداري سان ڪندو ھو. ھڪ ڏينھن ھو به منھنجي آفيس آيو ۽ فون ڪرڻ جي چئي نمبر ملايائين. اھو نمبر سندس سھري جو ھو جيڪو ھڪ وفاقي کاتي ۾ ملازم ھو. سندس آفيس ڪراچي شھر ۾ ھوندي ھئي. ھي جڏھن به نمبر ملائيندو ھو ته سندس سھرو ئي اڪثر ڪري فون کڻندو ھو. ھن ڀيري جيئن ئي اڳيان ھيلو ٿي ھي ھمراھ شروع ٿي ويو. سلام ابا. ڪيئن آھيون، اھو ڄئي پوءِ فون تي گھر جو سڄو مسئلو بنا اسٽاپ جي ٻڌائي ويو. ڪيئي منٽن لاڳيتي ڳالھائڻ کان پوءِ جيئن جھڪو ٿيو ته اڳئين ھمراھ چيس ته بابا تو کي ڳالھائڻو ڪنھن سان آھي. تنھن تي کيس چيائين ته توھان فلاڻا ڪو نه آھييو ھن نه ڪري چيس ته اھو ڪيڏانھن ويل آھي ايندو ته کيس تنھنجي فون اچڻ جو ٻڌائيندس.

جتي فون ڪرڻ ڏکيو ھو اتي ڪو فون ڪري رابطو ڪري سو به ڏکيو ھوندو ھو. منھنجي ماتحت نوجوانن مان ھڪ ٻھراڙي جي ھمراھ جو ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڇوڪري سان عشق ٿي ويو. اھا کيس اڪثر فون ڪندي ھئي. ھاڻ جي چوي ته مان سندس دوست ٿي ڳالھايان ته شايد مان نوجوان کي سڏي ڳالھ ڪرائڻ ۾ ڪڏھن لنوائي به پئي سگھيس. ان ڪري ھوءِ نھايت ھيٺاھين واري انداز ۾ چوندي ھئي ته سر مان فلاڻي جي ڀاڄائي ٿي ڳالھايان. گھر جو ڪو مسئلو آھي مھرباني ڪري فلاڻي کي گھرايو ته مون سان ڳالھائي. جلد خبر پئي ته ھنن جو پاڻ ۾ پيار آھي. ماڻھو اسان جي معاشري ۾ ڪيئن لڪي يا روپ مٽائي پنھنجو عشق ھلائي ٿو.. وقت گذريو سندن شادي ٿي ويئي. پوءِ اھو جوڙو گلشن حديد ۾ رھندو ھو. ايندي ويندي ڪٿي ملندا ھئا ته ان ڇوڪري کي چوندو ھوس ته تون ھاڻي ته منھنجي ڀاڄائي ٿي وئين پر ھن جي به اڃا ڀاڄائي آھين يا ڪو ٻيو رشتو جوڙيو اٿئي. ان تي ٻئي کلندا ھئا.

اتي موجود سڀني ھمراھن منھنجي دوست جي گھر چانھن تي ٿوري دير ڪچھري ڪرڻ جي خواھش ڏيکاري جنھن تي سڀ اتي وڃي ويٺاسين. پراڻيون ڳالھيون ۽ ڪي نوان قصا. پنھنجي کاتي جي اڪثر ساٿين جا حال احوال ٻڌايائون. حاضرين مان اڪثر جا ٻار وڏا ٿي چڱي پوزيشن ۾ ڪم ڪن ٿا. ھنن ھتي اسٽيل مل جي ٺاھيل بستي گلشن حديد ۾ پنھنجا گھر وٺي ڇڏيا آھن جن تي ڪيئي منزلون ٺھرائي ڪرائي ڏنيون آھن جن مان کيس چڱي آمدني به ٿئي ٿي. تمام خوش آھن. ھي ٽي چاردوست ھڪ گھٽي ۾ رھڻ ڪري ھڪ ٻئي سان رابطي ۾ رھندي ميل جول سان پاڻ ۾ ڳنڊيل رھن ٿا.

گلشن حديد ۾ پوءِ ڪن دوستن وٽ ٿوري ٿوري دير ويس تن مان گھڻن کي منھنجي اچڻ جي خبر ئي ڪو نه ھئي. ھي گلشن حديد پنھنجو شھر آھي جتي ھن شھر جي ٺھڻ کان پوءِ آباد ڪرڻ وارن ۾ ھئاسين. ھتي رھندڙ اڪثر ماڻھو ھڪ اداري ۾ ڪم ڪندڙ ھئا تن سان سڌي يا اڻ سڌي ڄاڻ سڃاڻ ھئي. گھڻا ته دوست به ھئا. ھتي جيڪي ٻار اسان جي ھٿن ۾ وڏا ٿيا سي ھاڻ عملي زندگي ۾ متحرڪ آھن. رستي ويندي ھڪ نوجوان سلام ڪري اچي مليو چيائين ته انڪل مان توھان جي پاڙي ۾ رھندو ھوس. ننڍپڻ ۾ توھان جي پٽ جميل جو دوست ھوس ۽ اسان گھڻو ڪري توھان جي گھر آڏو گھٽي ۾ کيڏندا ھئاسين. نالو ٻڌايائين ته ياد آيو. پوءِ جميل جي خير خيريت پڇڻ سان گڏ ٻين گھر ڀاتين جي بابت به پڇيائين.

ھاڻي گلشن حديد اڳ وارو ناھي رھيو. مکيه روڊ تي ايتري ٽرئفڪ خاص ڪري موٽر سائيڪل وارن جي ڊرائيونگ ايتري بي ترتيب آھي جو لڳو پئي ته ھي اچي موٽر سائيڪل ھڻندو. اسان ٻه ٽي دوست ھئاسين پر پاڻ کي بچائيندي ھلندا رھياسين. مارڪيٽ جي سامھون جمع بازار لڳل ھئي جنھن ۾ منھنجي مرضي تي اندر وياسين. ھڪ ته ڪجھ ميوو وٺڻ جو ارادو ٿيو ٻيو ھن جھان جو رنگ ڏسڻو ھو. مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ ھتي اسٽال ھڻندڙ نسبتن سستو سودو ڏين ٿا ان ڪري رش لڳي پئي ھوندي آھي. ھن شھر ۾ ھفتي ۾ ٻه اھڙيون بازاريون لڳنديون آھن. عمل سٺو آھي ته جيڪو ماڻھو دڪان وٺي نه ٿو سگھي سو عارضي اسٽال ھڻي به روزگار ڪري سگھي ٿو. ھتي ٻي ڳالھ اھا نظر آئي ته ٻھراڙي مان ڪي ماڻھو اتان جو شيون کيڻي اچي وڪڻي روزگار ڪن ٿا. مثال طور پلي، به ۽ ٻيون شيون.

گھمندي جتي ان جھان جي جھلڪ ڏسندو رھيس اتي جنھن اسٽال تي سٺو ڪو ميوو نظر ٿي آيو اھو به پئي ورتم. ھڪ اسٽال تي لاڙڪاڻي جا زيتون پيل نظر آيا جنھن تي ان جو اگھ پڇيم. اتي بيٺل ھمراھ وراڻيو ته سائين ھي ۱۷۰ رپيا ڪلو آھن پر توھان کان ۱۵۰ وٺنداسين. کيس چيم ته مون کان گھٽ وٺڻ جو ڪو سبب. مون سان ڪا ڄاڻ سڃاڻ اٿئي، ڪو واسطو جو مون سان رعايت ٿو ڪرين. اھو دڪانداري جو گر آھي ته ڪنھن طريقي سان گراھڪ جي ھمدردي حاصل ڪري ان کي شي وڪڻي. ان گڏ ھتي جو نارنگيون مون کي بيحد پسند آھن جيڪي ھتي رھندي روز کائيندو آھيان. جيتوڻيڪ اڄڪلھ اھي ڪئناڊا به اچڻ شروع ٿيون آھن پر پوءِ به ھتان جي تازي ۽ معياري نارنگين جو پنھنجو ئي سواد آھي. ايئن ھتان جي سوغات پپيتو ۽ ڏاڙھون به ورتم ۽ پوءِ اڄ جي آخري ميل ملاقات جي حوالي سان منزل پنھنجي ڀيڻ جي گھر پھتس جتي سڀني گھر ڀاتين سان ملڻ جلڻ کان پوءِ انھن سان رات جي ماني کائي گھر روانو ٿيس.

گھر پھچي سڀ کان پھريان شگر جي دوا کاڌم جيڪا مان روزانو معمول موجب استعمال ڪندو رھندو آھيان. اتي محترم سائين ڊاڪٽر محمد خان شيخ جو اھو رمارڪ ياد آيو جنھن ۾ ھن ڪئناڊا ۾ شگر جي مريض لاءِ دوائون، ڊاڪٽرن طرفان علاج۽ کاڌي جي پرھيز ۽ ان متعلق جيڪي ٻيون ھدايون ڏيندا آھن تن جي پڙھندڙن کي آگاھي ڏيڻ جو لکيو ھو.

مون کي ياد آھي ته اٽڪل پندرنھن سال اڳ جڏھن مون ڪنھن نئين لائيف انشورنس ڪمپني کان انشورنس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ھيم تڏھن ھنن پنھنجي طريقيڪار موجب منھنجو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايوھو. چند ڏينھن کان پوءمون کي موڪليل پيغام ۾ ھنن منھنجي انشورنس ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو.. ڪھڙو مسئلو آھي مون کانئن پڇيو جواب ۾ رڳو ھنن اھو ٻڌايو ته تنھنجو ميڊيڪل ڪليئر ڪونھي. ٻئي ڏينھن پنھنجي فيملي ڊاڪٽر وٽ ويس جنھن کي ماجرا ٻڌايم. ھن منھنجو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ٻڌايائين ته تنھنجي بلڊ ۾ شگر آھي ان ڪري تون ھاڻ روزانو شگر جون ۳ ٽڪيون کائڻ شروع ڪر. ان سان گڏ ھن چيو ته شگر سبب تنھنجي ڪولسٽرول وڌڻ ۽ ڪڊني تي اثر ٿيڻ جا به امڪان رھندا ان ڪري انھن ٻنھي جي اڳواٽ پرھيز طور انھن مان ھر ڪنھن لاءِ به دوا کائيندو رھ.

ھن وڌيڪ چيو ته روزانو گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڪلاڪ واڪ ڪر يا ورزش ڪندو ڪر. کاڌي ۾ اھي شيون کائڻ ڇڏي ڏي جنھن ۾ ڪاربوھا ئڊريٽ وڌيڪ آھي. يا تمام گھٽ ڪري ڇڏ. ميوو ڀلي کاءُ پر انب يا ڪيلي جھڙي مٺي ميوي کي کائڻ مھل ھٿ کي ڪنٽرول ڪري ان جو اڌ کاءُ. آخر ۾ ھن چيو ته ھڪ ڳالھ ٻڌي ڇڏ جيڪڏھن وڌيڪ ڪارب وارين شين جو استعمال جاري رکندين ته شگر جو ڪنٽرول ڏکيو ٿي ويندئي.

مون کيس وراڻيو ته ڊاڪٽر ماري ڇڏئي. منھنجي سامھون ته روز ٻوڙ ۽ ڪڻڪ جي ماني، دال چانور يا بريابي ايندي آھي جيڪا ٻين گھر ڀاتين سان گڏ شوق سان کائيندو آھيان. ھي تو ڪھڙي پابندي ھنئي جنھن سان کائڻ جو مزو ئي نڪري ويو. ياد آيو ته چار سال اڳ اونھاري جي مند ۾ جڏھن ڪراچي شھر ۾ ترسيل ھوس ته رات جي ماني ۾ اڪثر چانورن سان گڏانب به ايندا ھئا. ماني پوري ڪرڻ کان پوءِ منھنجو ڀاڻج شبير ڪولاچي چوندو ھو ته ماما ماني کي ڇڏيو ھي بچيل انب ته کائي پورا ڪريون. پوءِ بي رحمي سان اھي انب کائيندا ھئاسين. ٻيو ته مان چانھن گھڻي پيئندو ھوس جنھن ۾ ھر ڀيري کنڊ پوندي ھئي ۽ مٺو به گھڻو ۽ شوق سان کائيندو ھوس سو سڀ به بند ٿيو يا ان جي کائن ۾ اسپيڊ بريڪر لڳي ويو. نندپڻ ۾ ڪڻڪ جي اڦراٽي تي تازو مکڻ رکي کائيندا ھئاسين. ڪڏھن ان جي مٿان ماکي به وجھندا ھئاسين سو اڄ وڌيڪ ياد اچڻ لڳو ته ڪيئن ان جي کائڻ لاءِ مڪمل آزادي ھوندي ھئي سان ھاڻ اھا نه رھي.

ھتي مان اھا ڳالھ به پڙھندڙن سان ونڊيان ٿو ته ڪيتري شگر جي ليول کان پوءِ ماڻھو کي شگر جو مريض ڳڻجي تنھن جو فيصلو ڊاڪٽرن جي بجاءِ آمريڪا ۾ ھڪ بورڊ ڪري ٿو جنھن ۾ سڀ دواساز ڪمپنين جا سربراھ شامل آھن. ھو ٿوريون پوائنٽون گھٽ وڌ ڪن ته لکين شگر جا مريض وڌي وڃن ٿا جنھن سان ھو دواعن جو وڪرو وڌائي پئسا ڪمائين ٿا. ھاڻي اھو به راز ناھي رھيو ته اسٽڊي رپورٽون جن کي ماڻھو تحقيق جو نچوڙ سمجھي ويساھ ڪن ٿا سي سڀ ڪنھن مقصد لاءِ ٺھرايون وينديون آھن جن کي عام ڪرڻ سان ڪمپنين کي فائدو پھچي ٿو.

مٺين شين جي گھڻي استعمال کان پوءِ ڊاڪٽر طرفان انھن جي گھٽ ۾ گھٽ استعمال ڪرڻ جي ھدايت تي مون کي اسٽيل مل ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ انجنيئر جو قصو ياد آيو. ڪراچي سان تعلق رکندڙ ھي انجنيئر اسٽيل مل جي اسٽيل ميڪنگ جي شعبي ۾ ڪم ڪندو ھو. ھنن جي ٽيم سان ڪڏھن منجھند جي ماني کائڻ وقت سندن گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو ھو. جتي ٻيا چون ته ڪينٽين مان آيل ٻوڙ مان گيھ ڪڍي پوءِ کائو اتي ھي ھمراھ پليٽ مان ڍڪ ڀري اھو گيھ پي ويندو ھو ۽ چوندو ھو ته ڪجھ ڪو نه ٿو ٿئي اجايو ٿا ڊڄو. ڪجھ وقت کانپوءِ اوچتو کيس دل جو دورو ٿيو جنھن جي علاج کان پوءِ ٺيڪ ته ٿي ويو پر ڊاڪٽر ٻي احتياط ڪرڻ سان گڏ کيس گيھ نه کائڻ جي ھدايت ڪئي. ان ڪري ھو پرھيز جي ماني کڻي ايندو ھو. ھڪ ڏينھن ان لنڄ جي ڪچھري ۾ ھڪ چوياري جي ھڪ ساٿي چيس ته دوست تنھنجي زندگي لاءِ لکيل سڄو گيھ تو جلدي جلدي کائي پي پورو ڪيو. ھاڻي تنھن جي حصي جو بجو ئي ڪونھي جو تون کي ملي. اھو حال منھنجو به ٿيو مون به پنھنجي حصي جو مٺاڻ تيزي سان پورو ڪيو ان ڪري ھاڻ کائڻ لاءِ گھٽ ئي بچيو آھي.

ڊاڪٽرن جي دوا ۽ ھدايتن کان پوءِ شگر جي مريضن پنھنجا تجربا ۽ صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون. اسان جو ھڪ دوست جيڪو ان مرض جو مريض آھي تنھن ھڪ ڀيرو ٻڌايو ته ڏونگھي ۽ السي جو اٽو گڏي ان ۾ ٿورو اسپنگر ملائي ان جي ماني پڇرائي ڪنھن ڀاڄي سان کائيندو ڪر. انھن ۾ شگر آھي ئي ڪونہ. مون ائين ئي ڪيو. ٻن ٽن ڏينھن جي استعمال کان پوءِ واڪ ڪندي يا ھلندي ڦرندي چڪرائڻ لڳس. ڇا ٿيو پريشان ٿيس. محسوس ٿيو ته جسم ۾ شگر گھٽجي ويئي آھي ٿوري سوچي ٻئي ڏينھن گھر واري کي چيم ته اڄ مون کي نيرن ٻه اڦراٽا پچائي ڏي. اھي بئي کاڌم ۽ ڏينھن ٻه کاڌي جو احتياط به بند ڪيم. ٻن ڏينھن کان پوءِ وري ڀڙ محسوس ڪرڻ لڳس. ھاڻي وري ان ئي دوست ھڪ قسم جي چانورن جو ڏس ڏنو آھي جنھن ۾ عام چانور جي ڀيٽ ۾ ڏھون حصو ڪارب آھي. ھاڻي اھي کائيندو آھيان. ڪئناڊا ۾ اھي سھوليتون موجود آھن ته اھڙيون شيون ملي ٿيون وڃن. پنھنجي ملڪ ۾ به ٻاجھري جھڙا اناج موجود آھن جنھن ۾ ڪارب گھٽ آھي. ھتي به مان ٻاجھري جي ماني کائيندو آھيان. ورزش ۾ پنڌ ڪرڻ جيتوڻيڪ سٺو آھي پر ڪو وزن کڻڻ واري ورزش ڪري ته ان سان جسم جي رڳن ۾ کنڊ جي طلب وڌي ٿي تنھن ڪري اھا جسم ۾ موجود کنڊ کي ھضم ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.

ھر ڪنھن جا پنھنجا تجربا ۽ ٽوٽڪا پر سو ڳالھ جي ھڪ ڳالھ ته جن شين ۾ ڪارب گهٽ آھي انھن جو استعمال ڪجي ۽ ڪا نه ڪا ورزش ڪجي. باقي ماڻھو گھڻو فڪر به نه ڪري. ھتي اھو به واضح ڪريان ته جيڪو ڪجھ مون لکيو آھي سو ٻڌو ۽ ڏٺو آھي سو بيان ڪيو آھي اھا پيشي ڄاڻندڙ جي ڪا ماھراڻي راءِ ڪونھي. ان ڪري ھر ڪو ڊاڪٽر سان صلاح ڪري پنھنجا فيصلا ڪري.

اڄ ڇنڇر جو ڏينھن ھو. گھڻو وقت گھر ملاقات لاءِ ايندڙ مٽن مائٽن ۽ دوستن سان گذريو. شام ڌاري شھر مان عبدالجبار لاشاري، ڊاڪٽر برما جيسراڻي ۽ گلشن حديد مان قاضي منير احمد، عبدالرسول بلالي، امتياز دانش ۽ ٻيا دوست اچي نڪتا. دعا سلام، پراڻيون نيون ڳالھيون. اسان جي حوالن جي دنيا به نرالي آھي سڄو ڏينھن ويٺا ڳالھائيندا آھيون. ڪچھري ايئن به بنا موضوع جي ٿيندي آھي. موضوع تي ته ڪو ليڪچر يا ورڪشاپ ٿيندو آھي. ان ڪري ڪچھري جا موضوع ۽ رنگ پيا بدلبا آھن.

اسان جي ھڪ دوست آمريڪا ۾ ھڪ اين جي او کولي جتي ھن يونيورسٽي مان ھڪ گوري ڇوڪري جون خدمتون ٽن مھينن لاءِ انٽرنشپ تي ڪم ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيون. ان گوري ڇوڪري ھن جي آفيس ۾ اٽڪل ھڪ مھينو ڪم ڪيو ته ڏينھن کي ھن کي چيائين ته توھان جھڳي ڏاڍي ٿا ھڻو. ھن وراڻيس ته ھي جيڪو تون ڏسين ٿي اھو ته ٽيلر آھي باقي اصل حوال ته اسان پنھنجي ديس ۾ ان وقت ڪندا آھيون جڏھن وقت جي قيد ڪانه ھوندي آھي.

اسان جي حوالن جو به اھڙو ئي جھان آھي. چون ٿا ته آمريڪا جي ھڪ شراب خاني ۾ ٻن ماڻھن شراب ويٺي پيتو. انھن مان ھڪ پيئندي روئي رھيو ھو ٻئي سڪون سان ويٺي پيتو. جيڪو سڪون سان ويٺو ھو تنھن روئڻ واري کان پڇيو ته دوست خير ته آھي تو آخر روئين ڇو ٿو. ان تي روئڻ واري ھمراھ وراڻيس ته يار زال سان پيار ھو. ھوءِ بيوفائي ڪري جدا ٿي ويئي ۽ ملڪيت به کڻي ويئي ھاڻي نه پيار رھيو ته نه وري ڪا جائداد. ٽٽي چڪو آھيان ان ڪري ويٺو پيئان ۽ رئان. جواب ۾ ان ھمراھ وري ھن کان پڇيو ته تون ڏاڍو مطمئن ٿو نظر اچين تون پنھنجي زندگي ڪيئن ٿو گذارين ٿو. ھن وراڻيس ته مون ۽ زال شادي جي پھرين ڏينھن کان ئي ڪم ويرھائي ڇڏيا ھئا ان ڪري ھر ڪو پنھنجا ڪم ڪندو آھي تنھن ڪري ھر ڪو مطمئن رھندو آھي. مون ننڍا ڪم زال جي حوالي ڪيا ۽ وڏا ڪم پاڻ ڪرڻ لاءِ رکيا. ھمراھ پڇيس ته ننڍا ۽ وڏا ڪم ڪھڙا آھن جيڪي توھان ورھايا. ھن وراڻيس ته پئسا، گھر، ٻار، ملڪيت، ڪھڙي پاڙي، ڪھڙي شھر ۾ رھڻو آھي سي ننڍا ڪم آھن سو گھر واري ڪندي آھي. باقي تون ڪھڙا وڏا ڪم ڪندو آھين. ھن چيس ته مان ويھي سوچيندو آھيان ته آمريڪا شام يا عراق تي حملو ڪري يا نه، آمريڪا افغانستان جو فوجون ڇو ڪڍيون، ھاڻي ڪھڙي ملڪ ۾ لاھيندو وغيرھ وغيرھ.

سو ان آمريڪي ھمراھ وانگر اسان به ڪچھري ڪندي وڏا ڪم ڪندا رھندا آھيون. ان حوالي سان ھڪ نوجوان به ياد آيو جنھن سان اٽڪل چار سال اڳ ڪراچي ۾ ملاقات ٿي ھئي. ڪلف لڳل ڪاٽن پاتل، اھو نوجوان جڏھن ملي ڪچھري ۾ ويٺو ته سواءِ وزير اعظم جي پاليسين ۽ بيانن کان گھٽ ڪو نه پئي ڳالھايائين. ٻه ٽي ڀيرا مليو پر گفتگو جو موضوع اھڙو ئي ۽ انداز به ساڳيو. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ سندس والد مون کي مليو جنھن سان منھنجي پراڻي ڄاڻ سڃاڻ ھئي. دعا سلام ڪري کيس چيم ته يار تو وارو پٽ ته ڏاڍو قابل آھي. وراڻيائين ته نڀاڳو ڪري ڪجھ ڪو نه. رڳو ڪپڙا پائي پيو ھيڏانھن ھوڏانھن ڦرندو آھي. مون ھن جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ جائداد وڪڻي باقي وڃي ڪجھ بچائي آھي. اھا به ويئي ته گھر ڪيئن ھلندو تنھن جي فڪر ۾ رھان ٿو. مون ان کي به چيو ته ھي نوجوان وڏا ڪم ٿو سوچي ان ڪري ننڍن ڪمن تي سندس اک نه ٿي ٻڏي.

سو سائين اسان سنڌين جڏھن ننڍا ڪم ڪرڻ تي پورو ڌيان ڏنو ته سنڌ جي قسمت بدلجي ويندي.

شام جو اسان جي سنگت به منھنجي گھر خيرن خبرن ڪرڻ سان گڏ وڏن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. رات ٿي ته ڪنھن ھوٽل تي ماني کائڻ لاءِ نڪتاسين. اڳ ھتي شيراز نالي ھڪ وڏو ھوٽل ھو جتي ڪڙاھي، تڪا ۽ بيا کاڌا وسيع کليل ميدان تي لڳل صندلن تي ملندا ھئا. ھاڻي خبر پئي ته مين روڊ تي اھڙا ڪيئي معياري ھوٽل کلي ويا آھن جيڪي گھڻو ڪري پٺاڻن جا آھن. ان سان گڏ ڪي معياري شادي ھال به کلي ويا آھن جيڪي پڻ غير سنڌين جي ملڪيت آھن. اتي منھنجي ذھن ۾ آيو ته سنڌين جي رھڻ لاءِ ھي پسند جو پرامن علائقو جتي سيڙپ کي ڪو خوف خطرو به ڪونھي پر اتي به پئسي وارا سنڌي وڌي ڪو معياري ڌنڌو خاص ھن فائدي واري ھوٽلن جي ڌنڌي ۾ گرمجوشي سان ڪو نه ٿا داخل ٿين. جيتوڻيڪ ھتي ننڍن ڌنڌن، ڪمن ڪارين ۾ سنڌي ماڻھو متحرڪ نظر آيو پر سٺن ۽ وڏن ڌنڌن جو اڃا به رحجان گھٽ نظر آيو.

مين روڊ تي جيڪي ٻه ھوٽل مشھور آھن انھن ۾ ھڪ ديا ٻيو زيتون. زيتون بابت ٻڌايو ويو ته اتي رش ڏاڍي ٿي ٿئي ان ڪري اتي ويھي ڪچھري ڪرڻ جو لطف گھٽ ئي ايندو. ٻيو ديا آھي جنھن ۾ ڪجھ رش گھٽ ٿئي ٿي. سنگت جي صلاح تي ديا ھوٽل ۾ وڃي صندلن تي ويٺاسين. صاف سٿرو، سروس به معياري، کاڌن جو مينو ۾ پسند جون ڊشون شامل ھيون. ھنن ھوٽلن تي ماڻھن گھڻو ڪري گوشت کائڻ اچن ٿا. بلاول ھائوس ويجھو سمنڊ ڪناري واري روڊ تي دعا نالي ھڪ ريسٽورنٽ آھي جيڪو بظاھر پٺاڻ ملازمن جي ڪثرت ڪري پٺاڻن جو ھوٽل لڳندو آھي پر اصل ۾ اھو ڪراچي شھر جي ھڪ سنڌي خواجه جو آھي. ھن سان پوئين ڀيري مسعود لوھار وٽ ڪچھري ٿي تنھن کي جڏھن مون چيو ته يار پنھنجي ھوٽل ۾ ڪي سبزيون به رک تنھن تي ھن وراڻيو ھو ته ماڻھو رات جو ھتي گوشت کائڻ لاءِ اچن ٿا. ان جو ئي گھڻو وڪرو ۽ ان ۾ ئي جھجھي ڪمائي آھي. ان ڪري ان جي معياري ھجڻ تي زور ڏيندا آھيون. واقعي مون دوستن خاص ڪري ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙي، ڊاڪٽر شاھد قريشي، مبشر ملڪ، عبدالجبار لاشاري ۽ ٻين دوستن سان ڪيئي ڀيرا اتي ڪڙاھي کاڌي آھي. واقعي ان جو پنھنجو معيار آھي.

اسان به ھتي ڪڙاھي ۽ تڪن جو آرڊر ڏئي پنھنجي ڪچھري ۾ وري محو ٿي وياسين. ڊاڪٽر برما جيڪو واٽر بورڊ ۾ ڊپٽي ميديڪل سپريڊنٽ آھي سو ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان اسان سان ملڻ لاءِ آيو ھو. متحرڪ ڊاڪٽر، سڄاڻ شخص، انساني حقن جي حوالي سان ٿيندڙ احتجاج ۾ سدائين اڳڀرو ۽ سول سوسائٽي سان جڙيل رھندو آھي. ان ڪري سماجي معاملن کان گھڻو باخبر آھي. قاضي منير احمد موري شھر جي علمي گھراڻي جو فرد آھي جيڪو پاڻ وسيع معالعي رکڻ سان گڏ لکندو به رھي ٿو. امتياز دانش اڀرندڙ ستارو آھي جيڪو شاعري کان ويندي ادب جي ڪافي معلومات رکي ۽ اسان جي تنظيم اسڪالا ڪئناڊا جي پروگرامن جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪري اڳڀرو رھندو آھي. عبدالرسول بلالي اسان جي اسٽيل مل جو ساٿي ھجڻ سان گڏ ھن شھر جو ھڪ متحرڪ ڪردار آھي. عبدالجبار لاشاري ته ڪئناڊا ۾ اسان جي چوياري جو دوست اھي ۽ ھتي ھجي يا اتي ھجي ھر وقت اسان جي ساٿ ۾ رھي ٿو.

ڪڙاھي اچڻ تي بيري کي گھرائي گرم گرم نان جي بار بار تقاضا پئي ٿي ته جيئن کائڻ جو لطف وڌي. اھا ڳالھ به نوٽ ڪيم ته ھي پٺاڻ بئرا جيڪي عام طور تي چانھن جي ھوٽل تي گھٽ ئي مھذب انداز ۾ ڳالھائيندا آھن انھن جو ھتي رويو ڪنھن وڏي ھوٽل جي ويٽر وانگر سليقي سان ھو. ھوٽل وارو ڪاروباري پنھنجي کاڌي جي معيار جي خيال ڪرڻ سان گڏ سروس جو به خيال رکندو جيڪڏھن نه ته پوءِ گراھڪ ٻيھر ڇو ايندا. ھي ھوٽل جيڪو گلشن حديد جي ويجھو روڊ تي آھي تنھن جي کاڌي ۽ سروس جي ايتري معياري ھجڻ جو اندازو ڪو نه ھو.

ھتي سوال اھو به آھي ته پٺاڻ جيڪو ٻاھران اچي ٿو سو عام مزدوري کان ويندي ننڍي ۾ ننڍو ڪاروبار ڪري ٿو. جنھن وٽ پئسو آھي اھو وري وڏي ڪاروبار ۾ ھٿ وجھي ٿو. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھو اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪاروباري ذھنيت ۽ عمل رکي ٿو. اسان جو عام سنڌي ھنر ۽ ڪاروبار ۾ دلچسپي ڇو گھٽ رکون ٿا تنھن جا ڪيئي سماجي سبب آھن. ان تي ھر ڪنھن جو پنھنجو رايو آھي.

پر اھڙن ھوٽلن تي شوق سان کاڌي کائڻ وارن ۾ سنڌين جو تناسب ڪافي رھي ٿو. اھو اسان جي پسند جو مشغلو آھي باقي ٻين ڪمن لاءِ پئسو بچي يا نه بچي. ڇا دل ٿي ڪڍي، سنگت سان چوياري جو لطف اچي ٿو. ملي ويھڻ لاءِ لطف اچي ٿو تنھن تي پئسي خرچ ڪرڻ ۾ ھٿ جا کليا آھيون. ائين به اسان ۾ شان سان رھڻ وارو رويو ورثي ۾ مليل آھي. جنھن لاءِ شاعر چيو آھي تہ

لانڍي ھجي لوڙھي اندر، رھڻ لاءِ ڪکن جي،

ڏيکارجي دشمن کي، مگر لوڏ لکن جي.

اسان ذاتي ٺاھ ٽوھ، ٺٺ ٺانگرجي حوالي سان نرگسيت جو شڪار آھيون اوترو ئي جي زندگي جي ٻين پھلوئن تي متوازن طور ڌيان ڏجي ته ذاتي کان قومي ترقي ۾ مدد ملي وڃي. ياد اٿم ته لاڙڪاڻي شھر ۾ ھڪ ھمراھ سان ملاقات ٿي. بوسڪي جو وڳو پھريل ان نوجوان جو رنگ ڍنگ متاثر ڪندڙ ھو. ڏينھن ٻن کان پوءِ جڏھن ڪنھن سانگي ھن جي گھر وڃڻ ٿيو ته گھر جو برو حال، ڪٿان ڀت ڀڳل، رنگ روغن ڦٽل، ظاھري ڏيک ۾ گھر جو برو حال پئي نظر آيو. مون سوچيو ته ڪاش ھي ھمراھ پنھنجي ڪپڙن لٽن جھڙو ڌيان گھر کي ٺيڪ رکڻ تي به ڏئي ھاته سندس گھر به بھتر حالت ۾ ھجي ھا.

گلشن حديد ۾ رھندي سنگت ساٿ سان ميل ملاقات ئي مکيه مشغلو رھيو. ٻئي ڏينھن منھجھند ڌاري پنھنجي پراڻي ۽ اسڪول جي ڏينھن جي دوست ارشاد ڪٽپر سان ملڻ ويس. اڄڪلھ ھو به رٽائرڊ زندگي گذاري رھيو آھي. مون کيس فون ڪري پھريان پنھنجي پاڪستان اچڻ جو خبر ٻڌائي. پوءِ کانئس پڇيم ته جي واندو ھجين ته چانھن جي ڪوپ تي خبرون چارون ڪريون. وراڻيائن ته ھلي آ. مان ھن جي گھر طرف روانو ٿي ويس. ڏھن منٽن ۾ اچي سندس گھر پھتس. سندس زور ته گھر ۾ ويھون پر منھنجو ضد ته ٻاھر گھمندي ڦرندي ڪٿي ويھي چانھن ٿا پيون. منھنجي راءِ جو احترام ڪندي ھو مون سان گڏ ھليو.

ھي ارشاد ڪٽپر جيڪو ھاڻي بزرگ آھي تنھن سان پھرين ملاقات باڊھ ھاءِ اسڪول ۾ ٿي ھئي. سندس اصل تعلق نئون ديرو سان آھي. اسان جي اسڪول جو ھيڊ ماستر ڪريم بخش کھڙو سندس والد جو دوست ھو جنھن ناتي ھو ڪي مھينا ھتي پڙھڻ آيو. انھن ڏينھن ۾ ڪنھن سٺي سرڪاري اسڪول، ڪاليج، اتي جي ماحول جي وڏي اھميت ھوندي ھئي. سندس والد صاحب محمد آچر ڪٽپر پٽ سان ملڻ ۽ ان جي خبر چار وٺڻ لاءِ آيو ھو. پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر ھو. سندس تخلص مخمور ھو. سنڌي فائينل پاس ڪرڻ سان گڏ عالم اديب جي سند به ورتي ھئائين. ھڪ وقت کيس بھترين استاد جو ايوارڊ به مليو ھو. اسان جي درخواست تي ھن سنڌي گرامر تي ليڪچر ڏنو ھو جيڪو مون کي اڄ به ياد ايندو آھي. ان حوالي سان ڇا ته وٽس علم ھو. ھن سنڌي گرامر تي ڪتاب به لکيو ھو. سندس سادي طبيعت کان پوءِ علم جي ڄاڻ کي ڏسي شاھ لطيف جو ھو شعر ياد ايندو ھو ته

سُڪا مُنھن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛

سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونھان جِتِ مُنجَهن؛

ڳُجها ڳُجهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.

ايئن اسان جو استاد سائين غلام رسول راز به سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ٻولي جي گھري ڄاڻ رکندو ھو. ھڪ ڏينھن سندس سامھون ھڪ نوجوان ڪچھري ڪندي چيو ته يار بوريت ٿي پئي آھي. ان تي راز صاحب چيس ته واھ ڙي نوجوان تو ته انگريزي لفظ جو به اسم ٺاھي ڇڏيو. بس اڄڪلھ ٻوليءَ جو استعمال ايئن آھي ته ٺھي نه ٺھي پر وٺ رينگٽ کي. ٻوليءَ جي اھم حصي گرامر بابت اڄڪلھ جي پڙھيل ماڻھن کي گھڻي ڄاڻ آھي؟. حقيقت ۾ گرامر جي استعمال سان لکندڙ پنھنجو موقف، درست ۽ مختصر لفظن جي استعمال سان موثر طريقي سان ٻين تائين پھچائي سگھي ٿو. گرامر جي اصولن تي کليل ٻولي درست ۽ سھڻي ٿئي ٿي. حيرت آھي بنا گرامر جي ڄاڻ جي اسان لکندڙ لئي مان لٺ ڀڄي پيا جھان ھلايون.

ارشاد ڪٽپر سان اھو ٿورن مھينن جو تعلق سڄي عمر جي دوستي جو بڻياد بڻجي ويو. مان جڏھن گلشن حديد ۾ ھوندو آھيان ته ساڻس ڪي گھڙيون ڪچھري ڪندو آھيان. ھي اھڙن پڙھيل ماڻھن مان آھي جيڪي ڳالھ سمجحن ۽ سمجھائڻ جي سمجھ رکن ٿا. ھو نظرياتي ماڻھو رھيو آھي. اسان ٻئي ھڪ مزاج ۽ فقيراڻي طبيعت جا مالڪ ۽ حقيقت پسند آھيون. ھلندي اچي ھڪ پٺاڻ جي ھوٽل تي ڪرسيون ڇڪي ويھي ٻن ڦڪين چانھن جو آرڊر ڏئي دنيا جھان کي لتاڙڻ لڳاسين.

مون کي ذاتي طور تي ڪنھن اھڙي ماڻھو سان ملڻ جلڻ پسند نه ھوندو آھي جيڪو احساس برتري يا احساس ڪمتري جو شڪار ھجي. اسان مان ڪي ھوائن تي پيا ھلن حسن درس ان شعر وانگر ته

ھوائن تي ھليس آ، نظر ڪجھ ڪو نه ٿي آيو.

ٻيا وري اھڙا جيڪي پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش بجاءِ ٻئي کان پاڻ کي گھٽ پيا سمجھندا. اسان سنڌين ۾ اھو نفسياتي مرض آھي ته اسان پنھنجن جي آڏو وڏائي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون ته ڪنھن ڌارئي جي سامھون وري احساس ڪمتري ۾ ھوندا آھيون. ايستائين جو اسان سنڌين کي ڪمتر سمجھندي ڪو ڌاريو طنز ڪري ته اسان ان سان مھاڏو اٽڪائڻ کان بچڻ لاءِ ڪن لٽار ڪري ويندا آھيون.

گلشن حديد جيڪا پرامن بستي ھئي اتي ھاڻي ڏوھ جي وارڌاتن جا قصا ٻڌڻ ۾ پئي آيا. شام جي وقت خاص ڪري اوندھ ٿيڻ کان پوءِ جڏھن به پنڌ ڪري واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪيم ته ميزبانن اھو چيو ته اسان توھان کي گاڏي ۾ گھر ڇڏي ٿا اچون. منھنجو ضد ته مان پنڌ ڪرڻ کي پسند ڪريان ٿو تنھن تي اھو چوندا ھئا ته ڦر جو ڪافي وارڌاتون ٿي رھيون آھي ان ڪري احتياط ضروري آھي. ڪو بئنڪ يا اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍي رستي ۾ ھلي ته ان کان ڦر، ٿورو ڪو اويلي وقت ۾ ڪنھن گھٽ مصروف ھنڌ تي نظر آيو ته ان کان موبائيل ۽ رقم جي ڦر. ڳالھيون ٻڌي ٻڌي مون تي به ان جو اثر ٿيڻ لڳو جو مان پنڌ نڪرڻ تي واليٽ گھر رکي ٿورا ڪي پسئا کيسي ۾ رکي نڪرندو ھوس. اھي به خبرون ھيون ته ڪن شاھينگن ھڪ بئنڪ جي اي ٽي ايم مشين توڙڻ يا کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ننڍي ڏوھ جو عادي ٿيڻ کانپوءِ چور وڌي وڏو ڏوھ ڪري ٿو.

چون ٿا ته ھڪ دور ۾ آمريڪا جي شھر نيو يارڪ ۾ ڏوھ تمام گھڻا وڌي ويا ھئا. انھي صورتحال تي پريشان ٿيڻ کان پوءِ ھڪ اھڙي ماڻھو کي شھر جو پوليس ڪمشنر بڻايو ويو جيڪو پاڻ جواني ۾ ڏوھاري رھيو ھو. ھن عھدو سنڀالڻ ھيٺ پوليس کي حڪم ڪيو ھو ته وڏن ڏوھن جا ڪيس پاسي تي رکي سڄو زور گھٽين ۾ ننڍن ڏوھارين کي پڪڙڻ تي لڳايو. ايئن ئي ٿيو تنھن جي نتيجي ۾ ٽن مھينن اندر چاليھ سيڪڙو ڏوھ گھٽجي ويا ھئا. حقيقت ۾ معاشري ۾ خوف جو سبب به ھي ننڍا ڏوھاري ٿين ٿا جيڪي ايندي ويندي لاءِ مٿي جو سور رھن ٿا..

بک ۽ خوف عذاب الاھي چيو وڃي ٿو. ترقي پنھنجي جاءِ تي، ڏک بک ئي سھي پرجي ماحول ۾ امن آھي ته زندگي ته بي خوف گذاري ماڻھو پنھنجي گذر سفر تي ڌيان ڏيندا. اھو به ھڪ سوال آھي ته سنڌ جي سماج ۾ جنن، جورن ڌاڙيلن، کان پير مرشد جي بد دعا جو خوف يا وڏي ماڻھو جي ڏمر جو ڊڄ موجود رھيو آھي. ان خوف ۾ رھندي اسان سنڌين جو ذھن ڪڏھن سڪون يا آزاد سوچ سان نه رھيو آھي. ڌارين ڪاھ ڪندڙن جو خوف کان پوءِ سماج اندر پنھنجن جيڪو خوف جو ڄار وڇايو آھي تنھن مان نڪرڻ ئي ڏکيو ٿي پيو آھي.

سنڌ ۾ جڏھن ڌاڙيل فيڪٽر سبب بدامني عروج تي ھئي. ماڻھو پنھنجي پاڇي کان به پيا ڊڄندا ھئا انھن ڏينھن ۾ مان ڳوٺ ويو ھوس. ان ڏينھن سج لٿي کانپوءِ بازار مان پئي لنھگياسين ته اوچتو شھر جي بجلي بند ٿي وئي. اسان ھوريان ھوريان پئي ھلياسين. اتي اوچتو ڪنھن اچي منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو. نظر ڦيرايم ته سندس ڪلھي ۾ بندوق لٽڪيل ھئي. سوچيم ته اڄ اغوا تي ويس. اتي ان ھمراھ چيو ته ادا ڪيئن آھيو، ڪڏھن آيا آھي. مون کيس چيو ته نڀاڳا مون کي ته ڊيڄاري ڇڏئي. سڃاتم ته اسان جي ھڪ دوست خاندان جو فرد ھو جن سان سٺا لاڳاپا ھئا. ٻڌايائين ته ڳوٺ ۾ ڪنھن پارٽي سان تڪرار ھلي پيو تنھن ڪي حفاظت جي مقصد سان بندوق رکندو آھيان. پوءِ چيائين ته ويھو ته ڪٿي چانھن پيئون. مون چيو ھينئر جان ڇڏ تو وارا دشمن اچن ته توسان گڏ اسان کي ماري وڃن. تو واري چانھن جي چڪر ۾ اسان جو به سر نه وڃي. خير ان وقت اوندھ ۾ ويھڻ جو ماحول به ڪو نه ھو ان ڪري ٻئي ڏينھن ملڻ جو چئي کانئس موڪلايم.

ٻئي ڀيري وري مان بازار مان اچي رھيو ھوس ته ھڪ اسڪول جي زماني جو دوست رستي ۾ ملي ويو. ھو ڏوھارين جي سرپرستي ڪرڻ ۽ شھر ۾ غنڊا گردي ڪرڻ لڳو ھو. مون کي ڏسي وڌي اچي مليو. دعا سلام ڪري ڪنھن سوچ ۾ خاموش ٿي ويو. مون کيس چيو ته تون اھو سوچيندو ھوندين ته ھن کي اغوا ڪرڻ سان ڪيترا پئسا ملندا. ڦڪو ٿيو چيائين نه يار ائين وري ڪيئن ڪندس.

ٻئي ڏينھن صبح جو ننڊ مان اٿيس ته چانھن آئي ۽ ڀاڻج شبير ڪولاچي به اچي ويٺو. پنھنجي معمول جي حوالن ۾ محو ھئاسين ته فون جي گھنٽي وڳي. منصور مغيري پئي ڳالھايو. ھو پنھنجي زمين ڏانھن وڃڻ لاءِ نڪتو ھو رستي ۾ منھنجي گھر ھئڻ تي ھن مون کي ساڻ کڻڻ پئي چاھيو ته جيئن ملاقات سان گڏ زمين تي ڪجھ وقت گڏ گذارجي. مون کي اھڙي قدرتي ماحول ۾ وڃڻ جو موقعو پئي مليو تنھن ڪري کيس ٻڌايم ته مان گھر آھيان ۽ واندو آھيان ان ڪري توھان سان گڏ ھلڻ لاءِ تيار رھندس.

تيار ٿي نيرن ڪيم ته ھي به اچي نڪتو. ساڻس ھڪ ٻيو دوست به گڏ ھو. ملي دعا سلام ڪري ھتان مان ۽ غلام شبير ساڻس گڏ روانا ٿياسين. دعا سلام، خير خيريت پڇڻ کان پوءِ زماني جا حوال ڪرڻ ۾ لڳي وياسين.

ھو جيڪا زمين آباد ڪري ٿو سا گھارو شھر ويجھو آھي. مان اڳ به اتي وڃي چڪو آھيان جڏھن ھن اڃا ان زمين کي ھموار ڪري پوک ڪرڻ جي شروعات ڪئي ھئي. ھن ڀيري اتي پھتس ته زمين تي ڪيترن قسمن جون سايون ڀاڄيون، ڪڻڪ جي پوک ۽ پپيتي جي پوک نظر آئي.

پپيتي جي پوک کي ڏسي مون کي پراڻي ڳالھ ياد اچي ويئي. مون نوڪري دوران گھگھر ڦاٽڪ ويجھو ڪجھ زمين ورتي ھئي ته اتي ڪا پوک ڪبي. مون کي پپيتي لکائڻ جو خيال آيو جنھن لاءِ چيو پئي ويو ته ان ۾ سٺي اپت آھي. انھن ڏينھن ۾ اسان جي ھڪ دوست وٽ ھڪ نوجوان ذات جو جوکيو جنھن جو تعلق ھتان جي ٻھراڙي واري علائقي سان ھو تنھن سان پھرين ملاقات ٿي ھئي. مون ان سان اھڙو ذڪر ڪندي کانئس ان سلسلي ۾ معلومات وٺڻ يا ڪنھن اھڙي ماڻھو سان ملائڻ لاءِ چيو جيڪو ھن پوک جي معلومات ڏئي سگھي. ھو ھڪ ڏينھن اردو ۾ لکيل خط منھنجي دوست جي گھر ڇڏي ويو جنھن جي پھرين سٽ ھئي ته پپيتا لگانا ان ڪي بس ڪي بات نھين. ٻيو به ھيٺ گھڻو ڪجھ لکيل ھو. ان ڏينھن کان پوءِ ڪنھن نئين ڪم ڪار ۾ ھٿ وجھڻ لاءِ ان دوست سان صلاح ڪندو ھوس ته ھو اسا سٽ دھرائيندو ھو. ته پپيتا لگانا تمھاري بس کي پات نھين.

ان علائقي جو وڏو مسئلو نھري پاڻي جو نه ھجڻ جنھن ڪري ھي علائقو غير آباد رھيو پر ھاڻي ماڻھو سولر سسٽم تي بجلي ھلائي پمپن ذريعي پاڻي ڪڍي ان مان زمين آباد ڪن ٿا. ڪراچي جي ويجھي ھجڻ ڪري ھتي ساين ڀاڄين جي مارڪيٽ به سٺي آھي. ٻن ٽن سالن کان بنجر زمين تي محنت ڪري ھاڻ ھن ان مان ثمر حاصل ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ڪراچي ۾ رھندي به ھن کي جڏھن ڌنڌو ڪرڻو پيو ته اباڻي پيشي جي چونڊ ڪيائين سو به جديد طرز تي. زراعت سندس اباڻو پيشو آھي. ننڍپڻ ۾ ڌامراھ واھ جي ڪناري سندس والد جو زمينون زرخيز ۽ عاليشان ھيون جنھن جو ھي تسلسل ڏسي خوشي ٿيڻ سان گڏ پراڻيون يادون تازيون ٿيون.

پوئين ڀيري آيو ھوس ته ھن جي زمين تي شھر جي ڀر پاسي وارن گھرن مان ڪي نوجوان ڪم ڪندا ھئا. پر ھي سندن ڪارڪردگي مان مطمئن ڪو نه ھو. سندن جسم ڏٻرا، رنگ سانورا ٿي نظر آيا، سانورو رنگ ته ھن علائقي جي آبھوا جي سبب ممڪن آھي پر جسماني صحت اھو ظاھر پئي ڪيو ته ھنن کي پوري خوراڪ ڪو نه ٿي ملي. مون منصور کي صلاح ڏني ھئي ته ھنن کي ھتي چانھن به پيار ۽ ماني به کاراءِ. ھن منھنجي صلاح تي ڪجھ وقت ائين ڪيو پر پوءِ بيزار ٿي کين ڪڍي پنھنجي علائقي مان مزدور آندائين. ان تي کيس چيم ته اڳ ئي لاڙ، ٺٽي ۽ ڪراچي وارا اتراڌين تي خار کائيندا آھن. ھاڻي تنھن جي ھن عمل کي به ھن علائقي جا ماڻھو مقامي ماڻھن کي روزگار نه ڏيڻ وارو عمل ڄاڻائي ان جي نندا ڪندا. ايئن به ھن علائقي جي ماڻھن جو سست ھجڻ جو تاثر عام آھي. گھڻو وقت حوالن ۽ پسند جي مشعلي پان کائڻ ۾ ئي گذارين. ان حوالي سان ھڪ شعر به آھي تہ.

زال پڇيو مڙس کان ته؛ اڄ تو ڪھڙي ڪمائي ڪئي.

مڙس وراڻيو ته؛ وڃي ويٺاسين ھوٽل ۾ مون کان ڳالھ ئي وسري ويئي.

ڪاروباري ماڻھو کي ڪاروبار کي ڪامياب ڪرڻ سان گڏ پئسي ڪمائڻ جو فڪر ھوندو آھي. منھنجو ھڪ پنجاپي دوست جيڪو ڪاروباري ماڻھو آھي تنھن ڏانھن سندس سس ھڪ نوجوان کي موڪليو ته ھن کي نوڪري تي رک. ھن سس جو چوڻ وٺي ان کي نوڪري تي رکيو. اھو نوجوان ڪو سست ھو تنھن ڪم ۾ دلچسپي ڪو نه ٿي ورتي. ٿورا ڏينھن رکي سيٺ ان کي نوڪري مان جواب ڏنو. ان تي ان نوجوان چيس ته صاحب مون کي توھان جي سس نوڪري تي رکرايو آھي. تنھن تي ان مالڪ وراڻيس ته ھي ڌنڌو منھنجو آھي منھنجي سس جو ڪونھي. مون کي جيڪو مناسب لڳندو سو ئي ڪندس.

منھنجي ڀاڻج لانڍي ۾ ھڪ مينھن جو واڙو ورتو. ھي ھمراھ ھن ڪاروبار ۾ نئون ھو تنھن کي ھڪ تجربيڪار واڙي واري پھرين ڏينھن چيس ته جي واڙو ھلائڻو اٿئي ته پنجاپ جا چوڪرا ڪم تي رک. ھي روزانو پوري ڌيان ۽ پابندي جو ڪم آھي. مقامي ڇوڪرا موڪل گھڻي ڪندئي جنھن سان تو کي پريشاني ٿيندي. ايئن اسان جي نج ٻھراڙين جا اڻ پڙھيل ماڻھو به اھڙو ملازم پسند ڪن ٿا جيڪو ڊيوٽي جو پابند ھجي پوءِ ڪير به ھجي.

پوئين ڀيري آيس ته پاڙي جو ھڪ ڇوڪرو مليو تنھن ٻڌايو ته سال ڏيڍ کان مان ۽ منھنجو پي ھتي سيڪيورٽي گارڊ آھيون. ٻنھي مان ھر ھڪ کي پندرھن ھزار پگھار ملي ٿي. ھڪ ڪمرو وٺي ان ۾ رھون ٿا. ڊيوٽي ڪنھن سرندي واري جي بنگلي تي آھي جيڪو ڊيوٽي تي ھجڻ تي اسان کي ماني به ڏيندو آھي. سو ان نوڪري ۽ ڪمائي سبب خوش پئي نظر آيو. ھن ڀيري خبر پئي ته انھن ٻنھي کي ان ڪري جواب مليو جو ھو موڪل گھڻي ڪندا ھئا. ھاڻي ڳوٺ ۾ رھي مڙئي پيا وقت پاس ڪن.

اسان جو دوست راشد پيرزادو ڪراچي ۾ وٽنري ڊاڪٽر ھو. کيس ڳوٺ جي غريبن جو احساس ھو. ان جذبي ھيٺ ھن ھڪ ڇوڪري کي آڻي کيس پنھنجي ڪلنڪ ۾ ملازم رکيو. رھڻ لاءِ کيس جاءِ به وٺي ڏنائين ۽ سندس ماني ٽڪي جو به خيال رکندو ھو. ھڪ ڏينھن راشد جيئن ڪلنڪ تي آيو ته پنھنجي ٽيبل تي ھڪ پيپر پيل ڏٺائين. پڙھيائين ته ان ڇوڪري جو لکيل ھو جيڪو ڳوٺ ويندي اھو لکي ويو ھو تہ

عمر ديس پنھنجو وسارڻ ڏکيو آ.

ايئن منھنجو ھڪ ذات وارو نوجوان جنھن کي مون ئي پڪي نوڪري تي رکرايو ھو سو ٻه سال بي دلي نوڪري ڪري پوءِ بنا سبب جي نوڪري ڇڏي وڃي ڳوٺ ويٺو. ھو ڪو پئسي وارو به ڪو نه ھو پر اتان جي ڪچھرين ۽ حوالن ۾ ايڏي ڪشش ھئي جو ھو نوڪري ڇڏي ان روزمرھ جي جھان جو لطف وٺندو ھو. ھڪ ڏينھن سندس ھڪ مائٽ کان پڇيم ته ھي آخر ڪندو ڇا آھي وراڻيائن ته سائين ڇوڪرا جوا کيڏندا آھن ھي ويھي ڏسندو آھي.

انھن مثالن جو مطلب اھو ڪونھي ته ڪو سڀ ٻھراڙي جا ماڻھو اھڙا آھن. انھن جي پابندي سان نوڪري ڪرڻ ۽ ڪاميابين جا کوڙ مثال به موجود آھن پر مٿيون عنصر بھرحال موجود آھي ته اسان ۾ پنھنجي ماحول ۽ ڳوٺ جي سڪ ۽ ڇڪ وڌيڪ آھي جيڪا اسان جي روزگار ۾ ڪٿي رنڊڪ به بڻجي ٿي.

زمين تي ھڪ ملازم بندوق کنيو اسان سان گڏ پئي ھليو. تنھن بابت ٻڌايائين ته اسان جي سولر سسٽم جي جيڪا مھانگي بيٽري لڳل آھي تنھن کي ڪيئي ڀيرا چوري ڪرڻ جي ڪوشش ٿي آھي. ھاڻ بندوق وارو چوڪيدار آھي جنھن ھڪ ٻه ڀيرا چورن مٿان فائر ڪيا آھن ان کان پوءِ چور ڪو نه ٿا اچن.

منصور جو منصوبو آھي ته ھو ھتي ماڻھن جي پڪنڪ لاءِ ھٽ ٺھرائي ھن زمين کي تفريحي مقام به بڻائي. ان سلسلي ۾ ڊبل اسٽوري سيٽ اپ تي ڪم ھلي رھيو آھي جيڪو جزوي طور تي تيار به ٿي ويو آھي. اھا پھرين عمارت بانس جي لڪڙن ۽ ڪاٺين جي ٺاھي پئي وڃي. شاندار اڏاوت پئي لڳي. ھو اھو سلسلو وڌائي، علائقي جي ڪن نالي وارن ھوٽلن سان کاڌي پھچائڻ جو معاھدو ڪري ھتي قدرتي ماحول ۾ اچي رات گذارڻ ۽ زمين تي صبح جي وقت گھمڻ وارن لاءِ ھڪ ماحول پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل آھي. زمين ائين به موجود آھي اھا تفريح لاءِ ڇو نه استعمال ٿئي. ٻيو ته شھري ماڻھن لاءِ زرعي سياحت ھڪ نئون ۽ پرڪشش وسيلو ٿيندو.

منصور سان گڏ جيڪو ھمراھ آيو ھو تنھن پنھنجي تعارف ۾ ٻڌايو ته ھو ٽريزي ۾ ملازم آھي. منصور ٻڌايو ته ھي سڌو ماڻھو ۽ ڪم جو ڄاڻو آھي جنھن آفيس ۾ ھوندو آھي ان سيڪشن ۾ بي چيني ھوندي آھي. ان حوالي سان ھو ھمراھ به پنھن جا احوال ٻڌائيندو رھيو. ھن چيو ته مان ھڪ آفيس ۾ بدلي ٿي ويس جتي ھنن مون کي اھا ٽيبل ڏني جتي پوليس کاتي جا بل به ايندا ھئا. ھر مھيني پوليس کاتي جا اھي بل پئٽرول جا پئسا ڪيش ڪرڻ لاءِ ھوندا ھئا. اصل ۾ اھو پئٽرول ھر ٿاڻي کي ملڻو ھو جيڪو ھو مٿان ئي مٿان ھضم ڪندا رھندا ھئا. ھاڻ جي ايئن ٿئي ته ٿاڻي وارا موبائيلون ڪيئن ھلائين. ان ڪري ھر موبائل وارو پئٽرول جا پئسا به ڪڍي ته پنھنجو ۽ ٿاڻي لاءِ به خرچ ڪڍي جنھن جو وزن عوام تي ئي پوڻو آھي. نوجوان موجب مون ان تي اعتراض واريو جنھن تي ھو اچي پريشان ٿيا ته سندن ھي ھر مھيني وڏي آمدني جو در بند ٿي ويندو. ان تي ھڪ ڏينھن ايس ايس پي اسان جي آفيسر کي فون تي چيو ته جي اسان جا بل پاس نه ٿيا ته پوءِ تون اسان جو به جواب ڏسجان. ھو شريف ماڻھو ھو ان ڪري ڊڄي ويو ۽ مون کي چيائين يار مان تو کي ھن ٽيبل تان ھٽايان ٿو. پوليس وارن سان جھيڙو ڏکيو پوندو. ان ڪري رشوت پنھنجي جاءِ تي پر ڪرپشن ڪرڻ ۽ ڌانڌلي ۾ ڏاڍ جو به استعمال ٿئي ٿو.

 زمين جي ھر حصي ۾ وڃي گھمڻ ڪري سٺي ورزش به ٿي ويئي. اچي ان نئين زير اڏاوت جاءِ ۾ ويٺاسين جتي چاءِ جو چسڪو سٺو ۽ وقتائتو لڳو. آخر ۾ منصور نوڪرن کي چئي ڪجھ پپيتا ۽ سايون ڀاڄيون پٽرائي اسان کي ڏنيون.

ھي زمين ٻين ٽڪرين جي وچ ۾ آھي. ھڪ ٽڪري تي ته اڏاوت ٿي آھي پر سامھون واري ٽڪري خالي ھئي. مون منصور کي چيو ته جيڪڏھن ڪو سامھون واري ٽڪري تي جھنڊو ھڻي پير جي مزار ٺاھي ويھي رھي ته ان جي ڪمائي تنھنجي زمين کان به وڌي ويندي

ڊاڪٽر شاھد قريشي سان رابطي ۾ ھيس. ھو طي ٿيل پروگرام موجب اڱاري ڏينھن صبح جو منھنجي گھر آيو. دعا سلام ڪرڻ کان پوءِ شھر لاءِ نڪتاسين. مون ڪجھ ڪپڙا به پاڻ سان کنيا جو اتي سندس فليٽ تي رھڻو ھو. پاڻ ۾ حوال ويٺي ڪياسين ۽ گاڏي پئي ھلي. ڪٿي ڊرائيور جي جارحاڻي ڊرائيونگ تي ڊاڪٽرصاحب کيس احتياط سان گاڏي ھلائڻ جي تاڪيد ڪندو پئي رھيو پرڊرائيور پنھنجي روايتي انداز کان باز نه پئي آيو. مون ڊاڪٽر کي چيو ته ھن جي تربيت ئي ايئن ٿيل آھي ان ڪري تنھنجون ھدايتون ھن تي اثر ڪو نه ڪنديون. اتي مون کي مرحوم محمد بخش تنيي جو قصو ياد آيو.

ھي اسان جو دوست جڏھن ڪئناڊا پھتو ته جلد ڊرائيونگ لائسنس وٺڻ لاءِ گھربل روڊ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ويو. ڊرائيونگ کاتي جي عورت انسٽرڪٽر سندس ڊرائيونگ جي ڄاڻ ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ کيس ھاءِ وي تي گاڏي ھلائڻ جو چيو. ان دوران ان عورت انسٽڪٽر کيس کاٻي پاسي واري پٽي ۾ گاڏي موڙڻ جو چيو. ھن ھمراھ بنا انڊيڪيٽر ڏيڻ جي لائين مٽائي ڇڏي. ان تي ان انگريز عورت انسٽرڪٽر جون رڙيون نڪري ويون ۽ کيس چيو ته گاڏي ھاءِ وي کان ٻاھر ڪڍ. تون ته مون کي به مارائيندين. گاڏي ھاءِ کان ٻاھر نڪتي ته ھو آفيس پھچڻ کان اڳ روڊ تي لھي پئي. ڪٿي ماڻھو قائدي موجب ھلڻ جا عادي آھن ته اسان جي ھن ديس ۾ اڪثريت وري اڳ ڪڍڻ جي چڪر ۾ ھوندي آھي. ڪٿي ريڊ لائيٽ ٽوري ويندا آھن. اسان پوءِ ان ڊرائيور ظھير سولنگي کي تڪڙ ۽ اٻھرائي واري ڊرائيونگ سبب کيس پائلٽ چوڻ لڳاسين. روز ٽوڪڻ جي باوجود منھنجي واپس اچڻ وارن ڏينھن تائين ھن جي انداز ۾ ڪو فرق ڪو نه آيو ھو.

اسان جي ھڪ سرڪاري آفيسر دوست موجب ڪافي وقت اڳ ھڪ ڊرائيور کي سرڪاري نوڪري ملي ته ان جي پوسٽنگ مون وٽ ٿي. پھرين ڏينھن ئي ڪيڏانھن وڃڻو ھو سو کيس گاڏي ڪڍي ھلڻ لاءِ چيم. شروع ۾ ئي ھن کان گاڏي ڪنٽرول ڪو نه پئي ٿي. ان تي مون کيس ٽوڪيو ته گاڏي ته سنڀالي ھلاءِ. تنھن تي ھن وراڻيو ھو ته صاحب اڪيلو ماڻھو آھيان اسٽيرنگ سنڀاليان، ايڪسيليٽر دٻايان، بريڪ ھڻان، گيئر مٽايان ايترن ڪمن ڪرڻ ۾ ڪجھ ڏکيائي ته ٿيندي. مون کيس چيو ته لھ گاڏي تان مان پاڻ ٿو ھلايان. اصل ۾ اھو ڊرائيور سفارش تي ڀرتي ٿي آيو ھو تنھن جي قابليت ڪانه جاچي ويئي ھئي. لائسنس ته ايئن به ٺھي وڃي ٿو. شايد اسان جي دوست احمد علي بروھي واري ڳالھ جيان نوڪري ڪندي، سکي ويندو.

احمد علي بروھي اسان جي پاڙي جو نوجوان ھو. پرائيويٽ انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ نوڪري جي تلاش ۾ ھو. انھن ڏينھن ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ بلوچستان سيڪريٽريٽ ۾ نوڪريون ھجڻ جي اطلاع تي ھي اتي وڃي پھتو. اعتماد ڪجھ وڌيڪ ھيس يا مٿي ڦريل ھو تنھن ڪري نتيجي جي پرواھ بنا جيڪو سمجھ ۾ ايندو ھوس سو ھڪ ڀيرو ڪري وجھندو ھو. ان ڏينھن ڳوٺ جو ٻيو نوجوان به گڏ ھيس. ھو ڪيترن آفيسرن وٽ وڃي نوڪري لاءِ عرض ڪرڻ سان گڏ اتي درخواست ڇڏيندا پئي رھيا. جيڪو ھمراھ ساڻس گڏ ھو تنھن مطابق ھلندي جڏھن ھيلٿ کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس وٽ پھتاسين ته ھي مون کي وٺي ان ۾ گھڙي پيو. ان کي چيائين ته صاحب اسان بلوچ آھيون ان ڪري اسان بلوچستان جي ھر علائقي ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ وڃي سگھون ٿا. توھان اسان کي ڪنھن اسپتال ۾ ڪمپائونڊر جي نوڪري ڏيو. آفيسر پڇيس ته توھان ڪمپائونڊر جو ڪورس ڪيو آھي. ھن چيس ته اھو ته ڪو نه ڪيو آھي باقي سر ڪم سولو آھي سو جلد سکي وينداسين. اھا سئي ھڻڻ ۽ دوا ڏيڻ جو ئي ڪم آھي سو ڪم ڪندي اچي ويندو. ھن جي منٿ ته سر اسان غريبن کي روزگار ڏيو ڪم سکي وينداسين. ھو چوي ته بابا بنا سرٽيفڪيٽ جي اھا نوڪري مان نه ٿو ڏئي سگھان. ھي ھڪ تي ھو ٻئي تي. نيٺ آفيسر جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو تنھن اسان کي آفيس مان ٻاھر وڃڻ جو حڪم ڏنو.

اسان به سفر ڪندي اچي ڊاڪٽر شاھد قريشي جي فليٽ تي پھتاسين. ھي فليٽ ابيدا نالي ٽاور ۾ آھي جيڪو فاطمه جناح روڊ تي ڪينٽ اسٽيشن ويجھو آھي. ھن روڊ تي کاٻي پاسي ڪنڊ تي قائد اعظم جو اڳوڻو گھر آھي ان کان پوءِ واري ھڪ بنگلي ۾ آمريڪي ڪائونسليٽ جنرل رھندو ھو. اڳتي پاڪ آمريڪن ڪلچرل سينٽر آھي جتي نوجوان انگريزي سکڻ اچن ٿا. ساڄي پاسي سنڌ ڪلب کان پوءِ فريئر ھال لڳ ھي بلڊنگ آھي جنھن جي سامھون ھندستان جي ھاءِ ڪميشن جي بلڊنگ آھي جيڪا اڄڪلھ خالي ۽ بند پئي آھي. سول لائين ۾ واقع ھي ابيدا ٽاور جي لوڪيشن سٺي آھي. جتان صدر، سنڌ سيڪريٽريٽ، آرٽس ڪائونسل، پريس ڪلب ويجھو آھن. ٻي گھٽي ۾ ميرٽ ھوٽل آھي. ايئن اھا ان علائقي ۾ واقع آھي جيڪو رھڻ لاءِ نھايت ئي پر امن، پر سڪون ۽ موزون آھي.

فليٽ ۾ اندر داخل ٿياسين ته اھو ڪافي ڪشادو ھو. ۴ ڪشادن بيڊ رومن سان گڏ ڊرائنگ ۽ ڊائيننگ روم تي ٻڌل آھي. ھي فليٽ خالي پيو ھو ڊاڪٽر صاحب ان کي وڪڻڻ جو سوچي رھيو ھو پر اسان جي اچڻ تي ھن وقتي طور تي اھو ارادو ترڪ ڪري ان ۾ فرنيچر کان ويندي رھيل مرمت جو ڪم به مڪمل ڪرائي ڇڏيو ھو. مون ۽ مبشر ملڪ کي ھن ڀيري ھن فليٽ ۾ رھڻو ھو. مبشر ملڪ ستين تاريخ تي پھچڻو ھو تنھن جي اچڻ جو انتظار ھو. اتي پھچڻ تي مون سامان رکيو. ڊاڪٽر صاحب ٿوري دير مون سان رھي پوءِ پنھنجي نوڪري لاءِ روانو ٿيو ۽ مان ڪمپيوٽر تي ايندڙ فنڪشن جي منصوبه بندي تي ڪم ڪرڻ ۾ لڳي ويس.

شام ٿي ته ڊاڪٽر شاھد قريشي به آفيس مان آيو ته سندس ملازم راشد مھيسر به اچي پھتو. راشد کي چانھن ٺاھڻ جو چيوسين. ھن چانھن ته ٺاھي پر ان جي پيش ڪرڻ جي انداز تي ڊاڪٽر کي چيم ته ھي ڪو تربيت يافته ٿو لڳي جو بيحد سليقي سان پليٽ ۾ پاڻي آڻي ٿو ڏئي ۽ چانھن پيش ڪرڻ جو انداز به سليقي سان اٿس. ڊاڪٽر شاھد وراڻيو ته اسان جي کاتي جي تربيتي پروگرام سبب اسان اٽڪل ھڪ مھينو مھراڻ ھوٽل ۾ ويندا رھياسين. اتي ھي ويٽر ھو. جلد خبر پئي ته ھي سنڌي ڇوڪرو آھي. ھي روز اسان جي خدمت تي مامور ھوندو ھو. سندس فضيلت واري گفتگو ۽ نياز نوڙت وارو انداز کي ڏسي مون کيس چيو ته تون موٽ شام جي وقت ايندو ڪر، فليٽ ۾ جيڪو ڪم ڪار ھجي اھو ڪندو ڪر خاص ڪري جيستائين مھمان ھتي رھيل ھجن انھن جي خدمت ڪندو ڪر. ان ڪري ھن ھتي اچڻ شروع ڪيو آھي. ھي نوجوان پوءِ شام جو اچي ويندو ھو. ھن وقت ھو ريجنٽ پلازا ھوٽل ۾ ويٽر آھي. ٻھراڙي جو ھي نوجوان شھر جي اھڙي ڌنڌي ۾ اچي ڪاميابي سان نوڪري ڪري ٿو جنھن پيشي طرف ماڻھن جو گھٽ ئي ڌيان آھي.

ڏينھن جي وقت ڪن دوستن کي شھر اچي رھڻ جو اطلاع ڏنم تن مان ڪيترن ملڻ پئي چاھيو. شام جو ڊاڪٽر شاھد کي بحريه ٽائون موٽي وڃڻو ھو. ھو اصل ۾ اتي ئي رھي ٿو جتي سندس ٻيا ٽي ڀائر به رھن. خاندان جي اتي رھڻ ڪري ھن جو اتي رھڻ ضروري ٿي پيو. اڄ شام جو ھن کي بحريه ٽائون وڃڻو ھو ان ڪري کيس اجازت ڏنم. پوءِ سڀ کان ويجھو رھندڙ دوست ڊاڪٽر جئي رام داس وٽ وڃي ساڻس ملڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ جو پروگرام ٺاھي ان کي اچڻ جو اطلاع ڏنم. ھو پرنس ڪامپليس جي ھڪ اپارٽمينٽ ۾ رھي ٿو جيڪو ڪلفٽن پل لڳ آھي ۽ منھنجي رھائش کان ٿوري پنڌ تي ھو. مان ڪريم جي ٽيڪسي گھرائي ان تي وٽس پھتس. پھريان ته اھا نه وڻيس ته تون ٻڌائين ھا ته مان گاڏي موڪلي ڏيان ھا. کيس چيم خير آھي ڪجھ ڪريم جي ڊرائيورن کي به ڪمائڻ ڏي.

جئي رام داس سان پھرين ملاقات ڪئناڊا ۾ ٿي ھئي جتي ھو ڊاڪٽر پير غلام حسين سان گڏجي ڪنھن سرڪاري ڪم سانگي آيو ھو. ان ملاقات کان ئي اسان جي دوستي جو ناتو جڙي ويو. ھاڻ جڏھن به ايندا آھيون ته ھن وٽ اڪثر ڪري وڃي کائڻ پيئڻ کان ويندي ڪيڏانھن ھلڻ جون فرمائشون ڪندا آھيون. ھي جوان به خدمت ۾ ھر ڀيري اڳ کان اڳرو ھوندو آھي. ھن سان پھريون ڀيرو تعارف کان پوءِ جلد سٺي دوستي ٿي ويئي. حيدرآباد وڃڻ تي وري ڊاڪٽر پير غلام حسين جا مھمان ھوندا آھيون جنھن سان به ڀائري وارو واسطو جڙجي ويو آھي ان شعر وانگر تہ

ڪي ڪي اکيون اوپريون، توڙي ڄاڻ سڃاڻ،

ڪي ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نيھن نياڻ،

ڇڪجي پنھنجو پاڻ، جڙجي وڃن جيءَ ۾.

اتر سنڌ جي ڪنڌ ڪوٽ واري علائقي سان تعلق رکڻ ڪري جئي رام داس جو مزاج به اترادي آھي. اترادي سٺو ھجي ته دوستي ۾ لاجواب پر جي ڪو چنڊو ھجي ته رب پناھ ڏئي. منھنجي مشاھدي موجب اتراڌي يا صفا سٺو ھوندو يا صفا چنڊو ھوندو آھي. وچٿرو گھٽ ئي ھوندو آھي. اسان جو ھي دوست به دلبر ماڻھو آھي. ھن فليٽ ۾ اڪيلو رھندو آھي.. گرمجوشي سان ملي چانھن ٺھرائي پاپڙ آڏو رکي پوءِ کاڌي ۾ پسند پڇيائين. مون کيس ڪن سبزين جي فرمائش ڪئي پر ھن ان ۾ پنھنجي مرضي سان مڇي به شامل ڪئي. سندس ڊرائيور بورچي جو ڪم به ڪندو آھي. ٿر سان تعلق رکندڙ ھي سنھو سڪو بندري قد جو نوجوان جيترو سٺو ڊرائيور آھي اوترو سٺو بورچي به آھي. سبزي بھترين ٺاھيندو آھي. ڊنر تي ويٺاسين ته جئي رام داس چيو ته ھي مڇي کائي ڏس. کاڌم ته ڏاڍي وڻي. ان تي چيائين ته ھي نوجوان ويجيٽيرين (سبزي کائيندڙ) آھي پاڻ ڪڏھن مڇي ڪو نه کائي پر مڇي ٺاھيندو عاليشان آھي. واقعي سندس پڪايل سڀ کاڌا لذيذ ھئا جنھن ڪري شوق سان کاڌاسين.

رات جي وقت ھو جڏھن مون کي فليٽ تي ڇڏڻ آيو ته کانئس پڇيم ته ھتي خوش آھين يا ٿر وڌيڪ پسند اٿئي وراڻيائن ته ھي ٿر جو مث ته ناھي. اتي اسان جو جھان نرالو آھي. اتي ياد آيو ته دنيا ٿر کي مسئلن جو گھر سمجھي ٿي. ميڊيا به اھڙو تاثر ڏيندي رھي ٿي پر شاعر جي منظر ڪشي جو به ڪمال ڏسو جنھن چيو آھي تہ

دلڪش ھر منظر آ ڄڻ ڪو سونھن ننگر آ

سون ورني ھي ڌرتي ۽ سرمئي امبر آ

اھڙو منھنجو ٿر آ

واقعي اھڙو آھي يا نه ان تي ھر ڪنھن جي پنھنجي پنھنجي راءِ ھوندي.

رات مبشر ملڪ به اچي پھتو. ملڪ صاحب ڪئناڊا ۾ اسان جي چوياري جو مکيه ميمبر ھجڻ سان گڏ اسان جي تنظيم اسڪالا جي ٽيم جو اھم ميمبر آھي. اسان جي سفر جو ساٿي پڻ آھي. ملنساري، مھمان نوازي ۽ سنڌ پرستي سندس خمير ۾ سمايل آھي. اسان ڪيتري به ڪوشش ڪريون پر ھن سان برابري ڪرڻ ڏکي آھي. جيترو ئي ھي مھمان نواز آھي اوتري ئي سندس گھر واري ساڳيو جذبو رکي ٿي. جڏھن سندن پٽ جي شادي ٿي ۽ سندن ننھن جي پاڪستان مان اچڻ لاءِ ڪاغذن جي تياري پئي ھلي ته ان دوران ان ڇوڪري سان سس جي گفتگو ٿيندي رھندي ھئي. ٻين ڳالھين جي بريفنگ ڏيڻ سان گڏ کيس اھو به ٻڌايائين ته اسان جي گھر ۾ مھمان گھڻا ايندا اٿئي اھا ڳالھ اڳ ۾ ئي ذھن ۾ رکجان.

صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته چانھن جو سامان موجود ھجڻ ڪري چانھن ٺاھي پيئندي ھڪ ٻئي کان گذريل چند ڏينھن جا حال احوال ورتاسين. پوءِ نيرن ڪرڻ جو سوچيو سين. ڊاڪٽر شاھد قريشي ٻڌايو ھو ته ڪا به شي گھرائڻي ھجي ته ھيٺ رسيپشن تي ويٺل ڇوڪرن کي چئو ته اھي وٺي ايندا پر اسان عام زندگي جو حصو ٿيڻ ۽ روز مرھ جي جھان ڏسڻ جي خيال کان اسٽيشن ويجھو ھوٽلن تي وڃي نيرن ڪرڻ جو فيصلو ڪيوسين. عام ماڻھو وانگر بندشن کان آزاد ٿي رھڻ جو پنھنجو لطف آھي. ڪنھن به حوالي سان بندش پوءِ اھا معاشرو وجھي يا شخصي مرتبي سبب ماڻھو پنھنجو پاڻ تي وجھي تنھن سان آزادي کسجي ٿي.

چند منٽن جي پنڌ تي ھي ڪينٽ اسٽيشن جو جھان ھو. اسٽيشن به عجيب دنيا ھوندي آھي جتي مسافر ايندي ويندي ٿوري وقت گذاريندو آھي. پاڙي واري دڪانداري جتي ھڪ ٻئي سان روز واسطو پوي ٿو تنھن کان اسٽينشنن تي دڪاندارن جا رويا مختلف ھوندا آھن.

رستي ۾ سڀ کان پھريان ٻه دڪان ھئا جيڪي سٺي نموني منظم ۽ اسٽيشن جي روايتي ڪلچر کان گھڻا مختلف ھئا. واپسي تي جڏھن اتان روزمرھ جون شيون خريد ڪيوسين ته اھا خبر پئي ته اھي ٻئي دڪان سنڌي ڳالھائندڙ ديوانن جا آھن تن جا گراھڪ ڀر پاسي کوڙ ٺھي ويل فليٽ بلنڊنگ جا رھواسي آھن. دڪانداري ڪرڻ ۾ ايئن به ھندو ڪميونٽي اڳڀري آھي جيڪي ڌنڌي جو خيال ڪرڻ ۽ ان کي وقت ڏيڻ جو مزاج رکن ٿا.

اسان جي ڳوٺ ۾ ڪپڙي جي دڪان جو ديوان مالڪ جنھن سان منھنجي والد صاحب جي ڏيتي ليتي رھندي ھئي تنھن کي اسان ھميشه دڪان تي ئي ويٺل ڏٺو يا ڪڏھن گھر ويندي ڏٺو جنھن جو دروازو دڪان لڳ ھيو. اسان جو ھي علائقو زرعي آھي ان سان گڏ باقي ڌنڌي واپار جو دارو مدار به زرعي جنسن ۽ انھن جي اپت تي آھي. ھن چانورن واري بيلٽ ۾ نھري پاڻي ھڪ موسم يعني اونھاري ۾ ايندو آھي. جڏھن باڊھ شھر جي ھڪ پاسي ۾ وھندڙ رائيس ڪئنال ۾ اونھاري جي مند ۾ پاڻي وھي ايندو آھي ته ان کي ڏسي خوشي جي لھر اچي ويندي آھي. ڪي ان کي وھندو ڏسڻ ويندا آھن ته ڪي وري گرمي جي مند ۾ ان جي ڪناري وڃي تفريح ڪندا آھن. ان ديوان سيٺ موجب ٻه ٽي سال ٿيا آھن جو مان پنڌ ڪري شھر اندر وھندڙ ان ڪئنال تائين به نه ويو آھيان. ان ڳالھ مان ھن طرفان دڪانداري کي وقت ڏيڻ جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.

ٿوري اڳتي وڌياسين ته فٽ پاٿ تي ٻه ٽي حجام ٽيبل رکيون ماڻھن جي حجامت ڪندي نظر آيا. ھنن فٽ پاٿ تي ننڍي ٽيبل ۽ ڪرسي رکي دڪان کولي ڇڏيا آھن. ڏھاڙي لڳائي شام جو وري اھو سامان کڻي ڇڏيندا آھن. اڳتي وڌياسين ته فٽ پاٿ تي کٽون ۽ ڪي بسترا نظر آيا. معلوم ٿيو ته اھي رات جو ڪرائي تي ھلائيندا آھن جن لاءِ فٽ پاٿ ۽ روڊ جو ھڪ حصو استعمال ٿيندو آھي. ظاھر آھي اھو پوليس ۽ ميونسپالٽي جي عملي کي ڀتوڏيڻ بنا ھلائڻ ممڪن ڪو نه ھو. اڳتي پٺاڻ جا روايتي دڪان نظر آيا جنھن کان پوءِ بس اڏا ھئا جن جي ٽڪيٽن جي بڪنگ لاءِ ملازم ٽيبل لڳايون ويٺا ھئا ۽ ٽڪيٽون ويٺي وڪيائون سامھون ڪيئي بسون بيٺيون ھيون.

اسان ڏس مليل قلندري ھوٽل تي اچي پھتاسين. ھي ھوٽل گھوٽڪي جي ڪنھن ديوان جو ٻڌايو ويو. اسان اتي پھتاسين ته سامھون دخل تي سيٺ يا مينيجر ويٺو ھو. روايتي ھوٽلن وانگي بيرن کاڌو پئي ڏنو. گراھڪن ۾ اڪثر ڪري بس لاءِ انتظار ڪندڙ مسافر ھئا. اسان جي ٽيبل تي بيروآرڊر وٺڻ آيو ته ملڪ صاحب ان کي پنھنجي روايتي انداز ۾ ايڊاونس ۾ ٽپ ڏنو جنھن تي ھو وڌيڪ ڌيان سان اسان جي خدمت ۾ دلچسپي ڏيکارڻ لڳو. ملڪ صاحب بيري کي گلاس اسان جي خريد ڪيل منرل واٽر سان ڌوئڻ جو چيو. ان سان گڏ ڊسپوزبل پليٽن ۾ کاڌي آڻڻ جو به چيو. آرڊر ڏئي اسان ڳالھين ۾ محو رھيان ان دوران ڏٺوسين ته دخل تي ويٺل سيٺ گھنٽي وڃائي ويٽرن کان بل ڏيندڙ جي بل جي رقم پئي پڇي. اتي مون کي ان منظر جا ڪي قصا ذھن ۾ اچڻ لڳا.

لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ شاگرد ھوندي اسان گھڻو ڪري ماني ميس ۾ ئي کائيندا ھئاسين پر ڪڏھن ڪڏھن ميس بند ھجڻ تي ماني کائڻ يا چانھن پيئڻ لاءِ ھوٽل تي وڃي ويھندا ھئاسين. ھڪ ڏنھن ويٺا ھئاسين ته بيري اسان جي پاسي واري ٽيبل تي اچي ھڪ گراھڪ آڏو ماني رکي جيڪا ھو کائڻ لڳو. کائيندي جڏھن پاڻي پيئڻ جو خيال آيس ته بيرو غلطي سان اتي پاڻي رکي ڪو نه ويو ھو. ان ھمراھ سيٺ کي رڙ ڪري چيو ته سيٺ صاحب منھنجي ھن ماني جو خيال ڪر ته مان ڪٿان پاڻي پي اچان. سيٺ بيري کي دڙڪا ڏئي ان کي پاڻي جو جڳ پھچرايو.

ھڪ ٻئي ڀيري وري ھڪ ھمراھ گوشت جي پليٽ گھرائي جنھن جي کائڻ دوران کيس محسوس ٿيو ته گوشت ڪچو آھي. ان تي ھن ھمراھ آواز ڏئي سيٺ کي متوجھ ڪيو ۽ چيائين ته سيٺ صاحب اچي منھنجي پٽڪي کي جھل ته مان ٻوٽي پٽي کاوان. ان تي به سيٺ بئري کي اھا پليٽ کڻي ٻئي سٺي ٻور مان ڏيڻ جو حڪم ڪيو.

اھو اڳ جي روين ۽ ھاڻوڪن ۾ فرق آھي. ڌيان ڇڪائڻ جو مھذب رويو. يا کلندي ڀوڳ جي انداز ۾ ڪنھن کي غلطي جو احساس ڏيارڻ. جي ھاڻ ائين ٿئي ھا ته گراھڪ جو رد عمل جارحاڻو ۽ بدتميزي وارو ھجي ھا. اھي مٿيون ٻئي ڳالھيون مون اڳ به ھڪ ڀيرو پوسٽ رکي ونڊيون ھيون. جن نه پڙھيون ھيون تن لاءِ ھي ونڊ ڪجي ٿي.

نيرن آئي کائي بس ڪئي سين ته بيري ھڪ ننڍي پليٽ ۾ جنھوري ٽڪين (منٽ جون ٽڪيون) جا ٽڪر، وڏف ۽ ڏند کوٽڻ جون تيليون آڻي ڏنيون. مون اھي ٽڪيون کڻي وات ۾ وڌيون. ياد آيون ته سکر ۾ ٺھندڙ ھي ٽڪيون ننڍپڻ وارن ڏينھن ۾ پيٽ جي سور پوڻ تي پھرين دوا ليکيون وينديون ھيون. گھڻو ڪري ھر گھر ۾ اھي رکيل ھونديون ھيون. ان سان گڏ ھڪ شربت ايندو ھو جنھن کي پيپرمنٽ چوندا ھئاسين. اھو شربت به پيٽ جي سور جي دوا طور استعمال ٿيندو ھو. منھنجي ماءُ جيتري وقت زندھ ھئي ته اھا ھاضمي لاءِ ھي ٽڪي اڪثر ڪري استعمال ڪندي ھئي. ان ڪري پان اچڻ تي يا پاڪستان مان ايندڙ کان اھي گھرائي رکندو ھوس. ائين ڪئناڊا ۾ اسان جي گھر ۾ اھا پراڻي ٽڪي اڄ به رکيل ھوندي آھي. ڪئناڊا ۽ مغرب ۾ پڻ منٽ جون ننڊيون ٽڪيون گورا ستعمال ڪندا آھن. واندا ٿي بل ادا ڪري ھوٽل مان نڪتاسين.

ھلندي ملڪ صاحب جي نظر ھڪ اخبارن جي اسٽال تي پئي جتي سنڌي، انگريزي ۽ اردو اخبارون ۽ رسالا رکيل ھئا. ھن سنڌي اخبار خريد ڪندي چيو ته تنھن جو ننڍو پٽ جميل تو کي چوندو ھو ته بابا تون ننڊ مان اٿي ٿو سنڌي اخبارون پڙھين پوءِ تنھنجي انگريزي وري ڪيئن بھتر ٿيندي. اھا ڳالھ ياد آئي ان ڪري تنھنجي پڙھڻ لاءِ ھي سنڌي اخبار ورتي اٿم. تون روز آن لائين سنڌي اخبارون پڙھندو آھين اڄ ھي ھارڊ ڪاپي پڙھ.

ٿورو اڳتي آياسين ته روڊ جي ٻئي پاسي فروٽ جي اسٽالن تي نظر پئي جتان تازو ميوو ورتوسين. ھن موسم ۾ نارنگي، لاڙڪاڻي جا زيتون، سدا بھار ڪيلا ۽ ٻيون شيون ورتيوسين. اتي روز اچي ميوو وٺڻ سان پوءِ اھو محسوس ٿيو ته ھي سڀ اسٽالن وارا سرائڪي بيلٽ سان تعلق رکن ٿا جن جي ھتي ھڪ ھٽي آھي جو ھتي ڪو ٻيو ريڙھي وارو نظر نه پئي آيو. ٻين عالئقن ۾ وڃو ته کوڙ ريڙھي وارا نظر ايندا پر ھتي ھنن کان سواءِ ورلي ڪو نظر آيو ھڪ ھٽي جي ڪري ھو فروٽ بازار جي اگھ جي ڀيٽ ۾ مھانگو وڪڻي رھيا ھئا.

اڳتي اچي ديوانن جي جنرل اسٽور تان روزمرھ جي استعمال جون کٽل شيون ورتيون سين. ان سان گڏ رحمت شيرين دڪان تان ڪيڪ رسڪ، بسڪوٽ، پيٽيز ۽ ٻيون شيون وٺي ٿيلھون ھٿن ۾ کڻي فليٽ طرف راھي ٿياسين. اتي پھچتاسين ته ڊاڪٽر شاھد قريشي به اچي پھتو. تنھن اسان جو حال احوال ورتو، نيرن ڪيو يا نہ. کيس ٻڌايوسين ته نيرن ته ڇا اسان ته عياشي ڪري آيا آھيون. ان عياشي جو کيس تفصيل ٻڌايو سين.

ياد آيو ته مون پھرين نوڪري زراعت کاتي ۾ شروع ڪئي ھئي. ان کاتي جي ايگريڪلچرل انجنيئر وٽ خيرپور ميرس ۾ منھنجي پوسٽنگ ھئي. انھن ڏينھن ۾ ھڪ اسسٽنٽ انجنيئر بدلي ٿي آيو ھو. جڏھن ھن جوائننگ ڏني ته اتفاق سان مان انجنيئر وٽ ويٺو ھوس. وقت به موڪل جو ٿيڻ وارو ھو. حال احوال ڪندي انجنيئر کانئس پڇيو ته ھاڻ ڇا پروگرام آھي. انجنيئر جو خيال ھو ته ھي ھمراھ ھن شھر ۾ نئون آيو آھي متان کيس ڪنھن مدد جي ضرورت ھجي.

ان اسسٽنٽ انجنيئر وراڻيس ته سکر وڃي رات عياشي ڪندس صبح جو واپس ايندس.

انجنيئر جيڪو شريف ماڻھو ھو سو خاموش ٿي ويو. تنھن جي وضاحت ڪندي ان نئين اسسٽنٽ انجنيئر چيو ته سر، ڪٿي رات جي ماني کائينداسين ۽ ان سان گڏ ڪو فلم ڏسنداسين. بس اھا ئي اسان جي عياشي آھي.

ھتي رھندي ڪن دوستن سان رابطا ڪياسين، ڪن اسان جي اچڻ جو ٻڌي پاڻ ئي رابطا ڪيا سندن قرب. دوست، دوستي ۽ ان جو چس اسان جي سنڌي سماجي زندگي جي سگھ، تفريح ۽ ساٿ جو اھم جز آھي. سنڌ جي زرعي سماج ۾ دوستي ڀروسي ۽ مدد جو ھڪ مک وسيلو رھيو آھي. ان جو ھڪ ڪلاس پڳ مٽ ياري آھي. اھو ٽرم انھن ماڻھن لاءِ وقف آھي جيڪي پنھنجي حلقي ۾ مڙس ماڻھو ۽ ياري ۾ رسڪ کڻڻ جي حد تائين وڃن ٿا. ان ناتي ۾ نفعي نقصان جو گھٽ کي سوچيندا آھن. يار سان سر لڳي واري سوچ رکندا آھن.

منھنجو والد صاحب ٻڌائيندو ھو ته اسان تر جي ھڪ ڳوٺ ۾ ڪجھ وقت رھياسين. اتي ھڪ ھمراھ رھندو ھو جنھن کي ڳوٺ وارا مڙس ماڻھو چوندا ھئا. جھيڙي جھٽي کان ويندي چورن چڪارن سان ياري باشي ۾ اڳڀرو رھندو ھو. چئن پنجن ڪلوميٽرن تي ھڪ ٻئي ڳوٺ ۾ سندس پڳ مٽ يار رھندو ھو.. ھو ھڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا ھئا. ھڪ ڀيري وٽس اھو دوست آيو جنھن کي ھِن ٻه ٽي راتيون ترسائي ساڻس خوب ڪچھريون ڪيون. جڏھن ھُو وڃڻ لڳو ته ھِن چيس ته ھل مان تو کي ٿورو اڳتي ڇڏي اچان. ٻئي گڏ ھلندا رھيا جنھن دوارن ڳالھين ۾ محو رھيا. ايستائين جو ھُن ٻئي ھمراھ جي ڳوٺ پھچي ويا. اتي وري ھُن چيس ته يار ھاڻ تون منھنجي ڳوٺ پھچي ويو آھين تنھن ڪري تو کي ڪٿي ڇڏيندس. ايئن ھُن ھمراھ کيس ٻه ٽي ڏينھن ترسائي ڇڏيو. وري ھُو ھِن کي ڇڏڻ لاءِ نڪتو ته ھِن جي ڳوٺ تائين اچي پھتو جتي وري ھِن ھمراھ ساڳئي نموني کيس ترسائي ڇڏيو. ائين جڏھن ٽي چار ڀيرا ھڪ ٻئي کي ترسائڻ ۽ ڇڏڻ ۾ پورا رھيا ته ان عمل کان بيزار ٿي سندس پوڙھي والد کڻي لٺ کنئي. کين چيائين ته پوک جو ڪم رنڊيو پيو آھي توھان وتو ٿا ھڪ ٻئي کي ڇڏيندا ۽ ھڪ ٻئي جا مھمان ٿيندا. ھي ڪم ڪير ڪندو. سندس يار کي چيائين ته بس کوڙ ٿيو پنھنجي ڳوٺ روانو ٿي. ايئن پوڙھي زور سان سندس ساٿ ٽوڙيو.

ياري جا به ڪلاس آھن ھڪڙو يار جنھن سان عشق ٿئي ٿو. اھو يار ته روح کي ول جيان وڪوڙي ٿو وڃي، ان جي منھن کي چنڊ کان مٿي ڄاڻجي ٿو. ان جي انتظار، اچڻ جي آسري، ھن جي ديدار جي جھلڪ لاءِ سڪڻ ۽ واجھائڻ. ان جي جدائي ۾ ڪارا ويس ڪرڻ. جيئن جلال چانڊيي جو ڪلام آھي ته

پرديس ھليو وئين پيارا،

تو لاءِ ويس ڪيا مون ڪارا.

ٻيو دوست جيڪو اسان جي سماجي زندگي جو ساٿي آھي جنھن ۾ ھن سان سٺو وقت گذارڻ، ساٿ ڏيڻ، ڏک سک جو ساٿي ٿيڻ، ڏکيئي وقت ۾ مالي مدد ڏيڻ، ھڪ ٻئي جي ڀلائي، بھتري جي ڪاوشن ۾ مددگار ٿيڻ وارو رويو آھي. اسان جي مرداڻي سماج ۾ اھا دوستي فقط مرد سان ئي ھوندي آھي. اسان جي سماجي تفريح ڪچھري ھجي يا ڪا ٻي سماجي سرگرمي دوست ئي گھڻو ڪري صلاحڪار ۽ مددگار رھي ٿو.

زندگي جي سفر ۾ جيڪي مشاھدا ٿيا تن ۾ ڪي اھڙا ماڻھو مليا جيڪي سچا دوست ثابت ٿيا، ڪي اڌ رستي تائين ھليا، ڪي ته سفر جي شروعات ۾ ئي پڌرا ٿي پيا. جيڪو ان راھ ۾ ڌڪ کائي ٿو تنھن جو اصل سبب ان جي سادگي چئجي يا منجھس صلاحيتن جي کوٽ جو ھجڻ جو ھو ٽپتائي ماڻھن کي سڃاڻڻ ۾ دير ڪري ٿو. اسان جي ڳوٺ جو ھڪ بزرگ چوندو ھو ته ابا ڪو چنڊو ڀلي سو ڪوھ پري کان آيل ھجي تنھن کي مان منٽ ۾ سڃاڻي ويندو آھيان. اسان کانئس پڇندا ھئاسين ته اھو ڪيئن چاچا. وراڻيندو ھو ته ابا ھتي به ڪنھن چنڊي وٽ ئي ايندو. ان مان سمجھي وڃبو. اسان جي تر ۾ رھندڙ ھڪ رٽائرڊ فوجي چوندو ھو ته اسان جي فوج جي ماحول ۾ اھو چيو ويندو ھو ته جي ماني مان ڍئو نه ٿئي ته بورچي جو ڏوھ آھي پر جي کائيندي ٻوڙ کٽي پوي ته کائيندڙ جو ڏوھ آھي. ائين ماڻھو ڪٿي ڪو ڌڪ کائي ٿو ته ان ۾ پنھنجي ڪا ڪوتاھي ضرور ھوندي آھي.

اڄ اسان پنھنجي تنظيم اسڪالا جي سالياني فنڪشن لاءِ ھال ڏسڻ لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيو. ان حوالي سان پھرين آرٽس ڪائونسل ھئي جتي ٽي چار ننڍا وڏا ھال ۽ آڊيٽوريم آھن. ان ڪري ئي ھاڻي ڪراچي شھر جون اڪثر ادبي گڏجاڻيون ھتي ئي ٿين ٿيون. ھن اداري کي ڊگھي عرصي کان سنڌ سرڪار کان گرانٽ ملي ٿي جنھن سبب ئي ھي ھڪ وڏو ادارو بڻجي سامھون آيو آھي. ڊگھي عرصي کان ڪراچي شھر وانگر ھي ادارو به اوپرو لڳندو ھو. ھاڻي وڃي اتي ڪن سنڌين جاءِ جوڙي آھي. اڃا به ان جي انتظاميه، ان جي ڪارڪردگي تي ڪيئي سوال آھن جن جو ذڪر اڳتي ڪنھن قسط ۾ ڪبو.

مان ۽ مبشر ملڪ گڏ آرٽس ڪائونسل پھتاسين. اتي ملڻ جو اھڙو وقت رکيو ھيوسين جو ڊاڪٽر شاھد قريشي به لنچ بريڪ ۾ اچي ھال ڏسڻ لاءِ اسان سان گڏجي. اسان ٽنھي گڏجي انھن ھالن جي گنجائش، سھوليتن وغيرھ جو جائزو ورتو. ڊاڪٽر شاھد جي آفيس ھتان کان ويجھي ھئي سو واپس ھليو ويو. مان ۽ مبشر ملڪ سنڌ مدرسته الاسلام وياسين جتي ھڪ سٺي آڊيٽوريم ھجڻ جو ڏس مليو ھيو. ڪنھن واسطي سان اتي ھڪ ليڪچرار سان رابطو ٿيو. عجب علي لاشاري نالي ان نوجوان سان مقرر وقت تي ملڻ لاءِ وڃي پھتاسين. لاشاري صاحب کلئي دل سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اسان جي ساڻس پھرين ملاقات ھئي. ملڻ ۽ تعارف ٿيڻ کان پوءِ مھمانوازي جو مظارو ڪندي ھن اسان جي تواضع ڪئي. گفتگو دوران سندس ادبي ذوق کي محسوس ڪندي مون کيس پنھنجي آتم ڪٿا وارو ڪتاب ـ مان ۽ منھنجو جھان جي کيس ڪاپي ڏني جيڪا ھن ٿورن سان وصول ڪئي. ان کان پوءِ آڊيٽوريم جي گيٽ تي پھتاسين ته اھو بند مليو جنھن تي لاشاري صاحب ڪنھن کي فون ڪري ان کي کولرائڻ جو چيو. ان دوران ھو اسان کي ادارو ڏيکارڻ لڳو. اسان به پھريون ڀيرو ھت آيا ھئاسين ان ڪري ان کي ڏسڻ ۾ دلچسپي پئي ورتي سين.

ھي سنڌ جو اوائلي تعليمي ادارو آھي جنھن جو بنياد حسن علي آفندي سن ۱۸۸۵ ۾ رکيو ھو. قافلا سراءِ واري ھنڌ تي ٺھيل ھي ادارو چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽري بلڊنگ جي سامھون، حبيب بئنڪ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ لڳ وارو مصروف علائقو جيڪو شھر جو تجارتي ۽ مالي حب آھي ۾ واقع آھي. ھن اسڪول ۾ محمد علي جناح کان علاوھ شاھنواز ڀٽو، عبد الله ھارون، غلام حسين ھدايت الله، محمد ايوب کھڙو، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ ٻين نالي وارن تعليم دانن ۽ سياسي اڳواڻن پڻ تعليم ورتي ھئي. ڪراچي شھر جي ھن قديم اسڪول ۾ سڄي سنڌ جا نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا. ھاڻي ان اسڪول جو درجو وڌائي يونيورسٽي بڻايو ويو آھي

گھمندي لاشاري صاحب سنگت سان به ملائيندو پئي رھيو. ھڪ آفيس ۾ ھن انور ابڙي سان ملايو. انور ابڙو ڪنھن تعارف جو محتاج ڪونھي صحافت ۽ ادب جي دنيا سان ڊگھي عرصي کان لاڳاپيل آھي. ان سان گڏ ھن اداري ۾ ڊگھيون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائين. اسان جو پاڻ ۾ لکڻ پڙھڻ جي حوالي سان تعلق رھي ٿو پر روبرو ھي پھرين ملاقات ھئي. سندس تعلق اسان جي علائقي سان آھي. ملاقات تي ٻنھي کي سرھائي ٿي. ھڪ ٻئي کان خير خيريت پڇڻ سان گڏ کيس اچڻ جو مقصد به ٻڌايو سين. اڃا انھن حوالن ۾ ھئاسين ته آڊيٽورم کلي وڃڻ جو اطلاع مليو. اسان انور سميت وڃي اھو آڊيٽوريم ڏٺو جيڪو جديد سھوليتن سان آراسته ھجڻ سان گڏ ڪافي گجائش وارو ھو. اسان کي مجموعي طور تي اھو وڻيو. ايئن اھو ڏسي سنگت کي چيوسين ته اھو اسان پاڻ ئي انتظاميه کان وٺنداسين. ان ڪري جو اسان جي فنڪشن ۾ ڪا بي قائدگي ٿئي ته ان سبب ھنن کان ڪا پڇا نه ٿئي.

ائين آڊيٽوريم جو جائزو وٺي سنگت کان موڪلائي ٻاھر نڪري نڪتاسين ته ٿوري دير لاءِ شھر جي ان حصي جي مصروف زندگي جو مشاھدو ڪندا رھياسين. نيٺ گاڏي ۾ ويھي رش ۾ سفر ڪندي اچي فليٽ تي پھتاسين. ان ڏينھن ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو به ملڻ لاءِ اچڻو ھو تنھن سان ٻاھر ڪٿي ڊنر ڪرڻ جو پروگرام ٺھيل ھو. اسان فليٽ تي پھچي تازا ٿياسين ته عبدالحفيظ به اچي نڪتو باقي ڊاڪٽر شاھد قريشي جي پھچڻ جو انتظار ھو ٿوري دير پوءِ اسان جو ملازم راشد مھيسر به ريجنٽ پلازا ھوٽل مان ڊيوٽي پوري ڪري اچي پھتو.

راشد جي نياز نوڙت، سروس جي معيار ۽ تواضع ڪرڻ جي خواھش کي ڏسي چيم ته راشد پاڪستان مان وڃڻ کان پوءِ جيڪي ڳالھيون ياد اينديون انھن ۾ تنھنجي دل سان خدمت به شامل ھوندي. تنھنجي خدمت کي ياد ڪندي ٻروچ جو قصو ياد ايندو. چون ٿا ته ٻروچ جي زال گذاري ويئي ھئي سو ڏاڍو پئي رنو. ماڻھن چيس ته زال لاءِ ايترو ٿو روئين. کين وراڻائين ته اڙي زال ته نه ھئي ماءُ ھئي ماءُ.

شام جو ڊاڪٽر شاھد قريشي به اچي پھتو. ٿوري دير اتي فليٽ تي ڊاڪٽر عبدالحفيظ سان حال احوال ڪري پوءِ ماني لاءِ نڪتاسين. ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙي جو تعلق جيڪب آباد سان آھي. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آھي ۽ اڄڪلھ لياري اسپتال جي ايم ايس طور ڪم ڪري ٿو. جيئن پوئين ھڪ ڪالم ۾ مون لکيو ھو اتراڌي تمام سٺو يا صفا چنڊو ھوندو آھي. پر ھي اسان جو يار سٺن جي لسٽ ۾ به سڀني کان مٿاھون آھي. يارن جو يار، ساٿ نڀائڻ ۾ سڀني کان اڳتي، کري ۽ صاف سٿري طبيعت جو مالڪ آھي. اسان جتي به ھجون روز رابطي ۾ رھڻ سان گڏ ملڻ، کائڻ پيئڻ ۽ گڏجي گھمڻ ڦرڻ جو ڪو بھانو ڳوليندا آھيون. شاگردي جي زماني کان کاھوڙي ۽ ارڏي ڪردار جو مالڪ رھيو آھي. انھن مان آھي جن لاءِ شاھ سائين چيو آھي تہ

ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ، اچي بوءِ بھار جي.

 ڊاڪٽر حفيظ چيو ته اڄ ڊنر ۾ مان توھان کي بھٽرين گوشت ٿو کارايان. سندس پسند تي ڪلفٽن ۾ بلاول ھائوس جي سامھون واري علائقي ۾ دعا ريسٽورنٽ تي اچي پھتاسين. ھي ھوٽل سمنڊ ڪناري واري روڊ جي لڳ آھي جيڪو ٻن ٽن دڪانن جي جيتري جاءِ تي ٺھيل آھي. جتي دڪانن آڏو ئي کاڌو پچي ٿو. رات جي وقت ھلندڙ ھن ھوٽل لاءِ دڪانن جي آڏو وارو ميدان استعمال ٿئي ٿو. عمارت تي ڪو خرچ ڪو نه رڳو سٺو کاڌو رکي سرڪاري زمين جو استعمال ڪري پئسو ڪمائين ٿا. ڪراچي شھر ۾ اھڙي اسٽائيل جا ڪيئي ھوٽل آھن پٺاڻ ملازمن جي اڪثريت سبب ھي ھوٽل بظاھر ڪنھن پٺاڻ مالڪ جو لڳندو آھي پر اصل ۾ ھڪ ڪراچي جي سنڌي جو آھي جيڪو اڄ به سٺي سنڌي ۾ گفتگو ڪندو آھي.

ھن ھوٽل تي پوئين ڀيري به ڊاڪٽر حفيظ ابڙو وٺي آيو اھا تعريف ڪري ته ھن جي ڪڙاھي تمام سٺي آھي. واقعي سٺي ھئي ان ڪري ھن ڀيري شوق سان آياسين. ڊاڪٽر عبدالحفيظ کي ھتان جي جھان جي خبر ھئي ان ڪري پاڻ مٿان بيھي وڃي گوشت ڪٽرائي پچرائڻ لاءِ ڏئي آيو. ان سان گڏ چانپ به ڪٽرائي ان کي بار بي ڪيو ڪرڻ لاءِ چئي آيو. صندلن تي ويھي ڪچھري ڪندي ڏٺم ته سڀ صندل ڀريل ھئي ۽ ماڻھو ايندا ٿي رھيا. ائين ان جو ڌنڌو زورن تي نظر آيو.

اسان سنڌ جا ماڻھو بنيادي طور تي گوشت خور ڪو نه رھيا آھيون. اسان ۾ مڇي، سائي ڀاڄي جي خوراڪ عام رھي آھي. ملڪ جي اترين علائقن جي ماڻھن ۾ گوشت خوري وڌيڪ ھئي. جيئن پختون علائقن جي ماڻھن لاءِ چيو وڃي ٿو. ائين ھڪ ڪشميري ٻڌايو ته اسان جي علائقي جا ماڻھو به گوشت خور آھن. ان حوالي سان ھن ٻڌايو ته ھڪ ڪشميري ٻئي ڪشميري کان پڇيو ته گوشت ۾ ٻيو ڇا وجھان تنھن تي ھن وراڻيو ھوس ته ان ۾ ٻيو گوشت وجھي ڇڏ. سو اسان سنڌ جا ماڻھو شھرن ۾ ٻين کي ڏسندي گوشت خوري طرف راغب ٿي ويا آھيون. ستر جي ڏھائي ۾ اسان پھريون ڀيرو ڄامشوري ڦاٽڪ تي ڪڙاھي کاڌي ھئي جڏھن يونيورسٽي ۾ شاگرد ھئاسين. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙن لاءِ پوءِ ھي ھڪ قسم جي عياشي ٿي ويئي.

گوشت واھ جو پڪل ھو بيري ڪڙاھي ۽ گرم نان اچي سامھون رکيا. گوشت به گھڻو ھو تنھن ڪري ھوريان ھوريان ويٺي کاڌو سين. حفيظ جي وري وري چوڻ، پنھنجي پسند ھوندي به کٽائي ڪو نه سگھياسين. باقي بچيل کي پيڪ ڪرايوسين. ان کان پوءِ ويھي سبز چاءِ پي ڪچھري ڪندا رھياسين. جڏھن اٿياسين ته ھوٽل آڏو ڪيترا ٻار ۽ عورتون خيرات وٺڻ لاءِ موجود ھيون. ڊاڪٽر عبدالحفيظ انھن مان ڪن کي ڏسي چيو ته پڪ سان ھي اتر سنڌ سان تعلق رکن ٿيون. انھن جي ٻارن کي ھن اھا بچيل گوشت ۽ ماني ڏني جيڪا ھو وٺي خوش ٿيا. اتي بيٺل عورت کان حفيظ پڇيو ته توھان ڪٿان جا آھيون تنھن تي ھن پنھنجو تعلق اتر سنڌ جي ڪنھن ڳوٺ سان ٻڌايس. حفيظ جو کانئس ٻيو سوال ھو ته پنو ڇو ٿا. تنھن تي ان عورت وراڻيس ته جي پنون نه ته پوءِ اسان جي مردن جي جھيڙن جا خرچ ڪٿان پورا ٿيندا.

اھو جملو بڌي مان حيران ٿيس ته بظاھر ھنن جو پنڻ جو سبب غربت لڳي ٿي پر ان غربت ۽ مجبوري جا ٻيا به ڪي سماجي ڪارڻ اھن. مرد ته مڙس ماڻھو ھجڻ وارو ڀرم رکڻ لاءِ جھيڙا ڪن ٿا پر سندسن عورتون ۽ ٻچا جيڪو ڏکيو وقت گذارين ٿا تنھن جو وٽن احساس ڪونھي. مون کي ياد آھي اسان جي شھر جي ھمراھ جيڪو شھر جو پھلون بنيل رھندو ھو تنھن جڏھن ڪنھن معمولي ڳالھ تي خون ڪري وڌو تڏھن ھن جي فيملي شھر جي اندر وارو خانداني گھر وڪڻي وڪيل ڪري ھن جو ڪيس وڙھيو ھو. پوءِ سندن ٻار ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي ڪکائوان گھر اڏي وقت گذاريندا رھيا. ان سان گڏ چورن ۽ ڌاڙيلن جي عورتن کي پوليس وارا ٿاڻن ۾ جھلي ويھارين ٿا تنھن کي به ھو نظراندازڪن ٿا. بس مڙس ماڻھو ھئڻ جو ليبل لڳل رھي.

ھڪ پوليس آفيسر نجي ڪچھري ۾ مون کي ٻڌايو ته ھڪ چور جي روپوش ٿيڻ تي مان سندن ٻه ڀليون مينھون ٿاڻي تي ڪاھي آيس. اتي پھچڻ تي منھنجي نيت خراب ٿي. مون وٽنري جي ملازم کان انھن جي مرڻ جو سرٽيفۡيت ٺھرائي اھي ٻئي مينھون پنھنجي ڳوٺ موڪلي ڇڏيون، جيڪي اڄ به مون وٽ آھن. ھنن جو راڄ ڏنگو ۽ علائقو ڏکيو آھي ان ڪري ڄاڻندي به اھو چور ان پوليس واري کان مال موٽرائڻ جي ھمٿ نه ٿو ڪري. ان سان گڏ ڪنھن ڏوھاري جي روپوش ٿيڻ تي ھن جي ڀائرن، مٽن مائٽن کان ويندي عورتن کي ٻھراڙي جي پوليس آڻي ڪجھ ڏينھن بند ڪري ٿي ته جيئن ڏوھاري پيش پوي. جتي ڏوھاري قانون شڪني ڪري ٿو اتي وري پوليس جيڪا قانون جي رکوالي جي ذميوار آھي سا پاڻ به قانون جي لتاڙ ڪندي رھي ٿي. معاشري جي اھڙن روين کي عام سمجھي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو پر جي غور ڪجي ته اھي ٻنھي پاسن کان ڪڌا عمل آھن جيڪي ڪيئن ختم ٿيندا. شروعات ڪيئن ٿيندي سو پنھنجي جاءِ تي ھڪ سوال آھي.

اسان اتان اٿي روڊ پار ڪري ڀت جي ٻئي پاسي اربن فاريسٽ جي باني ڪردار پنھنجي ھڪ ٻئي دل گھريي دوست مسعود لوھار وٽ آياسين. ھن سان اچڻ تي رابطو ۽ فون تي دعا سلام ٿي ھئي پر اڄ بنا اطلاع ڏيڻ جي وٽس وڃي پھتاسين. ھن مرد مٿير پنھنجي جمع پونجي کڻي اچي اربن فاريسٽ جو منصوبو شروع ڪيو جيڪو ھاڻ ڏسڻ جھڙو ٿي ويو آھي. ھي زمين جتي گند ڪچرو پيل ھو جتي رات جي وقت ڪي اڍنگا ماڻھو اچي پنھنجون من مستيون ڪندا ھئا تن سان مھاڏو اٽڪائي. گند صاف ڪرائي ھن اتي وڻڪاري شروع ڪئي. منصوبو اھو آھي ته اتي ٻيلو بڻائي شھر جي ماڻھن لاءِ صاف ھوا وارو تفريحي ماڳ بڻائجي. جتي پکي پکڻ به ھجي ته واڪ ڪرڻ لاءِ رستا ٺھيل ھجن ۽ مٺي پاڻي جا تلاءَ ھجن.

مان جڏھن پوئين چڪر پھريون ڀيرو وٽس آيو ھوس ته اتي ڪو ڇپرو ٺھيل ھو ۽ ڪچھري گھڻو ڪري کليل ميدان تي ٿيندي ھئي. ھاڻي آفيس، مھمانن لاءِ ڪمرو، ملازمن لاءِ ڇپرن سان گڏ ڪن نسلن جون ٻڪريون به موجود ھيون. رات جو ھن جي ھي اوطاق پئي ھلندي آھي، جتي يار دوست ملڻ پيا ايندا آھن. ميلو متل ھوندو آھي. چانھن پاڻي کان ويندي وقت تي ننگر پاڻي پيو ھلندو آھي. اڄ پھتاسين ته به ميلو متل ھو. ماني پئي ھلي اسان کي ڏسي ماني کائڻ لاءِ چيائين. اھو چوڻ تي ته اسان ماني کائي آيا آھيون ته ھمراھ ناراض ٿيو ته يار ھي وري ڇا آھي. ماني کائي پوءِ آيا آھيون.

چانھن جو پڇيائين تنھن تي به اھو چئي انڪار ڪيو ته اسان چانھن به پي آيا آھيون. پوءِ توھان جي ڪھڙي خدمت ڪجي. ھن اتي ويٺل مراد فقير کي چيو ته فقير مھمانن کي راڳ ٻڌاءِ. مراد فقير ھتي سال ڏيڍ کان رھي ٿو. تنھن سان اڳ ڪيئي ڀيرا ملاقات ٿي چڪي آھي. ھو اڪثر ڪري ھتي واري شام جي محفل جو حصو ھوندو آھي. سندس اصل تعلق گاجي کھاوڙ شھر سان آھي. ھو مشھور راڳي ممتاز لاشاري جو وڏو ڀاءُ آھي. سلسلي جي لحاظ کان شاھ پور جھانيان جي بزرگن سان لاڳاپيل آھي. راڳ ۽ راڳين کي ڄاڻي ٿو. ڪٿي راڳ جي حوالي سان ڳالھ ڪيم ته ان جو تفصيل ٻڌايائين. جيڪي سٺا راڳي آھن انھن جي کلئي دل سان تعريف ڪيائين جن ۾ ڦير ھو تن بابت پنھنجي راءِ ڏنائين ته ھو ڪٿي غلطي ڪن ٿا.

مون ڪچھري ۾ ھڪ ٻڌل قصو ٻڌايو ته ھڪ ڀيري مخدوم طالب المولي وٽ ٽي ڏينھن راڳ جو پروگرام رٿيل ھو. پھرين ڏينھن ھڪ فقير عرض ڪيو ته مون کي ڪيڏانھن وڃڻو آھي ان ڪري پھرين مون کي وارو ڏيو. ائين ئي ٿيو. فقير ڳائڻ لڳو ته طبلي واري ان جي سر جي حساب سان سندس ساٿ ڪو نه پئي ڏنو. تنھن تي فقير چيس ته مشڪري ڇڏ. اھو جملو ٻڌي منظور علي خان جيڪو پھرين صف ۾ ويٺو ھو تنھن طبلائي کي چيو ته ھن سان فلاڻو سر وڄاءِ. ائين فقير ڪي ٻه ٽي ڪافيون ڳائي اجازت ورتي. ھاڻي منظور علي خان جو نمبر ھو جنھن کي مخدوم صاحب ڳائڻ جو چيو. ان تي منظور علي خان مخدوم صاحب کي چيو ته صاحب ھي فقير جتي ڳائي ويو آھي ان کان اڳتي مان ڳائي نه سگھندس. ان کان گھٽ سطح تي ڳائڻ تي منھنجي دل ڪو نه ٿي چوي. ان ڪري اڄ مان نه ڳائيندس. سڀاڻي جي محفل ۾ مان ڳائيندس. مراد فقير کان ان قصي بابت پڇيم ته ھن ان جي تصديق ڪندي چيو ته ھا اھو فلاڻو فقير ھو. ڳالھ واقعي ايئن آھي.

باقي جھان جي اصولن وانگر راڳ ۽ راڳين جا به ڪي اصول ۽ معيار ھئا جن جي راڳي پاسداري ڪندا ھئا. اڳ ماڻھو راڳ کي سمجھندا به ھئا. ھڪ ڀيري وحيد علي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ ڳائڻ لاءِ روانو ٿيڻ وارو ھو ته منظور علي خان پڇيس ته ڪٿي ڳائڻ ٿو وڃين. وحيد علي وراڻيس ته ٻلھڙيجي. تنھن تي منظور علي خان چيس ته اتي خيال سان ڳائجان جو اتي جا ماڻھو راڳ جا ڄاڻو اٿئي. ان ئي ڳوٺ ۾ لاڙڪاڻي جو ھڪ راڳي ڳائڻ آيو. اڃا ٻه ٽي ڪلام ڳايائين ته ھڪ پوڙھي چيس ته اڙي راڳ ڳاءِ ھي ڇا جي مشڪري شروع ڪئي اٿئي. راڳي وراڻيس ته چاچا حاضرين تي به نظر وجھو ھنن کي جيڪو راڳ وڻي ٿو سو ٻڌايان پيو. ھنن کي ڪجھ وندرائي وٺان ته پوءِ توھان کي راڳ بڌائيندس.

مسعود جي چوڻ تي فقير راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. ھڪ ٻه ڪلام ڳائي وري چارج ٿيڻ لاءِ سلفي جو سوٽو ھنيائين. مون کيس چيو ته فقير وزم ته ڪيئي پر ڄاٽي ڪو نه ٻاريئي. ان تي کلي چيائين ته صاحب ھاڻ اھا عمر نه رھي آھي. پوءِ ته اڃا رنگ ۾ اچي ڪي ڪلام ٻڌايائين.

ھو پنھنجي سرور ۾ ڳائيندو رھيو اسان وري سنگيت جي سرور ۾ مدھوش ٿي وياسين.

فقير ڳائي بس ڪيو ته واھ واھ ڪري سندس گائڪي جي واکاڻ ڪئي سين. فقير جو آواز به سٺو آھي ته راڳ جي چاڻ به ڀلي اٿس. ان ڪري تعريف دل سان ڪئي سين. تعريف ڪٿي دل سان ڪبي آھي ڪٿي دل رکڻ لاءِ ڪبي آھي. چون ٿا ڪنھن ھنڌ ھڪ راڳي ويٺي ڳايو. اتي ويٺلن مان ھڪ ھمراھ سندس دل رکڻ لاءِ واھ واھ ڪئي تنھن تي ان راڳي چيس ته يار منھن جو راڳ مون کي ئي ڪو نه ٿو وڻي تون وري ڪيئن ٿو واھ واھ ڪرين.

ڪٿي راڳ جو شوق ڳائڻ لاءِ مجبور ڪري. جڏھن پي ٽي وي جو دور ھو انھن ڏينھن ۾ حبيب ولي محمد ٽي وي تي اچي ڳائيندو ھو. آواز پورو سارو ھوس پوءِ به ڳائڻ جي ڪوشس ڪندو ھو. اھو مشھور ھو ته ھي ڪاروباري ماڻھو آھي پر شوق سبب ڳائي ٿو. ھڪ ڪلام مڙئي ڪجھ چڱو ڳائيندو ھو. اھو ئي اڪثر ڪري پيو ڳائيندو ھو. اھو قومي گيت ھو؛

روشن رخشان نير تابان پاڪستان رھي.

ھڪ ڏينھن ٽي وي پروگرام ۾ ھو ڪو نئون ڪلام ڳائي رھيو ھو. اتفاق سان ڪلام به ٿڪل ھو ته ھن به جھان پئي ھلايو سو ڪنھن کي ڪو نه ٿي وڻيو. منھنجي گھر واري به اھو پرگرام ڏسي رھي ھئي تنھن مون کان پڇيو ته ھي ٽي وي ۾ ڇو ڳائيندا آھن. مون کيس وراڻيو ته کين پئسا ملندا آھن. ان تي ھو چوڻ لڳي ته ھي ته پئسن لاءِ چريو ٿي پيو آھي. ڳائڻ به نه ٿو اچيس پوءِ به پيو ڳائي.

پوءِ فقير سان زماني جا احوال ڪياسين. پنھنجن جي روين جو ڏنگيل ھو تنھن جا ڪي سور سليائين. انھن جي بيان ڪرڻ سان ڪن نالي وارن ماڻھن جي ڪردار ڪشي ٿي ويندي ان ڪري ان کي نظر انداز ٿا ڪريون. دنيا به عجيب جھان آھي جنھن ۾ ڪٿي پنھنجا به سور ڏين ٿا ته ڪٿي ڌاريا مرھم رکن ٿا. ان ئي جھان ۾ ڏکيو سکيو گذارڻو آھي. ائين مسعود لوھار جنھن منصوبي ۾ ھٿ وجھي پنھنجي جان لڳائي آھي تنھن جي ته شروع ڪجھ واھ واھ ٿي. ڪٿان ڪنھن مدد جو به آسرو مليس پر ان وڏي منصوبي کي جتي قومي اھميت ملڻ گھرجي ھا سا ڪانه ملي. پر پوءِ به ھمٿ ڪو نه ٿو ھاري. ھنج پکي جي ان انداز وانگر جنھن کي ڪنھن شاعر ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي تہ

پاڻي ڪونھي، پن ڇڻي ويا، ھنج تڏھن به ڳائي ويٺو،

پنھنجي پريت نڀائڻ خاطر، پٿر چونڊي کائي ويٺو.

اڌ رات ٿي چڪي ھئي پر ھن شھر ۾ چڻ ته ڏينھن ھجي. ڏٺم ته ڪو ٿڪل محسوس نه پئي ٿيو بس رات جا ٻارنھن ٿيا آھن ان احساس ۾ اٿڻ جي ڪئي سين. جيتوڻيڪ ميزبانن جو اسان کي ڇڏڻ جو اڃا ارادو ڪو نه پئي لڳو پر مون چيو ته بابا ميلو متو ڇڏجي. ھاڻ ھلون ٿا. ايئن مسعود، فقير ۽ ٻين ويٺلن کان موڪلائي گاڏي ۾ ويھي گھر طرف راھي ٿياسين. جڏھن بار بي ڪيو ٽو نائيت وٽ پھتاسين ته ڊاڪٽر عبدالحفيظ چيو ته کابي پاسي جيڪا مارڪيٽ آھي اتي آئيس ڪريم ڏاڍي سٺي ملندي آھي. اتان اھا کائي پوءِ ٿا ھلون. مان شگر جي مرض جو مريض آھيان ان ڪري منھنجي ان کائڻ ۾ دلچسپي ڪو نه ھئي پر سنگت ان تي راضي ٿي ويئي. ائين ڊاڪٽر حفيظ گاڏي اچي ان آئيسڪريم جي دڪان ويجھو جھلي.

سڀني پنھنجي پنھنجي پسند جي فليور واري آئيس ڪريم ورتي. مون به سڀني سان شريڪ ٿيڻ لاءِ ھڪ ڪپ ورتو جنھن مان ڪي ٻه ٽي چمچا کائڻ جو ارادو ھو. ٻاھر نڪري آئيس ڪريم کائيندي سامھون بار بي ڪيو ٽو نائيٽ ھوٽل کي پئي ڏٺوسين. اسان جي دوست مبشر ملڪ کي ته ان جي ماني صفا ڪو نه وڻي باقي دنيا اتي اچي ٿي. ھي ھوٽل ھاڻي کاڌي جي معيار کان وڌيڪ معيار جو سبمل ٿي ويو آھي. مون کي به ان جي رش کان بيزاري ٿيندي آھي. ھوٽل ۾ ويھڻ رڳو ڪو ماني کائڻ ڪونھي پر اتي سڪون سان ڪو وقت ويھجي. پر ھتي کاڌو کائي پورو ڪيو ته رش کي ڏسي پاڻ ئي اٿڻ تي دل چوندي آھي.

ان ھوٽل جي ڪمائي تي غور ڪيوسين ته ھڪ رات ۾ ھو لکين رپيا ڪمائي ٿو وٺي تنھن جي سال جي ڪمائي ھزارين ايڪڙ رکندڙ زميندار کان گھڻي وڌيڪ ھوندي. زميندار کي آخر ۾ گاڏيون ۽ گھمڻ ڦرڻ جو خرچ بچي ٿو سواءِ انھن جي جيڪي سرڪار فنڊن تي ھٿ صاف ڪن ٿا. اھڙن ڌنڌن جي ڪري ئي ملڪ جو سڄو پئسو شھرن ۾ آھي. ڪراچي شھر جي واپاري برادري سان تعلق رکندڙ ھڪ دوست بڌايو ته اسان جي براداري واپار ۽ ڌنڌن ۾ ايترو پئسو ڪمائي ٿي جو حساب ئي ڪونھي. ھو بنھي ھٿن سان پئسي ميڙڻ ۾ ايترا مست ھوندا آھن جو ھنن وٽ پئسي خرچ ڪرڻ جو وقت ئي ڪو نه ھوندو آھي. سنڌ مان به جيڪو ٿورو آسودو ٿيو تنھن شھر جو رخ ڪري اتي پنھنجي موڙي کي سيڙائي ان مان وڌيڪ پئسو ڪمايو. ڌنڌي ۾ وڏي ڪمائي ۽ جان آھي. ان حوالي سان ٻيو الميو اھو آھي پڙھيل ماڻھو يا سرندي وارا ڳوٺ ڇڏي اچي ٿا شھر وسائين بھانو اھو ته ٻار پڙھائڻ لاءِ ھتي تعليمي ادارا آھن ٻيو ڪنھن تڪليف تي ھتي اسپتالون به سٺيون آھن ٽيون سوشل لائيف آھي. چڱن ماڻھن جي ٻھراڙي ڇڏڻ سان سان پوءِاھو حال ٿئي جو

ويا مور مري ھنج نه رھيو ھيڪڙو. وطن ٿيو وڃي ڪوڙن ڪانگن جو

پوءِ جيڪي بچن ٿا اھي ئي ٻھراڙي جي ماڻھن جا آئيڊل ۽ اڳواڻ آھن تن مان چڱائي جي ڪھڙي اميد. ان ڪري جتي بھراڙي پوئتي رھي آھن جنھن جو الزام اسان حڪومت تي ھڻون ٿا اتي پنھنجي ڪردار کي نظر انداز ڪندا آھيون.

 ننڊپن جيڪي ڏاھپ جي گفتا بڌا سين تن ۾ ھيٺين چوڻي به شامل ھئي ته

اتم کيتي، وڌندڙ واپار،

نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.

ھاڻي معاشري تي ٿوري نظر ڊوڙايون ته نيچ سمجھي ويندڙ نوڪري لاءِ اسان جي نوجوانن مان اڪثريت اميدوار آھي. يعني نيچ ٿيڻ لاءِ اھي تيار آھن. ان ۾ جيڪا ھر مھيني پگھار جو آسرو آھي، ڪم ڪار به گھٽ، ڪٿي ته رشوت سبب ماڻھو پئسو ڪمائي وٺي ٿو تنھنڪري ھر ڪو نوڪري پسند ڪري ٿو.

جنھن بلڊنگ جي ھيٺ مارڪيٽ ۾ ھي آئيس ڪريم جو دڪان ھو تنھن بابت ٻڌايو ويو ته ھي سرڪاري زمين جيڪا بوٽ ڪلب يا ڪنھن ٻئي سرڪاري اداري جي آھي تنھن تي فليٽ ٺاھي ڳري اگھ ۾ وڪيا ويا آھن. ڪلفٽن جي پرائيم لوڪيشن تي ٺھيل ھن جا فليٽ قيمتي ۽ مارڪيٽ جا دڪان مھانگا آھن. ھن جو مالڪ غير قانوني ھنڌ تي ھي بلڊنگ ٺاھي اربين رپيا ڪمائي ويو. ظاھر آھي ايڏو غير قانوني ڪم ڪن ادارن ۽ طاقتور شخصيتن جي سرپرستي کان سواءِ ڪو نه ٿو ٿي سگھي. ھاڻي ته ھن وٽ ان بلڊنگ مان ڪمايل وڏي دولت آھي جنھن مان ڪجھ خرچ ڪري سڀني مسئلن کي منھن ڏئي سگھي ٿو. ھن ملڪ ۾ ھڪ ڀيرو پئسو ھٿ ۾ اچي پوءِ ھو معاملن کي منھن ڏئي سگھي ٿو.

ڪراچي شھر جو وڏو حصو قبضي جي زمين تي ٺھيل آھي. بلڊنگ ٺاھيندڙ ريئل اسٽيٽ جي ڌنڌي ۾ ارب پتي ٿي معاشري جا جيڪي معزز بڻيل آھن تن مان وڏي اڪثريت سادن لفظن ۾ قبضا گير آھي. اسان جو جھان ڪيڏو نه ظالم آھي جو ناجائز دولت ڪمائيندڙ جا ڪرتوت جلد وسري وڃن ٿا ۽ ھو پئسي ۽ ٺٺ ٺانگر جي بنياد تي معاشري جو معزز بڻجي وڃي ٿو. ان حوالي سان اسان جي دوست پرتاب راءِ جو چيل جملو به ياد ايندو آھي. ھڪ گڏجاڻي ۾ جتي تعارف پئي ٿيو اتي ھڪ ھمراھ پنھنجو قد وڌائڻ لاءِ اھو چيو ته منھنجو پي ۽ ڏاڏو پنھنجي شھر جا مکي رھيا آھن. ان تي پرتاب راءِ چيو ته ان جو مطلب ته ھن جو خاندان نسلن کان ماڻھن جو استحصال پيو ڪري.

خير اسان آئيس ڪريم کائي. ان بلڊنگ ۽ قبصاگيري تي ڪجھ گفتگو ڪري اڳتي روانا. رستي ۾ بوٽ بيسن مارڪيٽ تي ماڻھن جي رش نظر آئي. ھي وري وچولي ڪلاس جي ھوٽلنگ ڪرڻ جو ھنڌ آھي. مون کي ياد آھي ته ويھارو سال اڳ تائين اسان به ڪڏھن کاڌو کائڻ لاءِ شھر اچڻ تي اڪثر ڪري اتي وڃي ڊنر ڪندا ھئاسين. ھاڻي ته پھرين کان رونقون وڌيل آھن. ماضي ۾ جڏھن ڪلفٽن جو ھي جھان ڪو نه ھو اسان جي عياشي بولٽن مارڪيٽ ۾ ديوان جي ھوٽل تي ماني کائڻ، طارق روڊ تي شھباز ھوٽل جو کاڌو، بندو خان جي ھوٽل تي تڪا کائڻ، صدر ۾ بلوچ آئسس جي آئيس ڪريم يا فالودو کائڻ ھوندو ھو.

مان ستر جي ڏھاڪي ۾ جڏھن نئون آيو ھيس ته دوستن جي ٻڌائڻ تي بولٽن مارڪيٽ واري ديوان جي ھوٽل تي پھريون ڀيرو ماني کائڻ لاءِ ويو ھوس. بيري مون کي کاڌن جي لسٽ اچي ٻڌائي انھن ۾ گھڻو ڪري سايون ڀاڄيون ھيون. ھڪ ڊش چٽپٽو ٻڌايائين. مون کانئس پڇيو ته اھو وري ڇاھي. چٽ پٽي جي خبر ڪانھئي ھن پنھنجي مخصوص انداز ۾ چيو. مون چيو ته نہ. ھن چيو ته پوءِ اڄ اھو کائي ڏسو. مون به ان جو آرڊر ڏنو. کائڻ تي خبر پئي ته اھا وانڱڻن جي ڀاڄي ھئي. ھڪ ڀيرو جڏھن ڪراچي جي ھڪ ھمراھ ماني کارائڻ کان پوءِ مٺي ۾ ڪجھ آڻي رکيو ۽ چيائين ته ھي شاھي ٽڪڙا آھن. ٿورو کائي کيس چيم ته ھي ته مٺي ڊبل روٽي آھي. توھان ھندستاني به وڌاءُ ڪري شي جي تعريف ڪرڻ جا ماھر آھيو.

اسان جو دوست اڪبر ڪولاچي بلوچ آئيس ڪريم جي دڪان تي آئيس ڪريم سان گڏ فالودي کائڻ جو شوقين ھوندو ھو. خدمت جي چڪر ۾ ھو اسان کي نارٿ ناظم آباد مان صدر ۾ فالودو کارائڻ ايندو ھو. ڊبل گلاس ايترو ته ڀريل ھوندو ھو جو کٽائڻ ڏکيو ٿي ويندو ھو. ھو وري اسان جي خدمت جي چڪر ۾ اھو ڀريل گلاس گھرائيندو ھو. ڪافي ڀيرا اوڏانھن وياسين. سندس ننڍو ڀاءُ منير ڪولاچي اتي پھچي مون کي ھوريان ھوريان چوندو ھو ته سائين ادي کي چئو ته ننڍو گلاس يعني سنگل ڪپ گھرائي. پوءِ منھنجي چوڻ تي اسان ٻن ڄڻن لاءِ سنگل ۽ پنھنجي ۽ ڪن ٻين دوستن لاءِ ڊبل گلاس گھرائيندو ھو.

ڇا ته دوست ھئا ۽ انھن جو ساٿ. اھي ڏينھن ۽ اھي شينھن ياد ايندا آھن.

اسان جي دوستن مان ڊاڪٽر طاھر قريشي صاحب اچڻ واري ڏينھن کان ئي رابطي ۾ ھيو. طاھر قريشي ڊاڪٽر بڻجڻ کان پوءِ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري ڪسٽم کاتي ۾ مقرر ٿيو. ھاڻي ترقي ڪري ڪليڪٽر ڪسٽم جي عھدي تي فائز آھي. ايمانداري سان نوڪري ڪرڻ ۾ شھرت رکي ٿو. اھڙو ماڻھو جنھن سان ملڻ ۽ رھاڻ ڪرڻ تي دل ڪڍندي آھي. ان شعر جي روح وانگر تہ

جيڪي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويھ،

ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ وڃجي انھن جي.

ھن پنھنجي ڳوٺ جو حق ادا ڪندي ڳوٺ جي اسڪول کي اسپانسر ڪيو آھي. ان سان گڏ ھو اتي ھڪ اسپتال ھلائي ٿو. ان سان گڏ ھو ٻيا ڪي ڀلائي ڪندو رھي ٿو. ان ناتي ھو لاڳيتو ڳوٺ سان جڙيل رھڻ سان گڏ اتان جي ماڻھن جي خدمت ۾ به اڳڀرو رھي ٿو. سنڌ ۾ پڙھيل ته گھڻا ئي آھن پر ڪيترا آھن جيڪي ايئن پنھنجي ڳوٺ سان ناتو جوڙي رکڻ سان گڏ اتي جي فلاح ۽ بھبود لاءِ به ڪم ڪن ٿا.

ھڪ ڏينھن فليٽ تي ملڻ آيو ته ٻڌايائين ته اڄڪلھ سندس پوسٽنگ ڪليڪٽر ڪسٽم انٽيليجنس آھي ۽ سندس آفيس گڏاڻي ۾ شپ بريڪنگ سائيٽ واري علائقي ۾ آھي. ائين شپ بريڪنگ جي موضوع تي گفتگو ٿي. اشتياق ٿيو ته ڇو نه ان کي گھمي ڏسجي ٻڌو ته گھڻو آھي. ڊاڪٽر طاھر چيو ته مان ته آفيس ويندو آھيان توھان به ڪنھن ڏينھن گڏ ھليا ھلو ته مان آفيس جو ڪم ڪري وٺندس ان دوران توھان شپ بريڪنگ جي سائيٽ ڏسي وٺجو ۽ ان سان گڏ ھي علائقو به گھمي وٺجو. ڳالھ وڻي تنھن ڪري ٻن ڏينھن کان پوءِ ڊاڪٽر طاھر سان گڏ اوڏانھن وڃڻ لاءِ پروگرام ٺاھي ڇڏيو سين.

گڏ ھلڻ وارن ۾ مان. مبشر ملڪ، ڊاڪٽر شاھد قريشي، عبدالجبار لاشاري، عبدالحفيظ ابڙو ۽ دليپ رتناڻي ھئاسين. دليپ رتناڻي تازو ڪئناڊا مان آيو ھو تنھن سان ڏينھن ٻه اڳ ملاقات ٿي ھئي. دليپ رتناڻي ڪئناڊا ۾ انجنيئر آھي. ھن سان ان جو ذڪر ڪيوسين ۽ کيس گڏ ھلڻ جو چيوسين ته ھو به تيار ٿي ويو. ان ڏينھن صبح جي وقت سنگت اسان جي فليٽ تي گڏ ٿي.

صبح جو مقرر وقت تي ڊاڪٽر طاھر قريشي به اچي نڪتو جنھن سان دعا سلام ڪري ھلڻ لاءِ نڪري پياسين. اسان پنھنجي گاڏي کنئي جو اسان کي ھيڏانھن ھوڏانھن ڪافي گھمڻو ھو. شپ بريڪنگ يارڊ ويجھو پنھنجي آفيس پھچي ھن پنھنجي ھڪ واقفڪار فاروق ديوان کي فون ڪئي ته ھي منھنجا دوست اچن ٿا تن کي شپ بريڪنگ جي سائيٽ ۽ اتي جو جھان ڏيکارجان. ان سان گڏ کين ڪو مقامي ماڻھو به گڏ ڏجان ته جيئن ھو ھن علائقي ۾ کين گھمائي اچي.

ھن گڏاڻي جي علائقي ۾ مان نوي جي ڏھاڪي ۾ پنھنجي اسٽاف سان گڏ پڪنڪ تي آيو ھوس پر ان وقت اسان ھڪ بيچ تي ويا ھئاسين جتي نوجوانن سمنڊ ۾ وھنجي لطف پئي ورتو ته اسان ڪناري تي گھمندا ڦرندا ٿي رھيا سين. ان ڪناري لڳ ھڪ ڳوٺ به ھو جتي ھڪ ننڍي مسجد ۾ جمعي نماز به پڙھي ھئي سين. اسان پھتاسين ته مولانا خطبو پئي ڏنو. اھو خطبو ھن ھڪ اردو ٻولي جو ڪتاب پڙھندي ان جي وضاحت به اردو ۾ ڪري پئي ڏنو. نماز کان پوءِ ھن سان دعا سلام ٿي ته مولانا سميت سڀ سنڌي ڳالھائيندڙ ھئا. پر ھي علائقو بلوچستان جي حدن ۾ ھئڻ ڪري ھتي ماڻھو اردو پڙھن ٿا. وقت جي ستم ظريفي ڏسو. صدين کان سنڌي علائقي جو حصو ھجڻ وارو علائقي مان ٻولي جي حثيت گھٽجي ڳالھائڻ جي حد تائين بچي آھي.

ڪراچي جي ماڻھن سان گڏ اسٽيل مل جا ڪيترا ماڻھو ھن پاسي پڪنڪ لاءِ ايندا رھندا ھئا. ھڪ ڀيري اسان جي اداري جو ڊپٽي چيف انجنيئر پيراڊائيز پوائنٽ واري سامونڊي ڪناري جو سير ڪري سمنڊ جي سونھن جو لطف وٺڻ لاءِ ھڪ ٽڪري تي چڙھي ويھي رھيو ھو. اوچتو ڏٺائين ته ھڪ ٻار ٻڌي رھيو آھي. ھن بنا دير جي ان کي بچائڻ لاءِ پاڻي ۾ ٽپو ڏنو. پاڻي اونھو ھو ۽ ڪي ٻيا به سبب ھوندا جن جي ڪري ھو به ٻڌي مري ويو. زندگي جو انت ته اچڻو ئي آھي پر ھن جوان جي ان جذبي ۽ فيصلي جو ڪمال آھي جو ٻئي جي جان خطري ۾ ڏسي ان کي بچائڻ لاءِ ھن پنھنجي زندگي جو فڪر نه ڪيو. ھن اھو ڪو نه سوچيو ته منھنجو ڇا ٿيندو يا نتيجو ڇا نڪروندو. انساني جان جي بچائڻ لاءِ پنھنجي جان جي بازي لڳائڻ وارو عمل سندس نجات جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

ڳوٺ ۾ رھندڙ منھجو ھڪ سئوٽ اسان جي خاندان جو سڀ کان وڏي عمر وارو شخص ھو. ھو پنھنجي گھر، مال متاع ۽ ٻني ٻاري ۾ جي ڪم سان رڌل رھندوھو. روزي نماز ۾ به ڪا دلچسپي ڪو نه وٺندو ھو. ٻيا اوطاقن ۾ وڃي رھاڻيون ڪن، ڪي شھر ۾ وڃي جھان ھلائين پر ھي گھر ويٺو ھوندو ھو. ھڪ ڏينھن مان به وٽس ويٺو ھوس ته ھڪ ھمراھ عمرو ڪري آيو ھو تنھن ھن جي سامھون عمري جي عمل جو تفصيل اتي گذاريل وقت جو ذڪر پئي ڪيو. جيڪو ھن سڪون سان ويٺي ٻڌو. جڏھن ان ھمراھ روضي رسول تي وڃڻ، اتي زيارت ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ جو ذڪر ڪيو ته اسان جي ان سئوت جي اکين مان ٻه ڳوڙھا ڳڙي پيا. مون کيس ويٺي ڏٺو سوچيم ته ھن جي اندر حج يا عمري ڪرڻ ۽ رسول جي روضي تي وڃڻ جي جيڪا طلب ھئي سا ڳوڙھن ذريعي ٻاھر اچي وئي. ھن جا اھي ڳوڙھا جيڪي ھن ان سڪ ۾ ھاريا سي ئي شايد سندس مغفرت جو وسيلو بڻجن.

شاھ سائين چيو آھي تہ

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھايو.

ڳوڙھن ڳاڙڻ جو ذڪر نڪتو آھي ته پنھنجي پاڙيسري جا ڳاڙيل ٻه لڙڪ به ياد آيا. بينظير جي واپسي کان پوءِ چونڊن جي مھم ھلي رھي ھئي. پ پ پ مخالف شھر جي معززن جو وفد جيڪو پراڻي تعلقات جي بنياد تي گھر گھر وڃي ووٽ وٺڻ لاءِ پورو زور لڳائي رھيو ھو. ان ڏينھن ھڪ گھٽي ۾ ھڪ دروازي وٽ پھچي ان گھر واري کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. اتفاق سان مان به اتان لنگھندي وٽن ٻيھي رھيس. جڏھن انھن معززن دليلن، واسطن جو زور پئي لڳايو ته ھو جوان ھنن کي چپ ڪري ٻڌندو رھيو. جڏھن سڀ چپ ٿيا ۽ ھن جو جواب ٻڌڻ چاھيائين ته ھن جي اکين مان ٻه ڳوڙھا ڳڙي پيا. ھن کين وراڻيو ته ادا ووٽ نياڻي جو آھي. ان تي سڀ خاموش ٿي ويا ۽ کيس وڌيڪ چوڻ جي ضرورت ئي نه سمجھيائون ۽ اڳتي ھليا ويا.

اسان ديوان فاروق جي آفيس پھتاسين جتي ھن اسان جو دل سان آڌرڀاءُ ڪيو. تواضع به ڪشادي دل سان ڪيائين. تعارف دعا سلام ۽ چاءِ پاڻي پي اسان کي ھو سائيٽ ڏيکارڻ ھليو جتي جھاز مان لوھ جي حصا ٽوڙي انھن جي ھڪ ھڪ حصي کي گئس ڪٽنگ ذريعي جدا ٿي ڪيو ويو. شپ بريڪنگ مان رولنگ ملز کي ڪافي خام مال ملي ٿو. اسان جو کانئس پھريون سوال ان صنعت جي باري ۾ ھو. ھن موجب ڪو وقت ھو جو پاڪستان شپ بريڪنگ انڊسٽري ۾ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي ھو. ھاڻي ٻيا ملڪ اڳتي آھن جھڙوڪ بنگلا ديش وغيرھ. ھن ٻڌايو ته اسان وٽ ڪيئي مسئلا اچن ٿا جن جي ڪري صنعتڪار ڏکياين کي منھن ڏئي ٿو. مھانگائي ۽ مسئلن مان بيزار ٿي ماڻھن ھن ڌنڌي ۾ دلچسپي گھٽائي ڇڏي آھي ان ڪري ھي صنعت زوال پذير آھي.

ھن ان حوالي سان پنھنجو قصو ٻڌايو ته ڪجھ وقت اڳ مون ھڪ پراڻو جھاز خريد ڪيو جنھن جي ڪراچي پھچڻ تي ھڪ نالي واري ميڊيا ھائوس جنھن جو شمار چوٽي جي ادارن ۾ ٿئي ٿو تنھن جي آفيس مان فون آيو ته توھان جو جھاز آيو آھي ان مد ۾ اسان کي ۳۵ لک رپيا موڪلي ڏيو. مون کين وراڻيو ته جھاز مون خريد ڪيو آھي. سڀ قانوني تقاضا پورا ڪيا اٿم ته پوءِ توھان کي پئسا ڇو ڏيان. ان تي ھنن ڌمڪي ڏني ته پوءِ ان جو نتيجو ڏسجان. ھنن پوءِ ٽي وي تي خبر ھلائي ڇڏي ته ان آيل جھاز ۾ وڏي ملھ جو غير قانوني مال آيو آھي. حڪومت تحرڪ ۾ اچي ويئي. انڪوائري شروع ٿي ويئي. جھاز جي انسپيڪشن ٿي پر الزام ثابت نه ٿيو. مون به انڪوائري ڀوڳي پر اھو پڪو پھ ڪيم ته ڪجھ به ٿئي پر ھنن کي پئسا ڪونھن ڏيڻا. ڪيئي مھينا ان انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۾ لڳي ويا جنھن دوران اسان جو ڪم رڪيل رھيو. ھن جي بقول ته ميڊيا اسان جي ڌنڌي لاءِ وڏو مٿي جو سور رھي ٿو.

توھان جا ملازم مقامي آھن يا ٻاھريان ان جو جواب ھو ته اسان ڪوشش ڪندا آھيون ته مقامي ماڻھن کي روزگار ملي. منھن جي ڌنڌي ۾ ڪيترا مقامي ماڻھو نوڪري ڪن ٿا. ڪٿي ھنرمند نه ملي يا ڪو اھڙو ڪاريگر گھرجي جيڪو ڪم جي گھرج پوري ڪري ته پوءِ ڌنڌي ھلائڻ لاءِ ٻاھر جي ماڻھن کي رکڻو پوي ٿو.

ھي ته لوھ کي ڪٽڻ جو ڪم آھي ان ڪم ۾ يا ان جي چر پر ۾ ڪو مزدور زخمي ٿئي ته ان جي ذميواري ڪير کڻندو آھي. ھن وراڻيو ته اھو سڄو اسان جو ذمو ھوندو آھي ته اسان ان جو مڪمل علاج ڪرايون ۽ ان دوران سندس پر گھور لھون. ھنن ننڍن ملازمن جي رھڻ لاءِ ھتي عارضي جايون به ٺھيل آھن جتي ھو رھندا آھن.

اسان ساڻس کوڙ ڳالھيون ڪري، سائيٽ جو چڪر ھڻي موڪلائڻ لڳاسين ته ھن ھڪ مقامي ھمراھ جيڪو وٽس ملازم ھو تنھن کي چيو ته ھنن سان وڃ ۽ وڃي ھتان جي تفريح جھڙن مقامن يا علائقي جو سير ڪراءِ. ايئن اسان کانئس موڪلائي علائقي جي سير لاءِ روانا ٿياسين.

وندر شھر ھن علائقي جو مکيه شھر آھي جتي صنعتون به لڳل آھي. ان سان گڏ ھن علائقي ۾ زراعت به ڪافي ٿئي جنھن لاءِ پاڻي ويجھن جبلن مان ملي ٿو. انھن جبلن جو پاڻي حب ندي ۽ حب ڊيم تائين به پھچي ٿو جتان ڪراچي شھر کي پھچايو وڃي ٿو. وندر شھر ۽ ان جي پسگردائي ۾ چيڪو جا باغ عام نظر آيا. ان سان گڏ کجي، انگور، چيري ۽ آڙو جھڙا ميوا ٿين ٿا.. ٻين زرعي جنسن جي پوک ۾ سن فلاور، جوئر ۽ ڪڻڪ ٿئي ٿي.. اصل ۾ ھر خطي ۾ ڪو علائقو ڪنھن نه ڪنھن فصل لاءِ موزرون ٿئي ٿو. لاڙڪاڻي جا زيتون، خيرپور جي کجي ٺٽي جي ساحلي علائقي جا پپيتا ۽ ڪيلا، ميرپورخاص جا انب، پنجاپ جي علائقي گجرات جا باسپتي چانور ان جو مثال آھن. ماضي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ھڪ ڳوٺ گوگھاري جا سگداسي چانور پنھنجو مٽ پاڻ ھئا. افسوس جو اھي سگداسي چانور جن جي پچڻ سان پاڙي ۾ خوشبوءِ ايندي ھئي سي ھاڻ ورلي ڪو ملن ٿا. نوجوانن کي شايد ئي ان جي خبر ھجي پر اسان جو نسل جن ان کي کاڌو سي ان کي ياد ته ڪن ٿا باقي ان کي سنڀالڻ جي ذميواري پوري ڪري نه سگھيا.

ھي لسٻيلي جو علائقو گھڻ رخي دنيا آھي جيڪا ھتي جي منفرد جاگرافي سان گڏ پنھنجا قدرتي وسيلا رکي ٿي. اسان زراعت واري علائقي سان تعلق رکندڙ ماڻھو پنھنجي وسيع علائقي ۾ پوک ڏسي اھو سمجھون ٿا ته کاڌو خوراڪ اسان وٽ جھجھو آھي باقي ھي جبلن ۾ رھندڙ ماڻھو الائي ڪيئن ٿا پنھنجو ڏکيو سکيو وقت گذارين پر قدرت ھر ڪنھن جي رزق جا وسيلا دنيا ھي ھر حصي ۾ پئدا ڪيا آھن پوءِ اھو جبلن يا ريسگتان ۾ رھندو ھجي، ڪنھن سامونڊي ڪناري تي آباد ھجي يا اتر قطبن واري ان علائقي جو باشندو ھجي جتي سلو به ڪو نه ٿو ڦٽي. ھاڻ ته سائنسي ترقي سبب معدنيات ۽ ان جي استعمال سبب اھو دولت ڪمائڻ جو وڏو وسيلو بڻجي ويو آھي. عرب جا صحرا جتي جا ماڻھو ڏکيو سکيو گذارو ڪندا ھئا اتان ھاڻي پيٽرول نڪرڻ ڪري کين ايتري دولت ملي ٿي جو ھنن جي خرچڻ کان گھڻي آھي. اھي عرب ملڪ جتي جي ماڻھن جو کجور يا ٻين ڪن محدود شين تي گذارو ھو سي دنيا جي ھر حصي ۾ پئدا ٿيندڙ ميوو دولت جي زور تي گھرائي وٺن ٿا. ان ڪري ھاڻ خطي جي اھميت روايتي وسيلن کان اڳتي ٿي آھي. ھن لسٻيلي جي علائقي تي اڳ ڀلي ڪنھن جي نظر نه ٻڏندي ھجي پر ھاڻي سامونڊي ڪناري جي اھميت تمام گھڻي آھي. ان سان گڏ فارمن ۽ پوک جي اپت ۾ واڌارو آيو آھي. ھتان جي جبلن ۾ ماربل جي کاڻين مان پٿر جي نڪرڻ سبب ھن علائقي جي اھميت وڌي آھي.

ھن رستي سان ئي سڪندر اعظم ھندستان مان واپس موٽيو ھو. اھو به چيو ُڇي ٿو ته محمد بن قاسم به ھن رستي تان لنگھي سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي. اھو درست آھي يا سڌو ديبل بندر وٽ ٻيڙين ذريعي پھتو ھو. ان تي درست راءِ ته ڪو تاريخدان ئي ڏئي سگھي ٿو.

ھي علائقو صدين کان سنڌ جي ڪلچر جو حصو رھيوآھي.. ماڻھن جو اچڻ وڃڻ ۽ واسطا رھياآھن. ھن ئي علائقي سان تعلق رکندڙ پنھون اچي سسئي جي ڳوٺ ۾ رھيو جتي سسئي سان نيھ لڳس. انسان پسند ۽ پيار جو ويري رھيو آھي جنھن سوچ ھيٺ جڏھن پنھون کي ڀائر پاڻ سان چوري کڻي ويا ته سسئي سندس پير کڻندي ھن علائقي تائين آئي جتي سندس مزار به آھي. لطيف سندس قصي کي ڳائي ان جو آواز ٻنيو آھي. ان ڪري ئي شايد سسئي جي قبر تي شاھ لطيف جا شعر لکيل آھن.

شاھ لطيف جي شاعري جا پنج سر ڪوھياري، حُسيني سسئي، سسئي آبري ۽ معذوري جن ۾ سسئي جي اڻاگي پنڌ ۽ ڏکياين جو ذڪر آھي سي ھن علائقي جا جبل، برپٽ۽ جھنگ جگر آھن. ھتي ھاڙو نالي برپٽ آھي ۽ ڦور ندي جيڪا گھڻو ڪري سڪل رھي ٿي تن جي ان حالت کي به سسئي جي داستان سان ڳنڍيو وڃي ٿو. چون ٿا ته سسئي کي ھاڙھي جي ماڻھن پنھون جي ڏس پڇڻ تي درست جواب ڪو نه ڏنو ھو جنھن ڪري ھوءِ ٽي ڏينھن اتي ڀٽڪندي رھي ھئي. ان جي بد دعا سبب ھاڻ ھتي پاڻي جي بوند لاءِ ماڻھو سڪن ٿا. ائين ڦور ندي ۾ وڏي پاڻي سبب سسئي کي اتان پار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيوھو. ان لمحي لڇندي ھن ان کي خشڪ ٿيڻ جي بد دعا ڏني ھئي. ھاڻي جيتوڻيڪ ان ۾ جبلن مان مينھن جو پاڻي اچي ٿو پر جلد وھي گم ٿي وڃي ٿو. اھي روايتون ماڻھو ھڪ ٻئي کي ٻڌائيندا رھن ٿا تن تي اڳ ته ماڻھو ويساھ ڪري ويندا ھئا پر ھاڻي ان کي ماڻھو ڪيئن ٿا ڏسن سو ھر ڪنھن جي علم، ڄاڻ ۽ عقيدي تي منحصر آھي.

مٿين بددعائن جي قصن سان گڏ ڪرامتن جا ڪيئي قصا مثال طور ڀٽائي ھنگلاج مان ٽٻي ھڻي وڃي مڪلي مان نڪتو. سيوھڻ وارا چون ته لعل شھبار سيوھن ما ٽٻي ھڻي وڃي ڪٿان نڪتو. اسان انھن ٽٻين جي تعريف ۾ پورا رھياسين. نه لطيف جي فلسفي کي سمجھي ان تي عمل ڪيوسين نه وري قلندر جي نصيحتن جو اثر ورتو سين. بنا تحقيق جي انھن ٽٻين وارن قصن جي سحر ۾ رھياسين جنھن ڪري ھاڻ اچي پنڻ جھڙا ٿيا آھيون.

باقي جيڪي بچيا تن وري عشق جي درياھ ۾ ٽٻيون ھنيون. شاعر جي انھي ٻول وانگر.

تنھنجي نيڻن ۾ نھاري ويو،

ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو.

اسان انھن ٽٻين ۾ پورا رھياسين اتي دنيا چنڊ تائين وڃي پھتي. ھاڻ ھو موجن ۾ آھن اسان وتون ٿا آءِ ايم ايف کان قرض لاءِ پريشان ٿيندا. پنھنجي پوئتي پئجي وڃڻ تي وتون ٿا ان ڳالھ تي وڙھندا ته ھِن جو ڏوھ آھي ڪو چوي ھُن جو ڏوھ.

لسٻيلي واري علائقي ۾ ئي ھنگلاج ماتا جو مندر آھي جيڪو ھندو مذھب وارن لاءِ مٿاھون تيرٿ چيو وڃي ٿو. ھنگلاج ديوي جنھن کي ناني ماتا به ڪوٺين ٿا تنھن جي مندر جي ياترا لاءِ بھار جي مند ۾ ساليانو اٽڪل ۲۵۰۰۰۰ ماڻھو ياترا لاءِ اچن ٿا. ھي مقام ڪراچي کان اٽڪل ۲۵۰ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ضلع لسٻيلي ۾ مڪران جي ڪوسٽ ويجھو، ھنگول جي مقام تي ھنگول نيشنل پارڪ جي وچ ۾ ۽ واقع آھي. ھي علائقو پرامن آھي ان ڪري ماڻھن کي ايندي ويندي امن امان جي حوالي سان ڪا ڏکيائي ڪو نه ٿي ٿئي.

اسان کي اسان جي گائيڊ ھتان جي ھڪ مقامي بزرگ سان ملايو جنھن کان اسان ھنگلاج ماتا ۽ ان متعلق ڄاڻ ۽ روايتن بابت سوال پڇيا. ھو جھونو ان بابت کوڙ ڄاڻ رکندڙ ھو. ھن ٻڌايو ته شاھ لطيف بابت چيو وڃي ٿو ھن ھڪ ڀيري ناني ماتا کي کير پياريو ھو ۽ ماتا مورتي مان نڪري پنھنجي اصلي روپ ۾ اھو کير پي پيتو. اتي موجود ماڻھو اھو ڏسي حيران ٿي ويا ھئا. شاھ لطيف انھن ماڻھن کان پري ٿيڻ لاءِ کڻي اتان ٽٻي ڏني ۽ اچي مڪلي وٽان ٻاھر نڪتو. اھا دري اڄ به موجود آھي. چون ٿا ته ھتي ھنگ قوم رھندي ھئي جنھن جو ھنگول راجا نھايت ظالم ھو تنھن کي ماتا اچي ڀڄائي ڪڍيو. ان ڪري ماڻھن ان ماتا جو نالو ئي ھنگلاج ديوي رکي ڇڏيو.

ھي علائقو بنيادي طور تي ۽ اڄ به ٻن سنڌي گھراڻن جي اثر ھيٺ آھي جن ۾ ڄام ۽ ڀوتاڻي آھن. ٻئي خاندان اڄ به سنڌي ڳالھائين ٿا. سندس سياسي ۽ خانداني اثر گوادر جي ويجھو تائين آھي. ڄام خاندان جو تعلق بيلا شھر سان آھي. ھي خاندان ڪافي وقت کان اقتدار جي ايوانن جي پسند رھيو آھي. ان ڪري ئي کين بلوچستان ۾ اھم ذميواريون ڏنيون وڃن ٿيون. ڀوتاڻين جو ڳوٺ درجئي آھي جيڪي پڻ سياست خاص ڪري بلوچستان جي سياست ۾ حصيدار رھن ٿا.

ڊاڪٽر طاھر قريشي پنھنجي آفيس جو ڪم ڪار لاھي آفيس جو وقت پورو ڪري اچي اسان سان مقرر ھنڌ تي اچي گڏيو. ھن اڳ ئي ھڪ ھنڌ سانجھاندي جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. ھو فون تي رابطو ڪري اسان سان اچي مليو ۽ اسان کي ماني لاءِ وٺي ويو. سمنڊ جي تازي مڇي سان گڏ ڪافي کاڌا ٽيبل تي لڳي ويا. اسان به ان ڪشادي دسترخوان تي دل کولي ماني کاڌي ۽ پوءِ اتي ڪچھري ڪئي سين. اسان سان گڏ جيڪو ھمراھ فاروان ديوان موڪليو ھو تنھن جي صلاح ھئي ته ھتان ويجھوسندس ڳوٺ ڊم يا ڏم آھي جيڪو سمنڊ ڪناري آھي. اتي سچ لھڻ جو نظارو سٺو ھوندو آھي توھان سمنڊ ڪناري چھل قدمي ڪري سير ڪرڻ سان گڏ سج لھڻ جو نظارو ڏسو. اھڙي نظاري ڏسڻ تي اسان جي دل به چاھيو. تنھنڪري سڀ گڏجي اوڏانھن وياسين. ھن ھمراھ ٻڌايو ته ھن ڳوٺ جي نوي سيڪڙو ماڻھن جي روزگار جو دارومدار ماھيگيري تي آھي

اسان ان ڳوٺ ۽ علائقي بابت کانئس وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سوال ڪيا ته ھتي ڪھڙي ذات جا ماڻھو وڌيڪ رھن ٿا تنھن تي ھن ٻڌايو ته ھتي اسان جي ذات خاصخيلي جي اڪثريت آھي. ھلندي ھڪ ٽڪري نظر آئي جنھن تي مزار ٺھيل ھئي ان تي جھنڊا به لڳل ھئا. منھنجي سوال تي ھن ٻڌايو ته ھي پير جي مزار آھي جتي ڪافي ماڻھو زيارت لاءِ اچن ٿا. مار ھتي به پير پڄي ويو. حقيقت اھا آھي ته پير ماڻھن کي ڳولي لھن ٿا ته ماڻھو به ان انتظار ۾ ويٺل ھوندا ھئا ته ڪو پير ملي جنھن جي آڏو ڪنڌ جھڪايون، ان جي ھيٺاھين ڪريون، ان کان ڊڄون. ان جي دعا جي سھاري جيون ۽ ترقي ڪريون. ڪنھن کي ڏوھ ڏجي ڳالھ ٻنھي پاسن کان ڪجھ ڏکي نظر ٿي اچي.

اسان ھلندي وڃي ڪناري تي بيٺاسين جتي ڪي ٻيڙيون بيٺيون ھيون ته ڪي پري پاڻي ۾ ھلندي نظر آيون. ٿوري دير ۾ سج لھندو ويو ۽ ان جي لھڻ جو نظارو بھتر ٿيندو ويو. واقعي سھڻو منظر ھو جنھن کي ڏسي دل خوش ٿي ويئي. سج لھڻ ڏينھن جي پڄاڻي آھي پر ان کي ڪنھن جي زوال سان به ڳنڍيو ويندو آھي. مثال طور ھن جو سج ئي لھي ويو.

اسان سج لٿي کان پوءِ اتان روانا ٿياسين ھاءِ وي تان سفر ڪندا ڪراچي طرف پئي آياسين. ڪوئٽا ويندڙ اھو روڊ جيڪو بلوچستان ڏانھن سفر جو مکيه شاھراھ آھي تنھن جي حالت ڏسي افسوس ٿيو. ڪيئن روز ماڻھو ھن ڀڳل ٽٽل رستي سان سفر ڪن ٿا. جھان مڙيو ڏکيو آھي جيترو سوچبو اوتري پريشاني ٿيندي.

اچي ڪراچي شھر پھتاسين. جيتوڻيڪ ڪٿي ھلي ويھڻ، ڪجھ کائڻ پيئيڻ جون ڪي صلاحون ٿيون پر اسان مان اڪثريت ٿڪل ھئڻ سبب گھر پھچڻ چاھيو. گھر وٽ پھچي ڊاڪٽر طاھر قريشي جا ٿورا مڃي گھر راھي ٿياسين. ٿڪ کان پوءِ آرام ۽ ننڊ جو واھ جو مزو آيو.

نور محمد بجير اسان جو دل گھريو دوست آھي. ھو جيترو قربائتو ماڻھو آھي اوترو ھو غريب ماڻھن جي ڀلي ۽ ديس جي ترقي جو درد رکي ٿو. ھو سماج جي بھتري لاءِ پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪندو رھي ٿو. سنڌ ۾ ترسڻ دوران حيدرآباد ۾ ٿيل صوفي ميلي ۾ شريڪ ٿياسين جتي نورمحمد بجير به اسان سان گڏ ھو. اسان ٿوري دير اتي ميلي جو رنگ ڏسي پنڊال کان ٻاھر نڪتاسين. ارادو ٿيو ته ڪٿي ڪچھري ڪري پوءِ ڊنر ڪجي تنھن تي سڀ راضي ٿيا پر نورمحمد ئي واحد ماڻھو ھو جنھن چيو ته مون کي رات پنھنجي تنظيم لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. مان چاھيان ٿو ان ڪم تي وقت لڳايان. اسان جي جھان ۾ ڪٿي چوياري جو آسرو ملي ته ماڻھو ڪم ڪار ڇڏي موڪل ڪري به ان رنگ جو حصو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن پر ھي دوست تفريح جو موقعو ملڻ جي باوجود پنھنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.

نورمحمد بجير جو تعلق ٿرپاڪر ضلعي جي ھڪ ننڍي ڳوٺ مالهيار سان آھي. ھن ٿر جي پوئتي پيل علائقي ۾ ھڪ غريب خاندان ۾ جنم ورتو ۽ اتي جي سادي ۽ روايتي زندگي ۾ پرورش پاتي. عام نوڪري کان اڳتي وڌي انتظامي عھدن تائين پھتو جتي سندس پگھار به سٺي ھئي. پر ان مقام ھوندي به ھو اندر ۾ مطمئن نه رھندو ھو. ان ڪري ھن اھا نوڪري ڇڏي سوشل سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سندس لکيل ڪتاب واري منجھ وکون سندس زندگي جو داستان آھي جنھن ۾ نندپڻ جي ڏينھن ۾ جدوجھد کان ڪاميابي جي ڏاڪن تي چڙھڻ جو ذڪر آھي.

ھن جو ۳۰ سالن کان وڌيڪ سوشل سيڪٽر سان تعلق رھيو آھي ـ ھن ڪم جي شروعات ٿر کان ڪئي پرمختلف قومي ۽ بين الاقوامي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ھن پاڪستان جي ھر خطي ۾ ڪم ڪيو آھي ـ غربت سبب ھو ڪنھن يونيورسٽي جو ريگيولر شاگرد ٿي نـ سگھيو پر کيس ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاھر تربيت جا تمام گھڻا موقعا مليا انھي ڪري سماجي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ وڏن انتظامي عھدن تي رھيو آھي. گذريل ۱۳ سالن کان سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي سربراھ طور ڪم ڪري رھيو آھي ـ ھن جو انھي ڳالھ ۾ پورو ويساھ آھي تـه قوم کي جھالت ۽ معاشي پستيء مان ٻاھر ڪڍڻ جو واحد حل نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت آھي ـ نوجوانن کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ جي لاء ھن جي تنظيم ميرپورخاص ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ ٢۵ روزگار سينٽر تعمير ڪرايا آھن جتي ھن وقت ۳۵۰۰ نوجوانن جي فني تربيت ھلندڙ آھي ـ سنڌ ۾ گھريلو صنعت کي ھٿي وٺرائڻ جي لاء پنجاب کان ٽيڪنالاجي يعني گھر اندر فيڪٽري قائم ڪري مختلف قسمن جون شيون جھڙوڪ صابڻ, صرف, چپل, تيل, پينٽ , مصالا, ڇيڻي مان بھتر ٻارڻ ٺاھڻ , مال جو چارو وغيرھ جون مشينون گھرائي تربيت جو عمل شروع ڪيو ويو آھي ـسندس تنظيم سنڌ ۾ سماجي ۽ مذھبي ھم آھنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاء سماجي ۽ ثقافتي ميڙاڪا منعقد ڪندي آھي ـ ٿر جي ٻارن کي يونيورسٽي جي تعليم جي سھوليت ڏيارڻ جي لاء ورچوئل يونيورسٽي جو ڪئمپس به کوليو اٿن.

اسان جي سنڌ اچڻ تي ملڻ جلڻ سان گڏ ھو اسان جي پروگرامن جي منصوبه بندي ۽ ان جي ڪاميابي ۾ مددگار رھندو آھي. اسان اتي رھندي سندس تنظيم جي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيندا آھيون. خبر پئي ته ھو پنھنجي پرگرام جي تيارين جي حوالي سان ڪراچي شھر ۾ آيل آھي. ھن اسان کي پنھنجي پروگرام ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏيڻ سان گڏ ان ۾ خيالن جي اظھار ڪرڻ لاءِ مقررن جي لسٽ ۾ اسان جا نالا به لکرائي ڇڏيا ھئا.

شام جي وقت مان، عبدالجبار لاشاري، ڊاڪٽر شاھد قريشي، مبشر ملڪ ۽ عبدالحفيظ ابڙو شھر ۾ نڪتل ھئاسين. اسان جو نور محمد بجير سان به رابطو ٿيو. ھن سان ملڻ ۽ گڏجي چانھن پيئن لاءِ مھراڻ ھوٽل ۾ ملڻ جو وقت طي ڪيوسين. مھراڻ سٺو ھوٽل آھي جڏھن ھي ٺھيو ھو ته انھن ڏينھن ۾ پ پ پ جو پھريون دور ھو. ان ڪري ٻھراڙي جا اڪثر ماڻھو اھو چوندا ھئا ته ھي ھوٽل ممتاز علي ڀٽي جو آھي جيڪا ھوائي خبر ھئي. جي سنڌ جا وڏيرا انھن ڏينھن ۾ اھڙن ڌنڌن ۾ ڪاھي پون ھا ته ڪراچي جي مالي سگھ ۾ ھنن جو به حصو ھجي ھا. انھن ڏينھن ۾ جتوئي خاندان جي ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي مڙسي ڪري ڪلفٽن جي مين روڊ تي مڊ ايسٽ ميڊيڪل سينٽر ٺاھيو ھو جيڪا معياري اسپتال ھئي. پر ھن جو خاندان ڇاڪاڻ ته ڪاروباري ڪو نه ھو سو سندس مرڻ کان پوءِ اھا اسپتال ھلائي نه سگھيو. ڪنھن به ڌنڌي جي شروعات ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ ڪاروباري ذھن يا رويو ھئڻ بنيادي گھرج آھي. منھنجو ننڍو پٽ مون کي چوندو آھي ته بابا تون ڌنڌي ڪرڻ جي ڪڏھن ڪوشش نه ڪجان ڇو ته تنھنجو مزاج ڌنڌي وارو آھي ئي ڪونہ. ڌنڌي وارو پنھنجي فائدي جو سوچيندو آھي تون ٻئي جو فڪر ڪندو آھين سو رويو ڌانڌي وارو آھي ئي ڪو نه.

نور محمد سان چانھن تي خبرون ڪيوسين. شام جو وقت ھو ڪافي رش ھئي. اڄڪلھ آبادي وڌڻ سان گڏ ھڪ طبقي وٽ جھجھي پئسي اچڻ ڪري ھوٽلن ۾ ھاءِ ٽي تي مردن کان وڌيڪ عورتون اچن ٿيون. آخر ۾ نور محمد کان پڇيوسين ته شام جي مصروفيت ڇا آھي وراڻيائن ته ڏينھن جا سڀ ڪم ڪري ڇڏيا اٿم ان ڪري واندو آھيان. اسان کيس گڏ ھلي فليٽ تي ڪچھري ڪري پوءِ ڊنر ۾ شرڪت جي صلاح ڪئي جيڪا ھن قبول ڪئي ۽ اسان سان گڏ ھلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اسان سڀ اچي فليٽ تي نڪتاسين جتي پنھنجي ايندڙ فنڪشن جي حوالي سان ٿيل ڪم ڪار ۽ باقي تيارين جي حوالي سان سوچ ويچار ڪندا رھياسين. اسان کي اڄ جي ڊنر منھنجي عزيز لعل بخش ڪولاچي طرفان ھئي.

لعل بخش ڪولاچي اسان جي عزيزن مان نوڪري جي شروعات ڪري جلد ڪاروبار طرف مائل ٿي ان ۾ وقت لڳائڻ لڳو. ڪيترا ڪاروبار ڪري آخر ۾ پولٽري فارمنگ ۽ فيڊ سپلاءِ جي ڪم ۾ آيو. اڄڪلھ ھو پولٽري جي تنظيم جو مکيه عھديدار آھي. ھو ٻڌائيندو آھي ته جڏھن مون ڪراچي ۾ پولٽري جو ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪيو ته ڳوٺ جي ماڻھن منھنجي ماءُ کي چيو ته تنھنجو پٽ ڪڪڙيون ٿو پالي، ڪوڪڙي ٿيو اٿئي. امان اچي ناراض ٿي. ڳوٺ ويس ته مون کي ان ڪاروبار ڇڏڻ لاءِ چيائين. کيس سمجھايم ته ھي ماڻھو ساڙ ڪن ٿا ۽ ٽوڪ ڪرڻ لاءِ اھڙيون ڳالھيون ڪن ٿا. ھي سٺو ڪم ۽ عزت ڀريو ڪاروبار آھي. پوءِ وڃي امان مطمئن ٿي.

اسان جي معاشري ۾ ٽنگ ڇڪڻ جا ڪيئي سبب آھن. انھن مان پھريون ساڙ جنھن ۾ ٻيو ڪاروبار ڪري فائدو وٺي ويو ۽ مان ان مان فائدو وٺي نه سگھيس، ٻيو ڪاروبار جي ناڪامي جو خدشو جنھن ۾ ماڻھو پاڻ ته ڌنڌو نه ڪري پر ٻين کي ان جي ناڪام ٿيڻ جا دليل ڏئي ان جي حوصلي شڪني ڪري. ٽيون پھلو ٽوڪ ۽ ٺٺول جي آھي. ماڻھو ھر ڪم ۾ ڪو عيب ڪڍي ان تي کلي تفريح ڪري وقت گذاريندا آھن. ھڪ ڀيري اسان جي شھر جي نوجوان کي وٽنري جي کاتي ۾ اسٽنٽ جي نوڪري ملي. ھو پاڻ به خوش مزاج ھو ته سندس دوست به ساڳئي لڏي جا ھئا. ھن جي ان نوڪري جي خبر تي ٻڻ ٽن ھفتن کانپوءِ شھر ۾ ھلائي ڇڏيائون ته ھن علاج نه اچن ڪري ٻه مينھون ماري وڌيون آھن. ان ڪري مال جا مالڪ ھن تي ڪاوڙيل آھن تن جو زور آھي ته ھو اسان کي جانورن جي قيمت ڀري ڏي. اھڙي خبر سندس والد کي به ٻڌايائون جنھن کي اچي فڪر ٿيو ته نوڪري ۾ ٿوري پگھار جو ملڻ ته پنھنجي جاءِ تي پر ھي جو چٽي پوندي سان ڀرڻ ڏکيو ٿي ويندو. ھو جڏھن مھيني کان پوءِ موڪل تي چند ڏينھن لاءِ ڳوٺ پھتو ته سنگت ساٿ ساڻس ھمدردي ڪندي کانئس ان معاملي جو احوال پئي پڇيو ته مال مرڻ جي معاملي جو ڇا ٿيو. ھي وضاحت ڪندو وتي ته اھڙو ڪو معاملو ٿيو ئي ڪونھي. گھر پھتو ته پي کڻي لٺ کنيس ته تو واري نوڪري سبب اسان کي گھران مال جي قيمت ڀرڻي پوندي سو اھا نوڪري وڃي کڏ ۾ پوي تو اھا نوڪري ڇڏي آءُ. ھن پنھنجي والد کي به وڏي ڏکيائي سان سمجھائي مطمئن ڪيو. سو ممڻ مچائڻ ۾ به اسان جا ماڻھو واھ جو ڪاريگر آھن.

لعل بخش پولٽري سان گڏ ريئل اسٽيت سميت ٻيا ڪاروبار به ڪري ٿو ۽ مالي طور تي مستحڪم ٿي شھر ۾ ھڪ مرتبي سان گذاري ٿو. مزاج ۾ يار باش، سوشل ماڻھو آھي. ڪاروبار ۽ سوشل لائيف کي متوازن رکيو ٿو اچي. مان جيستائين ڪراچي ۾ ھوندو آھيان ته رابطي ۾ رھندو آھي ۽ وڌ ۾ وڌ خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. پر کيس شڪايت ھوندي آھي ته مان کيس وقت گھٽ ٿو ڏيان. ھن جي کليل آڇ ھوندي آھي ته جنھن وقت تون فارغ ھجين مون کي فون ڪندو ڪر ته مان اچي ويندس. اڄ کيس اچڻ جو چيو ھوم تنھن ڊنر تي وٺي وڃڻ جو طي ڪيو ھو. ھو آفيس جي ڪمن ڪارن مان واندو ٿي اسان جي فليٽ تي پھتو ۽ سڀني سان دعا سلام ڪيائين.

ڊنر لاءِ ڪٿي ويھجي سڀ کان ويجھو ھوٽل ميرٽ ھو جيڪو اسان جي رھائش کان فرلانگ کن پنڌ تي ھو. ويھڻ جي جاءِ به ڀلي ته کاڌو به ٺيڪ ھجڻ جي آسري تي اوڏانھن روانان ٿياسين. اتي پھچي بوفي جي بجاءِ پنھنجي پسند جي ڊشن جا آرڊر ڏيڻ جو طي ڪري ھڪ ٻئي کان پسند پڇي آرڊر ڏنوسين. مينيجر مبشر ملڪ جو واقف ھو تنھن به اچي دعا سلام ڪئي ۽ بيري کي بھتر سروس جون ھدايتون ڏنيون. بيرو به اسان کي سنڌي ۾ ڳالھائيندي ڏسي سنڌ ٻولي ۾ ڳالھائڻ لڳو. سروس بھتر پئي ڪيائين پر کاڌا اسان جي سوچ واري معيار جا ڪو نه ھئا. مينيجر پنھنجي طرفان ڪي مٺي جون ڊشون به پيش ڪيون.

کاڌي جي معيار تي گھڻا مطمئن ڪو نه ھئاسين جنھن تي لعل بخش کي چيم ته کاڌي جو مزو ڪو نه آيو سو ھاڻي ٻيھر ڪٿي کارائجان. کيس ڀوڳ ڪندي چيم ته ھر ڀيري کاڌي سٺي نه ھجڻ جو چئي ٻيھر کارائڻ جي فرمائش ڪنداسين. ھن چيو ته مان ايئن ئي ھر روز کارائڻ لاءِ تيار آھيان ته پوءِ اھو بھانو ڇا جو. ھن وڌيڪ چيو ته ھوٽل جي چونڊ به توھان ڪئي ھئي، کاڌو جون ڊشون به توھان پسند ڪيون ھيون. اھو سچ آھي ته ھو منھنجي ۽ سنگت جي دل سان خدمت ڪندو آھي. دلبر ماڻھو آھي جنھن سان ملي دل خوش ٿي ويندي آھي.

اتان اٿي گھر راھي ٿياسين. نورمحمد بجير کي پنھنجي رھائش تي ڇڏي اچي پنھنجي جاءِ تي پھتاسين. ائين اڄ جون مصروفيتون ۽ تفريح پوري ٿي. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.

حيدرآباد ٽي چار ڀيرا وڃڻ ٿيو ھو سو ڪنھن نه ڪنھن سانگي سان. ھن ڀيري اسان اسڪالا جي سٿ کي سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام تنظيم طرفان انساني حقن جي حوالي سان ھڪ سيمينار ۾ شرڪت جي دعوت مليل ھئي. اھو پروگرام ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ رکيل ھو. ھن تنظيم جي مثبت ۽ ڪارآمد خدمتن ڪري اسان ان کي قدر جي نگاھ سان ڏسڻ سان گڏ ان جي پروگرامن ۾ دل سان شرڪت ڪندا آھيون. ان سان گڏ پنھنجي پروگرامن کي بھتر ترتيب ڏيڻ ۾ سندس تجربي مان فائدو وٺندا رھندا آھيون. سندن ھن پروگرام جي ڪوٺ ملندي ئي اسان ان ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ھو.

اسان ان ڏينھن ڪراچي شھر ۾ ھئاسين جتان مان، مبشر ملڪ ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي منجھند ڌاري ڊاڪٽر شاھد قريشي جي گاڏي ۾ روانا ٿياسين. اٽڪل ٻن ڪلاڪن ۾ اچي حيدرآباد پھتاسين. حيدرآباد شھر ۾ عبدالجبار لاشاري ۽ عطا ءُ الله ملاح کي به اسان سان گڏجڻو ھو. انھن ڏينھن ۾ لاشاري صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ترسيل ھو جتان ھو ھڪ دوست سان گڏ اچي اسان سان مقرر ھنڌ تي مليو. اڳتي آياسين ته عطاءُ الله ملاح به اچي گڏيو. عطاءُ الله حيدرآباد ۾ رھي ٿو جتي ھن ننڍپڻ جا ڏينھن گذاريا آھن. ڪشالا ڪري جيئن ھن زندگي ۾ ڪاميابيون ماڻيون آھن سي گھڻن لاءِ رھنمائي ٿي سگھن ٿيون. ڪاميابي لاءِ اڻٿڪ محنت ئي شرط آھي. جنھن ٿوري محنت کان پوءِ دل ھاري اھو ناڪام ٿيندو.

اڻ ٿڪ محنت سبب ڪاميابي جا ڪيئي مثال موجود آھن. چڪن فرائي جي مشھور چين ڪي ايف سي، فاسٽ فوڊ جي دنيا ۾ ھڪ اھم نالو آھي جنھن جا دنيا جي ۱۵۰ ملڪن ۾ ۲۲۶۲۲ دڪان آھن. سن ۱۹۶۰ع ۾ ڪرنل ھارلينڊ سينڊرس جڏھن رٽائر ٿيو ھو تڏھن وٽس جمع پونجي ڪو نه ھئي. پيشن جي رقم ايتري ٿوري ملندي ھيس جو ان مان سندس گذارو نه پئي ٿيو. ھٿين خالي ھو ڇا ڪري. ھن سوچيو ته مون وٽ ڇا آھي جنھن جي استعمال سان مان ڪجھ ڪمائي سگھان. ھن کي ياد آيو ته ننڍپڻ ۾ جڏھن سندس ماءُ ڪم تي ويندي کيس گھر ۾ ڇڏي ويندي ھئي ته کيس ننڍي ڀاءُ جو خيال ڪرڻ جي به ھدايت ڪري ويندي ھئي. ھي به اڃا ننڍو ھو پر پوءِ به ٿورو گھڻو ڪم ڪار ڪري ويندو ھو. ماءُ کيس چڪن فرائي ڪرڻ سيکاريو ھو ته ضرورت پوڻ تي ھو اھو ٺاھي پاڻ به کائي ۽ ڀاءُ کي به کارائي.

ھن کي اھو نسخو ياد اچي ويو ۽ ان جي استعمال جو سوچيائين. ھي پاڻ ته دڪان ڪو نه پئي کولي سگھيو ان ڪري ڪنھن ھوٽل واري وٽ ڪم ڪري اھڙي نسخي ھيٺ ٺھيل چڪن جي وڪري جي رٿ رٿيائين. ھن وٽ ھڪ پراڻي ڪار ھئي جنھن تي چڙھي ھو ھڪ کان ٻئي ھوٽل پئي ويو ۽ ان نسخي جي استعمال جي آڇ پئي ڪئي. ائين ھن وسيع علائقي جو سفر ڪري اتان جي وڌ ۾ وڌ ھوٽلن تي ويو پر ھر ھنڌان جواب پئي مليس. ھو رات جو ان ڪار ۾ سمھي پوندو ھو صبح جو اٿي وري ساڳئي ڪوشس ۾ لڳي ويندو ھو. ائين ھو اٽڪل ھڪ ھزار ھوٽلن تي ويو ۽ ناڪام ٿيو پر پوءِ به ھمٿ نه ھاريائين. جڏھن ھو ھڪ ھزار ھڪ ھوٽل تي ويو ته ان جي مالڪ کيس چيو ته تون اھي چڪن جا پيس تيار ڪر جيڪو وڪرو ٿئي تنھن رقم جو ٿورو حصو تون رکجان. ھن کي به ھر حال ۾ شروعات ڪرڻي ھئي تنھنڪري ان شرط تي به راضي ٿي ويو.

ائين ھن اھو چڪن ٺاھڻ شروع ڪيو جيڪو ماڻھن کي پسند اچڻ لڳو، وقت گذرڻ سان ان فراءِ چڪن جو وڪرو وڌيو جنھن سان ھن جو حوصلو به وڌيو. ان جي طلب وڌڻ تي ھن ھڪ ننڍو دڪان وٺي پنھنجو جدا ھوٽل کوليو جيڪو جلد علائقي ۾ مقبول ٿيندو ويو. ھڪ وقت آيو جو سيڙپ ڪندڙ پارٽين ھن جي ان ڌنڌي ۾ سيڙپ جي کيس آڇ ڪئي جيڪا ھن ڪن شرطن تي قبول ڪئي جنھن سان ھن جي ڌنڌي کي پر لڳي ويا جيڪو ترقي ڪري بلندين تي پھچي ويو.

ڏاھپ جو ھڪ ڏس اھو به آھي ته جيڪو آخري وکون ھمٿ سان کڻندو ۽ جدوجھد جي آخري مرحلي ۾ حوصلو سان ثابت قدم رھندو تنھن جي ڪاميابي ماڻڻ جا پڪا امڪان ھوندا آھن. ٻيو ته اڳوڻي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن پنھنجي اتم ڪٿا ۾ لکيو آھي ته جڏھن مون کي ڪو نقصان ٿيو ته مون نقصان تي ويھي سوچڻ جي بجاءِ جيڪو ڪجھ بچيو تنھن جي بنياد تي اڳتي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. نڪسن جي تجربي ۽ ڪرنل سينڊرس جي ڪاميابي جو مثال اسان کي اڻ ٿڪ محنت جو درس ڏئي ٿو.

ھڪ اڻ ٿڪ محنت، ٻيو سيڙپ سان ڌنڌي جو واڌارو جيڪو مغرب ۾ عام آھي. نھر سئيز جو ٺھڻ ھجي يا ايپل ڪمپيوٽر جي بانين اسٽيو جابس ۽ استيو وازنڪ جي ننڍي ڪمپيوٽر جي ڪاوش ھجي. اھي بلندين تي تڏھن پھتيون جڏھن ان ۾ سيڙپ ڪرڻ وارن سرمايو وڌو. ڪنھن جو ھنر يا تحقيق ۾ مالي سيڙپ شامل ٿئي تڏھن وسيع سطح تي ڪاميابي ٿئي ٿي. اھڙي ڪاروباري ڀائيواري ۾ اعتماد، قانوني تحفظ ۽ ٻين اخلاقي قدرن جي مدد موجود ھجي تڏھن ئي ڪاميابي سان معاشري جي ترقي جو ڦيٿو اڳتي ڦري ٿو.

 ان حوالي سان پنھنجي جھان تي نظر وجھو ٿا ته اسان جي تحقيق اڳ ئي گھٽ وري جي ڪو سيڙپ ڪري ته ان جي پئسن جي تحفظ مشڪوڪ ٿئي ٿو. سيڙپ ڪندڙ جا پئسا ھڙپ ڪرڻ جي سوچ عام آھي. اسان جي جھان ۾ پئسي موٽائڻ جو رويو گھٽ ئي آھي. اسان جو ھڪ دوست چوندو ھو ته اڌرا پئسا ايترا ڏيو جو واپس نه ملن ته توھان کي افسوس نه ٿئي. رقم ڏئي سھائي ڇڏيو ملي ته سٺو جي نه ملي ته به وساري ڇڏيو. باقي دنيا خالي ڪونھي اڄ به ڪي سٺا ماڻھو موجود آھي جيڪي ڪنھن جي پائي ميري نه ٿا ڪن پر اھو عام رحجان ڪونھي.

اسان سڀ پاڻ ۾ گڏياسين پر پروگرام جي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٽي چار ڪلاڪ ھئا. اھو وقت ڪيئن سجايو گذارجي. اتفاق سان ان وقت سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي ويجھو ھئاسين. منھنجي صلاح تي ان اداري ۾ وياسين جتي جي سيڪريٽري محترمه شبنم گل سان دعا سلام ڪري اڳتي وڌياسن ته اداري جو آفسر سائين خالد آزاد جنھن سان پراڻي ڄاڻ سڃاڻ ھئي سو اسان کي ڏسي اڳتي آيو ۽ اچي سڀني جو آڌرڀاءُ ڪيائين. ھن کان اڳ خالد آزاد وزير ثقافت ۽ سياحت جو اسٽاف آفيسر به رھي چڪو آھي جتي ساڻس ملاقاتون ٿينديون ھيون. ھن اداري ۾ سندس شعبو جنھن ۾ موھن جي دڙي جي ٻولي کي ڄاڻڻ جو ڪم ٿي رھيو ھو تنھن جا چارٽ ڏسي ۽ ٻي معلومات ورتي سين.

اھو الميو آھي ته موھن جو دڙو جيڪو اسان جي سڃاڻپ بڻجي ويو آھي جنھن اسان جو قومي قد ڪاٺ وڌايو آھي جنھن تي اسان فخر ڪندي نه ٿا ٿڪجون تنھن جي ٻولي پڙھي نه سگھيا آھيون. ان ڪري جو اسان وٽ ڪنھن ڪم تي مڪمل ڌيان ڏئي ان کي زندگي جو وڏو حصو ڏيڻ وارو رويو ڪونھي. وڏي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ اوتري صلاحيت جو استعمال ۽ ڊگھو وقت گھربل ھوندو آھي. آرڪيالاجي جي شعبي سان لاڳاپيل اسان جا ڪامورا نوڪري ڪن ٿا. ھي ڪم نوڪري کان اڳتي آھي. اسان جو جھڙو حال آھي ته جي انگريز اسان کي موھن جو دڙو کوٽي ان تھذيب جي عظمت نه ٻڌائين ھا ته ھي دڙو ھوريان ھوريان قبضا ٿي مٽجي به وڃي ھا. اسان ڪٿي اھڙو منظم کوٽائي وارو ڪم ڪريون ھا.

وزير ثقافت سيد سردار شاھ کي جس ھجي جنھن ھن ڪم تي ڏيان ڏنو آھي. پنھنجي وزرات جي شروع وارن ڏينھن ۾ ئي ھن جي کاتي موھن جي دڙي تي سيمينار ڪرايو ھو ته جيئن ھن ڪم تي ڏيان ڏجي. مون کي ھڪ ڀيري ان وقت جي سيڪريٽري ڪلچر اڪبر لغاري صاحب بڌايو ھو ته ھڪ يورپي ماھر جنھن موھن جي دڙي تي تحقيقي ڪم ڪيو ھو تنھن چواڻي ته توھان کي جي موھن جي دڙي جي ٻولي کي پڙھڻو آھي ته توھان ڏکڻ ھندستان واري علائقي ۽ سريلنڪا جي ٻولين جو اڀياس ڪريو. اھو خيال آھي ته آرين جي اچڻ تي ھتان جا اصلي باشندا ان طرف ئي لڏي ويا ھئا.

ان دوران اداري جي سربراھ اسحاق سميجي کي اسان جي اچڻ جو اطلاع ڏنو ويو. ھن پٽيوالي کي اسان کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. اسان خالد آزاد سان گڏجي اسحاق سميجي صاحب جي آفيس پھتاسين جنھن اسان جو دلي آڌرڀاءُ ڪيو. اتي نالي وارو ڪالم نويس منظور ميراڻي به موجود ھو. سميجو صاحب نھايت مھذب، مانائتو ۽ ٻئي کي عزت ڏيڻ واري خويبين وارو لائق انسان آھي. لکڻ پڙھڻ سان گڏ شاعري به ڪندو آھي ان ڪري ادبي دنيا جو ڄاتل سڃاتل شخص آھي. ساڻس اڳ سنڌالاجي واري آفيس ۾ ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ھئي جتي ھو انھن ڏينھن ۾ ان اداري جو سربراھ ھو. مٿيان ٻئي اداري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي جي علمي ورٿي کي سنڀالڻ جو قومي ڪم ڪن ٿا.

ٿوري دير جي ان ڪچھري ۾ چاءِ تي حال احوال ڪيائين جنھن دوارن سميجي صاحب اسان کي اداري جي ڪمن ڪارن سان گڏ ان جي ڪاميابين جا تفصيل ونڊيا. ان سان گڏ ھن اسان کي تفصيلي ڪچھري لاءِ ڊنر تي مدعو ڪرڻ جي خواھش ڏيکاري جنھن تي اسان کيس چيو ته ٻئي ڀيري حيدرآباد اچڻ تي اھڙي گڏجاڻي ڪنداسين. علم دوست ماڻھو سان وقت گذارڻ منھنجي به ترجيح ھوندي آھي جنھن سان ويچار ونڊيندي علمي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيندو آھي.

ان سان گڏ منظور ميراڻي سان پڻ لکڻ پڙھڻ سان گڏ سماجي موضوعن تي ڳالھ ٻولھ ٿي.

اسان سميجي صاحب، منظور ميراڻي ۽ خالد آزاد کان موڪلائي روانا ٿياسين ته به پروگرام جي شروع ٿيڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ جو وقت ھو تنھن ڪري ان ئي علائقي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ۾ ان جي سيڪريٽري نذير قريشي سان ملڻ وياسين. نذير صاحب ڊاڪٽر شاھد قريشي جو ننڍو ڀاءُ آھي. نھايت ئي قابل ھئڻ سان گڏ ايماندار آفيسر آھي. صلاحيت سبب کيس نئين چيئرمين پنھنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو آھي.

پبلڪ سروس ڪميشن بابت ماضي قريب جي معاملن کي ياد ڪريون ٿا ته ھن اداري جي سسٽم کي ناقص قرار ڏيندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ان ۾ بھتري آڻڻ تائين ڪم تي بندش وجھي ڇڏي ھئي. وقت ڏيڻ جي باوجود ان وقت جي انتظاميه ان کي گھربل معيار تي آڻڻ جو ڪم نه ڪري سگھي. ڪجھ وقت تائين ان جي بندش کان پوءِ سنڌ سرڪار وسيم نالي ۲۲ گريڊ ۾ رٽائر ٿيل ھڪ ڪاموري کي ان جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو. ھن ٿوري وقت ۾ اداري جا قاعدا قانون ۽ طور طريقا مرتب ڪري ان جي سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي جنھن تي سنڌ سرڪار ان کي بل ذريعي سنڌ اسيمبلي کان منظور ڪرائي ورتو. ائين ادارو وري ڪم ڪرڻ لڳو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته اداري کي ھلائڻ لاءِ قابل ماڻھو جي ضرورت پوي ٿي. اسان جو ڳوٺائي ۽ محسن سيف الله چنو پورٽ قاسم جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر ھو. نھايت ئي ايماندار ۽ پوري محنت سان ڪم ڪندو ھو. ڪجھ وقت کان پوءِ ان کاتي جي ڪمن يا مسئلن کان بيزار ٿي چني صاحب اداري جي سربراھ کي وڃي عرض ڪيو ته سر مون کي ھن کاتي مان بدلي ڪري ڪنھن ٻئي کاتي ۾ رکو. ان تي پورٽ قاسم جي چيئرمين وراڻيس ته چنا صاحب ھي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ڪا ڪار يا گاڏي ڪونھي ان جو ڊرائيور بدلي ڇڏيان. اھو چئي ھن کيس بدلي ڪرڻ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنھن منتظم کي ادارو ھلائڻ ۾ دلچسپي ھوندي آھي سو ان اداري کي ھلائڻ لاءِ سربراھن جي چونڊ به صلاحيت جي بنياد تي ڪندو آھي.

اداري جي بلڊنگ ۾ ڏٺوسين ته مرمت جو ڪم ھلي رھيو ھو ۽ ٻڌايو ويو ته ڪيترو ڪم اڳ ٿي چڪو آھي. نذير قريشي اسان کي ٻڌايو ته موجودھ چيئرمين جا ڪاموراشاھي سان سٺا تعلقات آھن جن جي ڪري اسان کي گھربل فنڊ بنا دير جي ملي وڃن ٿا. ان سان گڏ جيڪڏھن ڪنھن ڪم جو اختيار وڏي وزير وٽ آھي ته ان کان به ھو پاڻ وڃي ڪرائي ٿو وٺي. نذير صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته بلڊنگ جي مرمت سان گڏ امتحاني شعبي کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ جو ڪم به گڏوگڏ ھلي رھيو آھي جيڪو جلد مڪمل ٿيندو جنھن سان امتحاني طريقو وڌيڪ بھتر ۽ تيز ٿي ويندو.

ماضي ۾ ھن اداري جي ڪرپشن جي قصن جا چرچا رھيا آھن. ان ۾ ڪيتري صداقت ھئي سو ته ماضي جي انتظاميه ڄاڻي پر ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ به سسٽم کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪوتاھي ماضي جي انتظاميه جي نااھلي جي نشاندھي ڪري ٿي. اداري جي بد انتظامي سان گڏ ھن مکيه اداري جي آفيس بلڊنگ به خراب حالت ۾ ھئي جنھن تي به شايد ڌيان گھٽ ھو. اسان جي حڪومت سان گڏ اسان جي ذاتي زندگي جو الميو آھي ته جڏھن وڃي آخري حد تائين پھچندا آھيون تڏھن ايڪشن کڻندا آھيون. صحت جي حوالي سان جڏھن بستر ڀيڙا ٿيون تڏھن وڃي صحت جي باري ۾ ڪجھ فڪر ڪريون. ڪار يا ٻي گاڏي جيڪا استعمال ھيٺ آھي ان جي مرمت يا ڪنھن نقص کي نظر انداز ڪري پيا ھلائيندا آھيون جيستائين اھا روڊ تي بيھي نه وڃي. جي ھاءِ ڪورٽ دخل اندازي نه ڪري ھا ته ھي ادارو به پيو رڙھي ھا. پر جڏھن بيھي ويو ته ان جي مرمت لاءِ ڪي ڪاريگر ڳوليا ويو. ڪاش اسان وقت کان اڳ منصوبه بندي جي اھميت ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت سمجھون.

نذير قريشي صاحب سان دعا سلام ڪري کانئس اجازت وٺي نڪتاسين. فنڪشن جو وقت به اچي ويجھو ٿيو ھو. اسان پھتاسين ته ھال ۾ ماڻھو اچي چڪا ھئا. ميزبانن مان نور محمد بجير ڪنھن ضروري ميٽنگ سبب اسلام آباد ويل ھو. ھال ۾ موجود ڪاشف بجير ۽ ٻين دوستن اسان کي ڀليڪار چيو. اھا گڏجاڻي انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس جي ڏھاڙي سان حوالي سان ھئي جنھن جو عنوان ھو، عظمت، عزت ۽ انصاف سڀ لاءِ. ڏٺوسين ته سڀ تياريون مڪمل ھيون. ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ اسٽيج تيار ھئي ۽ اڪثر ماڻھو به پھتل ھئا ۽ ڪي اچي رھيا ھئا.

 اتي ڪيئي ماڻھو ڄاتل سڃاتل ھئا جن سان ملڻ جلڻ سان گڏ حال احوال ڪندا رھياسين. وقت تي ڪاروائي جي شروعات ٿي جنھن ۾ اسٽيج تي ھڪ پينل ويھاريو ويو جنھن ۾ مان، جامي چانڊيو، ڪمليشور، ڊاڪٽر غزاله سان گڏ ھڪ نوجوان ڇوڪري عصمت خانزادا ھئي. طريقي موجب ھر ڪنھن کي ان موضوع تي واري واري سان ڳالھائڻو آخر ۾ سوالن جوابن جو سيشن ٿيڻو ھو.

ھر ڪنھن انساني حقن جي حوالي سان ملڪ اندر ابتري تي پئي ڳالھايو. ھنن گھڻو ڏوھ حڪومت کي پئي ڏنو جنھن جي ذمي عوام جي حفاظت جي ذميواري آھي. ان سان گڏ انساني حقن جي لتاڙ کي ملڪ جي وڌندڙ انتھاپنسدي سان ڳنڍيو پئي ويو. ان انتھا پسندي کي ڪنٽرول ڪرڻ رياست جي ذميواري چيو ويو. مقررن موجب رياست ماءُ وانگر ھوندي آھي پر ھتي رياست عوام جي حقن جي حفاظت لاء پنھنجون ذميواريون پوريون ڪو نه ٿي ڪري. ان سان گڏ نوجوانن جي ڪردار جو ذڪر ڪيو ويو. نوجوانن جي صلاحيت تي اعتماد جو اظھار ڪندي ڪنھن تبديلي لاءِ انھن جي ڪردار کي بنيادي ضرورت قرار ڏنو ويو. ملڪ جي وڌ ۾ وڌ آبادي نوجوانن جي آھي جيڪي ڪنھن تبديلي ۾ بنيادي ڪردار ڪري سگھن ٿا.

مون پنھنجي طرفان جيڪو ڪجھ چيو تنھن جو نچوڙ ھي ھيو ته معاشري ۾ عوام جي ڀلي جي ذميواري حڪومت تي ته عائد ٿئي ٿي پر اسان پاڻ به پنھنجو ڪردار ادا ڪريون. سڄو وزن ان تي وجھي اسان بري ڪو نه ٿينداسين. حڪومت جيڪو قائدو قانون ٺاھيندي ان تي عمل به اسان جي مدد سان ڪندي. ان ڪري ڪنھن بھتري لاءِ اسان کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو آھي. اسان کي پنھنجي عظمت لاءِ پنھنجي طرفان به ڪوشش ڪرڻي آھي. ايئن جي انصاف چاھيون ٿا ته اولاد، گھر وارن، سان گڏ معاشري جي ھر عمل ۾ انصاف وارو رويو اختيار ڪرڻو پوندو. ٻئي کي عزت ڏيڻ سان سان ٻيو به موٽ ۾ عزت ڏيندو. حقن جي سلسلي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري پوءِ حقن نه ملڻ تي حڪومت جو احتساب ڪريون. نوجوانن جي جيڪڏھن گھربل تربيت ڪبي تڏھن ئي ھو سٺو شھري ٿيندو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪندو. اسان جو الميو اھو آھي ته ٻھراڙي ۽ ننڍن شھرن ۾ رھندڙ والدين جيڪي اڪثريت نوجوانن جي پرورش کي گھڻي اھميت ڪو نه ٿي ڏئي. کين وڏو ماڻھو بڻائڻ جي خواھش ته رھي ٿي پر ان لاءِ سندن شخصيت سازي ڪو نه ٿي ٿئي. کين صلاحيتن تي ڀاڙڻ جي تربيت ڪانه ٿي ڏني وڃي.

اتي مون ڪئناڊا جي تعليم ۽ ٻارن کي اعتماد ڏيڻ جو طريقو بيان ڪيو. اھو به چيو ته يونيورسٽي ۾ تعيلم نه حاصل ڪري سگھندڙ نوجوانن لاءِ اتي ڪيئن ھنرن ۽ سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪرايا وڃن ٿا. ان حوالي سان ٻيو الميو نوجوانن جو ھنرن ۾ عدم دلچسپي آھي ان ڪري سڄو ڌيان سرڪاري نوڪرين طرف آھي. پرائيويٽ ادارا جتي وڌ ۾ وڌ نوڪريون آھن سي قابليت گھرن ٿا. پرائيويٽ ادارا ئي مغرب ۾ به وڏي آبادي کي نوڪرين جو موقعا فراھم ڪن ٿيون. ان لاءِ نوجوانن جي مارڪيٽ جي گھرج موجب تعليم ۽ تربيت ڪرڻ گھرجي. ان ضرورت کي پھريان والدين سمجھن تنھن کان پوءِ ئي نوجوان سمجھندو. اسان مان سڀ جي انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿيندا ته باقي معاشري جو سسٽم ڪيئن ھلندو. ھر شعبي لاءِ افرادي قوت جي گھرج آھي. ان سان ئي بيروزگاري ختم ٿيندي ۽ ان سان ئي معاشرو متوازن ترقي ڪندو.

سوالن جوابن جي وقفي دوران حاضرين مان ڪن سوال جي جاءِ تي پاڻ تقرير ٿي ڪئي. ڪن متعلق سوال پڇيا ته ڪن پنھنجي مسئلن جو حل پئي ڄاڻڻ چاھيو. سوال ڪندڙن مان ڪن پنھنجي پسند جي مقررن کان ان جا جواب چاھيا ته ان ئي ماڻھو کيس جواب ٿي ڏنا. منھنجي سمجھ موجب نه حاضرين اصلي مسئلي کي سمجھن ٿا ته نه وري جيڪي ڏاھا آھن سي کين گھربل ڏاھپ جو ڏس ڏين ٿا. ھر ڪنھن جي مولوي واري تقرير آھي جيڪا سندس خواھش ھيٺ آھي ۽ جيڪا حاضرين ٻڌڻ چاھين ٿا. ان ڪري ئي ھڪ رخ جو تعين ڪو نه ٿو ٿئي. بس جھان پيو ھلي.

آخر ۾ عطاءُ الله ملاح ۽ سماج سڌارڪ شعبي سان لاڳاپيل ھڪ چوڪري مارئي اعوان ان موضوع تي خيالن جو اظھار ڪيو. تنھن کان پوءِ تقريب پڄاڻي کي پھتي. اسان سنگت کان موڪلائي باھر نڪتاسين. عطاءُ الله ملاح ۽ ٻي سنگت جو زور ھو ته ڪٿي ڊنر ڪجي پوءِ ھڪ ٻئي کان موڪلائجي. مون کي حيدرآباد شھر جي گھڻي ڄاڻ ڪو نه ھئي ان ڪري ويھڻ لاءِ ھوٽل جي چونڊ سنگت جي حوالي ٿي جن روپا ماڙي نالي ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کائڻ تي اتفاق ڪيو. اسان اتي اچي ويٺاسين. اسان سان گڏ عبدالجبار لاشاري جو دوست مختيار ٻٻر به ھيو جيڪو وٽنري ڊاڪٽر ھئڻ سان گڏ ان کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عھدي تا رٽائر ٿيو آھي. جھان ديدھ ماڻھو آھي جنھن سان ڪچھري ڪندي لطف پئي آيو.

اڃا شھر وارن جي رات نه ٿي ھئي يا اسان جلد پھتا ھئاسين جو اسان ئي ھال ۾ موجود ھئاسين ٿوري دير کان پوءِ ٻيا ڪي ھمراھ به اچي پاسي واري صندل تي ويٺا. ھي ھوٽل وڏي شامياني اندر ٺھيل ھو. اسان اڄڪلھ جي مقبول ڊش مٽن ڪڙاھي ۽ ڪن ٻيين کاڌن جو آرڊر ڏنو جنھن جي تياري لاءِ ھنن اڌ مني ڪلاڪ جو وقت ٻڌايو ان دوارن اسان ويھي روايتي خبرون چارون ڪيون. کاڌو آيو پر جيترو ھوٽل جو نالو اوترو معيار ڪو نه ھو. بک لڳل ھئي تنھن ڪري ڪجھ کاڌوسين. محفل برخواست ڪرڻ کان پوءِ عبدالجبار لاشاري ۽ عطاءُ الله ملاح جو بل ڏيڻ تي جھيڙو. اسان جي ملڪ ۾ بل ڏيڻ تي ضد يا بحث عام ڳالھ آھي پر اسان ملڪ کان ٻاھر به ساڳئي رويي سان گذاريون ٿا. ھڪ ڀيري ٽورنٽو شھر کان ٻاھر ھڪ ھنڌ کاڌو کائڻ کانپوءِ دوست بل ڏيڻ لاءِ ھڪ ٻئي کان اڳتي پئي ٿيا. ڪنھن ٻئي جو ھٿ پئي جھليو، ڪنھن ٻئي کي راضي ڪرڻ لاءِ پئي ضد ڪيو. اھو منظر ڏسي ھوٽل جي گوري مينيجر چيو ته مان پوليس گھرايان؟. ھن سمجھيو ته ھي شايد وڙھي پيا آھن. اسان جڏھن کيس ٻڌايو ته ھي جھيڙو نه پر خلوص جو اظھار آھي جنھن ۾ ھر ڪو بل ڏيڻ چاھي ٿو. پوءِ ھن ڳالھ سمجھي، مرڪي ان منظر مان لطف اندوز ٿيو.

عبدالجبار لاشاري ۽ مختيار ٻٻر کي ٽنڊي ڄام وڃڻو ھو، عطاءَ الله ملاح جو گھر حيدرآباد ۾ آھي تن کان موڪلائي رواناسين. روڊ تي ھڪ ريڙھي تي نارنگيون وڪڻڻ وارو بيٺو ھو. لڳيون به تازيون پئي ان ڪري گاڏي روڪرائي اھي ورتم. ھڪ ته سنڌ ۾ رھندي ھي تازيون ۽ سوادي نارنگيون مان گھڻو ڪري روز کائيندو آھيان. ٻيو ته بي مزي کاڌي مٿان اھي کائي موڊ بھتر ڪرڻو ھو. ائين سفر جي شروعات ۾ نارنگين کائڻ جو مزو ورتوسين. پسند جو ميوو يا من پسند کاڌو کائڻ ۾ لطف آھي جنھن سان وقت جا لمحا خوشگوار ٿي وڃن ٿا.

سفر ڪندي اچي بحريه ٽائون پھتاسين جتان مبشر ملڪ شھر لاءِ روانو ٿيو. مان رات ڊاڪٽر شاھد جي ھڪ فليٽ تي رھي پيس. ٿڪ ھو ۽ ٻيو صبح جو جلد ڪا مصروفيت ڪانه ھئي تنھن ڪري سڪون سان سمھي پيس.

گھري ننڊ ستل ھوس. صبح جو ڊاڪٽر شاھد جي نوڪر اچي گھنٽي وڃائي. گھنٽي جو آواز به ھلڪو ھو تنھن ڪري ان تي ڪو نه جاڳيس. ڊرائيور اچي در کڙڪايو پر پوءِ به سجاڳي ڪو نه ٿي. آخر ۾ ڊاڪٽر شاھد کين چيو ته چاٻي کڻي وڃو ان سان وڃي دروازو کوليو. ھنن ائين ئي ڪيو ۽ اندر گھڙي منھنجي ڪمري جي دروازي کي ناڪ ڪيو. ان تي مان اٿيس. صبح جا ڏھ ٿيا ھئا. رات واھ جو ننڊ آئي آھي جو تازو ڪري ڇڏيائين. ھي ننڊ به بلا شي آھي جو ڪڏھن اچي ئي ڪانه، ڪڏھن اڌ رات جو ڦٽي وڃي ته ڪڏھن گھري اچي وڃي. رات جو ننڊ نه اچي ته بستر ۾ پاسا ورائيندي وقت نه گذرندو آھي. منھنجي ھڪ روسي دوست چواڻي ته جيڪڏھن ننڊ ڦٽي وڃي ته اجايا پاسا ورائڻ جي بجاءِ اٿي ڪو ڪم ڪندو ڪر. وري جڏھن ننڊ اچي ته سمھي پوندو ڪر. مان سندس ان ڳالھ تي عمل ڪندو آھيان. ننڊ ڦٽڻ تي اٿي لکڻ پڙھڻ کي لڳي ويندو آھيان جنھن ڪري اھو وقت سجايو ٿي ويندو آھي.

مان اٿي تيار ٿيڻ لڳس تيستائين ملازم چانھن ۽ نيرن تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويو. مان اچي ڊرائينگ روم ۾ ويٺس ته ملازم چانھن آڻي آڏو رکي جيڪا پي بس ڪيم ته ڊاڪٽر شاھد ۽ سندس ڀاءُ ڪامران قريشي به اچي پھتا. پھچندي چيائون ته اڄ واھ جي ننڊ ڪئي اٿو جو اٿڻ جو نالو نه پئي ورتو. بس ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿيندو مون کين وراڻيو. ڪامران قريشي سان به ڀائرن جھڙو تعلق آھي تنھن سان ڪچھري ڪيم. اسان جي ڪم ڪار جو وزن مٿس ھوندو آھي. جيتري اسان ساڻس حجت ڪندا آھيون اوتري ھو دل سان موٽ ڏيندو آھي. جي جيارو ماڻھو آھي، ساڻس ڪچھري ڪندي ڪو نه ٿڪبا آھيون. بحريا ٽائون ۾ مون جڏھن پلاٽ ورتو پوءِ وري فليٽ ورتم جيڪو زير تعمير آھي تن جي چونڊ ۽ سڀ ڪم ڪار ڪامران جي ذمي ھوندا آھن. جيڪو ھن کي پسند آيو سو اسان جي پسند ھوندو آھي. مون اڄ تائين اھو پلاٽ ۽ فليٽ ڪو نه ڏٺو آھي بس ڪامران ڏٺو آھي ته ڪافي آھي جڏھن ٺھندو تڏھن اچي رھنداسين. جڏھن پنھنجائپ جو رشتو جڙي ته پوءِ ھڪ ٻئي تي اعتماد جو پنھنجو ئي لطف آھي.

ڪچھري ڪندي نيرن لڳي جيڪا گڏجي کاڌيسين. تنھن کان پوءِ مون کي گلشن حديد وڃڻو ھو. ھڪ ته گھر کان ٻاھر ڪجھ ڏينھن گذريا ھئا، ٻيو ته منھنجي ڀاڻج شبير ڪولاچي جو پٽ وليد جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙھندو آھي سو به موڪلن تي آيل ھو تنھن سان ملڻ جي خواھش ھئي. ھو پر اعتماد ۽ ليڊرشپ جي صلاحيتن رکندڙ اھي. مان کيس ڪورس، ڪتابن جي چونڊ ۽ صلاحيتن تي ڀاڙڻ جي اھميت تي سندس تربيت ڪندو آھيان. ان ڪري ھو مون سان شوق سان ملي وقت گذاريندو آھي. ان سان گڏ سندس والد غلام شبير به موڪل تي آيل ھو تنھن سان به ملڻو ھو ۽ اتي ٻين عزيزن سان ڪي گھڙيون گذارڻيون ھيون. سنگت کان موڪلائي گلشن حديد وڃڻ لاءِ ڊاڪٽر شاھد جي گاڏي ۾ روانو ٿيس. بحريه ٽائون کان گلشن حديد لنڪ روڊ سان اچجي ته ويجھو آھي پر رستو ڪجھ ڀڳل ٽٽل آھي تنھن ڪري ھوريان ھلندي ڊرائيور ظھير سولنگي سان خبرون ڪندي اٽڪل اڌ ڪلاڪ ۾ اچي گلشن حديد گھر پھتس.

پھچڻ سان ئي وليد کان پڙھائي جو خبرون چارون ورتم. ٻار جي حوالي سان سنڌي چوڻي اھي ته ٻار مڇ جو وار جيئن ورائينس تيئن وري. پر اھا چوڻي اسان جي ظاھري سوچ ۽ مٿاڇري روپ جي عڪاسي ڪري ٿي. ان چوڻي مان والدين جو اختيار ۽ ٻار جي ننڍي عمر سبب ان جي طبيعت ۾ لچڪ ظاھر ٿئي ٿي. والدين ۽ بزرگن کي اھو اعتماد رھي ٿو ته ھو ٻار جي پنھنجي مرضي موجب تربيت ڪري ان جي شخصيت ٺاھي سگھن ٿا.

ٻار جي دنيا جي حوالي سان خليل جبران جي شعر تي به غور ڪريو جنھن جي ھڪ حصي جي معني آھي ته؛

ٻار کي پاليو پر ان کي پنھنجا خيال نه ڏيو. ڇاڪاڻ ته ھن کي اڳتي جنھن دنيا ۾ رھڻو آھي اھا توھان واري دنيا ڪونھي.

استاد طبقو وري چوي ته مار ٻار جي سنوار آھي. پنھنجي معاشري ۾ ھر طبقو انھن چوڻين ذريعي پنھنجي اختيار جو اظھار ڪري ٿو. اھي ڪيتري قدر درست آھن تنھن تي ھر ڪنھن جي پنھنجي پنھنجي راءِ ھوندي پر ان مسئلي تي تحقيق ۽ وقت گذرڻ سان ھر ڪنھن جي اختيار تي غور ڪرڻ ۽ انساني نفسيات جي تحقيق سان ماضي وارا تصور ڪمزور ٿيندي نظر اچن ٿا.

اسان معاشري ۾ جيڪي سٺي ۽ خراب جا معيار ٺھيا آھن، جن روين کي اسان پنھنجي عزت سمجھون ٿا سي ٻار لاءِ به پسند ڪريون ٿا. جيڪو علم ٻار کي سٺي نوڪري وٺڻ ۾ مدد ڪري، جيڪو علم معاشري جي رواج موجب مقبول ۽ سٺو ڄاتو وڃي ٿو سو اسان چاھيندا آھيون ته اسان جو ٻار به حاصل ڪري. ٻين لفظن ۾ بار ڪافي حد تائين والدين، انھن جي دوستن ۽ معاشري جي ضرورت موجب ڪيريئر جو چونڊ ڪري ٿو. ٻين جي انھن روين اختيار ڪرڻ سان ٻار جي اندر جي صلاحيت مري وڃي ٿي. جيڏھن ڪنھن جي اندر جو انسان آرٽسٽ آھي تنھن کي جيڪڏھن ڊاڪٽر بڻائبو ته ھو وقت پيو گذاريندو پر بي دليي ڪم ڪرڻ سبب ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي ڪو نه سگھندو. ٻيا ڪي والدين وري اھڙا جو ان ڳالھ ۾ خوش ته ٻار پڙھي ٿو باقي نوجوان کي جيڪو پسند اچي سو وڃي پڙھي.

وليد جو والد گھڻو ڪري نوڪري سبب ٻاھر ھوندو آھي. ھي وڏو پٽ ھئڻ ڪري ڄڻ گھر جو مالڪ ھوندو ھو، موٽر سائيڪل، ڪڏھن گاڏي ھجڻ تي ھو ٻاھر پيو ويندو ھو. مھمان وغيرھ سان به منھن ڏيندو ھو. جڏھن ھو ڪيڊٽ ڪاليج جي پابندي واري زندگي ۾ وڃي ڦاٿو ته پھرين ڀيري موڪل تي اچڻ سان گھر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي براين ڪرڻ ۽ ھتي وڌيڪ سٺي تعليم ھئڻ وارا دليل ڏيڻ لڳو. پر سندس والد کيس سختي سان چيو ته جيترا ڏينھن ھتي آھين سٺو وقت گذار پر توکي موڪل پوري ٿيڻ تي موٽڻو آھي. ان معاملي تي وڌيڪ سوچڻ يا دليل ڏيڻ جي ضرورت ڪونھي. ھاڻ ڇا ڪري. ھو موڪل پوري ٿيڻ تي جيئن ئي واپس ڪيدٽ ڪاليج ويو ته پوءِ ٻيھر ان کي ڇڏڻ جي ڳالھ ئي وساري ڇڏيائين. ھاڻ سڪون سان اتي تعليم حاصل ڪري ٿو.

گلشن حديد ۾ رھندڙ دوست يا عزيز جيڪي شھر ھجڻ ڪري نه پئي ملي سگھيا تن مان ڪن سان ملڻ ويس ته ڪن کي فون ڪري ھتي ھجڻ جو اطلاع ڏنم. جيڪي ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ ملڻ لاءِ ايندا رھيا. منجھند ڌاري پنھنجي شھر جو ھڪ علم دوست ساٿي مسرور سيال ھڪ ٻئي ڳوٺائي کي ساڻ ڪري ملڻ آيو. مسرور اسان جي شھر باڊھ جو ھڪ متحرڪ ڪردار، ڪالم نويس ۽ ادب سان چاھ رکندڙ شخص آھي. ڪچھري دوران ٻڌايائين ته ھاڻ ھو پنھنجو اباڻو شھر ڇڏي گلشن حديد ۾ رھي ٿو. ٻھراڙي ۽ ننڍن شھرن ۾ گھٽ سھوليتن ۽ من پسند ماحول نه ھجڻ سبب پڙھيل لکيل ماڻھو گھڻو ڪري لڏي وڏن شھرن ڏانھن اچن ٿا. ان سان جتي سمجھدار ماڻھن کان علائقا خالي ٿين ٿا اتي ٻھراڙي جو سرمايو به شھرن ڏانھن منتقل ٿئي ٿو جنھن سان شھر ڏينھون ڏينھن ترقي ڪن ٿا ته ٻھراڙي ۽ ننڍا شھر اڳ کان به پوئتي پوندا وڃن ٿا. ان مسئلي جي تدارڪ ٿيڻ جا ڪي ويجھا امڪان به نظر ڪو نه ٿا اچن. مسرور ۽ ٻئي دوست ڪچھري کان پوءِ منھنجي ڪتاب اتم ڪٿا مان ۽ منھنجو جھان جي ڪاپي جي تقاضا ڪئي سا بنھي کي ڏنم جنھن تي ٻڻ ٽن ڏينھن کان پوءِ مسرور ھڪ تبصرو به لکيو.

شام جو اسان جو دوست مظھر جوڻيجو جيڪو علائقي جي اڪثر نيشنل بئنڪ برانچن ۾ مينيجر رھي رٽائر ٿيو آھي سو ملڻ آيو. ڪتابن جي معالعي جو بيحد شوقين آھي. سندس تعلق راڌڻ شھر سان اھي جيڪو اسان جي شھر کان ويجھو ئي آھي. مارڪيٽ ۾ ايندڙ نئين ڪتاب جو معالعو ڪندو آھي. ملاقات ۾ مون کي انھن ڪتابن جي مواد تي باخبر ڪندو آھي. ھر ڀيري ڪي ڪتاب مون کي پڙھڻ لاءِ ڏئي ويندو آھي. ھن اڳ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو ڪيئي ڪتاب، قاضي خادم جي يادگيرين جي ڪتابن سان گڏ علامه دائود پوٽي جي اڻپوري لکيل آتم ڪٿا جي ڪن قسطن تي ٻڌل ننڍو ڪتاب جنھن ۾ سندس ننڍپڻ جي غربت وارن ڏينھن ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو ذڪر آھي. انھن ڏينھن ۾ جڏھن تعليم عام ڪو نه ھئي تن ڏينھن ۾ ٻھراڙي جي غريب ڇوڪري جو سرندي وارن ماڻھن جي ٻارن سان فقط قابليت جي بنياد تي گڏجي تعليم پرائڻ ۽ انھن کان پڙھڻ ۾ اڳ ڪڍڻ جو بيان دلچسپ آھي. اھڙي ماحول ۾ ھڪ غريب ٻار جا جذبا ۽ سرندي واري ٻارن جي روين سان گڏ شفيق استادن جي سرپرستي جو ذڪر ماضي جي ماحول کي واضح ڪيو آھي. مون کي انھن لکڻين ۾ ڪي اھڙا لفظ به مليا جيڪي اسان ننڍپڻ ۾ ٻڌا پر اڄ جي نوجوانن شايد ئي ٻڌا ھجن. مثال طور مون کي ڪڻس ٿي پيئي يعني بخار ٿي پيو. ھاڻي ڪڻس جو لفظ ڪٿي ٿو استعمال ٿئي.. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ وڏو مرتبو رکندڙ ھن شخص پنھنجي ماضي جو حقيقتون سچائي سان بيان ڪيون آھن. جي ھو پوري آتم ڪٿا لکي ھا ته پڙھندڙن کي بيحد پسند اچي ھا.

ڪچھري دوران چيائين ته ھن ڀيري مون توھان لاءِ فضل الھ قريشي جي يادگيرين جو ڪتاب آندو اھي. ھو مٿين سطح جو ڪامورو رھيو آھي تنھن ڪري گھڻين واقعن، حالتن، فيصلن، ڏاڍاين جو اکين ڏٺو شاھد آھي. ھن اھي قلمند ڪري ڄڻ ھڪ دور جو معمول، معاملا ۽ وارڌاتون پڌريون ڪيون آھن. مون کائنس اھو ڪتاب وٺي سندس ٿورا مڃيا. مظھر جوڻيجو ھاڻي رٽائر آھي تنھنڪري کيس صلاح ڏنم ته ان وسيع معالعي واري ڄاڻ کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪر. اڪثر دوستن کي اھڙي صلاح وڻندي آھي پر عملي طور تي ان کي شروع ڪرڻ ۾ ڪجھ ھٻڪ محسوس ڪندا آھن. بھرحال مان اھڙن دوستن کي لکڻ لاءِ ھمٿائيندو رھان ٿو.

شام جي وقت منھنجا ڀاڻج حنيف ۽ نعيم ڪولاچي به ملڻ آيا. اسان سڀ ٻاھر لان تي ڪرسيون وجھيون ويٺا ھئاسين. غلا۾ شبير جي گاڏي بيٺي ھوندي ھئي خيال آيو ته ڪو ڊرائيور ھٿ ڪري ان کي استعمال ڪجي. سنگت ساٿ جون گاڏيون آھن جنھن ڪري ڪيڏانھن اچڻ وڃڻ جو ڪو مسئلو ڪونھي. ڪڏھن ڪريم جي ٽئڪسي استعمال ڪندا رھندا ھئاسين جيڪا ڪراڄي شھر ۾ سولائي سان ملي وڃي ٿي. پر ھڪ گاڏي پورو وقت پاڻ سان ھوندي ته چر پر وڌيڪ ڪري سگھبي جنھن سان ميل جول بھتر ٿي سگھندي. منھنجي ان خيال تي ھنن پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي چيو ته ھن بروھي ڊرائيور کي گھرايون ٿا. ھو سٺو ڊرائيور آھي ۽ ڪم ڪار ۾ تعاون ڪرڻ وارو رويو رکي ٿو. ٿورو کلي چيائون ته ڪم جو ڀلو آھي پر ٿورو چنڊو آھي جو ڊيوٽي کان ڪڏھن گسائي ويندو آھي. مون چيو ته ان جي ڪمي پيشي کي سنڀالي وٺنداسين کيس گھرايو. پپري ۾ رھندو ھو سو جلد اچي اسان وٽ پھتو. ھنن چيس ته ماما سان سڀاڻي کان ڊيوٽي ڪرڻي اٿئي واندو آھين يا نہ. وراڻيائين ته اڄڪلھ بيروزگار آھيان ان ڪري مامي سان ڊيوٽي ڪندس. ڪچھري ڪندي مون کانئس پڇيو ته جتي تنھنجي طبيعت ۽ ڪم جي تعريف آھي اتي تنھنجي گسائڻ جي شڪايت آھي سو ڇو. ان کان اڳ جو ھو جواب ڏئي ڇوڪرن چيو ته ماما ھن پيار جي شادي ڪئي آھي اھا به پاڻ کان اٽڪل ۱۶ سال وڏي عمر جي عورت سان.

واقعي مون کانئس تصديق ڪرڻ چاھي تنھن تي وراڻيائين ته ھا ماما. پر ايڏي وڏي عمر جي عورت سان شادي؟. پوري اعتماد سان وراڻيائين ته ماما پيار ۾ عمر ٿورو ئي ڏسبي آھي. ان تي ڇوڪرن ٿورا چرچا ڀوڳ ڪيس جنھن تي ھو به ڪو نه چڙيو. مون کيس صبح جي اچڻ جو چئي روانو ڪيو.

مان گلشن حديد ۾ چڪر ھڻي ڪن دوستن ۽ عزيزن سان ملي موٽيس ته اسان جو ڳوٺائي دوست گل منير سومرو منھنجي انتظار ۾ ويٺو جنھن مون کي پنھنجي ٻئي نمبر پٽ جي شادي جو ڪارڊ ڏنو. گل منير بيحد سلڇڻو ۽ ملنسار طبيعت جو شخص آھي. اڄڪلھ ميمڻ ڳوٺ جي نيشنل بئنڪ برانچ ۾ مينيجر آھي. مون سندس وڏي پٽ ذيشان بابت پڇيو جيڪو آمريڪا ۾ رھندو آھي. ھن چيو ته شادي ۾ اھو به ايندو تنھن ڪري ان سان توھان جي ملاقات ٿي ويندي.

ايئن شام جون مصروفيتون پوريون ڪري پنھنجي ڪمري ۾ سمھي ننڊ جي آغوش ۾ ھليو ويس.

صبح جو ڊرائيور به اچي پھتو. جيستائين تيار ٿي نيرن ڪريان کيس گاڏي صاف ڪري، پئٽرول وجھرائي گاڏي تيار رکڻ لاءِ چيم. اڄ منظور ڪوھيار صاحب سان سعدي ٽائون ۾ وڃي ملڻ جو پروگرام ٺاھيو ھيم. فون ڪري دعا سلام ڪرڻ کانپوءِ کانئس اڄ جي سندس مصروفيت جو پڇي پنھنجي اچڻ جو ارادو ظاھر ڪيم. ھن وراڻيو ته مان واندو آھيان، گھر ۾ ھوندس توھان ضرور اچو. ھن پنھنجي گھر جي ايڊريس به ايس ايم ايس ذريعي موڪلي ڏني. مون تيار ٿي نيرن ڪئي ۽ سعدي ٽائون روانو ٿيس.

منظور ڪوھيار صاحب اڳ گلشن حديد ۾ رھندو ھو جنھن سان ھتي اچڻ تي ڪافي سٺو وقت گذرندو ھو. جتي ھو دل گھريو دوست آھي اتي ھن جي وسيع مطالعو ھئڻ ڪري ساڻس ڪچھري جو لطف ايندو آھي. ڪنھن موضوع تي ڳالھائڻ شروع ڪريون ته ھو نھايت ئي گھرائي سان حوالن ذريعي ڳالھائيندو آھي. جتي سندس مطالعو وسيع آھي اتي مشاھدو به گھرو اٿس. اسان ٻئي سنڌ جي ٻھراڙي سان تعلق رکڻ، ننڍپڻ ۾ ساڳئي علائقي ۽ ماحول ۾ رھڻ ڪري ھڪ ٻئي جي احساسن کي سمجھندا آھيون.

شام جو گڏجي واڪ ڪرڻ لاءِ نڪرندا ھئاسين، روڊ تي پنڌ بجاءِ مٿانھين سطح کان ھيٺ بنجر زمين طرف لھي ھڪ ھنڌ ننڍي ٽڪري ھئڻ تي ان طرف چڙھي ھائيڪنگ ڪندي ٿڪجي ان ٽڪري تي ٺھيل ھڪ ھوٽل ۾ چاءِ جي دور تي ڊگھي ڪچھري ڪندا ھئاسين. جيڪڏھن ڪنھن مصروفيت سبب واڪ ڪرڻ جو وقت نه ملي سگھندو ھو ته پوءِ سڌو ان ھوٽل جو رخ ڪندا ھئاسين. ان چوياري جو اھڙو لطف ھو جو جيڪڏھن نه ملون ته ڪمي محسوس ٿيندي ھئي. ڪڏھن دير ٿيڻ تي ھڪ ٻئي کي ياد ڏياريندا ھئاسين. سچي ڳالھ اھا آھي ته مان کانئس سکندو ھوس ۽ سندس ڄاڻ مان فائدو حاصل ڪندو ھوس.

ان ٽڪري واري ھوٽل تي ٿيندڙ ڪچھري ۾ ھفتيوار موڪلن ۾ صوفي ذلف علي به اچي گڏبو ھو. ڪڏھن ھو اڳ ۾ ويٺو ھوندو ھو ته اسان وڃي سندس چوياري جو حصو ٿيندا ھئاسين. ذوالفقار علي ڪمبوھ عرف صوفي ذلف علي به لاجواب ماڻھو آھي. صوفي نظريي ڏانھن مائل ھجڻ ڪري سندس طبيعت ۾ صوفياڻو رنگ آھي. سندس سوچون ۽ خيال اسان سان ملندا آھن ان ڪري ھو اتي اڪثر ڪري منظور ڪوھيار سان ملندو رھندو آھي. صوفي سوچ ۽ موضوع تي سندس ڪتاب ڪليد تصوف به ڇپيل آھي. مھذب، ملنسار طبيعت جو مالڪ آھي جنھن ۾ ڪا وڏائي ڪونھي. ھو پيشي جي لحاظ کان جج آھي پر پوءِ به ماڻھن جي وچ ۾ گذاريندو آھي.

ھڪ ڀيري ھو ٻن ھمراھن سان گڏ ان ٽڪري واري ھوٽل تي ويٺو ھو. اسان به وڃي سندس محفل جو حصو ٿياسين. ڪچھري اڳ ئي پئي ھلي. ھڪ ھمراھ جو تعلق سرائڪي بيلٽ سان ھو. ٻيو مقامي ھو. ڪنھن موضوع تي ڳالھائيندي اھو سرائڪي بيلٽ وارو ھمراھ جنھن پنھنجو تعلق صوفي لڏي سان پئي جوڙيو سو ھر ڳالھ تي بحث ۾ چوي ته توھان کي خبر نه ھوندي مان ٿو توھان کي ٻڌايان. ٻه ٽي ڀيرا ته برداشت ڪيوسين پوءِ مان ۽ منظور ڪوھيار بحث کان لاتعلق ٿي پاڻ ۾ خبرون چارون ڪندا رھياسين. شڪر آھي جو ھو جلد اٿيا. کين رخصت ڪري جڏھن صوفي ذلف علي اچي اسان سان ويٺو ته کيس چيوسين ته ھي ڪھڙا ماھر وٺي اچي ويھاريا ھيئي. ھڪڙي مھرباني ڪر جيڪڏھن اھڙا ڪي ماھر ڪنھن سبب تو سان ويٺل ھجن ته اسان کي اڳتي وڃي ويھڻ جو اشارو ڪندو ڪر. پاڻ به ان کي محسوس ڪري چڪو ھو تنھن ڪري اڳتي خيال ڪرڻ جو واعدو ڪيائين.

منظور ڪوھيار صاحب ڪيئي ڪتابن جو مصنف آھي. سندس لکيل ڊراما ۽ ڪھاڻيون وڏي معيار جون آھن. ڪجھ وقت اڳ سندس ناول طريقت جو سج ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آھي. اھو ناول قلندري فڪر ۽ قلندر جي سفر تي ٻڌل آھي. قلندر شھباز کي جتي سنڌ جي ماڻھن سان گڏ پنجاپ جي ماڻھن جي وڏي تعداد پير طور مڃي ٿو اتي سنڌ جو قوم پرست طبقو ان کي پسند ڪو نه ڪندو ھو. ھڪ سبب ته سندس شاعري فارسي ۾ ھئي ٻيو ته ڪن قومپرست ليڊرن جي اھڙن رمارڪس ته ھي ڪو جاسوس يا ايجنٽ ھو. قومپرست سوچ رکندڙ گھڻا نوجوان اھڙين ڳالھين جو اثر وٺي ويا.

ھاڻي ڪنھن جي ھمٿ آھي جو ان عام سوچ جي خلاف لکي ککر ۾ کڙو ھڻي پر ڪوھيار صاحب ھمٿ ڪري ھي ڪتاب لکي ان تاثر کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن جيڪي حوالا ڏنا آھن ان ۾ سائين جي ايم سيد، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، مولانا غلام مصطفي قاسمي جھڙن شخصيتن جا قلندر جي باري ۾ چيل يا لکيل مثبت رمارڪس جو ذڪر آھي. ھن لکڻ جو مقصد ڪو قلندر شھبار کي بزرگ مڃائڻ ڪونھي پر مان منظور ڪوھيار جي ان ھمٿ جو ذڪر ڪري رھيو آھيان جيڪا ھن ڪئي ۽ درست حوالن کي ماڻھن آڏو پيش ڪيو. ھن ناول ۾ ان دور جي تاريخ، جاگرافي، مختلف علائقن جي سماجي حالتن جي ذڪر سان گڏ صوفي فڪر جو سٺي نموني بيان ٿيل آھي.

تازو سندس ھڪ ٻيو ناول ڊي ناڪ ۱۹۰ مارڪيٽ ۾ آيو آھي. ھي ناول سندس پرڏيھ ۾ ھڪ ڪورس دوران، اتي ھاسٽل جي زندگي ۽ ڪورس جي ساٿين سان گذاريل وقت جو حال احوال بابت آھي. جتي ھو سٺو ليکڪ آھي اتي ھو مصنوعي شھرت ۾ يقين ڪو نه رکندو آھي. ايستائين جو ھو پنھنجي ڪتابن جي مھورت ۾ دلچسپي ڪو نه وٺندو آھي. ھڪ ڀيري حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ھڪ لٽريچر فيسٽيول ۾ کيس اچڻ ۽ ڪتاب آڻڻ جو چيو ويو ته سندس ڪتاب جي مھورت جي تقريب منعقد ٿئي. ان تقريب ۾ ڪي ٽي چار ڏينھن ھئا. ھن کين وراڻيو ته جن ماڻھن ڪتاب ئي ڪو نه پڙھيو آھي سي ڪتاب تي ڇا ڳالھائيندا، ٻيو جن ماڻھن جا نالا کنيا اٿو سي علمي حوالي سان ڪا ڄاڻ ڪو نه ٿا رکن. رھجي ويندو ڦوٽو سيشن تنھن ۾ مون کي ڪا دلچسپي ڪونھي.

مان ڪلاڪ کن ۾ اچي سندس گھر پھتس. خوش ٿيو پوءِ ھڪ ٻئي کان حال احوال ورتاسين. لکڻ پڙھڻ کان ويندي اسڪالا جي ايندڙ فنڪشن تي به صلاح مشورو ڪيوسين. تواضع به ڪندو رھيو. چيائين ته تو کي لاڙڪاڻي جا زيتون پسند آھن سي مان صبح خاص ڪري وٺي آيو آھيان. کيس چيم ته گلشن حديد مان توھان جي شفٽ ٿيڻ تي منھنجو کوڙ نقصان ٿيو. وراڻيائين ته ھتي ٻارن کي اسان جي ضروت ھئي، تن جي سانگي آيا آھيون. ڳالھ ته ٺيڪ آھي مان به ساڳئي صورتحال مان گذري رھيو آھيان؛ مون کيس وراڻيو.

ڳالھين دوران ھن ٻڌايو ته ھتي به مان روز شام جي وقت واڪ ڪندو آھيان. علائقي ۾ جوکين جا ڪي ڳوٺ آھن تن سان دعا سلام ڪرڻ سان گڏ ڪڏھن بيھي ساڻن خبرون چارون به ڪندو آھيان. ھڪ ڀيري ناظم جوکيي جي قتل جي ڪيس تي گفتگو ٿي. ھو ان جي پونئيرن تي ڪاڙيل ٿي نظر آيا. ھنن چواڻي ته ھنن اسان جي سردار کي جيل ۾ وجھرائي ڇڏيو. ٻين لفظن ۾ ڪنھن جي بيگناھ قتل کان سردار جي مقام کي مٿانھون سمجھن ٿا. دنيا ناظم جوکيي جي پونئرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿي. ھي ان قوم جا ماڻھو وري سردار جي عزت جي فڪر ۾. اھا ڳالھ ٻڌي مون سوچيو ته سنڌ جي ماڻھن کي سرداري نظام ۽ پيري مريدي ڪيڏو نه جڪڙي رکيو آھي جو نه منجھس انصاف جي فڪر ته نه وري انسانيت جي ڪا پرواھ. غلامي جي ھي شڪل اسان تي مسلط ٿيل آھي پر اسان ايڪويھين صدي ۾ به بي چين ٿي ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ عملي طور تي موثر ۽ منظم مزاحمتي ڪوششون ڪو نه ٿا ڪريون. ڪٿي اسان جا پڙھيل لکيل ماڻھو نعري بازي ته ڪن ٿا پر انھن سردارن سان ملڻ جلڻ تي فخر ڪن ٿا..

منظور ڪوھيار سان ٽي چار ڪلاڪ ڪچھري ڪري پوءِ سچل ڳوٺ لاءِ روانو ٿيس. صبح جو ئي حريف چانڊيي کي پنھنجي اچڻ جو ٻڌائي ڇڏيو ھيم. ان سان گڏ ڊاڪٽر شير مھراڻي سان به ملڻو ھو. اسان موسميات وٽ ھڪ ھوٽل ۾ گڏجڻ جو فيصلو ڪيو جتي ھي سنگت ملندي جلندي رھندي ھئي. يعني ھتان جي سنگت جو ٿاڪ ھيو. اتي مون کي حسن درس جي ڪلام جا ٻول به ياد آيا

ھي ھوا تنھنجي حسن جي ھاڪ ۾

پئي ڦري ھر ٿاڪ ۾ ھر ٿام ۾

ھن جھڙي نموني ٿاڪ ۽ ٿام جھڙا ھڪ ٻئي جا ضد لفظ ھڪ ئي سٽ ۾ استعمال ڪيا آھن سي سندس قابليت جي نشاندھي ڪن ٿا.

پھتاسين ته حريف اڳ ئي موجود ھو. ويھڻ جي پرسڪون ۽ صاف سٿري جاءِ ھئي. ملي حال احوال ڪرڻ لڳاسين. حريف چانڊيو قومي ڪارڪن آھي. شاگردي جي زماني کان ئي سياسي سرگرمين سان لاڳاپيل رھيو آھي پر سندس سياست ھميشه پرامن رھي آھي. ڪنھن وقت ھو مير مرتضي ڀٽي جي پارٽي ۾ ڪافي سرگرم رھيو. ھاڻ ھو عوامي جھموري پارٽي ۾ متحرڪ آھي. ھو قومي حوالي سان ميڙاڪن ۾ وڌي چڙھي حصو وٺندو رھندو آھي. سچل ڳوٺ جي سنگت جو مکيه ڪردار آھي.

شانتي ننگر ۽ ان کانپوءِ سچل ڳوٺ ڪن ھمٿ وارن ٺاھيو ھو جن کي آباد ڪرڻ ۾ ڪراچي آيل انھن نوجوانن جو حصو ھو جيڪي ھن وڏي شھر ۾ رھائش لاءِ پريشان رھندا ھئا. حڪومتي ادارن جي مزاحمت، ڪٿي ڏاڍائين کي برداشت ڪندا رھيا. مان ھڪ ڏينھن شانتي ننگر ۾ رھندڙ پنھنجي دوست مرحوم مشتاق ٻگھيي سان ملڻ ويو ويو ھوس ته ان ڏينھن ان نئين آبادي کي ڊاھڻ لاءِ سرڪاري مشينري پھتل ھئي ۽ اھا گھر ۽ اڏاوتون ڊاھڻ لڳي جنھن تي اتان جا رھائشي مزاحمت ڪرڻ لڳا. منھنجي دوست به پنھنجي نوڪر کي چيو ته ھي جو ٽريڪٽر ۽ مشينري اڳتي پئي وڌي تنھن طرف فائرنگ ڪندو رھ. اسان جي سامھون ھن پوءِ ڪيئي فائر ڪيا. ماڻھن جي اھڙي مزاحمت تي سرڪاري ادارا پوئتي ھٽي ويا ۽ وقت سان گڏ ھي آبادي ڄڻ ته پڪي ٿي ويئي. جڏھن رنگ متو ته پئسي وارن پوءِ گھر خريد ڪري انھن ۾ رھڻ شروع ڪيو.. اڄ سچل ڳوٺ ھڪ متحرڪ آبادي ھئڻ سان گڏ ڪراچي شھر ۾ سنڌين جي قوت آھي. ان جي سماجي ۽ ادبي سرگرميون ھاڻ ڪراچي جي سنڌي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿيون. اتي قائم ڪيل لئبرري ۽ ڪميونٽي سينٽر اھڙين سرگرمين لاءِ ھنڌ مھيا ڪري ٿو. ان سان گڏ روشن تارا سڪول سنڌي ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ جو وڏو ادارو آھي جنھن کي مقامي ماڻھو وڏي جاکوڙ سان ھلائي رھيا آھن.

جلد شير مھراڻي به اسان جي ڪچھري ۾ شريڪ ٿيو. شير مھراڻي جنھن طريقي سان پنھنجي علم، مشاھدي ۽ قلمي پورھيي سان پنھنجو پاڻ مڃايو آھي سو اسان لاءِ فخر جي ڳالھ آھي. شاھ جي جماليات تي لکڻ ھجي يا ٻئي ڪنھن موضوع تي لکڻو يا ڳالھائڻو ھجي ھو انھن موضوعن سان انصاف ڪري ٿو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي جو پروفيسر طور ڪم ڪندڙ شير مھراڻي سچل ڳوٺ سان گڏ ڪراچي شھر جي ادبي سرگرمين ۾ وڌي چڙھي حصو وٺي ٿو. شير مھراڻي يونيورسٽي کان سڌو ھتي آيو ھو تنھن ٿوري دير ٿيڻ تي معذرت ڪيائين پر سندس دير ڪرڻ جو سبب ذميواريون ھيون. اتي ڪچھري دوارن مون کيس پنھنجي ايندڙ فنڪشن جا تفصيل ونڊي سندس مشورا ورتا. ان سان گڏ ان فنڪشن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بابت عرض ڪيو جيڪو ھن خوشي سان قبول ڪيو.

مان ھوٽل ۾ وڃڻ مھل ڊرائيور کي پئسا ڏيون ويو ھوس ته ھو به لنچ ڪري. واپس گاڏي ۾ اچي ويٺس ته کانئس پڇيم ته لنچ ڪئي اٿئي؟ وراڻيائين ته ماما کاڌو ورتو ته اٿم پر گھر وڃي گھر وارن سان گڏ کائيندس. ڪالھ واري ڳالھ ياد آئي ته ھن جي پيار جي شادي ٿيل آھي ان ڪري ھن سان گڏ کاڌي کائڻ جي ڪوشش ڪندو. پيار به ڇا ته سحر آھي جو محبوب ۾ ساھ ھجي ٿو. ڪٿي وري سماجي رسمن سبب ڪي طور طريقا ٿين ٿا. ڪراچي شھر سان تعلق رکندڙ اسان جو ھڪ ساٿي چوندو ھو ته منھنجي گھر واري شام جي چانھن ايستائين نه پيئندي آھي جيستائين مان نه پھچان. منھنجي پھچڻ تي پوءِ گڏ چانھن پيئندا آھيون.

سوچيم ته جي اڃا پنھنجا ڪم ڪار ڪيم ته ھن جي ماني پاروٿي ٿي ويندي تنھن ڪري کيس چيم ته گلشن حديد واپس ھل. ٽپھري ڌاري اچي پھتاسين. کيس چيم ته جلدي گھر وڃ. خوش ٿي گھر روانو ٿيو جيڪو پپري ۾ ھجڻ ڪري ويجھو ئي آھي. مون گھر پھچي ٻئي ڏينھن نيو سعيد آباد وڃڻ لاءِ مبشر ملڪ سان صبح ملڻ جو پروگرام طئي ڪيو. ھن چيو ته مان صبح ئي تو وٽ گلشن حديد پھچي ويندس جتي نيرن ڪري روانا ٿينداسين. اسان کي پير انعام راشدي جي دعوت تي وڃڻو ھو. ڊرائيور کي فون کي ھلڻ جي پروگرام جو اطلاع ڏئي صبح جو وقت تي اچڻ جي تاڪيد ڪيم.

اڄ مبشر ملڪ شھر کان گلشن حديد پھتو. اسان پروگرام موجب نيرن ڪري نيو سعيد آباد روانا ٿياسين. اسان لنڪ روڊ ذريعي موٽر وي تائين پھتاسين. نيو سعيدآباد تائين روڊ سٺو ھو تنھن ڪري سفر سولو ڪٽجي ويو.

سعيدآباد شھر ڪراس ڪرڻ کانپوءِ ھڪ رستو کاٻي طرف پير جھنڊي وارن جي ڳوٺ ٿي ويو جنھن تي ھلندا پير انعام راشدي جي اوطاق جي آڏو وڃي گاڏي جھليسين. گاڏي مان لٿاسين ته اتفاق سان پير انعام به ٻاھر نڪتو ھو سو وڌي اچي اسان سان مليو ۽ پنھنجي اوطاق ۾ ويھاريائين. ساڻس دعا سلام ۽ ڪچھري دوران کيس ھتان جي ھڪ بزرگ پير عباد راشدي ۽ ان سان گڏ پير عبيد راشدي جيڪو ادبي لڏي جو ماڻھو آھي تنھن سان ملڻ جي خواھش ظاھر ڪيم. جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته پير عباد راشدي ته حيدرآباد ويل آھي. پير عباد سنڌ يونورسٽي ۾ پروفيسر رھي چڪو آھي جيڪو ھاڻ پنھنجي خانداني گادي کي سنڀالي ٿو. باقي پير عبيد کي نياپي ملڻ تي جلد اچي پھتو ۽ ڪچھري جو حصو بڻيو.

پير عبيدالرحمان راشدي جيڪو ادبي دنيا ۾ پير عبيد جي نالي سان ڄاتو وڃي تنھن پوليٽيڪل سائنس جي سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪئي آھي. ھن لکڻ جي شروعات ننڍي عمر ۾ شاعري سان ڪئي. نثري نظم کانپوءِ سندس لاڙو افساني طرف ٿيو جتان پوءِ ھن ننڍيون ڪھاڻين لکڻ شروع ڪيون. کيس معياري ڪھاڻين لکڻ تي ڪيئي ايوارڊ به مليا. سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آھن. ھو اڄڪلھ آتم-ڪٿائي ناول تي ڪم ڪري رھيو آھي. سندس خانداني نسبت پير پاڳاري جي خاندان سان ھئڻ ڪري ان سان تعلق ھئڻ جي باوجود ھو نظرياتي طور تي سائين جي ايم سيد جو پرستار آھي. مان سندس لکڻيون پڙھندو ھوس ان سان گڏ ساڻس فيس بڪ ذريعي رابطو رھندو آھي ۽ ھڪ ٻئي جي لکڻين تي پنھنجي راءِ ڏيندا رھندا آھيون. ادبي لڏي جو ماڻھو آھي تنھن سان ملڻ تي ماضي ۽ حال جي قومي مسئلن ۽ ادبي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نفيس ۽ قربائتو ماڻھو آھي ان ڪري ساڻس ڪچھري جو لطف اچي ويو.

ھن پير خاندان جو تعلق پير پاڳاري جي خاندان سان آھي. جتي پاڳارو خاندان پڳ ڌڻي ٿيو اتي ھن خاندان علم جو جھنڊو کنيو. سبب ڇا به ھو پر پير ڳوٺ خيرپور مان لڏي ھو اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ھڪ ڳوٺ ۾ ويٺا جتان پوءِ ھنن نيو سعيدآباد ۾ موجودھ مقام تي اچي پنھنجي دنيا آباد ڪئي. ھتان جو مدرسا وڏيون درسگاھون رھيون آھن جتي مولانا عبيدالله سنڌي به پڙھائيندو ھو. ان ڪري ڪيترا ماڻھو علم پرائي سماج ۾ خدمت ڪن پيا. ھتان جي لئبررين جو شمار ملڪ جي چوٽي جي لئبررين ۾ ٿيندو ھو جتي ھزارين ڪتابن سان گڏ قلمي نسخا ۽ ناياب ڪتاب به موجود ھئا. اڳ ڄاڻ جو وڏو وسيلو اھي ڪتبخانه ھئا جيڪي موجودھ دور جي نسل لاءِ ڪشش نه رھيا آھن. ان ڪري ڪيترن نالي وارن خاندانن پنھنجيون خانداني لئبرريون ڪن ادارن جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن جو انھن جو نئون نسل ان کي سنڀالڻ جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ڪونھي. ھتي جي ڪن لئبررين جو به ڪجھ حصو ڪن ادارن کي ڏنو ويو آھي ته ڪي موجود آھن. مدرسن مان به ڪي ھلن ٿا ته ڪي بند ٿي ويا آھن. سنڌ ۾ جتي اصلي مدرسا بند ٿي رھيا آھن يا انھن ۾ ماڻھن جي دلچسپي نه رھي آھي اتي وري جيڪي مدرسا ملڪ جي اترين علائقن جا ماڻھو ۽ پختون علائقن جا ماڻھو اچي ٺاھين ٿا سي وڏي پيماني تي ھلن ٿا ۽ انھن مدرسن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌندو رھي ٿو جنھن تي ھن علائقي جا سيڪيولر مزاج ماڻھو اڪثر ڪري ڳڻتي جو اظھار به ڪندا رھن ٿا. انھن مدرسن کي ڪٿان فنڊ به ملن ٿا ته شاگرد به گھڻو ڪري اترين علائقن جا آھن. جيڪڏھن انھن ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻي آھي ته انھن کي پنھنجي علائقي ۾ مدرسا کولي ڏين. ھتي مدرسي کولڻ وارو به ٻاھريون ته شاگرد به ٻاھريان. جھان مڙئي سمجھ کان چڙھيل آھي.

سندن خاندان جو ھڪ عالم سيد بديع الدين شاھ کي سعودي عرب ۾ ايتري مڃتا ھئي جو ھي کيس چوٽي جي عالمن ۾ شمار ڪندا ھئا. ھو اتي درس ڏيندو ھو. جنھن لاءِ اھو به ھُلايو ويو ته ھو ڪعبت الله تي ھڪ گروھ طرفان قبضي واري ڪوشش ۾ شامل ھو پر پوءِ اھو الزام ثابت ڪو نه ٿيو.

 ھن خاندان مان جتي پير عبيد جھڙا اديب پئدا ٿيا آھن اتي وري ھتان جي خاندان جي بزرگن جي سني ۽ اھل حديث مسلڪ کان ھٽي پير اعجاز جھڙا صوفي به پئدا ٿيا جن صوفي مت جي پرچار ڪئي ۽ راڳ جي جھان کي ڪيئي ڪلام ڏنا.

جلد ماني لڳي جيڪا کاڌي سين جنھن کان پوءِ پير انعام پنھنجي زمينن ۽ فارم ھائوس ڏانھن وٺي وڃڻ جو پروگرام ٻڌايو. پير انعام سان گڏجي ھن جي فارم ھائوس تي وياسين جتي رنگ لڳو پيو ھو. اتي ڪيئي جانور، پکي رکيل ھئا جن جي چر پر تفريح جو سبب پئي بڻي. انھن بابت به پير صاحب کان پڇندا پئي رھياسين. اتي ھڪ وڏو سئمنگ پول به ٺھيل ھو جتي ماضي ۾ ڪي سفارتڪار به اچي ھن من پسند ماحول ۾ ترڻ جو لطف وٺندا ھئا. ائين ھن خاندان جي مھمان نوازي جي روايت پراڻي آھي جنھن کي پير انعام زندھ رکڻ سان گڏ ان ۾ واڌارو ڪري رھيو آھي. پير انعام سوشل ماڻھو ھئڻ سان گڏ سير تفريح جو شوق رکڻ ڪري دنيا جا ڪيترا ملڪ گھمي آيو آھي جتي سندس دوستن جو وڏو حلقو آھي.

ھي فارم ھائوس درياھ جي بند ڪناري واري پڪي جي زمين تي ھو. اسان پير انعام سان گڏ پنڌ ڪندا فارم ھائوس جو اندريون حصو ڏسي پوءِ ان جي چوڌاري زمينون ڏسندا ھلندي ھلندي وڃي درياھ جي بچاءُ بند تائين پھتاسين. ان مٿان لنگھي بند جي ٻي ڀر وياسين جتي جي زمين به پير صاحب جي ھئي. ڪچي جي زمين پوکي راھي لاءِ بھترين ٿئي ٿي. ھر سال درياھ شاھ جي اٿل ھيٺ ايندر ھي زمينون سم ڪلر کان پاڪ پنھنجي زرخيزي ۾ مٿاھيون آھن. اتي پوکيل ساين ڀاڄين جي ساوڪ سان گڏ ڪيترين ئي ساين ڀاڄين جي ڦولارجڻ جو نظارو دلڪش ھو خاص ڪري اسان جھڙن لاءِ جيڪي سنڌ جي ڌرتي تي اھڙو من موھيندڙ منظر گھٽ ئي ڏسن ٿا. ان منظر ۾ شام جي پھر جي خوبصورتي جي جھلڪ به ڏٺي سين. ان سان گڏ پير صاحب کان اونھاري ۾ دريا جي موج ۽ ڪچي جي زمينن تي ٿيندڙ پوک بابت ڄاڻ پئي ورتيسين. سنڌ جي سون ورني ڌرتي ڇا ته اپائي ٿي. اسان جي ڪوتاھي چئجي جو ھيتري زمين مان مغربي ملڪن جي معيار جيتري پئداوار حاصل ڪري ڪو نه ٿا سگھون. ان جو سبب سائنسي تحقيق ۾ پوئتي رھڻ ۽ محنت جي کوٽ آھي.

سوال اھو آھي ته مغرب ۾ زرعي ترقي تي ڪم کي ڪو گھڻو وقت ڪو نه ٿيو آھي پر مشرق ۾ اسان جي زرعي ڪرت صدين کان جاري آھي. ان جي باوجود اسان تحقيق جي جھان ۾ پوئتي رھياسين. اسان جو زور معمول تي ھو جنھن اسان کي اتي ئي رکيو جتي بيٺل ھئاسين. ھاڻ مغرب جي ترقي مان اسان ڪجھ فائدو وٺي زرعي اپت وڌائي رھيا آھيون. پر ھو اڳتي رھندي زمينن مان وڌيڪ اپت ۽ فائدو وٺي رھيا آھن.

ان زمين تي ٿورو وقت گذاري وري پير صاحب جي ٻي لانڍي تي آياسين جيڪا پڻ سڀني سھوليتن سان آراسته ھئي. ويھڻ لاءِ ھڪ ڪشادي لانڍي جنھن جي اندرين حصي ۾ خوبصورت چٽسالي وانگر ٻارين تي ٺھيل رنگين اسمن جي اڏاوت ھئي. ڇت ۽ ڀتين تي ان اڏاوت جو منظر دلڪش پئي لڳو. اھو پراڻي قسم جي لانڍي جيڪا ماضي ۾ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اوطاقن ۽ گھرن لاءِ استعمال ٿيندي ھئي تنھن کي وقت سان تعمير جي جدت سان ڳنڍي جديد ڏيک ڏنو ويو آھي. اھو رواج ھاڻي ڪافي وڌيو آھي جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي ماضي جي اڏاوت کي زندھ رکندي ان کي خوبصورت ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

اتي ويٺاسين ته ڪچھري دوران تازي ميوي سان تواضع به شروع ٿي. اتي پير صاحب ھڪ مقامي فقير کي گھرايو ھو ته ھو اسان کي پير اعجاز جا ڪلام ٻڌائي. فقير پنھنجي يڪتاري جي ساز تي اعجاز سائين جا ڪيئي ڪلام ٻڌايا جن ۾

ڪندي ڇا اسان کي پيري فقيري،

وڻي ويو آ روح کي ھي رنگڙو فقيري.

جت اڙيو زاھد وڃي آزاد ات آھيون اسين،

جيڪو پڙھي ھو پاڻ ٿو استاد ات آھيون اسين.

ھي دل چري بيحد چري،

جيئن جھل ته تيئين ويتر چري.

ھن جي ادا ھن جي صدا،

جڳ کان جدا ظاھر چري.

اسان ان تواضع جي ھلندڙ دور ۾ راڳ به پئي ٻڌو ۽ اعجاز سائين جي شاعري تي به پئي ڳالھايو. اھڙي من پسند محفل ۾ وقت تيزي سان پئي گذريو. شام ٿيڻ تي اسان پير صاحب کان موڪلائڻ چاھيو. ھن جو زور ته رات رھو پر اسان اھو چئي کانئس اجازت ورتي ته سڀاڻي اسان کي سنگت سان گڏ ٽنڊي الھيار وڃڻو آھي. رات وري حيدرآباد ۾ ڪن دوستن سان ملڻو آھي. اسان جي اسرار تي ھن اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏني پر ھو اسان سان نيو سعيدآباد جي بازار تائين گڏ آيو. اتي ھڪ دڪان تي آياسين جنھن جو ڪم سنڌي ٽوپين وڪڻڻ ھو. ڪيئي قسم جو ٽوپيون سندس شو ڪيس ۾ سجيل نظر آيون. ھو به قربائتو ھمراھ ھو جنھن چانھن پاڻي سان تواضع ڪرڻ سان گڏ اسان کي سٺي ڪوالٽي جو ٽوپيون پارائي مان ڏنو.

ڪئناڊا ۾ منھنجو پاڙيسري سيد ولي الله شاھ جو تعلق به ھن علائقي جي ھڪ ڳوٺ امين لاکي سان آھي. گھٽ ماڻھو ڄاڻن ٿا ته ھي ننڍو ڳوٺ به تعليم جي حوالي سان ھڪ مقام رکي ٿو. ھي ڳوٺ پيرن جي ڳوٺ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ھاڻي ته تعليم عام ٿي ويئي آھي پر ماضي ۾ ھتان جا ھاري ناري به پنج درجا پڙھيل ھوندا ھئا ان ڪري ھو ٻني ٻاري جي فصل جو ليکو چوکو پاڻ ڪندا رھندا ھئا. ورھاڱي کان گھڻو اڳ ان ڳوٺ جو ڏيک ھيرآباد وانگر لڳندو ھو. ٻيو ھي ڳوٺ ھندستان جي بادشاھ شيرشاھ سوري جي ھڪ رستي ۾ ھو. کري ڇاڙ درياھ ۾ ٻوڏ جي صورت ۾ وھندي ھئي جنھن جو پاڻي ٿر تائين وڃي دنگ ڪندو ھو. جڏھن سنڌ جووڻج واپار درياھ وسيلي ٿيندو ھو تڏھن ھي ڳوٺ ھڪ واپاري ھنڌ ھيو جتي غير ملڪي به واپار يا ڌنڌي لاءِ ايندا ھئا. اڄڪلھ ھن ڳوٺ ۾ ٺھندڙ سنڌي ٽوپيون معياري ھئڻ سان گڏ وڏي تعداد ۾ وڪرو ٿين ٿيون.

ان ڳوٺ جي نالي واري شخصيت ڊاڪٽر سيد صالح محمد شاھ ھئي جيڪو سائين ولي الله شاھ جو والد صاحب ھو. ھن پنھنجي ڪيرئير جي شروعات پرائمري ماستر طور ڪئي جتان ترقي ڪري ھو ليڪچرار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪيترن ڪاليجن ۾ تعليم ڏنائين. سندس قابليت سبب کيس سيد غلام مصطفي شاھ سنڌ بڪ بورڊ ۾ وٺي آيو جتي ھن پبليڪيشن آفيسر طور قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون. ھن پاڻ ڪيئي ڪتاب لکيا جن مان ڌنڌن جي لغت ھڪ معياري ڪتاب آھي. بورڊ جا اڪثر ڪتاب سندس نگراني ۾ تيار ٿيندا ھئا.

اسان جي ھن دوست سيد ولي الله شاھ پڻ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمسٽري ريسرچ شعبي ۾ ڪجھ وقت ڪم ڪري پوءِ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي جتان پوءِ ملائيشيا ۾ وڃي ملائيشيا يونيورسٽي آف سائنس ۾ پڙھائيندو رھيو. ھاڻ ڪئناڊا ۾ مقيم آھي جتي پڻ درس تدريس سان منسلق آھي.

سندس چاچو سيد وڏل شاھ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري جو پروفيسر ھو. ھو بيحس ذھين ۽ جينيس شخص ھو. ھن يورپ مان پوسٽ پي ايڇ ڊي ورڪ پئي ڪيو. يورپ ۾ ئي ھن جي اوچتي ۽ پراسرار موت تي ڪيئي شڪ ٿيا. ھن ھڪ جديد سائنسي موضوع تي تحقيق پئي ڪئي جيڪا ڳالھ شايد يورپ جي ڪنھن طبقي کي نه وڻي ھوندي يا شايد اھي ٽين دنيا ۾ اھڙي علمي بنياد جي ھجڻ تي ارھا ٿيا جنھن ڪري سندس زندگي جو انت آندو ويو. پر سنڌ واسين نه ان موضوع کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه ان قابل ماڻھو جي پراسرار موت تي ڪو فڪر ڪيو.. وڏل شاھ جو پٽ نيوي ۾ آفيسر ھو جيڪو ھڪ وقت اي ڊي سي به رھيو ھو. ھن پنھنجي تر جي نوجوانن جي وڏي انگ کي روزگار وٺي ڏيڻ سان گڏ ٻيا ڪيترا ڪم ڪيا. ٻڌڻ ۾ آيو ته ھاڻي ھو ڊزاسٽر مينيجمينٽ کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل آھي. قابل ماڻھو آھي اھا ذھانيت شايد سندس خانداني جين ۾ آھي. سائين ولي الله شاھ جي خاندان جا ٻيا شخص عطاءُ الله شاھ، سيد شير شاھ ۽ قادر بخش شاھ به قابل ۽ اھل علم انسان ھئا تن پڻ علمي خدمتون ڪيون.

اسان جي ڊرائيور جا والدين ۽ بيا مائٽ سرھاري ۾ رھندا آھن تنھن پھچڻ شرط ئي انھن سان ملي اچڻ لاءِ موڪل ورتي ھئي. اسان ساڻس رابطي ۾ ھئاسين. ان کي ياد ڏياريندا پئي رھياسين. نيٺ ھو به ان وقت اچي پھتو جڏھن اسان دڪان تي چانھن پئي پيتي.

اسان جي دل پئي گھريو ته جيڪر وڌيڪ وقت رھي ھن ماحول جو وڌيڪ لطف وٺجي ھا. پير صاحب به اسان کي ڇڏڻ لاءِ تيار ڪو نه ھو. ھن ھلندي مھل به چيو ته وڃڻ کان اڳ ھڪ ڀيرو وري اچجو. اسان ساڻس اھڙو واعدو ڪيو. ارادو به اھڙو ئي ھيو پر پوءِ جي ڪمن ڪارن ۾ ايترو مصروف ٿي وياسين جو وڃڻ نه ٿيو جنھن سان اسان جو واعدو وفا ڪو نه ٿيو. خير ٻئي ڀيري اچڻ تي پير صاحب وٽ وڌيڪ وقت لاءِ وڃبو.

واپسي تي اسان کي پنھنجي دوست ڊاڪٽر پير غلام حسين وٽ قاسم آباد ۾ رات رھڻي ھئي جنھن سان اسان جو پروگرام طي ٿيل ھو. ھو اسان جي انتظار ۾ ھو ۽ اسان جي خبر چار وٺندو پئي رھيو. حيدرآباد تائين پنڌ ڪو پري ڪونھي ان ڪري ٿوري وقت ۾ اچي پھتاسين. جتي رات پير صاحب سان ملي ڪچھري ڪئي سين.

صبح جو نيرن کان اڳ پير صاحب ٻڌايو ته ساڳ (چڻن جي پلي) به آھي، ان سان گڏ مکڻ ماکي به آھي، آمليٽ به ھوندا باقي ٻي ڪا شي طلب ڪريو ته اھا ٺھرائي وٺون. کيس اسان جي پسند جي خبر ھئي ان ڪري ھن مٿيون ٻئي شيون رکيون ھيون جيڪي اسان ھر ڀيري فرمائش ڪري کائيندا ھئاسين. اسان کيس آمليت آڻڻ کان به منع ڪئي. ساڳ آيو جيڪو ڏاڍو وڻيو. پير صاحب ان جي سٺي ذائقي جو اھو راز ٻڌايو ته مان ھن مند ۾ ڳوٺ واري ٻني مان تازي پلي پٽرائي اتي ئي رڌرائي پوءِ آڻي ھتي فريزر ۾ رکندو آھيان. ان ڪري ھي کائڻ ۾ وڌيڪ ذائقي واري آھي. ساڳ ۽ پلي سنڌ ۾ غريب ماڻھو جو کاڌو رھيو آھي پر ان کي سرندي وارا به پسند ڪندا آھن. ھي کاڌو اڳ غريب ماڻھو کي گھڻو ڪري مفت ۾ ملي ويندو ھو.

مان پنھنجي ننڍپڻ جي ڏينھن کي ياد ڪريان ٿو ته اسان جي تر ۾ مٽر ۽ چڻن جي پوک مان اوڙي پاڙي وارا ساڳ يا پلي مفت ۾ پٽي ويندا ھئا. ان سان سان گڏ جن گھرن ۾ کير وارو جانور ڪو نه ھوندو ھو سي اوڙي پاڙي مان لسي وٺي نيرن ڪندا ھئا. ائين سنڌ ۾ خوراڪ سولائي سان ملي ويندي ھئي تنھن سھوليت معاشري جي مزاج تي ڪھڙو اثر ڇڏيو. ڪٿي ان اسان کي سست ڪري پنھنجي جھان تائين محدود ته نه رکيو جنھن جو نقصان ھاڻي ٿي رھيو آھيِ جڏھن آبادي وڌي آھي ۽ وسيلن جي کوٽ سبب مفاد پرستي ۾ واڌارو ٿيو آھي.

مکڻ ماکي جي به ڇا ڳالھ ڪجي. جيتوڻيڪ مان ۽ مبشر ملڪ ٻئي شگر جا مريض آھيون پر ھتي ھٿ روڪڻ ڏکيو ھو تنھن ڪري ڪجھ بد پرھيزي ڪئي سين. اتي ننڍپڻ جي عياشي ديسي ڪڻڪ جي گرم اڦراٽي متان مکڻ رکي ان مٿان ماکي وجھي کائيندا ھئاسين ته دل خوش ٿي ويندي ھئي. اڄ ديسي مکڻ ۽ ماکي جو مزو وٺي ماضي کي به ياد ڪيوسين. ھاڻ نه رھي آھي اھا ديسي ڪڻڪ جنھن جي کائڻ ۾ سواد ھو ته نه وري اھا سچي ماکي ملي ٿي. مکڻ کان به پرھيز جو چيو وڃي ٿو.

ائين سٺي ۽ وڻندڙ گفتار کي ماکي جھڙو مٺڙو ڳالھائڻ چوندا آھيون. ان سان گڏ ڪنھن قربدار ۽ سچي ماڻھو کي به ماکي جھڙو مٺو چئون. ابراھيم منشي جي ٻول جيئن؛

مصري ماکي کان به مٺا مون، اھڙا ڪي انسان ڏٺا مون،

صبح ۽ سانجھي، پيئندي ڪانجھي، منشي مور نه وڪيا مانجھي.

اڄ اسان کي منجھند ڌاري ٽنڊي الھيار پھچڻو ھو جتي سنگت کي علي پلھ طرفان دعوت مليل ھئي. ڊاڪٽر شاھد قريشي ڪراچي مان اچي اسان سان مليو. ان کان سواءِ دليپ رتناڻي پڻ ڪراچي مان جدا گاڏي ۾ اچي پھتو. قاسم آباد مان عطاءُ الله ملاح به شامل ٿيو رستي ۾ ٽنڊي ڄام شھر مان عبدالجبار لاشاري به قافلي ۾ اچي شامل ٿيو.

علي پلھ جتي يارن جو يار آھي اتي ھو سياسي ۽ سماجي طور متحرڪ ڪردار آھي. ھو پي ٽي آءِ سنڌ جو سينيئر اڳواڻ آھي. پيشي جي لحاظ کان وڪيل آھي. ان سان گڏ انساني حقن لاءِ قانوني ويڙھاند ڪندو رھي ٿو. جنھن ڪري انساني حسن جي لتاڙ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچي غريبن جي داد رسي جو ڪوششن ۾ اڳڀرو رھي ٿو. سندس بنگلو ٽنڊو الھيار باءِ پاس تي آھي. اسان مان سڀني سان دوستي ھيس. دليپ رتناڻي سان ھو انجئيرنگ ڪاليج ۾ پڙھندي ھاسٽل ۾ رھڻ واري وقت جو دوست ھو.

اسان اتي پھتاسين ته ٽي چار دوست اڳ ئي موجود ھئا. انھن ۾ سماجي اڳواڻ ذوالفقار ھاليپوٽو، محمد اسماعيل ڪنڀر پرو وائيس چانسلر ايگريڪلچرل يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، محمد سليمان ابڙو سماج سڌارڪ تنظيم سافڪو جو جيف ايگزيڪيوٽو سان گڏ ميزبان علي پلھ ۽ ان جو ڀاءُ ڊاڪٽرشڪيل پلھ شامل ھئا. دعا سلام کان پوءِ اسان مھمانن کي اجرڪ پارايا ويا ۽ پوءِ چانھن تي ٿوري دير ڪچھري متي. گھمڻ ڦرڻ لاءِ اسان کي علي پلھ جي زمين تي وڃڻو ھو. اوڏانھن ھلڻ جي تياري ٿي ته اڳ ويٺل سنگت اھو چئي موڪلايو ته اسان کي حيدرآباد ۾ ڪي مصروفيتون آھن.

علي ۽ سندس ڀاءُ شڪيل پلھ اسان کي وٺي بازار طرف روانا ٿيا. اصل ۾ ھنن زمين تي ھلڻ کان اڳ اسان کي گھمائڻ ڦيرائڻ جا ڪي پروگرام ٺاھي ڇڏيا ھئا. ھي بازار به سنڌ جي اڪثر شھرن جي بازارن جي رنگ ڍنگ جھڙي ھئي. بي ترتيب جھان ھو جيڪو سنڌ جي ماڻھن جي معمول ۾ ته رواجي آھي پر اسان ٻاھر کان ايندڙ وري ان کي دنيا جي بھتر بازارن سان ڀيٽيون ٿا ته مزو نه ٿو اچي. ھلندي ھڪ مندر وٽ پھتاسين.. علي شايد اڳ ئي مندر وارن کي اچڻ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو ھو سي اسان کي ڀليڪار چوڻ لاءِ دروازي تي موجود ھئا. ھنن اڳتي وڌي اچي اسان سڀني کي ھار پارايا. جتان پوءِ اندر وٺي ويا. ھنن اسان کي مندر بابت ڄاڻ ڏني ته ھي راما پير مندر آھي. جنھن لاءِ ٻڌايائون ھي مندر اصل ۾ راجستان ۾ آھي جتان ھنن ھڪ ڏيئو آندو ھو جيڪو ھنن موجب روشن رکيون ٿا اچن. ھن مندر جا پڄاري گھڻو ڪري ھتان جا ڪولھي، مينگھواڙ ۽ باگڙي ۽ ٻين ذاتيون آھن جن جون عورتون ۽ مرد مندر ۾ اچي رھيا ھئا.

مسلمان ھجن توڙي ھندو ٻنھي مذھبن جا غريب ماڻھو وڏي انگ ۾ مزارن ۽ مندرن جا چڪر ھڻندا آھن. سنڌ جي ٻھراڙي جي عورتون جيڪي بند ۽ گُھٽ جي ماحول ۾ گذارين ٿيون تن جي مزارن تي وڃڻ سان انھن جي ڄڻ ته تفريح ٿي وڃي ٿي. کين گھر مان ٻاھر وڃڻ جو ڪو بھانو ملي وڃي ٿو. ٻيو ته غريب ماڻھو پنھنجي قسمت بدلائڻ لاءِ مزارن ۽ مندرن ۾ وڃي دعائن جو سھارو وٺن ٿا. صنعتي معاشري جي ڀيٽ ۾ زرعي معاشري جا ماڻھو قسمت تي گھڻو ڀاڙين ٿا. دعا ڪندا رھن ٿا ته فصل ڀلو ٿئي جڏھن ته صنعتي معاشري ۾ مزدور مشين جا نٽ بولٽ ٺيڪ ڪندو ۽ ٺيڪ حالت ۾ رکندو تڏھن ئي ان جي ھلڻ جي آسرو به ڪندو.

مندر مان نڪري شھر کان ٻاھر ھنن روڊ لڳ ھڪ ھنڌ گاڏيون جھليون جتي چيچڙو لڳل ھو.. انھن کي به شايد ھنن اسان جي اچڻ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو ھو جن اتي ويھڻ لاءِ جھجھيون ڪرسيون رکي ڇڏيون ھيون. ھتي ھو ڪمند جي رس مان ڳڙ ٺاھي رھيا ھئا. ھڪ مشين ذريعي ڪمند مان رس پئي ڪڍي ويئي. ان رس کي ڳڙ ٺاھڻ لاءِ گرم پئي ڪيو ويو.. اسان ھنن کان اھو پڇيو ته ڇا شگر انڊسٽري طرفان ڳڙ ٺاھن تي ڪا بندش ته ڪونھي تنھن تي ھنن وراڻيو ته شايد ھجي پر اسان کي ڪڏھن ڪنھن روڪيو ڪونھي. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ھي جيڪو ڳڙ ٺاھيون ٿا ان جي آمدني ڪمند شگر مل کي وڪڻڻ کان ڪجھ وڌيڪ آھي. ٻيو ته ڪاروبار پنھنجي ڪنٽرول ۾ آھي. اسان کي شگر ملن جا چڪر ڪاٽڻا ڪو نه ٿا پون جتي ڪمند جي اگھ مان پئسا گھٽ ڪرڻ جا وٽن ڪيئي گر آھن. ان سان گڏ اسان کانئن ڳڙ جي ڪوالٽي ۽ بازار جي ڊمانڊ تي ڳالھيون ڪيون. ھنن اسان جي تواضع لاءِ چاءِ پاڻي جو بندوبست به ڪيو ھو. ائين اتي اسان ڪلاڪ ڏيڍ ويٺي ان جھان بابت احوال ڪري ان جي ماحول لطف ورتو. اتي اسان جي کائڻ لاءِ ڪمند پيش ڪيو ويو. اتي مون علي کي چيو ته لڳي ٿو ته جيڪي ڏند رھجي ويا آھن سي به توھان ڀڃرائيندوئو تنھن تي علي وراڻيو ته ھي ڪمند جيڪو اسان توھان جي چوسڻ لاءِ گھرايو آھي سو نرم آھي. ان کي تسلي سمجھي اسان به پوءِ ڪمند چوسڻ جو شوق پورو ڪيو. منير نيازي جي ان پنجاپي شعر وانگر ته

ڪجھ سانون وي مرڻ دا شوق سي،

ڪجھ شھر والي بھي ظالم سن.

جھان ٻڌل ۽ ڏٺل ھو پر ھتي ٿوري دير ويھڻ سان ھن رنگ جو لطف ورتوسين جيڪو علي جي سمارٽ فيصلي سبب ممڪن ٿيو. اسان اتي ٿوري دير ويھي ميزبانن کان موڪلايو. انھن مالڪن مان ڪن جا علي سان سٺا تعلقات ھئا تن مان ٻه ھمراھ اسان سان ساڻ ھليا ۽ آخر تائين گڏ رھيا.

ھاڻي اڳئين منزل فدا حسين چوھاڻ جي ڳوٺ سندس اوطاق ھئي. ھو اسان سان گڏ پئي ھليو پر ھن اسان جي اچڻ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو ھو. فداحسين چوھاڻ سان پھرين ملاقات پوئين ڀيري علي پلھ وٽ ٿي ھئي. ھو ملنسار ۽ قربائتو ماڻھو آھي. ان سان گڏ موقعي جا ڦوٽو ڪڍڻ، وڊيو ٺاھي ان جي ايڊٽ ڪري رکي ان موقعي کي يادگار بڻائيندو آھي. فدا حيسن جي اوطاق سٺي ٺھيل ھئي اتي ڪشادو اکڻ به ھو جتي ڪرسيون لڳائي محفل سجائي ويئي. فدا حدين ۽ سندس عزيزن آڌرڀاءُ کان پوءِ اسان کي ٻڪرين جو واڙو ڏيکاريو جتي ويھارو کن ٻڪريون موجود ھيون جن جي قسمن مان چاندني، ڪوئل، چمپا ۽ ٻيا نسل ٻڌايا ويا. سندس ڏيک ٻين عام ٻڪرين جي ڀيٽ ۾ سٺو ۽ سھڻو پئي لڳو. مختلف نسلن جون ھي ٻڪريون ھو پالي جڏھن وڪڻندو آھي ته اھي ڳري قيمت ۾ وڪرو ٿينديون آھن.

اسان جي موجودگي ۾ جڏھن انھن ٻڪرين آڏو ڪچن ڪيلن جو ڇڳو آڻي رکيو ويو ته ھو انھن ڪچن ڪيلن کي شوق سان کائيندي نظر آيون. ڪيلو جتي سوادي ميوو آھي اتي ڪچو خاص ڪري گھٽ درجي وارو مال کي کارايو وڃي ٿو. ڪٿي ان ڪچي ڪيلي کي پچائي ماڻھو کائيندا به آھن.

سنڌ جي زرعي علائقن ۾ جتي گاھ پٺو جام ٿئي ٿو اتي مال پالڻ سولو ڪم آھي. پر ٿر يا جابلو علائقا جتي پوک گھٽ آھي اتي به جھنگلي گاھ ۽ ٻوٽن کائي جانور پنھنجو پيٽ ڀرين ٿا. مٿين قسمن جي ٻڪرين جي وڪري جي جيڪا قيمت پئي ٻڌائي تنھن مان مون حساب لڳايو ته ڪو خانادن انھن کي پالي انھن جي قيمت مان پنھنجو گھر ھلائي سگھي ٿو. سنڌ ۾ اھڙا وسيلا جن تي گھڻو ڪري اسان جي اک ئي نه ٻڏندي آھي سي روزگار جو سولو ۽ رزق جو ڪشادو وسيلو آھن.

ان اوطاق تي فدا حسين ۽ سندس عزيزن روايتي مھمان نوازي واري روايت ھيٺ ڪافي تواضع ڪئي. سنڌي ماڻھو جي اھا روايت ۽ ترجيح ھوندي آھي ته تڏي تي آيل مھمان جي ھو دل جي گھراين سان آڌرڀاءُ ڪري. جيئن عبادت جي حوالي سان چئبو آھي تہ

اُو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرين کي.

ائين مھمانوازي آيل کي دل جي گھراين سان عزت ڏيڻ آھي جيڪو ماني کارائڻ کان مٿاھون ھوندو آھي. اھو ميزبان جي رويي مان ئي نظر ايندو آھي ته ھن رڳو ماني کارائي يا مھمان نوازي ڪئي.

اتان اٿي علي ۽ شڪيل پلھ جي زمين تي پھتاسين. سندن زمينون شاندار آھن جن ۾ انبن ۽ ڪيلن جي باغن سان گڏ ڪمند جي پوک ھئي. اتي اسان اڳين ڀيري وانگر پنڌ ڪري زمين گھمي. ھڪ ھنڌ چھ ست مزدور ڪم تي لڳل ھئا. اسان مان دليپ کي خيال آيو ته مزدور جي عظمت کي مان ڏيندي اسان پنھنجا اجرڪ ھنن کي ڇو نه پارايون. ڳالھ سڀني کي وڻي تنھن ڪري انھن کي سڏي اسان مان ھر ڪنھن کين پنھنجو اجرڪ اوڍايو ۽ انھن سان گڏ گروپ ڦوٽو ڪڍرايو.

انب کي ميون جو بادشاھ به چيو وڃي ٿو. انب ھر ڪنھن جي پسند ٿئي ٿو. شايد ئي ڪو ھجي جيڪو انب پسند نه ڪندو ھجي. اتر سنڌ ۾ اسان اونھاري جي مند ۾ چانور انب سان کائيندا ھئاسين. ٻار ته وڌيڪ شوق سان کائيندا ھئا. منھنجي پٽ کي ٽورنٽو شھر ۾ نوڪري ملي سو اتي اڪيلو رھڻ لڳو تنھن کان ھڪ ڏينھن ماني ٽڪي بابت پڇيم ته ھن ٻڌايو ته مان انبن جي پيٽي وٺي رکندو آھيان. رات جو چانور پچائي اھي انبن سان کائيندو آھيان. ننڍپڻ ۾ اھا پسند جي خوراڪ اڄ به کيس پسند آھي ۽ موقعو ملڻ تي ھو اھو کاڌو کائي ٿو. ڪئناڊا ۾ اونھاري جي مند ۾ ته پاڪستان مان انب اچن ٿا پر سياري ۾ وري ميڪسيڪو جا انب ملن ٿا جيڪي گھٽ مٺا ۽ گھٽ سوادي آھن پر انھن مان ڪڏھن ڪو قسم سٺو ٿئي ٿو.

موجودھ دور جي عربي، فارسي کان پوءِ انگريزي يا مغربي نالن کان اڳ مقامي نالا رکيا ويندا ھئا. ليمون، بصر، انب، ڏاڙھون، گلاب وغيرھ. چون ٿا ته ھڪ ھمراھ سان تعارف کان پوءِ ڪنھن نالو ذات وغيرھ پئي پڇيس. نالو ڇا اٿئي وراڻيائين ته ڪرڙ، پي جو نالو ڇا اٿئي ته جواب ھوس ڪانڊيرو، ذات جو ڪير آھي ته وراڻيائن ته ٻٻر، ويٺو ڪٿي آھين ته جواب ھو ٻير شريف. ھمراھ چيس ته کڻي جھنگ منھن ڪيو اٿئي. جھنگ کان ٻاھر به نڪر.

زمين تي پنڌ ھلندا رھياسين جنھن دوران پوک، پئداوار ۽ ڪڙمين جي ڪم ڪار بابت ڄاڻ وٺندا رھياسين. علي ۽ شڪيل ٻنھي ڀائرن مان شڪيل پلھ پوکي راھي کي وڌيڪ وقت ڏئي ٿو. سنڌ ۾ جيڪڏھن زرعي سياحت کي عام ڪجي ته ھوند شھر جي ٻوساٽيل ماحول جا ماڻھو ھن قدرتي ماحول ۾ اچي صاف ھوا کائي صحتمند ماحول ۾ ڪي گھڙيون گذارين. سنڌ جي وڏي حصي جي زمين جڏھن فصل جي ڏينھن ۾ پنھنجو حسن نکاري ٿي سو من ڀائيندڙ ٿئي ٿو. تڏھن ئي ھو سمجھي سگھندا ته سنڌ جي شاعرن ڌرتي جي حوالي سان پوک جي نظارن جا حوالا ڪئين ۽ ڇو ڏنا آھن تہ

آءُ پرين ڪڻڪ ڪيا سنگ سنرا

ابراھيم منشي جي ڪلام ۾ وانگر ته

ڏس سنگ ھو سارين جا ڪيئن ڪنڌ نمائين ٿا

ھير ھلورن تي ڇا ساز سڻائين ٿا

ڄڻ سھڻي سنڌو مان آئي تار تري آھي.

اھڙي ۾ اچڻ تنھنجو ڀاڳن جي ڀري آھي

ھڪ مند چري آھي ٻي جا رات ٺري آھي

يا

ڪيا سنگ سارين وري ڙي وري،

چڪيا چاڪ دل ٿي چري ڙي چري.

اسان ٽي چار ڪلاڪ علي ۽ شڪيل پلھ جي زمينن تي گھمي ٿڪاسين ته واپسي جي راھ ورتي سين. گاڏيون سڌو علي جي بنگلي تي پھتيون. ويھڻ جو انتظام ۽ ماني کائڻ لاءِ بنگلي جي ھيٺين حصو جيڪو اڱڻ سان ڳنڍيل ھو اتي انتظام ھو. اسان اچي ويٺاسين ۽ ماني لڳي ته مون کين چيو ته ڊرائيورن کي به ماني کارايو جنھن ٻڌايو ويو ته انھن کي اڳ ۾ ئي ماني کارائي ويئي آھي. ھن بنگلي تي ڇاڪاڻ ته مھمان ايندا رھندا آھن اتي مھمان نوازي جي حوالي سان سڀني جو خيال رکيو وڃي ٿو پوءِ اھو ڊرائيور يا ڪو گڏ آيل ملازم ھجي. ڪشادي اڱڻ ۾ ڪشادو دسترخوان لڳو جتي پوءِ ماني جو دور شروع ٿيو. ڪچھري به پئي ھلي ته طعامن کائڻ جو مزو به پئي ورتوسين. ٽپھري ٿي چڪي ھئي، بک به لڳل ھئي. ان ڪري کائڻ پيئڻ ضرورت سان گڏ وقتائتو لڳو.

آخر ۾ علي ۽ شڪيل پلھ کان موڪلائي حيدرآباد روانا ٿياسين جتي رات اسان کي ٽن شادي جي دعوتن ۾ شرڪت جي دعوت مليل ھئي.

رات جو حيدرآباد شھر ۾ ٽن شادين جي ڪاڄن ۾ شرڪت جا سڏ مليل ھئا. سڀ ڪاڄ جا ڌڻي يا انھن جا عزيز پنھنجا ته ڪي سنگت جا دل گھريا دوست ھئا. ان ڪري انھن تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ جو پڪو ارادو ھو. اسان ساڍي ستين بجي ڌاري حيدرآباد شھر ۾ پھچي ويا ھئاسين پر اندازو ھو ته اڄڪلھ شادي جي تقريبن ۾ ماڻھو دير سان اچن ٿا. عام طور تي گھڻا ماڻھو ڏھين بجي ڌارا پھچڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. جيڪو جلد ويو اھو ويٺو بيزار ٿيندو. اسان ٿوري دير ڊاڪٽر شاھد قريشي جي گھر ويھي ٿڪ لاھي تازا توانا ٿي چاءِ پاڻي پي، نائين بجي ڌاري سڀ کان پھريان ھاءِ وي تي فرينڊس بئنڪئيٽ ۾ وياسين. اسان ان نيت سان جلد ويا ھئاسين ته جيئن ڪاڄ ڌڻي پھچن ته انھن کي مبارڪ ڏئي ڪجھ وقت ساڻن گذاري پوءِ ٻين وٽ به ٿورو ٿورو وقت وڃون. ھي ڪاڄ ڊاڪٽر عبدالرئوف شيخ جي ڀائٽي جو ھو.

ڊاڪٽر صاحب ڪئناڊا ۾ نيورولاجسٽ آھي. ڪئناڊا ۾ پاڪستانين جي گھٽ تعداد ڊاڪٽري جي پيشي ۾ آھي جنھن ۾ سنڌي وري آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن. انھن ۾ به ڪو اسپيشلٽ ھجي ته ان جو مان، مقام ۽ آمدني سٺي ھوندي آھي. پر مٿين مقام ملڻ تي به ھن پنھنجي ملنساري ۽ انڪساري ڪو نه ڇڏي آھي. ھو ھر ڪنھن سان قرب جو ناتو جوڙيون ٿو اچي جنھن ڪري ٽورنٽو جي سنڌي ڪميونٽي ۾ سندس عزت آھي. ھو ھن شادي جي موقعي تي آيل ھو ۽ اسان سان رابطي ۾ ھو.

اسان شادي ھال ۾ جلد پھچي انتظار ٿي ڪيو. جڏھن لڳو ته ڄڃ کي پھچڻ ۾ دير ٿي آھي ته اتي موجود گھوٽ جي مٽن مائٽن کان ان جو سبب پڇيو سين تن ٻڌايو ته ڄڃ لاڙڪاڻي شھر مان اچڻي آھي سو قافلو ليٽ ٿي ويو آھي. نيٺ انتظار جون گھڙيون پوريون ٿيون ۽ ڄڃ اچي ڏھين ڌاري اتي پھتي. اسان به ان جي آڌرڀاءُ ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿي وياسين. ڊاڪٽر صاحب، گھوٽ ۽ ان جي مائٽن کي مبارڪ ڏئي انھن سان دعا سلام ڪئي سين ته رات جا ساڍا ڏھ وڳا ھئا. اسان کي ٻين شادين ۾ حاضري جو به انتظار ھو. اسان ڊاڪٽر صاحب کي صورتحال کان آگاھ ڪري کانئس اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن واعدو ورتو ته ٻين ڪاڄن ۾ حاضري ڀري پوءِ ماني ھتي اچي کائجو. اسان ساڻس اھڙو واعدو ڪري اتان روانا ٿياسين.

شادي کي خانه ابادي به چيو وڃي ٿو. دين ۾ شريڪ حيات کي ڪپڙن جيان تعبير ڪيو ويو آھي يعني اھو سندن ڍڪ اھي. جتي اھا نوجوان ۽ انسان جي طبعي گھرج آھي اتي جوڙي جو ساٿ زندگي گذارڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. جي شادي ڪامياب ٿئي ته ماڻھو سک جو ساھ کڻي ٿو ان زندگي کي جنت چوي ٿو. ڪٿي ناڪام ٿئي ته پوءِ زندگي ۾ عذاب آھي. اسان جي سنڌي معاشري ۾ جيتوڻيڪ بظاھر مرد جو مقام مٿاھون آھي پر جي زال ذھني يا خانداني طور سگھاري آھي ته ڪمزور مرد کي ان جو مطيع ٿيڻو پوي ٿو. ھڪ ڀيري ڳوٺ جي ھڪ ھمراھ کان ڪنھن عزيز ڪچھري ۾ زال بابت پڇيو ته وراڻيائين ته بس يار ھڪ عذاب ھو جنھن ۾ زندگي گذري. ايئن ھڪ دوست جي موبائيل فون جي گھنٽي وڳي. ان نمبر جي سڃاڻپ لاءِ ھن نالي بجاءِ عذاب لکي ڇڏيو ھو. کائنس پڇيم ته ھي عذاب ڪير آھي. وراڻيائين ته بيو ڪير ٿي سگھي ٿو اھا منھنجي زال آھي. ڪٿي ڪنھن شخص جي ڪاميابين ۾ سندس زال جو ھٿ ٿئي ٿو ته ڪٿي چنڊي زال مڙس کي پنائي ٿي ڇڏي. انھن سڀني چڱاين ۽ مداين جي باوجود شادي ڪرڻ ضرورت آھي جنھن کان سواءِ گذارو گھٽ آھي.

ڪٿي شادي لاءِ نوجوان اسرار ڪري ٿو ته ڪٿي وري والدين ان کي راضي ڪن ٿا ته جيئن اولاد جي شادي ڪري اھا ذميواري پوري ڪن. سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ نوجوان والدين جي پسند جي شادي ڪن ٿا. ان فيصلي ۾ ان نوجوان جي پسند جو گھٽ ئي دخل ھوندو آھي جنھن کي زندگي گذارڻي آھي. شادي جي حوالي سان اڻ برابري واري شادين جا ڪيئي سماجي سبب آھن جن جي تفصيلن تي ڪنھن ٻئي مضمون ۾ تفصيل سان لکبو.

وتائي فقير شادي ڪئي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ وتائي فقير کان ڪنھن شادي بابت پڇيو. فقير وراڻيس ته جنھن مون کان اڳ شادي ڪئي تنھن تي لعنت، جنھن مون کان پوءِ شادي ڪئي تنھن تي به لعنت. وضاحت پڇڻ تي چيائين ته جنھن مون کان اڳ شادي ڪئي تنھن مون کي اڳي ڇو ڪو نه ٻڌايو. جنھن مون کان پوءِ شادي ڪئي تنھن مون کان پڇيو ڇو ڪونہ. پيغام اھو ھو ته ان ۾ ڪٿي پسند ته ڪٿي بيزاري آھي. موجودھ دور ۾ ادمشماري وڌڻ ڪري ھاڻ شادين ۾ شرڪت ھڪ مکيه سماجي مصروفيت بڻجي ويئي آھي

ھڪ ڏينھن ڪراچي شھر جي ھڪ سٺي پرائيويٽ اسپتال ۾ بيٺا ھئاسين. اسان سان گڏ اسان جي تر جو نالي وارو وڏيرو به گڏ ھو. ھو ذاتي زندگي ۾ مڙس ماڻھو سمجھيو ويندو ھو. اسان جي ھڪ ساٿي ھڪ خوبصورت نرس ڏسي کيس چيو ته سائين توھان به شھر ۾ ڪنھن اھڙي خوبصورت عورت سان شادي ڪريو. کيس وراڻيائين ته يار مان پھرين مان اچي ڦاٿو آھيان تو وري ٻي شادي ٿو ڪرائين.

لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ اسان جو ھڪ دوست شڪار جو شوقين ھو. سڄو سڄو ڏينھن بندوق کڻي پيو ٻنين ۾ شڪار ڪندو ھو. ھڪ ڀيري ويو ته سڄو ڏينھن لڳائي شام ڌاري واپس وريو. ٿڪل به ھو ته گھڻي پنڌ سبب چيلھ ۾ سور ٿيڻ لڳس. ھن زال کي چيو ته مون کي چيلھ تي تيل جي مالش ڪر جيڪا ھوءِ ڪرڻ لڳي. ان دوران ھن زال سان ڀوڳ ڪندي کيس چيو ته تون منھنجي ٺيڪ خدمت ڪو نه ٿي ڪرين تنھن ڪري مان ٻي شادي ڪندس. اتفاق سان سندس والد ان وقت پٺيان پئي آيو تنھن چيس ته پٽ ھڪ شادي ڪئي اٿئي ته چيلھ کي تيل ٿو ھڻائين ٻي ڪيئي ته پوءِ ڇا ٿيندئي. سو سائين ڪي ته ھڪ شادي ۾ سوگھا ته ڪي ٽي چار ڪيون به ڪن لٽار ڪيون پيا ھلندا آھن. ھر ڪنھن جو پنھنجو مزاج آھي ته ھو معاملن کي ڪيتري اھميت ٿو ڏئي. باقي شادين جي حوالي سان اسان جو رويو عربن سان ملي ٿو. جيڪي گھڻيون شاديون ڪندا آھن.

شادي جي حوالي سان ڪن ڏاھن جي پنھنجي سوچ آھي جيڪي ھو اخلاق جي بنياد تي بيان ن ٿا. ان ۾ ھڪ ٻئي جو خيال رکڻ، ھڪ ٻئي سان احترام سان پيش اچڻ، لچڪ ھجڻ. انھن سڀني اخلاقي درسن جي ھوندي به جتي تعليم وڌيڪ اتي اڻ بڻت وڌيڪ. اصل ۾ سنڌ يا ٻين پوئتي پيل علائقن ۾ عورتن جي مجبوري جو سبب سندن مالي مسئلا آھن جنھن ڪري عورت لچڪ پئدا ڪري غلامي جي حد تائين ھلي وڃي ٿي. پر جڏھن اھا مالي طور تي با اختيار ٿئي ٿي ته ھوءِ مڙس جي ڪاڻ گھٽ ئي ڪڍي ٿي اتي وري مرد کي ھيٺاھين سان ھلڻو پوي ٿو.

ڪئناڊا ۾ اسان جي ھڪ وقفڪار ڪنھن ڇوڪري سان رشتي تي پئي ڳالھايو. ڇوڪري پڙھيل ھئي ۽ سٺي نوڪري ڪندي ھئي تنھن ڪي اخلاقي بندشون وڌس ته تون ڪڏھن ڪو شراب وغيرھ نه پيئندين، جي اڳ ڪڏھن ڪو چڪو پيتو اٿئي ته ھاڻ اھو پيئڻ وساري ڇڏ. ٻيو ته تو کي گھر جو خرچ ھلائڻو آھي، مان جيڪو ڪمائينديس اھو منھنجو ھوندو اھو گھر ۾ خرچ نه ڪنديس. تنھن تي ھن ھمراھ وراڻيس ته ائين کڻي چئو ته توسان شادي ئي ناھي ڪرڻي. سچ اھو آھي ته مغربي دنيا ۾ عورت وري ايتري مٿاھين ٿي ويئي آھي جو مرد ٿورو ڪو گڙ ٻڙ ڪري ته زال کيس ھڪ فون ڪري گھران ھٿين خالي ڪڍيس ٿي. اصل ۾ انصاف ڪرڻ ايترو سولو ڪونھي جنھن کي اختيار ملي ٿو اھو گھٽ ڪو نه ٿو ڪري. جي مذھب ۾ عورت تي مرد جي بالادستي آھي يا پوئتي پيل معاشرن ۾ اھي دبيل آھن ته مغرب به متوازن زندگي لاءِ اھڙو ڪو ماڊل ڏئي نه سگھيو آھي جنھن ۾ ٻنھي جو اختيار برابر ھجي ۽ ٻئي ھڪ جيترو اختيار استعمال ڪري سگھن.

اسان ڊاڪٽر عبدالرئوف شيخ کان اجازت وٺي ڄامشوري روڊ تي قاسم بئنڪوئيٽ ھال طرف روانا ٿياسين جتي نورالحق رند جي نياڻي جي شادي جي تقريب ھئي. نورالحق رند سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پي آھي ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي جو گھاڻو دوست آھي جنھن ناتي اسان سان به سندس دعا سلام آھي. اسان جڏھن ان شادي ھال وٽ پھتاسين ته گاڏين جي تمام گھڻي رش ھئي. اندر ڪار پارڪنگ ته ڀريل ھئي پر پوليس وارن روڊ تي به بيھڻ ڪو نه پئي ڏنو. ھن دعوت ۾ ڪيترا پوليس آفيسر شريڪ ٿيندي نظر آيا. اسان جي گاڏي ڊرائيور پئي ھلائي ان ڪري اسان گيٽ ويجھو لھي پياسين ۽ ڊرائيور کي پري وڃي جتي جاءِ ملي اتي گاڏي بيھارڻ جو چيو سين.

ھال جي گيٽ تي نورالحق رند مھمانن جي آڌرڀاءُ ڪندي نظر آيو. اسان کيس ملي مبارڪ ڏني. ھن اسان کي اندر ھلي ويھڻ لاءِ چيو اسان اندر وڃي ڪن واقفڪارن سان ملي، دعا سلام ڪري ڪي گھڙيون گذاري ٻاھر نڪتاسين ته جيئن وري ٽئين ھنڌ پھچي سگھون.

ائين حاضري ڀرائي نڪري قاسم آباد ۾ علي پيلس ۾ ھڪ شادي جي تقريب ۾ پھتاسين. ھي تقريب اسان جي ڪئنادا جي دوست دليپ رتناڻي جي ڀاڻيجي جي شادي جي ھئي. اڃا رستي ۾ ھئاسين ته منھنجي گاڏي جي ڊرائيور چوڻ شروع ڪيو ته ماما منھنجي گھر واري جي طبيعت درست ڪونھي. ھن کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃڻو پوندو ان ڪري جيترو جلدي ٿي سگھي اوترو جلدي ھلو. گاڏي مان لھڻ لڳس ته ھن وري ياد ڏيارو ته ماما مھرباني ڪري جلد اٿڻ جي ڪوشش ڪجو.

اندر پھتاسين ته دليپ ۽ سندس مائٽن اسان جو دلي آڌرڀاءُ ڪيو. اتي دليپ سان گڏ آيل اسان جو ساٿي عطاءُ الله ملاح به موجود ھو. ماحول مان اندازو ٿيو ته ھتي ماني لڳڻ ۾ دير ھئي. مقامي ماڻھو يا ڪاڄ ۾ آيل ٻيا ماڻھو ته سڪون سان ويٺا ھئا اسان کي پوئتي ٿيل واعدي تي ته موٽي ٿا اچون ۽ ٻيو منھنجي ڊرائيور جي اھا دانھن ته جلدي روانا ٿجو. اسان جي ان صورتحال کي ڏسندي دليپ ميزبانن کي چئي اسان جي لاءِ ۽ اسان جي ڊرائيورن لاءِ کائڻ جا ڪي ائٽم گھرائي ورتا جيڪي کائي ٿوري ڪچھري ڪئي سين ته رات جا ساڍا ٻارنھن وڳا. اتي سوچيو ته جيڪڏھن واپس ڊاڪٽر عبدالرئوف طرف موٽون ٿا ته اتي پھچندي اڌ منو ڪلاڪ لڳندو پوءِ اتي ماني به کائڻي پوندي جو ڊاڪٽر صاحب بار بار فون تي اھو چئي رھيو ھو ته ٻين ماني کائي ڇڏي آھي باقي مان توھان جي انتظار ۾ ويٺو آھيان. اسان فيصلو ڪيو ته سڀني کان اجازت وٺي ڪراچي ٿا روانا ٿيون. گھڻو وقت نه ئي سھي ٿورو وقت ھر ڪنھن سان دعا سلام ته ڪري ورتي سين.

اسان اتي اھو به سوچيو ته ھر ڪو خلوص سان اسان جي ڪجھ تواضع ڪرڻ گھري ٿو پر جيڪڏھن ڪاڄ وارن کي مطمئن ڪري ڪراچي روانا ٿينداسين ته صبح ٿي ويندي. ان ڪري ڊاڪٽر عبدالرئوف سان معذرت ڪري، دليپ، عطاءُ الله ملاح ۽ اتي موجود ٻي سنگت کان موڪلائي ڪراچي رواني ٿيڻ لاءِ ٻاھر نڪتاسين. ڊاڪٽر شاھد قريشي پنھنجي گاڏي ۾ بحريه ٽائون لاءِ نڪتو ته مان ۽ مبشر ملڪ گلشن حديد وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين. رات دير سان گھر پھتاسين. ان وقت ڊرائيور اسان کي گھر ڇڏي پنھنجي گھر روانو ٿي ويو جو کيس گھر واري وٽ پھچڻ جو فڪر ھو.

رات گلشن حديد ۾ رھي ٻئي ڏينھن ڪراچي ۾ ڊاڪٽر شاھد قريشي جي فليٽ تي آياسين. ھن ڀيري اڃا تائين سڪندر بلوچ سان ملاقات ڪو نه ٿي ھئي ڇاڪاڻ ته ھو ترڪي ۾ پنھنجي روحاني رھبر رومي جي جنم ڀومي ڪونيا ويو ھو جتي کيس سالياني تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻي ھئي. اتي جي مصروفيتن جون پوسٽون ھو فيس بڪ تي رکندو ٿي رھيو.

سڪندر بلوچ، نفيس طبيعت رکندڙ ۽ ملنسار نوجوان آھي، جيڪو دوستن ۾ ھر دل عزيز مڃيو وڃي ٿو. اسان سڀني سان سندس قرب جو رشتو آھي تنھن ڪري ساڻس ملڻ جي تمنا رھندي آھي. ھن ڀيري سندس ڪمي محسوس پئي ڪئي سين. ھن کي به اسان جي اچڻ جي خبر پئجي ويئي ھئي تنھن ڪري واپس پھچندي ئي اسان سان رابطو ڪري پڇيائين ته ڪٿي آھيو. اتفاق سان سندس رھائش ويجھي ھئي جتان پنج ست منٽ واڪ ڪري پھچي سگھجي ٿو. ھو اسان جي فليٽ تي ھليو آيو تنھن اچي ملي خبرون چارون ڪيون. ھن پنھنجي ترڪي جي سفر ۽ ڪونيا ۾ گذاريل وقت ۽ اتي جي مصروفيتن جا تفصيل ونڊيا.

جلال الدين محمد رومي فارسي زبان جو شاعر، صوفي مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ھڪ وڏو عالم ھو. ھن جي وفات ۱۲۷۳ ع ٿي ھئي پر اڄ به سندس شعر بيحد مقبول آھن جيڪي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آھن. رومي صوفي فڪر جو وڏو نالو آھي جنھن جي فڪر جو اثر ايران، ترڪي، کان پاڪستان تائين آھي. سندس شعرن ۾ فڪر جي وڏي گھرائي آھي جن کي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ سان سندس خيال ماڻھو جي اندر تائين پھچي وڃي ٿو. شعر سان گڏ ان جي صوفي رقص جنھن کي عام زبان ۾ ورلنگ چيو وڃي ٿو سو متاثر ڪندڙ عمل آھي. حسن درس جي ڪلام وانگر ته

ڪونيا ۾ ڪيف وارو رومي جو رقص آھي ھن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آھي.

شاھ جو رسالو جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرتب ڪيو آھي تنھن جي مقدمي ۾ ھو لکي ٿو تہ

شاھ لطيف جي فڪر ۽ عرفان تي مولانا رومي جي اثرات جي وڏي ۾ وڏي شاھدي خود رسالي مان ملي ٿي. مولانا رومي دنيا جو واحد شاعر آھي جنھن جو سر ڪلياڻ جي ڇھن بيتن ۾ نالو کڻي شاھ لطيف سندس فڪر جي تعريف ڪري ٿو. بلڪه پنھنجو فڪري رھنما تسليم ڪري ٿو. جيئن ھنن ٻنھي بيتن مان چڱي ريت واضح ٿئي ٿو.

طالب قصر، سونھن سَرُ، ايءَ روميءَ جي رھاڻ،

پھرين وڃائڻ پاڻ، پَسڻ پوءِ پرينءَ کي.

طالب قصر، سونھن سَرُ، ايءَ روميءَ جو آھي،

تاڙي جي لاھي، ته منجھين مشاھدو ٿئي.

علامه دائود پوٽو پنھنجي لکڻي، شاھ عبداللطيف رحه ۽ رومي|لطيفيات| ۾ ان ڳالھ جي نفي ڪري ٿو ته شاھ جي شاعري تي ڪو رومي جو اثر آھي. ھو لکي ٿو تہ؛

شاه بيشڪ پنهنجي دائره ۽ نوع ۾ لاثاني آهي، ۽ سنڌي شعر جي صاف چشمي مان تِڪون ڏنيون اٿس، ۽ سندس ڪلام خارجي اثرات کان پاڪ آهي، پر مون کي کل وٺندي آهي، جڏهن ڪي اديب، جهڙوڪ ڊاڪٽر ٽرمپ، مرحوم شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ، آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سارلي، چوندا آهن ته شاه تي روميءَ، حافظ ۽ جاميءَ جو گهڻو ۽ گهاٽو اثر آهي. اِها دعويٰ سراسر غلط آهي. شاه جيڪڏهن ڪنهن جي پيروي ڪئي آهي، ته سنڌ جي قديم بزرگن جهڙوڪ قاضي قاضن، شاه ڪريم، لطف الله قادريءَ، شاه عنايت رضويءَ ۽ ميين عيسي جي ڪئي آهي. سندس شعر جو قالب توڙي مضمون فارسي شاعرن جي ڪلام کان بالڪل نرالو آهي.

رومي جي حوالي سان منسوب مٿيان شعر ڪلياڻ آڏواڻي پنھنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ مون کي نظر ڪو نه آيا. ٻين رسالن ۾ آھن يا نه تنھن جي پڪ ڪونھي. ائين ٿو لڳي ته سنڌ ۾ اڃا تائين تحقيق جي نتيجي ۾ ڪو اھڙو رسالو مرتب ڪو نه ٿيو آھي جنھن تي سڀ متفق ھجن. ٻيو ته اڪثر ڪري شاھ لطيف جي شاعري، سنڌي تھذيب، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان لاڳاپيل مضمون گھڻي تحقيق بجاءِ پسند ۽ خواھش جي اثر ھيٺ لکيا وڃن ٿا.

ڪونيا ۾ جيڪو ميلو مچي ٿو تنھن جا تفصيل سڪندر بلوچ اسان سان ونڊيا. انھن ۾ ڪي اھڙا واقعا به ھيا جن ھن کي متاثر ڪيو. ھن ٻڌايو ته ھن ڀيري ھڪ پاڪستاني نوجوان کيس اتي مليو جنھن ھڪ ترڪ عورت سان شادي ڪئي آھي جيڪا پڻ رومي جي فڪر سان لاڳاپيل آھي. ھو ٻئي ھاڻ ڪونيا ۾ مستقل طور رھڻ ٿا جتي ڪو ٿورو گھڻو روزگار اٿن باقي ھو دولت جي ھوس ۽ دنوي ترقي جي ڀيٽ ۾ روحاني سڪون کي ترجيح ڏين ٿا. ھنن پنھنجي گھر ۾ ان حوالي سان جيڪا فڪري گڏجاڻي رکي تنھن ۾ ھنن سڪندر کي به مدعو ڪيو ھو. ڪنھن کي ڪٿان رمز لڳي ته پوءِ سندس ويھڻ وھ ٿئي ٿو. انسااني ذھن به تباھي شي آھي جنھن ڳالھ کان متاثر ٿئي ٿو ان کي ئي سڀڪجھ سمجھي ٿو. رومي جي زندگي ۾ اھا تبديلي به سندس مرشد شمس تبريز جي صحبت سبب آئي. ڪٿي وري ماڻھو اجائي سجايو ڪنھن جي فوبيا ۾ رھندا آھن.

سڪندر ترڪي جي دوري جا تفصيل پئي ونڊيا ان دوران مانجھاندي جو وقت به اچي ٿيو. سڪندر چاھيو ته ھلي ڪٿي لنچ ڪريون. اسان جي رضامندي تي ھن ٻين دوستن کي به ٽي تلوار وٽ راڄڌاني ريسٽورٽ پھچڻ لاءِ چيو. جن کي ھن اچي شامل ٿيڻ لاءِ چيو انھن ۾ سجاد سھاڳ، علي پلھ ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي ھئا. اسان راڄڌاني ريسٽورنٽ پھتاسين ته سڀ دوست ھوريان ھوريان اتي پھچندا ويا. راڄڌاني ريسٽورنٽ اسان جي دوست سريش ڪمار جو آھي جيڪو اسان سڀني جو دوست آھي. اسان سان سندس تعارف گھڻو وقت اڳ ڊاڪٽر شاھد قريشي معرفت ٿيو ھو جيڪو قرب جو رشتو ھاڻ مضبوط ٿي ويو آھي.

راڄڌاني ريسٽورنٽ جو ماحول، سروس ۽ کاڌو منھجي پسند جو آھي. راجستاني انداز جي پڳڙي ٻڌل ويٽر سڀ کان پھريان اچي گرم پاڻي سان سيٽ تي ئي ھٿ ڌوئرائيندا آھن. شھرن ۾ اھو ھٿ ڌوئرائڻ وارو رواج نه رھيو آھي ان جو سبب رھڻي ڪھڻي جو مغربي ٿي وڃڻ آھي. پر اسان ننڍپڻ ۾ ماني کان پھريان اوطاقن ۾ مھمانن جي ھٿ ڌوئرائڻ واري رواج کي نه فقط ڏٺو آھي پر ان عمل جو حصو رھيا آھيون. ھتي جڏھن ويٽر اچي ھٿ ڌوئرائيندو آھي ته مون کي ماضي جي اوطاق وارو منظر ذھن تي تري ايندو آھي. کاڌي ڏيڻ وقت ھڪ ٿالھي آڻي آڏو رکندا آھن جنھن ۾ پيل ڏھاڪو کن وٽين ۾ ھو صاف سٿري ٺھيل سائي ڀاڄي، داليون ۽ ھڪ ڪڪڙ جو ٻور وڌو ويندو آھي. ان سان گڏ چانور، سلاد ۽ ڪي چٽڻيون به پليٽ ۾ وجھي کوڙ ويرائٽي بڻائي ويندا آھن. ھڪ کاڌو صاف سٿرو ٻيو ھلڪو ھاضمي دار ان ڪري ان جي کائڻ سان طبيعت خوش ٿي ويندي آھي. ان ڪري ئي ھن ريسٽورنٽ ۾ ھڪ ڀيرو ايندڙ ان جا گراھڪ ٿي ويندا آھن.

اسان سڀ گڏياسين ته کاڌي جو آرڊر ڏنوسين. پنھنجي ڪچھري ۾ محو ھياسين ته ريسٽورنٽ جو مالڪ سريش ڪمار به اچي نڪتو. اسان کي ڏسي اچي مليو ۽ اسان جي چوياري جو حصو ٿيو. علي پلھ کي ان رات سنگاپور لاءِ روانو ٿيڻو ھو. ھو پنھنجي ڪٽنب سان ھن نئين سال جي موقعي تي مشرق جي انھن ملڪن ۾ گھمڻ جو پروگرام ترتيب ڏئي چڪو ھو. تنھن کان ان دوري ۽ ۽ سندس واپسي متعلق پڇيوسين. ماني کائي ملاکڙو ٽٽو ته سڀني پنھنجي پنھنجي راھ ورتي. مون کي سجاد سھاڳ فليٽ تي ڇڏڻ آيو ھو. ھن آفر ڪئي ته سائين منھنجو گھر جيڪو اڄڪلھ خالي پيل آھي، منھنجي گاڏي سڀ توھان لاءِ حاضر آھي ٻي جيڪا خدمت ھجي ته ضرور ياد ڪجو. کيس چيم ته اسان کي ان حوالي سان سڀ سھوليتون موجود آھن پر جيڪڏھن ڪا ضرورت پئي ته تون پري ڪو نه آھين. سجاد سھاڳ ڪنھن تعارف جو محتاج نه آھي. نھايت ئي مھذب ۽ ملنسار نوجوان آھي. اسان سان سندس پنھنجائپ وارو رويو ھوندو آھي. اسان به کيس پنھنجي ننڍن ڀائرن ۽ ٻڄن جيئن سمجھندا آھيون ان ڪري ھن سان ڪو تڪلف ڪونھي.

سنگت پنھنجي ڪمن سان مصروف ٿي ويئي. مان ان واندڪائي جي وقت کي ميل ملاقات لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاري جي خبر ورتي. ھو آفيس ۾ ھو تنھن ڪري کيس پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڏنم. رمپا پلازا ۽ گل پلازا جي پوئين گھٽي ۾ ھڪ بلڊنگ ۾ ان جي آفيس آھي جتي مان اڳ به ويل ھوس. ان فلور تي پھچي مرڪ پبليڪيشن جي آفيس ڳولڻ لڳس ته اسلم کٽياڻ تي نظر پئي جنھن جي آفيس جودر کليل ھو. مون کي ڏسي اٿي آيو ۽ اچي مليو. ھو سنسار نالي پبليڪيشن ھلائي ٿو. ان سان گڏ ڪتابن جا اسٽال يا ميلا ھڻي ڪتابن کي متعارف ڪرائي ٿو. منھنجي ساڻس سٺي دوستي آھي. اتي پوءِ تازا ڇپيل ڪتابن، ليڪکن ۽ ان سلسلي جون کوڙ ڳالھيون ٿيون. ان دوارن نالي وارو ليکڪ عبدالواحد سومرو به اچي نڪتو. جنھن سان به اتي ادبي ماحول ۽ نون ڪتابن تي ڳالھ ٻولھ ٿي. ھن مون کي پنھنجو تازو ڇپيل ناول مس ڪال به سوکڙي طور ڏنو. ايئن اسلم کٽياڻ به ڪي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ڏنا.

انھن سان ڪچھري ڪري پوءِ مان ۽ عبدالواحد سومرو مرڪ پبليڪيشن جي آفيس ۾ آياسين جتي مرتضيٰ ۽ سندس پٽ ويٺا ھئا. ھنن منھنجا ٻه ڪتاب ساروڻيون ساڻيھ جون ۽ ٻيو مان ۽ منھنجو جھان ڇپيا آھن. ان ناتي ساڻن رابطو رھندو آھي. ھن بڌايو ته توھان جي آتم ڪٿا واري ڪتاب جي سٺي موٽ آئي آھي. ھن به مون کي ڪي ڪتاب ڏيڻ چاھيا جيڪي تازا ڇپيا ھئا. انھن مان کيس شاعري جا ڪتاب موٽائي ڏنم ته مان اھي پڙھندس ئي ڪو نه ان ڪري کڻي وڃڻ ئي اجايو آھي باقي نثر جا ڪتاب کڻي ٿو وڃان. ھنن پنھنجي ڌنڌي جي حوالي سان ڪاغذ کان ويندي ڇپائي ۽ ڪتاب جي تياري جي حوالي سان سڀ خدمتن جي قيمت ۾ واڌرو ٿيڻ تي ڪم ۾ ڏکياين جو ذڪر ڪيو.

اتان اٿي مون سنڌ سيڪريٽريٽ جو رخ ڪيو جتي ھڪ دوست سان ملڻو ھو. ھن سان فون تي رابطو ڪو نه پئي ٿيو ته چانس وٺڻ چاھيم پر ناڪام ٿيس. موٽ تي ڪار پارڪنگ وٽ رکيل مورائي سان ملاقات ٿي. سرگرمي سان ملياسين. ھڪ ٻئي سان ملاقات ۽ خبرون چارون ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻئي کي فون جو نمبر ڏئي جلد رابطي ڪرڻ جو واعدو ڪري روانو ٿيس ۽ اچي فليٽ تي پھتس.

شام جي وقت سنگت به واندي ٿي فليٽ تي پھچڻ شروع ٿي. اتي مون ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي ڊاڪٽر ايس ايم قريشي صاحب جي زندگي ۽ ڪاوشن تي ٻڌل ڪتاب جي تياري واري مواد تي ڪجھ ڳالھائي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ دوستن سان رابطي جو فيصلو ڪيوسين. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي قابل سنڌي ماڻھن مان ھڪ ھو جنھن جون تعليم جي حوالي سان ڪافي خدمتون آھن خاص ڪري مھراڻ يونيورسٽي جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي ھڪ نالي وارو ادارو ٺاھڻ ۾ سندس خدمتون نمايان آھن.

اڄ جي شام واري چوياري ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو، ڊاڪٽر شاھد قريشي، مبشر ملڪ ۽ مان ھئاسين. جيڪي ڪلفٽن طرف نڪري وياسين جتي ڊنر ڪري سير تفريح ڪندا رھياسين.

جڏھن ڪراچي پھتو ھوس ته ڊاڪٽر شاھد قريشي اھو ٻڌايو ھو ته سندن ٽرسٽ طرفان ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي شخصيت، ڪاوشن ۽ ڪاميابين تي ھو ھڪ ڪتاب ترتيب ڏئي رھيا آھن. ان ڪتاب جي تياري ۾ ھن منھنجي مدد به گھري ھئي. ڊاڪٽر صاحب ھن وقت تائين سھيڙيل مواد جي ڪاپي به منھنجي حوالي ڪئي جنھن کي پڙھيم ته مضمون انھن ماڻھن جي ھئا جن ايس ايم قريشي صاحب سان گڏ ڪم ڪيو ھو، ھن جا شاگرد ھئا يا ڪنھن حوالي سان ھن سان واسطي ۾ رھيا ھئا. سٺي ڪتاب لاءِ مواد اڃا به گھربل ھو تنھن ڪري اھو حاصل ڪرڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو ھيوسين.

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سنڌ جي قابل، اعلي تعليم يافته، ايماندار ۽ باصلاحيت شخصيت ھئڻ سان گڏ سنڌ جي تعليم لاءِ گھڻو ڪجھ ڪري ويو. گھڻن کي شايد ھن جي مقام جي خبر ڪونھي. ھو ھڪ خاموش مجاھد ھو جنھن سنڌ ۾ تعليم جي ڀلي لاءِ مرڻ گھري تائين پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھو.

مھراڻ يونيورسٽي جي پلاننگ کان ويندي ان کي مڪمل ادارو ٺاھڻ تائين ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جون مکيه ڪاوشون آھن. ڊاڪٽرصاحب کي ھن اداري سان پيار ھو. ان جي زمين جي حفاظت کان ويندي ان جي ماسٽر پلان تي عمل تائين ھو سنجيدھ ڪوششون ڪندو ھو. جڏھن ھو اسلام آباد ۾ وفاق سيڪريٽري جي عھدي تي فائز ٿيو ته به سندس ڌيان مھراڻ يونيورسٽي طرف رھيو. اسان جو ڪلاس فيلو غلام سرور ڪنڌر جيڪو مھراڻ يونورسٽي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رھيو ھو تنھن ٻڌايو ته اسلام آباد روانگي وقت ھن مون کي گھرائي سختي سان چيو ھو ته ڏس مھراڻ يونيورسٽي جي ماسٽر پلان سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ڪجو. ڪنڌر صاحب سندس شاگرد رھي چڪو ھو تنھن مھراڻ يونيورسٽي جي ماسٽر پلان تي شروع کان وٺي ڪم ڪيو ھو سو ڊاڪٽر صاحب جو احترام به ڪندو ھو ته سندس ھدايتن تي عمل به ڪندو ھو.

غلام سرور ٻڌايو ته ھڪ ڀيري مھراڻ يونيورسٽي جي ڪن اسڪيمن جي حوالي سان اسلام آباد ۾ ھڪ ميٽنگ ٿي جنھن ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي ٽيم، وفاقي سيڪريٽري تعليم ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سان گڏ فنانس کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري به شريڪ ٿيو ھو. ھڪ مرحلي تي انھن اسڪيمن جي منظوري تي بحث دوران جڏھن ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ڪجھ جذباتي ٿيڻ لڳو ته فنانس کاتي جي ان ايڊيشنل سيڪريٽري چيس ته قريشي صاحب ڇو ٿا وساريو ته توھان ھاڻي مھراڻ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر ڪو نه آھيو. پر ڊاڪٽر صاحب اھي اسڪيمون پورو زور وجھي منظور ڪرائي ورتيون.

سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به ھن پنھنجون خدمتون جاري رکيون. ھو عمر جي آخري حصي تائين. سنڌ حڪومت طرفان يونيورسٽين لاءِ چارٽر اويليوويشن ڪاميٽي جو چيئرمن رھيو جنھن عھدي تي به ھو مڪمل ڌيان سان ڪم ڪار ڪندو رھيو. سنڌ ۾ گھڻو ڪري کليل سرڪاري توڙي پرائيويٽ يونيورسٽين جي چارٽر جي مڪمل ڪرڻ ۾ سندس مکيه ڪردار رھيوآھي. سندس شخصيت جو مان ھو جو ڪوبه شخص چاھي ھو ڪھڙي وڏي عھدي تي ھجي کيس ناجائز ڪم چوڻ جي ھمٿ ڪو نه ڪندو ھو.

مون ڪي ماڻھو ڏٺا جن ڪن واقعن کان متاثر ٿي ڪي ادارا قائم ڪيا. ڪراچي ۾ ھڪ فيملي سان واسطو پيو جنھن جي بزرگ پنھنجي پٽ جي ذھني طور تي ڪمزور ھئڻ واري صدمي تي اھڙن ٻارن لاءِ ھڪ اسڪول قائم ڪري ڇڏيو ھو ته جيئن اھڙن ٻارن کي وڌيڪ ڌيان ملي. ائين ڊاڪٽر ايس ايم قريشي پڻ پنھنجي پٽ عامر قريشي جي جگر جي بيماري ۾ وفات تي اھڙي مرض ۾ مبتلا مريضن جي علاج سان گڏ ٻين بيمارين جي علاج ڪرائڻ ۽ ان پليٽ فارم تان خير جا ڪم شروع ڪيو ھو. ھن ٽرسٽ جي آفيس ڪلفٽن سينٽر ڪراچي ۾ ھئي جتي ڊاڪٽر صاحب ڪل وقتي ڪم ڪندو ھو. ان ٽرسٽ طرفان ڊفينس جي علائقي ۾ ڪافي وقت ھڪ ڪلنڪ به ھلائي ويئي ھئي. محدود وسيلن مان جيڪي ڪجھ ٿي سگھندو ھو سو ھو ڪندو ھو.

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي وفات کان پوءِ ھي ٽرسٽ ڊاڪٽر شاھد قريشي جيڪو سندس سئوٽ آھي ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر محمد انور جيڪو انگلينڊ ۾ ڊاڪٽر آھي سي گڏجي ھلائيندا آھن. تازو ڪن سببن ڪري ھن ٽرسٽ جي آفيس ابيدا ٽاور فليٽ جتي مان ۽ مبشر ملڪ رھيل ھئاسين اتي وقتي طور شفٽ ڪئي وئي ھئي. ھي فليٽ ڪشادو آھي جنھن جي ھڪ ڪمري ۾ عامر قريشي ٽرسٽ جي آفيس قائم ڪئي وئي ھئي جتي ان اداري جو ٻن ملازمن تي ٻڌل ڪل وقتي عملو به اچي ويھڻ لڳو. اھي ٻئي زال مڙس ھئا جن مان گھر واري سڄي آفيس جو ڪم سنڀاليندي ھئي جڏھن ته سندس ور ٻاھر جي ڪم ڪار ڪندو ھو.

قرت العين خالد نالي اھا ڇوڪري پھرين ڏينھن جڏھن آفيس جي ڪم لاءِ آئي ته ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر شاھد کي چوڻ لڳي ته سر ھتي رھيل ماڻھن جي موجودگي ۾ مان ڪم ڪار ڪيئن ڪري سگھنديس. ڊاڪٽر شاھد ھن جي مونجھ کي سمجھي کيس چيو ته تون ٽي چار ڏينھن ھنن جي موجودگي ۾ ڪم ڪار ڪر پوءِ مان تو کان پڇندس ته تون ھن ماحول ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ۾ مطمئن آھين يا نہ. اسان ٻنھي جو ساڻس رويو شفقت وارو رھيو. ھن جو خيال رکڻ سان گڏ ساڻس پنھنجي تجربا ونڊي سندس رھنمائي ڪندا ھئاسين. ھن ڪي سال ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سان گڏ ڪم ڪيو ھو جنھن جي شفقت ۽ رھنمائي ۾ ھوءِ ھڪ ذميوار ملازم بڻجي وئي ھئي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سان گڏ ڪم ڪرڻ ڪري ھو سندس شخصيت ۽ ڪردار بابت بھتر ڄاڻ رکندي آھي تنھن کان ڪتاب جي مواد جي حوالي سان ڄاڻ ورتم ته قريشي صاحب کي تو ڪيئن ڏٺو. ھن پوءِ ان جي شفقت، ان جي انسان دوستي، ڪم سان لڳاءُ جا ڪيترا قصا ٻڌايا جنھن سان ڪتاب لاءِ وڌيڪ مواد مليو. ھفتي کان پوءِ ڊاڪٽر شاھد قريشي ھن کان پڇيو ته ھاڻي ٻڌاءِ ته ھنن دوستن جي موجودگي ۾ ڪم ڪار ۾ ڪا مونجھ ته ڪانه ٿي ٿئي تنھن تي قرت العين کيس وراڻيو ته سر مان ته اھو سوچيان پئي ته جي ھي ھليا ويا ته ھنن جي شفقت ۽ رھنمائي جي مون کي ڪيتري نه کوٽ محسوس ٿيندي.

قرت العين خالد جو تعلق ٺٽي شھر سان آھي جڏھن ته سندس ور خالد جا وڏا ڪراچي ۾ سيٽ ٿي چڪا آھن. سندس والد صاحب وڪيل ھو جنھن نياڻين کي تعليم ڏياري پر سندس موجب اھو رويو بھرحال موجود ھو ته شادي کان پوءِ خاندان ئي توھان جو سڀڪجھ آھي. اھو سوچ کڻي ھو ساھري گھر آئي. ھن اسڪول جي زماني جي ڳالھ ٻڌائي ته اسان روز ويگن ۾ اسڪول وينديون ھيون سين. ھڪ ڏينھن ھڪ سيد ڇوڪري اچي منھنجي ڀيڻ جي سيٽ تي ويٺي. منھنجي ڀيڻ اچي کيس چيو ته منھنجي سيٽ تان اٿ. اتي ٻين ڇوڪرين چيس ته ڇڏ ويٺي ھجي بي بي آھي. منھنجي ڀيڻ پوءِ به ھن کي اٿڻ جو چيو. نه مڃڻ تي کيس چماٽ وھائي ڪڍيائين. جنھن تي اھا ڇوڪري سيٽ ڇڏي ويئي. گھر پھچي اسان بابا کي اڳا ڳالھ ٻڌائي ان فڪر ۾ ته متان اھا خبر پوڻ تي والد صاحب ناراض نه ٿئي. اسان جي والد اھو ٻڌي منھنجي ڀيڻ کي چيو ته سٺو ٿيو جو کيس چماٽ ھنيئي. اڳتي تنھنجي سيٽ تي ڪو نه ويھندي. اسان جي معاشري ۾ گھٽ آھي ته ماڻھو عام سوچ کي خلاف وڃن پر جيڪي ٻارن کي خود داري ۽ پنھنجي حق تي اڙي وڃڻ جو ڏس ڏين ٿا سي واقعي درست سوچ رکن ٿا ۽ معاشري کي تبديل ڪرڻ جا اھل آھن. اسان جي سنڌي معاشري کي اھڙن ڪردارن جي سخت گھرج آھي جيڪي ذات پات جي جي اثر کان ماڻھن کي آجو ڪرڻ جي سوچ رکن ۽ عمل ڪن.

قرت العين پنھنجي ھڪ ڪلاس فيلو ڇوڪري جو قصو ٻڌايو جيڪا خوبصورت ۽ ھوشيار ھئڻ سان گڏ ھمٿ واري ھئي. غريب خاندان سان تعلق ھئڻ ڪري ھو ھڪ خانداني مرشد جي نظر ۾ اچي وئي. مرشد مريدن کي ان جو رشتو پنھنجي پاڙي جي اھڙي نوجوان کي ڏيڻ جو زور ڏنو جيڪو غريب ھئڻ سان گڏ ڪمزور مزاج جو ھو. مرشد جي زور ڀرڻ تي ڇوڪري جي مائٽن اھو رشتو ڪري ڇڏيو. اھو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻو ھو ڇوڪرو گھر جو خرچ ئي نه پئي ھلائي سگھيو جنھن شڪايت تي مرشد اچي پھتو تنھن ڇوڪري کي چيو ته تون فڪر نه ڪر مان تنھن جي خرچ جو بندوبست ڪندس ۽ تنھنجو خيال رکندس. ڇوڪري خوددار ھئي تنھن چيس ته تو وري ڪھڙي کاتي ۾ منھنجو خرچ برداشت ڪندين. جي تو کي ايترو ئي شوق آھي ته مون کي طلاق وٺرائي مون سان شادي ڪر ته پوءِ ڀلي منھنجو خرچ برداشت ڪر. ايئن مرشد جي منصوبه بندي ناڪام ڪري ڇڏيائين. نيٺ ڪڪ تي طلاق وٺي واپس اچي ويئي ۽ ماستري ڪري پنھنجو خرچ برداشت ڪندي رھي. معاشري ۾ ھڪ غربت، ٻيو وري مٿان مرشدن جو رعب ماڻھن جي اڻ پوري زندگي کي وڌيڪ عذاب ۾ وجھي ٿي. اسان جو معاشرو ان مقامي طاقت، خوف ۽ نا انصافي مان ئي جان ڪو نه ڇڏائي سگھيو آھي ته باقي دنيا جي ڏاڍ سان ڪيئن منھن ڏيندو. اسان ته ڏونگر کان ڏاڍا ھئڻ جي ھام ھڻون ٿا پر پنھنجي معاشري جي ڪردارن جن کي ڄاڻون ٿا ۽ جن جا ڪرتوت روزمرھ جي بنياد تي اسان جي سامھون آھن تن ڪردارن مان جان ڪو نه ڇڏائي سگھيا آھيون. پھريان ته عوام کي اھڙن ڪردارن مان آزادي ڏيارجي ته پوءِ ئي تبدلي جو ڦيٿو اڳتي ڦري سگھندو.

قرت العين ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي زير تربيت رھڻ ڪري جتي ان کان سکي اتي ھن پنھنجي ڪارڪردگي سان ڊاڪٽر صاحب ۽ ان جي ٽيم جو اعتماد حاصل ڪيو. ھن ٻڌايو ته جڏھن مون پھريان نوڪري شروع ڪئي ته گاڏي جي پڪ اپ ۽ ڊارپ آف جو خرچ منھنجي اڌ پگھار جي برابر پئي ٿيو جيڪو منھنجي برداشت کان مٿي ھو. مون اھڙو ذڪر ڊاڪٽر صاحب سان ڪيو. ھن ٻئي ڏينھن ھڪ لفافو مون کي ڏنو جنھن ۾ ويھ ھزار رپيا ھئا. اھو ڏيندي چيائين ته بابا ھي تنھنجي اچڻ وڃڻ جو خرچ آھي جيڪو منھنجي طرفان آھي. مون جيڪي ٽرانسپورٽ جو خرچ ٻڌايو ھو تنھن کان به ٻه ھزار وڌيڪ ھئا. انھن وڌيڪ پئسن جي نشاندھي ڪرڻ تي ھن چيو ته بابا نياڻي آھين اھا خرچي سمجھي رکي ڇڏ.

ھڪ ڀيري منجھند جي وقت ڊرائيور سميت سڀني لاءِ لنچ گھرائڻ جو چيائين. مون اسان ٽن لاءِ برگر گھرايو. اھو سوچي ته ڊرائيور کي اھو ڪٿان وڻندو ان کي پئسا ڏئي ڇڏينديس ته اھو ڀلي پسند جي ٻوڙ ماني کائي. اسان پليٽن ۾ برگر رکي کائڻ لاءِ ويٺاسين ته پڇيائين ته ڊرائيور کي کاڌو ڏنو اٿو. مون وراڻيو ته نہ. کيس پئسا ڏبا ته ھو وڃي کائي اچي. ان تي مون کي ڪجھ نه چيائين پر اٿي پنھنجي پليٽ کڻي ڊرائيور کي ڏئي آيو. مان بيحد شرمندي ٿيس. مون پنھنجي برگر کي ٻه اڌ ڪري کيس چيو ته سر پاڻ شيئر ٿا ڪريون. ھن اھو اڌ برگر کڻي سڪون سان ويھي کاڌو. جيتوڻيڪ مون کان ڪوتاھي ٿي ھئي ته به ھن مون تي ڪاوڙ جو اظھار ڪو نه ڪيو. ٻئي طرف اڌ برگر به ائين سڪون سان ويھي کاڌائين ته ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ڪونھي.

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي ذميوارين جي پابندين جو قصو ونڊيدي قرت العين ٻڌايو ته ھڪ ڀيري ھو ٽرسٽ جي آفيس مان نڪري ميٽنگ لاءِ روانو ٿيو. آفيس مان ھيٺ لھندي ڪرڻ سبب کيس ڪافي ڌڪ لڳا جنھن سبب کيس ڪافي سور ٿيو پر ميٽنگ جي وقت ويجھو ھئڻ ڪري اوڏانھن ھليو ويو. اڌ مني ڪلاڪ جي ميٽنگ پوري ٿيڻ تي ھن مون کي فون تي چيو ته خالد ڪو نه ٿو ملي تون ئي جلد مون ڏانھن اچ. مان ويس ته چيائين ته مون کي اسپتال وٺي ھل. جڏھن ان معاملي جا تفصيل ٻڌايائين ته مون کيس چيو ته سر توھان ميٽنگ ۾ نه وڃون ھا سڌو اسپتال وڃو ھا. وراڻيائين ته ڪي ماڻھو پري کان ھن ميٽنگ لاءِ آيا ھئا ۽ ڪم به وقت تي ڪرڻ سٺو آھي تنھن ڪري تڪليف ھوندي مان ڏکيائي سان ويٺو رھيس. ائين ميٽنگ جي ڪاروائي پوري ٿيڻ تي تو کي سڏيو اٿم. اتان مان کيس اسپتال وٺي ويس جتان علاج ڪرائي کيس واپس گھر ڇڏيم. ھو ته ان اداري جو سربراھ ھو ميٽنگ ملتوي ڪري ھا ته ڇا ٿئي ھا پر پنھنجي ذميوارين ادا ڪرڻ ۾ ھو پڪو ھو.

ڀلا ڪڏھن ڪاوڙيو مون قرت العين کان سوال ڪيو. تنھن تي ھن وراڻيو ته سڄي وقت ۾ فقط ھڪ ڀيرو جڏھن زڪوات ۽ خيرات جا پئسا مستحق ماڻھن کي موڪلڻ ۾ ڏينھن ٻه ليٽ ٿيا. ان جي خبر پوڻ تي ھن مون کان سختي سان پڇا ڪئي ۽ ھدايت ڪئي ته اڳتي ايئن نه ٿيڻ گھرجي. ھي غريبن جو پئسو آھي جيڪو مقرر تاريخ تي انھن کي ملڻ گھرجي.

قرت العين ۽ سندس ور خالد عباسي سان روز جون ملاقاتون رھيون. ھنن کي ٻاھر جي دنيا ۾ وڃي رھڻ جو جيڪو نا ممڪن تصور ھو تنھن تي جڏھن کين آگاھي ڏنم ته ھو ان ڄاڻ تي حيران ٿي ٻاھر وڃڻ لاءِ سوچڻ لڳا. جتي اسان رھڻ دوران ھنن سميت سڀني جي کاڌي پيتي جي ضرورت جو خيال رکندا ھئاسين جنھن معاملي ۾ مبشر ملڪ وڌيڪ ڌيان ڏيندو آھي اتي ھنن ٻه ٽي ڀيرا گھر مان منھنجي ۽ مبشر ملڪ لاءِ لنچ آندي. اسان جي وڃڻ کان ٻه ٽي ڏينھن اڳ ھو پر تڪلف لنڄ کڻي آيا ڇاڪاڻ ته مون کين چيو ھو ته مون کي گھر جي ماني پسند ھوندي آھي. ان سان گڏ ھو پنھنجي ننڍي پٽ راحم عباسي کي به ملائڻ لاءِ وٺي آيا ۽ سوکڙيون به آندائون. ھنن مون کي چيو ته توھان جي تنظيم اسڪالا جي ڪم ڪار کان ويندي توھان جو ڪراڄي شھر ۾ ڪو ذاتي ڪم ھجي ته اھو اسان کي چوندا ڪريو. مون سندن ٿورو مڃيو ۽ کين چيم ته جيڪڏھن اھڙي ضرورت پئي ته توھان کي ياد ڪندس. ان سان گڏ رابطي ۾ رھڻ جو به ارادو ڪيو سين.

انسان عزت، شفقت ۽ پيار کي پسند ڪري ٿو. ڪنھن سان نيڪ نيتي ۽ خلوص سان پيش اچو، توھان ۾ منھجس ڪا سچائي محسوس ٿئي ته ھو توھان تي اعتبار ۽ اعتماد ڪرڻ لڳندو. اھو ته مڃيل اصول آھي ته ڪنھن کي جبر سان ان کي پنھنجو ڪري نه ٿو سگھجي.

نظام شيخ سنڌ جو ھڪ متحرڪ ڪردار آھي جيڪو ڪاميابي سان سرڪاري نوڪري جو مدو پورو ڪري روزاني ڊيوٽي واري پابندي کان تازو ئي آجو ٿيو آھي. ان حوالي سان مون کي ھڪ مالي ماھر جو ليڪچر ياد آيو جنھن چيو ھو ته سنھنجي زندگي اھا آھي جنھن ۾ انسان کي پنھنجي وقت تي اختيار حاصل ھجي. ان جو مطلب اھو ھو ته توھان مالي طور تي مستحڪم ٿيو ۽ اھڙو ڌنڌو ڌاڙي سيٽ ڪريو جو توھان کي صبح جو اٺين بجي ھر ھال ۾ پھچڻ جو فڪر نه ھجي جيڪو ننڊ کان ويندي مصروفيتن تي اثرانداز ٿئي. ان ليڪچر جي پڄاڻي تي ڪافي پيئندي کيس چيم ته تنھن جي فارمولا تي ھڪ حد تائين اسان جي زرعي معاشري جو ماڻھو پورو لھي ٿو جنھن کي سال جي ڪي ٿورا ڏينھن وقت جي پابندي ڪرڻي پوي ٿي باقي وقت ھن جو پنھنجو ٿئي ٿو.

نظام شيخ جتي ڪاميابي سان نوڪري ڪئي اتي ھن سنڌي معاشري ۾ بھتري لاءِ پنھنجي حصي جو ڪردار نڀائيندي سنڌ ويزن نالي ھڪ سوشل پليٽ فارم جو بنياد پنھنجي ساٿين احمر نديم ميمڻ، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، علي مردان راهوجو، عالم بروهي، مير مظهر ٽالپر ۽ ٻين سان گڏجي رکيو ھو. ھاڻي ھن فورم جا ڪافي فالوئر آھن. ھن پليٽ فارم تي ھو سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ سان گڏ سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ برين اسٽارمنگ سيشن ڪندا رھن ٿا. ھو پنھنجي پليٽ فارم تي ڄاڻ ونڊڻ سان گڏ ھڪ ٻئي کي تازن مسئلن بابت باخبر رکن ٿا. سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ جي حڪمت عملي ٺاھي ان تي عمل ڪندا رھن ٿا.

نظام شيخ ھڪ ڏينھن فون ڪري اسان جي سنگت کي ماني جي دعوت ڏني جنھن جو ھنڌ ھن بار بي ڪيو ٽو نائيٽ رکيو. اسان جي سنگت ۾ مان، مبشر ملڪ ۽ شاھد قريشي شامل ھئاسين تن سان گڏ ھن پنھنجي دوستن جن ۾ اسلم بلوچ، سابق سفير عالم بروھي، پوليس کاتي ۾ ھڪ ايس پي نذير ميربحر جيڪو بنيادي طور تي سول انجنيئر ھئڻ سان گڏ نظام شيخ جو ڳوٺائي آھي، سندس فرزند ڪاظم رضا جيڪو آمريڪا ۾اليڪٽريڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنئير آھي ۽ ڪي ٻيا دوست به شامل ھئا. مانجھاندي جي ان دعوت ۾ اسان ھڪ ٻئي سان ملياسين جن مان ڪن سان پھريون ڀيرو ملاقات ٿي ھئي. دعا سلام ۽ تعارف سان گڏ جتي کاڌي جو آرڊر ڏنو ويو اتي اسان پاڻ ۾ روايتي ڪچھري به شروع ڪئي. نظام شيخ سٺو ھوسٽ رھيو جنھن کاڌي پيتي جوخيال رکڻ سان گڏ ھر ڪنھن سان خبرون چارون پئي ڪيون ۽ ميزباني جو پورو حق پئي ادا ڪيو.

منھنجي ڀر ۾ عالم بروھي ويٺو ھو جيڪو اڳوڻو سفير آھي. سڄي عمر سفارتي نوڪري ڪرڻ سبب ھو دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ رھيو آھي جن جي وٽس ڪافي ڄاڻ آھي. سندس ٽي چار ڪتاب ڇپيل آھن ھن اتي مون سميت سنگت مان ڪن کي تازي ڇپيل ڪتاب جون اعزازي ڪاپيون به ڏنيون. سيٽرل ايشين رياستن جو ذڪر نڪتو جن مان ڪن ۾ ھو رھي چڪو آھي. ڪھڙي رياست گھمڻ جھڙي آھي. منھنجي ان سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڪرغستان. ان ۾ ڪھڙي خوبصورتي آھي تنھن جي جواب ۾ ھن چيو ته اتي ڍنڍون ۽ جبل آھي جيڪي علائقي جي خوبصورتي کي وڌائين ٿا. اھي ٻئي شيون ئي اسان جي خوبصورتي کي پرکڻ جا معيار به بڻجي چڪا آھن. پاڪستان مان اسان جي ماڻھن جو گھڻو ڪري رخ سمرقند. بخارا ۽ ان جي ويجھن رياستن ۽ شھرن ڏانھن رھي ٿي. سمرقند ۽ بخارا ڪنھن زماني ۾ اسلامي علم ۽ جاڻ جي حوالي سان مرڪز رھيا آھن. ڪي دوست جنھن شھر يا علائقي جو سير ڪري اچي ان جو ذڪر ڪن ٿا سو ئي اسان لاءِ گھمڻ لاءِ ترجيح بڻجي وڃي ٿو. اسان اتي پاڻ ۾ صلاح ڪري ايندڙ سياري ۾ اچڻ تي ڪرغستان جي سفر جو ارادو ڪيو.

اڳ جڏھن دنيا جو سفر ڪو ورلي ڪندو ھو. سفر لاءِ اڄ واريون سھوليتون به ڪو نه ھيون تڏھن ڪي سياح يا واپاري جيڪي سيٽرل ايشين رياستن ۾ ٿي ايندا ھئا سي اتي ڪوھ ڪاف جي پرين جو ذڪر ڪندا ھئا. ڇاڪاڻ ته اسان جي ذھنن ۾ ديو ۽ پري جو تصوراتي وجود ذھن رھيو آھي تنھن ڪري ان ذڪر کي اھا پري سمجھندا ھئاسين. پر اصل ۾ ھو اتان جي خوبصورت عورتن کي پري سان تشبيھ ڏيندا ھئا. ڪوھ ڪاف ۽ ان جي پسگردائي ۾ حسن جي ڳالھ به عام ڪئي وڃي ٿي. ان سان گڏ سيٽرل ايشين رياستن ۽ مشرقي يورپ جا ماڻھو به خوبصورت آھن.

ياد آيو ته ڪئناڊا ۾ اچڻ ۽ نوڪري شروع ڪرڻ تي ٻن روسين سان ملاقات ٿي ھئي جن جو تعلق ھن ئي رياست ڪرغستان سان ھو. انھن مان وڪٽر نالي ھمراھ منھنجو دوست بڻجي ويو ھو. ھن کي انگريزي تمام گھٽ ايندي ھئي ۽ مان وري پنھنجي ٿوري روسي ٻولي جي ڄاڻ کي استعمال ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو ھوس. وڪٽر ڪنھن آفيس ۾ ڪم لاءِ انگريزي ٻولي جي حوالي سان مدد وٺڻ لاءِ ڪڏھن مون کي گڏ وٺي ويندو ھو.

وڪٽر سان کوڙ ڪچھريون ٿينديون ھيون. ھن ٻڌايو ته اسان جو تعلق صوبي روس جي ھڪ علائقي سان ھو. سويت يونين ۾ سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ ماڻھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪرڙي نظر رکي ويندي ھئي. جيڪي خاندان علائقي ۾ ڪو اثر رکندا ھئا يا انھن طرفان حڪومتي پاليسين خلاف آواز اٿارڻ جو شڪ ٿيندو ھو تن خاندانن کي سرڪار ٻئي علائقي ۾ رھائيندي ھئي.. وڪٽر جي خاندان کي پڻ روس مان ھن صوبي ۾ شفٽ ڪيو ويو جيڪو ھڪ پاسي ھيو. ائين ھي ڪرغستان ۾ رھندي ھتان جا باشندا ٿي ويا. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سويت يونين جو دور حڪومت ۾ مقامي زبانن کي محدود ڪرڻ، روسي زبان کي بالادست ڪرڻ ۽ زندگي جي طور طريقين کي تبديل ڪرڻ لاءِ کوڙ جارحاڻيون ڪوششون ٿيون جن جو اثر اڄ انھن رياستن ۾ واضح نظر اچي ٿو. حڪمران غلامن تي ڪجھ ته اثر ڇڏي ويندو آھي جيڪي پوءِ غلامن جي طور طريقن ۽ فيشن جو حصو بڻجي انھن جو ڪلچر ٿي وڃي ٿو. جنھن آزدي جي حفاظت نه ڪئي سو جي ڪلچر بچائڻ جي دعوا ڪري ته سندس اھا دعوا خواھش جي حد تائين ھوندي.

وڪٽر ٻڌايو ته ھن پھرين زال کي طلاق ڏني ھئي. مون کانئس پڇيو ته ڇو تنھن تي وراڻيائين ته مان شام جو ٿڪو ٽٽو اچان ته ھي گھر ۾ ئي ڪو نه لڀي. نه وري ماني ٽڪي تيار ڪري رکي. ھن جا سڄو ڏينھن ماين سان حوال کٽن ئي ڪونہ. مون کيس ڪيئي ڀيرا سمجھايو ته مان واپس اچان ته گھر ۾ ھج ته جيئن مون کي ماني ته ڏي پر ھو ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندي ھئي. نيٺ بيزار ٿي کيس طلاق ڏنم.

ھن وڌيڪ ٻڌايو ته منھنجو ھڪ سئوٽ پھريون ڀيرو آمريڪا ۾ وڃي ٻه ٽي سال ڪمائي موٽيو ته يارن باشن سان مست ٿي ويو. واپس آمريڪا وڃڻ جو نالو ئي نه وٺي. اسان کيس وڃڻ جو ياد ڏياريون پر نظر انداز ڪري ڇڏي. نيٺ جڏھن ڪيئي مھينن رھڻ کان پوءِ پئسا کٽس ته پوءِ آمريڪا واپس ويو. ھن بڌيو ته اتي چانھن خانن ۾ حوال به ڪرڻ وارا جام، صبح سوير ئي پھچي ويندا آھن

وڪٽر کي چيم ته تو وارا قصا به اسان جي جھان جھڙا لڳن ٿا. اسان وٽ به ياري باشي اصل جھان آھي جنھن کي اسان ترقي ۽ مالي گھرجن کان مٿاھون رکون ٿا. مون کي ياد اچي ٿو ته ستر جي ڏھاڪي ۾ جڏھن نوجوان شھرن طرف نوڪرين سبب رھڻ لڳا ھئا انھن ڏينھن ۾ موقعو ملڻ تي يا ھفتيوار موڪلن ۾ حيدرآباد کان ڳوٺ اچي ڏينھن ٻه ڪچھريون ڪري وري موٽندا ھئا. ڪچھري به ڪھڙي معمول موجب ڪنھن اوطاق يا ھوٽل تي ويھي يارن دوستن سان ساڳيا حوال ڪرڻ جنھن کي سولي سنڌي رنبي جي ڳن جھڙا چئي سگھجي ٿو. ياري باشي جو اھو رويو ھاڻ روپ مٽائي اتي ئي شھرن ۾ دوستن جي سرڪل تائين محدود ٿي ويو آھي. آھي گھڻو ڪري ساڳيو پر ان جي ٿوري شڪل مٽي آھي.

اسان بار بي ڪيو ٽو نائيٽ ۾ نظام شيخ طرفان ڏنل مانجھاندي دوارن کاڌي سان گڏ چوياري جو لطف وٺي، ھوٽل اڳيان گروپ ڦوٽو ڪڍرائي ان گڏجاڻي جي لمحن کي محفوط ڪري ھڪ ٻئي کان موڪلايو. مان ۽ مبشر ملڪ واپس فليٽ تي پھتاسين ته ڊاڪٽر شاھد قريشي پنھنجي آفيس روانو ٿيو. اسان فليٽ تي پھچي چشمن ٺھرائڻ لاءِ بولٽن مارڪيٽ وڃڻ جي طي ڪري ان طرف روانا ٿياسين. بولٽن مارڪيٽ ۽ ٽاور جي وچواري علائقي ۾ اندر ڪيتريون مارڪيٽون ٺھيل آھن جتي مختلف ڪاروبار ٿين ٿا. اھڙي ھڪ مارڪيٽ چشمن ٺاھڻ جي آھي جن مان ھڪ دڪاندار جو ملڪ صاحب گراھڪ آھي. اھو دڪاندار مناسب اگھ تي چشما ٺاھي ڏيندو آھي سندس ڪم جي ڪوالٽي به چڱي آھي.

شھر جي دنيا به نرالي آھي جتي ڪي دڪاندار فيشن جي نالي ۾ مھانگو وڪڻن ٿا، ڪي مارڪيٽ جي وڏن روڊن تي ويٺا آھن جن تي عام ماڻھو جي جلد نظر پوي ٿي سي به ماڻھن کي ڦرين ٿا. باقي ڪي ٿورا ڌنڌي وارا آھن جيڪي ڪنھن پاسي ۾ ويٺل آھن جن جي ڌنڌي جو دارو مدار انھن جي ساک تي آھي سي ڪجھ بھتر ڊيل ڏين ٿا. ائين به مارڪيٽ جو ٽول آھي ته جنھن کي گھٽ ڄاڻ آھي تنھن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. خاص ڪري جنھن ٽئڪنالاجي جي عام ڄاڻ گھٽ آھي ان ۾ دڪاندار يا مڪينڪ جي ڳالھ مڃڻي پوي ٿي. اھي اھڙا دليل ڏيندا آھن جو ماڻھو ڳالھ مڃي ويندو.

ڪي سال اڳ ڪراچي ۾ ترسيل ھوس. جيستائين چشمو ٺھي تيستائين فٽ پاٿ تي چين مان آيل نظر جي چشما وڪڻندڙ کان ھڪ سو رپئي ۾ ھڪ چشمو ورتم. ٻئي ڏينھن شھر ايندي اھو گھر رھجي ويو تنھن ڪري شھر جي مصروفيتن لاءِ ان ڏينھن صدر جي ھڪ دڪان تان اھڙو نظر جو چشمو وٺڻ ويس. ھڪ ته صدر جو اھو دڪان مکيه روڊ تي ھو ٻيو ته مان به پنھنجي لباس ۽ رويي ۾ عام سادو ماڻھو پئي لڳس جنھن مان دڪاندار سمجھيو ته ھي ڪو شھر جي پوئتي پيل علائقي يا ٻھراڙي مان آيو آھي تنھن کي مھانگو وڪڻجي. ھن ان چشمي جي قيمت ٽي سو رپيا چئي. مون اھو ٻڌي مرڪي ان جي سوچ جو لطف ورتو ته ڪيئن ھو وارڌات ڪري رھيو آھي. کيس چيم ته روڊ تي اھو سو رپئي پيا وڪڻن تون کان مان ڪيئن اھو ٽي سو رپين ۾ وٺندس. ان تي چيائين ته ھن جي ڪوالٽي بھتر آھي. مون کيس چيو ته ڪوالٽي به ساڳئي آھي. بھرحال ھو ھڪ تي مان ٻي تي نيٺ ھو اھو چشمو ساڳئي قيمت سو رپئي ۾ ڏيڻ تي راضي ٿي ويو پر مون اھو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته تو کان ناھي وٺڻو.

ھي انھن ڏينھن جي ڳالھ آھي جڏھن اڃا مان ڪراڄي ۾ نوڪري ڪندو ھوس. ھڪ دوست گڏ ھوس جنھن کي مارڪيٽ جي خبر ھئي. اسان ان وقت ڪي ايم سي بلڊنگ ويجھو گڏ ھئاسين. ان وقت مون چشمي ٺھرائڻ جي ارادي جو ذڪر ڪيو ته ھو مون کي لائيٽ ھائوس جي سامھون ھڪ ننڍي گھٽي ۾ وٺي ويو جتي دڪانن جي اندر نظر جي چشمن لاءِ شيشا پئي ٺھيا. ان ڪارخاني واري وٽ فريم به پيا ھئا جيڪي ھن مون کي ڏيکاريا انھن مان ھڪ پسند ڪيم ته ان ڪارخاني واري مون کي بازار جي اڌ قيمت ۾ چشمو ٺاھي ڏنو.. ھن ٻڌايو ته اسان جا ٺھيل ئي اڪثر شيشا شھر جي وڏين مارڪيٽن ۾ دڪانن تي وڪرو ٿيندا آھن. ھو ڪڏھن انھن کي سٺو ڪڏھن ٻاھر درآمد ڪيل چئي مرضي جي قيمت وصول ڪن ٿا. ھن ڀيري چڪر ھيم ته اتي ڪو ڪارخانو نظر نه آيو خبر پئي ته اھي ڪنھن ٻئي علائقي ۾ منتقل ٿي ويا آھن.

مکيه روڊن تي قائم سروس جي دڪانن تي ھلندا ڦرندا ماڻھو اچن ٿا تن دڪانن جا دڪاندار جتي چالاڪ ۽ ھيرا ڦيري جا ماھر آھن اتي ايندڙ اڻ ڄاڻ ماڻھو دڪان جو شو ڏسي مھانگي خريداري ڪري ٿا وڃن. ھڪ ڀيري مان به سٽي ڪورٽ سامھون مين روڊ تي ھڪ چشمي جي دڪان تي ويس. ھمراھ پھريان ته پنھنجي ڌنڌي جي فني ڄاڻ کان ويندي وڪيل برادري جي گراھڪ ھجڻ جا احوال ڪٽيا. مان سندس حوالن تي ڀروسو ڪري ڪي چشما ٺاھن جو آرڊر ڏئي آيس تن ۾ ھڪ پروگريسو چشمو به شامل ھو جيڪو ٻين کان مھانگو آھي. جنھن ڏينھن چشما کڻڻ ويس ته بيا ته گذاري لائق ھئا باقي ھن مھانگي پروگريسو چشمي مان ته ٺيڪ ڻظر ئي نه پئي آيو. مون جڏھن ان دڪاندار کي ان جي نشاندھي ڪئي ته چوڻ لڳو ته سر ڪو چشمو ڪنھن جي منھن تي فٽ ڪو نه ٿيندو آھي مون کيس چيو ته ھاڻي حوال ڇڏ ۽ ھي واپس وٺ. ان جي بدلي مون کي پري ۽ ويجھي نظر جا ٻه چشما ٺاھي ڏي. پوءِ ھن ائين ئي ڪيو.

مان ڪراڄي ۾ نئون رھڻ لڳو ھوس. اھو اسي جي ڏھاڪي جي شروعاتي ڏينھن جي ڳالھ آھي مون گھر واري کي صدر مان سون جو ھڪ زيور وٺي ڏنو ھو. مھيني ڏيڍ کان پوءِ ان سون تي ڪٽ چڙھڻ لڳي. مان اھو کڻي ان دڪان تي ويس. اتي موجود ھمراھ جنھن اھو سون وڪيو ھو تنھن چيو ته سر ڪراچي شھر ۾ گھم آھي ان ڪري ان جو رنگ تي اثر ٿيو آھي. مون کيس چيو ته سون کي ڪٽ ڪو نه لڳندو آھي اھو ڪٿي به ھجي.. ھي دڪاندار جيڪي روز ھيرا ڦيري ڪندا رھن ٿا تن وٽ جواب تيار ھوندو آھي. مون اھو سون واپس ڪري پئسا ورتا.

اسان بولٽن مارڪيٽ ۾ سال جي ضرورت لاءِ چشمن جو آرڊر ڏئي واپس ورياسين ۽ شام پنھنجي فليٽ تي گذاريسين.

اسان پنھنجي تنظيم اسڪالا جو پروگرام منعقد ڪرڻ لاءِ شروع وارن ڏينھن ۾ سنگت سان صلاح مشورا پئي ڪيا ته جيئن پروگرام جا سيشن نوجوانن ۽ اڀرندڙ ٽيلينٽ لاءِ دلچسپي جو باعث ٿين. اسان جو ساٿي مبشر ملڪ ۸ جنوري کان ۱۹ جنوري تائين بنگلاديش وڃڻو ھو. اھڙو پروگرام ھن پنھنجي ڀاءُ سان گڏجي ٺاھيو ھو. سندس ڀاءُ کي لنڊن مان اچڻو ھو تنھنڪري ھنن دبئي ۾ ملڻ جو پروگرام رٿيوھو ته جيئن ھو ٽي چار ڏينھن دبئي جو سير ڪري پوءِ اتان بنگلا ديش روانا ٿين. ڪئناڊا جي پاسپورٽ وارن کي دبئي ۾ ويزا وٺڻ جي ضرورت ڪو نه ھوندي آھي. ايئرپورٽ تي ئي انٽري ھڻي ڏيندا آھن. ملڪ صاحب جي واپسي تي ئي اسان کي پروگرام ڪرڻو ھو جنھن لاءِ اسان وٽ ۲۰ کان ۲۲ جنوري جي تاريخن مان ڪنھن جي چونڊ ڪرڻي ھئي ڇاڪاڻ ته ۲۳ جنوري تي اسان ٻنھي جي ڪئناڊا واپسي ھئي.

۲۱ جنوري ڇنڇر جو ڏينھن ھو. موڪل وارو ڏينھن ھئڻ ڪري پروگرام رکڻ لاءِ اھو ئي ڏينھن اسان جي ترجيح ٿي. آرٽس ڪائونسل جتي ھن ڀيري ھي پروگرام منعقد ڪرڻ جو ارادو ھو اتي ان ڏينھن گھربل ھال خالي ڪو نه ھو. ان ڪري اسان پوئين سال واري ھنڌ يعني لياقت لائبرري واري چوديواري ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ابراھيم جويو آڊيٽوريم ۾ پروگرام منعقد ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اتي آفيس سان رابطو ڪيوسين ته ان بلڊنگ ۾ انھن ڏينھن ۾ ڪا نمائش رکيل ھئي جنھن ڪري ھنن کي اھو آڊيٽوريم ڏيڻ ڏکيو پئي لڳو. پر اسان جي اسرار تي ھنن صلاح ڪري اھو ھال ڏيڻ تي رضامندي ظاھر ڪئي. ھنن ان ڏينھن پنھنجي نمائش کي محدود ڪري اسان لاءِ ھال خالي رکڻ جو فيصلو ڪيو. ھتي مان اھو واضح ڪريان ٿو ته ثقافت کاتي جي ننڍي وڏي آفيسر کان ويندي وزير ثقافت سائين سردار شاھ تائين سڀني اسان سان ھميشه تعاون ڪيو آھي جنھن سان اسان کي فنڪشن منعقد ڪرڻ ۾ سھوليت ٿيندي آھي. سرڪاري کاتي ۾ اھڙي مثبت سوچ رکندڙ ٽيم ھجڻ ڪري ڪلچر کاتي جي سرگرمين ۾ وڏي واڌ آئي آھي. ائين فنڪشن جي تاريخ طي ٿي ۽ ھال بڪ ٿي ويو جنھن مسئلي کان واندا ٿي ٻين تيارين ڏانھن ڌيان وڌايوسين.

ڪجھ ڏينھن اڳ ادي ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو جو فون آيو جنھن دعا سلام ڪري چيو ته سگا ڪراچي برانچ ۲۲ ڊسمبر ۲۰۲۲ ع تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ورسي ملھائي رھي آھي جنھن ۾ توھان کي شرڪت ڪرڻي آھي. ان سان گڏ ان جي شخصيت تي به ڳالھائڻو آھي. ڄامڙو صاحب منھنجو محسن رھيو ھو جنھن منھنجي ڪتاب ساروڻيون ساڻيھ جون جو مھاڳ به لڳيو ھو. ان سان گڏ ان ڪتاب جي مھورتي تقريب جي صدارت به ڪئي ھئي. نرم گو، صاف سٿرو ۽ علم دوست شخصيت ھو. مون ادي عابدھ گھانگرو سان ان تقريب ۾ شرڪت جو واعدو ڪيو ۽ اردو به پڪو ھو ته ان تقريب ۾ ضرور وڃبو.

ڪمال ڄامڙو صاحب وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي جو پروفيسر ھو. ھن ڪراچي يونيورسٽي مان لوڪ ادب تي پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي.. ھن پنھنجي عمر ۴۹ سالن ۾ اٽڪل پنجاھ ڪتاب لکيا جنھن مان اھو واضح ٿئي ٿو ته ھن پنھنجي زندگي جي وقت کي ڪيڌو نه ڪارآمد ۽ حقيقي طور تي استعمال ڪيو آھي. ڪتابن کان علاوھ سندس لکيل مضمون آرٽيڪل ۽ شعر ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا آھن.

اڄ آرٽس ڪائونسل جي حسينه معين ھال ۾ ھي تقريب منجھند کان پوءِ رکيل ھئي. ان تقريب ۾ مان دليپ رتناڻي، مبشر ملڪ ۽ سندس گھر واري شريڪ ٿياسين. ھال ۾ سگا ڪراچي شاخ جي عھديدارن سان گڏ پروفيسر اعجاز قريشي، مريد ڄامڙو ۽ ٻيا ڪيترا دوست موجود ھئا. ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو سڀني مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪندي رھي. ڪاروائي ھلي ته سڀ کان پھريان سگا ڪراچي برانچ پروگرام بابت آگاھي ڏني. ھن شاخ جي اڳواڻن ڪمال ڄامڙي جي زندگي ۽ ادبي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. ان دوران ڄامڙي صاحب جا ڪي علم دوست ساٿي اسٽيج تي آيا جن به سندس خدمتن کي ساراھيو ۽ کيس ڀيٽا ڏني. ڪاروائي جاري ھئي ٿوري دير کانپوءِ ملڪ مبشر کي وحيد راڄپر جو فون آيو جنھن سان شام ملڻ لاءِ اسان جو پروگرام طي ٿيل ھو.. وحيد راڄپر نالي وارو صحافي آھي جيڪو ڪراچي پريس ڪلب جو فنانس سيڪريٽري به رھي چڪو آھي. اڄڪلھ ھو ڪي ٽي اين تي پنھنجون صحافتي ذميواريون ادا ڪري رھيو آھي. ھن اسان کي پريس ڪلب وٺي وڃڻ ۽ تواضع ڪرڻ پئي چاھي. مون کي به ھن اھڙي صلاح ڪئي ھئي پر مون کي ان تقريب کي خطاب ڪرڻو ھوتنھن ڪري ملڪ صاحب کي وڃڻ لاءِ چيم ۽ کيس چيم ته وحيد کي ٻڌائي ته مان ھيئر مصروف آھيان ڏينھن ٻن ۾ ملاقات ڪبي. ملڪ صاحب ۽ سندس گھر واري ھليا ويا جتان کين پريس ڪلب ۾ ٿوري دير وحيد سان ملي پوءِ انھن ڏينھن ۾ نيٽي جيٽي پل ويجھو لڳل ھنرن جي نمائش کي ڏسڻو ھو.

ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو محرابپور جي مشھور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ھاشم گھانگھري جي ڌيءُ آھي. ھاشم گھانگھرو پنھنجي شھر جي ھڪ مسجد جو پيش امام ھو جيڪو مولانا عبيدالله سنڌي، ڪراچي ۾ کڏا مارڪيٽ واري مدرسي جي عالمن واري مڪتبه فڪر سان سلھاڙيل ھو. مولانا سنڌي ۽ ھي ٽولو ديوبندي فرقي سان تعلق ھوندي ڪميونسٽ نظام جي طور طريقن کي عوام جي معاشي مسئلن جو حل سمجھندا ھئا. مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان مان ھندستان جي گورن جي حڪمراني خلاف مقامي ماڻھن جي تعاون نه ملڻ تي بد دل ٿي روس روانو ٿيو ۽ وڏين ڏکياين سان اتي پھتو. روس ۾ رھندي ھن اتان جي نظام جو گھرو مشاھدو ڪيو جتان پوءِ ترڪي ۾ وڃي اتي پنھنجي گروپ جو منشور لکيو ۽ ڊگھي جلاوطني گذاري موٽيو. اھڙي مشاھدي ۽ دنيا جي ڪار وھنوار کي ڏسي ھو ھڪ حقيقت پسند ٿي موٽيو ۽ ھن پنھنجي ان مشاھدي جي روشني ۾ ماڻھن جي رھنمائي ڪرڻ ۽ انھن جي مسئلن جي حل لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻ پئي چاھيون.

ھاشم گھانگھرو عملي ڪردار ھو جيڪو محرابپور جھڙي ننڍي شھر ۾ ٿيندڙ ڪنھن مظاھري ۾ پنھنجن پٽن ۽ نياڻين سميت شريڪ ٿيندو ھو. سندس پٽن مان فيض گھانگھرو پڻ کاٻي ڌر جي جدو جھد سان سلھاڙيل رھيو. شاگرد جدوجھد، مزدور تحريڪن ۾ متحرڪ رھڻ کان پوءِ ھن وڪالت جو پيشو چونڊيو. ھاشم گھانگھري جي نياڻين مان ھڪ نورالنساءِ گھانگھرو اڄڪلھ آمريڪا ۾ رھي ٿي جتي ھوءَ ڪميونٽي جي خدمتن جي سلسلي ۾ اڳڀري رھندي آھي. ھوءِ ڪي سال اڳ سانا جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رھي چڪي آھي. سندس ٻي نياڻي حميدھ گھانگھرو کاٻي ڌر جي متحرڪ ڪردار شھيد نذير عباسي جي گھر واري ھئي. ڪجھ وقت اڳ ھن عوامي آواز اخبار ۾ ايڊيٽر طور ڪم پئي ڪيو.

سندس ھن نياڻي ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو وري علم جو جھنڊو بلند ڪيو آھي. ڊاڪٽر ڪمال جھڙي اديب ۽ جاکوڙي جي ساٿي رھڻ ۽ پنھنجي صلاحيتن ڪري ھوءَ ادب جي ميدان ۾ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي. ھوءَ سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي آھي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور ڪم ڪري ٿي.

مان ۽ دليپ رتناڻي ويٺا رھيا سين. مريد ڄامڙو ان تقريب جو انتظام ھلائن ۾ مددگار ھيو تنھن کي مون چيو ته مون کي به جلد وڃڻو آھي تنھن ڪري مون کي خطاب ڪرڻ جو جلد موقعو ڏيو. چئن پنجن مقررن کان پوءِ ھنن مون کي ڳالھائڻ لاءِ اسٽيج تي سڏرايو. مون مرحوم ڄامڙو صاحب جي شخصيت، پاڻ سان تعلق کان ويندي سندس خدمتن جي واکاڻ ڪئي. مون وڌيڪ چيو ته ادب جي خدمت جي حوالي سان ڪم ڪندي ڄامڙي صاحب ڪم جتي ڇڏيو آھي اتان اسان کي اڳتي وڌائڻ گھرجي. ان حوالي سان ادي عابدھ جيڪي ڪوششون ڪندي اسان انھن ۾ کيس پنھنجي ساٿ جو يقين ڏياريون ٿا.

مان ۽ دليپ ھلندي پروگرام کي ڇڏي فليٽ تي آياسين جتان دليپ موڪلائي پنھنجن ڪمن ڪارن سانگي روانو ٿيو. جلد ڊاڪٽر شاھد به اچي پھتو. حيدرآباد کان اسان جو ڪئنيڊين دوست عطاءُ الله ملاح اچڻو ھو سو ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ اچي پھتو. ان شام اسان نصير گوپانگ کي اچڻ جو چيو ھو جنھن سان ملاقات ڪرڻ سان گڏ ايندڙ پروگرام بابت صلاح مشورا ڪرڻا ھئا. نصير گوپانگ سنڌ جو کاھوڙي ڪردار آھي. ھن ھٿين خالي بنا وسيلن جي سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي شروعات ڪري ان کي سنڌ جو ھڪ اھم ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ميلو بڻائي ڇڏيو آھي. کيس زوھيب ڪاڪا جھڙي ھم خيال ساٿي جو ساٿ مليو آھي جيڪو پڻ ثابت قدم ۽ انھن ڪوششن ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏئي ٿو.

اڳ فقط ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ٿيندو ھو جنھن ۾ ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سنڌي اديب ۽ دانشور شريڪ ڏيندا ھئا باقي عام سنڌي لاءِ اھو اوپرو ھوندو ھو. سنڌ لٽريچر فيسٽيول ھاڻي سنڌين جو نمائندھ، عوامي ۽ مقبول فيسٽيول بڻجي چڪو آھي جنھن ۾ سنڌين سان گڏ سڄي ملڪ جا نالي وارا ليکڪ، اديب ۽ صحافي شامل ٿين ٿا ۽ مختلف موضوعن تي سيشن ٿين ٿا. ھاڻي ھن فيسٽيول جي شاندار ڪاميابي تي ڪي شھيدن جي لسٽ ۾ سڌو يا اڻ سڌو نالو لکرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اصل ڪردار ھي ٻه نوجوان آھي ھنن جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو آھي سو سنڌ جا پراڻا ادبي ادارا ۽ ڪي نالي وارا اديب به نه ڪري سگھيا. ھي ٻه نوجوان ئي ان فيسٽيول جو اصل روح آھن. ھن فيسٽيول جي شروعات ۽ ڪاميابي تي شاھ سائين جي سر کاھوڙي جا ڪردار ياد اچن ٿا جن بابت شاھ سائين چيو آھي تہ

سُڪا مُنھن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛

سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونھان جِتِ مُنجَهن؛

ڳُجها ڳُجهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.

اسان سڀ شام جو وقت فليٽ تي گڏجي ويٺاسين مقصد ھتان جي ڪن ڪردارن جي ڄاڻ وٺڻي ھئي جيڪي اسڪالا جي ايندڙ تقريب لاءِ موزون مقرر ھجن ۽ ڪن کي ايوارڊ ڏجن. ھتي جي ماحول مان باخبر رھندڙ نصير گوپانگ ڪي نالا تجويز ڪيا جن جو معاشري جي خدمتن ۾ ڪردار آھي تن سان ھنن معرفت ان وقت رابطا ڪياسين جن مثبت موٽ ڏيندي فنڪشن ۾ شرڪت سان گڏ مقرر بڻجڻ تي رضامندي ڏيکاري. ھن کان اڳ به اسان ڪيترن دوستن سان ان مسئلي تي ويچار ونڊي انھن کان نالا معلوم ڪيا ھئا تن ۾ پروفيسر اعجاز قريشي، برما جيسراڻي، حريف خان چانڊيو عطاءُ الله ملاح ڪي ٻيا مھربان شامل ھئا.

اسڪالا جي فنڪشن بابت صلاح مشوري ڪرڻ سان ڪافي معلومات ۽ رھنمائي ملي، ڪي ڳالھيون طي ٿيون، ڪن تي صلاح مشورو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيوسين. ڪافي دير ان برين اسٽارمنگ سيشن جي پڄاڻي تي گڏجي ڊنر لاءِ وياسين جتي پڻ خوشگوار ماحول ۾ خبرون چارون ٿينديون رھيون. اسان سنڌين جي ننڍي وڏي گڏجاڻي جي پڄاڻي ڪنھن خوشگوار ماحول ۾ ٿيڻ جي خواھش ھوندي آھي پر جي ڪا وڏي تقريب ھجي ته ان جي پڄاڻي راڳ روپ سان ٿئي ته ٿڪ لھي ٿا وڃن. اسان به سڄي ڏينھن جي فڪرن کي پاسي تي رکي جڏھن خوشگوار ماحول ۾ ڊنر ڪندي ڪي گھڙيون گذاريون سين ته مزو اچي ويو.

ٻه ٽي ھفتا اڳ ملاقات ۾ نور محمد بجير صاحب ٻڌايو ھو ته سندن تنظيم سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام ڪراچي شھر ۾ ڪرسمس ملھائڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو آھي. ھن اسان کي دعوت جو ڪارڊ موڪلڻ سان گڏ اسان مان ڪن جو اسان جي رضامندي سان مقرر طور ان ڪارڊ ۾ نالو به لکرائي ڇڏيو ھو. ھي تنظيم جتي سوشل ڊولپمينٽ تي گھڻو ڪم ڪري ٿي اتي اھڙيون سرگرميون به ڪري ٿي جنھن ۾ متوازن معاشري جي وري تعمير ٿي سگھي ۽ سنڌ جو اصلوڪو پرامن تشخص برقرار رھي.

ھي تقريب آرٽس ڪائونسل جي ھڪ آڊيٽوريم ۾ رکيل ھئي. مقصد ملڪ جي مذھبي اقليت جي ماڻھن کي اھو احساس ڏيارڻ ۽ انھن جو حوصلو وڌائڻ ھو ته ھو به ھن معاشري جو عزت ڀريو حصو آھن. کين اھو به پيغام ڏيڻو ھو ته سندس خوشين ۾ اسان به گڏ آھيو ۽ اسان سندن مذھبي تھوارن جو احترام ڪريون ٿا. سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام ۲۹ جي ڊسمبر ۲۰۲۲ ع تي رٿيل ان تقريب ۾ عيسائي، مسلمان، ھندو سک مطلب ته سڀني مذھبن سان تعلق رکندڙ ماڻھو شريڪ ٿيڻا ھئا ته جيئن مذھبن جي وچ ۾ ھم آھنگي کي وڌائي ھڪ ٻئي سان باھمي تعلق کي مضبوط ڪري ھڪ ٻئي جي مذھبن جو احترام ڪجي.

مقرر ڏينھن ۽ وقت تي مان، مبشر ملڪ، سندس گھر واري ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي ۽ ٻيا دوست شريڪ ٿياسين. ڊاڪٽر شاھد ھن تنظيم سان سلھاڙيل آھي سو ان پروگرام جي فيصلي کان تيارين ۾ منتظمين سان گڏ ھو. مقررن ۾ سڀني مذھبن سان تعلق رکندڙ ماڻھو شامل ھئا. جن ۾ نور محمد بجير، ڊينئل فياض، علامه مسعود جمال، مڪيش ڪمار پنڊت، نويد انٿوني، سردار مگھن سنگھ، علامه احسن صديقي، آسٽر شڪيل، وڏي وزير جو صلاحڪار وير جي ڪولھي، مان، ۽ ڪي ٻيا سماجي ۽ سياسي اڳواڻ شامل ھئا.

مذھبن جي احترام جي ڳالھ نڪتي آھي ته مان ڪئناڊا ۾ ٻن موقعن تي اھڙي مظاھري جا مثال پڙھندڙن سان ونڊيان ٿو. ھڪ ڀيري ڪئناڊا جي ھڪ شھر ۾ يھودين جي عبادت گاھ جنھن کي سينيگاگ چوندا آھن تنھن تي حملي جي خبر ميڊيا معرفت ماڻھن تائين پھتي. ڏينھن ٻن کان پوءِ اسان ھڪ مسجد ۾ جمعي نماز پڙھي. ان مسجد جو پيش امام مذھبي ھم آھنگي جو وڌيڪ قائل آھي تنھن پنھنجي تقرير ۾ اھڙي حملي جي نندا ڪئي ۽ ايندڙ اچر جي ڏينھن ھلي شھر ۾ ھڪ ويجھي سينيگاگ جي سامھون مظاھرو ڪري انھن سان يڪجھتي جو ظاھر ڪرڻ جي پروگرام جو اعلان ڪيو. اسان دوستن به ان ۾ شريڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن سينيگاگ سان گڏ يھودي مذھبي شخصيتن جي انداز کي ڏسون.

مقرر ڏينھن ۽ وقت تي اسان دوست به سڌو ان سينيگاگ پھتاسين ته مولانا ۽ ان مسجد جا ڪافي جماعتي به اچي پھتا. پھريان اڌ ڪلاڪ کن سينيگاگ جي سامھون يھودين جي عبادتگاھ تي حملي جي نندا ۽ مذھبن ۾ ھم آھنگي جي موضوع تي مظاھرو ٿيو جنھن ۾ اتي موجود ماڻھن ان حملي جي مذمت ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي بيٺا رھيا. ان مظاھري کي خطيب ۽ بين مقررن خطاب ڪيو. ان مظاھري جي پڄاڻي تي سينيگاگ جي انتظاميه اسان کي اندر اچي ان وقت ٿيندر عبادت کي ڏسڻ لاءِ سڏيو. اسان سڀ اندر وياسين ته ھنن جا ماڻھو اڳ ئي موجود ھئا. سامھون شيشي ۾ ڪشادي ڪيس ۾ وڏي سائز جو سندن مذھبي ڪتاب توريت رکيل ھو. عبادت جي شروعات تي ھڪ ھمراھ اھو توريت جو نسخو کڻي ماڻھن جي ويجھو گھمي ماڻھن کي ان جي زيارت ڪرائي. اھو رکي پوءِ ھنن جي مذھبي اڳواڻ توريت جا ڪي حصا پڙھيا. سندن مذھب جي ماڻھن جي ھٿ ۾ به توريت جا ڪي نسخا ھئا جن کي ھو ڏسي يا پڙھي رھيا ھئا. منتظيمنن مان ڪن اسان کي توريت جا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل نسخا ڏنا ۽ ٻڌايو ته فلاڻو صفحي کي پڙھيو پيو وڃي. اسان رسمي طور انھن کي ڏسندا رھيا سين. پندرھن ويھن منٽن جي ان عبادت کي ڏسندي مون محسوس ڪيو ته مذھبي ڪتاب ۽ عبادت دوران احترام جي حوالي سان يھودي به وڏو خيال ڪن ٿا.

عبادت جي وقت پوري ٿيڻ تي ھنن اسان کي ان عبادت گاھ سان لڳ ھڪ ھال ۾ سڏيو جتي اسان جي لاءِ ڪافي، چانھن پاڻي ۽ تواضع جو بندوبست ٿيل ھو. اتي پڻ سندس ڪارڪن رھنمائي ۽ خدمت لاءِ موجود رھيا. اسان پوءِ ڪافي پي روانا ٿياسين.

ٽورنٽو شھر ۾ رھندي چند سال ٿيا ھئا. مان جنھن پاڙي ۾ رھندو ھوس اتي بنگالي گھڻا رھندا ھئا جيڪي گھڻو ڪري مسلمان ھئا. اسان جنھن مسجد ۾ جمعي نماز پڙھندا ھئاسين سا مسجد ٿوري فاصلي تي ھئي. ان ڪري اسان جي پاڙي جي مسلمانن ويجھو ھڪ بنگلو وٺي ان ۾ مسجد ٺاھي ڇڏي. اتفاق سان ان بنگلي جي سامھون چرچ ھئي جيڪا منصوبه بندي سان ٺھيل ھجڻ ڪري اتي ايندڙن لاءِ ڪار پارڪنگ ٺھيل ھئي. اھڙي پارڪنگ لاٽ جي ڪنھن اداري جي ملڪيت ھجي ته ڪنھن غير کي اتي ڪار پارڪنگ جي اجازت ڪو نه ھوندي آھي. اسان جي مسجد واري ھنڌ يعني بنگلي ۾ ڪار پارڪنگ جي جاءِ ئي ڪانه ھئي جنھن سبب جمعي نماز لاءِ ايندڙ نمازي گھٽي ۾ گاڏيون بيھاريندا ھئا. گھڻن جماعتين ھجڻ ڪري مسجد جي ويجھو گھٽي ۾ جاءِ نه ملڻ ڪري پري وڃي ڪنھن گھٽي ۾ پارڪنگ ڪرڻي پوندي ھئي. ان ڏکيائي کي ڏسندي ھڪ ڏينھن ان چرچ جو پادري مسجد جي پيش امام وٽ آيو ۽ اچي کيس چيائين ته مان ڏسان ٿو ته جمع نماز جي وقت توھان جي جماعتين کي ڪار ڪارڪنگ جي ڏکيايي ٿئي ٿي. توھان جمعي جي ڏينھن نماز جي وقت ڀلي چرچ جي ڪار پارڪنگ جي حصي ۾ پنھنجون گاڏيون پارڪ ڪندا ڪريو. سندس ان آڇ جو فائدو وٺندي جمع جي ڏينھن نماز وقت نماز لاءِ ايندڙ ماڻھو چرچ جي پارڪنگ ۾ پنھنجون گاڏيون پارڪ ڪندا ھئا.

سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي ان ڏينھن واري تقريب ۾ جتي سڀني مذھبن مان ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي اتي ٻارن ۽ نوجوانن ڪي گيت ڳايا ۽ ٽيبلو يا ناٽڪ پيش ڪيا.

تنظيم جي سرواڻ نور محمد بجير پنھنجي آڌرڀائي تقرير ۾ چيو ته ڪرسمس نه رڳو مذھبي تھوار جي موڪل جو ڏينھن آھي پر اھو دنيا ۾ سماجي ۽ ڪلچرل وايو منڊل آھي. سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام ھڪ سماجي تنظيم ھئڻ ڪري انسانيت، مذھبي سھپ، سان گڏ سڀني مذھبن جي ماڻھن ۾ اتحاد، برابري ۾ يقين رکي ٿي جيڪو پاڪستان جي باني جو خواب ھو. ھن وڌيڪ چيو ته دين اسلام ۾ انسانيت جو احترام، رحم دلي سان گڏ حقوق العباد جو ٻين مذھن کان وڌيڪ درس ملي ٿو.

ڊينيل فياض پنھنجي تقرير ۾ اھو به چيو ته مون ڪربلا جي سانحي تي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي. اسان اسلام جي قدر ڪرڻ سان گڏ امام حسين جي لازوال قرباني جي قدر ڪندا آھيون. ائين مقررن مان علامه مسعود جمال، ايم پي اي نويد انٿوني ۽ ٻين سڀني مقررن جي تقريرن جو مرڪزي خيال اھو ھو ته مذھبن برداشت ۽ انسانيت جو درس ڏنو آھي جنھن جي روح کي سمجھي ان تي عمل ڪرڻ سان انسان امن ۽ پيار سان رھي سگھندا.

 ويرجي ڪولھي سي ايس ايس پي جا ٿورا مڃيا جنھن کيس ھن تقريب ۾ شريڪ ڏيڻ جي ڪوٺ ڏني. ھن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي مذھبي مت ڀيد جي ڳالھ ڪونھي ان ڪري ان تي ان جي روح موجب عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. وير جي ڪولھي جو تعلق ٿر جي پوئتي پيل علائقي سان آھي. ماضي ۾ سندس ڪولھي ڪميونٽي ڪنھن ليکي ۾ ڪو نه ھئي. ھو علائقي جي ڪنھن ڏاڍي جي چوڻ تي ھلندي ھئي. ھي نوجوان جڏھن پڙھي وڪيل ٿيو ته ھن پنھنجي ڪميونٽي جي سنڀال ۽ سرپرستي ڪرڻ شروع ڪئي. ھو سندن ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. ڪمن ڪارن ۾ سندن مدد ڪرڻ لڳو. ان سماجي خدمت جي کيس اھا موٽ ملي جو ڪميونٽي ھن جي چوڻ تي ھلڻ لکي. ووٽ به ھن جي ئي مرضي تي ڏيڻ لڳا. ان ووٽ بئنڪ ڪن سياسي پارٽين جي اک کولي ڇڏي جنھن ڪري ھن جي حمايت وٺڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. ھن پڻ انڌي حمايت بجاءِ پنھنجي مطالبا رکيا جيڪي چونڊ وڙھندڙ سياسي پارٽين کي مڃڻا پيا. ائين ھن پنھنجي ڀيڻ ڪرشنا ڪولھي کي سينيٽر چونڊرايو ۽ پاڻ کي وڏي وزير جي صلاحڪار جي پوزيشن ملي.

ڏٺو وڃي ته جھموري نظام ۾ ووٽ جي وڏي قوت آھي پر جي ووٽر کي ان جي اھميت محسوس ٿئي ۽ ھو ان قوت کي سياڻپ سان استعمال ڪري. سنڌ جي سياسي منظر نامي تي نظر وجھو جتي حقيقي جھموريت ته ڪونھي پر پوءِ به ووٽ جي اھميت آھي جنھن ڪري ماضي ۾ وڏا وڏا ماڻھو جن جي طاقت جي ھاڪ ھئي سي عام ورڪر کان شڪست کائي ويا. رڳو ماڻھو پولنگ بوٿ ۾ پنھنجي مرضي سان ميرٽ تي ووٽ وجھن ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي وڃي. ھي جيڪي سندن محروميون آھن يا مسئلن سندن زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آھي سي تڪليفون گھٽجڻ شروع ٿي وينديون.

ھڪ ڀيرو ناگرا فال کي ھيٺين سطح تي بيھي ويجھو ڏٺم ته پاڻي ايترو زور سان پئي ڪريو جو سياحن کي سير ڪرائندڙ بحري جھاز به ان جي ويجھو نه ٿي وڃي سگھيا. اھي ننڍا بحري جھاز ھڪ ھنڌ تائين پھچي پاڻي جي ڪرڻ سبب اٿندڙ ڦوھار جي زور سبب اڳتي نه وڃي سگھڻ ڪري اتي بيھي پوءِ پوئتي پئي موٽيا. ڪافي دير ان جو نظارو ڪندي خيال آيو ته ھي پاڻي جا ڦڙا جيڪي بظاھر ڪا قوت نه ٿا رکن سي جڏھن گڏجي ڪرن ٿا ته انھن جي قوت کان ماڻھو پري ڀڄي جان بچائي ٿو. مينھن جي ڦڙن کي ڏسو جي ڪو ھڪ اڌ ڦڙو مٿان ڪري ته خير آھي پر جي مينھن جو وسڪارو ٿي وڃي ته ماڻھو ڪنھن اجھي ۾ گھڙي ان کان بچن ٿا. مينھن جو ڦڙو جڏھن ڳڙو بڻجي ڪري ٿو ته ماڻھو لاءِ ھاڃيڪار ٿي وڃي ٿو. عام حالت ۾ ان جي قوت ڇا آھي پر جڏھن اھي گڏجي ڪرن ٿا ته ڇا قوت بڻجن ٿا. اھا ھڪ آفت بڻجي وڃي ٿي جيئن ڪنھن کي بد دعا ڏيندي چوندا آھن ته شل ڪو ڳڙو پوئي.

ان ڏينھن دليپ رتناڻي به خطاب ڪندڙن جي لسٽ ۾ شامل ھو پر ڪن مصروفيتن سبب پھچي ڪو نه سگھيو ھو. ھن تقريب جي پڄاڻي تي اسان جو پروگرام ايئن ترتيب ڏنل ھو ته مان ۽ دليپ حيدرآباد روانا ٿينداسين جتي رات رھي پوءِ وري صبح عمر ڪوٽ روانگي ھئي جتي دليپ رتناڻي طرفان قائم ڪيل ھڪ سلائي سنيٽر جوافتتاح جي تقريب رکيل ھئي. ان کان ٻئي ڏينھن وري سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام طرفان عمرڪوٽ شھر ۾ ئي عمر ڪوٽ ثقافتي ميلو جي عنوان ھيٺ ھڪ ڏينھن جو پروگرام ھو تنھن ۾ پڻ اسان کي شرڪت ڪرڻي ھئي. سنگت کي اسان جي حيدرآباد وڃڻ جي پروگرام جي خبر ھئي سي پنھنجن پنھنجن ڪمن ڪارين سان ھليا ويا. مان ھال مان نڪري آرٽس ڪائونسل جي گيٽ تي پھتس ته جيئن اتان ڪريم جي تئڪسي گھرائي فليت تي پھچان جتي دليپ کي اچڻو ھو. مان گيٽ وٽ پھتس ته دليپ گاڏي ۾ گيٽ وٺان اندر داخل پئي ٿيو جنھن مون کي ڏسي چيو ته مان ته فنڪشن ۾ پھچي ڪو نه سگھيس پوءِ سوچيم ته توھان کي ھتان ئي پڪ ڪري وٺون ته جيئن وقت بچائي حيدرآباد ۾ سنگت کي وڌيڪ وقت ڏجي.

اسان گاڏي ۾ ويھي فليٽ طرف روانا ٿياسين جتان مون کي ڏينھن ٻن جي ضرورت جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان کڻڻو ھو. فليٽ ويجھو ھو تنھن ڪري جلد اچي پھتاسين. ھنن ھيٺ ئي منھنجو انظار ڪيو مان مٿي وڃي ڪپڙا ۽ بيون ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ھيٺ آيس ۽ گاڏي ۾ ويھي حيدرآباد روانا ٿياسين.

اسان ٽي ڄڻا مان، دليپ رتناڻي ۽ سندس ڀيڻيوو جيوت راءِ حيدرآباد روانا ٿياسين. ڊرائيور گاڏي پئي ھلائي جنھن کي دليپ ڪنھن دوست معرفت عمرڪوٽ جي علائقي جي ھڪ ڳوٺ مان ھڪ مھيني لاءِ گھرايو ھو. اسان ڪچھري پئي ڪئي ۽ سفر پئي ڪٽيو. حيدرآباد ڪو گھڻو پنڌ ڪونھي جيڪو ڪٽڻ لاءِ ھڪ ڊگھي ڪچھري ئي کوڙ ھئي. پرکڻ جا ھر ڪنھن جا پنھنجا پيمانا آھن. مشھور اديب جون ايليا جي ڪنھن ھندستاني اديب سان فون تي گفتگو پئي ٿي. ان ھندستاني اديب کي پاڪستان اچڻو ھو تنھن جون ايليا کي چيو ته اسان گڏجي سکر به ھلندا سين. ڀلا اھو ٻڌاءِ ته ڪراچي کان سکر ڪيترو پري آھي ان تي جون ايليا ورڻيس ته بس اھي ٽي پيگ. يعني پيئندا ھلنداسين ته ٽي پيگ پيئڻ تي سکر پھچي وينداسين. ايئن به جيڪو خفت يا شوق انسان جي ذھن تي حاوي ھوندي آھي ته ماڻھو ان جي اثر ھيٺ ئي سوچيندو ۽ ڳالھائيندو آھي. پر مجبور ماڻھو جي پنھنجي سوچ ٿئي ٿي جيئن بکايل کان ڪنھن پڇيو ھو ته ٻه ۽ ٻه گھڻا ٿيا تنھن تي ھن وراڻيو ھو ته چار مانيون.

ڪچھري ڪندي جيوت را۽ ٻڌايو ته اڳ حيدرآباد ۾ سندس ڪرياني جو دڪان ھو. ڀتي جو آزار ھو جيڪو مجبور ٿي ڏيڻو پوندو ھو. اسان کي ڀتو روڪ ڏيڻ سان گڏ گھر جو سودو سامان به موڪلڻو پوندو ھو. ڪجھ وقت کان پوءِ مان انھن کوکن ۾ اھڙو سامان وجھي ڀريندو ھوس جيڪو کائڻ جو ته ھوندو ھو پر ان جي قيمت گھٽ ھوندي ھئي. ان تي به اعتراض ايندا ھئا پر اسان بھانا ڪري جان ڇڏائيندا ھئاسين. جيڪي مجبور رھندي ڪنھن ماحول ۾ گذارين ٿا تن جي پيڙا عام طور کي گھٽ ئي محسوس ٿيندي آھي پر پنھنجي عزت نفس کي ماري رھڻ ڪيڏو نه ڏکيو آھي سو اھو ئي ڄاڻي ٿو.

جيوت راءِ به ڏکيو سکيو وقت گذاريو سندس ٻار پڙھي پار ٿيا، ھو پنھنجي پيرن تي بيٺا ۽ ڪراچي شھر ۾ رھڻ لڳا ته ھن به دڪان بند ڪري اچي ڪراچي وسائي. ھاڻ ڪراچي شھر ۾ رھي ٿو. مزاج جو ٿڌو ۽ پرسڪون طبيعت جو مالڪ آھي. ائين سفر پورو ٿيو ۽ اسان حيدرآباد شھر ۾ پھتاسين.

قاسم آباد جي علائقي ۾ ھڪ بلڊنگ جنھن ۾ پرٿوي لوھاڻو نالي دليپ جو دوست رھندو آھي تنھن بلڊنگ ھيٺ پھچي ھمراھ کي فون ڪئيسين سو جلد لھي آيو ۽ اچي اسان سان مليو. ھو اسان کي وٺي گاڏي پارڪنگ واري ھنڌ کان لفٽ طرف ھلڻ لڳو ته گاڏين جي وچ ۾ ھڪ ھمراھ کٽ تي ستو پيو ھو جيڪو ڪنھن جو ڊرائيور يا نوڪر ھوندو. اسان جي ملڪ جو جھان ۽ معمول به نرالو آھي. موسم اھڙي جو ماڻھو ٻاھر سمھي رھي رھيو پيشاب وغيرھ جو خيال سو جتي جاءِ ملي اتي ئي جھان ھلي ٿو وڃي. اسان به پرٿوي کي چيو ته بابا اسان جي ڊرائيور کي ڪٿي ويھارڻ جو بندو بست ڪري ان جي کاڌي پيتي جو خيال رک تنھن تي ھن وراڻيو ته توھان بي فڪر ٿي وڃوھاڻ اھا منھنجي ذميواري آھي. ائين اسان ھلي وڃي سندس فليٽ تي ويٺاسين

اسان کي جلد عطاءُ الله ملاح ۽ گھنشام راڄاڻي به اچي جوائن ڪيو. پوءِ ڪچھري ۾ رنگ ڀريو. اياز جي شعر وانگر

جنھن وقت چراغ شام ٻري، ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،

تنھن وقت اسان جو پنڌ پري، پنھنجو به پرائو آ پيارا.

اسان جي ڪچھري اڪثر ڪري ھوا ۾ تيرھڻڻ، پاڻي ولوڙڻ، گھڻو ڪري حالات حاضرا تي پنھنجو پنھنجو خيال پيش ڪرڻ.. بڌل ڪوڙي ڳالھ يا افواھ تي ماھراڻي راءِ ڏيڻ وارو جھان آھي. اسان جي اھڙي ڪچھري ٻڌي منھنجو ننڍو پٽ مون کي چوندو آھي ته بابا توھان جي ڪچھري ۾ سازشي ٿيوري جام ھوندي آھي. ڳالھ ڪنھن دليل يا ثبوت سان ڪندا ڪريو.

پرٿوي لوھاڻي جو تعلق نئون ڪوٽ شھر سان آھي جتي سندس ڪرياني جي ھول سيل جو ڌنڌو آھي جيڪو سندس بقول سٺو ھلي ٿو. ڪاروبار ڌنڌي ۾ ائين به برڪت ٿئي ٿي. دنيا جي آبادي جو وڏو حصو سڌو يا اڻ سڌو واپار جي حوالي سان روزي ڪمائي ٿو. مقامي سطح تي ڌنڌو يا دڪانداري ٿيندي ھئي ته ٻيو وڻج واپار پري پري تائين ٿيندو ھو. انھن واپارين جو پنھنجو جھان ھو جيڪي واپار ذريعي آسودو ٿيڻ سان گڏ جھان به ڏسندا ھئا.

شاھ لطيف جو سر سامونڊي اھڙن وڻجارن جي سنبرڻ، انھن جي وڃڻ ۽ انھن جي انتظار جو اھڙو داستان آھي جنھن ۾ انساني جذبن جو گھرو اظھار آھي. مثال طور

اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛

هَلڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ؛

آئون جَهلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين؛

پَڳَھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.

تَڙين تَنوارِينِ، ماءِ! سامُونڊِي آئِيا؛

مونکي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون.

ماضي ۾ جتي اھڙا واپاري قيمتي سامان کڻي واپار لاءِ روانا ٿيندا ھئا اتي ڪي ڦورو انھن جو مال ڦري راھي ٿيندا ھئا. ان کان بچڻ لاءِ ھو وڏن قافلن ۾ ھلندا ھئا. ھندستان ۾ اھڙا ڪي منظم گروھ ھوندا ھئا جيڪي ڪنھن پيشي سان مھارت سبب ڪن واپارين جو اعتماد وٺي انھن سان گڏجي پوندا ھئا جڏھن قافلو ڪنھن سنسان ھنڌ تي پھچندو ھو ته ھنن جا ٻيا ساٿي پھچي ويندا ھئا جيڪي واپارين کي قتل ڪري انھن جو سامان کڻي راھي ٿيندا ھئا. قتل ڪرڻ لاءِ ھو ڦاسي ڏيڻ جو مخصوص طريقو استعمال ڪندا ھئا جنھن ۾ ماڻھن جو مڻڪو ڀڃي ڇڏيندا ھئا. اھا وارڌات ھو نھايت صفائي سان ڪندا ھئا. انگريزن جڏھن ھندستان تي حڪومت شروع ڪئي ته کين اھڙي گروھ جون شڪايتون مليون. تن وڏي محنت سان جاسوسي ڪرائي اھڙن گروھن کي ختم ڪيو. ان جا تفصيل ڪتاب ھيٺ ڏنل ڪتاب ۾ موجود آھي.

"History of the Thugs or Phansigars of India" Compiled by Captain W H Sleeman superintendent of Police

سامونڊي سفر ۾ وري بحري قذاق ھوندا ھئا جيڪي بحري جھاز تان سامان لٽي ويندا ھئا. صوماليه سان تعلق رکندڙ اھڙي قسم جو منظم گروھ ته اڄ جي دور ۾ کلئي سمنڊ ۾ وڏن جھازن کي يرغمال بڻائي وڏي سطح تي ڀتو وٺندو رھيو آھي. ظاھر آھي وڏي سطح تي اھڙيون ڏوھاري وارڌاتون ڪنھن وڏي لابي جي سرپرستي کان سواءِ ممڪن ڪونھن.

جھان بدليو آھي ته اڄڪلھ ڪمپيوٽر جا ماھر وڏين ڪمپينين جا اڪاونٽ ھيڪ ڪري انھن کان ڀتو وٺي پوءِ ان جو ڪنٽرول واپس ڪن ٿا. ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ وري بٽ ڪوائن جھڙي ڊجيٽل ڪرنسي استعمال ڪن ٿا.

اسان رات دير تائين پرٿوي لوھاڻي جي مھمانوازي مان لطف اندوز ٿياسين. آخر ۾ پرتڪلف ڊنر ھئي جنھن جي کائڻ کان پوءِ مجلس برخواست ٿي.

اسان ان ڪچھري ۾ موجود دليپ جي سئوٽ ورما رتناڻي سان گڏ سندس فليٽ طرف روانا ٿياسين جيڪو پڻ ويجھو رھندو آھي. اتي پھچي ٿڪل ھئڻ سبب جلد آرامي ٿياسين. صبح جو ننڊ مان سجاڳي ٿي ته ورما خدمت جو سلسلو چاءِ سان شروع ڪيو جنھن دوران اسان کانئس خبرون پئي ورتيون. ھو ھتي حيدرآباد ۾ ٻه ميڊيڪل اسٽور ھلائي ٿو جيڪي سٺا ھلن ٿا. اسان ڪچھري کان پوءِ ھيٺ لھي رواني ٿيڻ دوران سندس فليٽ، ھتان جي جائيداد جي قيمتن، گھرن، ھتان جي آبادي، ماڻھن جي روين تي پئي ڳالھايو.

اسان ورما وٽان پر تڪلف نيرن ڪري کيس ساڻ ڪري پرٿوي جي فليٽ واري بلڊنگ وٽ پھتاسين جتي اسان پرٿوي ۽ ورما کان موڪلايو. اسان پنھنجي گاڏي کڻي شھر ۾ دوستن سان ملياسين جن سان ملڻ طي ھو جن ۾ شنڪر مالھي ۽ عطاءُ االله ملاح ھئا انھن کي اسان سان گڏ عمرڪوٽ ھلڻو ھو. شنڪر مالھي دليپ جي واسطي وارو آھي جيڪو پنھنجي ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ھڪ سوشل ماڻھو آھي. ھو دليپ کي ھڪ اسڪول کولڻ ۽ ان کي ھلائڻ ۾ مدد ڏئي رھيو آھي. ھي اسڪول حيدرآباد شھر ويجھو چينل موري وٽ ميراڻي ڳوٺ ۾ کوليو ويو آھي. ھن ڳوٺ ۾ جنڊاوڙا نالي ھڪ ڪميونٽي رھي ٿي جيڪا غريب آھي ۽ تعليم وٺڻ طرف راغب ڪو نه ھئي. انھي ڪميونٽي جا ماڻھو محنت مزدوري ۾ پورا ھوندا آھن. ھن اسڪول ۾ کين جڏھن مفت تعليم ڏئي کين پڙھڻ لاءِ ھمٿايو ويو ته چڱي تعداد ۾ ٻار باقاعدگي سان پڙھڻ لڳا آھن جن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌي پيو.

اسان جڏھن سڀ گڏياسين ته عمرڪوٽ روانا ٿياسين.

اسان جو سفر عمرڪوٽ طرف جاري ھو. سڄو روڊ سٺو ٺھيل ھو سواءِ عمرڪوٽ ويجھو چند ڪلوميٽر ٽڪري جي. رستي ۾ ٽول ٽئڪس به ڏيڻو پيو جنھن ڏيڻ لاءِ عوام ذھني طور تيار ڪو نه ھوندو آھي بس مجبوري ۾ ڏيڻو پوي ٿو. سنڌ ۾ ڪٿي جائز ته ڪٿي وري ھٿراڌو ناڪا ٺاھي پئداگيري ڪئي وڃي ٿي. آمريڪا خاص ڪري نيويارڪ شھر جي ويجھن علائقن ۾ جتي ھاءِ وي ۽ روڊ به گھڻا اتي گھڻن روڊن تي سفر ڪندي ٽول ٽئڪس ڀرڻو پوندو آھي. مان ڪراچي ۾ نوڪري دوران سرڪاري ڪم سانگي ھڪ ڀيرو فرانس ويو ھوس. منھنجو ميزبان انجنيئر پنھنجي ڪمپني جي ڪمن سان دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ ويندو رھندو ھو تنھن کان سوال ڪيم ته آمريڪا تو کي ڪيئن لڳو ته ھن جواب ڏنو ھو ته اتي فقط ھوا بنا ٽئڪس جي آھي.

حيدرآباد شھر کان اڳتي سنڌ جو ھي زرخيز علائقو سنڌ جي قوت ۽ سونھن آھي جنھن کي ڏسڻ سان دل خوش ٿي وڃي ٿي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان سون ورني ڌرتي جيڪو حسن نکاري ٿي ۽ سون اپائي ٿي سو راحت ڏئي ٿو. ڪڏھن ميرپورخاص جي سنڌڙي انبن جو ذڪر ٿي نڪتو ته ڪڏھن ڪاڇيلي فروٽ فارم جي تعريف. اڄڪلھ ٽنڊو سومرو جي امداد نظاماڻي جي انبن جي باغن جي تعريف آھي. ٽنڊي ڄام مان لنگھندي جتي زرعي يونيورسٽي جو ذڪر نڪتو اتي سنڌ جي ڏاھي ايم ايڇ پنھور جي زرعي تحيقيق ۽ ادبي ڪاوشن کي به ياد ڪندا وياسين. قومن جي ترقي ۾ ماڻھن جي ڏاھپ جو وڏو ڪردار ٿئي ٿو خاص ڪري انھن جو جيڪي ميدان ۾ رھي عملي ڪم ڪن ٿا.

زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ڊگري ڪري نڪرندڙ اڪثر نوجوان بي روزگار رھن ٿا. فيلڊ جي نوڪري نه ملڻ تي ھو ڪنھن ٻي شعبي ۾ روزگار ڪندا آھن. مٿان وري سڪرنڊ ۾ ٻي يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي آھي جيڪو سرڪاري پئسي جو ذيان آھي. اھڙا گريجوئيٽ پيا تيار ڪيا وڃن جن جي معاشري ۾ کپت ڪونھي. والدين بس ان ۾ خوش ته ڇوڪرو ڪنھن يونيورسٽي مان تعليم پيو حاصل ڪري.

عمرڪوٽ جي ويجھو پھتاسين ته اسان جا ساٿي ڳالھائي ڳالھائي اچي ٿڪا تنھن ڪري چپ ٿي ويا. مان ڊرائيور سان گڏ واري سيٽ تي ويٺو ھوس تنھن ڪري ان سان ڪچھري شروع ڪيم. ھي غريب طبقو مقامي سطح جي ماحول ۽ جھان کي حقيقي طور ڄاڻندو آھي. انھن جي ٻولي، لھجو نج سنڌي ۽ مقامي ھوندو آھي ته ان سان گڏ ڳالھ سڌي ڪندا آھن. سنڌ جي ٻھراڙي جو ماڻھو جيترو سادو اوترو گفتگو ۾ سڌو. ان سان گفتگو جو لطف ئي پنھنجو ھوندو آھي شرط اھو آھي ته ان سان گفتگو ۾ پنھنجي وڏائي واري مصنوعي خول مان نڪري پنھنجو پاڻ کي ھيٺ ڪري سامھون واري کي گفتگو ۾ برابري وارو احساس ڏيارجي

سامھون جي پاڻ کي مٿڀرو سمجھندڙ ويٺو آھي ته ان کي ڪنھن نموني اھو احساس ڏيارجي ته ڀاءُ ٿورو ھيٺ ٿي ته ڪچھري ڪريون. ھڪ ڀيري ٽورونٽو ۾ ھڪ وڏي ڪاموري سان ملاقات ٿي ھئي. اھا پھرين ملاقات جيڪا ھڪ ڪافي ھائوس ۾ ٿي ھئي تنھن ۾ ھو گفتگو ڪندي پنھنجي مقام ۽ شخصيت جي خول ۾ نظر آيو. مون جلد ان کي سمجھي ورتو. کيس سڌو مخاطب ٿي چيم ته ڀاءُ اسان توھان کي سنڌي سمجھي ملڻ چاھيو آھي. اسان جو پاڪستان ۾ ڪو ڪم ڪونھي نه وري توکي ڪو ڪم چونداسين. ھي ملاقات خير سگالي جي جذبي ھيٺ آھي. منھنجي ان جملي تير جھڙو ڪم ڪيو ۽ ھن جو انداز دوستاڻو ٿي ويو. مھيني ڏيڍ کان پوءِ ھڪ دوست جي گھر گڏجاڻي ھئي جنھن ۾ ان ھمراھ کي به دعوت ھئي. ان گڏجاڻي ۾ سندس ڪي واقفڪار به موجود ھئا پر ھو سڀني تي نظر وجھي سڌو مون ڏانھن آيو ۽ اچي منھنجي پاسي ۾ ويھي مون سان ڪچھري ۾ لڳي ويو. مقصد اھو آھي ته توھان جيڪڏھن پنھنجي عزت ڪرائڻ چاھيندئو ته ڪرائي سگھو ٿا. پر جي ٻئي کان مرغوب ٿي ان جي ھيٺاھين ڪندئو ته ھو به توھان کي ھيٺ ڄاڻي توھان کان مٿاھون ٿي ڳالھائيندو.

ڊرائيور پوءِ علائقي ۾ زمينون ڪنھن جون آھن، انھن جو رويو ڪيئن آھي ۽ علائقي جي ماحول بابت ڪي ڳالھيون ونڊيون جن مان گھڻيون ياد ڪو نه رھيون آھن. سفر جاري رھيو اسان اچي عمر ڪوٽ شھر ۾ داخل ٿياسين عمر ڪوٽ يا امر ڪوٽ حقيقي نالو ڇا آھي تنھن جو ئي اڃا نبيرو نه ٿيو آھي اھو جيڪو سامھون آھي، جتي نسلون رھن ٿيون جتي قلعو اڄ به موجود آھي. شھر ماضي جي تسلسل سان ڳنڍيل آھي تنھن جي نالي تي متفق ڪو نه ٿا ٿيون ته پوءِ موھن جي دڙي جي ٻولي پڙھي نه سگھڻ واري ڪمزوري کي سمجھي سگھجي ٿو.

بھرحال عمر ڪوٽ شھر ۾ داخل ٿي وياسين. شھر جون گھٽيون سوڙھيون سنڌ جي ٻين گھڻن شھرن جيان ھيون جيڪي نه سڌيو ته نه وري گاڏي جي ھلڻ جھڙيون. ڏکيو سکيو ٿي ميزبانن جي ھدايتن تي ھلندا ٿي رھياسين. ھتي جي پي ايس وارو جھان ڪو نه ٿي ھليو. کاٻي ساڄي پاسي، فلاڻو ھوٽل، فلاڻو دڪان جا پار پتا پئي مليا. نيٺ ميزبانن چيو ته جتي آھيو اتي بيھو اسان جو ھمراھ اچي ٿو. اسان گاڏي روڪي انتظار ڪيو ته ٻه نوجوان ڊوڙندا اچي پھتا. انھن گاڏي ھڪ ھنڌ بيھاري اسان کي پنڌ ھلڻ لاءِ چيو سندن بقول ته گاڏي انھن گھٽين ۾ ھلي ڪو نه سگھندي. اسان ڊرائيور کان گاڏي ھنن جي ٻڌايل جاءِ تي پارڪ ڪرائي ۽ پاڻ ھنن سان گڏ ھلڻ لڳاسين.

ماضي ۾ سنڌ جي پراڻن شھرن جو گھٽيون سوڙھيون ھونديون ھيون سو ڇو. اھو حفاظتي سوچ سبب ھئي يا ڪو ٻيو سبب ھو. اھڙن شھرن ۾ گھڻو ڪري واپاري يا ھندو ڪميونٽي رھندي ھئي جن جو رھائشي انداز ۽ جھان پنھنجو ئي ھو. زراعت، ڌنڌا ڌاڙي ٻاھر باقي رھڻ وارو پاڙو پنھنجي اچ وڃ تائين محدود ھوندو ھو. عورتن جو ھڪ بئي ڏانھن اچڻ وڃڻ ۽ رابطو ڪرڻ به سولو ھو. اڳ گھڻو ڪري ھر ڪنھن کي گاڏي گھر آڻڻ جي نه ضرورت ھئي ته نه وري موٽر گاڏيون ھونديون ھيون. بھرحال وقت وقت جي حساب سان شھري منصوبه بندي ۽ رھڻي ڪھڻي ٿئي ٿي.

ميزبان اسان کي ان سلائي سينٽر ۾ وٺي آيا جنھن جو افتتاح ٿيڻو ھو. ھي سلائي سينٽر ڪئناڊا جي تنظيم ڪينسا طرفان ٺھرايو ويو آھي جتي عورتن کي سلائي ۽ ان سان لاڳاپيل ھنرن جي تربيت ڏئي انھن کي روزگار ڪرڻ جي لائق بنائڻ جي اسڪيم آھي. ٽن ڪمرن تي ٻڌل ان عمارت ۾ عورتن کي سکيا ڏيڻ لاءِ گھربل سھوليتون مھيا ڪيون ويون آھن. ان عمارت جي ننڍي اڱڻ ۾ ويھڻ ۽ تقريب جو بندوبست ٿيل ھو. اسان ويٺاسين ته گھنشام راڄاڻي جيڪو پڻ ھن تنظيم جو سابق صدر ۽ ميمبر آھي سو ۽ سندس ڀاءُ نرينجن راڄاڻي به اچي پھتا.

جلد ان جي افتتاحي ڪاروائي جو آغاز ٿيو جنھن جي شروعات ۾ مھمانن کي اجرڪ پارايا ويا. مقامي انتظاميه سينٽر جي ٺھڻ کان اڄ تائين جي ڪارڪردگي پيش ڪئي جيڪا اطمينان جوڳي نظر آئي. ان کان پوءِ باقاعدھ ڦيتو ڪٽي ان جو رسمي افتتاح ڪيو ويو ۽ حاضرين ان کي اندران گھمي ان جي تفصيل ورتي. ڪو چڱو ڪم پوءِ ڀلي ننڍي سطح تي ھجي ان جي شروعات ئي وڏي ڪم جي بنياد ھوندي آھي. ھي قدم کڻي ڪينسا تعريف لائق ڪم ڪيو آھي. عمل جي ھڪ وک به ڪجھ نه ڪجھ بھتري آڻيندي آھي باقي وڏيون وڏيون تقريرون ته ھوا ۾ اڏي وينديون آھن.

ان تقريب جي پڄاڻي تي حاضرين کي تواضع ۽ چانھن پيش ڪئي ويئي. اسان ان مان واندا ٿياسين ته عمر ڪوٽ گھمائڻ جي مقصد سان اسان کي وٺي ھو ننڊين گھٽين مان پنڌ ھڪ مندر ۾ آيا. ھي مندر شو جو مندر ٻڌايو ويو. ھن مندر ۾ جتي پوڄا پاٽ لاءِ ماڻھو ايندا رھن ٿا اتي ھتي سال ۾ ھڪ ميلو به لڳندو آھي. اتي ڪچھري ۾ ٻڌايو ويو ته عمر ڪوٽ ۾ ڪافي مندر آھن. اتي نرينجن راڄاڻي کين چيو ته مندر ته کوڙ ٺاھي ڇڏيا اٿو ھاڻي ڪجھ اسڪول به کوليو. گفتگو جاري ھئي اتي ٻڌايو ويو ته ھتان جي ھڪ مقامي نوجوان ڇوڪري تي توھين مذھب جي ايف آءِ آر ڪٽي آھي. ھن فيس بوڪ تي خدا کان ڪا شڪايت ڪئي ھئي. اھو ٻڌي نريجن چيو ته جيڪڏھن ان نوجوان کي خدا يا ڀڳوان کان شڪايت ھئي ته ھو اھا مسجد يا مندر ۾ وڃي ڪري ھا. گوگل کي شڪايت ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي.

تاريخ تي نظر وجھبي ته ڪن مذھبي اڳواڻن کان ويندي صوفي بزرگن ڪن حالتن ۾ خدا سان ڪٿي حجت ڪئي آھي ڪتي شڪايت آھي. مثال طور اولڊ ٽيسٽامينٽ Old Testament بائبل جو پھريون ۽ پراڻو حصو جيڪو ڪيترن ڪتابن تي ٻڌل آھي تنھن ۾ حضرت ايوب جي شڪوھ ۽ سندس ئي طرفان ان جي جواب جو ذڪر ملي ٿو. ماضي قريب ۾ علامه اقبال پڻ شڪوھ ۽ جواب شڪوھ لکيو آھي. انھن شخصيتن جو مقام ۽ سوچ جو معيار ھو ان سان گڏ ماضي ۾ سھپ جو رويو ھو. اڄ جي دور ۾ سھپ گھٽي آھي، ماڻھو سامھون واري جي ڳالھ يا لکت کي لفظي معيار تي پرکن ٿا يا پنھنجي عقل ۽ علم جي آڌار تي ان جو مطلب ڪڍي پنھنجو رد عمل ڏين ٿا. اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن حالتن جي پرواھ آھي ته پوءِ ماڻھن کي توري تڪي ڳالھائڻ گھرجي.

نريجن راڄاڻي گھنشام راڄاڻي جو ڀاءُ آھي. ھن جواني ۾ سويڊن ۾ وڃي رھائش اختيار ڪئي. کيس اتي جي شھريت به ملي ۽ اتان شادي به ڪيائين. ھو سويڊن جھڙي ترقي يافته، پرسڪون ۽ پرامن ملڪ کي ڇڏي گھڻو وقت سنڌ ۾ گذاري ٿو. حيدرآباد ۾ ھن وتائي فقير جي آستاني نالي مرڪز قائم ڪيو آھي جتي ڄاڻ ونڊڻ جون ڪي ڊاڪيومينٽريون ۽ ڄاڻ سان تعلق رکندڙ ڪي پروگرام ترتيب ڏنا اٿائين. جواني ۾ شاگرد سياست ۾ متحرڪ رھيو. سنڌ دوستي ھن جي وجود جو حصو رھي آھي تنھن ڪري ھو ھاڻي سنڌ جي خدمت لاءِ گھڻو وقت ھتي گذاري ٿو. جھان ديدھ آھي. خيالن ۾ واضح ھجڻ ڪري ان سان گفتگو جو لطف ايندو آھي.

اسان مندر ڏسڻ کان پوءِ عمر ڪوٽ قلعي کي ڏسڻ لاءِ پنڌ روانا ٿياسين جيڪو اتان ويجھو ئي ھيو. اتي پھچي قلعي ۾ داخل ٿي ٿورو اڳتي وڌياسين ته ھڪ موچي ويٺو ھو جنھن مخصوص ڊزائين جون جتيون ۽ سينڊل پئي ٺاھيا. منفرد ھنر سان ٺھيل اھڙيون جتيون جن جي قيمت به مناسب ھئي وٺڻ جو ارادو ڪيوسين. اھو به مقصد ھو ته ھي پورھيت به ڪجھ ڪمائي وٺي. جتيون وٺي اڳتي وڌياسين ته ھڪ راڳي ٽولي اچي اسان جي اڳيان ڳائڻ شروع ڪيو. ھنن ميزبانن کان مھمانن جا نالا پڇي انھن جا نالا وٺي ڪي آڌرڀائي ته ڪي روايتي مقامي ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا. سندس مقصد به ڪجھ وٺڻ ھو سو کين ڏئي اڳتي وڌياسين. ٿورو اڳتي ھڪ اونچي مقام تي پراڻي زماني جو توپون رکيل ھيون جن کي ڏسي ماضي جي انھن منظرن کي ياد ڪيوسين جتي ھي توپون ھلنديون ھيون. ڪيڏا نه پراڻي ڊزائين ۽ زماني جا ھٿيار ھئا پر ان وقت اھي اھم ۽ لشڪر جي طاقت سمجھي ويندا ھئا.

ھاڻ ميوزم ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌياسين. اڳ واري محدود ميوزم جي جاءِ کان ٿوري پري ھي نئون منظم ميوزم ٺاھيو ويو آھي جنھن ۾ قلعي جي نسبت سان ڪي پراڻا اوزار، ڪلچر سان لاڳاپيل ھنر ۽ ڪلچر جي اجاگر ڪندڙ ڪي منظر ٺاھي نمائش لاءِ رکيل ھئا. ٻڌايو ويو ته ھي ميوزم سيد سردار شاھ جي ڪوشش سان ٺھيو آھي جيڪو ھن علائقي سان تعلق رکي ٿو. ميوزم جو عملو نھايت ئي تعاون ڪندڙ ۽ مھمان نواز رويو رکندڙ ھو جن ڪٿي پاڻ ئي اسان کي ڄاڻ پئي ڏني ته ڪٿي وري اسان جي پڇڻ تي ان جا تفصيل پئي ٻڌايا. اسان ميوزم جي ڪن منظرن سامھون تصويرون ڪڍرايون. ٻاھر نڪرڻ تي ميوزم جي سامھون عملي ۽ مقامي دوستن سان گڏ گروپ ڦوٽو به ڪڍرايا.

ھن قلعي جي اڏاوت بابت ھڪ رايو اھو آھي ته ان کي سوڍا راجپوتن يارھين صدي ۾ ٺھرايو ھو. ھن قلعي سان عمر مارئي جي لوڪ داستان جو تعلق آھي. عمر بادشاھ ٿر جي ھڪ معصوم ڇوڪري کي اغوا ڪري اچي ھن قلعي ۾ بند ڪيو ھو. اھو ھي قلعو ھو يا ڪو ٻيو ھو. ڇاڪاڻ ته سامھون ھي قلعو موجود آھي ان ڪري اھو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته ھي ئي اھو قلعو آھي جتي مارئي کي قيد ڪيو ويو ھو. اسان جي ادبي دنيا جي ڪيڏي نه زيادتي آھي جو عورت کي اغوا ڪندڙ ان بادشاھ کي اسان ڪنھن نه ڪنھن بھاني عادل بادشاھ ڪري پيش ڪريون ٿا. اھڙو ڪھڙو عادل ھو جنھن پرائي ڇوڪري کي وڃي اغوا ڪيو. ان واقعي جو ٻيو پھلو اھو آھي ته ان زماني ۾ به سنڌ ۾ عورتون اغوا ٿينديون ھيون.

ھن قلعي يا شھر جي ھڪ تاريخي ڳالھ اھا آھي ته ھن شھر ۾ اڪبر بادشاھ جو جنم ٿيو ھو. مغل بادشاھ ھمايون جڏھن شير شاھ سوري کان شڪست کائي ھيڏانھن ھوڏانھن پئي ڀٽڪيو ته ان دوران سنڌ ۾ رھندي ھن سنڌي عورت حميدھ بانو سان شادي ڪئي ھئي جنھن مان کيس اڪبر ڄائو ھو. ھاڻ اڪبر پنھن جي جنم ڀومي کي ڪڏھن اھميت ڏني، ڪڏھن ان کي ياد ڪيو تنھن بابت ڪا خبر ڪونھي.

اتان پوءِ مکيه دروازي ويجھو پھچي مٿي چڙھياسين ته جيئن قلعي جو مٿيون حصو ڏسون. قلعي جو ڀتيون ڪافي ڪشاديون ھيون جن تي ھلي چوڪيداري ڪري سگھجي ٿي جيڪا انھن ڏينھن ۾ ڪنھن قلعي يا ڇاوڻي جي حفاظت جي گھرج ھوندي ھئي. ھر قلعي ۾ جتي قلعي کي وڏين ڀتين سان بند ڪيو ويندو ھو ان تي حفاظت جون چوڪيون به ٺاھيون وينديون ھيون ته جيئن ڪنھن حملي جي صورت ۾ دشمن جي چرپر تي نظر رکي سگھجي.

قلعي تان عمر ڪوٽ شھر جو نظارو سٺو پئي لڳو. عمر ڪوٽ شھر ٿر جي وارياسي علائقي ۽ پڪي جي سنگم تي واقع آھي جتي بنھي علائقن جو مزاج رکندڙ ماڻھو رھن ٿا. ھن شھر ۾ وڏي تعداد ھندو آبادي جي آھي جن مان ڪجھ سرندي وارا آھن ته ڪي مسڪين آھن. ٿر جي ھندن جي ھڪ خوبي اھا آھي ته ھو پر امن آھن. ڏکيو بکيو رھندا پر چوري چڪاري ڪو نه ڪندا. ان جو ھڪ سبب اڳ جي جاگرافيڪل صورتحال ٿي سگھي ٿي جنھن ۾ چوري ڪندڙ جا واري تي پير بڌرا ھوندا ھئا تنھن جو پيرو کڻڻ ڪو ڏکيو ڪو نه ھوندو ھو. ھاڻ ته روڊ ٺھي ويا آھن ان ڪري چوري جو آزار به وڌيو آھي پر اھو به ٻاھران آيل ڌاريا ئي ڪن ٿا.

ٿر جي اھڙي پرامن مزاج سبب ئي ھندو مسلمان صدين کان کير کنڊ ٿي رھندا آيا آھن جنھن جي جھلڪ اڄ به ٿي ۾ نظر اچي ٿي.

اسان قلعي کي گھمي واندا ٿياسين ته گھنشام. نرينجن ۽ عطاءُ الله ملاح موڪلايو. ھنن کي واپس حيدرآباد وڃڻو ھو جتي شام جي وقت سندن ڪي مصروفيتون ھيون. اسان مقامي سنگت سان گڏ گاڏين ۾ ويھي روانا ٿياسين جيڪي اسان کي بازار ۾ ھڪ ھوٽل تي وٺي آيا اھو چئي ته ھن ھوٽل جي چانھن ۽ تواضع جو ٻيون شيون سٺيون آھن. ان حوالي سان شھر جو مشھور ۽ مصروف ھوٽل آھي. اتي پھتاسين ته ھوٽل ننڍو ھو پر ماڻھو جام پئي آيا ويا. ھوٽل جي اندر مٺائي جو دڪان ۽ چھرين شين جا به کوڙ قسم موجود ھئا. ميزبانن اسان کي ڪي شيون آفر ڪيون جن مان اسان چانھن پيتي ۽ ڪو ھڪ ٻه پڪوڙو کاڌو. حقيقت ۾ اسان بازار جي شين کائڻ کان پرھيز پئي ڪئي.

کاڌي جي شين جي حوالي سان شل نه ڪنھن ھوٽل يا ان جي ڪنھن ڊش جي مشھوري ٿئي پوءِ خلق جو رخ اوڏانھن ھوندو آھي. نالو ۽ مشھوري ھڪ ڀيرو ٿي وڃي ته پوءِ اھو ڌنڌو عروج تي پھچي ٿو وڃي. ياد اٿم ته جڏھن ستر جي ڏھاڪي ۾ ڪراچي شھر ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ھئي سين ته انھن ڏينھن ۾ اسان جي خريداري يا سير وتفريح جو گھڻو مرڪز صدر ھوندو ھو. امپريس مارڪيٽ وٽان گھڻو ڪري سواري ملندي ھئي ان ڪري اتي ضرور ويندا ھئاسين. پھريون ڀيرو اتي ھڪ دوست مليو جنھن چيو ته اچو ته ڪيفي اسٽوڊنٽ ۾ ماني کائون. وياسين ته اھو ھوٽل ھڪ ڇپري ۾ ٺھيل ھو. عام ماڻھو پئي آيا. اتان بسون ڪراچي يونيورسٽي طرف به ھلنديون ھيون جنھن ڪري شاگردن جي اچ وڃ به رھندي ھئي ان ڪري ئي شايد ھوٽل جي مالڪ ان تي نالو ڪيفي اسٽوڊنٽ رکيو ويو ھو. ھوٽل سستو ۽ موزون ھنڌ تي ھو ان ڪري ماڻھن جو اچڻ وڃڻ شروع ٿيو جيڪو وڌندو ويو. ان جو اسم برياني مڙئي وڌيڪ پسند ٿيڻ لڳي جنھن جي طلب ايتري وڌي جو ان کي جدا اسٽوڊنٽ برياني جي نالي ڌنڌو وڌائڻو پيو. اڄ وڏين عمارتن ۾ ان برياني کائڻ وارن جي رش لڳي پئي ھوندي آھي. معيار اھو ساڳيو نه رھيو آھي پر نالو ٿي ويو آھي جنھن تي ماڻھن ڇڪجن ٿا. مالڪ ننڍي ڌنڌي مان ارب پتي ٿي ويو آھي. ھاڻي ته ٻاھرين ملڪن ۾ به پاڪستاني ڪاروباري ماڻھو ان نالي سان ھوٽل کولي ماڻھن کي متوجه ڪن ٿا.

اسان چانھن پي غوثيه گيسٽ ھائوس روانا ٿياسين جتي اسان جي رھڻ جو بندوبست ٿيل ھو. اسان نورمحمد بجير کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو جيڪو ڪٿي مصروف ھو پر ھن اسان جي ميزباني لاءءِ پنھنجي سنگت کي روانو ڪيو. اسان رسيپشن وٽ پھچي ڪمرن جون چاٻيون ورتيون ته سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام طرفان مير حسن آريسر ۽ عبدالرسول سومرو اچي پھتا. ميرحسن نالي وارو صحافي ۽ ليکڪ آھي تنھن سان اڳ ئي دعا سلام ھئي باقي سومري صاحب سان ھي پھرين ملاقات ھئي. لابي ۾ ٿيل ان ڪچھري ۾ ميرحسن سان تنظيم کان ويندي سوشل لائيف ۽ علم ادب تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

عبدالرئوف سومري سان سندس پيشي ۽ ڪارڪردگي متعلق ڳالھ ٻولھ ٿي. ھو عمر ڪوٽ گورنمينٽ ڪاليج جو پرنسپال آھي. سندس تعلق ڇور شھر لڳ ھڪ ننڍي ڳوٺ آھي. ھو جڏھن ھاءِ اسڪول ۾ استاد ھو تڏھن کان ئي ھو عام استادن کان اڳتي سوچي تعليمي بھتري لاءِ قدم کڻندو ھو. پوءِ ھو ليڪچرر ٿيو. ھاڻي جڏھن کيس ھن ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ته ھن انتظامي صلاحتن جو استعمال ڪري ڪاليج کي بھتر بڻايو آھي. ھن داخلا کي انٽري ٽيسٽ سان مشروط ڪيو جنھن سبب لائق ڇوڪرا داخل ٿيڻ لڳا. ھاڻي لائبري کان ڪلاسن جي انتظام تائين مثالي ٿي ويو آھي جنھن ڪري پري پري کان شاگرد اچي ھن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ ٿا ۽ ھن ڪاليج جي ھاسٽل ۾ رھن ٿا. شاگردن جي وڌڻ تي ڪمرن جي کوٽ محسوس ٿي جنھن بابت وزير تعليم کي آگاھ ڪري کانئس وڌيڪ ڪمرا منظور ڪرايا ويا. وزير تعليم سيد سردار شاھ جو تعلق پڻ ھن علائقي سان آھي تنھن کي ڪاليج جي بھتر ٿيڻ جي خبر ھئي تنھن پڻ ڪاليج جي عمارت کي وڌائڻ سان گڏ فرنيچر وغيرھ جون ضرورتون پوريون ڪرايون. عبدالرئوف سومري جي ڪوششن سان ھي ڪاليج جيڪو ويران ھو سو ھاڻ ھڪ نالي وارو ادارو ٿي چڪو آھي. ان سان گڏ اھا به ڄاڻ ملي ته عمر ڪوٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حوالي سان علائقي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪندو وڃي ٿو. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اڄ به لائق انسان موجود آھن رڳو اھڙن ماڻھن کي ڪم جو موقعو ملي ته گھڻي تبديلي اچي وڃي.

اسان کي رات جي ماني جي دعوت دليپ رتناڻي جي ھڪ دوست ڌرمداس بيٺلاڻي وٽان مليل ھئي. سچ به اچي لٿو ھو تنھن ڪري اسان تياري جي مقصد سان سنگت کان موڪلايو ۽ صبح جو ملڻ جو چيو. اسان ڪمرن ۾ پھتاسين جيڪي سٺا ۽ سھوليتن سان آراسته ھئا. وھنجي ڪپڙا بدلائي تيار ٿي ھيٺ لٿاسين ۽ گڏجي ڌرمداس جي گھر روانا ٿياسين. ڌرمداس بابت ٻڌايو ويو ته ھو ھتان جو سرندي وارو ماڻھو آھي ان سان گڏ سماجي ۽ سياسي حوالي سان شھر ۾ شھرت رکي ٿو جنھن ناتي ھن جي مقامي سياست ۾ به اھميت آھي. ان ڪري شھر جي بااثر ماڻھن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. سندس گھر واري ڊاڪٽر روبي بابت اھو ٻڌڻ ۾ آيو ته ھوءِ مذھب جي لحاظ کان عيسائي ھئي ڌرمداس سان شادي ٿيس ۽ ان به عوامي خدمت جو سلسلو جاري رکيو جنھن ڪري ھوءِ به سماجي طور تي پنھنجو نالو ۽ مقام رکي ٿي.

اسان ڌرامداس جي گھر وٽ پھتاسين ته اسان جي ڊرائيور چيو ته صاحب منھنجو ڳوٺ ھتان اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي آھي. اجازت ھجي ته مان رات ٻچن سان گذاري اچان صبح مان ھوٽل پھچي ويندس. اسان کيس اجازت ڏيڻ سان گڏ کيس گاڏي به کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. ھو اسان کي ڌرمداس جي گھر لاھي ڳوٺ روانو ٿي ويو.

پي ماءُ جو ٻچڙن سان پيار ۽ ٻچن جو پي ماءُ سان پيار جو رشتي جو پنھنجو سواد آھي. اسان غريبن جي جھان ۾ اھو قرب ئي جيئڻ جو ھڪ وڏو سھارو آھي. ٻچن لاءِ ماڻھو ڪمائي ٿو، انھن کي خوش رکي يا ڏسي خوش ٿئي ٿو. ٻار وري پي جو انتظار ڪندا آھن انھن سان ملي کين راحت ملندي آھي. ٻيو ته ٻارن سان پيار يا ٻارن جو والدين سان پيار غربت ۾ ٿئي ٿو. ان جو سبب شايد والدين جي محبت سان گڏ اھو پورھيو آھي جيڪو ھو ٻچن کي پالڻ لاءِ ڪري ٿو ۽ ٻچا ان کي محسوس ڪن ٿا. والدين وري پنھنجي ٻچن کي وڏو ٿي پيرن بيھڻ ۽ ترقي جي تمنا رکن ٿا. جيترو پي محنت سان ڪمائي بار جي پرورش ڪئي ھوندي اوتري ئي ٻار ان احساس ھيٺ پي ماءُ جي عزت ڪندو. اھو منھنجو خيال آھي ڪو ان سان متفق ٿئي يا نہ. پيار گھڻو ڪري غربت ۾ ھوندو آھي. جيتوڻيڪ ان ۾ مسئلا به گھڻا پر ان ۾ پيار جو عنصر به موجود ھوندو آھي. امير ٻار جي اولاد ۾ اھڙو احساس گھٽ ھوندو آھي ورلي ڪو ذاتي لڳاءُ سبب ڪو پيار ھجي.

ياد آھي ته مان ننڍو ھوندو ھوس ته سارين جي پوک جي ڏينھن ۾ منھنجو والد صاحب ۽ ٻيا مٽ مائٽ صبح جو رونبي تي ويندا ھئا ۽ شام جي وقت موٽندا ھئا. مان شام جو گھر کان ٻاھر ٿورو اڳتي وڃي بابا جي واٽ ڏسندو ھوس. ھن کي ايندي ڏسي ان طرف ڊوڙندو ھوس. ھو خوش ٿي مون کي کڻي پيار ڪري پوءِ کنيون گھر ايندو ھو. زندگي گذري آھي، دنيا ڏٺي اٿم، ڪاميابيون ۽ سير سفر ڪيا آھن. خوشحالي به آئي آھي، معاشري ۾ مقام به وڌيو آھي پر سڄي منظر ۾ ان پيار جي مٽ ڪا خوشي ڪونھي جيڪا ننڍپڻ ۾ بابا کي ڏسي ان طرف ڊوڙڻ وقت محسوس ٿيندي ھئي ۽ ھو مون کي گود ۾ کڻي پيار ڪندو ھو. اھو سرور زندگي ۾ ھڪ ڀيرو ئي ملڻو آھي.

ماضي ۾ جڏھن محبوب سان رابطي لاءِ موبائيل فون ڪو نه ھوندو ھو تڏھن محبوب جي واٽ ڏسڻ اھميت رکندي ھئي. جيئن منظور سخيراڻي جو ڳايل ڪلام آھي تہ

ويٺي واٽ ڏٺم وسڪاري ۾ آئين ڪو نه پرين آئين ڪو نه پرين

ڌرامداس جو گھر سٺو ھو جتي ھن اسان جو قرب سان آڌرڀاءُ ڪيو. دليپ جي خاندان سان سندس دوستي جو تعلق ھو پر منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ھئي پر ماڻھو پرخلوص ۽ قربائتو پئي لڳو. ڪچھري جو رخ پئي بدليو ڪٿي ھنن پنھنجي پنھنجي خاندانن جي تعلق ۽ معاملن جو ذڪر پئي ڪيو ته ڪٿي وري سڀني جي دلچسپي واري موضوعن تي خيالن جي ڌي وٺ پئي ٿي. ڊگھي ڪچھري سان گڏ تواضع جو دور پئي ھليو. ڪافي دير کان پوءِ ماني لڳي جيڪا کائي سنگت کان موڪلايو سين. ڪچھري دوران اسان سان ھڪ مقامي ھمراھ بنسي مالھي به گڏ ھو جيڪو صحافي، سماج سڌارڪ تنظيمن سان سلھاڙيل ھئڻ سان گڏ سوشل ماڻھو ھو تنھن جي چوياري به سٺي لڳي. اسان ڌرمداس جي گھر مان نڪتاسين ته سنگت چيو ته ھتي ھڪ دڪان تي پان سٺو ملندو آھي توھان کي ھلي ٿا کارايون. اسان جو پان کائڻ ۾ دلچسپي ته ڪو نه ھئي پر تفريح خاطر سندن ساٿ ڏنوسين.

پان جي ڳالھ تان ياد آيو ته اسان جي شھر جي ھڪ نوجوان کي روزگار لاءِ ڪنھن صلاح ڏني ته پان جي مانڊلي کول جيڪو ٿوري سيڙپ سان سولو ڪم آھي. ھن ائين ئي ڪيو جيڪو سندس دڪان ھلڻ لڳو پر کيس پان پارسل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿي. سندس اھا ڪمزوري جي ھر ڪنھن کي خبر پئجي ويئي تنھن تي تفريح خاطر ھر ڪنھن کيس اجايو سجايو پان پارسل ڪرڻ لاءِ پئي چيو جنھن تي ھو اچي بيزار ٿيو. ھڪ ڏينھن جڏھن ھڪ گراھڪ پان پارسل ڪرڻ لاءِ چيس تنھن کي چيائين ته مون کي اڌ قيمت ڏي پر پان اتي ئي کائي ڇڏ.

پان کائي اسان کين ھوٽل تي ڇڏڻ لاءِ چيو. ھو اسان کي گيسٽ ھائوس ۾ ڇڏي ويا جتي اچي آرامي ٿياسين.

ننڊ مان اٿيس ته دليپ رتناڻي اچي دروازو کڙڪايو. چيائين ته منھنجو ھڪ دوست نيرن ڪرائڻ لاءِ اچي ٿو توھان برش ڪري تيار ٿيو ته ھلون. مان ٿوري دير ۾ ئي تيار ٿي ويٺس. ھمراھ ھيٺ پھچي دليپ کي فون ڪري اچڻ جو اطلاع ڏنو ته اسان گڏجي ھيٺ لٿاسين ۽ ھمراھ سان ملياسين. تعارف ٿيڻ تي ھن جو نالو ھيمجي چوھاڻ ٻڌايو ويو. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آھي ۽ عمرڪوٽ ضلعي جو ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر آھي. ھن بابت وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سندس گھر واري، ڀينرون ۽ نياڻيون به ڊاڪٽر آھن. تعليم سان چاھ کين اڳتي وڌايو آھي. ھو زميندار به آھي. اصليت بابت ٻڌايو ويو ته ھو اصل ۾ ڪولھي آھي يعني مٽي جو ماڻھو ۽ سنڌ جي اصلي نسلن منجھان آھي. اسان جي تصور ۾ جيڪو ڪولھي آھي سو غريب، ڪڙمي يا مزدور ھوندو سو به پوئتي پيل. پر وقت سان اھي ذاتيون ۽ قبيلا ترقي ڪري اڳتي وڌن پيا. ايئن به ممڪن آھي ته علم سبب اھي ئي اڳتي وڌي وڃن ۽ اڄ جي معتبر ذاتين جا ڀوتار پوئتي رھجي وڃن.

ھو اسان کي وٺي ھڪ ھوٽل تي آيو جيڪو ويجھو ئي ھو. ھوٽل سٺو ٺھيل ھو ۽ کاڌي جو معيار به ٺيڪ ھوس. ھن ھمراھ ڪجھ اسان جي پسند ته ڪجھ پنھنجي پسند جي کاڌن جو آرڊر ڏنو. ھمراھ طبيعت جو ملنسار پئي لڳو تنھن سان خبرون چارون ڪيون سين. اسان کي پوئتي عمرڪوٽ ثقافتي ميلي ۾ شرڪت جو انتظار ھو ان ڪري نيرن ڪري واپس روانا ٿياسين. ھتي اھو به محسوس ٿيو ته اڄڪلھ تعليم وڌڻ، مڊل ڪلاس جي ھڪ طبقي وٽ پئسي اچڻ، سرڪاري ۽ اين جي اوز جي ڪمن ڪارن سبب ھاڻ ننڍن شھرن ۾ به رھائش ۽ کاڌي پيتي جي سٺن ھوٽلن جي ضرورت محسوس ٿي آھي تنھن کي محسوس ڪندي ڪاروباري ماڻھن اھڙا ھوٽل کولي ورتا آھن جتي رھڻ کان کاڌي پيتي جو مناسب بندوبست آھي.

ماضي ۾ اھو مھمانوازي جو حصو ھو يا روايتي انداز ھو جو ماڻھو ھڪ ٻئي وٽ ترسندا ھئا. اھا ضرورت اوطاقن ذريعي پوري ٿيندي ھئي. پئسي جي لحاظ کان به ماڻھو ايترا آسودا ڪو نه ھئا جو ھوٽلن تي پئسو خرچ ڪن. ھاڻي ته پئسي وارا گھڻو ڪري ھوٽلن ۾ رھن ٿا. مغرب ۾ اھو رواج گھڻو آھي جتي ھر ڪو پنھنجي پنھنجي رھائش جو بندوبست گھڻو ڪري ھوٽل ۾ ڪندو آھي. اصل ۾ آمدني وڌڻ ۽ سماجي تبديلي ۽ دنيا جو معمول کي ڏسي ماڻھو اھي طور طريقا اختيار ڪري ٿو. ياد اٿم ته ھڪ ڀيرو ٽورنٽو شھر ۾ ھڪ ھنڌ ڪچھري پئي ٿي جنھن ۾ ھڪ گوري عورت به شامل ھئي. حال احوال ڪندي ان عورت ٻڌايو ته اسان جو پي ماءُ ٽورنٽو شھر کان ٻه سو کن ڪلوميٽر پري ھڪ ننڍي شھر ۾ رھندا آھن. اسان جي ماءُ بيمار ٿي تنھن خبر ملڻ تي اسان ٽورنٽو ۾ رھندڙ ٽي ڀينرون اوڏانھن ويون سين. گھر ننڍو ھو پر والدين جو ھو ان ڪري ڏکيو سکيو رھي پيوسين. رات جي وقت ان ڏکيائي کي ڏسي منھنجي پي چيو ته توھان وڃي ھوٽل ۾ رھو ھتي ڇو اچي رھيون آھيو. اھڙيون ڳالھيون اڄ اسان کي شايد عجيب ۽ اوپريون لڳن پر اسان به مغربي نظام جي پوئواري ڪندي ان طرف وڃون پيا. اڄ نه ته سڀاڻي اسان جي نسلن کي اتي ئي پھچڻو آھي.

اسان نيرن ڪري واپس غوثيه گيسٽ ھائوس پھتاسين. اسان تيار ٿيڻ لڳاسين ته جيئن وقت تي سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي اڄ جي رٿيل پروگرام عمرڪوٽ ثقافتي ميلي ۾ شرڪت ڪريون جيڪو عمرڪوٽ اچڻ جو مکيه مقصد ھو. ڪپڙا استري ڪرڻ لاءِ بجلي جو مسئلو، ڪٿي فون چارج ڪرڻ لاءِ ساڪيٽ ڪم نه ڪن. ڪوشش ڪري ڪپڙا استري ڪري تيار ٿي ھيٺ لٿاسين ته ان وقت ڪراچي شھر مان اسان جا دوست مبشر ملڪ ۽ جئي رام داس تلريجا پڻ اچي پھتا. ھو به سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي سرواڻ نورمحمد بجير جي ڪوٺ تي فيسٽيول ۾ شرڪت لاءِ آيا ھئا.

اسان ڪجھ سالن کان نور محمد بجير ۽ سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام سان جڙيل آھيون جن سان تنظيم جي سطح تي تعاون سان گڏ نور محمد بجير جھڙي بھترين آرگنائيزر جون صلاحون ۽ رھنمائي اسان کي پنھنجي تنظيم اسڪالا ھلائڻ ۾ ڪافي مدد ڏئي ٿي. چوندا آھن ته مڙس ماڻھو ٿي رھجي يا مڙس جي پاڙي ۾ رھجي. اسان ٿورو وقت سنڌ ۾ گذاريندي جتي وقت جي ڪمي يا ڪمن جي گھڻائي محسوس ڪندا آھيون ته نورمحمد بجير پنھنجي تجربي سان رھنمائي ڪري اسان کي سرگرميون منعقد ڪرڻ ۾ وڏو مددگار ھوندو آھي.

اسان پاڻ ۾ بيٺي حوال ڪيا ته ھڪ ھمراھ آيو جنھن اچي چيو ته معزز مھمان پچھي ويا آھن توھان به اچو ته ڪاروائي جي شروعات ڪجي. اسان پنڊال ۾ پھتاسين جيڪو غوثيه گيسٽ ھائوس جي ميدان تي ئي سجايو ويو ھو. حاضرين جي وڏي تعداد موجود ھئي جنھن ۾ ڪيتريون عورتون به شامل ھيون. سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جو سرواڻ سائين نورمحمد بجير ۽ سندس منظم ٽيم ميزباني جا فرائض احسن طريقي سان سرانجام ڏئي رھي ھئي. اسان جي پھچڻ تي معزز مھمانن سان تعارف ٿيو جنھن کان پوءِ افتتاحي تقريب جي شروعات ٿي. عمر ڪوٽ جو ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ڌاريجو، ايس ايس پي اعجاز شيخ، ڪي اديب، سماج سڌارڪ شخصيتون ۽ سندن تنظيم جا ڪارڪن موجود ھئا سي اڳتي ھليا. پنڊال جي ساڄي پاسي کان نمائش رکيل ھئي جنھن ۾ مقامي ھنرن تي ٻڌل ڀرت ۽ سلائي ڪڙاھي جا خوبصورت ڊزائين جي ڪم جا نمونا رکيل ھئا. ان سان گڏ ڪتابن جو اسٽال ۽ بيا مقامي ثقافتي ورثي سان تعلق رکندڙ اسٽال لڳل ھئا. جيئن ھلڻ لڳاسين ته پروفيسر جلال ڪوري صاحب جي مون تي نظر پئي ۽ مون به کيس ڏٺو. ھڪ ٻئي طرف وڌي ملي ھڪ ٻئي جي خير خيريت پڇي سين. ھو علم دوست، ليکڪ ۽ ڄاڻو ماڻھو آھي. سنڌ جي سڄاڻ شخصيتن مان ھئڻ سان گڏ ملنسار طبيعت جو مالڪ آھي تنھن سان فيس بوڪ تي رابطو ھو. ھڪ ٻئي جون لکڻيون پڙھندا ھئاسين سو اڄ روبرو مليو ته سٺو لڳو.

جتي ٻين ماڻھن اسٽالن کي گھرائي سان ڏسڻ تي وقت پئي لڳايو اتي اسان پنھنجي ڪچھري کي وڌيڪ وقت پئي ڏنو.

ايئن اسٽالن کي ڏسي سڀ موٽي اچي پنڊال ۾ ويٺا سين ته پھرين سيشن جي ڪاروائي جو آغاز ڪيو ويو جنھن ۾ پھريان ڪن کي اسٽيج تي ويھڻ لاءِ سڏيو ويو جنھن ۾ ٻين سان گڏ مان به شامل ھوس. ڪاروائي جي شروعات ڪندي نورمحمد بجير پنھنجي ۽ پنھنجي تنظيم طرفان آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا. تنھن کان پوءِ ھن پنھنجي تنظيم جي ڪاڪردگي تي روشني وڌي. ان سان گڏ ھن عمر ڪوٽ ثقافتي ميلي جي اھميت، مقصد، تسلسل ۽ ڪاميابي تي به ڳالھايو. ٿر جي واري مان وکون کڻندي سماج سڌارڪ جھان جي افق تائين پھچندڙ نورمحمد پنھنجي ويزن ۽ انتظامي صلاحيتن جي استعمال ڪرڻ سان گڏ اڻ ٿڪ محنت ڪري ٿو.

مھمانن مان ھر ڪنھن واري واري سان ڳالھايو منھنجي واري اچڻ تي مون سنڌي ڪلچر جي اھميت بيان ڪرڻ سان گڏ ان کي دنيا ۾ روشناس جي اھميت تي روشني وڌي. مون چيو ته اسان ان حوالي سان پنھنجون قومي ذميواريون حقيقي طور تي ادا نه ڪري سگھيا آھيون. مون اھو به چيو ته ڪلچر جا ٻه حصا آھن ھڪڙو مٽيريل ڪلچر ته ٻيو نان مٽيريل ڪلچر. مٽيريل ڪلچر جنھن ۾ اجرڪ ٽوپي، ڀرت، رليون ۽ لباس اچي وڃن ٿا تن ۾ اسان کوڙ ترقي ڪئي آھي ۽ ڪندا رھون ٿا پر نان مٽيريل ڪلچر جنھن ۾ اسان جا قدر، طور طريقا، رواج، رويا اچي وڃن ٿا تنھن ۾ ڏينھون ڏينھن پوئتي آھيون ۽ صورتحال فڪر جي حد تائين پھچي چڪي آھي. اھو نان مٽيريل ڪلچر ئي معاشري جي نظام جو اصل ڍانچو ھوندو آھي. اھو ئي معاشري جو حقيقي روح ۽ روپ ھوندو آھي سو جيڪڏھن ڪمزور ٿيو ته پوءِ اسان پنھن ان تاريخي ورثي کي وڃائي ويھنداسين جيڪو اسان جي فخر جو بنياد آھي.

خاص مھمان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي خطاب کان پوءِ ان سيشن جي پڄاڻي ٿي ته ان کان پوءِ ٻن سيشنن منعقد ڪرڻ جو اعلان ٿيو جيڪي جدا جدا جاين تي پئي ٿيا. ھتي تعليمي سيشن ھيو جنھن ۾ پڻ مون کي ويھڻ جو چيو ويو. ھن سيشن ۾ تعليم سان لاڳاپيل ڪي نالي وارا استاد، ڪي تعليمي آفيسر ته ھڪ استاد تنظيمين جو عھديدار به شامل ٿيو. مقامي سطح تي تعليم جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ٻوڏ جي ڏينھن ۾ جتي جتي اسڪول بند ٿيا ۽ ماڻھن مختلف ڪيمپن ۽ ھنڌن تي عارضي طور وقت پئي گذاريو اتي به تعليم جو عمل جاري رھيو. اتي ٽينٽ اسڪول جي انتظام ھيٺ بارن کي تعليم ٿي ڏني وئي. ان سان گڏ اسڪولن جي گھرجون پوريون ٿيڻ تي اطمينان جو اظھار پئي ڪيو ويو جنھن جو سبب شايد سردار شاھ جي ھنن تي سرپرستي واري نگاھ آھي ڇاڪاڻ ته ھو تعليم جو وزاير آھي ۽ ھن ئي علائقي سان تعلق رکي ٿو تنھن ڪري ھتان جا ماڻھو وٽس سولائي سان پھچي مسئلو ٻڌائي اھو حل ڪرائن ٿا. ايتري قدر جو استاد تنظيم جي ان نمائندي کي به ان حوالي سان ڪا شڪايت ڪو نه ھئي.

ھن سيشن ۾ منھنجي ڳالھائڻ جو وارو آيو ته مون ڪئناڊا جي تعليمي نظام جي ڪن ڳالھين جو ذڪر ڪيو ته ڪيئن اتي ٻارن کي بي خوف ماحول ۾ تعليم ملي ٿي جنھن ڪري ٻار شوق سان اسڪول وڃي ٿو. ان سان گڏ اھو ته اتي به سڀ شاگرد يونيورسٽين ۾ داخل ڪو نه ٿيندا آھن. پر انھن جي تعليمي معيار جي لحاظ ۽ ترجيح جي حوالي سان ڪي ڪورس موجود آھن جيڪي ڪرڻ سان سندن روزگار جا دروازا کلي وڃن ٿا.

ان سيشن جي پڄاڻي تي مھمانن کي ماني لاءِ سڏيو ويو جتي ماني کائيندي سنگت سان خبرون چارون به پئي ٿيون. لنچ ڪري واندا ٿي ٻاھر نڪتاسين ته جلال ڪوري صاحب ۽ ٻئي ھڪ دوست مون کي پنھنجو تازو ڇپيل ڪتاب مان ۽ منھنجو جھان ڏيڻ جو چيو. مون ڪتاب جو ڪجھ ڪاپيون آنديون ھيون جيڪي انھن دوست کي ڏنم. اتي ھڪ نوجوان ويجھو بيٺو ھو وڌي اڳتي آيو ۽ چيائين ته سر مون کي به ڪاپي ڏيندئو. مون ان کي ڪاپي ڏني. جلال ڪوري ۽ ٻين دوستن کي ڪتاب ڏيندي اڄڪلھ جي رواج موجب ڦوٽو به ڪڍياسين.

جلد پروگرامن جي تسلسل ۾ مومل راڻو ڊرامي پيش ڪرڻ جو اعلان ٿيو. اسان مان دوست مبشر ملڪ کي ان ڏسڻ جو شوق ٿيو تنھن ڪري سڀ گڏجي اچي پنڊال ۾ ويٺاسين. حيدرآباد کان آيل ھڪ ڊراما گروپ جنھن ۾ ڪي ڇوڪريون ۽ نوجوان شامل ھئا تن اھو ڊرامو اسٽيج ڪيو. ڊرامي جي ڪھاڻي ۽ ان جا ٺھيل خاڪن جي باري ۾ اڳ ئي ڄاڻ ھئي ته ڇا ھوندا. حقيقت ۾ اسان کي اھي داستان ٻڌي ٻڌي ايتري ڄاڻ ٿي ويئي آھي جو مومل ۽ راڻي کي پاڻ کي به ڪو نه ھئي. ڪھاڻي جي ته ڄاڻ ھئي پر اداڪارن جي اداڪاري، ڊرامي جا منظر ٺاھڻ ۽ ڊائلاگن جي ادائگي جو لطف پئي ورتوسين.

اسان سنڌين جو جھان به عجيب آھي يا منھنجي سوچ ڪجھ وکري آھي جو مان سوچيندو آھيان ته اسان جي نگاھ ناڪامين، روئڻ پٽڻ يا ڪنھن سان ھمدردي واري ھوندي آھي. ڪاميابي طرف ڪجھ گھٽ ئي ڌيان ڏيندا آھيون. مومل راڻي جي قصي ۾ راڻو پري کان سفر ڪري، ڪشالا ڪري اچي روز ڪاميابي سان مومل سان ملندو ھو. ڊگھي عرصي تائين ھلندڙ تن ڪامياب ملاقاتن جي تعريف يا ان تي سرھا ٿيڻ بجاءِ سڄو زور ان ھڪ رات راڻي جي نه پھچڻ جي ناڪامي تي آھي. اسان سڀني کي فڪر آھي ته راڻو ڇو نه پھتو. جيڪر پھچي پوي ھا ته ڀلو ھو.

اسان ديس ۾ ھجون يا پرديس ۾. سائنس پڙھون يا ڪمپيوٽر جا ماھر بڻجون، ديسي انداز سان زندگي گذاريون يا مغربي طرز زندگي اختيار ڪريون راڪيٽ، خلا، ڊرون بليڪ ھول ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس جي دنيا ۾ رھڻ جي ڳالھين کان پوءِ راڳ جي محفل ۾ موٽي اچي چانگي جي ذڪر تي پھچندا آھيون.

آءُ راڻا رھ رات، تنھنجي چانگي کي چندن چاريان.

مون کي يقين آھي ان راڳ کي ٻڌي جھومندڙ وڏي اڪثريت کي ته چندن جي خبر ئي ڪو نه ھوندي ته اھو آھي ڇا. پر وٺ رينگٽ کي ۽ انھن تنوارن کي جيڪي اسان جي رواج ۽ مزاج موجب آھن.

خير اسان پورو ڊرامو ڏٺي واندا ٿياسين ۽ پروگرام به پڄاڻي کي اچي پھتو ھو تنھن ڪري اڳتي جي فڪر ڪرڻ لڳاسين. دليپ رتناڻي کي ته رات رھڻي ھئي ڇاڪاڻ ته ھن کي اڃا ڪجھ دوستن سان ملڻو ھو. نور محمد بجير ۽ سندس ٽيم به پنھنجي ڪمن ڪارن ۾ مصروف ھئي تنھن ڪري مون مبشر ملڪ ۽ جئي رام داس کي چيو ته ڇو نه پاڻ ھينئر ئي واپس روانا ٿيون. صبح جو رواني ٿيڻ جو مطلب سڀاڻي جو سڄو ڏينھن ئي ويندو. ھو به ان ڳالھ تي متفق ٿيا ته اھو فيصلو بھتر ٿيندو.

ڏينھن ٻه اڳ مون کي فون ڪري ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي جنھن جو تعلق ڳوٺ ٽنڊي ڪولاچي سان آھي سو ھتان گھڻو پري ڪونھي تنھن ٻئي ڏينھن سندس ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ڪن پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ زور ڀريو ھو. نيم رضامندي ھئي پر ان لاءِ ترسڻ ۽ صبح جو اوڏانھن وڃي سڄي ڏينھن جا پروگرامن ۾ شرڪت کان پوءِ روانو ٿيڻ ڪجھ ڏکيو محسوس ٿيو. تنھن کان به فون ڪري معذرت ڪيم. ڊاڪٽر حسين بخش به کاھوڙي ڪردار آھي جيڪو پنھنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ فلاح بھبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھي ٿو جنھن سبب سندس ڳوٺ ۾ ڪافي بھتري آئي آھي.

اسان نورمحمد ۽ سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام تنظيم جي دوستن کان موڪلائڻ جي ڪئي ته ھنن رات رھڻ تي زور ڀريو پر کين چيم ته توھان به پنھنجي ڪمن ڪارن ۾ مصروف آھيو. پاڻ جلد حيدرآباد يا ڪراچي ۾ ملنداسين جتي سڪون سان ڪچھريون ڪبيون. اسان جي اصرار تي ھنن اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏني. اسان کانئن موڪلائي ڪراچي طرف راھي ٿياسين. رستي ۾ ڪٿي چانھ، ڪٿي ڊنر ڪندا ھلندا اچي ڪراچي پھتاسين.

اڄ پھرين جنوري نئين سال جو پھريون ڏينھن ھو. پوئين رات نئين سال جي آمد تي نوجوانن مست ٿي گذاريو ھوندو. دنيا جي ڪيترن وڏن شھرن ۾ ميڙاڪا ۽ آتشبازي جا مظاھرا ٿيا ھوندا. اھڙو ھڪ وڏو جشن ٽورنٽو شھر ۾ به ٿيندو آھي جتي نوجوانن جا ميلا، ميوزڪ ۽ آتشبازي به ٿيندي آھي. ناگرا فال جي ڪرندڙ پاڻي تي رنگ برنگي روشنيون ھڻي ان جي نظاري کي وڌيڪ دلڪش بڻايو ويندو آھي. آتشبازي جو مظاھرو به ڏسڻ وٽان ھوندو آھي جنھن دوران روشنين جي جھرمر ٿيڻ تي فضا حسين ٿي ويندي آھي. دنيا جي انداز کي اختيار ڪرڻ جي شوق ۾ ڪراچي جا نوجوان به سماجي پابندين کي ڪٿي ٽوڙي ڪٿي گوھي ڏئي ڪجھ تفريح ڪري وٺندا آھن. پوئين رات ھتي ڪراچي ۾ ڇا ٿيو ڇا نه ٿيو تنھن جي سڌ ڪانھي ڇاڪاڻ ته اسان سفر تان موٽياسين ته سمھي رھياسين.

اڄ صبح آچر جو ڏينھن ھو ملڪ مبشر کي ياد ايو ته آچر جي صبح صدر ۾ پراڻن ڪتابن جي بازار لڳندي آھي پاڻ ڇو نه اوڏانھن ھلي ڪتاب ڏسون جي ڪو ڪم جو ڪتاب ملي وڃي ته خريد ڪريون. صلاح وڻي تيار ٿي صدر ۾ ريگل چوڪ وٽ آياسين جنھن جي ويجھين گھٽين ۾ اسٽال لڳل ھئا، آچر ڏينھن صبح جو دڪان بند ھوندا آھن ان ڪري ھي ڪتاب وڪڻڻ وارا اچي گھٽين ۾ عارضي اسٽال لڳائيندا آھن. انھن ڪتابن مان ڪي ناياب ڪتاب به ملي ويندا آھن ته سستا به ھوندا آھن. ڪي پڙھيل يا پراڻا به ھوندا آھن پر پڙھڻ لائق ھوندا آھن. ڪي ڪتاب دوست جن کي ھي مارڪيٽ سمجھ ۾ اچي ويئي آھي سي پيا ايندا آھن.

ڪتاب علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو آھن. ان ڪري علم دوست ماڻھو ڪتابن پڙھڻ جو شوقين ھوندو آھي. اڳ جڏھن ڪتابن پڙھڻ لاءِ ھي جديد طريقا موجود ڪو نه ھئا تڏھن لائبرين جي اھميت ھوندي ھئي. ڪي ماڻھو ڄاڻ جي تلاش ۾ لنڊن جي برٽس لائبرري تائين وڃي پھچندا ھئا جتي ورھاڱي کان اڳ جو سرڪاري رڪارڊ به موجود آھي. ھڪ ڀيري خان عبدالولي خان پاڪستان جي ٺھڻ ۽ ورھاڱي کان اڳ جي ڪن معاملن متعلق بيان ڏئي ڇڏيو جيڪو ھتي جي عام ٿيل ڄاڻ جي برعڪس ھو. ان تي ممڻ مچي ويو مٿس وڏي تنقيد ٿي تنھن جي جواب ۾ ھن اھو چيو ھو ته اھو سڀڪجھ ته مان برٽس لائبريري ۾ ويھي انڊيا جي پراڻي رڪارڊ مان پڙھي آيو آھيان ڪنھن کي شڪ آھي ته اتي وڃي اھو پڙھي.

پر جي حقيقت تي غور ڪجي ته ڪتاب گھڻو ڪري اڻ ڌري ڄاڻ ڪو نه ٿا ڏين. اھي به ڪن درٻاري ليکڪن طرفان حڪمرانن جي حق ۾، ڪن نظرين، عقيدن يا ڪنھن سوچ جي اثر ھيٺ لکيل ھوندا آھن. انھن مان مليل ڄاڻ جي بنياد تي علم ڪيئن حقيقي ھوندو سو پنھنجي جاءِ تي ھڪ سوال آھي. مثال طور ڪرسٽوفر ڪولمبس جيڪو پھريون ڀيرو آمريڪا پھتو ۽ جنھن جي سفر يورپي قومن جي اوڏانھن وڃڻ جو رستو کوليو تنھن کي مغربي ماڻھو مھم جو، جاگرافي جو ماھر، فلڪيات جو ڄاڻو لکن ٿا تنھن جي عيبن کي ھو لڪائين ٿا ڇو جو ھن جي ڪري ئي يورپي قومن کي فائدو ٿيو. ھن جي ڏوھن تي پردو وجھندي ھن جي عھدي تان ھٽڻ کي ايئن بيان ڪن ٿا جيئن ڪو رواجي معمولي معاملو ھجي.

پر وقت گذرڻ ۽ تحيق جي نتيجي ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا آھن سي ته صورتحال جي مختلف رخ سامھون آڻين ٿا.

۴ مئي سن ۱۴۹۳ تي پوپ اليگزينڊر ڇھين فرمان جاري ڪري آمريڪا جي سرزمين اسپين جي بادشاھ ۽ ان جي راڻي ازابيلا کي بخشي. ان حڪم ۾ اھو به چيو ويو ھو ته آمريڪا جي مقامي قومن جو تختو اونڌو ڪري انھن جو مذھب مٽرائي انھن کي عيسائي بڻايو وڃي. انھن ڏينھن ۾ پوپ جو اھو اختيار سمجھيو ويندو ھو ته ھو اھڙو فرمان جاري ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو. ان فرمان جي حوالي سان ڄڻ ته اسپين جو بادشاھ آمريڪا جي وسيع سرزمين جو مالڪ بڻجي ويو.

اسپين جي بادشاھ شروع ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس جون خدمتون حاصل ڪيون جنھن کي ھن ان نئين سرزمين جو گورنر بڻايو جيڪا ھنن اڃا ڏٺي ئي ڪو نه ھئي. ڪولمبس کي اتان حاصل ٿيندڙ آمدني مان ۱۰ سيڪڙو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪولمبس کي گھربل فنڊ ڏيڻ سان گڏ کيس جديد ھٿيار، شڪاري ڪتا، ڪي مھم جو، ڪي سيڙپ ڪرڻ جا خواھشمند، ڪي ڪرائي جا ويڙھاڪ ڏنا ويا. جڏھن ھي يورپي ان سرزمين جي ڪن علائقن ۾ پھتا ته اھا خبر پين ته ھتان جي باشندن وٽ رڳو ڪاٺي جا تير، ڪاٺي جون لٺيون يا ڪي پٿر ھئا.

جڏھن ڪولمبس ليٽن يا اسپينش زبان ۾ کين اھو پيغام پھچايو ته عيسائي ٿي وڃو ۽ اسان جي حڪمراني کي مڃو ۽ ھن زمين تي اسان جي اختيار کي قبول ڪيو ته شروع ۾ ھنن ڳالھ ئي نه پئي سمجھي. جڏھن سمجھ ۾ آين ته ھنن ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ھو صدين کان مالڪي ھيٺ زمين ۽ پنھنجي آزاد سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. اھڙي انڪار تي يورپين مٿن ظلم شروع ڪيا جن ۾ ماڻھن جا ڪن ۽ نڪ ڪٽڻ، معصوم ٻارن کي شڪاري ڪتن آڏو اڇلائڻ سان گڏ ماڻھن جو ڪوس ڪرڻ شروع ڪيو.

جيتوڻيڪ آمريڪا جي ٻنھي کنڊن جن ۾ نارٿ ۽ سائوٿ آمريڪا اچي وڃي ٿو تنھن منجھان سائوٿ کنڊ جا رھواسي ۵۰۰۰ ھزار سالن کان ڪيترن ئي تھذيبن ۽ منظم معاشرن جا خالق ھئا. جن ۾ مايا جھڙي ھڪ مشھور تھذيب به شامل ھئي جيڪا ۲۶۰۰ سال قبل مسيح وجود ۾ آئي. ھو فلڪيات جي علم جا ماھر ھئا جن مختلف مقصدن لاءِ جيڪي ٽي ڪيلنڊر ٺاھيا ھئا سي ڪمال حد تائين درست ھئا.. ان سان گڏ سائوٿ آمريڪا جي موجودھ ملڪن پيرو، ميڪسيڪو، ۽ ٻين علائقن ۾ منظم معاشرا موجود ھئا جتان جا ماڻھو پرامن ماحول ۾ رھندا ھئا جتي نه سرحدي جھيڙا ھئا ته نه وري ڪو فساد ھو.

پر يورپ مان ايندڙن مٿن حاوي ٿيڻ ۽ سندن ڪوس واري عمل کي يورپ وارن کي درست مڃرائڻ لاءِ ھنن مقامي ماڻھن کي ڪمتر ڪري پيش ڪيو. ھنن مقامي ماڻھن کي وحشي، جھنگلي، غير مھذب، ڪمتر، ڪٺور، درندا، ڍونڍ کائيندڙ پکي، بگھڙ، ماري ڇڏڻ جھڙا درندا، ملحد، لاقانونيت ۾ رھندڙ، بنا بادشاھ جي رھندڙ قرار ڏنو. جنھن جو مطلب ته انھن جي ڪوس يا مٿن ظلم تي ڪو ترس نه کائي. انھي سرزمين تي پوءِ ڪروڙين ماڻھن جو ڪوس ٿيو جنھن کي دنيا کان ڊگھي عرصي تائين لڪايو ويو.

ٻئي چڪر ۾ ڪولمبس ۱۷ بحري جھاز ۱۲۰۰ سپاھي ۽ پادرين سميت انھي سرزمين جي ڪن علائقن ۾ پھتو. نون علائقن ۾ وڃي ھن دولت گڏ ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻھن تي جيڪي ظلم ڪيا سي انھن لاءِ قيامت صغرا کان گھٽ ڪو نه ھئا. جن اھو سڀڪجھ ڪري پرائي سرزمين تي حڪمراني قائم ڪئي تن جون ھي نسلون اڄ مھذب دنيا جون مھندار ٿيون چورائين. انھن جا اديب يورپي قومن جي انھي ڪردار کي وائکو ڪرڻ بجاءِ ان تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا رھيا آھن.

ماضي قريب کي ئي ڏسو ته ملڪ جو ڊڪٽيٽر ايوب خان پنھنجي لکيل ڪتاب فرينڊس ناٽ ماسٽرس ۾ جيڪو ڪجھ لکيو آھي سو سندس عملي ڪردار کان مختلف آھي. ايندڙ وقت ۾ ھي ڪتاب پڙھندڙ ھن کي ڪيڏو نه وڏو ماڻھو سمجھندا. ان سان گڏ اختر عبدالرحمان جو لکيل ڪتاب خاموش مجاھد افغان لڙائي ۾ سندس ڪردار جي ڳالھ ڪري ٿو. جڏھن ته ان لڙائي جي حقيقت ڇا ھئي، ڪنھن لاءِ پئي وڙھي ويئي، ان ڪردار ڪيتري دولت تي ھٿ صاف ڪيا ھئا تن جي اڄ جي ماڻھن کي ته خبر آھي پر ڇا ايندڙ نسل ھي ڪتاب پڙھي درست تاريخي معلومات رکندي؟.

اھي سڀني ڳالھيون ڄاڻندي به علم جي طلب رکندڙن وٽ اھي ڪتاب پڙھڻ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو وڏو وسيلو آھي. اسان جيڪو ڪجھ تاريخ بابت ڄاڻون ٿا. ماضي جي علم، سقراط جي ڏاھپ، جرمن فلسفين جي ڏاھپ جا ڏس، روشن خيال دانشورن جون ڪاوشون، طبقاتي جدوجھد، انقلاب فرانس کان انقلاب روس تائين جا جيڪو علم آھي سو ڪتابن ذريعي اسان تائين پھتو آھي. ان ڪري ڪن ادبي بدديانتين جي باوجود ڪتاب جي اھميت ۽ ضرورت کي مڃڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونھي. پر ڪن ان کان سواءِ به رھڻ جو جھان ٺاھي ورتو آھي.

اکر پڙھ الف جو، ورق ٻيا وسار،

اندر تون اجار، پنا پڙھندين ڪيترا.

جتي علم جي ھميشه اھميت رھي آھي اتي ڪي عشق کي مٿاھون سمجھندڙ وري عشق ۾ فنا ٿيڻ کي ئي ڪاميابي سمجھن ٿا.

اسان ڦيرو ڏئي پنھنجي پسند جا ڪي ڪتاب ورتا. اتان واندا ٿي روڊ تي آياسين ته صبح جي وقت دڪانن آڏو روڊ تي والار ڪري ھوٽل ھلائيندڙن ٻاھر روڊ تي ڪرسيون رکي چانھن يا نيرن جنھن ۾ گھڻو ڪري چانھن اڦڙاٽو يا بيدو ھوندو آھي پيا ڏيندا آھن. اسان ھن جھان ۽ عام زندگي جو نظارو ۽ لطف وٺڻ لاءِ ڪرسيون ڇڪي ويھي چاءِ جو آرڊر ڏئي پاڻ ۾ حوال ڪرڻ لڳاسين. اتي اسلم کٽياڻ جيڪو سنسار پبليڪيشن جو سرواڻ آھي ۽ ان سان گڏ عبدالواحد سومرو جيڪو ليکڪ آھي تن تي نظر پئي. کين سڏي پاڻ سان چانھن پيئن جي صلاح ڪئي سين. ھو به اسان سان اچي ويٺا. ھنن ٻڌايو ته ڪي دوست ھن ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا آھن جن سان ھتي ھفتي ٻئي ملاقات ٿي ويندي آھي.

 منجھند ڌاري موٽي فليٽ تي پھتاسين. پروگرام موجب اڄ ڊاڪٽر جبار خٽڪ مبشر ملڪ ۽ سندس گھر واري کي پنھنجي گھر دعوت تي گھرايو ھو تنھن ڪري ھو اوڏانھن ھليو ويو. ڊاڪٽر جبار خٽڪ عوامي آواز اخبار گروپ جو سرواڻ آھي. ھو ماضي ۾ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو سرگرام ڪارڪن رھي چڪو آھي. ان سان گڏ کاٻي ڌر جي نظرياتي جدوجھد سان سلھاڙيل رھيو آھي جنھن ڪري کيس جيلن ۽ اذيتن کي منھن ڏيڻو پيو ھو پر ھن اھا سختي حوصلي سان برداشت ڪئي ھئي. ملڪ مبشر سان انھن ڏينھن جو تعلق اٿس ان ڪري ڪراچي ۾ ھجڻ تي اسان جي ساڻس ميل ملاقات رھندي آھي ۽ ھو اسان جي فنڪشن منعقد ڪرڻ ۾ مددگار رھندو آھي. پوئين ڀيري ٽورنٽو شھر ۾ ٿيل سانا ڪنوينشن ۾ آيو ھو ته ھو مبشر ملڪ جو مھمان ٿيو ھو. مٿين ناتي سان ھن سان پنھنجائپ وارو رشتو آھي.

اڄ آچر ڏينھن مون منجھند کانپوءِ وري پنھنجي ڪن دوستن سان ملڻ جو پروگرام طي ڪري ڇڏيو ھو جن ۾ منھنجو ڀاڻج غلام شبير ڪولاچي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو، ڊاڪٽر سعيد ابڙو ۽ ڊاڪٽر برما جيسراڻي شامل ھئا. غلام شبير نوڪري سانگي حيدرآباد ۾ رھندو آھي سو ڪنھن موڪل جي ڏينھن ڪراچي ايندو آھي. ڏينھن ٻه اڳ چيو ھئاسين ته ھن آچر تي توھان سان ملڻ ايندس. اسان جو يار عبدالحفيظ ابڙو ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر سعيد ابڙي به اچڻ جو ٻڌايو ھو. جن سان ملي حال احوال پئي ٿيا ته ڪجھ دير کان پوءِ ڊاڪٽر برما جيسراڻي اچي نڪتو جنھن سان اسڪالا جي ايندڙ فنڪشن جي پروگرام کي ترتيب ڏيڻ جا صلاح مشورا ٿيا. ڊاڪٽر برما سان ان وقت کان تعلق آھي جڏھن کان ھي اسٽيل مل ۾ ڊاڪٽر طور ڪم ڪندو ھو. پوءِ ھن ڪراچي واٽر بورڊ ۾ نوڪري ورتي جتي اڄ به ڊپٽي ميڊيڪل انچارج آھي. ھيومن رائٽس جي حوالي سان ھڪ پڪو ڪارڪن آھي. انساني حقن جي لتاڙ تي ڪنھن تحريڪ يا مظاھري ۾ پھرين صفن ۾ ھوندو آھي. بي لوث ڪارڪن آھي ان ڪري ھر ڪو سندس عزت ڪندو آھي. ائين سنڌ جي سڄاڻ لڏي ۾ سندس ڪافي واقفيت ۽ ڄاڻ سڃاڻ اھي. لاڙڪاڻي ضلعي جي قمبر شھر سان تعلق رکندڙ ھي کاھوڙي ڪردار آھي

شام تائين سنگت سان چوياري رھي. ھو ھوريان ھوريان موڪلائي ويندا رھيا. ڪن جو خيال ھو ته شام جو گڏجي ڪيڏانھن ھلون پر مون کين ٻڌايو ته اڄ رات اسان کي دوست ارشاد شيخ جي پٽ جي وليمي ۾ شرڪت لاءِ وڃڻو آھي. ان ۾ شرڪت ڪندڙ دوست شام جو ھتي اچي گڏبا جتان پوءِ اسان اوڏانھن وينداسين. ان پروگرام جي ڪري سڀني موڪلايو. مان تيار ٿي ويٺس ته سنگت به ھوريان ھوريان پھتي جنھن ۾ ڊاڪٽر شاھد قريشي، عبدالجبار لاشاري، ملڪ مبشر شامل ھئا. وقت ٿيڻ تي گڏجي اوڏانھن روانا ٿياسين.

ارشاد شيخ جو تعلق لاڙڪاڻي شھر سان آھي، ٺيڪيداري ۽ تعميراتي ڪم ڪندو رھي ٿو. اسان جو پيارو دوست آھي. سندس ٻار ڪئناڊا ۾ رھن ٿا جن ڪري ھو ڪئناڊا ايندو ويندو رھندو آھي. ان ڪري ھتي ھجون يا اتي ھجون رابطو، تعلق ۽ ميل ملاقات رھندي آھي. بيحد ملنسار، يار باش ۽ پرخلوص ماڻھو آھي تنھن سان ملڻ تي دل ڪڍندي آھي. ھتي اچڻ تي ميل ملاقات رھي ۽ اسان کي ھن وليمي ۾ اچڻ لاءِ دعوت ڏني ھئي.

شام جي وقت گڏجي ڊفينس جي علائقي جي ھڪ ڪلب ۾ رکيل ھن دعوت ۾ شريڪ ٿياسين جتي ڪي ٻيا دل گھريا دوست مليا جن ۾ عثمان شيخ به شامل ھو. عثمان شيخ پڻ زندھ دل ماڻھو آھي جنھن جي چوياري ۾ لطف ايندو آھي. اتي پھچي ارشاد کي مبارڪ باد ڏئي يارن دوستن سان ملي ڊنر ڪري، سٺو وقت گذاري رات جو واپس آياسين.

اسان جي اڃا تائين سائين سيد سردار شاھ سان ملاقات ڪو نه ٿي ھئي. اسڪالا جي فنڪشن جي تاريخ مقرر ٿيڻ ۽ ان تاريخ ھال ملڻ جي پڪ ٿيڻ تي اسان شاھ صاحب سان ملڻ چاھيو ته ملاقات سان گڏ کيس ان فنڪشن ۾ خاص مھمان طور شرڪت جي دعوت به ڏيون. ملڻ لاءِ سنگت مان، مبشر ملڪ ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي شامل ھئاسين. اسان سندس سيڪريٽري کان ان معلوم ٿيڻ تي ته ھو آفيس ۾ موجود آھي ته اوڏانھن روانا ٿي جلد پھتاسين.

سائين جا دروازا اسان لاءِ کليل رھندا آھن. ان ڪري اتي پھچي سڌو سندس آفيس ۾ داخل ٿياسين. ان وقت سائين ھڪ صوبائي وزير سان ملاقات ڪري رھيو ھو. اسان جي اچڻ تي ملي دعا سلام ڪري چيائن ته توھان منھنجي شھر عمر ڪوٽ ۾ پئي گھميا ڦريا پر مون کي ٻڌايو ئي ڪونہ. اسان کيس ٻڌايو ته اسان ڪن پروگرامن سبب اتي ھياسين باقي توھان سان ملڻ جو پروگرام ڪراچي ۾ رٿيل ھو. اسان کيس فنڪشن ۾ خاص مھمان طور شرڪت جي درخواست ڪئي جيڪا ھن قبول ڪندي سيڪريٽري کي اھا شام جي مصروفيت نوٽ ڪرڻ جو چيو. اھو اوضع رھي ته اسان ھميشه اسڪالا جي پروگرامن ۾ کيس ئي خاص مھمان ڪندا آھيون. ھو شاعر، اديب ۽ سڄاڻ ماڻھو آھي ان ناتي سان ھو اسان جي ترجيح رھندو آھي.

اسان ٽورنٽو شھر ۾ ڪلچر کاتي ۽ اسڪالا جي سھڪار ھيٺ رٿيل پروگرام جي ڪينسل ٿيڻ واري موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ھن ٻڌايو ته ھن ڀيري مينھن جي تباھ ڪارين جي ڪري اسان شھرن مان پاڻي ڪڍرائڻ ۽ مختلف علائقن ۾ ماڻھن جي سار سنڀال ڪرڻ ۾ ڏاڍا مصروف ھئاسين. جڏھن سنڌ ڏکئي حالتن ۾ ھئي انھن ڏينھن ۾ ٻاھر وڃڻ جو وقت موزون ڪو نه ھو تنھن ڪري پروگرام ڪينسل ڪيوسين. ھاڻ وري توھان سان صلاح ڪري ڪنھن وقت اھو پروگرام ٻيھر ٺاھينداسين.

 اسان کيس چيو ته توھان سان ھر ڀيري وانگر ٽي چار ڪلاڪ ڊگھي ڪچھري ڪرڻي آھي. توھان جي آفيس ۽ گھر ته ملاقاتين جو اچڻ وڃڻ رھندو آھي ان ڪري اسان جي فليٽ تي اچو جتي سڪون سان ڪي چار گھڙيون شاعري، ادب، سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪريون. ھن پنھنجي مصروفيت چيڪ ڪرائي ٻئي ڏينھن شام جي وقت اچڻ جو پروگرام طي ڪيو.

اسان چاءِ پئي پيتي ته سردار شاھ کي ٻڌايو ويو ته ڪيترا ماڻھو توھان سان پنھنجن مسئلن لاءِ ملڻ آيل آھن. ھن سيڪريٽري کي واري واري سان ماڻھن کي اندر موڪلڻ جو چيو جنھن تي ماڻھو ايندا ويا ۽ پنھنجا مسئلا ٻڌائيندا رھيا. فيصلي ڪرڻ جي قوت ڪنھن جي صلاحيتن جي عڪاسي ڪندي آھي. مون کي ڏسي اھو محسوس ٿيو ته شاھ صاحب مسئلو ٻڌي ان کي سمجھڻ لاءِ ڪي سوال ڪري ان بابت ذھن ٺاھي بنا دير جي فيصلا ڪندو ٿي ويو جنھن ۾ اڪثر ماڻھن جا ڪم پئي ٿيا. ملڻ به سولو ته جائز ڪم ڪار به ٿيو وڃي ته پوءِ ماڻھو ملڻ ڇو نه ايندا. اتي ڪنھن ماڻھو جڏھن ھڪ شھر جي تعليم کاتي جي آفيس ۾ رشوت گھرڻ جي شڪايت ڪئي ته سائين ان کي گھڻو سنجيدھ ورتو ۽ ان جي ضلعي آفيسر کي ان وقت ئي فون ڪري سختي سان ان معاملي جي جاچ ڪري ان جي رپورٽ ڏيڻ جو چيو.

ھڪ پٺيان ٻيو ماڻھو پئي آفيس ۾ داخل ٿيو جنھن مصروفيت کي ڏسي اسان سائين کي چيو ته پاڻ سڀاڻي ته ڪچھري ڪنداسين ان ڪري توھان اڄ ھنن ماڻھن جا مسئلا ٻڌو. ايئن اسان سردار شاھ کان موڪلائي واپس روانا ٿياسين. واپس ايندي ورانڊي ۾ نالي وارو اديب ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي ملي ويو جنھن سان دعا سلام ڪئي سين ته ھو وڇي پنھنجا تازا ڇپيل ڪتاب کڻي آيو ۽ اسان کي اچي اعزازي ڪاپيون ڏنائين. اتان پوءِ سنگت کان موڪلائي واپسي ورياسين.

ٻئي ڏينھن شام جي وقت اسان ڪي دوست گڏ ٿياسين جن ۾ اسان جي روز جي چوياري جي سنگت سان گڏ علي گل ميتلو، دليپ رتناڻي، سڪندر بلوچ، لعل بخش ڪولاچي به شامل ھئا. ڪامران قريشي، شاھد قريشي جو ننڍو ڀاءُ ھئڻ ڪري اسان جو ننڍو ڀاءُ آھي. ھو جھان ديدھ ماڻھو آھي شھر ۾ ڪھڙو ڪم ڪيئن ٿيندو سو بھتر طور ڄاڻي ٿو. اسان جي ڪمن ڪارن جو گھڻو وزن مٿس ھوندو آھي. اسان کيس صبح جو ئي مھمانن جي اچڻ جو ٻڌائي ڇڏيو ھو تنھن ڪري ھن ميزباني لاءِ گھربل سامان وغيرھ جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. ماني ٽڪي جي ذميواري اسان دوست سريش ڪمار تي ھئي جيڪو راڄڌاني ھوٽل جو مالڪ ھئڻ ڪري ان انتطام ڪرڻ جي بھتر پوزيشن ۾ آھي. ان جي مدد ٻئي اسان جي دوست شيام پئي ڪئي. اسان فليٽ ۾ اڪيلا رھيل ھئاسين پر سنگت جا قرب جو ھنن سڀ ذميورايون سنڀالي ورتيون جنھن ڪري اسان سڪون سان سائين سان ڪچھري ڪندا ٿي رھياسين.

ڪچھري ڪن ادبي ۽ سماجي موضوعن تي خيالن جي گھرائي سان ڏي وٺ تي ٻڌل ھئي جنھن ۾ ھر ڪنھن سنجيدگي ۽ دليلن سان پئي ڳالھايو جنھن کي ٻين غور سان ويٺي ٻڌو. شاعرن ۽ انھن جي تخليق تي سردار شاھ جي وڏي ڄاڻ آھي تنھن شاھ سائين جي ڪلام جي معيار تي خيال پئي پيش ڪيا. ان سان گڏ ڪن ٻين شاعرن جن صوفي جانڻ چن ۽ مولوي احمد ملاح جي شاعري جي معيار جو به ذڪر ٿيو. سردار شاھ پاڻ به ڀلوڙ شاعر آھي جنھن جا پنھنجا شعر به ڪافي اثر ڪندڙ آھن جن کي ڀرپور مڃتا ملي آھي.

۱. اسان لاءِ سنڌ وطن آھي، اسان جي روح تي پاتل اسان لاءِ ڄڻ بدن آھي.

۲. ڪالھ جڏھن ڪنھن ويندي ويندي مون کان منھنجو ديس پڇيو ھو.

ان سان گڏ اردو مشاعري ۾ پڙھيل سندس ڪلام

۳. نیند کی نيا پر اک سپنا دور تلک لے جائے موهے دور تلک لے جائے

شعر ادب جي مکيه صنف آھي جنھن ذريعي پيغام موثر طريقي سان ٻين تائين پھچائي سگھجي ٿو. سعدي شيرازي جو شعر بعنوان بني آدم جنھن ۾ ھو چوي ٿو ته

بني آدم ھڪ جسم مثل آھن جيڪڏھن جسم جي ھڪ حصي کي تڪليف ٿئي ۽ بيو ان تي بيچين نه ٿئي ته اھو انسان چورائڻ جي لائق ڪونھي. ان شعر ۾ انسانيت ڀرئي پيغام کي ايترو پسند ڪيو ويو جو اھو اقوام متحدھ جي مکيه ھال جي گيٽ تي لڳل آھي.

ائين شاھ لطيف جي دعا جنھن ۾ ھو پنھنجي ديس لاءِ دعا ڪرڻ سان گڏ سڄي دنيا جي انسانن لاءِ خير گھري ٿوتہ

سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

ان کان سواءِ به سندس کوڙ اھڙا شعر آھن جن کي عالمگير مڃتا ملي سگھي ٿي. ھتي اھو سوا اٿي ٿو ته ايرانين پنھنجي شاعر کي دنيا ۾ روشناس ڪرائي مڃتا ڏياري پر اسان جي دنيا پاڻ تائين محدود آھي. اسان شاھ سائين کي گھڻو ڪري ھڪ ٻئي کي ٻڌايون ٿا. ٻاھر ان جو تعارف ان جي پيغام کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪوتاھ رھيا آھيون.

اڳ شعر شاعري جي علم جي حساب سان به ٺاھيا ويندا ھئا جنھن ۾ بحر ۽ وزن جو خيال رکيو ويندو ھو سو ھڪ متوازن شعر بڻجي ويندو ھو. اھو به ھن صنف جو علم ھو جيڪو ڪافي حد تائين نظرانداز ٿي چڪو آھي. راڳي وري شعرن کي ڪنھن سر ۾ ڳائي ان کي سريلو ڪري ڇڏيندا آھن

علامه آءِ آءِ قاضي پنھنجي ڪتاب صوفي لا ڪوفي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آھي تنھن جي ھڪ مضمون شاھ لطيف جي شاعري ۽ فن ۾ شاھ لطيف جي شاعري کي پرکيندي ھن لکيو آھي ته پھريان ته شعر ڇا آھي تن کي ڪسوٽين تي پرکيو وڃي. عالمي معيار موجب شاعري کي پرکڻ جون ٽي ڪسوٽيون آھن جنھن ۾ ھو پھرين ڪسوٽي ته شعر اھو جيڪو ڳائي سگھجي کي سمجھي ٿو جيڪو ڪارلائل جو به خيال ھو. سندس موجب شاھ جو ڪلام ان ان ڪسوٽي تي پورو لھي ٿو. شاھ جي شعر ۾گھرن احساسن ۽ امنگن مان سرجي نڪتا آھن.

پر اڄڪلھ آزاد نظم ۽ پوءِ نثري نظم جا حمايتي انھن پابندين کي ڪو نه ٿا مڃين ھنن جو چوڻ آھي ته شاعري کي ڇو قيد ڪيو وڃي. بنا پابندين جي شاعري جي عام ٿيڻ سان شاعرن ۾ ڪافي واڌارو ٿيو آھي ۽ اڪثر شاعري جا ڪتاب آزاد نظم واري مواد وارا ئي ڇپجن ٿا. ھڪ ڀيري ھڪ نالي واري عورت طرفان سندس فيس بوڪ وال تي رکيل ھڪ نثري نظم بابت کائنس پڇيم ته ميڊم ھي نثر آھي يا نظم. شايد ڳالھ نه وڻيس ان ڪري ڪو جواب ڪو نه ڏنائين.

ھڪ ڀيري ٽورنٽو شھر ۾ ھڪ سڄاڻ عورت مون کي ھڪ سنڌي شاعرھ جو ڪتاب ڏنو جيڪا سندس دوست ھئي. گھر ۾ وڃي ڪتاب پڙھيم ته ان ۾ ڪو ڍنگ جو شعر ڪو نه ھو. ڪافي صفحن تي چئن سٽن جو ھڪ شعر ڇپيل جنھن جو مطلب صفحا وڌائي ڪتاب پورو ڪرڻو ھو. اٽڪل ٻن ھفتن کان پوءِ ملاقات ٿي پڇيائين ته تو ڪتاب پڙھيو وراڻيم ته ھا. مٿان سوال ڪيائين ته ڪيئن لڳو تنھن تي کيس چيم ته ان جي جواب ڏيڻ کان اڳ توھان کي پنھنجي شاگردي جي زماني جو قصو ٿو ٻڌايان.

 اسان فرسٽ ييئر سائنس ۾ پڙھندا ھئاسين. ھڪ سبجيڪٽ اردو ٻولي جو ھو. ان ڪتاب ۾ ھڪ سبق گفتگو ڪرڻ جي موضوع تي به ھو. استاد ان کي بھتر سمجھائڻ لاءِ مشق ڪرائڻ مناسب سمجھيو ان لاءِ ٻن شاگردن کي اڳتي اچڻ لاءِ چيائين. کين چيائين ته توھان مان ھڪ ڊاڪٽر آھي ۽ بيو مريض ھاڻ پاڻ ۾ علاج جي موضوع تي اردو ٻولي ۾ گفتگو ڪريو. جيڪو مريض جو رول ڪري رھيو ھو تنھن چيو تُه ڊاڪٽر صاحب مجھي گلي ۾ تڪليف ھي. ڊاڪٽر وارو رول ادا ڪندڙ چيس ته وات پٽو. خير ڪلاس پورو ٿيو ته اسان ان دوست کي چيو ته تون اھو ٻڌاءِ ته وات پٽو ۾ ڪھڙو لفظ اردو ٻولي جو ھو. ان محترمه کي به چيم ته سڄي ڪتاب ۾ ڳوليم پئي ته شعر ڪھڙو آھي پر نه مليو. ڳالھ نه وڻيس چيائين ته پوءِ توکي شاعري جي خبر ئي ڪونھي.

سنڌي ماڻھو پڙھيل ھجي يا اڻ پڙھيل شاعري سان سندس لڳاءُ رھي ٿو. اسان جي ٻھراڙي جا سگھڙ جيڪي شعر ٺاھين ٿا يا ٻولي استعمال ڪن ٿي سي ڄڻ ته بولي جا نگھبان آھن. ھو نج ٻولي، مروج اصطلاح ۽ انداز بيان ڪن ٿا. اسان جا بزرگ پير پوءِ مخدوم خاندان ھجي، پير لنواري وارا ھجن. شاھ سچل سامي، صوفي فقير ھجن يا بلوچستان جي حدن ۾ چيزل شاھ ھجي سي سٺا شاعر ھئا. ان جو سبب اھو ھو ته سنڌي ماڻھو شاعري پسند ڪندو ھو ۽ راڳ سنڌي معاشري جي ھڪ مکيه تفريح رھي آھي.

اسان سنڌي ايترا سريلا آھيون جو اسان جي ماءُ جي لولي ھجي يا ڪنھن جي مرتئي تي عورت پار ڪڍي سي به ڪنھن سر ۾ ھوندا آھن.

سماجي مسئلن تي ڳالھائيندي روايتي سوچ ۽ ويساھن تي منھنجو خيال ھو ته گھڻو ڪري اسان ڪن چوڻين تي اکيون بند ڪري ويساھ ڪري ان کي ڳالھ جو محور بڻايو آھي مثال طور عبدالرحيم گروھڙي جن جي اھا پيشنگوئي ته جڏھن ڪڏھن سنڌڙي تو کي قندارئون جوکو. قنڌار جي طرف کان ته حملا ٿيندا رھيا ھئا ان سان گڏ ان علائقي جي ماڻھن جي سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ڊگھي عرصي کان جاري آھي. اھو ته ڊگھي عرصي کان ھر ڪنھن پئي ڏٺو. ان ڪري ان لاڳيتي تاريخي عمل جي تسلسل ۾ ڪا پيشنگوئي ڪرڻ ڪھڙي نئين ڳالھ آھي جنھن تي اسان ايترا متاثر آھيون.

حقيقي پيشنگوئي اھا ھجي ھا جو اھڙي طرف کان خطرو ظاھر ٿئي ھا جنھن جو ڪنھن کي وھم گمان ڪو نه ھو مثال طور ورھاڱي کان پوءِ ٿيل مشرق جي طرف کان لڏ پلاڻ جنھن سنڌ جي سڃاڻپ کي ئي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي. ان وڏي آبادي جي اچڻ تي جيڪو قومي سڃاڻپ کي خطرو ٿيو آھي تنھن خوف ۾ اسان ڏڪندي گذاريون ٿا. اھڙي خوف ۾ ملڪ ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ ھر عمل کي ان جي پس منظر ۾ ڏسون ٿا. ايڏو وڏو جوکو پر سنڌ جي ڪنھن بزرگ ان جي پيشگي نشاندھي ڪو نه ڪئي. اھا ڳالھ ڊاڪٽر علي گل ميتلي کي وڻي جنھن چيو ته اسان ته ان طرف سوچيو ئي ڪو نه ھو.

سڪندر بلوچ ان موقعي تي ڪونيا ترڪي جي دوري جا تاثرات بيان ڪيا ۽ ھن اتي جي ماحول، ماڻھن جي انھي نظريي سان سلھاڙجي ان ۾ رنگ ۾ رنگجڻ جي ڪي قصا بيان ڪيا. ايئن ھر ڪنھن سوال پڇي سردار شاھ کان ڪنھن موضوع تي معلومات ٿي ورتي ته ڪٿي ڪن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ پئي ٿي. شاھ صاحب جتي ڪافي موضوعن تي گھري ڄاڻ رکي ٿو اتي ھو ڪلام ڪرڻ جي حوالي سان به صلاحيت رکي ٿو. ان ڊگھي ڪچھري جو بيحد لطف آيو.

سردار شاھ ڪافي ڊگھي ڪچھري کان پوءِ موڪلايو تنھن کان پوءِ اسان پنھنجي روايتي ڪچھري ۾ ويھي رھياسين.

ڪراچي شھر ۾ رھندي خبر پئي ته ڪئناڊا مان اسان جو دوست شاھد بھراڻي به آيل آھي. سندس والد صاحب امداد بلوچ جي سنڌين جي خدمت جي حوالي سان ڪافي شھرت آھي. سندس شخصيت ۽ خدمتن بابت ڪافي معلوم ھو پر ڪڏھن ملڻ جو موقعو ڪو نه مليو ھو. منھنجي اھا ڪمزوري آھي ته مان ڪنھن اھڙي ماڻھو جو نالو ٻڌندو آھيان جيڪو باصلاحيت آھي يا ھو ڪو چڱو ڪم ڪندو رھي ٿو تنھن سان ملڻ ۾ اڳڀرائي ڪندو آھيان.

شاھد بھراڻي کي فون ڪري ملڻ جو وقت طي ڪيم. سندن گھر ڊفينس فيز پنج ۾ آھي. اتي پھتس ته امداد بلوچ سان گڏ سندس پٽ شاھد، غلام نبي ۽ انجنيئر ساجد علي موجود ھئا تن ڀليڪار ڪيو تنھن کان پوءِ ڪچھري ۾ لڳي وياسين.

امداد بلوچ صاحب ۽ سندس خاندان جو تعلق ڳوٺ ھوت خان بھراڻي سان آھي جيڪو موري ۽ نوان جتوئي جي وچ ۾ آھي. امداد بلوچ صاحب پاڪستان ۾ گيھ ٺاھڻ جي ڪنھن اداري ۾ ڪم ڪندو ھو. اتان پوءِ ھو ۱۹۷۹ ۾ دبئي ھليو ويو جتي پڻ ھن ساڳئي شعبي ۾ نوڪري حاصل ڪئي.

جيڪي ماڻھو ٻاھر ڪمائڻ ويندا آھن تن مان گھڻن جو ڌيان پنھنجي ڪمائڻ ۽ معيار زندگي يا ٻارن تائين رھندو آھي پر امداد بلوچ اتي رھي به پنھنجي ڳوٺ، تر ۽ سنڌي ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ جو فڪر ڪندو رھيو. انھن ڏينھن ۾ ماڻھن کي ٻاھر جي دنيا جي ڄاڻ گھٽ ھوندي ھئي تن کي پاسپورٽ ٺھرائڻ ڏيڻ کان ويندي دبئي ۾ نوڪري وٺي ڏيڻ ۽ اتي سندس رھائش جو به ڪو بندوبست ڪندو ھو. ان سلسلي کي ھن جاري رکيو ايستائين جو ان فيڪٽري ۾ ۳۰۰ مان ۱۷۰ ملازم سنڌي ھئا جيڪي سڀ امداد بلوچ رکرايا ھئا. ان ڪري ھي فيڪٽري سنڌين جي فيڪٽري طور مشھور ٿي ويئي.

ھو نه فقط ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ ۾ اڳڀرو رھيو پر دبئي ۾ سن ۲۰۰۰ کان پوءِ سنڌين جي سماجي ۽ ثقافتي گڏجاڻين، فنڪشن منعقد ڪرڻ جي ڪوششن جو سرواڻ رھيو. دبئي ويندڙ ماڻھن جو وڏو تعداد سندس مھمان نوازي جو لطف حاصل ڪندو ھو.

امداد صاحب ٻڌايو ته ھو جڏھن دبئي ويو ھو تڏھن دبئي ھڪ ننڍي آبادي وارو شھر ھو جيڪو چئن ڏھاڪن ۾ بيحد بدلجي ويو آھي. شھر جي تجارتي ۽ سياحتي سرگرمين سبب بادي ۾ وڏو اضافو ٿيو تنھن ڪري اتي سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون به وڌيون. ھندستان ۽ پاڪستان جي ماڻھن جي روزگار کان ويندي سير تفريح لاءِ ھي ھڪ وڏو مرڪز بڻجي ويو.

امداد بلوچ جتي دبئي ۾ سنڌين کي روزگار ڏيارڻ ۾ ڪوشان رھيو اتي ھن پنھنجي اباڻي ڳوٺ کي به ياد رکيو. ھن نياڻين جي تعليم جي اھميت کي محسوس ڪندي اسڪول لاءِ گھربل پلاٽ ڏنو. ھن ڳوٺ ۾ سولر سسٽم لڳرائي ڳوٺ کي روشن ڪيو آھي. پاڻي جي پيئڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ڏھ نلڪا ھڻايا آھن جنھن ڪري ڳوٺ جي ھر حصي جا ماڻھو سولائي سان پاڻي حاصل ڪن ٿا. ھو ڳوٺ ۽ تر جي ستن اٺن شاگرن کي پڙھائيندو رھي ٿو. ھن شھر ۽ تر جي نوجوانن کي فوج ۾ وڃڻ لاءِ ھمٿايو جنھنڪري اڄڪلھ اٽڪل ستر نوجوان ان اداري ۾ ملازم آھن جن مان ھڪ ڪرنل جي عھدي تي به پھتو آھي. ائين ڪنھن کي ويل چيئر وٺي ڏنائين ته ڪن بيواھ عورتن کي ماھوار وظيفو ڏئي ٿو. مطلب ته ڳوٺ جي ھر ضرورت تي نظر رکي ماڻھن جي معاشي ڀلائي کان ويندي انھن جي سوشل لائيف کي بھتر ڪرڻ لاءِ پنھنجون ڪاوشون ڪندو رھي ٿو.

خواھش ته گھڻن جي رھي ٿي ته ھو عوامي ڀلائي جا ڪم ڪن پر گھت ماڻھن کي اھڙي ھمٿ ٿئي ٿي ۽ ڪاميابي ملي ٿي. سندس پٽن مان شاھد بھراڻي ڪئناڊا جي شھر پيٽربورو ۾ رھي ٿو. ھن جو اتي ڪاروبار آھي ۽ سنڌي ڪميونٽي جو متحرڪ ڪردار آھي. پنھنجي والد مان کيس اھو خدمت جو جذبو ورثي ۾ مليو آھي. غلام نبي سان ڪراچي ۾ اڳ ملاقات ٿي ھئي جيڪو نھايت مھذب نوجوان آھي. باقي ساجد علي سان پھرين ملاقات ھئي. ھي نوجوان سعودي عرب ۾ انجنيئر آھي. ڪچھري ۾ ڪيئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سين. مون کين ۲۱ جنوري تي ٿيندڙ اسان جي تنظيم اسڪالا جي فنڪشن ۾ شرڪت جي کين دعوت ڏني جنھن تي شاھد ٻڌايو ته ھو پوئتي ڪاروبار جي سنڀال لاءِ جلد واپس ويندو. ھو آيو ئي ٿوري وقت لاءِ ھو جنھن جو سبب سندس خاندان ۾ ھڪ شادي ھئي. امداد بلوچ اچڻ جو واعدو ڪيو. ڪچھري ۾ امداد صاحب جي تجربي۽ ڄاڻ جو ڳالھيون ٻڌي لطف پئي آيو.

جديد دبئي تي نظر وجھبي ته شروع ۾ تيل جي آمدني سبب اتي جي ترقي ۾ تيزي آئي، ھاڻ ٻين رياستن جھڙوڪ ابوظھبي ۽ قطر ۾ تيل ۽ گئس جي آمدني جام آھي پر دبئي جو تيل گھٽجي ويو آھي تن وري شھر ۽ علائقي کي ڪاروبار ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آھي. آبادي وڌڻ ڪري اتي پڙھيل ۽ اڻ پڙھيل ماڻھن جي روزگار جا در کليا. اتي انڪم تئڪس به ڪونھي ان ڪري پئسو ڪمائيندڙ پئسو بچائيندا به رھيا آھن.

ھن طرف ماڻھن جي رخ جو ٻيو سبب ڪاروبار رھيو. موزون جاگرافيڪل ھنڌ تي ھئڻ سان گڏ حڪومت طرفان سيڙپڪارن لاءِ نرم پاليسون جوڙيون ويون جنھن ڪري ماڻھن سيڙپ ڪري ڌنڌن ۾ واڌارو ڪيو جنھن ڪري دبئي ڌنڌي واپار جو مرڪز بڻجي ويو.

ھي رياستون ڪاري ناڻي جي لڪائڻ جو وڏو مرڪز بڻجي ويو آھي. پاڪستان ھندساتن ۽ ٻين ملڪن جا ڪرپٽ ماڻھو ھتي اچي پنھنجي ناجائز حاصل ڪيل دولت رکن ٿا ۽ ان جي زور تي پرآسائش زندگي گذارين ٿا. اھو ئي سبب آھي جو اسان جي ملڪ جو ھر سياستدان، ڪاموري، سمگلر دبئي کي ٻيو گھر ٻڻائي ڇڏيو آھي.

سياحن جي ڪنھن ملڪ يا شھر طرف رخ ڪرڻ لاءِ امن امان، سھوليتون ۽ ٻيا تفريح جا مرڪز گھرج ھوندا آھن. دبئي سياحن جون اھي ضرورتون به پوريون ڪيون آھن. جتي بھترين انفرااسٽڪچر، رھڻ لاءِ سٺيون جايون ۽ معياري ھوٽلون آھن اتي تفريح جا به موقعا موجود آھن. ڪنھن زماني ۾ عرب مصر ۾ بيلي ڊانس ڏسڻ ويندا ھئا، پوءِ لبنان جي آزاد معاشري انھن کي پاڻ ڏانھن متوجھ ڪيو. بحرين جي رياست کي ڏسو جنھنجي سرحد سعودي عرب سان گڏ آھي پر بحرين وارن سياحن جي ڪن پسند جي شين جي آزادي ڏئي سياحن جي دلچسپي وڌائي آھي. ان ڪري سعودي عرب مان روزانو ڪافي تعداد ۾ ماڻھو پنھنجي گاڏين ۾ سفر ڪري بحرين جي معاشري جي زندگي جو لطف وٺڻ ايندا آھن جنھن سان بحرين کي وڏي ڪمائي آھي.

ڪچھري کان پوءِ امداد صاحب ۽ سندس فرزندن کان موڪلائي واپس فليٽ طرف روانو ٿيس. فليٽ تي پھتس ته ڊاڪٽر شاھد قريشي ۽ اسان جو ٻيو ڪئنيڊين دوست عطاءُ الله ملاح موجود ھو تنھن سان گڏجي ڊفينس جي علائقي ۾ عمران مٺياڻي جي مچ ڪچھري جي دعوت ۾ وڃڻو ھو. اسان ٿوري دير فليٽ تي پنھنجون خبرون چارون ڪيون. وقت ٿيڻ تي گڏجي روانا ٿياسين. ڊفينس جي علائقي ۾ عمران مٺياڻي جي بنگلي تي پھتاسين ته ھن اسان جو گرمجوشي سان آڌارڀاءُ ڪيو. عمران مٺياڻي جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي سان آھي. جتي سندس خاندان مالي طور تي خوشحال آھي اتي سندن خاندان جو ھڪ فرد علي گوھر مٺياڻي مشھور پوليس آفيسر رھيو آھي.

عمران اسان جي دوست عطاءُ الله ملاح جو ڪلاس فيلو آھي جنھن ناتي سان ھن اسان جي دعوت ڪئي ھئي. ھنن سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي ھئي جيڪو سندن تعلق زندگي ڀر جي دوستي ۾ بدلجي ويو آھي. عمران پوءِ بيريسٽر جي ڊگري حاصل ڪري آيو ۽ ھاڻي ڪراچي شھر ۾ وڪالت ڪري ٿو. سندس بنگلي جي مٿين حصي ۾ سندس لا چيمبر ٺھيل آھي جتي ٽي چار وڪيل ڪم ڪندا رھن ٿا.

عمران ملنسار ماڻھو لڳو جنھن اتي موجود پنھنجي ٻين ساٿين سان اسان جو تعارف ڪرايو جنھن ۾ گھڻا سندن شاگردي جي زماني جا ئي دوست ھئا. انھن ۾ ھڪ ھڪ نديم سولنگي نالي ھمراھ ھو جيڪو ھاڻي سنڌ يونيورستي جي ميرپورخاص ڪيمپس ۾ ليڪچرار آھي. ٻيو سندس دوست غلام دستگير شيخ ھو جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر آھي. ٿوري دير کان پوءِ اسان جو مشترڪ دوست علي پلھ به اچي ڪچھري جو حصو بڻيو. ھو به وڪيل آھي ان ناتي ھنن ڪن قانوني مسئلن ۽ ڪن ڪيسن تي ھڪ ٻئي کي ڄاڻ ڏني.

اڳڻ تي مچ ڪچھري ۾ عمران سڀني کي گفتگو جو حصو بنائڻ لاءِ ھڪ موضوع تي بحث ڇيڙيو. ته موجودھ حالتن ۾ تبديلي آخر ڪيئن ايندي. ان تي ھر ڪنھن پنھنجي پنھنجي سوچ موجب پئي خيال پيش ڪيا. ڪجھ وقت کان پوءِ وري موضوع مٽبا رھيا ائين تاريخ، ادب ۽ بين موضوعن تي گفتگو ٿيندي رھي.

عمران اسان کي مٿي پنھنجو چيمبر ڏيکاريو ۽ پنھنجي سيٽ اپ بابت بريفنگ ڏئي. اتان ٿي آياسين ته ھيٺ ڊرائنگ روم ۾ ٽيبل تي ڊنر لڳي چڪي ھئي. ھن سڀني مھمانن کي سڏيو. ڪشادو دسترخوان ھو جتي کاڌي دوران ٻه حوال پئي ھليا. ماني کائي پوءِ وري مچ تي ٿوري دير ڪچھري ڪئي سين. پوءِ اسان ۽ علي پلھ موڪلائڻ جي ڪئي. اسان کان سواءِ ٻيا پاڻ ۾ پراڻا دوست ھئا سي مليا ھئا ته ھنن جي ڪچھري گھڻي ڊگھي ٿيڻي ھئي. اسان کين چيو ته توھان پنھنجي چوياري جو مزو وٺو پر اسان کي موڪل ڏيو. ايئن مان ۽ ڊاڪٽر شاھد فليٽ طرف روانا ٿياسين ۽ علي پلھ پنھنجي بنگلي طرف روانو ٿيو.

سائين مراد علي شاھ صاحب سان دعا سلام رھي آھي. ساڻس پھريون ڀيرو ان وقت مليس جڏھن ھو اڃا ايم پي اي يا وزير ڪو نه ھو پر سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ھئائين. ھڪ ڏينھن پ پ پ ٽورنٽو طرفان ھڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ بينظير ڀٽو کي مدعو ڪيو ويو ھو پر ھوءِ ڪن مصروفيتن سبب اچي ڪو نه سگھي ھئي تنھن پنھنجي نمائندگي ڪرڻ لاءِ سائين مراد علي شاھ کي موڪليو ھو. تقريب جي آخر ۾ مراد علي شاھ تقرير ڪئي جنھن کانپوءِ تواضع جي دور ۾ مان ۽ چند ٻيا دوست جيڪي اتي موجود ھئاسين سي وڃي سائين سان ملياسين. تعارف دعا سلام کان پوءِ خبرون چارون ڪندي مون کيس پنھنجي گھر اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا ھن قبول ڪندي مصروفيتون چيڪ ڪري وقت ڏنو.

ان ڏينھن مون ڪيترن دوستن کي گھر سڏيو ھو ته ڪچھري ٿئي. اھو سيشن تمام سٺو رھيو ھو جتي حاضرين دل کولي سندس پارٽي خلاف شڪايتون ڪيون ھيون پر شاھ صاحب غور ۽ تحمل سان ٻڌي آخر ۾ تفصيلي جواب پئي ڏنو. پڙھيل لکيل ماڻھو ھجڻ ڪري کيس گفتگو جو سليقو ھو. ان ملاقات کان پوءِ ٻه تي ڀيرا ھڪ ٻئي جي دعوتن ۽ اتي ٿيندڙ تقريبن ۾ آيا وياسين تنھن ڪري سٺي دعا سلام ٿي ويئي.

جڏھن ھو ايم پي اي، وزير ۽ پوءِ وڏو وزير ٿيو ته مان ان دوران ڪافي ڀيرا سنڌ آيس پر ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪو نه ڪيم ان ڪري جو منھنجي طبيعت فقيري آھي. ٻيو ته مون کي ڪو ذاتي ڪم يا حڪومت مان ڪو فائدو وٺڻو ڪو نه ھو ٻئي طرف ھو به بيحد مصروف رھڻ لڳو ھو. پر ھن ڀيري اھو ذھن ۾ آيو ته ساڻس ملاقت ڪجي. ھڪ ته دعا سلام ٿيندي ٻيو ته پنھنجي تنظيم اسڪالا جي ايوراڊ ڏيڻ واري تقريب ۾ کيس خاص مھمان طور مدعو ڪجي جنھن سان تنظيم جو تعارف بھتر ٿيندو ۽ ايوراڊ حاصل ڪندڙن جي ھمٿ افزائي ٿيندي. اسان گھڻو ڪري انھن ماڻھن کي ڳولي ڳولي ايوارڊ ڏيندا آھيون جيڪي خلوص نيت سان بنا ڪنھن مشھوري جي خواھش جي خاموش خدمتون ڪندا رھندا آھن. انھن جي تعارف ۽ ڪم کي اسان ان ڪري ھمٿائيندا آھيو ته انھن جو قدر وڌي ۽ ٻيا انھن جي ڪم کي ڏسي پاڻ به اھڙين ڪمن ۾ حصو وجھن. انھن سڀني کان وڌيڪ ھڪ ڳالھ ذھن ۾ ھئي ته ڪئناڊا ۾ تعليم جي خواھشمند اھڙن نوجوانن لاءِ ڪو رستو ڳولجي جو مالي ڏکياين سبب سندن ويزا رد نه ٿئي. جيڪڏھن حڪومت جي سرپرستي ھوندي ته پوءِ انھن جا ويزا ملڻ وارو مسئلو گھڻو ڪري حل ٿي ويندو. واضح رھي ته سرندي وارن جا ٻار ته ھر دور ۾ ٻاھر تعليم لاءِ ويندا رھن ٿا پر اصل مسئلو انھن غريب پر ذھين ٻارن جو آھي جيڪي ٻاھر تعليم لاءِ اھل ھوندي به مالي ڏکياين سبب وڃي نه ٿا سگھن.

اسان جي تنظيم ان حوالي سان ھڪ اسڪيم تيار ڪئي آھي جنھن کي جيڪڏھن سرڪاري تعاون ملي وڃي ته گھڻن لائق نوجوانن لاءِ رستو کلي ويندو. سائين مراد علي شاھ کي خاص مھمان طور گھرائڻ جو اھو مقصد ھو ته کيس اسڪالا جي سرگرمين ۽ پروگرامن بابت آگاھي ڏئي اڳتي غريب شاگردن جي ٻاھر تعليم واري منصوبي لاءِ سھڪار وٺجي. ان لاءِ اسان ڇا آھيون، ڇا پيا ڪريون، ارادا ڇا آھن ان جي موثر بريفنگ ته فنڪشن ۾ ڏيڻ مناسب ھئي. ڇاڪاڻ ته اھو عوامي مفاد جو مسئلو ھو ان ڪري ساڻس ملڻ مناسب سمجھيم.

اھو ارادو پڪو ٿيڻ تي مون وڏي وزير جي آفيس سان رابطو ڪري ملاقات جي خواھش پھچائي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ سندس آفيس مان فون آئي ته توھان ڪيستائين سنڌ ۾ موجود آھيون کين وراڻيم ته ۲۳ جنوري تي منھنجي ڪئناڊا واپسي آھي. ان کان پوءِ خاموشي ٿي ويئي. اسڪالا جي فنڪشن ۽ واپسي ۾ ڪي چند ڏينھن وڃي بچيا ھئا ته ھڪ ڏينھن منجھند ڌاري وزير اعلي ھائوس مان فون آئي ته سڀاڻي ٻاريھن بجي منجھند جو توھان ملاقات لاءِ اچي سگھو ٿا. ڪراچي ۾ ئي ھوس تنھن ڪري کين وراڻيم ته ھا اچي ويندس ۽ مون سان گڏ ٻه ٻيا ڪئنيڊين دوست به گڏ ھوندا. ٺيڪ آھي توھان جي ملاقات جو وقت مقرر آھي توھان ۱۵ منٽ اڳ ئي پھچي وڃجو.

ان ڏينھن مان ڊاڪٽر شاھد قريشي ۽ ڊاڪٽر صاحب خان شاھاڻي مقرر وقت تي وزير اعلي ھائوس پھتاسين. اندر داخل ٿي تعارف ڪرائڻ تي آفيس جو پروٽوڪول آفيسر اچي اسان سان مليو. دعا سلام ڪري اسان کي ويھاري چانھن ۽ تواضع جو آرڊر ڏئي اسان کي ٻڌايائين ته توھان جي ملاقات طي ٿيل وقت تي ئي ٿيندي. جلد چانھن ۽ تواضع جون ڪي شيون اچي ويون. چانھن پيتي سين ته ٿوري دير کان پوءِ اھوئي آفيسر آيو ۽ اسان کي ھلڻ لاءِ چيائين.

وڏي وزير جي آفيس ۾ داخل ٿياسين ته اسان کي ڏسي مراد علي شاھ صاحب ٽيبل کان ٻاھر اچي اسان سان سرگرمي سان مليو، ٽنھي سان دعا سلام ڪري مون کي چيائين ته توھان سان ملاقات ۾ دير ان ڪري ٿي آھي جو مان مڪاني چونڊن جي مسئلن ۾ بيحد مصروف ھوس پر آفيس ۾ چئي ڇڏيو ھوم ته توھان جي وڃڻ کان اڳ مناسب وقت تي ملاقات جو ڏينھن ۽ وقت مقرر ڪري ڇڏجو. پوءِ ڪئناڊا جي سنگت جي خير خيريت پڇيائين. کيس وراڻيم ته سڀ خوش آھن باقي توھان کي سو ياد ڪندا آھن. گھڻو وقت گذري چڪو آھي ڪو ڀيرو ڪري وڃو. ان تي ھن مناسب وقت تي اچڻ جو واعدو ڪيو.

کيس ۲۱ جنوري تي اسڪالا جي ٿيندڙ پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ کان اڳ کيس تنظيم جي سرگرمين ۽ پروگرامن کان آگاھ ڪيم. کيس عرض ڪيم ته توھان ٿورو وقت ڪڍي ايوارڊ ڏيڻ واري سيشن ۾ خاص مھمان طور اچو ته سنڌ جي انھن گمنام ھيروز جي ھمٿ افزائي ٿيندي جيڪي بي لوث خدمت ڪندا رھن ٿا. ان سان گڏ ان پروگرام دوران بريفنگ ۾ توھان کي تنظيم ۽ ان جي پروگرامن جي تفصيلي آگاھي ڏيندا سين. ان وقت ھن ڪنھن آفيسر کي سڏي کيس چيو ته سائين وارن کان پروگرام جي تفصيل وٺي ڇڏ مون کي ان پروگرام شريڪ ٿيڻو آھي.

ٿوري دير جي ان ملاقات ۾ ڪن ٻين موضوعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سندس مصروفتين ۽ باھر سندس ملاقات لاءِ پھتل ماڻھن کي ڏسي اسان سندس گھڻو وقت ڪو نه ورتو. اڄڪلھ جي رواج موجب ساڻس ڦوٽو ڪڍرائي اجازت ورتي سين ته ھن آفيس جي دروازي تي اسان کي رخصت ڪيو. ٻاھر نڪتاسين ته اھو آفيسر اچي مليو جنھن کي سائين فنڪشن ۾ ھلڻ لاءِ نوٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي. ھن اسان کان تنظيم، فنڪشن، ماڻھن جي شرڪت ۽ اھو سيشن جنھن ۾ سائين کي اچڻو آھي تنھن جا تفصيل ورتا. اھي ڏئي اسان واپس ورياسين.

اسان جڏھن ٻئي ڏينھن لياقت لائبرري جي احاطي ۾ ڪلچر کاتي جي محمد ابراھيم جويو آڊيٽوريم کي ڏسڻ ۽ انتظامن ڪرڻ لاءِ وياسين ته حبيب الله ميمڻ ڊائريڪٽر ڪلچر سان ملاقات ٿي جنھن جي ڪمري ويھي انتظامن تي ڳالھايو سين. حبيب الله ھن کاتي جو پراڻو، قابل، ملنسار ۽ مثبت سوچ رکندڙ آفيسر آھي. ھن جي ئي ذمي ڪلچر کاتي طرفان فنڪشن جي انتظامن جو بار ھوندو آھي. اسان سان سندس قرب آھي. پنھنجي ذميوراين سان گڏ اسان جي تعلقات سبب ھو اسان جي فنڪشن ۾ ھميشه مددگار رھندو آھي. ان وٽ ويھي سڀني انتظامن تي ويچاريوسين. ان ئي بلڊنگ ۾ ڊي جي ڪلچر سائين منور مھيسر جي آفيس آھي جنھن سان ملڻ لاءِ اسان حبيب الله سان گڏ سندس آفيس ۾ وياسين. قربدار ماڻھو آھي. ڪچھري ڪندي کيس ٻڌايوسين ته اسان جي ھن پروگرام ۾ وڏي وزير کي به شرڪت ڪرڻي آھي جنھن لاءِ ھن جي آفيس جا آفيسر رابطي ۾ آھن.

منور مھيسر اسان کي ٻڌايو ته اسان کي وڏي وزير جي اچڻ جو اطلاع ملي ويو آھي. ان ڪري اسان ان جي اچڻ جي صورت ۾ انتظامن جو جائزو ورتو آھي. اھڙو رابطو سردار شاھ جي آفيس مان به ٿيو جن اسان کي چيو ته سردار شاھ صاحب ڪھڙي مھل ھال ۾ پھچي. وڏي وزير سان گڏ اچي يا اڳ ۾ پھچي. اسان ان کي جلد اچڻ جو چورايو ته جيئن ھو نئي اڀرندڙ ٽيلنٽ جا ويچار ٻڌي سگھي. منور مھيسر ڳالھين دوران چانھن پياري. تنھن کان پوءِ اسان حبيب الله ميمڻ سان گڏ ھال جي جائزي لاءِ وياسين. ضرورت جي شين لاءِ ڪنٽريڪٽر کي ھدايتون ڏنويسن. تنھن کان پوءِ سنگت کان موڪلائي واپس ورياسين.

فنڪشن کان ھڪ ڏينھن اڳ واري شام جو وڏي وزير جي آفيس مان شاھ صاحب جي اچڻ لاءِ مناسب وقت پڇيو ويو جيڪو اسان کين ڏسيو. پر رات دير سان اھو پيغام پھتو ته ٻئي ڏينھن شام جو کيس ڪنھن ضروري ميٽنگ لاءِ اوچتو پيغام مليو آھي آھي تنھن ڪري ھو اچي ڪو نه سگھندو.

ان کان اڳ موزون ھال جي ڳولا ۽ انتظامن جي سلسلي ۾ ھڪ ڏينھن دائود انجنيئرنگ يونورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي سان ملاقات لاءِ وياسين. ڊاڪٽر شاھد قريشي سان اڳ ئي سندس سئوٽ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي تعلق جي حوالي سان چاڻ سڃاڻ ھئي. مون کي نالي تي شڪ ھو ته فيض الله عباسي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اسان جو ڪلاس فيلو ھو ٿي سگھي ٿو ته اھو نه ھجي. ملياسين ته اھوئي ھمراھ. ھڪ ٻئي کي سڃاتو سين. ھي حيدرآباد شھر سان تعلق رکندڙ نوجوان ھوندا ھئا جن ۾ فيض الله ڪافي ھوشيار ۽ ايڪٽو ھو. ملي خوش ٿياسين. پراڻن دوستن کي سارڻ سان گڏ انھن ڏينھن جي استادن ۽ حالتن کي ياد ڪيوسين.

انھن ڏينھن يعني ستر جي ڏھاڪي ۾ اسان جي انجنيئرنگ ڪاليج جا کوڙ ھوشيار شاگرد ان ڪري مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ويا ھئا جو انھي شعبي ۾ نوڪري ملڻ جا وڌيڪ امڪان ھئا. پوءِ گھڻن پڇتايو. اھڙو اظھار ڊاڪٽر فيض الله عباسي گفتگو دوران ڪيو ته منھنجا ٻار چوندا آھن ته توھان مڪينڪل انجنيئرنگ پڙھي ڇا حاصل ڪيو. مون کيس چيو ته توھان پي ايڇ ڊي ڪئي، وائيس چانسلر ٿيا اھو به ڪافي آھي. ان دوران ھن ماني جو آرڊر ڏنو جيڪا گڏجي کاڌيسين جنھن دوارن حال احوال جاري رھيا.

فيض عباسي ٻڌايو ته ھتي جڏھن مون چارج سنڀالي ته ماحول ڏاڍو خراب ھو. جميعت ۽ ٻين تنظيمن جي شاگردن جي غنڊاگردي ھئي ڪنھن کي موجود ئي ڪو نه سمجھندا ھئا. ٻئي طرف شھر ۾ لساني تنظيم جي گرفت ڪري ھو اڃا مضبوط ٿي ويا ھئا. پر مون نھايت ئي تحمل سان وقت گذاري ھوريان ھوريان حالتن تي ڪنٽرول ڪيو. جڏھن ڪنھن ڳالھ ۾ منجھندو ھوس ته ڊاڪٽر ايس ايم قريشي يا ٻين مھربانن کان رھنمائي وٺندو ھوس. ھاڻي حالتون مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آھن. ھن پوءِ اسان کي فنڪشن جي باري مشورا ڏنا. ھن زور ڀريو ته ھن وٽ ڪنھن ڏينھن رات جي ماني کائون جنھن جو کيس واعدو ڪيوسين پر وفا ڪو نه ٿيو.

ھن ٻڌايو ته بجيٽ ايتري ملندي ھئي جو مان يونيورسٽي جو خرچ مشڪل سان پورو ڪندو ھوس پوءِ ان ۾ بھتري ڪئين ٿيندي. اھو فڪر ھوندو ھو. ھڪ ڏينھن سمري ٺاھي وڏي وزير مراد علي شاھ وٽ ويس کيس حجت سان چيم ته سائين ادارو ھلائڻ لاءِ وڌيڪ پئسا گھرجن مدد ڪريو. چيائين ته گھڻا گھرجن مون کيس چيو ته ھيترا جيڪي سالياني بجيت کان ٻيڻا ھئا. ھن مون کان سمري وٺي ان کي منظور ڪري مون کي واپس ڪئي. اوڻاين تي تنقيد ضرور ڪجي پر ڪٿي چڱي ڳالھ جي خبر پوي ته ان کي به ساراھجي.

پوئين ھڪ قسط ۾ جڏھن سردار شاھ سان ملاقات جو ذڪر ڪيو ھيم ته ڪن مھربانن ان تي ڪنھن حوالي سان تنقيد به ڪئي ھئي. ھن قسط ۾ مراد علي شاھ جي ذڪر تي به تنقيد ٿيڻ جو امڪان آھي پر منھنجي ملاقات ذاتي تعلق ۽ فنڪشن ۾ دعوت جو مقصد شاگردن جي ڀلي جي ڪوشش ھئي. جي نه ته مان گھڻو اڳ به ساڻس ملي پئي سگھيس. بھتر آھي ته ڳالھ جي مثبت پھلو ۽ ان رخ کي به ڏسجي جيڪو ڪنھن حوالي سان آھي.

ستين جنوري تي اسان جو دوست ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جو صدر محترم ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو پھچڻو ھو. اسان اٺين تاريخ پنھنجي فليٽ تي موجود ھئاسين ته جامي چانڊيي صاحب اسان ڏانھن اچڻ جو اطلاع ڏنو. ھو ڊاڪٽر شاھد قريشي جو سٺو دوست آھي ان سان گڏ مون ۽ اسان ٻين دوستن سان سندس قرب آھي. علم دوست ۽ ڄاڻو ماڻھو آھي تنھن سان ملاقات ٿيڻ تي ڪن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي آھي. اڄ ڪچھري دوران به ڪن موصوعن تي ويچار ونڊياسين. ان دوران ٻڌايائين ته کيس اڄ شام جي فلائٽ ۾ ڪنھن شھر ڏانھن وڃڻو آھي.

ٿوري ديرکان پوءِ اسان ڊاڪٽر مقبول سان رابطو ڪيو جنھن ٻڌايو ته ھو ڪالھ اچي ويو آھي ۽ ھاڻي گھر ۾ موجود آھي. اسان وڃي ساڻس ملڻ جو ارادو ڪيو ته جامي چانڊيي چيو ته ڊاڪٽر مقبول منھنجو به سٺو دوست آھي ان ڪري پاڻ گڏجي ٿا ھلون اتان مان پوءِ ايئرپورٽ ھليو ويندس. ائين گڏجي ڊاڪٽر مقبول جي گھر ڊفينس ۾ پھتاسين. اسان وحيد راڄپر جنھن سان شام جو ملاقات طي ھئي تنھن کي پڻ اوڏانھن اچڻ جو چيو. ائين اتي گڏجي ويٺاسين ته مختلف موضوعن تي ڳالھائيندا رھياسين. ان دوران چاءِ ۽ تواضع جي ڪي شيون آيون. سندس ملازمن نھايت سليقي سان شيون ۽ چانھن پئي رکي کيس چيم ته ڊاڪٽر اسان کي ھڪ نوجوان مليو آھي جيڪو فور اسٽار ھوٽل ۾ بيرو آھي. شام جي وقت ھو اسان جي فليٽ تي ڪم ڪندو آھي. سندس اھو ئي وڏن ھوٽلن جي سروس وارو انداز جيڪو سٺو لڳندو آھي پر ھي توھان وارا ملازم ته ھن کان به وڌيڪ بھتر سورس ٿا ڪن. ان جي کين ٽريننگ ڏياري اٿو يا اھڙي سليقي وارا آھن. وراڻيائين ته توھان جي نشاندھي تي مون غور ڪري اھو محسوس ڪيو آھي جيڪو سٺو ٿو لڳي.

ڊاڪتر مقبول ھاليپوٽو آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آھي جنھن جي اسپيشلٽي آنڪالاجي (ڪينسر جو علاج) آھي. پنھنجي پيشيواراڻي مصروفيت سان گڏ سنڌ جي حقن لاءِ ڪاوشن ۾ اڳڀرو رھي ٿو. سنڌ دوست ماڻھو آھي جنھن مقصد لاءِ ڪيترن سنڌ دوست فورمن ۾ ڪم ڪندو رھيو آھي. سانا ۾ اڳ خزانچي ۽ پوءِ جنرل سيڪريتري رھي چڪو آھي ھاڻي کيس صدر چونڊيو ويو آھي. ذاتي زندگي ۾ مھذب، ملنسار ھئڻ سان گڏ اڳواڻي جون ڀرپور صلاحيتون رکي ٿو. تنظيم ۾ تنقيد يا مخالفت برائي مخالفت جو به تحمل سان جواب ڏيندو آھي. ھن ڀيري سنڌ اچڻ جو مقصد پنھنجي ڀائٽي جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ ھو جيڪا چوڏھين جنوري تي ٿيڻي ھئي. ان شادي ۾ شرڪت جو سڏ ھن اسان سڄي سنگت کي به ڏنو ھو. سندس ڳوٺ ٽنڊو الھيار شھر جي ويجھو آھي جتي سندس خانداني زمينون به آھن.

اسان ٿوري دير ڪچھري ڪئي تنھن دوران وحيد راڄپر کيس ۽ اسان کي سڀاڻي ھن طرفان ڊنر جي دعوت ڏني جيڪا قبول ته ڪئيسين پر مون فرمائش ڪئي ته ماني پريس ڪلب ۾ کارائجان جيڪا مون کي پسند ايندي آھي. ھن اھا فرمائش پوري ڪندي اسان سان شام جو پريس ڪلب ۾ ملڻ جو طي ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي جامي چانڊيو ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿيو ته مان ڊاڪٽر شاھد ۽ وحيد راڄپر واپس روانا ٿياسين.

ٻئي ڏينھن شام جو اسان گڏجي پريس ڪلب پھتاسين جتي وحيد راڄپراسان کي ڀليڪار چوڻ لاءِ موجود ھو. ھن سان گڏ اسان جو ھڪ مشترڪ دوست ذوالفقار(زلفي) راڄپر به موجود ھو جيڪو پريس ڪلب جي ھاڻوڪي باڊي ۾ شامل آھي. وحيد پريس ڪلب جو اھم ميمبر آھي. ٻه ڀيرا ھو خزانچي چونڊجي ڪم ڪري چڪو آھي ان ڪري ڪلب ۾ سندس مان ۽ مقام آھي. ھن سڀ کان پھريان ته اسان کي پريس ڪلب جو معائنو ڪرايو. ھن ڀيري مرمت ۽ اڏاوت جو ڪم ڪافي حد مڪمل ٿي چڪو آھي ڪٿي جاري به ھو. پريس ڪلب جي عمارت جيڪا انگريزن جي دور واري اڏاوت وڪٽوريا بلڊنگ جي ڊزائين موجب آھي سان پنھنجي انداز ۾ ھڪ حسن رکي ٿي. مرمت ٿيڻ تي اڃا بھتر ڏيک ڏئي رھي ھئي. اتي ضرورت موجب سھوليتون مھيا ڪيون ويون آھن. مثال طور اسٽوڊيو، پريس ڪانفرنس لاءِ ڪشادو ھال ۽ ٻين گڏجاڻين لاءِ به ھال ٺاھيا ويا آھن. ان سان گڏ ٻاھر ويھڻ واري صحن کي به بھتر ڪيو ويو ويو آھي جتي صحافي يا سندن مھمان ھڪ سٺي ماحول ۾ ويھي ھڪ ٻئي سان رابطي ۾ رھڻ سان گڏ چانھن پيا پيئندا آھن يا ڪي ماني پيا کائيندا آھن.

جنرلزم خبرن کي جمع ڪري، انھن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ماڻھن تائين پھچائڻ جو ڪم آھي. ٻين شعبن وانگر جنرلزم به ھوريان ھوريان ترقي ڪري ھن مقام تائين پھتي آھي. گهڻو اڳ واپاري جيڪي ڏور علائقن ڏانھن سفر ڪندا ھئا سي ڪن نين خبرن جو ذريعو ھوندا ھئا. ڪشالا ڪري دنيا جو سفر ڪندڙ سياحن جي طرفان مھيا ٿيندڙ معلومات ڄاڻ جو ھڪ ذريعو ھئي.

سڀ کان پھريان بنيادي خبرن پھچائڻ جو حوالو سن ۵۹ بي سي ۾ روم جي بادشاھت ۾ ملي ٿو جڏھن روزانو جا معاملا ۽ تقريرون جمع ڪري ڪن ھنڌن تي پڌرا ڪيا ويندا. اھڙين ڪوششن جا حوالا چين جي تنگ ۽ ڪوئنگ بادشاھت جي ڏينھن ۾ به ملن ٿا. پريس جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ ھي شعبو وڌيڪ منظم ٿيڻ لڳو. سن ۱۶۰۹ع ۾ جرمني ۾ محدود سطح تي باقاعدھ اخبار شايع ٿيڻ شروع ٿي جنھن کان پوءِ اھو سلسلو وڌندو ويو. ويھين صدي ۾ پرپفيشنل جنرلزم جو تصور وڌيڪ واضح ٿي سامھون آيو ۽ پوءِ پرنٽ ميڊيا جو رول وڌيو جنھن کان پوءِ نشرياتي ادارا وجود ۾ آيا. واشنگتن پوسٽ جي اڳوڻي رپورٽر رابرٽ قئيسر جي موجب جنرلزم جھموري سوسائٽي جي بنيادي گھرجن مان آھي ھن موجب جنرلزم جو ڪو دور سونھري ھو جنھن کان پوءِ تحقيقي جنرلزم کي ادارن پنھنجي مالي فائدن لاءِ گھٽائي ڇڏيو.

ڪو وقت ھو جو تحقيقي جنرلزم موثر ڪردار ادا ڪري رھي ھئي جن ڪيئي برج لوڏي ڇڏيا ھئا مثال طور سن ۱۹۶۳ع ۾ آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي ويٽنام لڙائي دوران ويٽنام مان رپورٽنگ ڪندڙ صحافي ڊيوڊ ھالبيرسٽام جي رپورٽنگ کان ايڏو بيزار ٿيو جو ھن معروف اخبار نيويارڪ ٽائمز جي پبلشر کي چيو ته ھن پنھنجي صحافي کي ته بدلي ڪريو. سن ۱۹۷۲ع ۾ ٻن نوجوان صحافين واٽرگيٽ اسڪينڊل کي پڌرو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن کي صدارت تان استعفي ڏيڻي پئي. سن ۱۹۹۷ع ۾ وائيٽ ھائوس جي ملازم مونيڪا ليوسنسڪي ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي جنسي اسڪينڊل جي پڌري ٿيڻ تي ڪلنٽن ڏچي ۾ اچي ويو. وڏي ڪوشش کانپوءِ ئي سندس جان ڇٽي.

ميڊيا جي ادارن وڏو ناڻو ڪمايوآھي. ھي شعبو ھاڻي وڏو ڪاروبار ۽ تعلقات جو وسيلو بڻجي ويو آھي. ٻئي طرف ميڊيا جي ادارن جو ڪردار ماڻھن جي ذھن کي ڪنھن بيانيي جي طرف موڙڻ جو وڏو ذريعو ٿي ويوآھي. ان ڪري دنيا جي ڪنھن معاملي تي ماڻھن جو ذھن ٺاھڻ لاءِ ھي ادارا استعمال ٿيڻ لڳا. مثال طور آمريڪي ٽي وي چينل فاڪس نيوز جي خبرن جي تجزيو ڪرڻ وارن جو خيال آھي ته اھا ھڪ لابي خاص ڪري آمريڪي سياسي پارٽي ريپبليڪن پارٽي جي پڪي ترجمان بڻيل آھي جنھن جي خبر کي ھاڻ غير جانبدار ماڻھو شڪ جي نگاھ سان ڏسن ٿا.

ائين سي اين اين جيڪو دنيا ۾ ڏٺو ويندڙ مشھور ٽي وي چينل آھي تنھن لاءِ اسان جو ھڪ ڪاروباري دوست چوندو آھي ته ھن جو درست نالو CNN means. Continuous Negative News ھجڻ گھرجي.

پنھنجي ملڪ ۾ به جرنلزم ھڪ وڏي قوت بڻجي ويو آھي جنھن کي حڪومت ۽ مخالف ٻئي ڌريون راضي رکڻ لاءِ ڪوشن ۾ رھن ٿا. آفيسر شاھي جيڪا ھن دور ۾ فنڊن جي وڏي حصي تي ھٿ صاف ڪري ٿي سي ڪمزوري سبب صحافين کان بليڪ ميل ٿين ٿا. اسان جي ميڊيا جي ادارن جو نمائندن کي گھٽ پگھار ڏيڻ يا نه ڏيڻ سبب انھن نمائندن جي خرچ جو وزن معاشري جي انھن ڪردان تي آھي جيڪي ڪنھن حوالي سان ڪرپشن ڪن ٿا يا ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث ٿين ٿا. وڏا صحافي وري حڪومت کان وڏا فائدا وٺندا رھن ٿا. پر ھر شعبو ايمانداري کان خالي ڪونھي ڪي پنھنجون ذميواريون پنھنجي صلاحيتن ۽ ايمانداري سان ادا ڪندا رھيا آھن پر موجودھ دور جي حالتن ۾ اھڙا ماڻھو ھاڻ اڻ لڀ ٿيندا ٿا وڃن.

ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جتي قانون کي ٽوڙڻ سولو آھي اتي ڪي بااثر شخصيتون يا لابيون انھن صحافين تي سختيون به ڪن ٿيون جيڪي سندس خلاف لکن يا ڳالھائين ٿا. ائين ڪيئي ملڪ صحافين لاءِ خطرناڪ ليکيا وڃن. بھرحال ھي جھان به پنھنجي انداز ۾ ھلي ٿو. ايڪويھين صدي ۾ جڏھن سوشل ميڊيا وجود ۾ آئي آھي تنھن معاشري ۾ ھلچل مچائي ڇڏي آھي. ھن ميڊيا جي شعبي ۾ ھر ڪوئي داخل ٿي ھر ڪنھن تي تنقيد ڪري، ھر ڪنھن جو پٽڪو لاھي سگھي ٿو. مثبت استعمال کان وڌي ان جو منفي استعمال ٿئي ٿو. گھڻو ڪري ھرڪو دانشور ٿي ويو آھي ۽ ڪنھن کي موجود ئي ڪو نه ٿو سمجھي. پنھنجي وجود ڏيکارڻ لاءِ جائز ڳالھ جي به مخالفت ڪري پاڻ ڏانھن ماڻھن کي متوجھ ڪري ٿو.

وحيد اسان جي ويھڻ جو بندوبست بورڊ روم ۾ ڪيو جتي ويٺاسين ته وحيد کاڌي جو آرڊر ڏنو. اتي ھن ڪلب جي جنرل سيڪريٽري کي به گھرايو جنھن اسان کي ڀليڪار چيو. ھن ۽ وحيد راڄپر ۽ زلفي راڄپر اسان کي اجرڪ پارائي مان ڏنو. اتي ذاتي تعارف سان گڏ سانا ۽ سمنڊ پار سنڌين جي سرگرمين جي ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھي. اھو به طي ٿيو ته ھڪ ڏينھن سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي کي پريس ڪلب طرفان آجياڻو ڏنو ويندو جنھن جي تاريخ صلاح ڪري چند ڏينھن ۾ مقرر ڪبي.

جلد ماني اچي ويئي. صاف سٿري ھئي، تنھن ڪري سڀني کي وڻي. اتي کين منھنجي پسند به وڻي. ائين پريس ڪلب ۾ وحيد راڄپر ۽ ٻين دوستن سان مليل جول جو لطف آيو. ڊاڪٽر مقبول وٽ وقت ٿورو ۽ مصروفيتون گھڻيون ھيون ان ڪري اسان گڏجاڻي کي برخواست ڪري سنگت کان موڪلائي راھي ٿياسين.

ٻئي ڏينھن فيلٽ تي موجود ھوس جتي منھنجو ڀاڻج سعيد ڪولاچي به مون سان ملڻ آيو ھو. اسان پنھنجي حوالن ۾ محو ھئاسين ته ذوالفقار راڄپر جي فون آئي جيڪو ان وقت پريس ڪلب ۾ موجود ھو. سٺو دوست، نالي وارو صحافي ۽ ليکڪ آھي تنھن مون کي چيو ته جيڪڏھن توھان واندا آھيو ته پريس ڪلب اچي وڃو ته چاءِ جي ڪوپ تي خبرون چارون ڪريون. ان تي مان ۽ سعيد ڪولاچي اوڏانھن روانا ٿياسين. پھچي زلفي سان ملياسين ته ويھڻ لاءِ مون باھر واري حصي کي ترجيح جتي ڇپر ھيٺا ويھڻ جو جوڳو بندوبست آھي. اتي ڪي ڄاڻ سڃاڻ وارا ھمراھ ايندا ۽ ملندا ٿي رھيا. انھن ۾ ھڪ ڊاڪٽر مسرت خواجه به ھو جنھن سان لکڻ پڙھڻ جي حوالي سان تعلق ھو. بيحد مھذب ۽ ملنسار ماڻھو آھي. ھو پ پ پ طرفان سينيٽر به رھي چڪو آھي. ھن ان وقت ڪو ڇپيل ميگزين ڏنو جنھن سان ھو سلھاڙيل آھي. اتي ڪي ٻيا دوست به اچي چوياري جو حصو ٿيندا ويا. ائين سنگت سان ڪجھ وقت گذاري موٽياسين.

حيدرآباد شھر ۾ صوفي ميلي ٿيڻ جو خبرون پئي آيون. پوئين ملاقات ۾ سردار شاھ صاحب گفتگو ۾ اسان کي چيو ھو ته توھان به ان ميلي ۾ شرڪت ڪجو. سنڌ ۾ ترسڻ دوران اھڙين ثقافتي سرگرمين ۾ شرڪت اسان جي ترجيح رھندي آھي ان ڪري اسان به ان ۾ شرڪت لاءِ سنبرياسين. حيدرآباد وڃڻ جو ٻيو سانگو اھو ھو ته ڪئناڊا ۾ اسان جي چوياري جو دوست وشنو لوھاڻو تازو حيدرآباد پھتو ھو تنھن سان رابطي ۾ ھئاسين. سندس ڀاءُ چندر لوھاڻي حيدرآباد اچڻ تي وٽس ڊنر ڪرڻ جي دعوت ڏني ھئي. وشنو ۽ چندر لوھاڻي جو تعلق ٿاڻي بولا خان واري علائقي سان آھي. چندر حيدآباد ۾ ڪاروبار ڪري ٿو. ان سان گڏ ھو ڪن خير جي ڪمن ۾ اڳڀرو رھندو آھي. اسان چاھيو پئي ته جتي ميل ملاقات ٿئي اتي ان سان گڏجي اھڙي ڪنھن ڪم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪريون جيڪو سنڌ جي غريب ماڻھو جي ڀلائي لاءِ ھجي.

انھن ٻنھي سانگن سبب جنھن ڏينھن صوفي ميلي جو افتتاح ھو ان ڏينھن حيدرآباد شھر ڏانھن روانا ٿياسين. ميلو سنڌ جي ماڻھن جي مکيه تفريح رھي آھي. گھڻو ڪري سنڌ جي ٻھراڙين ۽ ننڍن شھرن ۾ پيرن تي ميلا لڳندا آھن. تر جي ماڻھن جي اھا ھڪ گھڻ رخي سرگرمي آھي جنھن ۾ تفريح سان گڏ عارضي دڪانداري ۽ ڪي ڪمائڻ جا ذريعا ھوندا آھن. اڳ ٻھراڙي جي ماڻھن جي دنيا محدود ھوندي ھئي ان ڪري ميلو انھن لاءِ ڪافي تفريح بڻجي ويندو ھو. ڪٿي اھو پير صاحب جي گادي وارا لڳرائيندا آھن ته ڪٿي وري ڪن ٻين سببن ڪري لڳندو آھي. ميلي ۾ دڪاندار يا واپارين کي علائقي ۾ ٿيندڙ ميلي جي تاريخ ميلي جي منتظيمن کان وڌيڪ ياد ھوندي ھئي ڇاڪاڻ جو اھو سندن روزگار سان لاڳاپيل آھي.

پنھنجي شھر باڊھ ۾ لڳندڙ پير تقي شاھ جي ميلي کي ياد ڪريان ٿو جيڪو ننڊڻ ۾ گھمندا ھئاسين. ان لاءِ نوان ڪپڙا سبرائيندا ھئاسين، خرچي به چڱي ملندي ھئي جيڪا ميلي ۾ خرچ ڪري خوش ٿيندا ھئاسين. ميلن جي ان مقبوليت کي ڏسندي جيڪب آباد شھر کي ترقي وٺرائيندڙ انگريز آفيسر سر جان جيڪب اتي چوپائي مال جو نمائشي ميلو شروع ڪرايو جنھن کي کوڙ مشھوري ملي ۽ اڄ تائين ھلندو اچي پيو.

ماضي جي تسلسل ۾ اھي روايتي ميلا ملاکڙا اڃا تائين جاري. قلندر شھباز جي ميلي تي سنڌ ۽ پنجاپ مان جھجھا عقيدت مند اچن ٿا. جتي ھو نعرا ۽ ڌمالون ھڻي پنھنجي مرشد جي شان ۾ الاپيا ويندڙ ڪلام ٻڌندا آھن. مثال طور

سگھو ٿي سير ۾ ساڻي، قلندر لعل سيوھاڻي،

مرشد لعل تنھنجي مان ملنگياڻي آھيان.

ميلو ھجي يا سنڌين جي ڪٿي ڪا سماجي يا ثقافتي گڏجاڻي ھجي اتي لعل ميري پت رکيو ڀلا وارو پنجاپي ڪلام گھڻو ڪري ھلندو آھي جنھن ۾ تيز ميوزڪ ماڻھن کي مست ڪري ٿي ۽ ھو ان تي جھمر ھڻندا آھن. ائين ڪي ٻيا ڪلام به جھڙوڪ مور ٿو ٽلي، الي منھنجا ماروئڙا جھڙا ڪلام محفل جو ضروري حصو ٿي ويا آھن.

سچل سائين جي ميلي تي وري عشق جي منزل واريون صدائون الاپيون وينديون آھن. ھڪ ڊگھو دور عشق ۾ پچي راس ٿيڻ، مرشد يا ھادي جو قرب حاصل ڪرڻ. مزاجي عشق جي ڏاڪي ذريعي حقيقي عشق تائين پھچڻ وارو فڪر عام رھيو. ھاڻ اھو ڪلاس نالي ۾ وڃي رھيو. ان جي جاءِ تي پڙھيل ماڻھو ان نظريي تي عمل بجاءِ ان جا مصنوعي عاشق آھن جيڪي صوفي راڳ تي ڪنڌ ڌوڻي منزل ماڻڻ چاھين ٿا.

جھڙو جھان اھڙو ئي ڪلام، ياد اٿم ته اسڪول جي نصاب ۾ ھڪ بيت پير پٿوري جي ميلي تي به ڪتاب ۾ موجود ھوندو ھو جنھن ۾ مينھن پوڻ تي ميلي جي ڦٽڻ ۽ نقصا ٿيڻ جو بيان ھو. ان جا ٻول ته ياد نه رھيا آھن باقي شروعات ھيٺين لفظن سان ٿي ھئي.

آھي اھو افسوس ۽ ارمان پٿورا وغيرھ

جتي روايتي ميلا پنھنجي انداز ۾ جاري آھن اتي پڙھيل يا شھري ماڻھن وري ادبي ميلا، لٽريچر فيسٽيول، صوفي ميلو، لاھوتي ميلو، اياز ميلو جھڙا ميلا مچائين ٿا. اھو روايتي ميلي جو ٻيو روپ آھي جيڪو شھر ۾ اسان جي تفريح واري ضرورت پوري ڪري ٿو.

ڪي ته ھن جھان کي به ميلو سمجھن ٿا ان شعر وانگر

ناصر یوں اس کی یاد چلی ہاتھ تھام کے

میلے میں اس جہاں کے کھونے نہیں دیا

جيئين شيڪسپيئر ھن زندگي کي ستن ڏاڪن ۾ ورھايو آھي جنھن ۾ تين منزل عاشق آھي. ڦوھ جواني ۾ ڪنھن سان عشق ٿيڻ ڄڻ ته ان عمر جي فطري گھرج آھي. اھو ٽين ڏاڪي وارو عشق زندگي جي ان ڏاڪي لنگھڻ کان پوءِ ماٺو ٿي وڃي ٿو پر جيڪو عشق معرفت ماڻڻ لاءِ ٿئي ٿو سو زندگي ڀر رھي ٿو.

حيدرآباد پھتاسين ته ميلي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجھ وقت ھو. اسان اھو وقت سجايو ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي سرواڻ نورمحمد بجير سان ملڻ سندس آفيس ۾ وياسين. اتي سندس تنظيم جي ڪارڪردگي جي تفصيل ويٺي معلوم ڪئي سين. ھڪ ته ماڻھو مکڻ ٻيو ھو عوام جي ڀلي لاءِ ڪوشان اھڙو بي لوث ماڻھو ملي وڃي ته ان سان رھاڻ جو لطف ئي پنھنجو آھي. اتي ويٺي اسان پنھنجي ڪئنيڊين دوست عطاءُ الله ملاح جنھن جو تعلق حيدرآباد شھر سان آھي تنھن کي فون ڪري ھن آفيس ۾ اچڻ جو چيوسين. ھو به اچي محفل جو حصو ٿي ويو. ڪافي دير ڪچھري کانپوءِ وقت ٿيڻ تي سڀ صوفي ميلي واري ھنڌ ڏانھن روانا ٿي اتي پھتاسين.

واقعي ميلو لڳو پيو ھو. پوليس جا به ڪي آفيسر اچڻا ھئا تنھنڪري مين گيٽ ويجھو ڪنھن کي گاڏي بيھارڻ به ڪو نه ٿي ڏنائون. اسان لھي ڊرائيور کي ڪٿي وڃي گاڏي پارڪ ڪرڻ جو چيوسين.

پروگرام جي افتتاحي تقريب شروع ڪرڻ لاءِ خاص مھمانن جي اچڻ جو انتظار پئي ٿيو. ميلي ۾ موجود ڪيترن ماڻھن کي ڳچي ۾ گيڙو رنگ جا مفلر پيل ھئا. مھمانن کي به آڻي پئي ڏنائون اسان به جڳ جھڙا ٿيڻ لاءِ اھي ڳچي ۾ وڌا. منتظيمن مان ته ڪي ترڪي ٽوپي کان ويندي سڄو لباس ان رنگ جو پھري صوفين واري لباس ۾ ھجڻ جو ڏيک بڻايو پئي ھليا. اتي ڪن دوستن سان ملاقات به ٿي. انتظاميه مان ڊائريڪٽر ڪلچر کاتوحبيب الله ميمڻ به اچي مليو. ٻڌايائين ته سائين سردار شاھ ڪنھن ضروري ڪم سبب اچي ڪو نه سگھيو آھي. اسان حبيب الله سان خبرون چارون پئي ڪيون ته ٿوري دير کان پوءِ خاص مھمان ڊي جي ڪلچر منور مھيسر، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻيا به اچي پھتا ۽ پنڊال طرف ھلڻ لڳا. حبيب الله اسان کي وٺي اچي پھرين صفن ۾ ويھاريو. ھن سمجھيو ته ھي مھمان آھن پوءِ متان رش ۾ کين جاءِ نه ملي.

جڏھن سڀ اچي ويٺا ته پھرين سيشن جيڪو صوفي ازم تي ھو تنھنجي ڪاروائي جي شروعات ٿي. ان پينل ۾ سائين منور مھيسر سان گڏ مدد علي سنڌي، شير مھراڻي، صوفي جاڻڻ چن جي گادي واري خاندان مان ھڪ نوجوان ۽ ڪي ٻيا اچي ويٺا. موضوع سان سندن لڳاءُ ۽ صوفي ازم جي سنڌ ۾ گھڻي مڃتا واري اثر ھيٺ ھو ان موضوع تي ڀرپور ڄاڻ رکن ٿا. ھنن پنھنجي ڄاڻ، مشاھدي تصور ۽ چاھت موجب پئي خيالن جو اظھار ڪيو جنھن ۾ ڪافي گھرائي ھئي. صوفي نظريي جي ھڪ ڳالھ اھا آھي ته اھو ھر صوفي بزرگ جي پنھنجي مشاھدي تي ٻڌل آھي تنھن ڪري ان جي ھڪ وصف بجاءِ ھر بزرگ جي پنھنجي سوچ ۽ ويچار آھي. ان ڪري صوفي ازم کي سمجھڻ لاءِ گھڻن صوفين جي فڪر جو مشاھدو ڪرڻو پوندو.

اسان جي جھان ۾ ڪي صوفي گذريا آھي، ان جو ٿورو تسلسل اڄ به موجود آھي، ڪي ان کي علم جي زور تي بيان ڪري وسيع علم رکڻ وارو ڪريڊٽ کڻندا آھن ته ڪي صوفي راڳ تي ڪنڌ لوڏڻ وارا. سچل سائين جي خاص مريدن ۾ خوش خيرمحمد ھيسباڻي، نانڪ يوسف، غلام حيدر گودڙيو ۽ ڪي ٻيا شامل ھئا سي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ادارا بڻجي ويا ھئا. خوش خيرمحمد جي خاندان جي ڪن ڄاڻو فردن سان ڪچھري پئي ٿي. ھو ان سلسلي جي تعريف سچل کان شروع ڪري پنھنجي بزرگ تي يچي ٿي ويا. کين چيم ته سچل جا ته پوئلڳ پڌرا آھن پر انھن خليفن جو ڪو پوئلڳ ڇو ڪونھي جو انھن جھڙو ٻوٽو باري. ان جو مطلب ته مرشد، مريدي، سلسلي ۾ اھو عشق نه رھيو آھي جنھن سبب ھي سلسلو ھلندو ھو. مون کين وڌيڪ چيو ته توھان اھو سلسلو کڻي ڇو اڳتي ڪو نه ھلي سگھيا، ٻيو ته ڇا ان سلسلي جو طلسم ھان ٽٽي چڪو آھي جو نه اھڙا بزرگ آھن ته نه وري اھڙا سندن فقير.

مون کي حيرت انھن پڙھيل لکيل ماڻھن تي ٿيندي آھي جيڪي صوفي ازم تي ڊگھو علم ۽ ڄاڻ رکن ٿا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏين پر ھو پاڻ عملي طور تي صوفي ڪونھن. ھڪ اھڙي ھمراھ کي چيم ته جي اھو نظريو سٺو آھي ته تون به دل صاف ڪري صوفين وارو انداز اختيار ڪر. اھا حقيقت آھي ته صوفي ازم، شاھ لطيف، موھن جو دڙو ۽ سنڌو درياھ اسان جي روزگار جو وسيلو ٿي ويو آھي. کين خبر آھي ته سنڌي ماڻھن وٽ انھن جو مان آھي ۽ ھو انھن جي تعريف ٻڌڻ چاھين ٿا سا ھو ڪري پنھنجو ڪم ھلائين ٿا.

سيشن پئي ھليو ته ان دوران وشنو لوھاڻو، سندس ڀاءُ چندر لوھاڻو ۽ سندس ھڪ دوست به اچي پھتا جيڪي اسان سان گڏ اچي ويٺا. سيشن جي پڄاڻي تي راڳ شروع ٿيو جنھن ۾ پھريان ريشمان پروين ۽ فقير شوڪت علي سر وکيريا جنھن کان پوءِ اھو سلسلو ھلندو رھيو. اسان ٿوري دير راڳ ٻڌي ا اٿياسين ميلي وارو مقام گھمڻ تي معلوم ٿيو ته مختلف ھنڌن تي راڳ جون ٻيون محفلون به پئي ھليون. اسان حبيب الله سان گڏجي ان سينٽر جي ڊائريڪٽر ڪلچر مھر صاحب جي آفيس ۾ آياسين جتي ٻي سنگت به اچي ويئي جن سان چانھن جي ڪوپ تي تعارف ۽ ڪچھري به ٿيندي رھي. ان کان پوءِ اسان سنگت کان موڪلائي وشنو لوھاڻي سان گڏ روانا ٿياسين. اتي نور محمد بجير اھو چئي موڪلايو ته مون کي آفيس ۾ ڪم ڪرڻو آھي. سوچيم ته اسان جھڙو ڪو ھجي ته ھنن ڪچھرين لاءِ ڪم ڪار ڇڏي ڏئي پر جس ھجي نورمحمد بجير کي جنھن ڪم کي ترجيح ڏئي شام جي محفل جو لطف قربان ڪيو.

اسان چندر لوھاڻي جي فڪٽري ۾ پھتاسين جتي ويھڻ جو سٺو بندوبست ھو. ھن اسان جي ڪچھري مچائڻ لاءِ پنھنجا ڪافي دوست به گڏ ڪيا ھئا. اتي اسان جي ڪئناڊا جي چوياري جو دوست دليپ رتناڻي به اچي پھتو جيڪو ٿر مان واپسي تي سڌو ھت آيو ھو. چندر لوھاڻو دلبر ماڻھو آھي جنھن خلوص سان سڀني کي ڀليڪار چيو ۽ اسان جي تواضع ۽ ڊنر لاءِ وسيع دسترخوان سجايو ھو. اسان روايتي ڪچھري پئي ڪئي. خيالن جي ڏي وٺ ۾ خيالن جو گھوڙو ڪڏھن ھيڏانھن ڪڏھن ھوڏانھن پئي ڊوڙيو. ماڻھو سڀ پڙھيل لکيل سلجھيل، پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ مھارت رکندڙ ھئا تنھنڪري ھر موضوع تي گھرائي سان پئي ڳالھايائون جيڪو سٺو پئي لڳو.

ايئن وشنو ۽ سندس ڀاءُ چندر لوھاڻي جي مھمان نوازي جو خوب لطف وٺي آڌي رات ڌاري حيدرآباد شھر ۾ ڊاڪٽر شاھد قريشي جي گھر آرامي ٿياسين. جتان صبح جو واپس ڪراچي روانا ٿياسين.

چوڏھين جنوري شام جو ٽنڊو ڄام ويھجو ڪروز ڪلب بئنڪيت ھال ۾ عبدالستار ھاليپوٽي جي پٽ جي شادي جو ڪاڄ ھو. عبدالستار ھاليپوٽو ڪئناڊا جي شھر ايڊمنٽن ۾ رھي ٿو جتي جي سنڌي سنگت جو متحرڪ ڪردار آھي. ان سان گڏ اسان ٽورنٽو ۾ رھندڙ ڪافي دوستن سان سندس نيازمندي آھي. ھن مند ۾ اتان جي دوستن جو گھڻو اچڻ ٿئي ٿو سي آيل سڀ دوست ھن ڪاڄ ۾ ڪانڊيل ھئا. سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو به پنھنجي ڀائٽيي جي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ آيل ھو. ان ڏينھن اسان پھريان حيدرآباد ۾ گڏ ٿياسين جتان پوءِ ٽنڊو ڄام لاءِ روانگي ھئي. سنگت ۾ مان، ڊاڪٽر شاھد قريشي،، دليپ رتناڻي، ۽ ٻيا دوست شامل ھئا. حيدرآباد سان تعلق رکندڙ عطاءُ الله ملاح ۽ ٻيا دوست سڌا اتي پھچڻا ھئا. عبدالجبار لاشاري ٽنڊي ڄام ۾ موجود ھو سو اتي اسان کي گڏجڻو ھو.

اسان جو دوست آفتاب ميمڻ جنھن جو تعلق ٽنڊي ڄام سان آھي سو پڻ آمريڪا مان پنھنجي شھر ۾ آيل ھو. ھو آمريڪا جي رياست نيو جرسي ۾ ڪافي وقت رھيو ھاڻي وري ٻي رياست ورجينيا ۾ مقيم آھي. ھو اتي ڪاروبار ڪري ٿو. سنڌي ڪميونٽي جو متحرڪ ڪردار آھي ھو سانا جي تنظيم ۾ نائب صدر به رھي چڪو آھي. ذاتي طور تي قربدار ماڻھو آھي جنھن سان ملڻ تي دل چوندي آھي. ھن کي اسان جي اچڻ جي خبر پئي ته ھن ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ اسان کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ ساڻس گڏجي چانھن پيئڻ لاءِ چيو. سٺو موقعو ھو دوست سان ملاقات به ٿي ويندي. ان ڪري اسان وٽس اچڻ جي پڪ ڏياري. قربدار تان اساتد بخاري جو شعر ياد آيو تہ

ڪي قربدار ڪڪريون، آڇين ڇانو ڇپريون،

استاد جي حياتي، نه ته ڌر تتي به آھي،

ھن دور ڪئي اڌواڌ، ھي زندگي به آھي.

اسان آفتاب ميمڻ وٽ ڪجھ دير وڃڻ جي پروگرام سبب حيدرآباد مان ڪجھ وقت اڳ نڪتاسين. آفتاب وارن جو بنگلو ٽنڊو ڄام مين روڊ تي بازار ۾ ئي آھي. اتي پھتاسين ته ھن ٻاھر اچي اسان کي گرمجوشي سان ڀليڪار ڪيو. اندر ڊرائينگ روم به ڪشادو ھو جتي اڳ ئي ڪيئي ماڻھو موجود ھئا جنھن جو ھڪ سبب ٻئي ڏينھن مڪاني ادارن جون چونڊون ھيون جنھن ۾ آفتاب جو ڀاءُ نعيم ميمڻ به اميدوار ھو.

ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين ته آفتاب پنھنجي ڀائرن جن ۾ نديم الرحمان، نعيم ۽ ٻين موجود شھر جي دوستن سان تعارف ڪرايو. نديم الرحمان ميمڻ ويھين گريڊ جو سرڪاري آفيسر آھي جيڪو ٿورو وقت اڳ حيدرآباد جو ڪمشنر به رھي چڪو آھي. ٻئي ڏينھن ڇاڪاڻ ته چونڊن جو ڏينھن ھو. آخري رات چونڊ جي تياري ۾ اميدوار ۽ سندن ورڪر بيحد مصروف رھندا آھن پر ان مصروفيت کي ھڪ پاسي ڪري ھنن ٽنھي ڀائرن اسان کي جتي پورو وقت ڏنو اتي دل سان تواضع به ڪيائون. پھريان روايتي مھمان نوازي موجب ھنن اسان مھمانن کي اجرڪ پارايا. ان کان پوءِ تواضع جون کوڙ شيون آڻي ٽيبل ڀري ڇڏيائون. مون آفتاب کي چيو ته اسان کي ٿوري دير ۾ وليمي ۾ وڃڻو آھي تو ھيتري تڪليف ڇو ڪئي آھي. ھن مرڪي چيو ته ادا توھان پھريون ڀيرو آيا آھيو ان ڪري دل کولي توھان جي تواضع ڪرڻ تي دل گھري ٿي. سنڌ جي مھمان نوازي جي حوالي سان چوندا آھن ته آئي جي عزت آھي. ان ڪري ئي ھنن دل کولي اسان کي عزت پئي ڏني.

چونڊن بابت سندس ڀاءُ کان پڇيوسين ته ھن وراڻيو ته منھنجي پوزيشن ڪافي مضبوط آھي جنھن جو سبب راڄ ۾ اسان جي نيازمندي واري واٽ آھي. اسان جي معاشري ۾ ٻئي کي عزت ڏيڻ، مھل تي ڪنھن جي ڪم اچڻ ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ کي چونڊ جھڙن موقعن تي موٽ ملي ٿي. ھنن يارن جو به ان حوالي سان سٺو رويو رھي ٿو جنھن ڪري ھو چونڊ کٽڻ لاءِ پراميد ھئا.

چونڊن جي حوالي سان ضياءُالحق جي حڪمراني جي ڏينھن ۾ ھڪ ٽوٽڪو مشھور ٿيو ھو. اصل ۾ ضياءُالحق چونڊون ڪرائڻ نه ٿي چاھيون ته جيئن سندس آمراڻو دور وڌيڪ وقت ھلي. ٻيو ته کيس پڪ ھئي ته چونڊن جي نتيجي ۾ سندس پسند جي نتيجن اچڻ جو گھٽ امڪان آھي. چون ٿا ته ھڪ حجام ضياءُالحق جا وار ڪٽڻ ايندو ھو. اچڻ شرط ھو ضياءُ کان پڇندو ھو ته سر چونڊون ڪڏھن ٿا ڪرايو. ضياءُ ھر ڀيري ان جي سوال کي ٽاري ڇڏيندو ھو. ھر ڀيري ان سوال تان نيٺ ضياءُ الحق ڪڪ ٿي، ڪاوڙجي کيس وراڻيو ته تنھنجو چونڊن ۾ ڇا تون ڇو ھر ڀيري چونڊن جو پڇندو آھي. ان حجام وراڻيس ته سر مان غريب حجام مون کي ڪو چونڊ وڙھڻي آھي؟. مان توھان کان جڏھن چونڊن بابت سوال ڪندو آھيان ته توھان جا وار اڀا ٿي ويندا آھن تنھن ڪري مان سولائي سان ڪٽي وٺندو آھيان. سو سائين چونڊون اميدوارن کي پريشان ڪن ٿيون. ڪن جا وار اڀا ٿين ٿا ته ڪي بيزار ٿين ٿا. اھو به ھڪ وڏو سبب آھي جو جاگيردار ۽ ڀوتار اڳ جيڪي پنھنجي مرتبي سبب عام ماڻھو سان گھٽ ئي ملندا ھئا سي ھاڻي ووٽ جي مجبوري ھيٺ ماڻھن سان ملن به ٿا ته پنھنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ماڻھن سان سٺي ھلڻ جو تاثر ڏين ٿا.

 آفتاب ميمڻ سان دعا سلام سان گڏ پوئتي آمريڪا ۾ سندس ڪاروبار ۽ نئين علائقي جتي ھو ھاڻ رھي ڪاروبار ڪري ٿو تنھنجي ڄاڻ ورتي سين. ڪافي دير ويھي سنگت کان موڪلايو سين ته ٽيئي ڀائر ٻاھر نڪري اسان کي ڇڏڻ لاءِ آيا. سندن مھمان نوازي ۽ قرب جا ٿورا مڃي اسان ان ھال طرف روانا ٿياسين جتي شادي جو وليمو رکيل ھو.

اڄ جي جھان ۾ جتي معاشري جي ھڪ طبقي وٽ پئسو اچي ويو آھي اتي اھي ماڻھو ھاڻي روايتي طور طريقن کان ھٽي شھري انداز اختيار ڪن ٿا. شادي ھال جو سسٽم ان ڪري سٺو آھي جو اتي پئسن عيوض ھر شي ٺھيل ٺڪيل ملي ٿي جنھن ۾ ميزبان جو ڪم گھٽجي وڃي ٿو. ان سان گڏ ھي ھڪ وڏو ڪاروبار آھي جنھن سان پئسا ڪمائي سگھجن ٿا. ان ڪري ھاڻ ننڍن شھرن ۾ به شادي ھال کلي ويا آھن ان حوالي سان ٽنڊو ڄام ويجھو مين روڊ لڳ ھڪ ڪروز ڪلب بئنڪيٽ نالي سان سٺو ھال ٺھيو آھي جتي علائقي جا سرندي وارا ماڻھو پنھنجي ڪاڄ جي تقريب رکن ٿا.

بحري جھاز جي شڪل وارو ڏيک ڏيندڙ ھن ھال تي ان جي نسبت سان ڪروز نالو رکيو ويو آھي جيڪو اڄڪلھ جي بحري سير تفريح جو وڏو جھان بڻيل آھي. مغرب ۾ ڪروز لاءِ ڪيئي ماڙ بحري جھاز جوڙيا ويا آھن جيڪي پنھنجي اندر ڄڻ ته شھر يا جدا جھان ھوندو آھي. رھڻ لاءِ ھوٽل جيان ڪمرا. کاڌي پيتي جي مفت ۽ معياري سھوليتون، تفريح لاءِ سئمنگ پول، ان سان گڏ ڪيئي پروگرام جنھن ۾ راڳ، ڊانس، يا ڪرتبن ذريعي تفريح مھيا ڪندڙ گروپ. ائين ڪي ڏينھن ان ڪروز ۾ سير سفر ڪندڙ ماڻھو جھاز ۾ پنھنجي پنھنجي پسند جي تفريح مان پيو لطف وٺندو آھي. ان سان گڏ کلئي سمنڊ ۾ سفر جو نظارو جيڪو عام زندگي ۾ ڪو نه ملندو آھي. ائين چند ڏينھن ۾ ماڻھو نئين ماحول ۾ عام زندگي جي معمول کان پري رھي تفريح واري جھان ۾ گذاري ٿو جنھن سان ھو تازو توانو ٿي واپس وري ٿو.

زمين جي اٽڪل ستر سيڪڙي ايراضي تي پاڻي آھي تنھن وسيع جھان ۾ بحري جھاز ھلندا رھن ٿا. ڪٿي ماڻھن جي سفر لاءِ ته ڪٿي واپار جو سامان پھچائين لاءِ. عالمي واپار جو اٽڪل ۸۰ سيڪڙو کان به وڌيڪ مال مختلف ملڪن ڏانھن بحري جھازراني ذريعي موڪليو وڃي ٿو جيڪو سستوآھي ۽ گھٽ وقت به وٺي ٿو. ائين ھي بحري واپار عالمي معيشت جي ڪرنگھي جي ھڏي مثل آھي.

انساني تاريخ ۾ ٻيڙي جو ذڪر حضرت نوح جي ڏينھن کان ملي ٿو جنھن جو مطلب ته ٻيڙي جو ھنر ۽ استعمال انھن ڏينھن ۾ موجود ھو. ماضي ۾ عربن جي واپار جا قصا ھجن يا سنڌ ورڪين جا سفر ھجن تن جي واپار ۽ سفر لاءِ بحري ٻيڙا ئي مکيه ذريعا ھئا. ھي جو عربن، پورچوگيزن، انگريزن اسان جي علائقي ۾ اچي قبضا ڪيا يا يورپ جي ٻين قومن سڄي دنيا جي قومن تي قابض تي انھن جي وسيلن کي لٽيو تن جي سفر جو مکيه وسيلو بحري ٻيڙا ھئا. نيپولين بوناپارٽ جيڪو ھڪ قوت ٿي يورپ تي بالادست ٿيو ھو تنھن کي برطانيه شڪست ڏني. برطانيه جي ان فتح جو وڏو سبب برطانيه جي مضبوط بحري قوت ھئي. آمريڪا جي ھڪ رٽائر ايڊمرل آمريڪي حڪوت کي صلاح ڏني ھئي ته دنيا جي پاڻي جي رستن تي قابض ٿيڻ سان ئي اسان سپر پاور ٿي سگھنداسين. ان صلاح کي قبول ڪندي آمريڪا نيوي جي مضبوطي تي زور ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ آمريڪا بحري ٻيڙا دنيا ھي ھر حصي ۾ پھتا ۽ اتي اڏا قائم ڪيا ويا جنھن سان آمريڪا جي بالادستي وارو مقصد پورو ٿيو.

ياد اٿم ته ستر جي ڏھاڪي تائين حج لاءِ عام ماڻھو بحري جھاز ۾ سفر ڪندا ھئا جن ۾ ٻن جھازن جا نالا ورتا ويندا ھئا. ھڪ سفينه حجاج ۽ ٻيو سفينه عرب. گھٽ ڀاڙي سان عام ماڻھو سعودي عرب پھچي ويندو ھو. ٻيو ته بحري جھاز ۾ کوڙ سامان کڻڻ جي گنجائش ھئي تنھن ڪري ھو دل کولي سامان آڻيندا ھئا. اڄ به جيڪڏھن ان جھاز راني تي ڌيان ڏجي ته ماڻھن کي سستي حج جي سھوليت مھيا ٿي سگھي ٿي. ان سان گڏ دبئي، ايران ۽ ڪتيرن عرب ملڪن سان گڏ مشرق ۾ انڊيا، بنگلاديش ۽ انھن کان اڳتي ملڪن ڏانھن سستي سفر سان گڏ سير تفريح لاءِ ڪروز شپ جي سروس ھلي سگھي ٿي. ھي ھڪ وڏو ڌندو به آھي ته عام ماڻھو لاءِ سستو سفر. اھڙن موقعن ھجڻ جو به اسان جي سرڪار کان ويندي ڪاروباري ماڻھو فائدو ڪو نه ٿا وٺن.

 اسان عجيب ماڻھو آھيون. موٽر سائڪل آئي ته سائيڪل جي سواري تمام گھڻي گھٽجي ويئي. جڏھن ھوائي سفر ۾ وسعت آئي ته بحري جھازن جو سفر بند ئي ٿي ويو. اسان جو عام ماڻھو مالي لحاظ کان ايترو خوشحال ڪونھي پوءِ به ڪنھن سستي وسيلي تي سندس اک ئي ڪانه ٿي ٻڌي.. دنيا ٻيڙين کان بحري جھاز کان جنگي جھاز ۽ آبدوز تائين پھچي ويئي. اسان ان صنعت ۾ اڳتي ته ڪو نه وڌياسين پر ٻيڙين ٺاھڻ جي اھا صنعت جتان عرب ملڪن جا ماڻھو به اچي ٻيڙيون ٺھرائيندا ھئا سا زوال پذير ٿي چڪي آھي. بحري جھازن ٺاھڻ جو ھڪ ئي ڪارخانو ڪراچي شپ يارڊ ٺھيو جنھن ۾ ڪي ڳڻڻ جيترا جھاز ٺھيا پر شپ بريڪنگ ۾ سو اسان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي به پھچي ويا ھئاسين. يعني بحري جھاز ٺاھڻ ۾ ٻين کان پوئتي باقي جھاز ٽوڙڻ ۾ ٻين کان اڳتي.

ھال شھر کان باھر ھو ان ڪري پارڪنگ به ڪشادي ھئي. جتي گاڏيون پارڪ ڪري اندر وياسين ته ميزبانن مان عبدالستار ھاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر مقبول مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪندي نطر آيا. اسان سان مليا ته اسان کين مبارڪ ڏني جنھن کان پوءِ ھنن اسان کي اسٽيج ويجھو ھڪ ٽيبل تي ويھاريو جتي ڪيترن دوستن جي ويھڻ تي محفل مچي ويئي. ماضي ۾ شادي جي تقريب منعقد ڪرڻ ۾ جتي کوڙ ڪم ڪار ھوندو اتي گھڻا ماڻھو ان ڪم ڪار جو حصو ٿي ھڪ ٻئي جي مددگار ٿي ھٿ ونڊائيندا ھئا. ان سان ڪاڄ جي انتطامن دوران پاڻ ۾ گھڻو وقت گذارڻ جو موقعو به ملندو ھو. زرعي سماج ۾ وقت به گھڻو ھو تنھنڪري ماڻھو ھڪ ٻئي کي وقت به ڏيندا ھئا. ھاڻ ته ڪاڄ جو معمول دعا سلام ڪرڻ ۽ ماني کارائڻ تائين محدود ٿي ويو آھي.

ان تقريب جي پڄاڻي تي حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. ان ڪاڄ ۾ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ اسان جو دوست طفيل ميمڻ به شريڪ ھو. واپسي تي گڏ سفر ڪيوسين موڪلائڻ مھل ھن اسان کي صبح جو وٽس نيرن ڪرڻ جو چيو. پر خلوص ماڻھو آھي ان ڪري سندس نيرن جي دعوت قبول ڪئي سين. مقصد ھن سان چار گھڙيون گذارڻ به ھو. اسان رات حيدرآباد ۾ ترسياسين، صبح جو اسرا ڪالوني ۾ ھن جي گھر پھتاسين ته ھن اسان جي ٻي سنگت مان نرينجن راڄاڻي، گھنشام راڄاڻي، ڊاڪٽر حليم مگسي کي به گھرايو ھو. سنگت سان رھاڻ دوران نيرن ڪئي سين جيڪا سندس ۽ اسان جي پسند جي کاڌن تي ٻڌل ھئي. تنھنکان پوءِ سنگت کان موڪلائي واپس ڪراچي روانا ٿياسين

اسان جي پروگرام جا ڏينھن ويجھا ٿي رھيا ھئا تنھنڪري پروگرام جي تيارين ۾ مصروف رھڻ لڳاسين. ان سلسلي ۾ ھڪ ڏينھن مشرق سينٽر ۾ سنڌ لتريچر فيسٽيول جي آفيس وڃي نصير گوپانگ ۽ زھيب ڪاڪا سان ملڻو ھو. ھنن سان ملڻ جو ڏينھن ۽ وقت طي ٿيل ھو تنھن ڪري ھو اسان جي انتطار ۾ ھئا. مان ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي مقرر وقت تي اتي پھتاسين. ھي ٻئي نوجوان باصلاحيت آھن، اٽل ارادي سان ڪم جي شروعات ڪري وڃي پار پوندا آھن. ڪنھن مقصد جي ڪاميابي لاءِ ھڪ گول ۽ ٻيو اڻ ٿڪ محنت ڪاميابي جي امڪانن کي وڌائي ڇڏي ٿي. جيڪڏھن ناڪامي به ٿئي ته اھا انسان کي ڪافي سيکاري ٿي. تجربو ان شي جو ئي ته نالو آھي. تجربي ۾ ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ٻئي ھجڻ ته پوءِ ئي انسان متوازن طريقي سان اڳتي جو سفر جاري رکي سگھندو.

ياد اٿم ته نوڪري دوران ڪم ڪار سانگي ڪيترن اھڙن ماڻھن سان ملاقات ٿيندي ھئي جيڪي ڪاروباري ۽ جھانديدھ ھئا. ھڪ ڏينھن اھڙي ھڪ ھمراھ سان تعارف ۽ ڪچھري ٿي. پھرين ملاقات ھئي جنھن ۾ ھڪ ٻئي سان تعارف ۽ پوءِ تفصيلي گفتگو ٿي. مون پنھنجي تعليم، نوڪري، ۽ پروموشن وغيرھ جو ذڪر ڪيو. اھو ٻڌي ھن وراڻيو ھو ته تنھن جو مطلب تون اڃا مڪمل ڪو نه آھين. اھو وري ڪيئن مون کانئنس پڇيو تنھن تي وراڻيائين ته تو ڪا ناڪافي ڏٺي ئي ڪونھي يا ان جو ذڪر ڪو نه ڪيو اٿئي تنھن مان سمجھان ٿو ته تنھنجي شخصيت اڃا نامڪمل آھي. جڏھن تون ڪي ناڪاميون ڏسندين ته پوءِ ئي تنھنجي سوچ متوازن ٿيندي. ان ڪري ئي حضرت علي جو قول آھي ته مون ناڪامين مان ئي رب جي وجود کي ڄاتو.

نوجوانن وٽ پھتاسين ته بيحد قرب سان مليا، اسان سندس ڪم ڪار ۽ ڪاوشن جي تفصيل ڄاڻڻ چاھي جيڪا ھنن ٻڏائي ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪوششن جي حوالي سان پرعزم نظر آيا. ان سفر ۾ جتي ھنن کي ڪي اھرا ماڻھو مليا جيڪي سندن مددگار ٿيا ته ڪي اھڙا به مليا جن پنھنجي عملن سان ھنن جي ڪم ۾ رنڊڪون وڌيون. ڪي وري سندن ڪاميابين ۾ مفت جا حصيدار ٿي ويا آھن ته ڪي وري ھوريان ھوريان سندن ڪاميابين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آھن پر ھو انھن سڀني کي نظرانداز ڪري پنھنجي ڪم تي ڌيان ڏيندا ٿا اچن. بھرحال ڏکياين جي باوجود ھي نوجوان پنھنجو ڪم ڪندي اڳتي وڌي رھيا آھن. سندن ڪاميابين جا تفصيل ٻڌي خوشي ٿي ۽ سندن عزم کي ڏسي مٿن فخر ٿيو.

ان ڏينھن واري ڪچھري ۾ ھنن اسان جي پروگرام کي ترتيب ڏيڻ ۾ پنھنجي راءِ ڏيڻ سان گڏ ڪي نالا ڏنا جيڪي ان پروگرام ۾ مقرر طور ته ڪي ايوارڊ ڏيڻ جي لائق ھئا. سندن مدد سان اسان انھن ماڻھن سان رابطا ڪري انھن کان پروگرام ۾ شرڪت جي پڪ ورتي سين. ان سان گڏ اسان پنھنجي رٿيل پروگرام جي ميزباني واري ذميواري به نصير گوپانگ کي ڏني جيڪا ھن خوشي سان قبول ڪئي.

ملاقات جي پڄاڻي تي ڊاڪٽر شاھد قريشي موڪلائي روانو ٿيو ته مان ان ئي بلڊنگ ۾ ميٽرو ون ٽي وي چينل جي آفيس ڏانھن روانو ٿيس. ان ٽي وي چينل جي ھڪ پروگرام جو ميزبان امتياز مير ھو جنھن اڄ شام جو مون کي ھڪ مذاڪري ۾ ويھڻ لاءِ چيو ھو جيڪو ملڪ جي سياسي صورتحال متعلق ھو. مان اتي پھتس ته امتياز مير مليو جنھن سان ٿوري دير پروگرام کان اڳ خبرون چارون ٿيون. وقت ٿيڻ تي اسٽوڊيو ۾ وياسين. ان ڏينھن واري مذاڪري ۾ مکيه اسپيڪر سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه ھو.

پروگرام دوارن ميزبان ان کان ئي گھڻا سوال ٿي ڪيا. ان سان گڏ ھن ھڪ پي ٽي آءِ جي ۽ ٻئي پارٽي جي سياستدان کي به لائين تي وٺي ھلندڙ گفتگو تي سندن خيال معلوم ڪيا. مون کان ھن پروگرام دورام ٽي چار سوال ڪيا جيڪي گھڻو ڪري ڪئناڊا جي سياسي نظام متعلق ھئا. شايد ھن سمجھيو پئي ته ھي ٻاھر جي رھڻ واري کي ھتان جي حالتن ۽ مقامي سياست جي ڪھڙي خبر. مون به جيڪو ڪجھ پڇيو ويو انھن جي جوابن تائين پنھنجي گفتگو محدود رکي.

اسان جو اخبارون ھجن يا ٽي وي پروگرام انھن ۾ اھو ڪجھ زير بحث ايندو آھي جنھن جي گھڻو ڪري ھر ڪنھن کي خبر ھوندي آھي. پنھنجي ملڪ جي ڪچھري ھجي، اخبار جون خبرون يا ڪالم ھجن، ٽي وي جا مذاڪرا ھجن سي روزمرھ جي گفگتو جي ارد گرد ھوندا اھن فرق ايترو ھوندو آھي جو نمائندا ان کي ترتيب ڏئي پيش ڪندا آھن ۽ ڪچھري ۾ اھي بي ترتيب ڳالھايا ويندا آھن.

پروگرام جي پڄاڻي تي امتياز مير کان موڪلائي نڪتاسين ته بلڊنگ کان ٻاھر ايندي ڪريم خواجه سان گفتگو ٿيندي رھي. ھن ٻڌايو ته سندس ٻه بار به ڪئناڊا ۾ رھندا آھن جن سان ملڻ سانگي مان به ايندو رھندو آھيان. مون کيس ايندڙ ڀيري اچڻ تي اتي ملڻ جو چيو جنھن جو ھن واعدو ڪيو. ھن مون کي چيو ته ڪراچي ۾ ترسڻ دوران ڪو ڪم ڪار ھجي ته مون کي ياد ڪجو. خيرسگالي جي ان ڏي وٺ کان پوءِ مکيه دروازي تي ھڪ ٻئي کان موڪلايوسين. ھو پنھنجي ڪار ۾ ھليو ويو. مون پنھنجي پروگرام موجب ڪريم جي ٽئڪسي گھرائڻ لاءِ فون ڪرڻ شروع ڪيا پر ڪو جواب ڪونہ. ڪراچي شھر ۾ ڪريم جون ايتريون ٽئڪسيون آھن جو فون ڪرڻ جي دير ھوندي آھي پر اڄ پھرين ڀيرو ٽئڪسي نه ٿي ملي. ڪرڪيٽ راند سبب ھن روڊ تي ٽرئفڪ جام ھئي ۽ گاڏين جو ھلڻ مشڪل ھو. ان ڏکيائي سبب شايد گاڏيون ھن طرف نه پئي آيون جو ھيڏانھن اچڻ جو مطلب ٽرئفڪ ۾ ڦاسڻ جي برابر ھو.

جڏھن فون تي ٽئڪسي ملڻ جي ڏکيائي محسوس ڪيم ته مجبور ٿي گھٽي ۾ ھيڏي ھوڏي ڏسي ڪنھن رڪشا تي واپس فليٽ تي وڃڻ جو سوچيم. ٽي چار رڪشا وارا ته ويجھو گراھڪ ملڻ جي چڪر ۾ ھئا پر ھڪ رڪشا وارو ملي ويو جنھن ڪرايو وڌيڪ ٻڌايو پر مان جيڪو چيائين سو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويھي رھيس. پوءِ ته ھن جي ڪاريگري ھئي گاڏين وچان، ڪٿي پاسي مان گھمائي ڦيرائي نيٺ اچي ڪينٽ اسٽيشن ويجھو اسان جي فليٽ تي پھتو. ھوا به خوب لڳي ۽ سڄو سفر دعا ڪندو آيس ته خير سان پھچان. ھن جي جھڙي ڊرائيونگ ھئي ته خوف پئي ٿيو ته ھي ڪٿي رڪشا نه وڃي ھڻي.

ٽي وي پروگرام جي حوالي سان ان کان اڳ آواز ٽي وي جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا ھئاسين جنھن ۾ مان ڊاڪٽر شاھد قريشي، مبشر ملڪ سان گڏ پنجاپ جي ھڪ يونيورسٽي مان اڳوڻو پروفيسر جيڪو آسٽريليا ۾ به ڪم ڪري چڪو آھي سو شريڪ ھو. پروگرام جي ڊائريڪٽر مريد ڄامڙي سان پراڻي دعا سلام اھي تنھن اسان کي پروگرام ۾ اچڻ جي ڪوٺ ڏني ھئي. پروگرام جي ميزبان سندس نياڻي شازيه ڪريم ھئي جنھن سان ڪيترن پروگرامن ۾ شريڪ ٿي چڪا آھيون. شازيه کي گفتگو تي عبور آھي ۽ ھوءِ موضوع ۾ گھرو وڃي پروگرام جي ضرورت موجب ماڻھن کان وڌ ۾ وڌ ڄاڻ وٺڻ واري فن رکي ٿي.

پروگرام ۾ اسان ٻاھر رھندڙن کان ته گھڻو ڪري ساڳيا سوال ته ڪجھ سوالن کي تبديل ڪري ڪيا ويندا آھن جن جا جواب ڏئي ڏئي اسان به ان رخ کي سمجھي ويا آھيون. سوال اھي ته ماڻھو باھر ڪيئن وڃن، ڪئناڊا ڪيئن اچن، ھتي جو جھان ۾ ڪيئن بھتري ايندي، ڪٿي ٻاھر جي دنيا سان ھتان جي حالتن جو تجزيو. سنڌ جي ڪلچر ۽ ٻولي کي روشناس ڪرائڻ ۽ اتي زندھ رکڻ لاءِ ڪوششون وغيرھ. ظاھر آھي ته سنڌ جي ماڻھن کي اھو ڏسڻو آھي ته پنھنجا ماڻھو باھر وڃي سنڌ جي محبت کان غافل ته ڪو نه ٿيا آھن. يا ھو ديس لاءِ ڇا ڪري سگھن ٿا. ھنن جو اميدون جائز آھن ۽ اسان کي پنھنجو فرض ياد ھوندو آھي جنھن تي عمل لاءِ وس آھر ڪوششون ڪندا رھندا آھيون.

ان پروگرام جي پڄاڻي تي ٻڌايو ويو ته آواز ٽي وي جو چيف فيض بروھي صاحب پنھنجي آفيس ۾ توھان جو انتظار ٿو ڪري. اسان سڀ مريد ڄامڙيي سان گڏجي سندس آفيس ۾ وياسين جتي رزاق سروھي، امتياز مير به موجود ھئا. فيض بروھي ۽ سنگت دل سان ڀليڪار ڪيو. اتي چانھن جي ڪوپ تي خبرون چارون ٿيون. فيض بروھي صاحب جو تعلق وارھ جي علائقي سان آھي جيڪو اسان جو به تر آھي. ھر علائقي جي ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي، طور طريقا ھڪجھڙا ھوندا آھن تنھن ڪري انھن سان ملڻ تي انھن کي سمجھڻ ۽ انھن سان ذھني ھم آھنگي سولي ٿي ويندي آھي. بروھي صاحب جو تعلق پڙھيل لکيل خاندان سان آھي ۽ ان سان گڏ ذاتي حوالي سان مھذب، مانائتو ۽ ٻئي کي عزت ڏيڻ وارين خوبين وارو آھي. ھو سال به اڳ سانا جي ڪنوينشن ۾ واشنگٽن ڊي به اچي ان ۾ شرڪت ڪري چڪو آھي. ان حوالي سان به ڪن يادگيرين کي ساريو ويو. ھڪ ته ٽي وي جھڙي اداري سان سلھاڙيل ھئڻ ۽ دنيا کي ڏسڻ ڪري سندس خيالن ۾ وڌيڪ وسعت اچي ويئي آھي جنھن سان ملڻ ۽ رھاڻ ڪرڻ سٺو ٿي لڳو. ھن ڪنھن ڏينھن ڊنر تي گڏجڻ جي دعوت ڏني جنھن تي اسان کيس چيو ته پاڻ صلاح ڪري ان جو ڏينھن مقرر ڪنداسين.

مان شام جي وقت مشرق سينٽر مان واپس فليٽ تي پھتس. ٿوري دير ويٺس ته ڊاڪٽر طاھر قريشي جو فون آيو تنھن مصروفيت جو پڇو. کيس وراڻيم ته واندو آھيان. چيائين ته پوءِ نائين بجي تيار رھجو ته پاڻ ڊنر تي ھلنداسين. مان پوئين قسطن ۾ ڊاڪٽر طاھر قريشي صاحب جو تعارف ڪرائي چڪو آھيان ته ھو سنڌ ھڪ عاشق سائين حفيظ قريشي جو فرزند آھي ۽ ڪليڪٽر ڪسٽم جي عھدي تي فائز آھي. نائين بجي طاھر قريشي صاحب آيو ته ھن سان گڏ ٻه سي ايس ايس آفيسر به ھئا جن مان ھڪ سندس ئي کاتي ۾ ڪليڪٽر ڪسٽم ھو ته ٻيو وري سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ھو. انھن سان تعارف ٿيو تنھن کان پوءِ اھو طي ٿيو ته اڄ مڇي کائڻ ھلجي.

اسان ھلندي ڪياماڙي روڊ تي پھتاسين جتان ٿوري پنڌ تي ھڪ گھٽي وٽ راشد بنگالي مڇي جو بورڊ لڳل ھو. ڊاڪٽر طاھر قريشي صاحب ان گھٽي ۾ گاڏي ڊرائيو ڪندي داخل ٿيو. اندر گھٽي ۾ رش لڳي پئي ھئي. پارڪنگ ڀريل ھئي تنھنڪري اسان کي گاڏي بيھارڻ جي جاءِ نه پئي ملي. ان انتظار ۾ ته ڪو گاڏي ڪڍي ته ان جاءِ تي اسان پارڪ ڪيون ان ڪوشش ۾ ڪي پندرنھن منٽ لڳي ويا. ڪافي ڪوشش کان پوءِ گاڏي بيھاري اڳتي وڌياسين. ان ننڍي گھٽي جو ھڪ حصو پارڪنگ ته ٻيو ماڻھن جي ويھڻ لاءِ باھر ۽ اندر ڪمرن ۾ جاءِ ھئي. غور ڪيم ته ڪو فرنيچر به معياري ڪو نه ھو پر ان جي پرواھ بنا ماڻھن جو ڌيان مڇي کائڻ ڏانھن ھو. آخر ۾ مڇي جي آرڊر ڏيڻ ۽ پويان ان جي تياري جو بندوبست ھو. گھٽي ۾ ايتري رش جو ميلي جو منظر پئي لڳو.

ان کان اڳ به ڪن دوستن ان مڇي جي دڪان جي تعريف پئي ڪئي. اسان ويٺاسين ته طاھر صاحب ۽ ٻيو سندس دوست وڃي مختلف قسم جي مڇين جا آرڊر ڏئي آيا. ٽن قسمن جي مڇي ترجي آئي. اسان به پوري ڪوشش ڪئي پر کٽائي ڪو نه سگھياسين. رھيل مڇي پيڪ ڪرائي نڪتاسين. رات دير تائين ھي ڌنڌو ھلي ٿو جنھن ۾ ھڪ ٽيبل تي ھزارين رپين جي مڃي جو آرڊر ڏنو وڃي ٿو. سندس ھن ڌنڌي مان ڪمائي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ڪروڙن جي آبادي جي شھر ڪراچي ۾ مکيه تفريح کاڌو کائڻ آھي. جنھن جو ھوٽل جي ھلي پوي ته مالڪ رات جو پئسن ميڙڻ ۾ پورو رھي ٿو. کاڌي جو ھڪ ڊش جي مقبوليت مالڪ کي امير ڪري ڇڏي ٿي.

ڪراچي شھر ۾ ھزارين پٺاڻ اڦراٽو ۽ چانھن مان سٺي ڪمائي ڪري ٿا وڃن. ڪن ھوٽلن جي ڪڙاھي مشھور ٿئي ٿي، ڪنھن جي مٺائي ته ڪنھن جو بروسٽ، برگر يا پيزا. بندو خان چڪن تڪن جي دڪان مان عاليشان ھوٽل تائين پھتو. تنھن کان پوءِ ملڪ کان ٻاھر دنيا جي ٻين ملڪن تائين ھي ڌنڌو پھتو. درياھ جا پاسا ھجن يا سامونڊي ڪنارا ھجن مڇي مارڻ، پچائڻ ۽ کائڻ اسان جو ڪم رھيو آھي. پر اسان پنھنجو جھان محدود رکندا رھيا آھيون ان خال کي شھر جو ماڻھو اچي ڀري ٿو جنھن کي ڪاروباري گر اچن ٿا. سي مڇي جي ڪاروبار مان وڏي رقم ڪمائي ٿا وڃن. جڏھن سنڌي ماڻھو ۾ به اھو ڪاروبار جو جنون ٿيو ته ھو ڪراچي شھر ۾ اربين رپين جي ڌندن ۾ حصيدار ٿيڻ تي خوشحال به ٿي ويندا.

اسان جيترا ياري دوستي ۾ دريا دل آھيون، پنھنجي ذات ۾ ادارا آھيون ان سوچ جو ھڪ حصو به ڪاروبار تي لڳايون ته ھوند سنڌي ماڻھو گھڻو خوشحال ٿي وڃي.

عطاءُ الله ملاح اسان جو دل گھريو دوست آھي جيڪو ڪئناڊا جي شھر ايڊمنٽن ۾ رھندو آھي پر سياري جا چار مھينا ھو حيدرآباد ۾ گذاريندو آھي. ان ڊگھي وقت رھڻ جا سبب پنھنجي خاندان، مائٽن جي سار سنڀال لھڻ، ڪي خير جا ڪم ڪرڻ سان گڏ يارن دوستن سان وقت گذارڻ ھوندا آھن. انھن مان يارن دوستن سان چوياري ۾ ھو وڌيڪ وقت لڳائيندو آھي

انسان تي ڪو جذبو جڏھن حاوي ٿي وڃي ٿو ته اھو نشي وانگر ٿي وڃي ٿو جنھن جي نه ملڻ تي انسان بيچين ٿئي ٿو. ياري دوستي ۾ وقت گذارڻ به گھڻن جي ڪمزوري بڻجي وڃي ٿو. دوست اھو ماڻھو آھي جنھن کي خوبين ۽ خامين سان گڏ قبول ڪجي ٿو. ٻئي جي خامين تي کلي تنقيد ڪئي وڃي ٿي پر دوست جي خامين کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو يا کيس پيار سان سڌرڻ جي ھدايت ڪبي آھي

اھا به حقيقت آھي ته دل گھريا دوست جن سان اندر اورجي سي ٿورا ھوندا آھن، ڪي دوستي جي سرڪل ۾ ھوندا آھن ڪي وري ملڻ جلڻ وارا. معاشري ۾ ڪن تي شفقت، ڪن جي تربيت، ڪي محفل ۾ ويھڻ وارا سي سڀ ڪو دوست ڪو نه ھوندا آھن آمريڪا جي مشھور ٽي وي اينڪر ۽ ھڪ بااثر عورت اوپرا ونفري موجب سندس فقط ٽي دوست آھن.

انسٽاگرام اسٽار ۽ نالي واري ڳائڻي سيلينا گوميز موجب سندس ٽي دوست آھن جن سان ھوءِ دل جو حال اوري سگھي ٿي

مشھور اداڪار ميٿيو ميڪونئوگي جو چوڻ آھي ته ۲۸ سالن جي اداڪاري جي ڪيريئر دوارن چند رازدان دوست ٺھيا.

منير نيازي به واھ جو چيو آھي تہ

دوست ہوتا نهیں ہر ہاتھ ملانے والا

عطاءُ الله ملاح اسان سان رابطي ۾ به ھو ته ميل ملاقاتون به ٿينديون رھيون. ھن جي خواھش ھئي ته ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي ۽ اسان سنگت جي مان ۾ حيدرآباد شھر ۾ گڏيل دعوت ڪري. ھن ۱۹ جنوري تي حيدرآباد شھر ۾ اھو پروگرام رکي اسان کي دعوت ڏئي ۽ شريڪ ٿيڻ لاءِ زور ڀريو. اسان کيس چيو ته اسان پنھنجي فنڪشن جي تيارين ۾ آھيون جنھن ۾ چند ڏينھن وڃي بچيا آھن تنھن ڪري ھن دعوت کي منسوخ ڪر. اسان گھڻو ئي زور ڀريو پر اسان جي ھڪ به نه ھلي. دعوت ڇاڪاڻ ته اسان جي مان ۾ ھئي تنھنڪري شرڪت جو فيصلو ڪيوسين.

دعوت واري ڏينھن ڊاڪٽر شاھد قريشي اچي ڪو نه سگھيو مبشر ملڪ بنگلا ديش ويل ھو تنھن ڪري مان ۽ عبدالجبار لاشاري حيدرآباد وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين. اسان سوچيو ته وڃڻو ته آھي تنھنڪري ڇو نه ٿورو جلدي نڪرون ته جيئن حيدرآباد ۾ ڪن دوستن سان ملاقات ڪري وٺون. جلد روانا ٿي منجھند ڌاري حيدرآباد شھر ۾ پھتاسين. رستي ۾ ئي عبدالصمد سومرو سان رابطو ھو جنھن کي چيم ته سڌو ان ھوٽل تي اچون ٿا جيڪو تازو نوجوان وسيع الرحمان سومري ورتو آھي. سڀ کان پھريان عبدالصمد سومرو جيڪو سندس عزير آھي، برادري ۽ سنگت جو مکيه ڪردار آھي سو اچي مليو. تنھن کان پوءِ ٽي ڀائر مطيع الرحمان، رفيع الرحمان ۽ وسيع الرحمان سومرو به اچي پھتا. ھنن جو چاچو منھنجو نياڻو ڊاڪٽر قدوس الرحمان سومرو ڪئناڊا ۾ رھي ٿيو.

وسيع الرحمان سومري تعليم مڪمل ڪري پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري شروع ڪئي جتي ھو چڱي پوزيشن ۾ ھو پر سندس ذھن ڪاروبار طرف ھو تنھن نوڪري کي خيرآباد چئي اچي زم زم نالي ھوٽل خريد ڪيائين. ڄامشوري روڊ تي ھي ھوٽل ھلندڙ ھو جنھن کي ھن وڌيڪ ڌيان سان ھلائڻ شروع ڪيو آھي ته ان جو ڌنڌو ۽ اپت به وڌي آھي. سنڌي نوجوانن ۾ حوصلي سان اھڙن قدم کڻڻ جو رحجان گھٽ آھي. جڏھن سنڌ جو نوجوان نوڪري جي سحر مان نڪري ٿوري رسڪ کڻي وڌيڪ محنت کي قبول ڪري ڌنڌن ۾ گھرندو ته مالي لحاظ کان وڌيڪ مستحڪم ٿي معاشري ۾ گھڻ رخو ڪردار ادا ڪندو. ڪو وقت ھو جو سنڌ جي ٻھراڙي جو ماڻھو زرعي سماج مان نڪري شھرن ڏانھن آيو ھو ته ان کي نوڪري اھو وسيلو ھو جيڪو تعليم جي بنياد تي بنا سيڙپ جي روزگار جو ذريعو بڻيو. پر اھو دور گذري ويو ھاڻي شھر ۾ رھندڙ نوجوانن کي شھري ڌنڌن ۾ داخل ٿيڻو آھي.

وسيع الرحمان جي ان فيصلي ۽ ڪوشش کي ساراھڻ سان گڏ سندس ھمٿ وڌايم. ان دوارن عبدالصمد سومري جا ڪي دوست به اچي ان گڏجاڻي جو حصو ٿيا جيڪا ھوٽل جو ھڪ ھال خالي ڪرائي ان ۾ رکي ويئي ھئي. عبدالصمد سومرو سنڌ حڪومت جي ليبر کاتي ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر آھي. بيحد يار باش ۽ مھمان نواز آھي جنھن خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه پئي ڇڏي. لنچ ۽ تواضع جي پرتڪلف دور ۽ رھاڻ جي پڄاڻي تي سنگت کان موڪلايوسين ته جيئن بي سنگت سان ميل ملاقات ڪريون.

اسان جي ٻئي ملاقات ڊاڪٽر نويدا ڪٽپر سان رکيل ھئي. اسان ڪراچي ۾ رٿيل پنھنجي فنڪشن ۾ سنڌ جي اڀرندڙ ٽيلينٽ کي خيالن جي اظھار جو موقعي ڏيڻ لاءِ ڪن باصلاحيت نوجوانن ۽ وچولي عمر جي ماڻھن جي لسٽ ٺاھي ھئي جنھن ۾ ڊاڪٽر نويدا به شامل ھئي. ان سان فون تي رابطو ٿيو ھو پر ان سان پنھنجي تنظيم جو تعارف، فنڪشن ۾ سندس گفتگو جو موضوع وغيرھ تي ويچار ونڊڻا ھئا. کيس ٻڌايم ته اڄ حيدرآباد اچون پيا جيڪڏھن توھان وٽ وقت ھجي ته ٿوري دير ملاقات ڪريون. وراڻيائين ته ضرور منھنجي گھر اچجو ته اتي ملنداسين. ماني وغيرھ کائڻ لاءِ چيائين پر اسان کيس چيو ته گھڻين مصروفيتن سبب توھان وٽ ٿوري دير ويھي خبرون چارون ڪندي چانھن جو ڪوپ پيئنداسين. سندس گھر قاسم آباد ۾ واڌو واھ روڊ جي لڳ آھي.

ڊاڪٽر نويدا ڪٽپر سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آھي. ھن ساڳئي ئي اداري مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ھئي، اقرا يونيورسٽي مان ايم فل ڪري پوءِ ملائيشيا جي ملايا يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪيائين. ھن تعليم رڳو ڊگري حاصل ڪري نوڪري ڪرڻ تائين محدود ڪو نه رکي پر ھوءِ ان شعبي ۾ لاڳيتو ڪم ڪندي رھي ٿي. ھن پنھنجي بزنس جي فيلڊ ۾ اٽڪل ۳۰ معياري مضمون لکيا آھن جيڪي گوگل اسڪالر اڪائونٽ ۾ ڏسي ۽ پڙھي سگھجن ٿا. ھن سماجي بھتري واري سوچ سان سوشو پوليٽيڪل، تعليم، وومن ڊولپمينٽ. معاشيات جي موضوعن تي ڪيئي مضون لکيا آھن. ھوءِ علم جي طلب ۾ بزنس جي شعبي کان اڳتي وڌي قانون جي شعبي ۾ ايل ايل بي ڪري ان ۾ وڌيڪ اعلي ڊگريون حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪري رھي آھي ھوءِ پيشيوارڻي ڪمن ڪارن سان گڏ شاعري به ڪندي آھي. سندس شاعري جا ٻه ڪتاب سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڇپيل آھن.

سندس مٿين مضبوط پروفائيل سبب ئي اسان کيس اسڪالا جي پروگرام ۾ اڀرندڙ سنڌ واري سيشن ۾ اسپيڪر طور چونڊ ڪئي ھئي. ھن سيشن متعلق ڄاڻ وٺي پوءِ اھو به پڇيو ته توھان مون کان ڪھڙي عنوان تي خيالن جو اظھار چاھيو ٿا. ھن ڄاڻڻ پئي چاھيو ته ھوءِ ڪھڙي موضوع تي تياري ڪري اچي. اسان جي تفصيل ٻڌائڻ تي سندس سوچ سيشن ۽ گفتگو تي واضح ٿي ويئي. ملاقات ۾ مون کيس پنھنجي آتم ڪٿائي ڪتاب مان ۽ منھنجو جھان جي اعزازي ڪاپي ڏني. موڪلائڻ مھل ھن اسان کي ۲۱ جنوري تي ڪراچي ۾ رٿيل اسان جي پروگرام ۾ اچڻ ۽ تقرير ڪرڻ جي پڪ ڏئي. جنھن کان پوءِ اسان سندس ٿورا مڃي اتان روانا ٿياسين.

ٻاھر نڪري طي ڪيوسين ته باقي وقت ۾ عبدالجبار پنھنجي ڪن عزيزن سان ملڻ ويندو ته مان وري پنھنجي ھڪ دوست قربان ڪولاچي سان ملڻ ويندس. مون قربان سان رابطو ڪيو سو اچي مون کي وٺي ويو. قربان ڪولاچي ڪجھ وقت اڳ اچي حيدرآباد شھر وسايو آھي. اڳ ھو ميھڙ شھر ۾ رھندو ھو جتي سندس ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ھو. ڪاڇي جي علائقي جي ھڪ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ھي نوجوان گھڻو علم ته حاصل نه ڪري سگھيو پر ڪامياب ڪاروباري ماڻھو ضرور بڻيو. وڏو ٿيو ته ميھڙ شھر ۾ اچي رھڻ لڳو جتي ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار تي ڌيان ڏئي ھوريان ھوريان ان ۾ محنت ڪندو رھيو. ان ڪم ۾ کيس ڪافي فائدو ٿيڻ لڳو ۽ ھو پنھنجي پيرن تي بيھي ويو. پوءِ ان ڌنڌي ۾ واڌارو ڪندو ويو.

ھو اوچتو حيدرآباد شفٽ ٿي ويو.. ان خبر پوڻ تي سوچيم ته ميھڙ ۾ سندس ڄاڻ سڃاڻ ھئي ھتي وڏي شھر ۾ سندس ڌنڌو ھلي الائي نہ. ھن ڀيري وٽس ويس ته ٻڌايائين ته ھتي واڌو واھ واري روڊ تي ھڪ ننڍو شو روم کوليو اٿم. ان سان گڏ ريئل اسٽيٽ جو ڪم ڪريان ٿو. سندس گھر ڪشادو جنھن جي مٿين حصي ۾ سندس بار رھن ٿا ھيٺيون حصو خالي آھي جيڪو اوطاق ۽ مھمان خانو آھي. جيترو قسمت جو ڌڻي آھي اوترو وري سخي آھي. مھمان نوازي ۾ ھٿ جو کليل آھي.

ذرا سوچيو سنڌ جي پوئتي پيل علائقي جي ٻھراڙي مان نڪرندڙ ھڪ نوجوان پنھنجي حوصلي، ڪوشش سان حيدرآباد شھر ۾ ڪاروبار ڪري سکيو ستابو رھي ٿو. ڳالھ حوصلي، ڪم ۾ ھٿ وجھڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ جي آھي پوءِ ڪاميابي يقيني آھي. سچائي سان ڪنھن ڪم تي وقت لڳائڻ سان ئي ڪاميابي ملندي آھي. سنڌ جي نوجوانن کي اھڙي سوچ رويو ۽ حوصلي جي ضرورت آھي. ڪاروبار لاءِ سرمايو بنيادي ضرورت ضرور آھي پر ان کان به وڌيڪ ذھن ۽ ڪوشش اھم عنصر آھي. زندگي ۾ ڪيئي ماڻھو مليا جيڪي غريب ھئا پر ڪامياب ڪاروباري ان ڪري بڻيا جو ھنن ڌيان ڏنو ء۽ پوري فوڪس سان ڪم ڪندا رھيا.

قربان ڪولاچي سان ڪافي دير ڪچھري ڪيم، جيتونيڪ ويندي ئي کيس ٻڌايم ته مان ماني کائي، چانھن پي آيو آھيان پر ھو پنھنجي مھمانوازي واري سوڄ ھيٺ ھڪ نه ته ٻئي تواضع ڪرڻ لاءِ چوندو رھيو ۽ ڪجھ نه ڪجھ کارائي ئي ڇڏيائين.

گفتگو علم، تربيت سان بھتر ٿيڻ جو امڪان آھي پر ان حوالي سان قدرتي مزاج ۽ ڏات به ھڪ وڏي خوبي آھي جنھن ڪري چيو ويندو آھي ته ڪنھن جو کلڻ به خواري ته ڪن جو روئڻ به راحت. ڪي گفتگو ڪندي وڻندا آھن ته ڪن جي گفتگو مان ماڻھو بيزار ٿيو وڃي. قربان به انھن ماڻھن مان آھي جن کي وڻندڙ گفتگو ڪرڻ جي قدرتي خوبي آھي ان ڪري ان سان ڊگھي گفتگو به سٺي لڳندي آھي.

اسان سنگت سان ملاقاتن مان واندا ٿي وقت ٿيڻ تي دعوت واري ھنڌ راجپوت فارم ھائوس طرف روانا ٿياسين. ھي فارم ھائوس ھالا ناڪي ۽ حيدرآباد باءِ پاس جي وچ ۾ اسرا اسپتال ۽ جميرا پراجيڪٽ لڳ آھي. اسان فون تي ھدايتون وٺندي ان جي ويجھو پھتاسين ته مين روڊ تي ھڪ ھمراھ موجود ھو جنھن کي مھمانن جي رھنمائي لاءِ بيھاريو ويو ھو. اتان فارم ھائوس طرف ويندڙ ننڍي رستي تان ھلندي اچي فارم ھائوس وٽ پھتاسين. گاڏي پارڪ ڪري اندر داخل ٿياسين. ته اندر بنگلي ۾ ڪشادو صحن ھو جتي ماني تيار ڪرڻ جو ڪم ڪار ٿي رھيو ھو. موسم ڪجھ ٿڌي ھئي تنھن ڪري ھال اندر ويھڻ جو بندوبست ٿيل ھو.

ھال ۾ داخل ٿياسين ته ان ڪشادي ھال ۾ ستر کان اسي ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش ھئي جتي ڪافي دوست اڳ ئي ويٺا ھئا. وڏي آواز ۾ سڀني کي سلام چئي ھر ھڪ سان ملندا وياسين. آخر ۾ پنھنجي حلقي جي دوستن جي ويجھو وڃي ويٺاسين. جڏھن گڏجاڻي ۾ گھڻا ماڻھو ھجن ته اتي ھڪ ڪچھري ڪو نه ٿي سگھندي آھي پوءِ ويجھو ويٺل ھم خيال ماڻھو پنھنجو سرڪل ٺاھي حوال ڪندا آھن. ايئن اسان به ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، عبدالستار ھاليپوٽو ۽ ٻيا دوست ويجھا ٿي پنھنجي ڪچھري ۾ لڳي وياسين.

عطاءَ الله ملاح حيدرآباد جو ھڪ سوشل ماڻھو آھي جنھن جي ياري باشي جام آھي. سنڌ جي گھڻن ماڻھن وانگر ھي به غريب خاندان مان جدوجھد ڪري پيرن تي بيٺو آھي جنھن ڪري سندس دوستي جي حلقي ۾ ھر قسم جو ماڻھو شامل آھي. غريب کان ويندي امير تائين، ننڍپڻ جي ساٿين کان يونيورسٽي جي يارن تائين سندس وسيع حلقو آھي. ھن ان دعوت ۾ گھڻن دوستن کي گھرايو ھو جنھن ڪري ھتي ميلو مچي ويو ھو. ھن جي قرب جي ڪوٺ تي سڀ اچي گڏ ٿيا ھئا. شريڪ ٿيندڙن ۾ اسان کان علاوھ سراج سيال صاحب، ارشد جان سرھندي، ڊاڪٽر اويس قرني، شڪيل پلھ، محمد خان کوسو، ذيشان راجپوت، ياسين کونھارو، ڊاڪٽر رميشور، بيريسٽر عمران مٺياڻي،پروفيسر حفيظ ميمڻ. ان سان گڏ نرينجن راڄاڻي به شريڪ ھو جنھن جي فنلينڊ سان تعلق رکندڙ گھر واري سوزين به آيل ھئي جنھن جي ميزباني عطاءُ الله ملاح جي ڀيڻ ڪلثوم ملاح پئي ڪئي.

جڏھن سڀ دوست اچي ويا ته عطاءُ الله ملاح رسمي ڪاروائي جي شروعات ڪندي سڀني کي مخاطب ٿي ڀليڪار چيو ان کان پوءِ ھن ھرڪنھن کي پنھنجو پنھنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو. جنھن تي ھرڪنھن پنھنجو تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ آيل مھمانن مان اسان سميت ڪن کي اجرڪ پارايا ويا جنھن کان پوءِ ڪجھ ماڻھن کي خيالن جي اظھار ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي ۾ اسان سميت سڀني ڪجھ نه ڪجھ ڳالھايو.

ان دوران چانھن پاڻي سان تواضع ٿيندي رھي آخر ۾ ماني لاءِ سڏ ٿيو. صحن ۾ لڳل ماني ۾ ڪيئي طعام رکيل ھئا. ائين لڳو ته عطاءُ الله دل کولي سنگت جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪشادي دل سان ھي کاڌن جي ٽيبل سجائي ھئي. ماني کائي واندا ٿياسين ته ھال اندر محفل موسيقي به شروع ٿي جنھن ۾ راڳي اياز سمي سر وکيرڻ شروع ڪيا. سنڌين جي گڏجاڻي ھجي ۽ موسيقي نه ھجي ته ڄڻ مزور نه ٿيو. جيئن چانھن لاءِ مشھور ٿيو ھو ته مھمان جي ڀلي ڪيتري خدمت ڪريو پر جي کيس چانھن نه پياري ويئي ته سڀ ضايع ويو. اھو چيو ويندو ته ھن چانھن ئي ڪو نه پياري. ڪٿي راڳ نه ھوندو آھي ته چوياري مان ڪنھن کي ڪجھ ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي ويندي آھي. سنگت کي اھا خبر ھوندي آھي ته انھن مان ڪير ڪير ڳائي سگھي ٿو.

راڳ شروع ٿيو ته مان ۽ عبدالجبار لاشاري اھو طي ڪيو ته اسان سنگت کان اجازت وٺي ھلون ڇاڪاڻ ته اسان جو ڪراچي واپس ورڻ جو فيصلو ھو. ان وقت ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو. شڪيل پلھ ۽ ٻين به اجازت ورتي. باقي دوست سنگت سان وقت گذارڻ ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ ويھي رھيا. دروازي وٽ ڊاڪٽر شڪيل پلھ به گڏيو جيڪو پڻ ان وقت روانو ٿي رھيو ھو. چوڻ لڳو ته ڪافي دير ٿي ويئي اڄ منھنجي سالگرھ آھي جيڪا ملھائڻ لاءِ سڄي فيملي منھنجي انتظار ۾ آھي. کيس چيم ته تو واھ جو کين وقت ڏنو آھي ھتان رات جو ٻارھين بجي روانو ٿي رھيو آھين پھچڻ کان پوءِ ئي ھو تنھنجي سالگرھ ملھائيندا. وراڻيائين ته ڇا ڪجي سنگت سان به ته منھن ڏيڻو آھي.

اسان ڪراچي واپس روانا ٿياسين. ڊرائيونگ جو بارعبدالجبار لاشاري تي ھو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ مون کان گاڏي ڪو نه ھلندي آھي. اسان محفل جو راڳ ته ڇڏيو ھو پر راڳ کي صفا به ڪو نه ڇڏي سگھياسين. رستي ۾ گانا ٻڌندا آياسين. ڪڏھن ڪنھن جا ڪلام ڪڏھن ڪنھن جا. سفر ڪندي رات دير سان گلشن حديد پھتاسين.

اسان کي پنھنجي پروگرام کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ شھر روانو ٿيڻو ھو تنھن ڪري نيرن ڪري اتان روانا ٿياسين. فليٽ تي ڊاڪٽر شاھد قريشي سان ملڻ جو وقت طي ھو. ان ڏينھن مبشر ملڪ به بنگلاديش مان واپس پھتو ھو. ملڻ تي کائنس بنگلاديش ڏانھن سفر ۽ اتي جي ماحول بابت حال احوال ورتاسين. ھن جيڪي ڳالھيون ٻڌايون تن مان ڪي ھيٺ ڏجن ٿيون.

ھن ٻڌايو ته بنگلا ديش ۾ رھڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ دوران معاشري ۾ عورتن جو ڪردار وڌيل نظر آيو. مارڪيٽ کان ويندي ھر ھنڌ عورتن جو تعداد مردن جي اڌ جي برابر نظر پئي آيو. انسان جي اٿڻ ويھڻ، گھمڻ ڦرڻ ۽ روين مان ان جي آزادي ۽ بي خوفي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ھن موجب سندن باڊي لينگويج مان اھو پئي محسوس ٿيو ته ھنن کي ايندي ويندي ڪو خوف ڪونھي. مرد جي بد نظر جو خوف به بظاھر نظر نه ٿي آيو. ان ڪري عورتون اتي پر اعتماد نظر آيون. بنگلاديش وارن پنھنجي نئين پاليسي ھيٺ عورتن جي اڌ افرادي قوت کي ڪتب آڻڻ لاءِ کين تعليم ۽ روزگار ۾ حصو ڏنو آھي ته ان سان گڏ کين بي خوف ماحول ڏيڻ تي ڌيان ڏنو آھي. ڪيتيرين ئي ھنڌن تي بورڊ لڳل ھئا ته عورت ورڪرن سان پنھنجو رويو بھتر رکو.

ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ديس ۾ عورت جو ڪردار محدود آھي جنھن سبب ترقي جي رفتار ٻين جي ڀيٽ ۾ سست آھي. اسان جي معاشري ۾ عورت ته پنھنجي جاءِ تي پر مرد به حقيقي طور تي آزاد ڪونھي. ھو ٻھراڙي ۾ ھڪڙن ڪردار جي چنبي ۾ آھي ته شھر ۾ وري ٻين لابين جي خوف ۾ آھي. پوءِ ھو سڌي يا اڻ سڌي غلامي ڪري وقت گذارو ڪري ٿو ڪٿي وري ڪن لٽار ڪري ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ گذاري ٿو. ان حوالي سان ھڪ پوليس جمعدار جو ٻڌايل قصو پڙھندڙن سان ونڊيان ٿو جيڪو معاشري جي ھڪ حصي جي زندگي کي پڌرو ڪري ٿو.

ان جمعدار ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ڪاڇي جي عائقي ۾ آھي جتي سندس خاندان رھندو آھي ۽ روايتي زندگي يعني پوک ۽ مال پالي گذارو ڪندو آھي.. منھنجي نوڪري ميھڙ ٿاڻي تي ھئي جتي اسان جي علائقي ڪاڇي جا ڪي ڌاڙيل گرفتار ٿي آيا ھئا. مان سندس ڪم ايندو ھوس. کين ڪا شي گھرجي ته گھرائي ڏيندو ھوس. مائٽن سان ملاقاتون به ڪرائيندو ھوس. ڪنھن ڪم ڪار سانگي مون کي نياپو ڪندا ھئا. ھو ڪي ڏينھن اتي قيد رھي جيل ويا جتان پوءِ ضمانت ٿيڻ تي وري وڃي پنھنجي ساڳئي ڪرت سان لڳا. ھو ڳوٺن يا زمين تي وڃي ھر ڪنھن کان ڀتو وٺندا ھئا. ھڪ ڏينھن مان پنھنجي زمين تي بيٺو ھوس جتي فصل تيار ھو ته ڪنھن لمحي ڌاڙيلن جو ٽولو اچي پھتو. مان کين ڏسي اڳتي وڌي مليس ته مون کي سڃاتائون. اڙي جمعدار تون. مون کين چيو ته ھا. اھو چئي مون کين ويھاريو ۽ چانھن سان سندن تواضع ڪئي. اٿڻ مھل سندن سردار سڀني ڌاڙيلن کي مخاطب ٿي چيو ته ھن جمعدار ٿاڻي تي اسان جو خدمت ڪئي ھئي ان ڪري ھن کان ھاڻي يا اڳتي ڪوبه ڀتو نه وٺبو. ائين چئي ھو ھليا ويا. اھو ھڪ مثال آھي. ائين تر جي ڏوھارين سان چڱا چڱا ماڻھو تعلق رکي ھيٺاھين ڪري وقت گذارين ٿا.

ھن ٻڌايو ته سامونڊي ڪناري ويجھو گھانگھٽن (جھينگن) جا فارم وسيع پيماني تي نظر آيا. ايستائين جو ۲۰ اسڪوائر فٽ جا به ڪي ننڍا فارم ھئا. ھنن جي طريقي موجب چڙھندڙ وير مان پاڻي روڪي ان ۾ جھينگا پاليا وڃن ٿا. اھو ھڪ وڏو اپت وارو ڌنڌو نظر آيو جنھن ۾ ماڻھو مالي طور تي خوشحال ٿيڻ جا قصا ٻڌائي رھيا ھئا. ملڪ صاحب موجب اھي ڏسي مون سوچيو ته پنھنجي ڊگھي سامونڊي ڪناري سان اھو ساڳيو ڪاروبار ڌنڌو ڪيئن نه سولائي سان ڪري گھجي ٿو جيڪو ماڻھن جي روزگار خوشحالي ۽ ترقي ۾ مددگار ٿي سگھي ٿو. اھڙي ڪاروبار ۾ حڪومتي سرپرستي سان گڏ ماڻھن طرفان سيڙپ واري سوچ ۽ عمل جي گھرج آھي. اسان وٽ وسيلا ته آھن پر رويا، عمل جي کوٽ آھي.

ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪا کان باھر ڪن شھرن ڏانھن به سفر ڪيوسين جتي تعمير ۽ روڊن جي ڪم وسيع پيماني تي ٿيندو نظر آيو. ان مان اھو اندازو ٿيو پئي ته اتي ترقي جو ڦيتو اڳتي ڦري پيو. ماضي جي سائيڪل رڪشا جيڪو ماڻھو پيڊل سان مشقت ڪري ھلائيندا ھئا تنھن جي جاءِ تي بيٽري تي ۽ موٽر رڪشا سي اين جي تي پئي ھلايا ويا. معاشي ترقي ۽ روين جو ٻيو ڏيک اھو نظر آيو ته اتي ورلي ڪو فقير پنندي نظر آيو. اسان جڏھن پنھنجي ملڪ ۾ نظر وجھون ٿا ته گاڏي سگنل تي رڪي، ٻاھر ڪنھن ھوٽل تي ويھو يا مارڪيٽ ۾ وڃو ته ھر ھنڌ فقير وڏي تعداد ۾ موجود ھوندا آھن. پنھنجي ملڪ ۾ گداگري جي اھڙي واڌ کي ڇا چئجي ڪم چوري يا ڪم ڪار ۾ گھٽ سنجيدگي.

ترقي جي جھلڪ ايئرپورٽ تي نظر آئي جتي ڪافي تعداد ۾ اڏامون پئي آيون ويون جنھن مان ملڪ ۾ خوشحالي سان گڏ ٻاھران ڪاروبار ڌنڌي لاءِ ايندڙن جو گھڻو تعداد ھو. ھاڻ ته ايئرپورٽ ايترو مصروف ٿي ويو آھي جو ايئر ٽرئيفڪ کي منھن ڏيڻ لاءِ ھڪ نئون ۽ وڏو ايئرپورٽ تعمير ھيٺ آھي.

اسان پاڻ ۾ خبرون چارون ڪري پوءِ فنڪشن جي انتظامن تي غور فڪر شروع ڪيو. پھريون فڪر صدر وڃي اتي تيار ٿيل شيلڊون کڻڻ ھو جيڪي ٻئي ڏينھن ڏيڻيون ھيون. اسان شام جو ان ٺيڪيدار کي گھرائڻ لاءِ رابطو ڪيو جنھن کي فنڪشن واري ڏينھن چانھن ۽ کاڌي جو بندوبست ڪرڻو ھو. اسان شيلڊون کڻي واپس فليٽ تي پھتاسين ته ٺيڪيدار به اچي نڪتو جنھن کي آرڊر ورجائي ان کي وقت تي شيون مھيا ڪرڻ جي پڪ ورتي سين. اھو سندس روز جو ڪم ھو تنھن ڪري ھن اسان کي پنھنجي ذمي ڪمن جي وقت تي ٿيڻ جي خاطري ڪرائي. کيس اھو به چيوسين ته صبح توھان جي ڪم ڪار وارا ماڻھو جلد پھچن ته وقت کان اڳ پاڻي، ڊيڪوريشن جو ڪم ڪاروقت تي ڪري وٺن.

جتي اسان انتظامن جو فڪر پئي ڪيو اتي مبشر ملڪ وري فنڪشن ۾ نوجوانن جي سيشن ۾ ڪئناڊا ۾ تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان موقعن ۽ ڄاڻ تي ٻڌل پريزنٽيشن کي آخري شڪل پئي ڏني. مون ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي ۽ عبدالجبار لاشاري وري مختلف سيشن جو وقت، انھن جي ترتيب، ھوسٽ ۽ اسپيڪرن سان رابطا ڪرڻ کان پوءِ اسڪرپٽ کي لکي تيار پئي ڪيو. رات اٺين بجي تائين گھڻو ڪري ھر پھلو تي غور ڪري ان تي عمل ڪرڻ کي فائنل شڪل ڏنيسين.

رات جي ماني فليٽ تي آرڊر ڏئي گھرائي سڪون سان کائي، قلم رکي، سوچ جي پابندين مان آزاد ٿي پاڻ ۾ ڪچھري ڪري جلد ارامي ٿياسين.

۲۱ جنوري ڇنڇر جي ڏينھن ٽي بجي ڌاري اسان جو پروگرام رکيل ھو. اسان سڀ ۱۲ بجي ھال ۾ پھتاسين. جن جي ذمي مختلف ڪم ھئا تن ان جون تياريون پئي ڪيون.. وقت تي سنگت اچڻ شروع ٿي جنھن ۾ ڪراچي شھر سان گڏ ٻين شھرن مان علم دوست ماڻھو پھچندا رھيا ڪي دوست ته اسلام آباد مان به ڪھي آياھئا. وقت تي محمد ابراھيم جويو آڊيٽوريم ڀرجي ويو ته ان سان گڏ اسٽيج جي پي ڊي ايم سسٽم کان ويندي فيس بوڪ لائيو اسٽريمنگ ۽ وڊيو رڪارڊنگ جي تياري مڪمل ٿي ويئي جنھن جي تياري ميڊيا ۳۶۰ ڪميونيڪيشن گروپ پئي ڪئي.

 وقت تي پروگرام جي شروعات ڪندي اسڪالا جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاھد قريشي سڀني مھمانن کي ڀليڪار چيو ۽ ھڪ نوجوان کي شاھ لطيف جا شعر ۽ وائي ٻڌائڻ لاءِ سڏيو. ان نوجوان نھايت سريلي آواز ۾ شاھ جا شعر ٻڌيا. تنھن کان پوءِ مون کي اسٽيج تي سڏيو ويو. مون تنظيم جي ٺھڻ ان جي مول متن ۽ سرگر مين کان حاضرين کي آگاھ ڪيو.

ان کان پوءِ ڊاڪٽر شاھد قريشي پھرين سيشن جي شروعات ڪرڻ لاءِ مائيڪ اڀرندڙ شاعر ۽ اديب امتياز دانش کي ڏنو. امتياز دانش چاڻو ھئڻ سان گڏ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض نھايت اثرائتي انداز ۾ ادا ڪندو آھي.

اسڪالا جي پروگرام ۾ جيڪي سيشن ٿيا تن جي مقررن ڪافي ڪارائتيون تقريرون ڪيو جيڪي ڪتابي صورت ۾ جلد دوستن آڏو اڻڻ لاءِ ڪم ٿي رھيو آھي. ھتي مان ڪن مقررن جي گفتگو مان ڪي نڪتا چونڊي پيش ڪريان ٿو. شروعات نوجوانن جي سيشن سان ٿي.

نوجوانن جو سيشن

(نوجوانن کي ڪئناڊا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اميگريشن وٺڻ ۾ رھنمائي ڪرڻ)

مقررن ۾ مبشر ملڪ، ڊاڪٽر شاھد قريشي، عطاءُ الله ملاح ۽ وشنو لوھاڻو ھئا.

مبشر ملڪ پاور پوائنٽ پريزنٽيشن جي ذريعي ڪئناڊا ۾ تعليم جي موقعن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني. ھن جي تقرير جون مکيه پوائنٽون ھيون ته نوجوانن جي ذھن ۾ اھو سوال ھوندو آھي ته ڇا مان ٻاھر جو خرچ ڀري سگھان ٿو. ان حوالي سان ان ڳالھ جي چاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آھي ته تعليم جي حوالي سان جتي مھانگيون يونيورسٽيون ۽ مھانگا ڪورس آھن اتي ايسٽ ڪئناڊا جي علائقي ۾ چار يونيورسٽيون اھڙيون به آھن جتي پنجاھ سيڪڙو غير ملڪي شاگرد آھن ان جو سبب اتان جي فيس گھٽ آھي جنھن جو ٻار فائدو وٺن ٿا. ھو اتان سستي تعليم حاصل ڪري پوءِ ملڪ جي ان حصي ۾ رھڻ جي چونڊ ڪن ٿا جيڪو کين پسند آھي يا جتي روزگار جا وڌيڪ موقعا آھن.

ان سان گڏ اھو به ڄاڻڻ ضروري آھي ته رڳو يونيورسٽي جي تعليم ضروري ڪونھي پر ننڍا ڊپلوما يا سرٽيفڪيٽ ڪورس به آھن جيڪي ھتي ورڪ پرمٽ وٺڻ ۾ مددگار ٿين ٿا ۽ جيڪو رستو اميگريشن طرف وڃي ٿو. نوجوان اتان جو شھري ٿي پوءِ اتان جي سھوليتن جو فائدو وٺي پنھنجي پسند جي اعلي تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. ان ڪري ان رستي جي چونڊ ڪجي جيڪو برداشت ڪرڻ جھڙو ھجي.

ھڪ وڏو فيصلو ڪورس جي چونڊ جو آھي. ڪورس اھو کڻڻ وڌيڪ فائيديمند ٿيندو جنھن جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ ڊمانڊ آھي.

پاڪستان ۾ اھو سوال اڪثر ڪيو وڃي ٿو ته ڇا مون کي اسڪالرشپ ملي سگھي ٿي. ان جو جواب اھو آھي ته ٻاھرين ملڪ جي شاگرد کي داخلا کان پھريان اسڪالرشپ جو ڪو آسرو نه ڪرڻ گھرجي. باقي اتي جي سسٽم تحت پھرين سيميسٽر ۾ سٺين مارڪن کڻڻ تي تعليمي ادارو اسڪالرشپ ڏيندو آھي. ان لاءِ اھليت ۽ قابليت جي بنياد تي پاڻ مڃائڻو پوندو.

سيشن جي ٻي اسپيڪر عطاءُ الله ملاح، پنھنجي ڪيريئر جي سفر جا تفصيل ونڊيا. ھن ٻڌايو ته ڪيئن ھو ھن ملڪ جو عام ماڻھو ھو جيڪو ٻه گھر ھلائڻ ۾ به ڏکيائي محسوس ڪندو ھو پر ڪئناڊا ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ ھو ٻه ته ڇا پر ھو پنجاھ گھرن کي به خرچ ڏئي سگھي ٿو. ھن موجب ته رڳو پئسا گڏ ڪرڻ يا ڪا وڏي گاڏي رکڻ زندگي جو حقيقي معيار ڪونھي پر معيار زندگي ۾ سلامتي، تعليم، صحت، بين سھوليتن جو موجود ھجن آھي. ھن ڪيئي مثال ڏئي ان فرق کي سمجھايو.

وشنو لوھاڻي پڻ پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي سان موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پنھنجا ويچار ونڊيا. ھن اتي ھڪ ڪامياب پروشنل ھجڻ تي پنھنجي ڪاوشن ۽ ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. ھن نوجوانن کي ٻاھرين دنيا خاص ڪري ڪئناڊا ۾ موجود موقعن مان فائدو وٺڻ جي صلاح ڏيندي ان حوالي سان رابطو ڪندڙن جي رھنمائي جو يقين ڏياريو.

اڀرندڙ سنڌ سيشن

ھي ٻيو سيشن انھن اڀرندڙ قابل نوجوانن جي خيالن جي اظھار لاءِ ھو جيڪي پنھنجون صلاحيتون مڃائيندي اڳتي وڌي رھيا آھن. اھڙي طبقي جي خيالن کي ٻڌڻ سان ئي انھن جي سوچ معلوم ٿيندي. اھو به الميو آھي ته پراڻا اديب ۽ دانشور ھنن کي نظر انداز ڪن ٿا جنھن سان نوجوانن سان سندن تعلق ڪٽيل رھي ٿو. جن کي اڳتي سنڌ جا معاملا ھلائڻا آھن تن کي موقعو ڏجي ته ھو ڇا ٿا سوچين، کين اڳتي وڌڻ ۾ ڪا رنڊڪ ته ڪو نه ٿي محسوس ٿئي.

ھن سيشن جي ميزباني معروف ٽي وي اينڪر نصير گوپانگ ڪئي جيڪو واري واري سان مقررين جو تعارف، سندن ڪارڪردگي بڌائن سان گڏ اسٽيج تي سڏيندو ٿي ويو. نوجوانن جا خيال ٻڌڻ ۽ ان جو نتيجو ڪڍڻ لاءِ ٽن ڏاھن جو ھڪ پينل تشڪيل ڏنو ويو ھو جن ۾ نالي وارو سماج سڌارڪ نور محمد بجير، لنڊن ۾ مقيم ڊاڪٽر علي گل ميتلو ۽ ڪراچي يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر شير مھراڻي شامل ھئا.

لياري مان ماھين بلوچ جيڪا نالي واري اديب واحد بلوچ جي نياڻي آھي ۽ لياري ۾ پوئتي پيل خاندانن جي ٻارن کي تعيلم ڏيارڻ جي ڪوششون ڪري رھي آھي تنھن تقرير ڪئي.. ھن ٻڏايو ته جڏھن مون پنھنجي والد کان اھو سوال ڪيو ته بابا ھي اسان جي پاڙي جا ٻار اسڪول ڇو ڪو نه ٿا وڃن ته بابا مون کي ڏسي مرڪيو ۽ چيو ته اھو سوال تون پاڻ کان پڇ. ٻئي اھڙي سوال تي ھن وراڻيو ته تون پڙھين پئي تون ٻين کي پڙھائڻ جو به ڪوششون ڪر. سندس ان ڳالھ مون ۾ ھڪ جذبو بيدار ڪيو. ٻي ڳالھ جيڪا منھنجي والد مون کي چئي ته ماھين تون ماڻھن جي ڳالھين تي ڪن نه ڏجان تنھنجو ڪم ۽ ڪاميابي پاڻ ڳالھائيندا. ان ڏينھن کان ئي مان ھر گھر ۾ وڃي ٻارن کي اسڪول وڃڻ لاءِ سمجھائڻ شروع ڪيو. ھن ٻڌايو ته ھاڻ صبح جو مان گڏ لشڪر ٻارن جو اسڪول وڃي ٿو.

سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نويدا ڪٽپر پنھنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي معاشري جو گھڻو وزن نوجوانن تي ھوندو آھي جيڪي گھر ٻار کان ويندي خاندان جا سڀ معاملا ڏسندا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته گھڻي آبادي ڪا خراب ڳالھ ڪونھي. ان ۾ پئدا ٿيندڙ ھڪ ليڊر قوم جي قسمت بدلي ڇڏي ٿو. جيترا دماغ ھوندا اوترا استعمال ٿيندا اوتري ئي ترقي ٿيندي جيئن چين جي ترقي جو مثال آھي. ھن جو زور ھو ته بارن جي درست تربيت ٿئي، نوجوانن جي رھنمائي ٿئي ۽ عورتن جي اڌ آبادي کي موثر ڪردار ڏجي جنھن کان سواءِ ترقي ممڪن ڪونھي. ھن چيو ته ھتي جي تقريرن مان به اھو معلوم ٿيو ته جيڪي عورتون اڳتي وڌيون آھن انھن جي اھڙي ڪاميابي ۾ سندن والدين جو ھٿ آھي.

ٽي وي اينڪر شازيه ڪريم پنھنجي سفر جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته مون کي ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ تي مٽن مائٽڻ کان ڪيتري نه مزاحمت ملي. مائٽن صاف لفظن ۾ چيو ته توھان مٽي مائتي چونڊيو يا ڇوڪري جو ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ پر ھن موجب جس ھجي منھنجي پي کي جنھن چيو ته مان پنھنجي نياڻي کي پنھنجي مرضي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيندس. ھن عورت جي اڳتي وڌڻ ۾ ڏکيايين ۽ معاشري جي منفي سوچ جو ذڪر ڪيو. ھن موجب مٽن مائٽن جا طعنا ته پي نياڻي جي ڪمائي کائي ٿوجھڙا جملا به ٻڌاسين. مان کين چوندي ھيس ته بابا به ته مون کي کارائيندو آھي پر جيڪڏھن مون ڪجھ ڪمائي گھر ۾ ڏنو ته ڪھڙو گناھ ٿيو.

ليلي نثار مرکياڻي پڻ پنھنجي ڪيريئر ۾ مزاحمت جا تفصيل ٻڌايا. ھن ٻڌايو ته سندس تعلق ڳڙھي ياسين ويجھو ھڪ ڳوٺ جھنگل واھڻ سان آھي. منھنجي تعليم لاءِ منھنجو والد منھنجي پڦين، ماسين ۽ مائٽن کي ناراض ڪري شھر ۾ اچي رھيو. ھن موجب ته انسان کي موقعو نه وڃائڻ گھرجي. ٻيو ته ڪنھن به تنقيد کي اسان پاڻ تي کڻي ٿا وڃون جيڪو نه ڪرڻ گھرجي. يونيورسٽي ۾ سوال ڪرڻ جي ھمٿ افزائي ڪو نه ٿي ٿئي. جيڪڏھن ميڊيا ۾ وڃون ته ان جي باري ۾ منفي پروپيگينڊا، جيڪڏھن ڪا نياڻي ميڊيڪل ۾ پڙھڻ چاھي ته رات جي ڊيوٽي جي بھاني ان پڙھائي جي حوصلي شڪني. ھن ٻڌايو ته ھوءَ ٻن ٽي وي پروگرامن کي ھوسٽ ڪري ٿي.

ان سيشن کي نوابشاھ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ڦلو سندر ميگھوار، ڊاڪٽر سومار کوسي، راجا ساند، سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيي ۽ شاھرخ نالي نوجوان پڻ پنھنجي خطاب ۾ پنھنجي تعليم، ڪردار ۽ ڪاميابين جا تفصيل حاضرين سان ونڊيا.

آخر ۾ پينل ۾ ويٺل ساٿين ان سيشن کي سھڙيندي سيشن ۾ ٿيل گفتگو تي پنھنجا ويچار ونڊيا. ھنن موجب ته اڄ نوجوانن جي قابليت ۽ اعتماد کي ڏسي اھو محسوس ٿئي ٿو سنڌ واقعي اڀري پئي. اسان کي مايوسي وارن سوچ مان نڪري سنڌ جي روشن مستقبل ۽ نوجوانن جي ڪردار تي مڪمل ڀروسو ڪرڻو پوندو. ھن سيشن ۾ نوجوانن کي وڏي تعداد کي ڏسي سرھائي ٿي جيڪا اسڪالا نئين ريت وڌي آھي. ھال ۾ اڪثريت نوجوانن جي موجودگي ھڪ سٺو سنوڻ آھي.

پنھنجي صدارتي خطاب ۾ وزير تعليم ۽ ڪلچر سائين سردار شاھ چيو ته مالڪي يعني ڏڻيپ جيڪڏھن نه ھجي ته اھا ملڪن، قومن ايستائين جو گھرن کي تباھ ڪري ڇڏيندي آھي. اسان جي ڳوٺن، شھرن ۽ ادارن جي جيڪي حالت خراب ٿي آھي تنھن ۾ اسان جو انھن ۾ نه ھجڻ وڏو سبب آھي. ھن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن اسان پنھنجي ڳوٺ يا پاڙي جي اسڪول جي مالڪي ڪريون ۽ رڳو وڃي ڏسون ته استاد آيو يا نه يا فون تي کڻي خبر وٺون ته ڪافي فرق پئجي ويندو. ھن ماضي ۾ جن ڪرداران تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو تن جو ھن خاص طور تي ذڪر ڪيو، الھندو شاھ، مير غلام محمد ٽالپر، نورمحمد لاکير اھي ڪرادار ھئا جن ھڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شاھ صاحب وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪالونيل بخار مان نڪري پنھنجي ماضي جي ڪردارن تي فخر ڪرڻ گھرجي.

پروگرام جي آخر ۾ اھڙن ماڻھن کي ايوراڊ ڏنا ويا جن مان گھڻا گمنام خدمتون ڪندا رھيا آھن. جن مان سماجي خدمتن کي زندگي ارپيندڙ شخص حريف خان چانڊيو، لطيف جي رسالي تي ڪم ڪندڙ راجا سانڌ، لياري مان ماھين بلوچ، دادو مان معشوق برھماڻي، فرزانه ڏھوٽ جن ٻوڏ جي ڏينھن ۾ رات ڏينھن ٻوڏ ستايلن جي خدمت ڪئي ھئي. سماج سڌارڪ ڪم ۾ لاڳيتو موثر ڪردار ادا ڪندڙ ڪلثوم ملاح. ٻھراڙي جي گھٽ واري ماحول مان شاعري ڪري پاڻ مڃائيندڙ شبانا عالماڻي ۽ ڪن ٻين کي ايوارڊ ڏنا ويا. ائين ٺٽي ضلعي ۾ سماج سڌارڪ ڪم جي ھڪ متحرڪ ڪردار امجد خواجه کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو.

پروگرام جي پڄاڻي تي ڊنر ٿي جنھن کان پوءِ گھڻا ماڻھو ته موڪلائي ھليا ويا پر ڪجھ ماڻھو موجود رھيا ته جيئن آخر ۾ موسيقي جي محفل ۾ شريڪ ٿين جلد نوجوان راڳي اياز سمي سر وکيريا. ڏينھن جي مصروف رھڻ کان پوءِ سڪون سان ويھي ھڪ طرف فنڪشن جي ڪاروائي ۽ ان جي ڪاميابي تي ڳالھائيندا رھياسين ته راڳ به ٻڌندا رھياسين. مون سان آخر تائين سائين امداد بلوچ ۽ نصير گوپانگ گڏ ويٺا رھيا ۽ خبرون چارون ڪندا رھيا.

ٿوري دير راڳ ٻڌي پوءِ ھڪ ٻئي کان موڪلايوسين. مان سنگت کان اجازت وٺي گلشن حديد روانو ٿيس ڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻي مان منھنجا ڀاڻج ۽ ٻيا دوست آيل ھئا تن سان ملڻ ۽ ڪجھ وقت گذارڻ مقصد ھو. رات اچي گلشن حديد ۾ رھياسين.

صبح جو وقت گھر ۾ لاڙڪاڻي مان آيل ڀاڻج ۽ ٻين عزيزن سان گذاري منھنجد کان پوءِ ڪراچي شھر لاءِ روانو ٿيس. منھنجو ڀاڻج فياض ڪولاچي ان ڏينھن مون سان گڏ ھو. ھاڻي ميلي جي موٽ ھئي تنھن ڪري پوٽن، پوٽين ۽ ڏوھٽن لاءِ ڪي ڪپڙا وٺڻ جو سوچيم. ان ڏينھن شھر ۾ ڊاڪٽر شاھد قريشي گڏ ھو تنھن صلاح ڏني ته ھائيپر اسٽار جي ڪن دڪانن تي معياري ڪپڙا ملي ويندا آھن ان ڪري بازار ۾ ھيڏي ھوڏي ڦرڻ بجاءِ اوڏانھن ھلجي. ان صلاح تي اوڏانھن وياسين.

مون جنيد جمشيد، کاڌي ۽ ٻين دڪانن تان ٻارن جا ڪپڙا ورتا. ھڪ دڪان تان پنھنجي لاءِ ھڪ ڪوٽ به ورتم. مون کي خريداري جو گھٽ ئي تجربو آھي ڇاڪاڻ ته ان ۾ شروع کان دلچسپي گھٽ رھي آھي. ٻار به جوان آھن جن جي پنھنجي پسند آھي تنھن ڪري ننڍن ٻارن جي لاءِ سوکڙي وٺڻ تائين خريداري محدود رکيم. اھڙين مارڪيٽن جي دڪانن ۾ ٿيندڙ خريداري تي نظر وجھو ته لڳندو ته ھي امير ملڪ آھي. ھڪ ڀيري ڪئناڊا جي دوست جيڪو سٺي پوزيشن ۾ آھي ۽ کوڙ ڪمائي اٿس تنھن پنھنجو تجربو ونڊيندي ٻڌايو ته ھڪ ڏينھن مان ان مال ۾ ٻه ٽي ڪارپيٽ وٺڻ ويس، قيمت ڏسي پريشان ٿيس. دڪاندار کي چيم ته ڪو گھٽ قيمت وارو ڏيکار. تنھن تي دڪاندار اھو چيو ته پوءِ توھان پاسي تي ويھو ته مان ٿورو واندو ٿي توھان کي ٻيا ڪارپيٽ ڏيکاريان. ھن موجب منھنجي سامھون ھن ٻن ٽن گراھڪن کي سامان وڪيو جيڪو ڳري قيمت جو پئي لڳو پر ھنن قيمت تي ڳالھائڻ بجاءِ ھن جيڪو گھريو سو ڏئي سامان کڻايو. مغرب ۾ رھندڙ ڀلي ڪو سرندي وارو ھجي پر محنت سان ڪمايل پئسي کي بيدردي سان خرچ ڪو نه ڪندو.

پاڪستان ۾ خريداري ۽ ٻين شين تي خرچ ٿيندڙ پئسي تي مون کي دوست جو ٽوٽڪو ياد اچي ٿو جيڪو چوندو ھو ته پئسي جو قدر جوا جي اڏي تي ڪو نه ھوندو آھي پر ھاڻ مان ان ۾ اھو اضافو ڪندو آھيان ته پئسي جو قدر پاڪستان جي انھن ماڻھن وٽ به ڪونھي جن وٽ سولائي سان جھجھو پئسو اچي وڃي ٿو. ان شعر وانگر

تمہارا لہجا بتا رہا ہے تمہاری دولت نئی نئی ہے

شھر ۾ مصروف ھوس ته لعل بخش ڪولاچي فون ڪري دعا سلام ڪندي اھو پڇيو ته ڪڏھن واپسي آھي؟ مون کيس چيو ته سڀاڻي رات. تنھن تي چيائين ته يار پوءِ پاڻ اڄ شام ملون. تون آھين به شھر ۾ سو واپسي تي رستي ۾ ئي ايئرپورٽ لڳ رمدا ھوٽل تي اچي وڃ. وڃڻ کان اڳ مون کي به ساڻس ملڻو ھو. تنھن ڪري شام جو ڇھين بجي ملڻ جو واعدو ڪيم. شام جو ڪم ڪار مان واندا ٿي ان ھوٽل تي آياسين. چوياري ۾ فياض ڪولاچي ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي به گڏ ھو. ھي رمدا ھوٽل جيڪو اڳ ايئرپورٽ ھوٽل جي نالي سان ڄاتو ويندو ھو سو ھاڻ رمدا ھوٽل آھي تنھن کي ڪافي بھتر بڻايو ويو آھي. ان جي پوئين پاسي لان ۾ پول جي پاسي ۾ جيڪا ٻاھر ويھڻ جي جاءِ آھي سا عاليشان آھي ان ۾ اڳ به اچي چڪا آھيون. ويھڻ جي سٺي جاءِ ڪم ڪار مان به واندا ٿي چڪا ھئاسين ان ڪري ڊگھي ڪچھري ڪري پر تڪلف ڊنر مان لطف اندوز ٿي سوھڻي ڌاري ھڪ ٻئي کان موڪلايوسين.

ٻئي ڏينھن ننڍي پٽ لاءِ شادي جي جوڙا جنھن ۾ شلوار قميس شامل ھئي سا وٺڻ جو ارادو ھو. جڏھن ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙي سان اھڙو ذڪر ڪيم ته ھن ساڳئي مال ۾ اچڻ جو چيو جتي ھن موجب شادي جي ڪپڙن جي حوالي سان ڪي خاص دڪان آھن. وياسين ته اتي ٿوري گھڻي فيشن سان جوڙو تيار ھو پر قيمت ڳري ھئس. جوڙو شادي تي پائڻ لاءِ سٺو لڳو جنھن ڪري پئسن جي پرواھ نه ڪندي اھڙا ٻه جوڙا خريد ڪيم. ان سان گڏ ڪن دڪانن تي ڪوٽ به ڏٺم جيڪي گھڻو ڪري ترڪي مان آيل ھئا. اسان جي ديس ۾ ڪوٽ جي ڊزائين ڪندڙ ڪي چڱا ڪاريگر ڪونھن يا اسان وٽ پئسو جام آھي جو ڪوٽ به باھران ٿا گھرايون. خزاني مان قرض ڏيڻ لاءِ پئسي جي فڪر ٻئي طرف وري ھي شاھ خرچيون. اسان جي ماڻھن ۽ حڪومت کي ڪير سمجھائي.

شام جو سڀ ڪم ڪار ڪري واپس پھتس ۽ اچي سامان پيڪ ڪيم. صبح سوير منھنجي فلائٽ ھئي. ترڪش ائرلائين جي اڏام تي سوار ٿيڻ لاءِ ۲ بجي روانو ٿيڻو ھو. ان رات سڄي ڪراچي شھر ۾ بجلي ڪو نه ھئي. ان ڏينھن شايد ملڪي سطح تي اھو مسئلو ھو. سڄي علائقي ۾ اوندھ ھئي سواءِ انھن گھرن يا دڪانن جي جتي سولر يا جنريٽر پئي ھليا. اسان به ھڪ نوجوان مائٽ کي گھرائي جنريٽر ھلرايو ته گھر روشن ٿيو. ان دوارن مون ھڪ واقفڪار ٽئڪسي ڊرائيور کي رات ٻي بجي اچڻ لاءِ چئي تاڪيد ڪئي جنھن پڪ اچڻ جو يقين ڏياريو.

ڪا مھل ٿي جو جنريٽر جو تيل کٽي ويو، جنھن ڪري اھو بند ٿي ويو. جنھن ڪري اونداھي جو راڄ ٿي ويو. رات ٿي چڪي ھئي، ان ڪري گھر وارا سمھي پيا ھئا، مون کي ٿوري گھڻي ننڊ آئي. ھڪ فڪر اھو ھو ته ڪٿي فون جي بيٽري نه ڊائون ٿي وڃي تنھن سبب رابطو ڪٽجي ويندو. سامان کڻي اڳواٽ ئي مين گيٽ ويجھو رکي ڇڏيم. سٺو ٿيو جو ڊرائيور وقت تي اچي فون ڪيائين ته مان اچي ويو آھيان.

مان ٻاھر نڪتس ته ھو مين گيٽ وٽ ٻاھر بيٺو ھو سامان گاڏي ۾ رکيم اوندھ ۾ ڪوشش ڪري سڀ شيون کنيم پر سڄي ڌيان جي باوجود منھنجو ليپ ٽاپ رھجي ويو. مون ان جي بيگ گاڏي رکي پر رات جو ان کي استعمال ڪري جو ٻاھر رکيو ھيم سو کڻڻ کان رھجي ويو تنھن جي خبر مون کي ايئرپورٽ تي پئي. ان اوندوھ ۾ سفر ڪندي ايئرپورٽ طرف پئي آياسين. سوچيم ته سڄو وقت شاندار گذريو پر ھي واپسي واريون گھڙيون مونجھ ۾ گذريون. نيٺ ايئرپورٽ پھتس جتي جو جھان روشن ھو. لھي اندر ويس ۽ ايئرپورٽ جا سڀ مرحلا خير خوبي سان طي ڪري وڃي گيٽ وٽ ويٺس.

سفر جو پنھنجو جھان آھي. اسان جو ھڪ دوست اسلام آباد ويندي جھاز بجاءِ ريل گاڏي جو سفر ڪندو آھي. ايبٽ آباد مان ڪراچي ڪاروبار سانگي ايندڙ دوست حاجي رشيد ھوٽل ۾ ٻئي يا ٽئين منزل تي ڪمرو وٺندو ھو. ھو اسان کي لفٽ ۾ موڪلي پاڻ ڏاڪڻ تان ھلي ڪمري ۾ ايندو ھو. ھو لفٽ جو استعمال ان ڪري نه ڪندو ھو جو ھڪ ڀيرو لفٽ ۾ ڦاسي چڪو ھو. ائين ٽورنٽو کان ستر اسي ڪلوميٽر پري ھڪ شھر ۾ رھندڙ دوست ھاءِ وي تي ڪڏھن گاڏي ڪو نه ھلائيندو ھو. ھو ننڍن روڊن تان ھلندو ڦرندو ڪي ڪلاڪ سفر ۾ ڪاٽي اچي ٽورنٽو پھچندو ھو.

ترڪش ايئرلائين ھي اڏام وقت تي ئي استنبول لاءِ رواني ٿي. ھن ايئر لائين جي سروس چڱي اھي ان ڪري سڪون سان سفر ڪٽجي ويو ۽ اچي استنبول ايئرپورٽ تي لٿس. ان وقت اتي جھڙالي موسم ھئي جنھن کي ڏسي شاھ لطيف جي سر سارنگ جو اھو شعر ياد آيو.

موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛

وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،

ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيُون مَغرَبَ پارَ؛

ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛

ان شعر جي آخر ۾ سنڌ سان گڏ دنيا لاءِ دعا ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار آھي.

سر سارنگ ۾ جيڪي مينھن پوڻ جون اميدون، جھڙالي موسم ۽ مينھن پوڻ کان پوءِ واري خوشحالي جي واھ جو منظر نگاري آھي. ٿر جو ماڻھو وسڪاري جو شديد طلبگار رھيو آھي. وحيد علي جي ڳايل ان ڏوھيڙي وانگر تہ

ائين گھران ٿو توکي پرين، جيئن ٿر گھري برسات،

رھ اڄوڪي رات، ته سور ورھايون سپرين.

شاعر موجب؛ ٿر ۾ برسات جي طلب، محبوب جي پيار جي ڪشش وانگي آھي.

ٽورنٽو لاءِ ويندڙ اڏام ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ۵ ڪلاڪن جو وقفو ھو. سو وقت پئي گذاريم. ھڪ ھنڌ فون کي چارج تي لڳائي پاسي ۾ ھڪ ھوٽل تان، ڪافي، سينڊ وچ ۽ پاڻي جي بوتل وٺي اچي ويٺس. ڪريڊٽ ڪارڊ سبب ادائگي سولي ٿي پئي آھي ان ڪري کيسي ۾ ھر ملڪ جي ڪرنسي رکڻ جي ضرورت ڪو نه ٿي پوي. منھنجي پاسي وارو گورو ھمراھ به سڪون سان ويٺو ھو. وقت گذاراڻ لاءِ ساڻس ڳالھ ٻولھ ٿي ھن ٻڌايو ته ھو اصل ۾ پولينڊ سان تعلق رکي ٿو. ٽيھارو سال آمريڪا ۾ رھي ھاڻ اتان رٽائر ٿيو آھي ۽ ھاڻي گھڻو وقت پولينڊ ۾ گذاري ٿو. پولينڊ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ سستو به آھي آمريڪا مان ملندڙ پينشن ھن ملڪ ۾ ڪافي ٿي وڃي ٿي. ٻيو ته اباڻو وطن آھي اتي زندگي جا آخري ڏينھن پنھنجي ان ماحول ۾ گذارڻ سٺو لڳي ٿو جتي مان ڄائو نپنو ھوس. سوچيم ته ھي جيڪا ديس سان محبت آھي اھا ھر ماڻھو ۾ آھي. کيس اھي ڳالھيون نه ٿيو وسرن جتي ھن ننڍپڻ ۽ جواني جا ڏينھن گذاريا آھن.

وقت تي ان گيٽ وٽ پھتس جتان اڏام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بورڊنگ ٿيڻي ھئي. اتي پھتس ته گيٽ وٽ چيڪنگ جو سخت سسٽم ھو ٻين ايئرپورٽن تي سڀني فلائٽن جي گڏيل سيڪيورٽي چڪاس ٿيندي آھي پر ھتي ان ھر جھاز جي مسافرن جي سامان کي جھاز جي گيٽ وٽ تفصيل سان چيڪ ڪيو ٿي ويو. ان وقت اھو خيال ذھن ۾ آيو ته شايد ھو ڪردن ۽ سرحد جي ٻئي پاسي جي ماڻھن جي ڪن تنظمين سان جھيڙي سبب پنھنجي جھازن جي حفاظت لاءِ وڌيڪ محتاط آھن. خير سامان چيڪ ڪرائي گيٽ وٽ ويھي انتطار ڪرڻ لڳاسين پر وقت ٿيڻ جي باوجود بورڊنگ جي ڳالھ ئي ڪونہ. پڇڻ تي ھڪ ئي جواب ٿي مليو ته جھاز جي اڏامڻ لاءِ ڪليئرنس جو انتظار آھي. ائين انتظار ۾ ٻيا به ۴ ڪلاڪ گذري ويا جنھن ڪري اچي بيزاري ٿي. ان وچ ۾ ايئرپورٽ طرفان مسافرن کي سينڊ وچ، پاڻي ۽ ڪوڪ سان تواضع ڪيائون.

مان اچي ورانڊي ۾ بيٺس ته ڪنھن مھل ڏٺم ته گيٽ واري عملي مان ھڪ ھمراھ ڊوڙندو گيٽ طرف پئي آيو. سمجھي ويس ته روانگي جو کيس سگنل ملي ويو آھي. اچڻ سان ٻين کي چئي پاڻ به ھڪ پوسٽ سنڀالي بيھي رھيو. بورڊنگ شروع ٿي ويئي. اچي پنھنجي پنھنجي سيٽن تي ويٺاسين. جھاز اڏام ڀري. عملو خدمت چاڪري ڪندو پئي آيو. ڪجھ اوجاڳو ھو ته ڪجھ وري ماني کائڻ کان پوءِ ماڻھوءَ کي ننڊ اچڻ لڳندي آھي ان ڪري سمھي رھيس. صبح جي وقت عملي نيرن پئي ڏني. منھنجي پاسي وارن کي کاڌو ڏئي ھو اڳتي وڌي ويا ھئا. اسٽيورڊ ڪم ڪندي ويجھو آيو ته کيس چيم ته مون کي به نيرن ڏي. نھايت ئي نرم لھجي ۾ وراڻيائين ته سر مون توھان کي ٽي ڀيرا آواز ڏنو ھو پر توھان گھري ننڊ ستل ھئا. توھان کي ھاڻ نيرن آڻي ٿو ڏيان ائين ھن نيرن سان گڏ ڪافي به آڻي ڏني جنھن تي نيرن ڪري تازو توانو ٿيس. ھاڻي اڏام پھچڻ جو وقت ويجھو ٿي چڪو ھو ان ڪري ٿورو وقت سامھون لڳل ٽي وي اسڪرين تي ڪي پروگرام ڏسي گذاريم.

اڏام ٽورنٽو ائيرپورٽ تي پھتي جلد ٻاھر نڪري آيس جتي مون کي کڻڻ لاءِ ٻار آيل ھئا. مان پاڪستان مان موافق آبھوا مان آيس ته ھتي سخت ٿڌ ھئي. جھان جا رنگ به نرالا آھن ڪٿي لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ ماڻھو ٿڌي ھوا جي جھوٽي لاءِ طلبگار ته ڪٿي ٿڌ مان بچڻ لاءِ گرم ڪمري ۽ گرم بستر جي ضرورت. گھر پھچي ٻارن کي پنھنجون پنھنجون شيون حوالي ڪيم. پوئتي جا کين حال احوال ڏنم. ان سان گڏ ڪيئن وقت گذريو جھڙن سوالن جا جواب ڏنم. ائين ٿوري دير آرام ڪري ھن جھان جي معمول ۾ گم ٿي ويس. 

No comments:

Post a Comment