Monday, January 11, 2016

بنارس هندو يونيورسٽي جو مندر - الطاف شيخ

بنارس هندو يونيورسٽي جو مندر
الطاف شيخ
انڊيا جي ڇا بلڪه ايشيا جي وڏي BHU (بنارس هندو يونيورسٽي) گنگا ندي جي ڪناري جي ڀرسان اڌ گول جي شڪل ۾ آهي جنهن جي وچ ۾ وشواناٿ مندر پري کان نمايان ۽ سمجھيو ته هِتي جو Land Mark آهي. عمارتسازي ۽ خوبصورت گل گلڪارين ۽ رنگن ڪري هي هر هڪ لاءِ ڪشش جو سبب آهي ۽ مڪاني توڙي اسان جهڙا ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ هن مندر جا فوٽو ڪڍڻ کان رهي نٿا سگهن.
هن وشواناٿ مندر جي اتر ۾ Environment سائنس ۽ باٽني جو ڊپارٽمينٽ آهي. مندر جي اولهه ۾ گرتو، رام ڪرشنا، ڊاڪٽر سي وي رامان ۽ موروي هاسٽلون آهن. اوڀر ۾ ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ انڊيا جي مشهور لئبرري سياجي رائو گائڪواد مرڪزي لئبرري آهي جنهن کي ۽ مندر کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر رانجن ڪمار سنگهه سان گڏ نڪتس ۽ اسان پهرين مندر جي ڏاکڻي ڪنڊ وٽ اي. جي ڪيفيٽريا ۾ اچي چانهه پيتي.


هي مندر جيڪو ”نيو وشواناٿ مندر“ به سڏجي ٿو دراصل بنارس شهر جي اهم مندر ”ڪاشي وشواناٿ مندر“ جي replica آهي جيڪو بنارس هندو يونيورسٽي جي باني پنڊت مدن موهن مالويا جي خواهش تي انڊيا جي امير ۽ مشهور سوداگر/واپاري/ڪارخانيدار ڪٽنب برلا وارن 1966ع ۾ ٺهرايو... . ان ڪري هن مندر کي ”بِرلا مندر“ به سڏيو وڃي ٿو. هن مندر جو ٽاور ويهه ماڙ ٿيندو ۽ دهلي جي قطب مينار بعد ٻئي نمبر تي اتاهون آهي. مندر جا ٻه حصا آهن: گرائونڊ فلور ۽ فرسٽ فلور...  جيڪي يونيورسٽي جي رنگن مان هڪ گلابي رنگ سان پينٽ ٿيل آهن. مندر جي در وٽ ڪجهه دڪان پڻ آهن جن مان ڪي گل وڪڻڻ وارن جا، ڪي ڌرمي ڪِتابن جا ته ڪي چانهه بسڪيٽن جا. مندر جي در وٽ جِتي بوٽ لاهي اندر گهڙجي ٿو سري لنڪا جا ٻه شاگرد مليا...  ”جڏهن اسان پريشان هوندا آهيون،  خاص ڪري امتحانن جي ڏينهن ۾ ته اسان هِتي اچي شِو ديوتا کان blessings گهرندا آهيون.“ هنن چيو.
در اصل هي مندر شِو ديوتا جو ئي سمجھڻ کپي جو هندو ڌرم ۾ ”وشواناٿ“ شِو ديوتا جو ٻيو نالو آهي. وشواناٿ به عام نالو آهي... . خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جو. جيئن ستر جي ڏهي جو انڊيا جو ٽيسٽ ڪرڪيٽر گنداپا رنگاناٿ وشواناٿ جيڪو عام طرح وشي سڏيو ويندو هو. سندس واسطو هندستان جي ڏاکڻي رياست ڪرناٽڪا سان هو. هڪ ٻيو 80 جي ڏهي جو مشهور ڪرڪيٽر سداناٿ وشواناٿ جو واسطو پڻ ڪرناٽڪا (سابق ميسور رياست) سان آهي. اڄ ڪلهه هو ٽاپ جو ايمپائر ۽ ڪوچ آهي. وشواناٿ پرتاب سنگهه انڊيا جو ستون پرائيم منسٽر رهي چڪو آهي ۽ مليالم، ڪنهڙ، تامل، هندي ۽ تيلگو زبان ڳالهائيندڙ سهڻي فلم ائڪٽريس واني وشواناٿ جو واسطو پڻ ڏکڻ هندستان جي رياست ڪيرالا سان آهي. هن جي شادي 2002ع ۾ مليالم فلم Salt N Pepper جي مزاحيه ائڪٽر بابو راج سان ٿي هئي. بهرحال هي ڏکڻ هندستان جا فلمي ائڪٽر يا ٻيا اهم ماڻهو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾گهڻو مشهور آهن جو اُتي جيڪي انڊين رهن ٿا انهن جو 90 سيڪڙو ڏکڻ هندستان جون زبانون تامل، مليالم، ڪنهڙ، تيلگو وغيره ڳالهائين ٿا.
مندر جي سهڻي عمارت، صفائي سٿرائيءَ کان علاوه ان جي چوڌاي سهڻي نموني سان ڇانگيل وڻ ۽ ٻارين ۾ رنگين موسمي گل ۽ آسمان تي ڪڪر هجڻ ڪري ڪڏهن جھڙ ته ڪڏهن اس سٺو نظارو پيش ڪيو ٿي.مندر جي ارد گرد وهڻ لاءِ ماربل ٽاپ جون بينچون رکيل آهن. ڪجهه ٽوئرسٽ ۽ شاگرد ڇٻر تي ليٽيا پيا هئا ته ڪجهه پٿل ماري mediation ۾ مصروف هئا ته ڪي بينچن تي ويٺا هئا. مندر جو وچ شو لنگم لاءِ منسوب ٿيل آهي جنهن جي چوڌاري ننڍا ننڍا نتراج، پنج مکي (پنجن منهن وارو) مهاديو، پاروتي، گنيش، هنومان ۽ ناندي (ڍڳي) جا مندر آهن. ڪجهه شاگرد سراسوتي ديوي اڳيان بيٺل هئا جيڪا بنارس هندو يونيورسٽي جي لوگو تي پڻ ٺهيل آهي. هڪ ٽوئرست جي هٿ ۾ ڪاٺ جي مڻين جي تسبي هئي. پڇيومانس ته ڇا پيو پڙهين؟
”جئه ڀولي ناٿ... ...  هر هر مهاديو... .. هر هر مهاديو.“ هن وراڻيو.
مندر جو ٻاهران فوٽو ڪڍڻ وقت اتان لنگهندڙ باٽني ڊپارٽمينٽ جي ڪجهه ڇوڪرين مان هڪ گجراتي ڇوڪريءَ اسان جي چوڻ تي اسان جا فوٽو ڪڍي مندر بابت پڇيو ته اسان کي ڪيئن لڳو.
”توهان جي يونيورسٽي BHU وارن وڏو خرچ ڪيو آهي.“ مون چيومانس.
BHU وارن نه پر بِرلا فئملي وارن کي شاباس هجي جن هن مندر تي خرچ ڪيو آهي ۽ ٻيا خير جاڪم ڪندا رهن ٿا“ هن وراڻيو.
هِتي ڪجهه سٽون برلا خاندان تي لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته ڪيئن هنن محنت ڪري پنهنجي بزنيس کي وڌايو ۽ وڏا ماڻهو ٿيڻ جي باوجود هو غريب عوام جي ڀلائيءَ جو ڪيڏو خيال رکن ٿا ۽ خير خيراتون ڪن ٿا. بنارس هندو يونيورسٽي جي هن مندر کان علاوه هنن...  يعني برلا گهراڻي وارن هندستان جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏي خرچَ سان اعليٰ قسم جا مندر ٺهرايا آهن. ان کان علاوه سڄي هندستان ۾ هنن جون 18 خيراتي اسپتالون ۽ 45 اسڪول آهن.  برلا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ائنڊ سائنس نه فقط انڊيا جي شهرن: الهه آباد، ڪولڪتا، پٽنا، چنائي (مدراس)، جئپور، حيدرآباد دکن، گوا وغيره ۾ آهن پر دبئي، مسقط (عمان) راس الخيما (UAE) ۾ پڻ.
برلا فئملي جو تعلق راجستان جي مارواڙي مهيشوري ڪميونٽي سان آهي. سندن وڏو شِو نارائڻ برلا واپار خاطر 1857ع ۾ پنهنجي راجستاني ڳوٺ جھڻجھڻي مان لڏي بمبئي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي... . جِتي هن پنهنجو ٽريڊنگ هائوس کوليو. ان جي هلڻ سان 1861ع ۾هن پنهنجي پٽ بلديوداس برلا کي ڪلتي موڪليو ته هو اتي فئملي بزنيس شروع ڪري. اڄ برلا فئملي جو ڪيميڪلز، سيمينٽ، فائيبر، ميٽل، فرٽلائيزر کان بلبن، ڌاڳي، IT سروسز، ٽيليڪام ۽ سافٽ ويئر تائين 33 ملڪن ۾ آدتيا برلا گروپ نالي ڪاروبار آهي. آدتيا ٻلديو داس جو پٽ ۽ شِو نارائڻ جو پوٽو هو. اڄ ڪلهه آدتيا جو پٽ ڪمار منگارام برلا 1995ع کان وٺي جڏهن هو فقط 28 سالن جو هو، برلا ڪمپني جو چيئرمين آهي. روينيو جي حساب سان هيءَ ڪمپني انڊيا جي ٽيون نمر (RIL ۽ ٽاٽا ڪمپني بعد) امير ڪمپني آهي جنهن جي مختلف ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ 136000 ماڻهو ڪم ڪن ٿا.
ڪمپنيءَ جو هاڻوڪو چيئرمين ڪمار منگالام 1967ع ۾ ڄائو. هن جو ننڍپڻ ڪوڪلتا ۽ ممبئي ۾ گذريو. هن بي ڪام (B.Com) ممبئي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ CA (چارٽر اڪائونٽنسي) لنڊن مان ڪئي. هن جي شادي نيرجا برلا سان ٿي جيڪا اڄ ڪلهه برلا گروپ وارن جو ممبئي وارو مشهور تعلمي ادارو  ”ادتيا برلا ورلڊ ڪمپني“ هلائي ٿي. کين ٽي ٻار: انان ياشري، آريامان وڪرم ۽ ادوائتيشا آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته بنارس جيتوڻيڪ مندرن جو شهر آهي. توهان کي گنگا ندي جي ڪناري کان وٺي وچ شهر تائين جِتي ڪٿي مندر نظر ايندا پر انهن سڀني مندرن ۾ بلڪ هتي جي هڪ ڌرمي ڏاهي ۽ پنڊت مطابق ته سڄي ننڍي کنڊ ۾ بنارس جو ”ڪاشي وشواناٿ مندر“جيڪو گنگا ندي جي مغربي ڪناري تي آهي اهو وڌيڪ پوتر سمجھيو وڃي ٿو جنهن جي هڪ دفعو زيارت ڪرڻ هر هندوءَ جي خواهش آهي. هي اهو مندر آهي جنهن جي ريپلڪا بنارس هندو يونيورسٽي برلا مندر آهي... . يعني ان جي نموني جو ٺاهيو ويو آهي. اصل مندر... . يعني گنگا ندي جي ڪناري وارو ”ڪاشي وشوناٿ مندر“ انهن ٻارهن پاڪ مندرن مان هڪ آهي جنهن ۾ جيوتي لنگس رکيل آهي جيڪو شِو ديوتا جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو. لنگم جيڪو لنگا، لنگ، شِو لنگ ۽ شِو لنگا به سڏيو وڃي ٿو هندن جي ديوتا شِو جي نمائندگي ٿو ڪري جنهن کي مندر ۾ پوڄيو وڃي ٿو. لنگم اڪثر يوني سان گڏ گڏ رکيو وڃي ٿو جيڪا ديوي جي يا شڪتي جي نمائندگي ڪري ٿي. مندر ۾ موجود هڪ تعليم يافته ٻائي، هن مندر جو سير ڪرائيندي لنگم لاءِ ٻڌايو ته:
The union of lingam and yoni respects the indivisible two-in-oneness of male and female, the passive space and active time from which all life originates...
منهنجي هڪ هندو دوست ٻڌايو ته اوڻهين صدي جي آخر کانپوءِ، اهي ڪجهه مغربي اسڪالر آهن جن لنگم ۽ يوني کي مرداني ۽ زناني عضوي سان اجايو interpret ڪيو آهي.

تاريخ ۾هي مندر ڪيترائي دفعا ڊاٺو ۽ ٺاهيو ويو آهي. مندرجي ڀرسان جيڪا گيان واري مسجد آهي ان لاِءِ هتي جي هندن جو اهو چوڻ آهي ته اها هن مندر جي اصل site هئي. هاڻ واري مندر جو ڍانچو 1780ع ۾ اندور جي مرهٺي راڻي اهليا ٻائي هولڪر ٺهرايو  هن مندر جي ديدار لاءِ جيئن ته روزانو هزارين ماڻهو اچن ٿا. ۽ هي مندر شهر جي وچ ۾ آهيان ڪرياوسپاس جي سمورين سوڙهين گهٽين ۾ هر وقت ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي. مندر ۾ اچڻ کان علاوه  هر هندو بنارس ۾ اچي گنگا ۾ ٽٻي ڏيڻ چاهي ٿو ۽ هو پاڻ کي خوش نصيب سمجھي جي هن جو موت هن پاڪ شهر بنارس/ڪاشي ۾ ٿئي. ڪيترن پوڙهن ۽ معذور ماڻهن کي ڏٺم جن ٻڌايو ته هنن جو ڳوٺ ڪو ٻيو آهي پر هاڻ هو زندگي جا آخري ڏينهن ورانسي (بنارس) ۾ گذارڻ آيا آهن جيئن سندن ديهانت هتي ئي ٿئي ۽ سندن چتا کي گنگا ڪناري ساڙي ان جي خاڪ گنگا جي پوتر پاڻي ۾ لوڙهي وڃي.

No comments:

Post a Comment