Monday, July 01, 2013

روشن ستارن جو ٽڪنڊو - الطاف شيخ

روشن ستارن جو ٽڪنڊو
الطاف شيخ
آسمان ۾ هڪڙن ٽن چمڪندڙ تارن جو ٽڪنڊو نظر اچي ٿو، جيڪو Navigation (جهاز هلائڻ وارن) جي لحاظ کان بيحد اهم آهي. اهو ٽڪنڊو Summer Triangle سڏجي ٿو، جنهن جي ڪنڊن وارا تارا الطائر (Altair)، Deneb (ذنب) ۽ ويگا آهن. هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندو هلان ته مٿيان ٽي تارا: الطائر، ذنب ۽ ويگا جيتوڻيڪ هڪ ٽڪنڊو ٺاهين ٿا ۽ ٽئي تارا چٽا نظر اچن ٿا، جو تمام گهڻو روشن آهن، پر انهن مان هر هڪ تارو الڳ شڪل يعني الڳ جهڳٽي ۽ جهرمٽ (Constellation) سان تعلق رکي ٿو. مثال طور ويگا (جيڪو عربي لفظ ’واقع‘ جي کار آهي) Lyra نالي Constellation جو سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو آهي ۽ سڄي آسمان ۾ پنجون نمبر روشن تارو آهي. پر اسان جهڙا ماڻهو، جيڪي خط استوا (Equator) کان گهڻو مٿي اتر ۾ رهن ٿا، انهن کي دنيا جي ڏکڻ اڌ گول وارا تارا ڏسڻ ۾ نٿا اچن. جيڪي ٿورا گهڻا نظر اچن ٿا، اهي ڏکڻ طرف اُفق جي ويجهو آهن، ان ڪري اهي، توڙي کڻي گهڻو روشن هجن، پر اسان کي ڌنڌلا نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي (دنيا جي اتر اڌ گول ۾ رهندڙن کي)، Arcturus بعد ٻئي نمبر تي چٽو تارو Vega لڳي ٿو. ويگا دنيا جو اهم تارو سمجهيو وڃي ٿو ۽ سائنسدانن ۽ فلڪيات جي ماهرن سج بعد هن تاري تي وڌيڪ کوجنا ڪئي آهي. ويگا تارو اسانجي ڌرتيءَ کان 25 نوري سال پري آهي. صدين کان عرب هن تاري کي رڻ پٽن ۽ سمنڊن تي سفر ڪرڻ دوران Navigation (رستو ڳولڻ) خاطر استعمال ڪندا اچن ۽ هن تي سندن رکيل عربي نالو ”واقع“ (معنيٰ ڪرندڙ) اڄ ويگا ٿي ويو آهي. عربيءَ ۾ هن تاري جو دراصل سڄو نالو ”الواقع النسر“ معنيٰ ڪرندڙ عقاب آهي. ڪي ماڻهو ان جو ترجمو لامارو ڏيندڙ ڳجهه ٻڌائين ٿا. هي تارو سج کان جيتوڻيڪ ڏيڍوڻو ڳرو آهي، پر روشنيءَ جي حساب سان 54 ڀيرا وڌيڪ آهي. هي تارو Vega پنهنجي محور جي چوڌاري تمام گهڻي رفتار سان گول گهمي (Rotate ڪري) ٿو. اٽڪل 274 ڪلوميٽر هڪ سيڪنڊ ۾ طئي ڪري ٿو، ان گهڻي رفتار ڪري هو سندس خط استوا واري هنڌ تان ٻاهر نڪري آيو آهي. جيئن سج جي چوڌاري ڌرتي، مريخ، زهره جهڙا ڪيترا ئي سيارا گردش ڪندا رهن ٿا، تيئن ويگا جي چوڌاري گهٽ ۾ گهٽ هڪ Jupiter جيڏو سيارو گردش ڪري ٿو.

ويگا پهريون تارو آهي، جنهن جي نالي شيورليٽ وارن 1971ع ۾ پنهنجي ڪار ڪئي. ائين ته لاڪ هيڊ هوائي جهاز ڪمپنيءَ پنهنجي جهاز جو نالو پڻ ويگا رکيو.
هڪ ٻيو تارو، جنهن جو پڻ هتي ذڪر ڪنداسون، جنهن جو انگريزيءَ ۾ به ساڳيو عربي نالو الطائر هلندو پيو اچي، جنهن جي عربي لفظ جي معنا ”پکي“ آهي. هي تارو Altair گهڻي روشني وارن تارن مان آهي ۽ تيرهين نمبر تي چلڪندڙ چيو وڃي ٿو. ٽن تارن واري ٽڪنڊي (Summer Triangle) جو هي ڏکڻ وارو تارو آهي ۽ باقي ٻه تارا ويگا ۽ ذنب (Deneb) آهن.
الطائر تارو جنهن Constellation (تارن جي جهڳٽي يا شڪل) سان تعلق رکي ٿو، ان جو نالو Aquila آهي. عقيلا لاءِ به چيو وڃي ٿو ته عربي لفظ مان آهي، جنهن جي معنيٰ عقاب آهي. بهرحال هن Constellation جو نالو عقيلا (عقاب) به تارن جي شڪل سان نٿو ملي. عقيلا Aquila تارن جي جهڳٽن ۾ فقط ٽي تارا آهن، جن ۾ سڀ کان گهڻو چمڪندڙ تارو الطائر آهي ۽ پاسي کان ٻه هلڪا روشن تارا آهن. هي ٽئي تارا هڪ ئي قطار ۾ آهن، جيڪي توهان کي بنا دوربين جي آسانيءَ سان نظر اچي سگهن ٿا.
’الطائر‘ تارو اسان جي ڌرتيءَ کان 17 نوري سال پري آهي ۽ سج کان ڏهه دفعا وڌيڪ روشن آهي، پر ويگا تارو ان کان به وڌيڪ روشن آهي، جو اهو سج کان 50 دفعا وڌيڪ روشن آهي. ويگا ۽ الطائر تارن ۾ به ساڳي گئس هائڊروجن ۽ هيليم سڙندي رهي ٿي، جيڪا سج ۾ ٻري ٿي ۽ هي تارو به چڱيءَ رفتار سان گول ڦري ٿو، جيڪا 210 ڪلوميٽر في سيڪنڊ ٿئي ٿي، جيڪا ويگا تاري کان کڻي ٿوري گهٽ ٿي (جيڪو 274 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان لاٽونءَ وانگر ڦري ٿو)، پر اسان جي ڌرتي ۽ سج جي مقابلي ۾ ته تمام وڏي رفتار ٿي. اسان جي ڌرتي جيڪا اڌ ڪلوميٽر في سيڪنڊ سان گول گهمي (Rotate ڪري) ٿي ۽ سج 2 ڪلوميٽر في سيڪنڊ رفتار سان گول گهمي ٿو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ڌرتي جيڪا فقط اڌ ڪلوميٽر في سيڪنڊ گول گهمي ٿي، يعني 1600 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان، اها به تمام وڏي رفتار آهي. يعني اسان جي جمبو جيٽ جهاز کان به ٻيڻي اسپيڊ ٿي. هاڻ ڌرتيءَ جي Rotation جي رفتار کي ڌيان ۾ رکي الطائر ۽ ويگا تارن جي رفتار جو اندازو لڳايو ته اهي ڪيڏي وڏي رفتار سان Spin ڪري رهيا آهن! هونءَ الطائر تارو سج کان ٻيڻو وڏو ٿيندو، پر گول ڦرڻ جي رفتار وڏي هجڻ ڪري الطائر تارو 10 ڪلاڪن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿو، پر سج کي مهينو کن لڳيو وڃي. طاقتور دوربين Interferometer ذريعي ڏٺو وڃي ته هي تارو به ويگا تاري وانگر وڏي رفتار سان ڦرڻ ڪري Distorted نظر اچي ٿو، يعني بال وانگر گول نظر نٿو اچي. اهو تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن ڪنهن تاري جي Rotation جي رفتار 450 ڪلوميٽر في سيڪنڊ کان وڌي ٿي.


No comments:

Post a Comment