Friday, July 26, 2013

ھڪ قبر ۾ ٻه مردا - عبدالله مورائي

ھڪ قبر ۾ ٻه مردا
عبدالله مورائي
فرانس جي گاديءَ وارو شهر پئرس (Paris) به ڄڻ منهنجو ٻيو گهر رهيو آهي. يورپ ۾ رهڻ دوران هن خوشبوئن ۽ پيار جي شهر ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ ڏاڍو رهيو آهي. هتي منهنجا فرينچ دوست ڪرسٽين (Christine) ۽ پئٽرڪ (Patrick) رهن ٿا. جڏهن به موقعو ۽ وٿي ملندي آهي ته ڪا سستي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي هليو ويندو آهيان. يورپ ۾ هونئن به بس يا ريل گاڏي مهانگي ۽ جهاز سستو آهي سو وقت به بچيو وڃي ۽ پئسو به.

هڪ آچر واري ڏينهن صبح سوير ڪرسٽين منهنجي ڪمري جو دروازو وڄايو ۽ پڇيائين ته مان جيڪڏهن هلڻ چاهيان ته هلي سگهان ٿو، پاڻ سندس ڏاڏيءَ جي قبر تي وڃي رهي هئي. هڪ دل چيو ته اڃا آرام ڪيان، پر پوءِ ڪجهه سوچي چيومانس ته؛ ٿورو انتظار ڪر ته مان تيار ٿي وٺان ۽ ڏندڻ پاڻي ڪري هيٺ اچان ٿو. تقريبن اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ اسان اچي قبرستان ۾ پهتاسين. گلن جون نيون ڪونڊيون اتي رکيائين ۽ پراڻن گلن کي پاڻي وغيره ڏنائين. مون ٿورو غور ڪيو ته ان قبر تي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا لکيل هئا، ٿورو سوچ ۾ پئجي ويس ۽ رهيو نه ٿيو ۽ ڪرسٽين کان پڇيم ته هي ڇا ماجرا آهي. هن چيو ته هڪ قبر ۾ ٻه يا ٽي مردا به دفنائي سگهجن ٿا. قبرستان ۾ جاءِ وٺڻ ڏاڍي مهانگي آهي، ان ڪري ائين ڪرڻو ٿو پوي پر قبرون تمام اونهيون کوٽيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ ان جي ڀتين ۾ قبرون ٺاهي مردا دفن ڪيا وڃن ٿا. هي قبر سندن خاندان جي ٻن فردن لاءِ ورتي وئي هئي. سندس ڏاڏي ۽ شايد ٻيو سندس ڏاڏو هيو.
مزي واري ڳالهه ته هيءُ قبرستان مون کي خوفناڪ بنهه ڪو نه لڳو. ڄڻ ته ڪنهن باغ يا پارڪ ۾ آيا هجون، هر طرف وڻ، ڇٻر، گل ۽ ٻوٽا. نه ڪو قبرن وٽ موالين جا ديرا ۽ هيروئنين جون آماجگاهون ۽ نه ئي قبرون ڊاهي گهر ۽ اسڪول اڏيل. هتان جا قبرستان به اسان جي گهڻن شهرن کان وڌيڪ صاف سٿرا ۽ خوبصورت ٿين.
فرينچ قوم انگريزي يا انگريزن کي پسند گهٽ ڪري ٿي ۽ چيز (Cheese) سان پيار، هر ويلي تي مختلف قسم جو چيز جيڪڏهن نه کاڌن ته ڄڻ ماني ئي ڪا نه کاڌن. هتي هاڻي ننڍي عمر جا ڇوڪرا يا ڇوڪريون جيڪي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهي انگريزي ڄاڻن، پر جيڪڏهن توهان شهر ۾ ڪٿي ڀلجي پيئو ۽ ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهو کان کڻي انگريزيءَ ۾ ڪو ڏس پتو پڇيوَ ته بنهه ڪو نه مدد ڪندو، ماڻهو ڄڻ ڦاسيو پوي.
هتي ماڻهو ٿوري ڳالهه کي تمام وڏو ڪري پيش ڪرڻ جا عادي آهن، پوءِ ڀلي اهو ڪو ننڍو مسئلو هجي يا ننڍي خوشي يا ٿورو کڻي مٿي ۾ سور، آسمان مٿي تي کڻندا. ڪرسٽين جي مطابق ته فرانس ۾ عربن ۽ آفريڪا جي ماڻهن ڏاڍا مسئلا پيدا ڪيا آهن. سندس چواڻي ته هنن جو پهريون نسل جيڪو فرانس ۾ آيو انهن هتي ڏاڍي محنت ڪئي پر هاڻي ٻيو ۽ ٽيون نسل بلڪل محنت ڪو نه ٿو ڪري. گيس ۽ بجليءَ جا بل به نٿا ڏين ۽ رڳو نشي آور شين جو وڪرو ڪري آساني سان پئسا ڪمائين ۽ انهن جي علائقن ۾ وڃڻ به خطري کان گهٽ نه آهي پر ساڳئي هنڌ ڪافي فرينچ ڇوڪرين عربن سان شاديون پڻ ڪيون آهن يا آفريڪا جي ماڻهن به ضم ٿيڻ لاءِ اتان جي ڇوڪرين سان گڏ رهڻ يا شادي وارو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ عربن ۽ آفريڪا جي ڪارن جي ڇوڪرين به فرينچ ڇوڪرن جا گهر وسايا آهن.
پئرس ۾ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي (Metro) جي نظام کي به سمجهڻ ۾ عرصو لڳيو وڃي. ڪرسٽين ۽ پئٽرڪ سڄي عمر اتي ئي رهيا آهن پر تنهن هوندي به ڪرسٽين (Christine) جڏهن اڪيلي وڃي ته ڀلجيو پوي. پوءِ ان آزار کان بچڻ لاءِ گهڻي قدر ڪار جو استعمال ڪري. ماڻهو هتي به ريل جي اڳيان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪن، اهڙي صورت ۾ سڄي ريل گاڏي خالي ڪرائي واپس گئراج ۾ موڪلين جتي ان جي وري هڪ دفعو صفائي ٿيڻ کانپوءِ ٽريڪ (Trek) تي ڇڏين. ڪنهن همراهه جيڪڏهن ٽرين اڳيان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي ته ڄڻ ڊرائيور جي صورتي کلي. کيس ٻن چئن ڏينهن جي موڪل تي موڪليو وڃي. فقط ان ڪري ته متان اهو واقعو سندس ذهن ۾ نه ويهي ويو هجي ۽ ڪو وڌيڪ نقصان نه ٿئي.
پئرس ۾ ڏوهه به ڪافي ٿين ٿا، خاص ڪري بشني کيسن مان پرس يا موبائل فونون ڪڍن يا خاص طور تي عورتن کان ڪا شيءِ ڦري ڀڄيو وڃن. نئين ماڻهو کي محتاط رهڻو پوي ٿو. اهڙن ڏوهن ۾ خاص ڪري آفريڪا جا ڪارا شيدي بدنام آهن. اهي خاص طور تي ناجائز طريقن سان فرانس ۾ داخل ٿيا آهن ۽ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پوليس انهن تي ٿورو دٻدٻو ڪري وري ڇڏيو ڏئي. مسئلو اهو آهي ته پوليس انهن کي گهڻو وقت جيل ۾ رکي نٿي سگهي. واپس انهن کي ڪيڏانهن موڪلين جو هنن وٽ ڪا به سڃاڻپ نه آهي. ڪي آفريڪا جا ماڻهو هلڪا ڦلڪا ڌنڌا پڻ ڪن.
اونهاري جي موسم ۾ هتي تمام گهڻا سياح اچن. ٽولن جي صورت ۾ هر طرف نظر اچن. وڏا وڏا شاپنگ مال ۽ خوبصورت منهن، ڀرسان لنگهن ته ڪافي دير تائين نه خوشبو وڃي ۽ نه ئي سندن خيال. هونئن به پئرس حُسن، خوشبوءِ ۽ پيار جي حوالي سان مشهور آهي.
جڏهن به هن خوشبوئن جي شهر ۾ ڪرسمس واري وقت ويو آهيان ته جڳ مشهور شانزي ليزي جو چڪر ضرور هڻندو آهيان. هتي وڏو ميلو متل هوندو آهي. ننڍا وڏا اسٽال لڳل هوندا آهن، کاڌي پيتي جون شيون، ننڍا وڏا ڪرسمس ۽ نئين سال جي حوالي سان تحفن خريد ڪرڻ جا اسٽال ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان. شين جو اگهه ٻيڻو يا ٽيڻو ڪو نه ٿئي بلڪه رعايتي اگهن تي سامان وڪڻن.
هڪ ڏينهن آئون مهمانن واري ڪمري ۾ رکيل سندن ڪمپيوٽر تي ڪا اخبار پڙهي رهيو هئس ته اوچتو لائيٽ هلي وئي. ٿوري سوچ ٿي ته موري ۾ ته ڪو نه ويٺو آهيان جو لائيٽ هلي وئي آهي، انهيءَ سوچ ۾ هيس ته ڪرسٽين ٻڌايو ته ويهن منٽن لاءِ وئي آهي ۽ معافي گهرندي چيائين ته اسان کي پهريان اطلاع ڏنو هئائون ته هن وقت کان وٺي ويهن منٽن لاءِ ويندي ۽ مون کي ٻڌائڻ وسري ويو هيو ته کين ڪو نقص صحيح ڪرڻو هو. بهرحال اها بجلي پوءِ ويهن جي بجاءِ پندرنهن منٽن ۾ وري اچي وئي.
يورپ ۾ اڪثر ماڻهو ڪتا ۽ ٻليون پالين ٿا ۽ انهن ڪتن ۽ ٻلين کي باقاعدي نالا ڏين ۽ اهي سندن نالي سان رجسٽر ٿين. سندن اهو خيال آهي ته انسان به جان وارا آهن ۽ جانور به جان وارا آهن، سو انهن جا به نالا هجڻ کپن ۽ اهي جانور سندن نالو کڻڻ تي ريسپانڊ (Respond) پڻ ڪن. ڪتا ۽ ٻلا هنن جي اڪيلائي جا ساٿي ٿين. هي وقت بوقت انهن سان پنهنجن ٻارن وانگر تمام گهڻي پيار ته ڪڏهن وري سختي سان پيش اچن. جاپان جا سياح هتي ويهن يا ٽيهن ماڻهن جي ٽولي ۾ اچن، ڏسن گهٽ ۽ فوٽو تمام گهڻا ڪڍن. ايفل ٽاور وٽ ته ڄڻ چريا ٿيو پون. وقت جو فائدو وٺندي اُتي آفريڪا جا ماڻهو انهن کي ايفل ٽاور (Eiffel Tower) جا ڇلا وڪڻن ۽ هو عقيدي طور بنا اگهه چڪائڻ جي انهن کان خريد ڪن. ايفل ٽاور تي ريسٽورنٽ پڻ آهن پر ان لاءِ پهريان کان بڪنگ ڪرائڻي پوي ٿي. وڏي قطار ٿيو وڃي پنهنجو وارو اچڻ تائين.

هن شهر جي آسمان تي توهان کي هر وقت ڏهه پندرنهن جهاز نظر ايندا، ڪي لهڻ لاءِ تيار هوندا ته ڪي وري اڏامندا هوندا. لنڊن وانگر هتي ائين نه آهي ته رات جو ڪو به جهاز نه لهندو ۽ نه اڏامندو. هتي هڪ وڏو ايئرپورٽ آهي جيڪو چارلس ڊيگال جي نالي سان منسوب آهي پر هتان جا ماڻهو ان کي روزي ايئرپورٽ سڏين. ان کان علاوه ڪجهه ٻيا ايئرپورٽ پڻ آهن ساڳئي طرح سان فرينچ پئرس ڪو نه سڏين، پر پئري چونس.

No comments:

Post a Comment