Friday, July 26, 2013

ڪتيُم ڪِينَڪي ڇا ٻڌايان - لياقت علي ٿهيم

ڪتيُم ڪِينَڪي ڇا ٻڌايان
لياقت علي ٿهيم
گاڏي، جهول شهر جي مرڪزي رستي کان ٽرن ڪٽي، شهر جي پٺيان، هڪ ننڍڙي واهه جي ڪڙ ڏيندي گذرِي. هن رستي تي ڪپڙن ڌوئڻ جي صابڻ جي ڀلي بوءِ هوا ۾ پکڙيل آهي ۽ ٻنهي پاسي وڻن جون ڊگهيون قطارون آهن. واهه جي ڪپرن تي ڀيل ۽ مينگهواڙ عورتون ڪپڙا ڌوئي رهيون آهن. مٿن تي ڳاڙهيون، سايون ۽ نيريون پوتيون ٻڌي ڪم ڪندڙ هنن زائفائن جي سلوارن جا ور سندن چيلهن ۾ کتل آهن. سندن مرد به ساڻن گڏ ڌوپ جي ڪم ۾ شريڪ آهن پر اهي شادين مرادين ۾ استعمال ٿيندڙ قناطون، زمين تي وڇائجندڙ گلم ۽ غاليچا ڌوئي رهيا آهن. ننڍڙا ٻار، واهه ۾ تري رهيا آهن. اسڪولن کي اونهاري جون موڪلون آهن. واهه جي پاڻي ۾ بيد مشڪ جا ڏار جهڪيل آهن. ڪي شاخون ته ايتريون هيٺ لڙيل آهن جو ڄڻ ته انهن وڻن جا پن، گهوڙي جيان هيٺ جهڪي پاڻي پيئندا هجن. ڍڪيل بازار مان ٽيپ تي هلندڙ فلمي گانن جا، چانهن جي ڪوپ ساسرن، بئنچن تي آمهون سامهون ويٺل، هڪٻئي سان جهيڻي آواز ۾ ڪچهري ڪندڙ ماڻهن جا، ميوات کپائيندڙ دڪاندارن جي هوڪن جا آواز اچي رهيا آهن. آواز جا هي اولاڻا، آهستي آهستي گم ٿيندا ٿا وڃن.

شهر کان ٻاهر نڪرڻ بعد ڌوڙ ۽ ويراني جو راڄ آهي. سم ڪلر زدهه، تتل زمين تي هيڏانهن هوڏانهن ايندڙ ويندڙ ماڻهو، رستن تان نظر ايندڙ مُقام ۽ منجهس ڊٿل ۽ سڙي ويل قبرون، سنسان، سيلي کاڌل ڪچيون ڪوٺيون، ڪجهه هفتا اڳ باهه لڳل ڌرتي تي سڙڻ جا ڪارا نشان، ڀڳل، ڀُرجندڙ روڊ ۽ انگريز سرڪار جي دور ۾ وڇايل، متروڪ ريلوي پٽڙي، جنهن کي اکيڙي گهر کڻي وڃڻ جي ڳوٺاڻن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اها کانئن پٽجي نٿي. جيئن جيئن توهان آباد شهرن کان پري نڪرندا ويندا تيئن تيئن غربت ۽ صحرا وچ ۾ سينڊوچ ٿيل ڳوٺاڻي زندگي جي بي رحمي عيان ٿيندي ويندي؛ حد نگاهه تائين سيلي جي سفيدي مٿان سطح سپاٽ آهي، ڄڻ پڪي زمين پر توهان جيئن اندر گهڙندا ويندا تيئن توهان جا پير دلدلي زمين ۾ ڦاسندا ويندا ۽ توهان کي اڳتي وڃڻ جو ڪو گس نظر نه ايندو. هنن ڳوٺن کي جمود جا مضبوط ۽ قديم لوڙها ڏنل آهن ۽ گهرن، هوٽلن، مانڊڻين ۽ ٻنين ۾ ويٺل خلق، شمن ميرالي ۽ فوزيا سومرو جي ڪلامن ۾ خوش آهي. سنڌ کي ڪهڙا هيبتناڪ هاڃا درپيش آهن، انهي باهه جي تپش توهان کي هتي محسوس ڪونه ٿيندي.
هن ضلعي ۾ سنڌ سرڪار جو جلوو، ڪيئي مرنجا مرنج شخصيتن ۽ دفترن ۾پاڻ پَسائِيندو آهي، جن ۾ اولين هي آهن؛ لسيون پي ننڊون ڪندڙ اي ڊي او آفيسن جا ڪامورا، صاحب وڏي جي ڀاڄي ڀُتي، فقيرن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۽ سندن لاءِ عام ماڻهو تي لٺ باٺو هلائڻ ۾ پيش پيش ضلعي جي پوليس، سماجي ڀلائي کاتي جون ويران آفيسون، وڏن شهپرن وارو هر دلعزيز ڊي سي صاحب ۽ ڪجهه ٻيا غير اهم، غير ضروري ادارا جهڙوڪ عدالتون ۽ ميونسپالٽي وغيره. هي ادارا هن ضلعي ۾ حڪومت سنڌ جي نمائندگي ڪن ٿا؛ سنڌ سرڪار، وڏيرن لاءِ ته کڻي طاقت جو سرچشمو هوندي پر هتان جي ماڻهن لاءِ حقيقتن هڪ بيمار وهٽ آهي، يا جنهن کي سياسي اصطلاح ۾ سفيد هاٿي چئبو آهي. ۽ توهان کي ته خبر آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بيمار ڍور جو علاج ناهي ٿيندو؛ انهي کي ڪُهي کائبو آهي يا وري وڃي پِڙي تي وڪڻي اچبو آهي. سو انهي منطق تي پورو لهندي، هتي ڪابه زنده يا مرده شيءِ (لائيو اسٽاڪ يا ڊيڊ اسٽاڪ) جيڪر سنڌ سرڪار جي آهي ته بچي يا قائم رهي نٿي سگهي؛ ٻيلن جي وڻن کان وٺي، ٻهراڙي جي ماڻهن کان ڀڄي پاسو ڪندڙ جهنگلي جانورن تائين، ننڍڙين سرڪاري اسپتالن جي فرجن، بسترن، چادرن ۽ پرائمري اسڪولن جي درن، پکن، بئنچن، بلبن ۽ پاڻي جي موٽرن کان وٺي ميزن تائين، هر اها چيز جيڪا سرڪاري آهي سو سرڪاري ڪارندا ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو يا کپائين يا وري پَٽيَ گهر کڻي وڃن. کين ڪير ڪهڙو نه ڪري. انهي مطلب پرست ۽ بدعنوان ذهن جي وسيع تر صورت ۾، ڇاڪاڻ ته خود اسان ماڻهن جو ڪو ڌڻي سائين ڪونهي، تنهنڪري وزارتن ۾ ويٺل جاگيردار ۽ اعليٰ سرڪاري عهدن تي براجمان انهن جا ڪامورا مائٽ وري سموري صوبي جون نوڪريون، ٻيلا، گئس، پيٽرول، ڪوئلو، آڪٽراءِ محصول، شهرن مان وصول ٿيندڙ آمدني، ترقياتي فنڊ، کپائي گهر کڻي وڃن. کانئن ڪير پڇا ڪونه ڪري.
آسپاس جي هنن ڳوٺن ۾،کيتي رڳو پيشو ناهي، بلڪ حياتي آهي؛ ڪپهه جي سڪل ڏانڊين مان هي ماڻهو گهرن جا در ٺاهين يا انهن کي گهرن جي ٻاهرين ديوار ۾ استعمال ڪن، ايڪڙن تي ڦهليل ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي ڪانن جي سٿي لڳل ڍيرن تي ٻار چڙهي رانديون کيڏن. هي ماڻهو ڏينهن رات ٻنين ۾ ڪم ڪن، ڪپهه پوکين، ڪڻڪ لڻين ۽ انهي مهابي کين ان ملي، پئسا ملن، زرعي غلامن جي تازه دم فوج ۽ اوندهه جو اولاد ڄڻڻ جيتري توفيق ملي. هن پيڙهي به پيڙهي استبداد کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هتان جي اين جي اوز کي فنڊنگ ٿئي جنهن مان ڪي ڪين وري، فقط ٻه ٽي درجن ماڻهن جا گهر هلن ۽ هي لکين ماڻهو، ٻار، پوڙها ۽ عورتون استحصال جي چڪي جي ٻنهي پڙن ۾ ائين ئي پيسجندا رهن. انهي سموري صورتحال ۾ عورت خاص طور ظلم جو شڪار آهي. اينيميا (رت جي کوٽ) هتي هر عورت کي آهي جنهن جو هڪ وڏو ڪارڻ عدم غذائيت ۽ گهڻا ٻار ڄڻڻ آهي. پيٽ واريون مايون ڪيڏي مهل گڏهه گاڏي تي ته ڪنهن وقت سوزوڪي ۾ چڙهي بنيادي صحت مرڪز پهچن جتي هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن الٽرا سائونڊ ڪرڻ واري ڊاڪٽرياڻي ايندي آهي. معمولي معاوضن تي هي مايون، پيٽ سان سمورو ڏينهن ٻنين ۾ ڦٽي چونڊن، ڪڻڪن جا لابارا ڪن يا وري بصر صاف ڪري ٻوريون ٺاهن ۽ انهي غير انساني پورهئي جو سندن پيٽ ۾ ٻار تي اثر پوي ٿو. بنيادي صحت جي هر مرڪز وٽ مهيني ۾ پنج ڇهه اهڙا ڪيس اچن ٿا جنهن ۾پورهئي ۽ بک سبب ماين جا ٻار ضايع ٿي وڃن ٿا. ائين غريبت جو هي ورثو، ڊالڊا وانگر نسل در نسل منتقل ٿيندو رهي ٿو.
جنهن ڳوٺ ۾ مان هي ڳالهيون قلمبند ڪري رهيو آهيان سو چڪ اٺ جمڙائو آهي. هي پنجابي آبادگارن جو ڳوٺ آهي. ڳوٺ جي ڀر ۾ ڀيلن جا پاڙا آهن جتي مان ڀومي نالي هڪ عورت کان انٽرويو وٺڻ آيو آهيان ته اسان پاران ڏنل ٿوري گهڻي سامان ذريعي هلندڙ ڪاروبار سندس زندگي ۾ ڪهڙو ڦيرو آندو آهي. هن ڳوٺ ۽ آسپاس جي ٻين ڳوٺن ۾ رهندڙ پنجابي برادري جي ماڻهن جا گهر عام طور صاف، هوادار ۽ پڪا هوندا آهن، گهرن جا فرش پڪا ٻڌل هوندا آهن. سندن گهر، هڪٻئي پٺيان ايڏي سڌائي تي ٺهيل هوندا آهن جو ڪا هڪڙي سِر به گهرن جي قطار کان ٻاهر ڏسڻ ۾ نه ايندي. غريب گهرن ۾ به توهانکي پڪو غسل خانو، ڀرسان هٿ ڌوئڻ لاءِ واش بيسن، صاف رڌڻو ۽ ٿورو گهڻو فرنيچر (ميز، ڪرسي، پلنگ) ملندو. سندن مرد توڙي زالون گڏجي ڪمائين تنهنڪري ڪٽنب جي آمدني وڌندي رهندي آهي. ٻار صاف ڪپڙا اوڍي اسڪول وڃن ۽ پڙهيل هئڻ ڪري عورتن ۾ هڪ سليقو آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ هتي سنڌين جي گهرن ۾ توهان کي هر قسم جي غلاظت جا انبار ڏسڻ ۾ايندا. سندن عورتون پورهيو ڪن ۽ ننڍڙا ٻار هوٽلن تي بيراگيري ڪن جن مان ٿڙي ٿاٻڙجي گهر ته هلي وڃن ٿا پر غربت قائم رهي ٿي. سندن مردن جي اڪثريت سمورو ڏينهن يا هوٽلن تي هوندي آهي يا وري ڪڪڙن جي ميل تي.
هن ورانڊي ۾ ڏاڍيون مکيون آهن؛ مٿي تي ويٺل، ڳالهايو ته وات ۾ ڪرندڙ، هٿن ۽ چهري کي پٽي ويندڙ مکيون. مان پنهنجي مٿان هڪ هٿ کي پکو بنائي هلائيندو به رهيس ۽ مائي سان ڳالهائيندو به رهيس. ڀومي، ستن ورهين جي هئي جڏهن زمين تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. شناختي ڪارڊ موجب، سندس عمر اٺاويهه ورهيه آهي ۽ هيتري ننڍي وهي ۾ کيس ڏهه ٻار آهن. هفتي ۾ چار ڏينهن هي ماڻهو، رُکي ماني ڪُٽيل ڳاڙهن مرچن سان کائيندا آهن ۽ باقي ڏينهن (جيڪڏهن وطن يا ڪفن کان گهٽ ڳالهه نه ڪندڙ فقير صاحب جي ڪمدار پئسا ڏنا ته) دال وغيره وٺي چاڙهن. سندس ڏهن ٻارن مان ڪوبه ٻار، ڪڏهن کير جو گلاس به ڪونه پيئي. هن مائي کي پنهنجي ڄمار جي خبر ڪانهي، پنهنجن ٻارن جي عمر جي خبر ڪانهي، کيس اها خبر ناهي ته اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي، ڪالهه ڪهڙو هو، هي ڪهڙو سال آهي، ڪهڙي صدي آهي ۽ سندس شادي کي ڪيترا سال گذري ويا آهن. هنن ماڻهن لاءِ وقت اهم ناهي، ڪنهن به ريت وقت گذاري مري وڃڻ اهم آهي. شايد اهو سنڌ جي جاگيردار ليجسليٽو اسيمبلي لاءِ به اهم ناهي.
چڪ اٺ کان موٽندي، مان دفتري گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويهي، ڪئميرا، پين ۽ نوٽ بوڪ رکيم ۽ هڪ انگريز محقق اناطول ليون جو پاڻ سان آندل ڪتاب پاڪستان؛ اي هارڊ ڪنٽري (پاڪستان ڏکيو جهان) پڙهڻ لڳس. گاڏي ۾ شاهه سائين جي هڪ مشهور ڪافي پئي هلي (ڪاتُو قريبن جي اڳيان، ڪتيم ڪينڪي ڇا ٻڌايان). ڪتاب کوليندي مون ڏٺو ته اڳين سيٽ تي ويٺل غير سنڌي مهمان تي انهي ڪلام جو ڪو گهڻو اثر ڪو نه ٿي ٿيو. ڇاڪاڻ ته هو هن ڪافي جي اتهاس، جيجي زرينه بلوچ ۽ استاد جمن جي پس منظر، انهي شاعري جي خالق، سنڌين جي سرڪار کان واقف ڪونهي. هي ٻولي ۽ انهي ڪافي ۾ لِڪل ليجنڊ هن جي حافظي ۾ موجود ناهن.
ڪتاب جو مصنف اناطول لِيوِن، ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ پڙهائيندو آهي ۽ انهي نوڪري کان اڳ، دي ٽائيمز لاءِ اوڀر يورپ ۽ اڳوڻي سوويت يونين ۾ صحافتي خدمتون به سرانجام ڏئي چڪو آهي. اناطول جو هي ڪتاب پاڪستان جي باري ۾ هڪ اثرائتي تصنيف ۽ هن ملڪ جي حال ۽ آئيندي جي باري ۾ معتبر تحقيق آهي. سندس راءِ مطابق، هي ملڪ جهادين هٿان برباد ٿئي نه ٿئي پر ٻوڏن ۽ انهي بعد ايندڙ خشڪ سالي سبب ضرور تباهه ٿيندو. ڪتاب ۾ سنڌ جي باري ۾ به ڪافي فڪر انگيز تجزيا آهن. هي نوجوان ۽ ذهين يورپي معلم ۽ صحافي، سنڌين جي اڳوڻي اوج، ثقافت، مهمان نوازي، صوفي طريقت، خود ستائش جي اردگرد ڦرندڙ دانشورن ۽ سردار ممتازعلي خان ڀٽي پاران ڪرايل سوئرن جي شڪار کان ذرو به متاثر نظر نٿو اچي. ڪتاب جي هڪ باب ۾ هو سنڌ وطن کي لاحق خطرن ۽ اسان جن سحر بيان ۽ انشاپرداز دانشورن جي باري ۾ ڪجهه هن ريت لکي ٿو:
”حيدرآباد ۾ سنڌي دانشورن سان منهنجي ملاقات، مايوس ڪندڙ هئي. اڳوڻي ڪميونسٽ يورپ جي دانشورن وانگر، سنڌي دانشورن جو اولين مشغلو لوڪ ادب، قومپرستي ۾ ٿيل عقيدي پرستي جنهن کي هتي صوفي ازم چئجي ٿو ۽ هِتان هُتان جي لوڪ ادب تي ٻڌل تاريخ نويسي آهي جنهن کي هي تحقيق چون. سنڌ ۾ سياست ۽ عقيدت جو پاڻ ۾ مضبوط ساٿ آهي تنهنڪري سنڌ يونيورسٽي جي فوڪ لور واري عجائب گهر ۾سنڌ جي هنري مصنوعات سان گڏ ذوالفقارعلي ڀٽي جا جوراب به رکيل آهن. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته سنڌي دانشورن سان، سنڌ جي معيشت، سماج ۽ سنڌ ۾ اڳوڻي ۽ آئينده ماحولياتي تباهين جي باري ۾ ڪا ڪم جي ڳالهه ڪري سگهان پر هي حضرات بار بار، انهي ساڳئي پراڻي، عاميانه ۽ ازلي بحث ڏي موٽي ايندا آهن ته پنجابين ۽ اردو ڳالهائيندڙن اسان جو استحصال ڪيو آهي. ٻين نسلي گروهن سان اهڙي نفرت ۽ کين زڪ پهچائڻ جي اها ساڳي خواهش مون اڳوڻي يوگوسلاويا ۽ سوويت يونين جي دانشورن ۾ به ڏٺي هئي. سنڌي دانشورن جي اڪثريت انهي خيال جي آهي ته پاڪستان ٽٽي ويندو پر کين انهي جي ڪا به پرواهه ۽ سمجهه ڪانهي ته انهي بعد ڇا ٿيندو؟ هو انهي عاليشان تصور ۾ مگن آهن ته سنڌ، ايشيا جو زرخيز ترين خطو آهي....
”انگريزن جي فتح بعد، هڪ سئو ستر ورهيه اڳ سنڌ ۾ ڪرايل پهرين آدمشاري موجب صوبي جي آبادي ڏهه لک هئي. اڄ اها پنج ڪروڙ آهي. صدين کان ساڪت بيٺل سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪا چيز حرڪت ۾ آهي ته اها آهي وڌندڙ آبادي ۽ کُٽندڙ پاڻي. نتيجي ۾ زراعت پوري ڪا نه ٿي پوي ۽ زرعي سڌارا سواءِ ڪجهه انقلابي قومپرستن جي ٻيو ڪنهن جي به ايجنڊا ۾ شامل ڪونهن. سنڌي ماڻهو وڏي پئماني تي اڻپڙهيل، ذاتين ۾ ورهايل، هڪٻئي تي ڀروسو نه ڪندڙ ۽ هڪٻئي ڏانهن بيحسي واري روش رکندڙ آهن. حقيقت هي آهي ته سنڌ جهڙي ريت سنڌو دريا تي مڪمل طور انحصار ڪري ٿي، سا ئي سندس بربادي جو سبب ٿي سگهي ٿي. تحقيق موجب، سنڌو دريا کي ڀريندڙ هماليائي گليشيئر ايندڙ هڪ صدي دوران ڳري ختم ٿي ويندا ۽ سنڌو کي پاڻي نه ملي سگهندو. ڪجهه ماحولياتي رپورٽن موجب، هي عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ 2035 تائين سنڌو کي پاڻي ڏيندڙ گليشيئر ڪو نه بچندا، ڊيلٽا تائين پاڻي ڪو نه پهچندو ۽ سمنڊ آبادين ڏانهن ايندو. انهي صورت ۾ عام سوچ رکندڙ ماڻهو به چڱي ريت سمجهي سگهي ٿو ته زراعت لاءِ آبي وسيلا ڪٿان ايندا. سنڌ، صحرا ۽ سمنڊ جي وچ ۾ گُهٽجي ويندي ۽ بحيثيت هڪ انساني آبادي جي، نه رهندي. هڪ نئين انداز ۾ سوچڻ جو هي ڪم سنڌين کي ڪرڻو آهي جيڪو ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جمود زده سماج آهي.“

مان موٽي سانگهڙ پهتس ته اتي رستن تي ماڻهو نعرا هڻندي نظر آيا. فنڪشنل ليگ جي ڪنهن خليفي کي ٽڪيٽ نه ملڻ جي ڪري ماڻهو احتجاج ڪري رهيا هئا. ٻاهر ڏاڍي گرمي آهي. هن سفيد، ٿڌي گاڏي اندر موجود وڻندڙ خوشبو، موسيقي ۽ آسائش ۽ ٻاهر موجود سفاڪ ۽ پراچين سماج وچ ۾ ڪا به قدر مشترڪ ڪانهي.

No comments:

Post a Comment