Friday, July 26, 2013

نائلا ٽالپر - عبدالحي پليجو

نائلا ٽالپر
ڪراچي جي تصويري نمائش تي ڇانيل سنڌ جي ڳوٺاڻي چترڪار
عبدالحي پليجو
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جتي اڄ سياسي غنڊه گردي تعليم کان دوري، ٺري، مين پڙي ۽ پڻ ٻين ڪيترين ئي براين جو راڄ آهي، پر اڄ به اسان جي معاشري پيرو لاشاري ٽيشڻ جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ باغ علي ٽالپر جي هڪ سنڌي نياڻي جي پينٽنگ، پاڪستان جو مشهور آرٽسٽ امين گل جي پئسن سان خريد ڪري ٿو، ڇو ته اها تصوير امين گل جي کي تمام گهڻي وڻي. اها نمائش ڪراچي جي تمام پوش علائقي ڊفينس جي T2F هال ۾ ٿي، جنهن ۾ ان سنڌي ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کانسواءِ ڪراچي شهر جي ٻين مشهور آرٽسٽن جون وڏي تعداد ۾ تصويرون رکيل هيون، پر امين گل جي کي هن ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي اها تصوير ڏاڍي وڻي ۽ هن ان جو اظهار ڪيو ۽ آرٽسٽ جي همت افزائي ڪئي. اها خبر ٻڌڻ کانپوءِ اسان به نمائش ڏسڻ وياسين، مون سان گڏ منهنجي ڌيءَ پرهه، سپي ۽ پٽ محبوب هو. هي نمائش ٻه ڏينهن هلي. اسين آخري ڏينهن يعني 29 جون تي وياسين. نمائش جو ٽائيم شام چار وڳي کان رات جو 9 وڳي تائين هو.

اسين شام جو ڇهين وڳي پهتاسين. نمائش ۾ آرٽسٽن جون رکيل تصويرون ڏسڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو آيل هئا، جيڪي تصويرون ڏسڻ، خريد ڪرڻ سان گڏ آرٽسٽن کان آٽو گراف به وٺي رهيا هئا ۽ هيءَ ٻهراڙي جي ڇوڪري نائلا ٽالپر پوري اعتماد سان پنهنجي تصويرن جي باري ۾ ٻڌائڻ سان گڏ آٽوگراف به ڏيئي رهي هئي. هن ڳوٺاڻي آرٽسٽ سان گڏ سندس پيءُ عبدالحميد ٽالپر، ڳوٺاڻي ماءُ ۽ ننڍڙي ڀيڻ به گڏ هئا، جيڪي ڏاڍو خوش ٿي رهيا هئا. شهرن جي ماڻهن کي زندگي جي ٻين سهولتن سان گڏ تعليم، صحت ۽ روزگار جي لاءِ هر سهولت سندن گهر جي در تي دستياب آهي. اهڙا موقعا ۽ انهن کي اڳيان آڻڻ وارا ڪئين ادارا به موجود آهن، پر اسان ٻهراڙي وارن ماڻهن لاءِ سڀ دروازا بند آهن. اسان صرف پنهنجي اهليت ۽ سخت محنت سان اهو مقام ماڻي سگهون ٿا. پر افسوس جو اسان جا نوجوان صرف هڪ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ويڪو وڏيرن جي پٺيان هلندي هلندي پنهنجي سڄي زندگي ضايع ڪريو ڇڏين.
هال اندر هر عمر جا مرد، عورتون جنهن ۾ جوان عورتن جو تعداد ڪجهه زياده هو، جيڪي نهايت جديد فيشني ڪپڙن ۾ هر اسٽال تي گهمي ڦري رهيون هيون. وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي هٿن ۾ ڪئميرائون هيون، جيڪي فوٽو ڪڍي ۽ مووي (فلمون) ٺاهي رهيا هئا.
هن نمائش ۾ وڪري لاءِ پينٽگس سان گڏ هالا ۽ ملتان جا ڪاشيءَ جا رانديڪا، ٿانءَ، ڪتاب، هٿ جا ٺهيل اسڪارف ۽ ڪپڙو به رکيل هو. هڪ ڪنڊ ۾ ڪنڀار چڪ تي ٻارن کان ننڍا رانديڪا ۽ ٿانءُ ٺهرائي رهيو هو. نمائش ۾ هر ماڻهو جي چهري تي زندگي لاءِ پيار ۽ ڪشش نمايان نظر اچي رهي هئي، پر هال ڪجهه ننڍو هو، ان ڪري رش محسوس ٿي رهي هئي، پر ان جو به هڪ پنهنجو مزو هو.
بنيادي طرح هي جڳهه هن علائقي جي ماڻهن جي هڪ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز آهي، جنهن ۾ راڳ، ڊانس، ڪتابن جو نمائشون، ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ ڪئين پروگرام ٿيندا رهندا آهن. هن جڳهه Building ۾ مٿي هڪ خوبصورت ڪئنٽين آهي، جتي توهان کي گهڻو ڪري شاگرد ڪافي پيئندي ۽ گپ شپ ڪندي نظر ايندا، جتي ڪتاب ۽ رسالا به رکيل آهن، جيڪي اتي ايندڙ هر ماڻهو ويهي مزي سان پڙهي سگهي ٿو. هن نمائش ۾ جن فنڪارن شرڪت ڪئي، تن جا نالا هئا، اسما احمد (فرنيچر ڊزائينر) شهزاد زر، فرح محمود، ساره بختيار (ايبسٽريڪٽ آرٽسٽ) شاهه مين لالاڻي، فاطمه زيدي، زوهيب علي ۽ رانيا دُراني.

No comments:

Post a Comment