Sunday, July 24, 2016

انڊيا جي ريل گاڏين بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون الطاف شيخ

انڊيا جي ريل گاڏين بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
الطاف شيخ
هتي اهو لکندو هلان ته يونيسڪو وارن ٽن ريل گاڏين کان علاوه بمبئي جي ريلوي اسٽيشن CST (چتر پتي شيوا جي ٽرمينل) اسٽيشن پڻ ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪئي وئي آهي. عمارت سازي جي خيالَ کان واقعي هيءَ ريلوي اسٽيشن دنيا جي آڳاٽي ۽ سهڻي ريلوي اسٽيشن آهي. هن بابت تفصيل سان پنهنجي بمبئي واري سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ لکي چڪو آهيان.


انڊيا ۾ هلندڙ ريل گاڏين ۾ مختلف ڪلاسن جا دٻا (بوگيون) آهن. سڀ ۾ مهانگو 1A آهي يعني فرسٽ ڪلاس AC آهي جنهن جو ڀاڙو سمجھو ته هوائي جهاز برابر آهي. پر سائين ريل جي سفر جي ڇا ڳالهه ڪجي ۽ خاص ڪري هن ڪلاس واري دٻي جي جنهن ۾ اٺ ڪئبنون ٺهيل آهن جن مان ٻه  ته ڪوپي (Coupes) آهن. هر ڪوچ يعني ان ۾ سفر ڪندڙ اٺن ماڻهن لاءِ هڪ خذمتگار (Attendant) آهي. سمهڻ لاءِ سليپر برٿ تمام ڪشادا آهن جن سان گڏ وهاڻا چادرون بلاڪيٽ ۽ ٽوال پڻ ملن ٿا. هي ڪلاس فقط براڊ گيج ۽ ميٽر گيج جي گاڏين ۾ آهي.
ان بعد 2A ڪلاس يعني “AC-Two Tier” ڪلاس آهي. هي دٻو ايئر ڪنڊيشنڊ آهي. هيٺ مٿي سمهڻ لاءِ برٿ آهن جن سان گڏ بسترو ملي ٿو. هڪ ڪوچ ۾ 48 ماڻهن جي گنجائش ٿئي ٿي. هي ڪلاس به براڊ گيج ۽ ميٽر گيج جي گاڏين تي آهي.
FC ڪلاس يعني فرسٽ ڪلاس. هي ڪلاس 1A جهڙو ٿئي ٿو پر بنا ايئرڪنڊيشن ۽ بستر جي. سمهڻ لاءِ ويڪرا برٿ آهن. سار سنڀال لهڻ لاءِ اٽينڊنٽ آهي.
3A ڪلاس AC Three Tier پڻ سڏجي ٿو. هي ايئرڪنڊيشن آهي جنهن ۾ هڪ ٻئي مٿان ٽن برٿن جون قطارون ٿيون ٿين ۽ سڄي ڪوچ ۾ 64 ماڻهن جي سمهڻ جو بندوبست آهي. هي مڙيئي  مٿين ڪوچن کان ڪن ڳالهين ۾ گهٽ ٿئي ٿو. منجھس پڙدا ۽  پڙهڻ لاءِ بتيءَ جو بندوبست نه آهي. بسترو ٽڪيٽ ۾ ئي شامل ڪيو وڃي ٿو.
3E ڪلاس: هي (Economy) Ac Three Tier ڪلاس آهي جيڪو ائيرڪنڊيشنڊ آهي ۽ منجھس سمهڻ لاءِ برٿ به آهن پر هن سان بستر شامل نه ڪيو ويو.
CC ڪلاس: هي AC Chair Car ڪلاس آهي. هي ايئرڪنڊيشنڊ ٿئي پر منجھس سمهڻ بدران رڳو ويهڻ جو بندوبست آهي ۽ ڏينهن جي سفر لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان کان علاوه EC (ايگزيڪيوٽو ڪلاس چيئر ڪار، SL (سليپر ڪلاس)، 25 (سيٽر ڪلاس) ۽ UR يعني Unreserved ڪلاس جا دٻا پڻ ٿين.
انڊيا جي ريل گاڏين بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون:
انڊيا ۾ پهرين ريل 1853ع ۾ هلڻ شروع ٿي. اڄ ”انڊين ريلويز“ دنيا ۾ نائين نمبر تي آهي جنهن ۾ 14 لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا.
انڊيا جي سڀ کان تکي ريل گاڏي ”دهلي ڀوپال شاتابدي ايڪسپريس“ آهي. هيءَ سڄي ايئرڪنڊيشنڊ آهي ۽ سندس گهڻي ۾ گهڻي رفتار 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ فريد آباد ريلوي اسٽيشن کان آگري تائين آهي.
انڊيا ۾ سڀ ۾ آهستي هلندڙ ريل گاڏي ڏکڻ هندستان جي نيلگري جبلن ۾ هلندڙ ”ميتوپاليم اوٽي نيلگري ايڪسپريس“ آهي جنهن جي رفتار 10 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي.
اها ٽرين جنهن کي پنهنجي روٽ تي سڀ کان گهڻين اسٽيشنن تي بيهڻو پوي ٿو ”هائوڙا ايڪسپريس“ آهي... جنهن کي ڪلڪتي کان امرتسر جي وچ ۾ 115 ريلوي اسٽيشنن تي بيهڻو پوي ٿو. دراصل هيءَ ٽرين هندستان جي اولهه واري ڪنڊ کان اوڀر واري ڪنڊ تائين جو سفر ڪري ٿي. 1960ع ۾ جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ هئاسين ته چٽگانگ ۾ اسڪائوٽ جمبوري ۾ حصو وٺڻ لاءِ اسان جي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جي ڇهه کن شاگردن کي ڪراچي کان باءِ ٽرين وٺي ويا هئا. لاهور وٽان بارڊر ٽپي اسان امرتسر کان ڪلڪتي وڃڻ لاءِ هن ٽرين ۾ چڙهيا هئاسين. منهنجي خيال ۾ ٻن ڏينهن ۽ هڪ رات جو هي سفر منهنجو ٽرين ۾ ڊگهو سفر هو. لڳ ڀڳ سنگاپور کان بئنڪاڪ 74 ڪلاڪن جو سفر به اوترئي ٿئي ٿو جنهن ۾ ٽرين سنگاپور کان پوءِ ملائيشيا جو سڄو ملڪ ۽ ٿائلنڊ جو اڌ کان مٿي لتاڙي بئنڪاڪ پهچي ٿي. مٿين انڊين ٽرين کان پوءِ ٻئي نمبر تي ”دهلي هائوڙا جنتا ايڪسپريس“ آهي جيڪا 109 اسٽيشنن تي بيهي ٿي ۽ ”جمون تاوي سيالده“ ٽئين نمبر تي آهي جيڪا 99 ريلوي اسٽيشنن تي بيهي ٿي.
ڪوٽڙي، روهڙي ۽ ملتان جنڪشن جهڙيون ريلوي اسٽيشنون جِتان ريل ٻن طرفن ڏي ورهائجي وڃي ٿي انڊيا ۾ ڪيتريون ئي آهن پر ڀاٽنڊا نالي ريلوي اسٽيشن اها جنڪشن آهي جِتان ڇهن طرفن ڏي ريل گاڏيون وڃن ۽ اچن ٿيون. پنجن روٽن واريون جنڪشنون ته ڪيتريون ئي آهن جهڙوڪ لکنئو، بنارس، ڪانپور، ناگپور، دايوئي، ويلو پوريم، ڪاٽني ۽ گنتاڪل ريلوي اسٽيشنون.
مغربي بنگال رياست جي خارگپور ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم نه فقط انڊيا ۾ ڊگهي ۾ ڊگهو آهي پر سڄي دنيا ۾ ڊگهو آهي. 1073 ميٽر يعني هڪ ڪلوميٽر کان به وڌيڪَ ڊگهو ٿيو.
انڊيا جي ريل گاڏين جو نيٽ ورڪ ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ آمريڪا (USA)، روس ۽ چين بعد چوٿين نمبر تي آهي ۽ 64000 ڪلوميٽر ٿيندو. اهي ريل جا پٽا ڌرتي جي چوڌاري خط استوا وٽ هڪ ٻئي سان ملائبا ته ڌرتي جي چوڌاري ڏيڍ  چڪر ٿيندو.
انڊيا ۾ روزانو يعني 24 ڪلاڪن ۾ 14300 ريل گاڏيون هلن ٿيون. انهن سڀني جو فاصلو جوڙ ڪجي ته ڌرتي کان چنڊ تائين اوٽ موٽ جا ٻه سفر ٿين ٿا.
انڊيا جي ريل گاڏين جو سڀ کان وڏو حادثو 6 جون 1981ع وارو چيو وڃي ٿوجيڪو بهار رياست ۾ پئسينجر ٽرين کي مانسا کان سهرسا ويندي رستي تي باگمتي ندي جي پل ٽپڻ مهل آيو جڏهن ريل گاڏي پٽن تان لهي وئي ۽ 800 مسافر ٻڏي ويا. پنجن ڏينهن بعد فقط 200 لاش ملي سگهيا ٻيا سڀ لڙهي ويا.
انڊيا جي ريل گاڏين لاءِ انگ اکر آيا آهن ته انهن ۾ روزانو 25 ملين يعني اڍائي ڪروڙ ماڻهو سفر ڪن ٿا..... جيڪا آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ جي گڏيل آدمشماري ٿئي ٿي.
سڄي انڊيا ۾ 7000 کن ريلوي اسٽيشنون آهن. سڀ کان ڊگهي نالي واري ريلوي اسٽيشن ڏکڻ هندستان جي تامل نادو رياست ۾ آهي جنهن جو نالو:
Sri Venkatanarasimharajuvariapeta ۽ سڀ کان ننڍي نالي واري ريلوي اسٽيشن Ib آهي جيڪا اوڙيسا ۾ آهي.
1853ع کان جڏهن انڊيا ۾ ريل گاڏيون هلڻ شروع ٿيون ته انهن ۾ Toilets نه هئا. 38 سالن بعد سن 1891ع ۾ پهرين فرسٽ ڪلاس جي دٻن ۾ ٺهيا. ان بعد 1907ع کان هيٺين ڪلاسن جي دٻن ۾ به ٽئاليٽ ٺاهيا ويا.
اڄ ڪلهه انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زمين دوز ريل گاڏي ميٽرو هلي ٿي. انهن شهرن مان ڪلڪتو پهريون شهر آهي جِتان هي سسٽم 1984ع کان شروع ٿيو.
انڊيا ۾ 1986ع کان گاڏيءَ ۾ سيٽن ۽ ٽڪيٽ جي ريزرويشن جو سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ آهي.
سڀ کان مشغول ترين ريلوي اسٽيشن لکنئو آهي جِتي روزانو 64 ريل گاڏيون اچن ٿيون. ۽ سڀ کان ڊگهي فاصلي واري گاڏي ”وويڪ ايڪسپريس“ آهي جيڪا ”جمون تاوي“ کان 3726 ڪلوميٽرن جو سفر طيءِ ڪري ڏکڻ هندستان جي بلڪل ڇيڙي واري شهر ڪنياڪماري پهچي ٿي. هي شهر بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي آهي جنهن جي سامهون سريلنڪا جو ٻيٽ آهي. سڀ کان ننڍي روٽ جي گاڏي ناگپور کان اجني هلي ٿي جيڪو فاصلو فقط 3 ڪلوميٽر آهي.
رستي تي بنا بيهڻ جي ڊگهي سفر واري گاڏي ”تري وندرم راڄڌاني ايڪسپريس“ آهي جيڪا رستي تي ڪنهن به اسٽيشن تي ترسڻ بنا 528 ڪلوميٽرن جو سفر ساڍن ڇهن ڪلاڪن ۾ ڪري ٿي.
انڊيا جي جابلو علائقن ۾ ڪيترائي ٽنل (سرنگهون) آهن جن مان مختلف ريل گاڏيون لنگهن ٿيون. سڀ کان وڏي سرنگهه ساڍا ڇهه ڪلوميٽر آهي جيڪا مونڪي هل ۽ کنڊالا جي وچ ۾ اچي ٿي جنهن مان ڪونڪن ريلوي لائين جون گاڏيون لنگهن ٿيون.
1853 کان ننڍي کنڊ تي ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي. شروع جا ڪيترائي سالَ انگلنڊ کان فقط ريل جون انجڻيون (Locomotives) پر دٻا (ڪوچ) بحري جهازن ذريعي ممبئي ۽ ڪلڪتي جي بندرگاهن تي ايندا رهيا. بعد ۾ اهي انڊيا ۾ ئي ٺهڻ لڳا. شروع جون انجڻيون نالن واريون هيون بعد ۾ انجڻين کي نمبر ڏنا ويا. انڊيا جي تاريخ جي پهرين ٽرين لاءِ جيڪي لنڊن کان ٽي انجڻيون آيون انهن مان هڪ جو نالو ”سنڌ“ به هو. بهرحال انهن پراڻين انجڻين مان جيڪا اڄ به هلي سگهي ٿي ۽ نمائش طور رکي وئي آهي، اها آهي 1955ع جي Fairy Queen.

انڊيا جي پهرين اليڪٽرڪ ٽرين 1929ع کان بمبئي کان پوني هلڻ لڳي.

No comments:

Post a Comment