Sunday, July 10, 2016

سفر بخير - مٺل جسڪاڻي

سفر بخير
مٺل جسڪاڻي
سفر صرف مون نه ڪيو آهي، ٻيا به ڪن ٿا. سفر جو احوال، يعني سفرنامو ٻيا به لکن ٿا، ان ڪري مون به سوچيو ته آئون ڇو نه لکان؟
سفرنامو، نثر جي هڪ صنف آهي. ان صنف جا پنهنجا اصول هوندا، پر مون کي انهن اصولن جي خبر نه آهي. ان ڪري مون کي پڪ آهي، ته منهنجو هي سفر نامو عام سفرنامن کان گهڻو مختلف هوندو.


هڪ ڳالهه چٽي ڪندو هلان، ته نه اهو ضروري آهي ته ڪو هي سفرنامو مفيد، دلچسپ، معلوماتي هوندو، نه ئي ان ۾ ڪو شڪ آهي، ته پڙهڻ جهڙو به هوندو، يا پڙهندڙ کي نه پڙهڻ جهڙو سفرنامو به پڙهڻو پوندو!
بهرحال، ابتدا ان حقيقت سان ته موسم جي نسبت سان آئون سفر لاءِ قطعي راضي نه هئس، پر جنهن نسبت سان هي سفر ممڪن بنيو، ان نسبت سان سفر لاءِ آئون پاڻ راضي ٿيس ۽ تياري شروع ڪيم. مون کي وڏو خوف هو سيءَ جو ۽ ملڪي صورتحال جو، پر شڪر ٿيو، خير سان سفر ڪري واپس پهچي ويس.
جهنگ منهن جهڙا سفر ته ماڻهو کي اڪيلي سر، يا جنهن سان به گڏ سفر ڪرڻو پوي، صرف ان سان ئي سفر ڪرڻو پوندو آهي، پر وسندين ۽ واهڻ مان نڪري شهرن ڏانهن منهن ڪبو ته قدم قدم تي ٻيا به پيا ملندا، نت نون سان واهپو پيو ٿيندو، ان ڪري جهڙو هوندو عام ماحول، عام صورتحال، ان نسبت سان ئي گذارڻو پوندو. مون سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو، جهڙو پنهنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سفر دوران ٻين سان به ٿيندو رهي ٿو.
منهنجي هن سفر دوران پڻ، همسفر به منهنجي مٿي جو سور هئا! ڇاڪاڻ ته آئون اڪيلي سر سفر ڪرڻ جهڙو نه آهيان، نه ئي هي سفر به اڪيلي سر ڪيم. ڪٿي بس ۾ يا ڪٿي ريل گاڏي ۾، ڀلا اڪيلي به ڪو سفر ڪري سگهبو آهي ڇا!؟ اڪيلو به نه هئس ۽ نه ئي صرف پنهنجن، اعتبار جهڙن سان گڏ هئس، ان ڪري مون کي پهريون خوف اهو هو ته سفر لاءِ گهربل خرچ واري رقم ڪو کيسو ڪتريندڙ، ڪو نشو ڏئي هٿڙي هڻندڙ جي ور نه چڙهي وڃي! ان ڪري سفر ۾ چوويهن کان اٺاويهه ڪلاڪ لاڳيتا جاڳي به سفر ڪرڻو پيو، سو ڪيم ۽ پنهنجي خرچ واري رقم ڪنهن ٻئي جي هٿ اچڻ نه ڏنم! مون کي اهو خوف ان ڪري به هو، ڇو ته اهڙا واقعا ايترا عام جام ٿي ويا آهن، جو بسن ۾ مسافر پنهنجي سامان جو پاڻ ذميوار لکيل هوندو آهي، ريل گاڏي ۾ ان جملي سان گڏ يا الڳ، پر اهو به لکيل هوندو آهي، ته ڪنهن به اڻ واقف کان ڪا به کائڻ جي شيءَ کائڻ کان پرهيز ڪريو! جيڪو پرهيز نه ڪندو آهي، ان جون خبرون به خابرو ذريعن معرفت پاڻ سڀني وٽ پهتل آهن، جن ۾ ڪوڙ تمام گهٽ هوندو آهي. ان ڪري آئون انهن خوش نصيب مسافرن مان آهيان، جيڪي بنا کائڻ يعني لنگهڻ تي سفر ڪري پاڻ بچائي ايندا آهن!
پيسا ڏوڪڙ کڻڻ به مسئلو آهي، ته نه کڻڻ به مسئلو! اوهان چوندا ته لکيل پڙهيل، اي ٽي ايم جو زمانو، پوءِ به فڪر!؟ منهنجا سائين، جن وٽ اي ٽي ايم آهن، انهن جون خبرون رکو. اي ٽي ايم ڪارڊ مشين ۾ ڦاسي پوي ته پوءِ؟ اي ٽي ايم ڪارڊ مان پيسا به ڪٽجي وڃن ۽ مشين به پيسا نه ڏي، ته پوءِ!؟ ائين پاڻ وٽ ٿيندو آهي. ڇو ته بجلي به پنهنجي مرضي سان ايندي ويندي آهي، ته مشين خراب ٿيڻ جو به ڪو وقت مقرر نه هوندو آهي. ان ڪري جن سان ائين ٿيو آهي، انهن کي خبر آهي، ته هو پنهنجن ئي پيسن جي ڪري، ڪيترا پريشان ٿيا ۽ ڪيترا پيسا خرچ ڪري، پوءِ پنهنجا پيسا حاصل ڪري سگهيا!؟
ريل گاڏي توڙي بسن ۾ سفر جو موقعو نصيب ٿيو. انهن ۾ جيئن اوهان کي تجربو آهي، مون کي به، بلڪل ساڳيو تجربو، نئون سئون ٿيو. مسافري ۾ به ٻئي کي پريشان ڪندڙن جي ڪمي، شايد ڪٿي به ڪانهي!؟ البت مون سان اهڙو ڪجهه نه ٿيو، اها منهنجي خوش قسمتي، ڇو ته پاڻ وٽ ڏاهپ، سياڻپ به پريشاني جو سبب بنجي ٿي، ته اٻهرائپ، اسهپ، جزباتيت، وقت سر فيصلو نه ڪري سگهڻ وغيره به، ڪٿي ننڍڙو ته ڪٿي وڏڙو مسئلو ڪندا آهن، پر شڪر، منهنجو بچاءُ ٿي ويو.
آئون اجائي گهڻي مجبوري کانسواءِ ڪيڏانهن به اڪيلو نه ويندو آهيان، ڇو ته اڪيلو ماڻهو جهڙو چريو هوندو آهي! کيس هر ڪو پيو تعجب مان ڏسندو آهي. سفر ۾ ٻه هجڻ تمام ڀلو ٿئي ٿو، پر ٻنهي جو هڪ ٻئي سان متفق هجڻ، هڪ ٻئي کي ٻڌڻ، سمجهڻ، هڪ ٻئي جي مڃڻ واري صلاحيت هجڻ ضروري آهي. آئون جتي جتي به ويس، اتي اتي گهمندڙن ۾ جوڙيون ججهيون ڏٺم، جوڙين جي گهمڻ جون جايون عام هجڻ باوجود خاص به هيون. انهن جو اڳتي ذڪر ڪبو. هن دفعي آئون اڪيلو به نه هئس، گهمڻ ۾ سولو ۽ سستو گروپ چئن جو ٿيندو آهي، پر اسان گڏ گهمندڙن جو ٽولو، چئن ته نه، پر چئن جي ٽولي واري حساب سان چئن چئن جي ارڙهن ٽولن کان به گهڻا گڏ هئاسين.
چون ٿا ججهن کنئين ڇپر کڄيو وڃي، پر ججهن سان نه گهر، نه ئي هر هلڻ جون ڳالهيون به سياڻا ڪري ويا آهن! ان نسبت سان ريل گاڏيءَ ۾ ته اسان گهڻا سارا، يعني هيڪاندا گڏ هئاسين، ان ڪري اسان ۾ ڪي گند ڪرڻ وارا به هئا! جن گند ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو! ان هوندي به ڪڙو سچ هيءَ آهي، ته اڪثريت تمام گهڻو مزي سان گهمي، مون کي به وقتي ڏکيائيون ته پيش آيون پئي، پر مجموعي طور سفر سڦل، لاڀائتو رهيو.
اکيون چار ڪري سفر ڪرڻ وارو آئون اڪيلو نه هئس، پوءِ به اسان مان ڪنهن کي گهٽ ۾ گهٽ اٺن ته ڪنهن کي وري وڌ ۾ وڌ پندرهن هزارن جو نقصان به پهتو، جنهن جو ڏک اٿم. هڪ ٻئي همسفر وٽ ته سندس ٻٽون ۾ جيڪو به سامان هو، يعني سموري رقم ۽ شناختي ڪارڊ به وٽس نه رهيو! ان جو به ارمان اٿم! ان هوندي به جيئن ته باقي سڀ نقصان کان بچياسين، ان ڪري مجموعي طور سفر بهتر رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جن جي چوري نه ٿي، جن کان سندن سامان ڪٿي وسريو ڪو نه، ڪٿي ڪريو ڪو نه، اهي وري خريداري ۾ گهڻا ڌڪجي آيا! ڪي سَوَن جي شيءَ هزارن ۾ وٺي آيا! آئون گهمڻ ۽ گهمڻ جي انتظامن ۾ ايترو مصروف هوندو هئس، جنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ آئون ته پنهنجي ٻارڙن کي ريجهائڻ جهڙي، جيتري، ضروري خريداري به نه ڪري سگهيس!
منهنجي هن سفر دوران ڇنڇر 07 نومبر 2015ع کان خميس 19 نومبر 2015ع وارن ڏينهن ۾، آئون انتهائي اهم ۽ هڪ نظر کان حساس ذميواري سبب تمام گهڻو مصروف رهيس، جنهن ڪري چاهڻ باوجود معمول جي ابتڙ، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان رابطي ۾ هوندي به، ڄڻ ته رابطي ۾ نه رهيس.
اوهان مهربان دوستن ۽ عزيزن جي نيڪ تمنائن سبب، آئون پنهنجون ذميواريون، منهنجي حساب سان تمام بهتر نموني نڀائي، واپس پنهنجي ماڳ اچي پهتو آهيان.
ان عرصي دوران لاهور ۾ عجائب گهر، شاهي قلعو، شاهي مسجد، مينار پاڪستان، بيبي پاڪ دامن، انار ڪلي، لڪشمي چوڪ، زُو (لاهور جو راڻي باغ)، راوي پل، جهانگير بادشاهه ۽ نورجهان جا مقبرا ۽ آسپاس، شاليمار باغ، واگهه بارڊر، هائپر اسٽار، لاهور کان ڪوهه مري ويندي دنيا جي ٻيو نمبر ۽ ايشيا جي پهريون نمبر وڏي لوڻ کاڻ (کيوڙهه مائين)، ڪلر ڪهار، ڪوهه مري ۾ مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ، پنڊي پوائنٽ، درياءِ نيلم، واديءِ نيلم، مظفر آباد، دو ميل (جتي ريشم ۽ نيلم دريا اچي ملن ٿا، ريشم دريا جو ذري گهٽ گلابي پاڻي ۽ نيلم جو ميٽوڙو پاڻي گڏجي هڪ ئي نيلم دريا ٿي اڳتي وهن ٿا)، ان کانپوءِ نٿيا گلي ۽ ايوبيا ويندي ورندي بندر پوائنٽس، تنهن کان پوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي اچي پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري، لوڪ ورثه، شڪر پڙيان، نيشنل مينومينٽ يا شايد مونامينٽ، فيصل مسجد، دامن ڪوهه، زُو (جانورن جو باغ)، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ليڪ ويو، راول ڊيم، امام بري، جناح سپر مارڪيٽ، پنڊي جي صدر ۽ راجا بازار، ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ ڪجهه ٻين زرعي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ وڃڻ ٿيو.
روزانو صبح سوير نڪربو هو ۽ رات جو دير تائين ٿڪي ٽٽي واپس وربو هو.
گهمڻ ڦرڻ دوران گهڻن سان گڏ هجڻ باوجود، هڪ ڏينهن، هڪ هنڌ، آئون ڏينهن ڏٺي جو وڃائجي به ويو هئس ۽ پورو اڌ ڪلاڪ اڪيلو هئس!؟ ان اڌ ڪلاڪ دوران مون گهر به اطلاع ڪيو هو، ته آئون اڪيلو ٿي پيو آهيان ۽ جٿي ۾ شامل ڪجهه ٻين کي به موبائيل رابطي وسيلي آگاهه ڪيو هئم...
موبائيل ۾ ڪيميرا ۽ موبائيل تي انٽرنيٽ شروع ٿيڻ تي سيلفي جو رواج وڌي ويو آهي. آئون به جڏهن اڪيلو هوندو آهيان، ته سيلفي جي سهوليت مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
تازو اسلام آباد ۾، شڪر پڙيان کان ٿي، ان جي ڀر ۾ موجود نيشنل مينيومينٽ جو چڪر هڻي، جڏهن ان جي سامهون وارو منظر ڏسڻ لاءِ روانو ٿيس، ته پنهنجي تصوير ضروري سمجهيم.
هي منظر هوائي جهاز مان چنڊ ۽ تاري جي شڪل صورت ۾ نظر ايندو آهي.
ان وقت آئون اڪيلو نه هجڻ باوجود اڪيلو هئس، تنهن ڪري سيلفي وسيلي تصوير پئي ورتم، ته منهنجي ڀر مان هڪ جوانڙي، پهرين مشڪندي، مرڪندي ۽ پوءِ ڪرڪندي ۽ کلندي اڳتي رواني ٿي!
هن ڪُرڪندي چيو؛ ”اس عمر وچ وي سيلفي.“ مون کلندي وراڻيو ”ڪلا جو هان، ڪي ڪران“ ۽ پوءِ چرچي مٿان چرچو ٿيو، اسان ٻنهي ”انجواءِ“ ڪيو...
اسان جي انجوائمينٽ صرف لفظن تائين محدود هئي، مون کيس چيو ”ڪمپني ڏي“، هن وراڻيو ”هن عمر ۾ به خطرناڪ خبرون!...“
جڏهن ته... ڪهڙي ماڳ جي ڳالهه ڪريان؟ جتي به ويس، اتي ٻن ٻن جا جوڙا جام هئا. هر جوڙي جي ڪوشش هئي، ته هو اڪيلا ٿي گهمن! شڪر پڙيان ۾ ته کين گهڻي سهوليت هئي ئي، پر ٻين عام جاين تي به ڪي خاص جڳهيون اهڙيون به هيون، جتي هو پنهنجي مرضي سان ويهي، ڪچهري ڪري پئي سگهيا. درگاهن توڙي فيصل مسجد اسلام آباد جي حوالي سان به خبر پئي، ته اتي به جوڙا جوڙا جام ايندا آهن، ڪي اڪيلا اچي، هتي ملي، جوڙا ٿي ويندا آهن!
آئون نه اڪيلو هئس، نه جوڙ ۾ هئس، نه ئي منهنجي اهڙي عمر هئي، مون کي ته ڪنهن سان ريس ٿي يا نه، ان جو خير، پر جن ٿڌا ساهه پئي کنيا، انهن ساهن سان گهڻن جا اندر پئي سڙيا! ايوبيا ۾ لفٽ چيئر (اڏام کٽولي) تان جيڪو منظر گهڻن ماڻهن ڏٺو، ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
ڪوهه مريءَ جو مال روڊ مشهور آهي، صبح کان رات جو دير تائين گهمندڙ ڦرندڙ، يعني ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي پيهه هوندي آهي،، پر مال روڊ کان ڪشمير پوائنٽ ۽ مال روڊ کان پنڊي پوائنٽ گهمڻ به ضروري آهي. ڪشمير توڙي پنڊي پوانٽ ڏانهن پڻ، ٻن ٻن جا جوڙا جام ايندا ويندا آهن.
اسان مال روڊ کان ڪشمير پوائنٽ ان ڪري وياسين، ته گهمڻ جو آيا آهيون، ته گهمون.
مال روڊ کان ڪشمير پوانٽ ويندي ٿڌ ته پنهنجي جاءِ تي، پر هلڪو مينهن به وسيو پئي. گهڻيون اهڙيون جايون آيون، جتي تصوير ضروري سمجهندي، تصوير محفوظ به ڪئي وئي. ڪجهه اهڙا هنڌ به هئا، جتي پاڻ کي سهڻي، وڻندڙ انداز ۾، پياري تصوير ۾ سنڀالڻ سانڍڻ جي خواهش ٿي.
وسندي برسات ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ پاتل ٽوپي، اوڍيل لوئي، پهريل سوئيٽر لاهي، تصوير ته ڇڪرايم پر...
ان ئي جاءِ تي، مون جن جون تصويرون ورتيون، اهي منهنجي خيال ۾ شاهڪار هونديون، پر منهنجي تصوير...
سچ ته هتي نڪتل ڏهاڪو کن تصويرن مان، سٺي ۾ سٺي تصوير به، اهڙي نه آهي، جهڙي جي خواهش هئي... ڪاش، سيلفي وانگر ئي سهي، يا وري آٽو ميٽڪ ڪيميرا اسٽينڊ سميت هجي ها، ته هي منظر، جيئن تصوير ۾ آيو، تيئن نه، جيئن منهنجي اکين ڏٺو هو، اوهان به تيئن ڏسي پسي سگهو ها...
خوشگوار ماحول ۾ سنگت ساٿ سان خوش خوش گڏ هوندي به ڪي پل اهڙا اچي ئي ويندا آهن، جن ۾ اڪيلو ٿيڻ تي دل چوندي آهي...
هلندي ڪچهري مان اٿي، اڪيلو اچي ويٺو هئس، ڪن سان فون تي رابطو ڪري، ساڻن حال احوال ڪري چڪو هئس، ڪن سان اڃا ڳالهائڻو هئم...
ان وچ ۾، جن جي وچ ۾ ويٺل هئس، انهن مون کي ساڻن گڏ ويٺل محسوس نه ڪيو، ته پيرا کڻي اچي پهتا...
منهنجي خيالن جو رابطو ٽٽو، جن سان رابطي جي ڪوشش هئي، اها ڪوشش منقطع ٿي وئي...
مون اڪيلي ويهڻ جي آس ۾ صرف انهن ڏانهن نهاريو پئي، جن مون کي اڪيلو ڇڏڻ نه پئي چاهيو...
پيرا کڻي پهتل پيارن مان هڪ پياري ماڻهو، منهنجا اهي پل تصوير ۾ قيد ڪيا. قيد ٿيل پلن مان هڪ پل اوهان جي نظر ٿو ڪريان...
مون کي خبر آهي، ته مون ان پل ڪنهن ڪنهن کي پئي ساريو، ڪنهن ڪنهن سان پئي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اوهان سمجهو تيئن، جيئن اوهان کي، اوهان جي سمجهه، سمجهڻ جي صلاح ڏي...
سفر جون ڳالهيون گهڻيون آهن، پر اوهان پڙهندڙن وٽ وقت گهٽ آهي، گهٽ وقت جو خيال ڪندي عرض ته ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي شروع کان آخر تائين منهنجو ويجهو همسفر ۽ هر مرحلي تي مددگار معاون رهيو. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڀٽي ۽ اياز لاکو هڪ سڄو ڏينهن گڏ گذاري، ڪچهري ڪئي، سيف الله ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد اسحاق مستوئي به گهڻن ڏينهن کان پوءِ مليا، خوب ڪچهريون ٿيون، نوان پراڻا ٿياسين. منهنجو سفر، سفر بخير گذريو، منهنجي دعا آهي ته اوهان جو به هر سفر، سفر بخير گذري، آمين.

آئون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسيلر، پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين سحرائي ميمڻ ۽ فصلن جي بچاءُ واري فيڪلٽي جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي جو دل سان ٿورائتو آهيان، جن مون تي ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي تي اعتماد ڪندي، اسان کي فيڪلٽي ۾ موجود جيتن جي سائنس، ٻوٽن جي بيمارين واري علم ۽ ٻوٽن جي بچاءُ واري شعبي ۾ پڙهندڙ، چوٿين سال جي شاگردن کي، 07 کان 19 نومبر 2015ع تائين، آل پاڪستان اسٽڊي ٽوئر جي سلسلي ۾، تعليمي ۽ تربيتي دورو ڪرائڻ جي ذميواري سونپي. ان دوري دوران مون تمام گهڻو پرايو آهي.

No comments:

Post a Comment