Sunday, July 10, 2016

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر - الطاف شيخ

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر
الطاف شيخ
گذريل مضمون کان آئون هندستان جي هن آڳاٽي ۽ مشهور شهر جو سفرنامو لکي رهيو آهيان، جيڪو مندرن جو شهر آهي ۽ هندو هن کي بيحد ڀلارو ۽ متبرڪ شهر سمجھن ٿا. هن شهر جي لاءِ مان هر وقت بنارس نالو استعمال ڪري رهيو آهيان... جيتوڻيڪ توهان کي هن شهر جي ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن ۽ ٻين هنڌن تي هن شهر جو نالو، انگريزي توڙي هندي ۽ ڪٿي ڪٿي اڙدو ۾ ورانسي (VARANASI) لکيل نظر ايندو ۽ اڄ جي هر نوجوان جي زبان تي اهو ئي نالو آهي، جيڪو نالو انگريزن جي وڃڻ بعد آزاد هند سرڪار هن شهر جو رکيو، نه ته اسان ننڍي لاڪون بنارس ٻڌو. پاڪستان جي شهر لائلپور ۽ منٽگمري وانگر جيڪي هاڻ فيصل آباد ۽ ساهيوال سڏجن ٿا، انڊيا به پنهنجن ڪيترن شهرن جا نالا پنهنجي مرضيءَ مطابق نوان رکيا، يا وري اهي ساڳيا رکيا، جيڪي انگريزن جي 200 کن سالن جي حڪومت کان اڳ هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جهڙا پوڙها اڌ صدي کان اهي انگريزن وارا نالا جيڪي نه فقط عام طرح ٻڌا پر انگريزن جي لکيل ناولن ۾ پڙهيا سو هاڻ پيريءَ ۾ اهي نالا وسارڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. جيئن گذريل سال ممبئيءَ ۾ رهائش دوران مونکي ممبئي اچارڻ ڏکيو، عجيب ۽ اوپرو لڳو ٿي ۽ آئون هر وقت پراڻو نالو بمبئي چوندو رهيس، جنهن تي سالن کان زبان هريل هئي. اهڙيءَ طرح ”پوني“ بدران پراڻو نالو ”پونا“ استعمال ڪندو رهيس، جيڪو اڃا سال ٻن جو هوس ته پنهنجي مرحوم ڏاڏيءَ کان ٻڌو هوم جيڪا هر ڳالهه ۾ پونا شهر جو ذڪر ڪندي هئي، جِتان سندس اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) سٺي پوزيشن سان ائگريڪلچر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪري آيو هو. پر اڄ اهو چوڻ بدران ته ”پونا Poona سٺو شهر آهي“، هر ڪو چوي ٿو ته ”پوني Pune سٺو شهر آهي.


هونءَ هڪ ڳالهه آهي ته انڊيا جي شهرن تي رکيل انگريزي نالا ڪجهه آسان ئي آهن. بلڪ انگريزن کي اچارڻ ۾ ڏکيا لڳا، تڏهن ته هنن آسان ڪيا. مثال طور ”ودودرا“ شهر جو نالو ”بڙودا“ رکيائون، جيڪو هاڻ وري انڊيا حڪومت ساڳيو ودودرا ڪيو آهي ... جيڪو هاڻ آئون صحيح طرح اچاري سگهان ٿو نه ته ڪجهه سال اڳ پنهنجي پيٽاري جي دوست نولراءِ اوڏ جي پٽ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ جڏهن هفتو کن بڙودا وڃي رهيا هئاسين پر ته اسان ٻئي پوڙها (نول ۽ آئون) بڙودا بڙودا ڪندا رهياسين ... ظاهر آهي اسڪول جي ڏينهن کان وٺي، جڏهن اسان جي ملڪ ۾ ٽي وي اڃا شروع نه ٿي هئي ته جنهن ريڊيو اسٽيشن تان سنڌ جا ماڻهو سنڌي راڳ ٻڌندا هئا، اها احمد آباد بڙودا هئي. اهڙيءَ طرح اڄ به منهنجي زبان تي ورانسي کان وڌيڪَ بنارس لفظ وڌيڪَ آسانيءَ سان اچي ٿو. چاليھ سال گذرڻ بعد اڄ به ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ کي ڪيترا ماڻهو مئڪلوڊ روڊ سڏين ٿا ۽ مولوي تميز الدين خان روڊ کي پڻ پراڻي نالي ”ڪئينس روڊ“ سان سڃاڻن ٿا. اڄ به هن شهر ورانسي جي هڪ چاهڻ واري پنهنجي شعر ۾ لکيو آهي:
ہر اک کو بھاتی ہے دل سے فضا بنارس کی
وہ  مندروں  میں  گجر  دم  پجاریوں  کا ہجوم
بهرحال هونءَ به اسان ڪراچيءَ وارن کي بنارس هر وقت ياد ايندو رهندو جو اسان جو هر وقت ڪراچي جي بنارس ڪالونيءَ مان لنگهه ٿيندو رهي ٿو.
انگريزن جا شهرن تي رکيل نالا جيتوڻيڪ سولا هئا پر مڪاني ماڻهن کي سندن نالا وڌيڪَ سولا لڳن ٿا. جيئن ڪلڪتا انگريزن توڙي اسان غير بنگالين لاءِ اچارڻ سولو آهي پر ڪلڪتي شهر يا بنگال صوبي جي ماڻهن لاءِ ته هن شهر جو رکيل هاڻوڪو نالو ”ڪولڪَتا“ وڌيڪَ آسان آهي ڇو جو بنگالي زبان ۾ ورلي ڪو اکر اڪيلو اچاريو وڃي ٿو نه ته هر اکر پويان او هجڻ ضروري آهي. جيئن بنگالي ”ملڪ“ کي ”مولوڪ“ سڏين ٿا. ”ڪيترو اگهه آهي“ جو بنگالي جملو  ٿيندو ”ڪوتو دام ڇهي“ يا هن بنگالي جملي کي ڏسو: ”ڪوتو بورو گورو!“ هڪ بنگالي ڇوڪريءَ پهريون دفعو اٺ کي ڏسي چيو مار! ڪيڏي ته وڏي ڳئون آهي. ياد رهي بنگال ۾ اٺ نه ٿئي.... ايڏي گهڻي بارش ۽ گپ ۾ بنگال يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اُٺ جهڙو جانور ڀلا ڪيئن ٿو هلي سگهي، جيڪو غريب پنهنجي مُٽَ ۾ ترڪيو پوي!
گجرات جو هڪ مشهور بندرگاهه آهي ڪئمبي (Cambay) پر اسان سنڌي مسلمان توڙي هندن لاءِ ان جو هاڻوڪو نالو کمڀات وڌيڪَ پنهنجائپ وارو آهي جيڪو هن شهر جو پهرين به اهو نالو هو ۽ اسين هن بندرگاهه کان شاهه جي بيتن ذريعي واقف ٿياسين. پر سائين ڪي نالا ته انگريزن جا رکيل به ڏکيا لڳا ٿي. جيئن اڄ کان اڌ صدي اڳ 1963 ۾ چٽاگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ انڊيا جي هڪ بندرگاهه ”تري وندرم“ (Trivandrum) بابت پڙهندا هئاسين جيڪو ان وقت ڪافي ڏکيو لڳو ٿي. بهرحال ڪيرالا رياست جي سرڪار هن پنهنجي بندرگاهه جو جيڪو نئون نالو رکيو آهي اهو ته اهڙو ڏکيو آهي جو هن جي مقابلي ۾ پهريون وارو وڌيڪ آسان لڳي ٿو. منهنجي خيالَ ۾ دنيا جو شايد ئي ڪو اهڙو شهر/ بندرگاهه هجي جنهن جو ايڏو وڏو نالو هجي جيڪو انڊيا جي هن بندرگاهه جو آھي، يعني اھو ٿيرووانان ٿاپورام(Thiruvananthapuram) آهي. هي نالو پڪ تامل، مليالم، تيلگو يا ڪنهڙ (ڏکڻ هندستاني زبانن) مان هڪ جو هوندو. اهڙا ئي ڏکيا نالا منهنجي تامل شاگردن جا هوندا هئا جيڪي ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي  ۾ مون وٽ پڙهندا هئا.
انڊيا جو ڏاکڻو ڇيڙو جِتان سري لنڪا جو ٻيٽ شروع ٿئي ٿو اتي انڊيا جي ساحلي شهر جو نالو ڪيپ ڪومورن (Cape Comorin) هوندو هو. بلڪ 1980ع تائين به ان بندرگاهه جو اهو ئي نالو اسان جي نيويگيشن وارن نقشن ۾ هو. ان جو هاڻ نئون نالو ڪنيا ڪماري رکيو ويو آهي. هن رومانوي نالي وانگر انڊيا جو هي ڪياماڙي وانگر آخري ڇيڙي وارو بندرگاهه به بيحد خوبصورت آهي، جنهن بابت آئون انڊيا جي پهرين سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ لکي چڪو آهيان ۽ ڪيتريون ئي خوبصورت تصويرون مون گوگل ۽ فلڪر ۾ به اپ لوڊ ڪري ڇڏيون آهن.
انڊيا جو اترانچل هاڻ ”اترکنڊ“ سڏجي ٿو، الهه آباد جو نئون نالو ”پرياگ“ ٿي ويو آهي. مدراس هاڻ ”چنائي“ سڏجي ٿو، ٽيپو سلطان وارو ميسور هاڻ ”ڪرناٽڪا“ آهي.
بهرحال بنارس شهر (Banaras) جيڪو بيناريس (Benares) به سڏجي ٿو ته ورانسي ۽ ڪاشي به سڏجي ٿو.... الهه آباد شهر وانگر گنگا ندي جي ڪناري تي اتر پرديش (UP) رياست ۾ آهي. يو پي جي گادي واري شهر لکنو کان 320 ڪلوميٽر (200 کن ميل) ڏکڻ اوڀر ۾. يعني لکنو کان ايترو پري آهي جيترو ڪراچي کان نواب شاهه. ڪيترن هندن جي عقيدي مطابق بنارس شِو ديوتا اڏرايو. چون ٿا ته مهاڀارت جا هيرو پانڊوا پنهنجا ڏوهه برهمڻ هتيا ۽ ڀائرن کي مارڻ جا پاپ بخشائڻ لاءِ شِو ديوتا جي ڳولا ۾ هن شهر بنارس ۾ آيا هئا. ياد رهي ته پانڊون اهي ڪم ڪروڪشترا واري لڙائيءَ ۾ ڪيا... جيڪا ڪروڪشترا شهر وٽ لڳي جنهن شهر جو ذڪر پڻ مٿين سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ ڪري چڪو آهيان.
بنارس لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ آڳاٽو شهر آهي. ائين ته دنيا ۾ انيڪ جھونا شهر ٿي گذريا آهن. ويندي موهن جو دڙو به پراڻو شهر آهي پر اهي يا ڀنڀور ديبل ۽ الوڙ جهڙا شهر هاڻ کنڊهر آهن جِتي ڪا آبادي ناهي. پر بنارس اهو شهر آهي جيڪو اڃان آباد آهي جنهن لاءِ انگريزي ۾ چيو ويندو آهي ته Oldest continuously inhabited city آهي. بنارس جهڙن آڳاٽن ۽ اڃان تائين آباد ڪجهه شهرن جا نالا هن وقت ڌيان ۾ اچي رهيا آهن: دمشق (شام)، بيروت (لبنان)، اٿينس (يونان)، روم ۽ نيپلس (اٽلي)، بيجنگ (چين)، لڪسر (مصر) وغيره. انهن شهرن مان ڪجهه جو احوال پنهنجي مختلف سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ۽ ڪجهه جو اڳتي هلي لکندس.
بنا شڪ جي بنارس ويدن جي ڏينهن جو شهر آهي. رگ ويد ۾ بنارس کي ڪاشي سڏيو ويو آهي يعني روشنين وارو.... بنارس علم، ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جو مرڪز هلندو اچي. ڪاشي کنڊ هن شهر جو شان شوڪت پنڌرهن هزار شعرن ۾ ”سڪندا پران“ ۾ بيان ڪيو آهي جن مان هڪ شعر ۾ شِو ديوتا چوي ٿو ته ”ٽي دنيائون گڏجي منهنجو هڪ شهر ٺاهين ٿيون جنهن ۾ ڪاشي (بنارس) منهنجي رهائش جو محل آهي.“
آرڪيالاجي جي کاتي جي کوجنائن مان خبر پوي ٿي ته هن شهر ۾ ماڻهن جو رهڻ ڪهڻ عيسوي صديءَ کان به يارهن ٻارهن صديون اڳ ٿيو. هي شهر ٽيويهين جين پنڊت پارشوا جو به گهر رهيو... هيءَ اٺـين صدي قبل مسيح جي ڳالهه آهي. بنارس (ڪاشي/ورانسي) ڪارخانن جو مرڪز به هو ۽ مُسلن، سلڪ، عطر، عاج جي شين ۽ اسڪلپچر کان به مشهور هو. گوتم ٻڌ (ڄم جو سال 567 ق م) جي ڏينهن  ۾ هي شهر ”ڪاشي سلطنت“ جي گاديءَ جو هنڌ هو. گوتم ٻڌ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٻڌ ڌرم جي شروعات 528 ۾ هتي ليڪچر ڏئي شروع ڪئي.
چيني مشهور بکشو ۽ سفر جو شوقين زئان زنگ Hsuan Tsang پڻ هن شهر بنارس ۾ سن 635ع ۾ گهمڻ لاءِ آيو هو. هو پنهنجي سفر جي احوال ۾ بنارس لاءِ لکي ٿو ته هي شهر مذهبي ۽ هنرن ۽ آرٽ جي دنيا جو مرڪز آهي. هي شهر گنگا جي ڪناري تي پنجن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. ”زئان زنگ“ جيڪو ”چين هوئي“ جي نالي سان به مشهور آهي هڪ قابل اسڪالر ۽ مترجم پڻ هو. هن سترهن سال انڊيا ۾ گذاريا جنهن جو احوال مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪو آهي. انگريزيءَ ۾ هي ڪتاب  The Great Tang Records نالي سان مشهور آهي. هن ڪِتاب مان متاثر ٿي هڪ ٻئي چيني ليکڪ وُو چينگ “Journey to the west” نالي ڪلاسيڪل ناول لکيو.

هڪ ٻئي مشهور چيني سياح ”هيييني سيانگ“ ستين صدي ۾ بنارس جو دورو ڪيو. هن بنارس کي ”پولو نسي“ نالي سان سڏيو آهي ۽ هن شهر لاءِ لکيو آهي ته هن شهر ۾ 30 مندر هئا جن ۾ 30 کن ٻاوا هئا.

No comments:

Post a Comment