Sunday, July 10, 2016

حڪومت اسان جي هئي پر حال هيڻا هئا.- الطاف شيخ

حڪومت اسان جي هئي پر حال هيڻا هئا.
الطاف شيخ
اوڻهين صديءَ جي شروع ٿيڻ تائين سواءِ ڪن چند ملڪن جي آفريڪا، ايشيا ۽ آمريڪا کنڊ جي سمورن ملڪن تي انگريزن ۽ يورپ جي ٻين قومن ڊچ، پورچو گالين، فرينچن، اطالوين، هسپانين، المانين (جرمنن) وغيره جو قبضو ٿي چڪو هو. هو هر ڳالهه تي مڪاني ماڻهن بدران پنهنجو پاڻ قبضو ڪيو ويٺا هئا. ايتريقدر جو ڪجهه زمين مڪاني ماڻهن جي هٿ ۾ هئي ته اهي به ان ۾ اها پوکَ ڪري سگهيا ٿي جن جو کين يورپين حڪم ڏنو ٿي. انهن کان ڪچو مال ڪپهه هجي يا ڪڻڪَ سستي اگهه تي وٺي پنهنجي ملڪ يورپ موڪليو ويو ٿي جِتي جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو، بسڪيٽ ۽ ٻيو سامان تيار ڪري اسان جي ملڪن ۾ وڏي اگهه تي وڪيو ويو ٿي. هنن کي مڪاني ماڻهن جي ڏک سک جو ڪو الڪو نه هو ته هو ڪيئن پيا زندگي گذارين.... بهرحال ٿوري گهڻي ضرور مدد ڪئي ٿي پوءِ ان پويان ڀلي مقصد کڻي سندن فائدي جو هجي، جيئن فرينچن، پورچو گالين ڊچن ۽ ٻين يورپين مڪاني ماڻهن کي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ همٿايو جيئن هو سندن ڪلارڪ يا منشي ٿي ڪم ڪري سگهن. پر ڏٺو وڃي ته انهن مڙني يورپين ۾ انگريزن ڪجهه وڌيڪَ ئي خيال رکيو ٿي. هنن جيتري تعليم، امن امان، جوڊيشري، اريگيشن ۽ انڊسٽري تي زور ڏنو اوترو ڪنهن به نه ڏنو. ريلوي نظام به انهن مان هڪ هو. هنن انگلنڊ جهڙو ريلوي نظام ۽ ريلوي اسٽيشنون انڊيا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ڪالونين ۾ به ٺاهڻ چاهيون ٿي. ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ انڊيا پهريون ملڪ آهي جِتي سڀ کان اڳ 1853ع ۾ بمبئي کان ٿاني ريل گاڏي هلائي وئي ۽ ٻئي سال 1854ع ۾ ٻي ٽرين ڪلڪتي کان هگلي هلڻ لڳي.


ان بعد انگريزن اتي ختم ڪرڻ بدران هو نه فقط انڊيا جي ٻين شهرن کي ريل رستي ڳنڍيندا ويا پر آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾، جِتي سندن راڄ هو، ريل گاڏي هلائڻ جو ڪم شروع ڪندا ويا. 1861ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين ريل هلڻ شروع ٿي. ان کان اڳ 1859ع ۾ آفريڪا جي ڏاکڻي ملڪ ”سائوٿ آفريڪا“ جي بندرگاهه واري شهر ڪيپ ٽائون ۽ ويلنگٽن جي وچ ۾ ريل گاڏي هلائي وئي. ياد رهي ته آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ وانگر سائوٿ آفريڪا تي اڄ به انگريزن جو ڪنٽرول آهي. بهرحال ٻئي سال 1960ع ۾ ڊربن شهر کان هاربر پئانٽ ٽرين اسٽارٽ ڪئي وئي.
1876ع ۾ جڏهن لاهور کان جهلم گاڏي هلڻ جي شروعات ٿي ته ان ئي سال انگريز راڄ جي هڪ ٻئي ملڪ برما ۾ پڻ رنگون کان پروم شهرن جي وچ ۾ ريل شروع ڪئي وئي. ملائيشيا ۾ پڻ ريل گاڏي هلائڻ جي سروي شروع ڪئي وئي هئي. اتي جي پهرين ٽرين پورٽ ويلڊ کان تائيپنگ هلائي وئي. هيءَ سال 1885ع جي ڳالهه آهي. ٻن سالن بعد 1887ع ۾ ڪوالالمپور شهر (جِتي قلعي Tin جي کاڻين ۾ ڪم هلي رهيو هو) کان سمنڊ جي ڪناري واري شهر پورٽ سئيٽنهام (جيڪو هاڻ پورٽ ڪلانگ سڏجي ٿو جِتي اسانجا جهاز ڪوالالمپور جو سامان کڻڻ لاءِ لنگر انداز ٿين ٿا) ريل گاڏي شروع ڪئي وئي. هي سال (يعني 1887ع) اهو سال آهي جنهن ۾ اسانجي ننڍي کنڊ جي ٻن شهرن: سبي ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ ريل هلڻ شروع ٿي هئي. رڪ ۽ سبي جي وچ ۾ ته ستن سالن کان (1880ع کان) ٽرين هلي رهي هئي.
آفريڪا جي بندرگاهه ممباسا کان يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ جي شهر قسومو (Kisumu) جي ريلوي تي ڪم 1896ع کان شروع ٿيو ۽ 1901ع ۾ ٽرين هلي. هي زمانو هو جڏهن اڃان نه نئروبي شهر جو وجود هو نه ڪينيا ملڪ جو. هي علائقو برٽش ايسٽ آفريڪا جي نالي سان سڏيو ويو ٿي جنهن تي انگريزن جو راڄ هو. انگريزن پنهنجي هن علائقي جي اندرين حصن کي هندي وڏي سمنڊ جي بندرگاهه ممباسا سان ملائڻ لاءِ هيءَ 660 ميلَ ڊگهي ريلوي لائين وڇائي. هي علائقو خط استوا وارو آهي جِتي سخت گرمي آهي، گهاٽا جنگل، جنگلي جانور ۽ ڪجهه ڪجهه جابلو علائقا به آهن.... سو ريل جا پٽا وڇائڻ جو ڪم سولو نه هو. هن پروجيڪٽ ۾ 2498 ڪم وارا مري ويا هئا. جيئن ته مڪاني شيدي هنن ڪم جا ڄاڻو نه هئا ان ڪري انگريزن انڊيا جي مختلف شهرن مان.... خاص ڪري سک، پٺاڻ ۽ پنجابي اٽڪل 32000 ماڻهو گهرايا. ريل جو ڪم ختم ٿيڻ تي بچيلن مان وڏو حصو واپس انڊيا هليو ويو پر ست هزار کن انڊين هِتي ئي رهڻ کي ترجيح ڏني انهن جو اولاد اڄ به ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ رهي ٿو جيتوڻيڪ ستر واري ڏهي ۾ يوگنڊا جي صدر عيدي امين ڪافي انڊين کي پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو. بهرحال ڪينيا ۽ يوگنڊا بابت پنهنجي آفريڪا واري سفرنامي ”ممباسا! شيدي باڇا همباشا“ ۾ ڪافي تفصيل سان لکي چڪو آهيان.... ويندي ساوو (Tsavo) جي ٻن آدمخور شينهن بابت جيڪي 9 مهينا هن ريلوي تي ڪم ڪندڙ مڪاني شيدين مزدورن ۽ انڊيا جي سک ۽ پٺاڻ مزدورن کي رات جو سندن تنبن مان ڇڪي ڪڍي ويا ٿي. هنن شينهن کي مارڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو پر اصل وٺ نٿي ڏنائون. هڪ اندازي مطابق هنن اٽڪل 135 ماڻهو کاڌا ان بعد پاڻ گوليءَ جو کاڄ ٿيا. انهن شينهن بابت ڪِتاب ۽ فلم پڻ آهي جنهن جو نالو آهي: “The Man Eaters of Tsavo”.
انڊيا جي ۽ پنهنجي سنڌ جي شهرن تي نظر ٿو ڦيرايان ته انڊيا ۾ انگريزن جي آمد ڪري اتي جا ماڻهو خاص ڪري هندو، تعليم کي يڪدم چهٽي پيا پر مسلمان ان جي ايترو ويجھو نٿي ويا. ان سوال جي جواب ۾ مونکي ڪيترا مسلمان اهو چوندا آهن ته اهو ان ڪري جو هندستان تي اسان مسلمانن جون ٽي صديون کن راڄ رهيو ان ڪري اسان انگريزن طرفان  مهيا ڪيل تعليم، انڊسٽري، بزنيس کي قبول نٿي ڪيو! يارو مونکي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.... جڏهن انڊيا اڪبر، شاهجهان، قطب الدين، اورنگزيب جي حڪومت هئي يا توڙي اسان وٽ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت هئي ته هنن جا گهڻي ڀاڱي advisor ۽ وزير هندو ئي هُئا.... ان وقت جڏهن فارسي هلي ٿي جنهن لاءِ چيو ويو ٿي ته فارسي گهوڙي چاڙهسي ته به ان جا ماهر هندو هئا. اسان جي مسلمانن جو ان وقت به نه هو تعليم ۽ حال ۽ نه ڌنڌي ڌاڙي ۾  ۽ پوءِ انگريزن جي دؤر ۾ به اهي هندو ۽ انهن سان گڏ پارسي ۽ يهودي رهيا..... هنن وڏا وڏا عهدا ماڻيا ۽ ڪاروبار ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو ان ڪري جو هنن هر دور ۾ عقل کان ڪم ورتو ۽ محنت ڪئي. باقي اسان کي اهو سوچي گد گد ٿيڻ ته هند سنڌ تي مسلمانن جي حڪومت هئي، سمجهه کان ٻاهر آهي جڏهن هند توڙي سنڌ جي عوام کي ٻه ويلا ماني جا نه هئا..... نه هنن حاڪمن عوام جي صحت لاءِ ٿي ڪجهه ڪيو نه تعليم لاءِ. اهو ئي حال اڄ اسان جي سنڌ جي حاڪمن جو آهي. هوڏانهن هندو ۽ پارسي سٺين، واپارين ويندي گجرات جي گيڪ واد مهاراجا جهڙن تعليم ۽ صحت جي حوالي سان  عوام لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو...... پوءِ ان ۾ سندن به ڀلو ٿيو.... بلڪه ڪيترا دفعا ته هنن جو ڏيوالو به نڪري ويو ٿي... پر هو هن ڌرتي ۽ عوام لاءِ خرچ ڪندا رهيا  ٿي. هي ڳالهيون مون کي انڊيا ۾ ريل شروع ٿيڻ جي قصي تان ياد آيون. 1942ع ۾ جڏهن انگريزن انڊيا ۾ ريل جاري ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته ان رٿا کي هٿي ڏيڻ لاءِ مڪاني هندن ۽ پارسين به ان ڳالهه جي پوئواري ڪئي. اسان وٽ 1945 ڌاري اليڪٽرسٽي آئي ته ڪيترن ڳوٺن جي وڏيرن ان جا پول پٽرائي ڇڏيا.... اڄ به اسان وٽ ڪيترا وڏيرا، ڀوتار، سردار آهن جيڪي پاڻ ته ڪجهه نٿا ڪن پر ٻيو ڪو مخير حضرات سندن ڳوٺن ۾ اسڪول کولي يا ڪو ڪارخانيدار سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪارخانو فئڪٽري هڻي ته هو ان کي دل شڪستو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. بمبئي کان ٿاني جيڪا ننڍي  کنڊ جي زمين تي پهرين ريل لڳي ان ۾ چون ٿا ته پارسي سيٺ ”سر جمسيت جي جَيجِيڀائي“ ۽ هندو تعليمدان ۽ مخير سيٺ جگن ناٿ شنڪر سيٺ (جيڪو نانا شنڪر سيٺ پڻ سڏيو وڃي ٿو) وڏو پئسو ڏنو ۽ اهي GIP (گريٽ انڊين ريلوي ائسوسيئيشن) جا ڊئريڪٽر پڻ ٿيا. اهو ئي سبب آهي جو هن ريل جي پهرين سفر ۾ انگريزن سان گڏ نانا شنڪر سيٺ پڻ سوار هو.
جمسيت بمبئي (جيڪو هاڻ ممبئي ٿو سڏجي) ۾ 1793ع ۾ هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. پاڻ اڃان ننڍو ئي هو ته سندس ماءُ پيءُ گذاري ويا ۽ يتيم ٿي ٻين مائٽن جي مدد سان سورهن سالن تائين جهڙي تهڙي تعليم حاصل ڪري هو واپار وڙي خاطر پهرين ڪلڪتي (هاڻ ڪولڪتا ٿو سڏجي) ۽ پوءِ چين ويندو رهيو. محنت، عقل ۽ ڀلي ڀاڳ ڪري هو سگهوئي امير ٿي ويو. هڪ Self-Made ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ هن ننڍپڻ ۾ غربت ڪري ڪيتريون تڪليفون سَٺيون. هونءَ ته هر ماڻهوءَ جي حالت ۾ ضروري ناهي پر جمسيت کي پنهنجي غربت ۽ ڏکين ڏينهن کي ياد ڪري غريبن جو ڏاڍو خيال ٿئيس ٿيو. هن غريبن جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ اسڪول، اسپتالون، خيراتي گهر ۽ پينشن فنڊ نه فقط پنهنجن پارسين لاءِ مقرر ڪيا پر مسلمان، هندن، سکن ۽ عيسائين کي پڻ شامل ڪيو. هن مذهب، زبان ۽ قوميت کان مٿانهون ٿي هر انسان ذات جي مدد ڪئي. هن پنهنجي شهر بمبئي ۽ ان جي ڀر وارن شهرن نَوَ سري، سورت ۽ پوني ۾ نه فقط خيراتي اسڪول، اسپتالون ۽ معذورن ۽ پوڙهن لاءِ گهر ٺهرايا پر پنهنجن پئسن سان کوهه، پاڻيءَ جا تالاب، پليون ۽ رستا پڻ ٺهرايا. سندن وفات 1859ع ۾ ٿي. بمبئي ۽ پوني ۾ ايندي ويندي ڪيتريون اهڙيون شيون نظر اچن ٿيون جيڪي سر جمسيتجيءَ عوام جي ڀلي لاءِ ٺهرايون..... جهڙوڪ ”ماهيم ڪازوي“ جيڪو سالستي ٻيٽ کي بمبئي سان ملائي ٿو. انگريز سرڪار اهو ٺهرائڻ کان انڪار ڪيو ان تي جمسيتجي جي زال اوا ٻائيءَ 1841ع ۾ پنهنجي هڙون ٻه لک رپيا خرچ ڪري هي ڪازوي ٺهرايو ۽  اهو سندس نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو. ياد رهي ته ان وقت سون جو تولو ڏهين رپئي مس هو. ان حساب سان اها رقم وڏي حيثيت رکي ٿي.
سر جيٖ جيٖ اسپتال
ان کان علاوه جمسيتجيءَ 126 مختلف تعليمي ادارا ٺهرايا جن ۾ هيٺيان تمام مشهور آهن ۽ ممبئي جي چرچ گيٽ ۽ CST ريلوي اسٽيشن وارن علائقن مان لنگهندي نظر اچن ٿا...... جهڙوڪ:
سر جمسيتجي اسڪول آف آرٽ
سر جي. جي ڪاليج آف آرڪيٽيڪچر
سر جي. جي انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ آرٽ
سيٺ آر جي. جي هاءِ اسڪول...... وغيره.
جمسيتجي جهڙن ماڻهن ماڻهن جي زندگي ۽ سندن عوام جي لاءِ خذمتن جو پڙهي يا ٻڌي مونکي هميشه اها حسرت ٿيندي آهي ته ڇو ڀلا اسان جي سنڌ ۾ اهڙا حاڪم يا مخير حضرات قدرت ڇو نه پيدا ڪيا! ها مونکي پنهنجي تر ۾ هڪ نيڪ ماڻهو سجھي ٿو اهو آهي مخدوم غلام حيدر.... مخدوم طالب الموليٰ جو چاچو ۽ مخدوم امين فهيم جي ڏاڏي جو ڀاءُ. هن نيڪ انسان کي لڳي ٿو ته عوام جي ڀلي جو فڪر هو ۽ هن سمجھيو ٿي ته دنيا جي ماڻهن وانگر سنڌ جي ماڻهن جي به خوشحالي ۽ ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن تعليم عام ٿيندي.... تڏهن ته هن 1940ع ۾ اهو فيصلو ڪيو ته هالا ۾ هاءِ اسڪول هجڻ ضروري آهي جنهن ۾ انگريزن جو رائج ڪيل تعليمي نظام قائم ڪيو وڃي. 1944ع ۾ جڏهن هي اسڪول ٺهيو ته هالا جي آدمشماري ۽ ڳوٺ جي سائيز جي ڀيٽ ۾ هي اسڪول تمام وڏو هو جنهن ۾ ڀر وارن ڳوٺن کان پڻ ٻار پڙهڻ لاءِ آيا ٿي. ڪيترن ٻارن جي رهائش لاءِ هاسٽل پڻ ٺهرائي وئي ۽ غريب شاگردن کي مفت ۾ ماني به کارائي ويندي هئي. گهٽ ۾ گهٽ اهو سلسلو 1957ع تائين هلندو رهيو جيسيتائين آئون هن اسڪول ۾ ستين ڪلاس تائين هوس. مونکي ياد آهي ته هڪ دفعي آئون شاهپور چاڪر جي پلهه شاگردن سان گڏ ان ميس ۾ ويو هوس جِتي نيرن تي هر شاگرد کي رڌل جيري سان گڏ اڦراٽو ملي رهيو هو. منهنجي ڪلاس ميٽن بورچيءَ کان وٺي مونکي به ڏنو هو جنهن جي خوشبو ۽ سواد آئون اڄ به وساري نه سگهيو آهيان.... چون ٿا ته اهو سستائيءَ جو زمانو هو... مڃيون ٿا ته انهن ڏينهن ۾ سستائي هئي پر يارو ان سستائي هوندي به اسانجي ڪنهن ٻئي مسلمان پير، مير، وڏيري وزير، جاگيردار ڀوتار کي خيال نٿي آيو ته کڻي هن ڌرتي تي غريبن جي ڀلي لاءِ ڪو اسڪول يا اسپتال کوليون؟ هندن انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ نه فقط اسڪول، اسپتالون پارڪ ٺاهيا پر جانورن جي سک لاءِ به ڇانورا ۽ پاڻيءَ جا حوض ٺاهيا. بهرحال چون ٿا ته سائين مخدوم غلام حيدر چاهيو ٿي ته اهو هالا جو هاءِ اسڪول جلد ئي يونيورسٽي ٿي وڃي پر سگهوئي سندس وڇوڙو ٿي ويو ۽ اڄ تائين سندن اهو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو آهي!

مٿئين پارسي مخير حضرات (Philanthropist) ”سر جمسيت جي“ جيان هندو واپاري جگن ناٿ شنڪر سيٺ به هو جيڪو 1803ع ۾ هڪ امير برهمڻ فئملي ۾ ممبئي ۾ ڄائو ۽ تمام وڏو بزنيس مئن ٿيو. هي ايڏو ته ناموس وارو ۽ ڀروسي وارو واپاري ثابت ٿيو جو ڌارين ملڪن جا عرب، ايراني، افغاني ۽ ٻيا پنهنجا پئسا ڏوڪڙ بئنڪن ۾ رکڻ بدران جگن ناٿ وٽ رکڻ ۾ وڌيڪَ عافيت سمجھندا هئا. بهرحال جگن ناٿ (نانا شنڪر سيٺ) جيترو گهڻو پئسو ڪمايو اوترو ئي هن عوام جي ڀلي تي خرچ ڪيو. سڀ کان گهڻو پئسو هن تعليم تي خرچ ڪيو ڇو جو هن جو اهو يقين ۽ Vision هو ته تعليم اسان جي حالتن کي بهتر بنائي سگهي ٿي. هن اسڪولن ٺهرائڻ تي هميشه دل کولي خرچ ڪيو. ڇوڪرين جو پهريون اسڪول جڏهن کولڻ جي رٿ پيش ڪئي وئي ته باوجود سخت مخالفت جي نانا شنڪر سيٺ هن اسڪول لاءِ فنڊ مهيا ڪيا. 1857ع ۾ سندس وفات ٿي. ممبئي جي ڏاکڻي حصي ۾ سندس نالي هڪ چوراهو ”نانا چوڪ“ سڏجي ٿو ۽ انگريزن جي ڏينهن جي گرگام روڊ جو نالو هاڻ جگن ناٿ نانا آهي. ممبئي گهمندڙن يا ممبئي کان واقف ماڻهن لاءِ اهو لکندو هلان ته نانا چوڪ وٽ جيڪو ڀاواني شنڪر مندر ۽ رام مندر آهي اهي پڻ جگن ناٿ شنڪر سيٺ ٺهرايا.

No comments:

Post a Comment