Sunday, October 30, 2016

نواب پٽودي ۽ شرميلا ٽئگورجي جوڙي - الطاف شيخ

نواب پٽودي ۽ شرميلا ٽئگورجي جوڙي
الطاف شيخ
نواب آف پٽوڊي منصور علي خان جي زال شرميلا ٽئگور بنگال جي آهي ۽ نوبل انعام يافته رابندر ناٿ ٽئگور جي خاندان سان هن جي پري جي مائٽي آهي. در اصل اوڻهين صدي جي آخري سالن ۾ گاگيندرا ناٿ نالي هڪ بنگالي پينٽر جون ٺاهيل تصويرون دنيا ۾ بيحد مشهور ٿيون ۽ اڄ تائين آرٽ جي دنيا ۾ هن جو وڏو نالو آهي. شرميلا ٽئگور هن آرٽيسٽ جي پڙپوٽي ۽ ڪانا ڪندر ناٿ جي پوٽي آهي. شرميلا ۱۹۴۴ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ ڄائي جِتي سندس پيءُ گِيتندر ناٿ ٽئگور ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ ڪارخاني جو مئنيجر هو. حيدرآباد دکن ۾ رهڻ ڪري شرميلا جي اڙدو سٺي آهي ۽ ڪانوينٽ اسڪولن مان پڙهڻ ڪري انگريزي پڻ سٺي ڳالهائي ٿي.


شرميلا ۽ پٽوڊي (منصور علي خان) کي ٽي ٻار آهن: انڊيا جي بالي وڊ جو مشهور ائڪٽر سيف علي خان ۽ ٻه ڌيئرون: فلم ائڪٽريس سوحا علي خان ۽ زيورن جي مشهور ڊزائينر صبا علي خان.
نواب پٽوڊي ۽ سندس زال شرميلا ٽئگور کان جيترو اسان جي ٽهي واقف هئي، ان کان وڌيڪَ اڄ جا نوجوان بالي وڊ جي ائڪٽر سيف علي خان کان ۽ سندس ڪنوار ڪرينا ڪپور کان آهن، جيڪا پڻ بالي وڊ جي ٽاپ ائڪٽريس آهي. جنهن جا مختلف اشتهار: صابڻ ۽ شئمپو کان ڪارن ۽ ٽي وي تائين تي، سندس تصويرون نظر اچن ٿيون.... ۽ نه فقط پنهنجي ملڪ انڊيا ۾ يا دبئي، سري لنڪا، نيپال، بنگلاديش ۾ پر اسان جي ملڪ جي به شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪرينا ڪپور جون تصويرون بل بورڊن، رسالن، اخبارن ۽ ٽي وي تي ايندڙ اشتهارن ۾ نظر اچن ٿيون..... سو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسانجي ملڪ جا ماڻهو شهيد بينظير ڀُٽو بعد ٻئي نمبر تي ڪرينا ڪپور کي سڃاڻن ٿا.
اسان جي جواني وارن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي ۾ جِتي شرميلا ٽئگور، ممتاز، وجينتي مالا ۽ آشا پاريک جهڙيون بالي وڊ جون اداڪارائون مشهور ٿيون، اتي سنڌ کان لڏي آيل سنڌي هندو ڇوڪرين پڻ فلمن ۾ نالو پئدا ڪيو. انهن سڀني ۾ گهڻي مشهور ۽ سهڻي ساڌنا هئي.... يعني تن ڏينهن ۾..... هينئر ته اهي سڀ جي جيئريون آهن به ته اسان وانگر ستر سالن کان وڌيڪَ پوڙهيون ڏاڏيون نانيون هونديون. بهرحال ٻئي نمبر تي ڪمود ڇڳاڻي هئي ۽ ٽئين نمبر تي ساڌنا جي ڪزن ببيتا شِو ڏاساڻي هئي.
ساڌنا پنهنجي ائڪٽنگ جي شروعات سنڌي فلم ”اباڻا“ سان ڪئي. ان بعد لو ان شمله، ميري محبوب، وقت، وه ڪون ٿي ۽ راجڪمار جهڙين فلمن ۾ هيروئن ٿيڻ بعد سگهو ئي فلم ڊئريڪٽر آر ڪي نير سان شادي ڪري گهر وڃي وسايو. ان بعد وري فلمن ۾ نظر نه آئي. ببيتا، ساڌنا کان چار پنج سال ننڍي آهي. ۽ سندس پيءُ هري شوڏاساڻي پڻ پنهنجي وقت جو هلڪو ڦلڪو ائڪٽر هو. ببيتا جي ماءُ، هيرآباد (حيدرآباد) جي ڪرسچن هئي، جنهن جي گهر ۾ منهنجا ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا ڪلاس ميٽ ۽ درٻيلي جي جج مخدوم عبدالوالي جا پٽ احمد حسين مخدوم ۽ خالد حسين ننڍي هوندي انگريزي ٽيوشن پڙهيا.
ببيتا، شادي تائين ويهارو کن فلمن ۾ ڪم ڪيو، جهڙوڪ: دس لاکهه (۱۹۶۶ع)، فرض (۱۹۶۷ع)، حسينه  مان جائي گي (۱۹۶۹ع)، اولاد، ڪب، ڪيون اور ڪهان.... وغيره. ۱۹۷۱ع ۾ سندس شادي راج ڪپور جي پٽ رنڌير ڪپور سان ٿي ۽ ڪپور فئملي جي رواج موجب هن کي فلمون ڇڏي گهر وسائڻو پيو. کين ٻه ٻار (ڌيئون) آهن: ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور.... جيڪي ٻئي فلمي ائڪٽريسون آهن. ڪرشما ڪپور (ڄم جو سال ۱۹۷۴ع) پريم قيدي، اناڙي، راجا بابو، سهاگ، قولي نمبر ۱، سجن چلي سسرال جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو آھي ۽ ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي. سندس مڱڻو اميتاڀ بچن جي پٽ اڀيشيڪ سان ٿيو جنهن جو اعلان ۲۰۰۲ع ۾ اميتاڀ بچن جي ۶۰ هين سالگرهه جي موقعي تي ڪيو ويو هو. پر پوءِ ڪجهه مهينن بعد اهو ختم ڪيو ويو ۽ ڪرشما ۲۰۰۳ع ۾ سنجي ڪپور نالي هڪ سک ڪارخانيدار سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻه ٻار؛ هڪ ڌيءَ سمائرا ۽ هڪ پٽ ڪيان راج ڪپور آهن. سندن تازو گذريل سال عليحدگي ٿي آهي ۽ ڪرشما ٻارن سميت پنهنجي ماءُ ببيتا سان گڏ رهي ٿي.
ببيتا ۽ رنڌير ڪپور جي ننڍي ڌيءَ ڪرينا ڪپور ۱۹۸۰ع ۾ ڄائي ۽ بالي وڊ فلمن ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو اٿس خاص ڪري رفيوجي، ڪبهي خوشي ڪبهي غم، چميلي، جب وي ميٽ، باڊي گارڊ، قربان ۽ هيروئن وغيره. سندس گذريل سال (۲۰۱۲ع ۾) نواب آف پٽوڊي جي پٽ سيف علي خان سان شادي ٿي آهي. ڪرينا بالي وڊ جي اداڪارائن ۾ ڪافي پڙهيل ڳڙهيل آهي. پاڻ بنيادي تعليم جمنا ٻائي پارسي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ديراد ون جي ويلهم گرلس اسڪول مان پڙهي جِتان پوءِ ممبئي جي مِٺي ٻائي ڪاليج مان ڪامرس ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. ان بعد مائڪرو ڪمپيوٽر جي تعليم آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ هن کي Law پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ ممبئي جي گورنمينٽ ڪاليج آف لا ۾ داخلا ورتائين ان بعد کيس ائڪٽنگ جو شوق ٿيو ۽ ”ائڪٽنگ انسٽيٽيوٽ آف ممبئي“ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد فلمي دنيا ۾ آئي. ڪرينا جي سس شرميلا ٽئگور جڏهن  منصور علي (نواب آف پٽوڊي) سان شادي ڪئي هئي ته هوءَ هندؤَ مان مسلمان ٿي هئي پر ڪرينا ۽ سندس مڙس سيف علي خان جي وچ ۾ اهو طئه ٿيو آهي ته ڪرينا پنهنجو هندو ڌرم ئي قائم رکندي. ڪرينا پنهنجي مڙس سيف علي خان کان ۱۰ سال ننڍي آهي.
۱۹۷۱ع کانپوءِ جيتوڻيڪ انڊيا سرڪار هندستان جي سڀني نوابن جي قانوني حيثيت ختم ڪري ڇڏي آهي پر خانداني ريتن رسمن کي قائم رکڻ لاءِ سيف علي خان جي پيءُ منصور علي خان (پٽوڊي جي نائين نواب) جي ۲۰۱۱ع ۾ وفات تي ”پڳڙي“ رسم رچائي وئي جنهن ۾ سيف علي خان کي پٽوڊي خاندان جو ڏهون نواب قرار ڏنو ويو. سيف علي خان ۱۹۷۰ع ۾ نيو دهلي ۾ ڄائو. سندس پهرين فلم ۱۹۹۲ع جي يش چوپڙا جي ”پرمپرا“ هئي سندس ڪامياب فلمون ۱۹۹۴ع جون ”مين کلاڙي تو اناڙي“ ۽ ”يه دل لگي“ ثابت ٿيون. ان بعد ڏهاڪو کن سال ڪو ٻوٽو نه ٻارايائين پر پوءِ ۲۰۰۳ع ۾ ”ڪل هو نا هو“ ۽ ۲۰۰۴ ۾ فلم ”هم تم“ ۾ فلم فيئر ۽ نئشل ايوارڊ حاصل ڪري نالو روشن ڪيو اٿس.

سيف علي خان جي ڪرينا ڪپور سان ڪا پهرين شادي نه آهي. ۱۹۹۱ ۾ هن فلم ائڪٽريس امرتا سنگهه سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ ساران علي ۽ هڪ پٽ ابراهيم خان آهي. ۲۰۰۴ع ۾ طلاق ٿيڻ بعد ٻئي ٻار ماءُ وٽ رهن ٿا.

No comments:

Post a Comment