Thursday, September 29, 2011

شڪارپور جي نينگر جو اميريءَ ڏي سفر - الطاف شيخ


شڪارپور جي نينگر جو اميريءَ ڏي سفر
الطاف شيخ
ممبئي جي ڏاکڻي علائقي فورٽ ۾ پهچڻ لاءِ اسان کي جن جن رستن ۽ اهم عمارتن وٽان لنگهڻو پيو، پاڻ انهن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. انهن مان ماٽونگا ايسٽ واري علائقي مان به گذرياسين. مصطفيٰ بازار وٽان لنگهندي مهيش منيال ٻڌايو ته؛ ان جي ويجهو بوهري بازار به آهي. بوهرين جو بزنس سان تعلق آهي ۽ ڪراچي وانگر هنن جو ممبئي ۾ به وڏو بزنس آهي. هنن جا مرد توڙي عورتون، پنهنجي مخصوص لباس ڪري پري کان سڃاتا وڃن ٿا. 


مصطفيٰ بازار کان اڳ ٻن اسپتالن وٽان لنگهه ٿيو. هڪ جو نالو “بجاج آرٿوپيڊڪ اسپتال” نظر آيو ۽ ٻيءَ جو ڪنگ ايڊورڊ هاسپيٽل نوٽ ڪيم. جڏھن ته J.J. Hospitals مولانا آزاد روڊ بعد آهن. ممبئي ۾ اچڻ سان هڪ ڌارئي کي يڪدم محسوس ٿيو وڃي ته هن شهر ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون آهن. مهيش ٻڌايو ته؛ هن ۾ ڪجهه اسپتالون ته سرڪاري آهن، ٻيون خانگي ۽ خيراتي آهن جن ۾ مريضن کان فقط نالي ماتر في ورتي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح هتي جا ڪيترا ئي اعليٰ درجي جا اسڪول مفت ۾ تعليم مهيا ڪن ٿا، جن جو خرچ پکو مڪاني توڙي ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ امير سخي مرد ڀرين ٿا. انهن ۾ وڏو تعداد پارسين، گجراتين ۽ هندو سنڌين جو آهي. جيئن نوي ممبئي ۾ ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول آهي. ساڌو واسواڻي جي پوئلڳ سنڌي هندن چندا گڏ ڪري هيءَ ڪراچي جي گرامر اسڪول جهڙي عمارت ۽ معيار جو اسڪول ممبئي جي چاڪيواڙي ٽائيپ غريب بستيءَ ۾ ٺاهيو آهي، جتي ان علائقي جي ٻارن کي انٽر تائين مفت تعليم ڏني وڃي ٿي. هن علائقي جا ماڻهو مزدور، مهاڻا، ڀنگي، چوڪيدار ۽ ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ آهن، جن کي روزگار لاءِ روز لوڪل ريل گاڏيءَ ۾ ممبئي شهر وڃڻو پوي ٿو ۽ سندن علائقي ۾ هي اسڪول نه هجي ته هنن جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل ۽ مهانگي ٿي پوي، پر ساڌو واسواڻي مشن جهڙن مخير (Philanthropist) سوسائٽين ۽ ماڻهن پنهنجي ملڪ جي مجبور ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ اعليٰ قسم جي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ميسر ڪيون آهن.
هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندو هلان، ته انڊيا جي تعليمي ادارن توڙي صحت سان واسطو رکندڙ ادارن، اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ دوائن جو معيار نه فقط اسان جهڙن ملڪن کان مٿانهون آهي، پر ڪيترن ئي يورپي ملڪن کان بهتر ۽ سستو آهي. ڪيتريون اهڙيون بيماريون جن جو علاج اسان جي ملڪ ۾ ناممڪن آهي يا اڻپورو آهي، ان جا مريض انڊيا وڃن ٿا. ڪيترا امير انڊين جيڪي آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا، اهي پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ پنهنجي وطن موڪلين ٿا ۽ انڊيا جي يونيورسٽين، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين ڪاليجن جون هاسٽلون يورپ ۽ آمريڪا جا پاسپورٽ رکندڙ انڊين شاگردن سان ڀريون پيون آهن. ڇو جو انهن جا والدين سمجهن ٿا، ته سندن اصلي وطن انڊيا ۾ تعليم جي معيار سان گڏ امن امان جي صورت به بهتر آهي ۽ سندن ٻار اخلاق جي حدن ۾ رهي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ايشيا ۽ آفريڪا جي ته ڪيترن ئي ملڪن جا رهواسي پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ايران ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ، جتي جو تعليمي معيار بهتر آهي، اتي جا ماڻهو به پنهنجن ٻارن کي انڊيا موڪلين ٿا. خاص ڪري انهن سبجيڪٽن لاءِ جيڪي انهن ملڪن ۾ نٿا پڙهايا وڃن. پوني ۾ ڪيترا ئي ملئي ۽ ايراني شاگرد مليا جن ٻڌايو ته؛ انڊيا ۾ بهتر تعليم کان علاوه ٽيوشن في، هاسٽل جي رهائش ۽ کاڌو پيتو سستو آهي. ساڳيءَ طرح مختلف بيمارين جي علاج ۽ آپريشنن لاءِ ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ نه فقط انڊين پر عرب، يورپي ۽ آمريڪن انڊيا اچن ٿا. هو هوائي جهاز جو ڳرو ڀاڙو ڀرڻ جي باوجود انڊيا جي اسپتالن ۾ ٿيندڙ علاج، دوا درمل ۽ ڊاڪٽرن جي فين جي خرچ جو حساب لڳائين ٿا ته هنن کي سستو لڳي ٿو.
اسپتالن جي اعليٰ معيار ۽ غريب غربي جي علاج جي ڳالهه نڪتي ته مهيش مون کي “هندوجا اسپتال” بابت ٻڌايو ته؛ انڊيا جي اها پهرين اسپتال آهي، جنهن کي بين الاقوامي اعليٰ معيار جو سرٽيفڪيٽ ISO-9002 مليو هو ۽ بهتر ليبارٽري جي حساب سان پڻ هيءَ پهرين اسپتال آهي، جنهن کي ‘ڪاليج آف آمريڪن پئٿالاجسٽس’ طرفان مڃتا جو سرٽيفڪيٽ مليو هو.
“سائين هيءَ اسپتال هڪ امير ۽ سخي سنڌي فئملي هندوجا جي آهي.” مهيش چيو؛ “توهان کي شايد خبر نه هجي.
“مون کي خبر آهي.” مون وراڻيو؛ “1992ع ۽ 93ع ۾ لنڊن ۾ اقوام متحده جي جهازن سان واسطو رکندڙ اداري  IMO جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ دوران، هڪ ڊنر ۾ منهنجي گوپي چند هندوجا سان ملاقات ٿي هئي. ان بعد مون کي هنن ڀائرن ۽ هنن جي پتا شري پرمانند ديپچند هندوجا جي معلومات حاصل ٿي. هو بنا ڪنهن شڪ جي بيحد امير ۽ سخي آهن.
هندوجا (Hinduja) فئملي جيتري ممبئي ۾ مشهور آهي، ان کان وڌيڪ شايد لنڊن ۾ آهي ۽ مون سان گڏ رهندڙ مختلف ملڪن جا جهازي جيڪي سوئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي طرفان لنڊن ۾ ( IMOنٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن) جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ ايندا هئا، اهي “هندوجا برادرس” جو دنيا جي مختلف بزنيسن تي هولڊ هجڻ جو ٻڌي حيرت جو اظهار ڪندا هئا. لنڊن ۾ رهندڙ ٻئي ڀاءُ سريچند هندوجا کي جيتوڻيڪ ڏسڻ جو موقعو نه مليو پر سندس ڳالهيون اڪثر جهازن جي مالڪن کان ٻڌبيون هيون. هونئن به انگلينڊ ۽ سوئيڊن جي اخبارن ۾ سوئيڊش ڪمپني جي بوفور بندوقن جي ڪيس جي خبر ايندي هئي ته ان ۾ هندوجا ڀائرن جو به نالو ايندو هو. هي اهو بدنام زمانا ڪيس آهي، جنهن جي ڪري 1989ع ۾ راجيو گانڌي جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، جنهن تي اهو الزام هو ته ‘راجيو حڪومت’ سوئيڊن مان بندوقون خريد ڪرڻ تي اتي جي بوفور ڪمپني کان لکين ڊالر ڪميشن حاصل ڪئي، جيڪا هندوجا ڀائرن (لنڊن ۾ رهندڙ سريچند ۽ گوپيچند، ۽ جنيوا سوئيٽزرلئنڊ ۾ رهندڙ پرڪاش) جي معرفت پهچائي وئي هئي. ان سلسلي ۾ هنن ٽنهي ڀائرن تي 1990ع کان ڪورٽن ۾ ڪيس هلندو رهيو ۽ 15 سالن بعد 2005ع ۾ هندوجا ڀائرن کي مٿن مڙهيل ڏوهه کان بري ڪيو ويو. بي بي سي طرفان هن خبر جو عنوان هو:
After 15 years three of Hinduja family businessmen have been cleared of all charges in India’s Bofors arms corruption.
‘هندوجا’ نالي واپاري ڪمپني جو بنياد اڄ کان هڪ سؤ سال کن اڳ 1914 ع ۾ پرمانند ديپچند هندوجا ممبئي ۾ رکيو. 1919ع ۾ ان کي ايران شفٽ ڪيو ويو ۽ سٺ سالن تائين اتي ئي رهيو، جنهن بعد 1979ع ۾ جڏهن اتي اسلامي انقلاب آيو ته هنن کي پنهنجا هيڊ ڪوارٽر يورپ شفٽ ڪرڻا پيا. سريچند هندوجا ۽ گوپيچند هندوجا پنهنجي پيءُ جو ايڪسپورٽ بزنس هلائڻ لاءِ لنڊن اچي رهيا. ٽيون ڀاءُ پرڪاش جنيوا ۾  Settle ٿيو ۽ چوٿون ڀاءُ اشوڪ هتي ممبئي ۾ رهيو. لنڊن ۾ رهندڙ  “هندوجا ڀائرن” جي فئملي دنيا جي امير ترين فئملين مان سڏجي ٿي. هنن جو تيل جي ڪمپنين، بئنڪن، ميڊيا، دوائن جي ڪارخانن، ٽرڪن ۽ ڪپڙي جي ملن، چانهه ۽ گرم مسالي جي ڪمپنين ۽ فلم انڊسٽري ۾ پئسو لڳل آهي. سندن ڪاروباري ڪمپنيون ۽ ڪارخانا 50 کن ملڪن ۾ آهن جن ۾ 2500 ماڻهو ڪم ڪن ٿا. دنيا جي امير ترين ماڻهن جي رپورٽ موجب هندوجا فئملي دنيا ۾ تيرهين نمبر تي امير فئملي آهي. هن فئملي جا انڊيا ۾ ڪيترا ئي خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون آهن. سڀ کان وڏي اسپتال ممبئي جي ماهيم علائقي ۾ “پي. ڊي. هندوجا هاسپيٽل” آهي، جيڪا هن بزنيس ڪمپني جي باني “پرمانند ديپچند هندوجا” نالي آهي. هيءَ هڪ ماڊرن گهڻ بيماري واري Tertiary Care اسپتال آهي، جنهن ۾ ميڊيڪل ريسرچ سينٽر به آهي، جيڪو آمريڪا جي ماساچوسيٽ جنرل اسپتال، بوسٽن  جي سهڪار سان ڪم ڪري ٿو. هن اسپتال ۾ مريضن جي رهائش لاءِ 350 بسترا آهن. اسپتال جي رڪارڊ موجب 15 لک مريضن جو علاج ٿي چڪو آهي ۽ هيستائين هڪ لک کن آپريشنون ٿيون آهن ۽ هن اسپتال جي اعليٰ ليبارٽري بابت مٿي لکي چڪو آهيان.
گذريل اڌ صديءَ ۾ مون کي دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن تي سنڌ جا هندو واپاري مليا آهن، پر هندوجا وارن کي انهن کان مختلف ان ڪري ٿو سمجهان، ته هي مختصر عرصي ۾- يعني ستر، اسي سالن اندر سڄي دنيا ۾ مشهور ۽ مٿانهان ٿي ويا. ٻين امير واپارين جو بزنيس ته ڪيترين پيڙهين کان هلندڙ هو. هندوجا (Foundation) ڪمپني جو پايو رکندڙ پرمانند 1901ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ ممبئي (بمبئي) سپنن جي ساڀيان جي ڌرتي هئي. ننڍو نينگر پرمانند 14 سالن جو هو ته هو پنهنجي ماءُ پهنچ ٻائي ۽ پيءُ ديپچند کان موڪلائي پنهنجي خوابن جي تعبير حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ پهتو. ڪنهن ٿي سوچيو ته هي بزنيس ۾ ايڏي ته ڪاميابي حاصل ڪندو جو دنيا جون اهم شخصيتون ويندي آمريڪا جو صدر بل ڪلنٽن، جارج بش سينئر، ايران جو شهنشاهه، انگلينڊ جو وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ راڻي ايلزبيٿ سندس انگلينڊ ۾ رهندڙ پٽن سري چند ۽ گوپي چند جي دوستن جي سرڪل ۾ ايندا ۽ ٻاهر رهندڙ انڊين ۾ ٻئي نمبر تي (اسٽيل جي شهنشاهه لڪشمي مِٺل بعد) ڪامياب ۽ امير بزنيس مين ثابت ٿيندا! جيڪي فقط لنڊن ۾ ٿيمس نديءَ تي ٺهندڙ ‘ملينيم ڊوم’ لاءِ اتي جي وزير پيٽر مئنڊلسن کي هڪ ملين پائونڊ (اڄ جي حساب سان 12 ڪروڙ رپيا) چندو  (Donation)ڏيندا!
سو آئون هميشھ شري پرمانند جو سوچيندو آهيان ته 1915 ع ۾ جڏهن شڪارپور کان سکر يا حيدرآباد تائين سفر به ڪو سولو نه هو ۽ اسان جا ماڻهو ميهڙ، نصيرآباد يا وڳڻ کان لاڙڪاڻي ويندي به پاڻ کي پرديسي سمجهندا هئا. هي نينگر پرمانند جنهن جا ٻيا هم عمر جڏهن اٺين نائين ڪلاس ۾ پڙهي رهيا هئا ته هي قسمت آزمائڻ خاطر ڳوٺ جون گهٽيون ڇڏي اڪيلي سر ممبئي جهڙي شهر ۾ اچي نڪتو. اسان جا اڄ به ڪيترا نوجوان سنڌ جا ڳوٺ ڇڏي ڪراچي شهر ۾ اچي ڪو پورهيو يا مزدوري ڳوليندي ڪيٻائين ٿا. پرمانند اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود ممبئي ۾ ايڏي ته محنت سان پورهيو ۽ دڪانداري ڪئي ۽ هن کي ايڏو ته اعتماد پيدا ٿيو، جو پنجن سالن بعد ممبئيءَ کي خيرآباد چئي ايران ۾ اچي پنهنجو بزنيس سيٽ اپ ڪيو. هن پنهنجن ٻارن کي به ننڍي هوندي کان پاڻ سان گڏ پورهئي ۾ لڳايو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگلينڊ ۾ رهندڙ گوپي چند هندوجا، جنهن سان منهنجي لنڊن ۾ ملاقات ٿي، سٺي انگريزي نٿي ڳالهائي ۽ ڪيترا ئي ماڻهو سري چند هندوجا تي به اها ئي تنقيد ڪن ٿا، ته هو اعليٰ تعليم يافته نه آهن ۽ نه هنن جي انگريزي سٺي آهي. پر آئون اها ڳالهه حج واري سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪراچي جي دهلي پنجابي سوداگران (جن سان گڏ مون حج ڪيو) جو اولاد مئٽرڪ به پاس ناهي، پر هنن جي ڪامرس ۽ ايڪانامڪس بابت عملي ڄاڻ سان ان سبجيڪٽ جا Ph.D پروفيسر به نه پڄي سگهن. اهو ئي حال هندوجا فئملي سان آهي. ٻي ڳالهه ته اسان جي امير بزنيس مين، سياستدانن يا سرڪاري ڪامورن جا ٻار سٺي انگريزي ان ڪري ڳالهائين ٿا، جو هو ننڍي هوندي انگريزي ميڊيم اسڪولن مان پڙهن ٿا ۽ ننڍي هوندي کان گهر ۾ ۽ گهٽيءَ جي ٻارن سان انگريزي ڳالهائڻ جي پريڪٽس ڪن ٿا. پرمانند 19 سالن جي عمر ۾ ممبئي کان ايران هليو ويو، جتي سندس ٻار (سري چند، گوپي چند، پرڪاش، اشوڪ ۽ ڀيڻ شانتي جماڻي جنهن جو ويجهڙائيءَ ۾ ديهانت ٿيو) سٺ سال ايران ۾ رهيا. ان بعد 1979ع ۾ هو لنڊن لڏي ويا. پر شري پرمانند ديپ چند جي اولاد “هندوجا برادرس” هميشھ تعليم کي اهميت ڏني آهي ۽ انڊيا ۾ ڪيترا ئي تعليمي ادارا کوليا آهن، پرمانند 1944ع ۾ جيڪو پهريون خيراتي ٽرسٽ اڏايو اهو تعليم لاءِ هو. هي ٽرسٽ هن پنهنجي والده (يعني سريچند وارن جي ڏاڏيءَ) نالي “شريمتي پهنچ ٻائي ديپ چند هندوجا” ٽرسٽ هو، جنهن ممبئيءَ ۾ اسڪول هلايو ٿي. اڄ اهو چرني روڊ تي KPB هندوجا ڪاليج آف ڪامرس آهي. هي ڪاليج ممبئي جي اعليٰ ڪاليجن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ چار هزار اسٽيٽ گرانٽ ڪورسز ۾ شاگرد آهن ۽ 600 شاگرد نان گرانٽ ڪورسز ۾ آهن.
ممبئي ۾ هندوجا فائونڊيشن جي آفيس وورلي ۾ ڊاڪٽر ائني بسنت روڊ تي “هندو جا هائوس” بلڊنگ ۾ آهي، جنهن جو فون نمبر 2496070-22-0091 آهي ۽ اي ميل ائڊريس  foundation@hinduyaghoup.com.آهي. شري پرمانند 1971ع ۾ وفات ڪري ويو.
هندوجا وارن جي واپاري خصلتن جون انگريز به تعريف ڪن ٿا. شري پرمانند جا ٺهيل اصول جنهن تي سندس اولاد هلندو اچي ۽ ڌاريان تعريف ڪن ٿا، ڪجهه هن ريت آهن:
·         دل لڳائي محنت ڪريو ۽ جيڪو وعدو (Commitment) ڪريو ٿا اهو پورو ڪريو. بلڪ ٻئي سان ڪمٽمينٽ ئي تڏهن ڪريو، جڏهن توهان ڏسو ٿا ته توهان اها پوري ڪري سگهندؤ. پوءِ اهو ڪم پورو ڪرڻ فرض سمجهو. يعني؛  Duty to Work.
·         زبان تي قائم رهو يعني Word is a bond ائين ڪندؤ ته گراهڪن، مزدورن، مال سپلاءِ ڪندڙن ۽ ڪارخانيدارن جو توهان تي ڀروسو رهندو.
·         انٽرنيشنل مارڪيٽن ۾ ضرور وڃو پر هنن جي مڪاني ضرورتن کي ڌيان ۾ رکو يعني،Act Local Think Global
شري پرمانند کي ننڍي هوندي کان سندس ماتا اها عادت وڌي، ته هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو خيرات لاءِ رکي. ان ڳالهه تي اڄ به هندوجا فئملي قائم آهي. هنن جي اها ئي فلاسفي آهي ته هو جنهن سوسائٽي سان تعلق رکن ٿا، ان کي به فائدو رسڻ کپي ۽ هنن لاءِ سوسائٽي جي بهتري لاءِ سڀ کان اهم شيءِ تعليم ۽ صحت آهي. هڪ انٽرويو ۾ ان بابت سري چند ڳالهائيندي چيو هو:
Good Health and Education are not essential for the progress but also are the fundamental rights of every human.
شري پرمانند ۽ سندس زال جمنا ديوي اڪثر اهو چوندا هئا ته؛ اسان گهڻي کان گهڻي محنت ڪريون ٿا، جيئن گهڻي کان گهڻي خيرات (Chairty) ڏئي سگهون.

No comments:

Post a Comment