Friday, January 13, 2012

بمبئي جي هر عمارت ڪنهن جي ياد ڏياري ٿي - الطاف شيخ


بمبئي جي هر عمارت ڪنهن جي ياد ڏياري ٿي...
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ هڪ ٽيبل تي جيڪي ڌارين ملڪن جا شاگرد ويٺا هئا، تن ۾ هڪ روسي رياست جارجيا جو به هو، جنهن سان پروفيسر ڊاڪٽر منوهر جي اڳواٽ سڃاڻپ هئي، جو جيئن اسان ڪئنٽين ۾ داخل ٿياسين ته هن اٿي بيهي منوهر کي کيڪاريو.
”سڃاڻين ٿو ڪير ٿي سگهي ٿو؟“ منوهر مون کان سنڌيءَ ۾ پڇيو.
سندس قدآور جسم ۽ گوري ڳاڙهي رنگت ڏسي چيومانس ته؛ پٺاڻ يا افغاني ٿو لڳي.
”نه جارجين آهي،“ منوهر هن کي مون سان ملائيندي چيو، ”آئون سندس ڳوٺائيءَ ڪري سندس عزت ڪندو آهيان، جنهن جا ڪتاب پڙهي اسان وڏا ٿيا آهيون.“




آئون يڪدم سمجهي ويس ته منوهر جو اشارو مرزا قليچ بيگ ڏي آهي. سنڌ جي نوجوان شاعر، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي باس نصير مرزا توڙي DIG پوليس نجف مرزا ۽ اسان واري پيٽارين ۽ آصف زرداري جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي آئون اڪثر نالي وٺڻ بنا جارجين سڏيندو آهيان.
”هن شاگرد کي ٻڌايو اٿئي ته سندس جارجين هم وطن مرزا قليچ بيگ هن ممبئي يونيورسٽي ۾ فارسي جو پروفيسر به رهي چڪو آهي.“ مون ڊاڪٽر منوهر کان پڇيو.
”ها ۽ سندس ڪتاب جيڪي ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل نهرو لائبريريءَ ۾ رکيل آهن، اهي پڻ ڏيکاريا اٿمانس.“ ڊاڪٽر منوهر ٻڌايو.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ وڏو اسڪالر ۽ سرڪاري ڪامورو ٿي گذريو آهي. جنهن سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ڏنا. هن جا وڏا جارجيا کان لڏي ايران اچي رهيا. جتان مرزا قليچ بيگ جو پيءُ مرزا فريدون بيگ ميرن جي حڪومت ۾ حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ڏيٺ ويٺ ڪري هن جا مير ڪرم علي ٽالپر سان سٺا تعلقات ٿي ويا ۽ هن کي پڪي قلعي ۾ رهڻ جو شرف بخشيو ويو.
1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ مير حاڪمن کي ڪلڪتي ڏياري موڪليو ته فريدون بيگ ڦليلي ڪئنال تي هڪ ننڍڙي مهاڻن جي ڳوٺ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي 7 آڪٽوبر 1853ع تي مرزا قليچ بيگ جنم ورتو. مرزا قليچ بيگ ڳوٺ جي مدرسي مان قرآن پڙهيو. هو بيحد هوشيار شاگرد هو ۽ هن کي مختلف زبانون سکڻ جو شوق هو. سنڌي ۽ فارسي ته هونءَ ئي سندس گهر جي زبان ٿي. ان کان علاوه هن عربي به سکي ورتي. پرائمري تعليم بعد هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتي ۽ 1872ع ۾ اعليٰ مارڪن سان هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان بعد هن بمبئي جي مشهور ’ايلفنسٽن ڪاليج‘ ۾ اچي داخلا ورتي، جتي هن فارسي جي اعليٰ ڄاڻ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ 1875ع ڌاري جيئن ئي هن گرئجوئيشن ڪئي ته کيس بمبئي يونيورسٽي ۾ فارسي زبان جو پروفيسر ڪري رکيو ويو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ بمبئي يونيورسٽي جو فقط فورٽ وارو ڪئمپس هو.
مرزا قليچ بيگ بمبئي ۾ گهڻو عرصو نوڪري نه ڪري سگهيو، سندس ماءُ جي وفات بعد هو سنڌ موٽي آيو ۽ سرڪاري نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪيو. کيس پهرين شڪارپور ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. سندس بدليون مختلف شهرن ۾ ٿينديون رهيون. ٽيهارو کن سال سرڪاري نوڪري ڪرڻ بعد، ڊپٽي ڪليڪٽر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. کيس سڄي عمر لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو ۽ نه فقط پنهنجا پر انگريزي ادب جا به ڪيترا ئي ڪتاب هن سنڌي ۾ ترجمو ڪيا. سندس ڪجهه ڪتابن تي ڊراما ۽ فلمون به ٺهي چڪيون آهن.
مرزا قليچ بيگ کي ڇهه ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون زيب النساءِ ۽ شرف النساءِ هيون. زيب النساءِ کي اولاد نه ٿيو. اسان وارو ريڊيو پاڪستان سان واسطو رکندڙ سنڌي شاعر ۽ ٽي وي ائنڪر نصير مرزا شرف النساءِ جو پوٽو آهي. مرزا قليچ بيگ جي ڀائرن ۾ وڏو مرزا غلام رضا بيگ هو، ان بعد صادق قلي بيگ ۽ پوءِ ٽئين نمبر تي مرزا قليچ بيگ آهي. ان بعد چوٿين نمبر تي علي قلي بيگ آهي، جنهن سچل سائين جو پهريون رسالو مرتب ڪيو. علي قلي بيگ جو پوٽو (۽ امداد بيگ جو پٽ) مرزا مقبول بيگ مرچنٽ نيوي ۾ آيو ۽ ڪجهه سال Sail ڪرڻ بعد هن سامونڊي زندگي ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ بزنيس ڪيو.
مرزا قليچ بيگ جي ڀائرن ۾ پنجين نمبر تي حيدر قلي بيگ ۽ ڇهين تي نجف قلي بيگ ۽ ان بعد ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ آهي جيڪو پاڪستان جو پهريون ڊاڪٽر آهي جنهن انگلينڊ مان FRCS ڪئي جنهن جي پوٽي شيرين مرزا آهي، جنهن جو Emily نالي يادگيرين جو انگريزي ڪتاب آهي. پاڪستان جي مشهور تعليمدان مئڊم انيتا غلام علي، شيرين مرزا جي ڌيءَ آهي. مقبول مرزا کان علاوه هن فئملي جا ٻه ٻيا به مرچنٽ نيوي ۾ رهيا، جن سان مون کي ڪافي سال ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ مرزا قليچ بيگ جي وڏي پٽ مرزا نادر بيگ جو پٽ ضامن مرزا جيڪو گهر ۾ ’سني‘ سڏجي ٿو ۽ اسان پڻ هن کي ڪئپٽن سني مرزا سڏيندا هئاسين. ڪجهه سال اڳ هن جي وفات ٿي. ٻيو چيف انجنيئر مرزا اقبال بيگ جيڪو اڄ ڪلهه دبئي جي شپ يارڊ ۾ ڪم ڪري ٿو، مرزا قليچ بيگ جي پٽ مرزا اختيار بيگ جو پٽ آهي. مرزا قليچ بيگ کي 18 پٽ ۽ 3 ڌيئون ٿيون. سندن اولاد مان ڪيتريون اهم شخصيتون آهن، جن کان سڄي سنڌ واقف آهي. جيئن ته مرزا اعجاز بيگ EDO تعليم، نجف قلي مرزا پوليس کاتو، رٽائرڊ جج ظفر مرزا صاحب ۽ سندس پٽ هوم منسٽر ذوالفقار مرزا، فيروزه اسد بيگ عربي ۽ فارسي جي وزيٽنگ پروفيسر جيڪا پاڪستان ۽ ايران جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏئي ٿي.
 ڪراچي يونيورسٽي وارا ڊاڪٽر فائزه مرزا کان ضرور واقف هوندا، جيڪا اتي جي پرشين ڊپارٽمينٽ جي هيڊ آهي ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ دلشاد مرزا کي به سڃاڻندا هوندا جو هوءَ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر آهي.
بهرحال توهان جو ممبئي يونيورسٽي فورٽ واري ڪئمپس يا ممبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج وٽان گذر ٿئي ته سنڌ جي هن مشهور ليکڪ مرزا قليچ بيگ کي ضرور ياد ڪجو، جنهن سڄي زندگي لکڻ پڙهڻ ۾ گذاري ڇڏي. ممبئي اهڙو ته تاريخي شهر آهي، جنهن جي روڊن رستن تان لنگهندي، جنهن جي آڳاٽن تعليمي درسگاهن ۽ مندر مسجدن وٽان گذرندي اسان کي ڪيتريون ئي دلپسند شخصيتون ياد اچيو وڃن. هڪ اهڙي ئي شخصيت جنهن سان جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ ڪولمبو، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن شهرن ۾ ملاقات ٿي، جتي هن جو فلمن جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ اچڻ ٿيندو هو ۽ هينئر ويجهڙائيءَ ۾ هن کي دبئي ۾ دين جي تبليغ ڪندي ڏٺم ۽ کانئس ڪافي ڪجهه پرايو اٿم، اهو شخص انڊين فلمن جي ڄاتل سڃاتل شخصيت قادر خان آهي، جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ ممبئي جي بائڪلا (Byculla)  علائقي جي شيفرڊ روڊ تي ٺهيل سابو صديق (M.H.Saboo Siddik) انجنيئرنگ ڪاليج اڳيان لنگهندي ڏاڍو ياد ڪيم. پنهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ کي چيم، ته هن ڪاليج اڳيان منهنجا ٻه چار فوٽو ڪڍي ته دبئي وڃي پاڻ يا ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ کي موڪليان ته قادر خان کي ڏيکاري، جيڪو اڄ ڪلهه دبئي ۾ رهي عربي زبان ۽ اسلام جي تعليم ڏئي رهيو آهي. قادر خان جي عثمانيا يونيورسٽي مان عربي زبان ۾ ماسٽرس جي ڊگري ڪيل آهي ۽ بائڪلا جي M.H. Saboo Siddiq انجنيئرنگ ڪاليج ۾ 1970ع کان 1975ع تائين هن پڙهايو آهي. قادر خان فلمي دنيا ۾ ائڪٽر، ڪاميڊين، اسڪرپٽ رائيٽر، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر مشهور آهي. هن 250 کان مٿي فلمن ۾ ائڪٽنگ ڪئي آهي. سندس گووندا سان گڏ ائڪٽنگ واريون فلمون تمام گهڻيون مشهور آهن. جيئن ته: آنکھين، اکھيوں سي گولي مارے، چلو عشق لڙائين، ھيرو نمبر ون، واہ تيرا کيا کہنا، کہلم کھلا پيار کریں، قرض چکانا ھي ۽ زخموں کا حساب، وغيره.
قادر خان 1937ع ۾ پشين نالي شهر ۾ ڄائو جيڪو هينئر پاڪستان ۾ آهي ۽ بمبئي جي بدنام پاڙي ڪما ٿِيپورا ۾ وڏو ٿيو. قادر خان فلمي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ بائڪلا جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. ڪاليج جي سالياني فنڪشن جي هڪ ڊرامي ۾ هن اداڪاري ڪئي. اتفاق سان هِن فنڪشن ۾ دليپ ڪمار به مهمان طور آيل هو. هن کي قادر خان جي ائڪٽنگ اهڙي ته وڻي وئي، جو هن پنهنجي ايندڙ فلم ۾ کيس پارٽ ڏنو. قادر خان ٽوٽل 300 کن فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هڪ هزار کان مٿي فلمن جا ڊائيلاگ لکيا آهن. هن گووندا کانسواءِ شڪتي ڪپور ۽ جاني ليور جهڙن ڪاميڊين سان پڻ ڪم ڪيو آهي.
قادر خان ويجهڙائي ۾ هنن فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي: مجھ سي شادي کروگي (2004ع)Lucky: No Time for Love,  (2006ع) ۽ Family: Ties of Blood ٽيليويزن سيريز ”ہنسنا منع ھي“ ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي ۽ ممبئي فلم سٽي اسٽوڊيو وارن جي مزاحيه فلم ”انداز اپنا اپنا“ پڻ لکي آهي. سندس پٽ سرفراز خان پڻ ڪجهه فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.
قادر خان هڪ پڪو مسلمان آهي هن 80ع واري ڏهي ۾ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ دوران حيدرآباد دکن (آنڌرا پرديس) جي عثمانيا يونيورسٽيءَ مان عربي زبان ۾ M.A ڪئي. اڄ ڪلهه هو ڪئناڊا ۾ ”عرئبڪ لئنگوئيج انسٽيٽيوٽ“ کولي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ هن جو انڊيا، پاڪستان، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ان قسم جو تعليمي ادارو ٺاهڻ جو ارادو آهي.قادر خان کي 1991ع ۾ ”باپ نمبري، بيٽا دس نمبري“ فلم تي فلم فيئر ايوارڊ ملي چڪو آهي. سندس ڪجهه ٻين فلمن جا نالا آهن: اناڙي نمبر ايک، جوڙو کا غلام، گليون کا بادشاھ، سندور کي سوگند، سنو سسر جي، جينا صرف ميرے لئي، بلا نمبر ۷۸۶... وغيره.

No comments:

Post a Comment