Saturday, January 07, 2012

سائين بابا ڪير آهي؟ الطاف شيخ


سائين بابا ڪير آهي؟
الطاف شيخ
گذريل دفعي دهلي آيس، ته اتي ڪيترن ئي هنڌن تي سائين بابا (Sai Baba) جون تصويرون نظر آيون. هڪ هنڌ مندر به سائين بابا نالي هو. هڪ ڏينهن ٽرڪ جي پويان به هن فقير جي تصوير ڏٺم. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪيترن مدراسي ۽ تامل هندن جي ڳچيءَ ۾ سائين بابا جي تصوير جا لاڪيٽ ڏسندو هوس. هاڻ هتي ممبئي ۽ پوني ۾ ته ڪيترن ئي دڪانن جا نالا هن بزرگ نالي نظر آيا آهن. ممبئي يونيورسٽي جي ٻاهران جنهن مراٺيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماني کائڻ وڃان ٿو، ان ريسٽورنٽ جو نالو به سائين بابا آهي.


سائين بابا اهڙو نالو آهي، جيڪو کڻي ڪنهن هندوءَ جو هجي يا مسلمان جو پر سندس سنڌ سان واسطو لڳي ٿو. ڪيترا هندو سنڌي شاهه لطيف، اڏيرو لعل، قلندر شهباز کي به مڃين ٿا ۽ پنهنجن گهرن ۽ دڪانن ۾ به تصويرون رکن ٿا، پر افسوس جي ڳالهه ته سائين بابا سنڌي بزرگ هجڻ جي باوجود مون کي هن بابت ڄاڻ نه هئي ۽ ٻي ڳالهه ته هن جو سنڌ ۾ ته ورلي ڪو نالو ٻڌجي ٿو. پر هيڏانهن ممبئي پوني ۽ سنگاپور ملائيشيا کان علاوه آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن تي به سائين بابا جو نالو مشهور آهي. سو ممبئي ڇڏڻ وقت، ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي کان سائين بابا جو پڇيم ته ڪير آهي... اترادي آهي يا لاڙي يا مٺي ڇاڇري پاسي جو آهي؟
”سائين منهنجا! هي بزرگ سائين بابا هن رياست مهاراشٽرا جو آهي ۽ اها اڄ تائين پڪ نه ٿي سگهي آهي ته هو مسلمان هو يا هندو.“
ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته؛ سائين بابا جنهن کي شردي سائين بابا به سڏيو وڃي ٿو 1835ع ۾ ڄائو، پر اها خبر ناهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي فئملي ۾ پيدا ٿيو. هن مرڻ گهڙيءَ تائين اها ڳالهه راز ۾ رکي. ان ڪري انڊيا جا مختلف هندو توڙي مسلمان خاندان، هن کي پنهنجي ڪٽنب جو ماڻهو چوڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
”ماڻهن سائين بابا کي تڏهن ڏٺو، جڏهن هو سورهن سالن جو هو ۽ هن رياست جي احمد نگر ضلعي جي شهر شرڌي (Shirdi) ۾ آيو.“ ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو؛ ”هو هن شهر جي مسجد ۾ اچي رهيو. جنهن کي هو ’دوارڪا مايي‘ سڏيندو هو. هو ٽي سال ماٺ مٺوڙي ۾ رهيو. ان بعد سڄو سال غائب ٿي وڃڻ بعد، موٽي آيو. سندس موت به هتي شرڌي ۾ ٿيو ۽ هڪ هندو مندر ۾ دفن ٿيل آهي.“
چون ٿا ته؛ سائين بابا سڄو سڄو ڏينهن اس ۽ گرميءَ ۾ نم جي وڻ هيٺان پٿل ماري ويٺو هوندو هو ۽ هڪ نوجوان کي پنهنجي زندگي ائين گذاريندو ڏسي، شهر جي ماڻهن کي بيحد حيرت ٿي ۽ هو سمجهي ويا ته هي هڪ عام ماڻهو نه آهي. پوءِ ڪجهه سالن بعد ماڻهن کي قرآن ۽ ويد پڙهڻ جي تلقين ڪرڻ لڳو. هن جي زبان تي هر وقت ”الله مالڪ آهي“ هوندو هو. رکي رکي نعرو هڻندو هو، ته ”سب ڪا مالڪ ايک“. هن جي ڳالهين ۽ نصيحت ڀريل گفتن ۾ هندو ڌرم ۽ اسلام جون ڳالهيون هونديون هيون. سندس ڪيترا ئي هندو توڙي مسلمان چيلا ۽ پوئلڳ ٿيا، جن ۾ مهَر بابا به هڪ آهي، جيڪو صوفي منش هو ۽ هي پهريون غير مجوسي هو جنهن کي انڊيا جا باهه جا پوڄاري پارسي پير ڪري مڃيندا هئا. ان کان علاوه اپاسني مهاراج به سائين بابا جو مشهور مريد آهي. سندس ڪيترن پوڄارين جو اهو چوڻ آهي ته؛ سائين بابا انسان نه پر انسان جي شڪل ۾ ديوتا هو. ڪيترن هندن جو اهو يقين آهي ته هو سندن شو ديوتا يا داتا تريوا جو اوتار يعني ٻيو جنم آهي.
سائين بابا جا گجرات ۽ مهاراشٽرا رياستن ۾ تمام گهڻا پوڄاري آهن. ان بعد ڏکڻ هندستان جا تامل، مدراسي وغيره جيڪي سنگاپور، سري لنڪا ۽ ملائيشيا ۾ پڻ آهن. هنن جو چوڻ آهي ته اسان سائين بابا کان جيڪو گهرون ٿا اهو مليو وڃي. هو اسان جي دل جون مرادون پوريون ڪري ٿو.
سائين بابا لاءِ مشهور آهي، ته هن مرڻ کان اڳ پنهنجن مريدن کي يارهن خاطريون ڏنيون جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
·         جيڪو هن شهر جي ڌرتيءَ تي قدم رکندو، ان جي مشڪل آسان ٿي ويندي.
·         شردي واري مسجد جي ڏاڪڻ تي پير رکڻ سان سائل کي خوشيون نصيب ٿينديون.
·         مري وڃڻ بعد آئون توهان جو اڃان به وڌيڪ خيال ڪندس.
·         منهنجي قبر جو گنبذ سوالين جون گهرجون پوريون ڪندو.
·         توهان جڏهن به مون کي ڏسندائو ته آئون توهان کي ڏسندس.
·         پنهنجو بار منهنجي حوالي ڪرڻ سان آئون خوشيءَ سان کڻندس. وغيره وغيره.
۽ پوءِ توهان کي خبر آهي ته اسان وٽ هندو هجي يا مسلمان، ايمان جا ڪچا، انڊيا توڙي پاڪستان ۾ اهڙن پيرن جي قبرن تي پهچيو وڃن. هن شهر شردي ۾ به روزانو گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار ماڻهو اچن ٿا ۽ خاص ڏينهن تي ته اڃا به گهڻا. سندس تصويرون، ڪارڊ ۽ لاڪيٽ سڀ کان گهڻا وڪامن ٿا. مذھبن جي ڄاڻ بابت جڙيل انسائيڪلوپيڊيا Gale Encyclopedia of Religion مطابق، انڊيا جي هر شهر ۾ سائين بابا جو مندر آهي ۽ هن جون سڀ کان گهڻيون مورتيون (Images) ٺهن ٿيون.
سائين بابا تي ڪيترن ئي بايوگرافيون لکيون آهن، جن مان ڪيترن جو اهو چوڻ آهي ته، سائين بابا پاڻ خواب ۾ يا حقيقت ۾ سامهون ظاهر ٿي هنن کي پنهنجي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪرامتون لکايون آهن. انهن ۾ گهڻو مشهور ”شري سائين ست چريتا“ آهي، جيڪا مراٺيءَ ۾ 1916ع ۾ گووندراءِ راگهو ناٿ لکي آهي، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو نگيش واسو ديوانند ڪيو آهي.
سائين بابا تي ڪيتريون ئي فلمون ۽ ٽي وي سيريل، مختلف زبانن تامل، تيلگو، ڪنهڙ، مراٺي وغيره ۾، اچي چڪيون آهن. انهن ۾ هندي جي پڻ مشهور فلم ”شردي کي سائين بابا“ آهي، جيڪا 1977ع ۾ ٺهي هئي ۽ هن ۾ منوج ڪمار، راجيندر ڪمار، هيما ماليني، شتروگهن سنها، سچن ۽ پريم ناٿ ڪم ڪيو هو. 1993ع واري مراٺي فلم ”سائين بابا“ ۾ لليتا پورا به ڪم ڪيو آهي. سائين بابا تي هنديءَ جي هڪ ٻي فلم ”مالک ايک“ هن سال ٺهي آهي، جنهن ۾ جئڪي شيروف، منوجڪمار، ڊوِيا دتا، روهيني، انوپ جلوٽا ۽ زرينا وهاب ڪم ڪيو آهي.
اسان مان ڪيترن 1977ع جي هندي فلم امر، اڪبر، ائنٿوني ته ضرور ڏٺي هوندي، جنهن ۾ رشي ڪپور اڪبر نالي مسلمان ٿيو آهي، جنهن ۾ هو محمد رفيع جي آواز تي ”شرڌي والي سائين بابا“ گانو ڳائي ٿو. ڪجهه سال اڳ انڊيا جي اسٽار ٽي وي تي پڻ رامانند ساگر جي هندي ٽي وي سيريز ”سائين بابا“ هلي هئي.
*
سائين بابا جي ڳالهه نڪتي آهي، ته پڙهندڙن لاءِ اهو به لکندو هلان ته سائين بابا هڪ نه پر ٻه آهن. هڪ ته شردي وارو سائين بابا، جنهن جو مٿي احوال لکي چڪو آهيان، جيڪو ڏاڙهي سان پوڙهو آهي. هو 1835ع ۾ ڄائو ۽ 1918ع ۾ گذاري ويو ۽ هن جي قبر پوني جي ڀر واري ضلعي احمد نگر جي شهر شرڌي (Shirdi) ۾ آهي، جنهن ڪري هو شردي وارو سائين بابا سڏجي ٿو. هو مراٺي هو پر هندي به ڳالهايائين ٿي. ٻيو سائين بابا بنا ڏاڙهيءَ جي آهي جيڪو اڃا جيئرو آهي، هن جا وار وڏا ۽ گهنڊيدار آهن. (ياد رھي ته سٿيا سائين بابا، ۲۴ اپريل ۲۰۱۱ع تي ۸۴ سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو آھي.) ڏسڻ ۾ ويسٽ انڊيز جو ڳائڻو لڳي ٿو ۽ بنا شڪ جي هي سائين بابا سٺو ڳائڻو به آهي. سندس سڄو نالو سٿيا ناراينا راجو آهي، ان ڪري هي سائين بابا ”سٿيا سائين بابا“ سڏجي ٿو. هي به انڊيا ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ سندس پوئلڳ، لکن جي تعداد ۾ آهن. هن سائين بابا جون ٻه مورتيون ۽ تصويرون توهان کي جتي ڪٿي نظر اينديون، خاص ڪري ڏکڻ انڊيا ۾. اهو ان ڪري جو سٿيا سائين بابا جو تعلق ڏکڻ هندستان جي رياست آنڌرا پرديش سان آهي. سندس چوڻ آهي، ته هو شردي واري سائين بابا جو ٻيو جنم (Re-Incarnation) آهي.
 سٿيا سائين بابا نومبر 1926ع ۾ آنڌرا پرديس رياست جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ”پُوتا پارٿي“ ۾ ايسووراما ۽ ماءُ پيدا وينڪاما جي گهر ۾ جنم ورتو. هينئر هو (اگر حال حيات ھجي ھا ته) سمجهو ته 85 سالن جو ٿيندو، پر سندس تصويرون ٽيهه چاليهه ورهين جي ڄمار جون نظر اچن ٿيون. هن سائين بابا جي ڪرامتن جو ذڪر ڪندي، جتي سندس مريد ٿڪجن نٿا، اتي هن کي فراڊ ۽ غلط ماڻهو چوڻ وارا به گهٽ نه آهن. ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ ڪم ڪندڙ روم اٽينڊنٽ مڪيش (جنهن جي ڳچيءَ ۾ هن سائين بابا جي مورتي وارو لاڪيٽ نظر آيو ٿي) ان ٻڌايو، ته سائين بابا جڏهن ڄائو هو ته هو عام ٻارن وانگر رنو نه هو، پر ماءُ ڏي ڏسي مرڪندو رهيو. ان ڳالهه ’پوتا پارٿي‘ ڳوٺ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. سائين بابا جي پيءُ جو چوڻ آهي، ته هن کي قدرت بنا ڪنهن مرد جي مدد سان(Immaculate Conception)  ذريعي ماءُ جي پيٽ ۾ داخل ڪيو. سائين بابا جي ماءُ ٻڌائي ٿي ته؛ ”مون کي خواب ۾ هڪ ديوتا نظر آيو، تنهن مون کي خبردار ڪيو ته قدرت جي مرضي سان تو کي ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، ان ڪري ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ نه ڪجانءِ. ٻئي ڏينهن صبح جو“ هوءَ ٻڌائي ٿي، ”آئون کوهه وٽ بيٺي هيس، ته بلو روشنيءَ جو هڪ بال مون ڏي رول ڪندو آيو ۽ آئون خوف ۾ بيهوش ٿي ڪري پيس. مون کي ائين محسوس ٿيو ته اهو بال آهستي آهستي ٿي منهنجي اندر ۾ هليو ويو.“
نارائڻ ڪستوري نالي هڪ ليکڪ، سٿيا سائين بابا جي بايوگرافي لکي آهي. هو لکي ٿو ته؛ ”سائين بابا جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ هو ته آخري مهينن ۾ ڪنهن ڪنهن رات تمبوري ۽ ڍولڪ جو آواز ايندو هو، ڄڻ ڪي ماهر سازندا وڄائي رهيا هجن.“ 1940ع ۾ جڏهن سٿيا 40 سالن جو ٿيو، ته هن اعلان ڪيو ته هو شرڌي واري سائين بابا جو ٻيو جنم آهي ۽ ان ڏينهن کان هن پاڻ کي ”سائين بابا“ سڏائڻ شروع ڪيو. ان وقت موجود ڪيترن ماڻهن هن کي چيو ته؛ ان بابت ڪو ثبوت ڏي. سٿيا سائين بابا انهن کي چيو ته اهي گل مون کي ڏيو ۽ پوءِ هن اهي سڀ گل زمين تي اڇلايا ته تيلگو زبان ۾ ”سائين بابا“ لکجي ويو...
سٿيا سائين بابا جي مادري زبان تيلگو آهي، جنهن ۾ هو ليڪچر ڏئي ٿو. 1963ع ۾ سٿيا سائين بابا کي چار دفعا دل جو دورو پيو ۽ کاٻو پاسو کيرو ٿي پيو، جنهن جو علاج ڪافي ڏينهن هلندو رهيو. سائين بابا چيو ته اهي تڪليفون هن پنهنجن مريدن جون پنهنجي مٿان کنيون آهن. 1988ع ۾ سائين بابا وهنجڻ واري جاءِ ۾ صابڻ مٿان پير اچڻ تي ترڪي پيو ۽ ڌڏ ڀڄي پيس. 2006ع ۾ وري ڌڪو کاڌائين ۽ هِپ بون فرئڪچر ٿي پيس. هاڻ سائين بابا ويل چيئر تي چري ڦري ٿو. پاڻ پوتا پارٿي ڳوٺ ۾ ئي رهي ٿو. جتي سندس جنم ٿيو. سندس واعظ ٻڌڻ ۽ پوڄا پاٺ لاءِ روزانو هزارين پوڄاري اچن ٿا. ڪيترا ئي مٿس تنقيد به ڪن ٿا. ڊسمبر 2000ع جي India Today سائين بابا جي ڪور اسٽوري هلائي، جنهن ۾ هن اهو به الزام هنيو ته سائين بابا جون ڪرامتون ڪوڙيون آهن. اهڙيءَ طرح 2001ع جي انگريزي رسالي Vancouver Sun ۽ دي گارجين به هن سائين بابا جي ڪافي خلاف لکيو آهي. 2004ع ۾ ته BBC وارنThe Secret Swami نالي ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکاري، جنهن ۾ سائين بابا تي Alaya Rahm نالي ڇوڪريءَ سان جنسي تشدد جو الزام مڙهيو آهي. ان کان اڳ ڊئنمارڪ جي نئشنل ٽي وي وارن Seduced by Sai Baba نالي ڊاڪيومينٽري فلم ڏيکاري هئي، جنهن ۾ ٽن مرد پوڄارين جو انٽرويو آهي جن سٿيا سائين بابا تي بيحد سنگين جنسي ڏاڍ جا ڏوهه مڙهيا آهن.

No comments:

Post a Comment