Tuesday, January 31, 2012

بمبئي جون ايراني هوٽلون ۽ ريلوي اسٽيشنون - الطاف شيخ


بمبئي جون ايراني هوٽلون ۽ ريلوي اسٽيشنون
الطاف شيخ
منهنجي عمر جي ماڻهن کي ممبئي ۾ ايراني ريسٽورنٽون (Cafes) ڏسي کين ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙا شهر ياد ايندا، جتي ڪنهن زماني ۾ اهي ڏاڍيون هيون ۽ سڀني جو هڪ ئي نمونو هوندو هو. دخل تي ويٺل هڪ ايراني سيٺ جنهن جي چوڌاري مختلف قسمن جي بسڪيٽن جون درجن کن برنيون هونديون هيون. چانهه سان گڏ گهڻو ڪري بَن هلندو هو يا ’مسڪا بن‘ جنهن تي مکڻ لڳل هوندو هو. ٻئي نمبر تي پيٽيز ۽ ڪٽليٽ هلندا هئا. سڀني ايراني هوٽلن ۾ فرنيچر (ٽيبل ڪرسين) جو ساڳيو نمونو هوندو هو. هڪ ڪنڊ ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ واش بيسن هوندو هو. ڀتين تي ٽي چار اعلان يا چتاءَ ضرور درج ٿيل هوندا هئا، جهڙوڪ: سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي. هتي نوڪرن کي روزانو پگهار ڏني وڃي ٿي. ڪرسيءَ تي ٽنگون رکڻ کان پرهيز ڪريو. شراب واپرائڻ تي منع آهي. گهڻي دير ويهڻ منع آهي.... پر ڪبو اهو ئي هو جيڪو وڻندو هو. تن ڏينهن ۾ گهر ۾ ڊرائنگ روم جو اڃان فيشن نه ٿيو هو. ان ڪري غريب غربو، اديب، شاعر خاص ڪري شاگرد، ڪنهن ايراني ڪيفي ۾ ’چانهه بن‘ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي امتحانن لاءِ نوٽ ڊسڪس ڪندا هئا، اديب ۽ ترقي پسند ڪامريڊ ادب، شاعري ۽ سياست تي ويچار ونڊيندا هئا. اسان وٽ پاڪستان ۾ هڪ هڪ ٿي وڃن ٿيون هي ريسٽورنٽون ختم ٿينديون. حيدرآباد ۾ ڪيفي جارج، ڪيفي اي ون وغيره  هينئر  نظر  نه  آيون.  هڪ  ڏينهن ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي جتان ساڄي پاسي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڏي رستو وڃي ٿو، ان جي کاٻي پاسي واري ڪنڊ ۾ هڪ پراڻي ايراني ڪيفي نظر آئي. ڪجهه دير ويهي چانهه ۽ مسڪا بن کائي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪيم.


ممبئي ۾ به ايراني ريسٽورنٽن جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. ممبئي جي سنڌي اديب نند جويريءَ ٻڌايو، ته 1950ع ڌاري ممبئي ۾ 350 ريسٽورنٽون هيون ۽ اڄ، فقط 25 کن وڃي بچيون آهن. انهن ۾ هڪ 103 سال آڳاٽي ايراني ڪيفي ”ڪياني ڪيفي“ آهي. نَند ٻڌايو ته ممبئي جي ايراني هوٽلن ۾ به ڪراچيءَ وانگر ’بن مسڪا‘ مشهور آهي، جنهن سان گڏ هنن هوٽلن جي خاص چانهه ”پاني کم چائي“ مشهور آهي، يعني گهٽ پاڻي ۽ گهڻي کير واري چانهه مشهور آهي. ان کان علاوه هنن هوٽلن ۾ ٻي چانهه ”کاري چانهه“ هلي ٿي جيڪا ڪڙڪ چانهه ٿئي ٿي. اهڙين ئي ايراني هوٽلن مان هڪ ڌوٻي تلاءَ واري ايراني ڪيفي آهي، جيڪا ممبئي جي شاعر نسيم ايزيڪل جي فئوريٽ هوندي هئي. هُن هِن ڪيفي جا ڀتين تي لڳل سرڪيولر پڙهي هي مزاحيه شعر ٺاهيو هو:
No talking to cashier.
No Smoking.
No Fighting.
No Credit.
No outside Food.
No Sitting long.
No Talking Loud.
No Spitting.
No bargaining.
No Water to outsiders.
No Change.
No Telephone.
No Match Sticks.
No Gambling.
No Newspaper.
No Combing.
No Beef.
No Leg on chair.
No Liquor.
.... By Order
انڊيا ۾ جين ڌرم جا سڀ کان گهڻا ماڻهو ممبئي شهر ۾ رهن ٿا، جتي جين ڌرم جا ڪيترائي مندر آهن. سڀ کان وڏو ۽ اهم واڪيشور (ممبئي هِل) واري علائقي جي Ridge Rd (رج روڊ) تي بابو اميچند پنالال اديشور جو جين مندر آهي.
جين ڌرم مطابق مڇي، بيضو يا گوشت ته کائڻو ناهي، پر ڪنهن ماڪوڙي، مک ۽ مڇر کي به مارڻو ناهي. جين ڌرم جا ماڻهو فقط ڀاڄيون کائين ۽ سخت قسم جا Vegetarians ٿين. ممبئي ۾ ڪيتريون ئي ويجيٽرين ريسٽورنٽون آهن. اهڙين ڪن هوٽلن ۾ ’جين پيزا‘(Jain Piza) به وڪامي ٿو. ممبئي جا ڪجهه رهائشي علائقا اهڙا آهن جن جا گهر توڙي فليٽ جين ڌرم جا پوئلڳ خريد ڪري سگهن ٿا يا مسواڙ تي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ڳالهه ممبئي ۾ ڪافي Controversy به پيدا ڪئي آهي.
ٻڌ ڌرم جو بنياد گوتم ٻڌ وڌو ۽ جين ڌرم جو مهاوير سواميءَ عيسوي سن کان ڇهه صديون اڳ وڌو. بقول تاريخ نويس پيرومل جي، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم کان ڪي صديون اڳي سنسڪرت سموري ڦري، بنهه نئين نموني جي ٿي پيئي. اها ’پراڪرت‘ سڏبي هئي، جا پوءِ ’پالي‘ ڪوٺجڻ ۾ آئي. سندن وقت ۾ سنسڪرت گهڻو ڪري برهمڻ ڄاڻندا هئا، باقي عام طرح پراڪرت ڳالهائيندا هئا، تنهن ڪري گوتم ٻڌ ۽ مهاوير سواميءَ پنهنجن ڌرمن جي پرچار انهيءَ پراڪرت ۾ ڪئي. برهمڻن ذات پات جو ڀيد گهڻو ٿي رکيو، پر هنن ٻنهي ڌرمن جي بانيڪارن اهڙو ڀيد رکيو ئي ڪونه، ته عام خلق کي اها ڳالهه گهڻو پسند آئي، جنهن ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهن، سنڌ سميت، ٻڌ ڌرم اختيارڪيو.هن وقت سنڌ ۾ جين ڌرم جا ڪجهه ماڻهو اسان جي ڳوٺ هالا ۾ به نظر اچن ٿا، جيڪي ”ڀاڀڙا“ سڏجن ٿا ۽ ننگر پارڪر طرف آهن، جيڪي ”اوسواڙ“ سڏجن ٿا. سنڌ ۾ وقتي ڪي رمتا جوڳي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي ”سيوڙا“ سڏبا آهن، اهي به جين ڌرم جا آهن. ڪراچيءَ ۾ بهڪي جين ڌرم وارا آهن، پر اهي سنڌ جا رهاڪو نه آهن.
اسان وٽ  سنڌ ۾ ڪو هالا جو رهاڪو آهي ته ڪو هالائي سڏجي ٿو. اهڙي طرح مورو شهر جو رهاڪو مورائي ۽ ٺٽي جو ٺٽوي سڏجي ٿو. اهڙيءَ طرح دهليءَ جو دهلوي ۽ لکنؤ جو لکنوي چَورائي ٿو. گجرات جي ڪنهن شهر بڙودا جو بڙودا والا ۽ گوڌرا جو گوڌر والا سڏجي ٿو. ممبئي (بمبئي) جو رهاڪو ڇا ٿو سڏجي؟
ممبئي تي سندس رياست مهاراشٽرا جي ’مراٺي‘ زبان ۽ ڀر واري رياستن گجرات جي گجراتي زبان ۽ انگريزيءَ جو وڏو اثر رهيو آهي، جو شروع کان هتي انگريز رهيا ۽ اڄ به هتي تعليم جو سسٽم انگريزي ۾ هلندو اچي. ان ڪري هتي جي ماڻهن کي انگريزي اسٽائيل ۾ Bombayite سڏجي ٿو. جيئن انگريز ڪراچي جي رهاڪن کي ڪراچيائيٽ سڏيندا هئا. ڪيترا ئي ممبئي جا رهاڪو پاڻ کي Mumbaikar سڏائين ٿا جو ذات يا ڪنهن سان واسطو ڏيکارڻ لاءِ مراٺي ماڻهو Kar يا Ker لڳائين ٿا ۽ گجراتي ماڻهو والا جو گهڻو استعمال ڪن ٿا. جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ آيل گجراتي مسلمان پاڻ کي مانڊوي والا، راجڪوٽ والا، وغيره سڏائين ٿا.
*
ممبئي ۾ ڪي ڪي ريسٽورنٽون تمام پراڻيون آهن، ۽ سؤ ڏيڍ سؤ سالن کان هلنديون اچن. توهان جو انهن اڳيان لنگهڻ ٿئي ته هوٽل اڳيان بيهي يادگار طور هڪ عدد فوٽو ضرور ڪڍرائجو. انهن هوٽلن مان ڪجهه جا نالا آهن:
دهلي درٻار، سنڌو دُرگ، هاءِ وي گومانتڪ، سميرت، وٺهل ڀيل والا، مهيش لنچ هوم، ڪئلاش پرڀات، آدرش ۽ ٻيون ريسٽورنٽون.
ممبئي ۾ چاهي ڪو امير علائقي ۾ رهندو هجي يا غريب ۾، هن جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته هن جو گهر ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هجي. واقعي اهي ممبئي جون ريل گاڏيون آهن، جيڪي روزانو لکين ماڻهن کي پنهنجين آفيسن، دڪانن ۽ ڪارخانن وغيره ۾ پهچائين ٿيون ۽ شام جو گهر رسائين ٿيون. اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ به ممبئي ۾ ٽرين بهترين، آسان، هر وقت حاضر ۽ سستي سواري آهي. ان ڪري بهتر آهي ته پهرين ڏينهن ئي ممبئي شهر جو نقشو ۽ مختلف هنڌن تي لهڻ جون اسٽيشنون ڌيان ۾ رکي ڇڏجن جيئن ممبئي ۾ رهائش وارو وقت ريلوي اسٽيشنون ڳولڻ ۾ ضايع نه ٿئي.
هيٺ ممبئي شهر جون ريلوي اسٽيشنون لکي رهيو آهيان، جيڪي ’هاربر لائين اسٽيشنون‘ سڏجن ٿيون. ممبئي ۾ توهان لاءِ هي وڏي مدد ۽ رهنمائي ٿي سگهن ٿيون. هاربر لائين جون گاڏيون ممبئي جي ڏاکڻي حصي جي VT (وڪٽوريا ٽرمينس يعني نئين نالي مطابق CST) اسٽيشن کان شروع ٿين ٿيون.
وڪٽوريا ٽرمينس، مسجد، سئنڍ هرسٽ روڊ، ڊاڪيارڊ روڊ، ريئي (Reay) روڊ، ڪاٽن گرين، سيوري (Sewri) ان بعد وادالا روڊ اسٽيشن.
’وادالا روڊ‘ اسٽيشن کان پوءِ ڪي ٽرينون ممبئي شهر جي باقي حصي ۾ انڌيري تائين وڃن ٿيون، ته ڪي اتان ڀر واري ضلعي ٿاني ۽ پانول تائين هلن.
انڌيري ڏي: وادالا روڊ، ڪنگس سرڪل، ماهيم، باندره، کار روڊ، سانتا ڪروز، وِلي پارلي ۽ پوءِ آخر ۾ انڌيري اسٽيشن.
ٿاني ۽ پان ويل ڏي: وادالا روڊ، گرو تيغ بهادر نگر، چونا ڀٽي، ڪُرلا، تلڪ نگر، چيمبور، گوواندي، منکرد ۽ ان بعد واشي اسٽيشن آهي. واشي کان پوءِ هڪ ٽرين ٿاني ڏي وڃي ٿي ته ٻي Panvel ڏي. هاربر لائين کانسواءِ ممبئي ۾ هلندڙ ريل گاڏي ’ويسٽرن لائين‘ آهي. ويسٽرن لائين جون ريل گاڏيون پڻ ممبئي جي ڏاکڻي حصي (فورٽ) کان شروع ٿين ٿيون ۽ توهان کي ممبئي شهر جي ڪنهن به حصي ۾ لاهي سگهن ٿيون. هن لائين جون ريلوي اسٽيشنون چرچ گيٽ اسٽيشن کان شروع ٿين ٿيون.
چرچ گيٽ، ميرين لائين، چرني روڊ، گرانٽ روڊ، ممبئي سينٽرل، مهالڪشمي، لوور پاريل، ايلفنسٽن روڊ، دادر، ماتونگا روڊ، ماهيم جنڪشن، باندرا، کار روڊ، سانتا ڪروز، وِلي پارلي، انڌيري، جوگيشري، گوريگائون، مالاد، ڪانڊي والِي، بوري والِي ۽ ڊَهيسر.

No comments:

Post a Comment