Wednesday, February 01, 2012

ممبئي جو حاجي مستان - الطاف شيخ


ممبئي جو حاجي مستان
الطاف شيخ
ممبئي جون ڳالهيون ايتريون آهن، جو کُٽڻ جو نالو نه پيون وٺن. هڪڙيون لکڻ سان ٻيون ياد اچن ٿيون. بهرحال هاڻ بمبئي جو سفرنامو بند ڪرڻ ٿي چاهيم ته حاجي مستان جي ڳالهه ياد اچي وئي. جنهن لاءِ ڪيترن ئي پڙهندڙن پڇيو آهي ته؛ حاجي مستان انڊيا جو مشهور سمگلر، امير ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ وارو ماڻهو ٿي گذريو آهي.
سندس بالي ووڊ جي فلمن ۽ ان جي اداڪارن تي به ڪافي ڪنٽرول هوندو هو. اسان وٽ پاڪستان ۾ حاجي مستان کي فلمن جي حوالي سان به سڃاڻن ٿا، جو اسان جا ماڻهو هندستاني فلمن جا شوقين آهن.


ممبئي جو ڊان سڏائڻ واري هن افسانوي ڪردار حاجي مستان (سڄو نالو: حاجي مستان مرزا) جي پٽ ممبئي جي هڪ هيٺين عدالت ۾ استدعا ڪئي آهي ته هن جي پيءُ جي ڪردارڪشي ڪرڻ واري نئين انڊين فلم Once Upon a Time in Mumbai تي پابندي وڌي وڃي، ڇو جو هن فلم ۾ هن جي والد حاجي مستان کي هڪ سمگلر ۽ ملڪ جي غدار طور انڊر ورلڊ (ڏوهن جي دنيا) جو سربراهه ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ائين نه هو، جيئن هُن کي هِن فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
حاجي مستان جي پٽ سليمان مرزا کي اعتراض آهي ته؛ هن فلم ۾ هن جي پيءُ کي ڀارت جو غدار ۽ گهڻو پوءِ ممبئي جي ٿيندڙ دادا (ڊان) دائود ابراهيم جو ساٿي ۽ همدرد ڏيکاريو اٿن، جيڪو بلڪل غلط آهي، Once Upon a Time in Mumbai فلم بالاجي ٽيليفلمس (Balaji Telefilms) وارن ٺاهي آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر مِلن لٿريا آهي. فلم ۾ ’اجي ديوگن‘ حاجي مستان ٿيو آهي ۽ ’عمران هاشمي‘ دائود ابراهيم ٿيو آهي. حاجي مستان جو جنهن ڇوڪريءَ سان معاشقو ٿيو هو، ان جو رول ڪنگنا رانوٽ ادا ڪيو آهي. خوبصورت ڪنگنا ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. جهڙوڪ: راز، گئنگسٽر، وه لمحي، لائيف ان ميٽرو وغيره. هتي اهو به لکندو هلان ته؛ سليمان مرزا حاجي مستان جو سڳو پٽ نه پر نپايل (Adopted) ٻار آهي.
انڊين عدالت، حاجي مستان جي پٽ جي طرفان دائر ڪيل درخواست کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ واسطيدار ماڻهن کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. پر اڃا تائين هن فلم جي نمائش تي اسٽي آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن. سليمان مرزا جي وڪيل اشوڪ سروگي جو چوڻ آهي ته؛ فلم ٺـاهڻ وارن کي معلوم هجڻ کپي ته آزادي اظهار جي آڙ ۾، هن جي موڪل جي والد جي شهرت ۽ ناموس کي داغدار نٿو ڪري سگهجي ۽ سچائي ۽ حقيقت کي ان طرح پروپئگنڊا ۽ ڪوڙ ۾ نٿو بدلائي سگهجي. ان ڪري فلم ٺاهڻ وارن کان اهو پڇيو وڃي ته؛ هنن ڪهڙي بنياد ۽ ثابتين تي حاجي مستان کي دائود ابراهيم سان گڏ ملائي، هن کي ملڪ جي غدار جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي؟ جيتوڻيڪ سچ ۽ حقيقت اها آهي ته؛ حاجي مستان کي سڄي ممبئي پسند ڪري ٿي ۽ هن وقت به سوين اهڙا ڪٽنب ممبئيءَ ۾ ملندا جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا، ته حاجي مستان هڪ نهايت سٺو ۽ انسان دوست ماڻهو هو. جنهن هندو، عيسائي ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ بنا، سڄي ممبئي جي خدمت ڪئي.
عدالت ۾ حاجي مستان جي ويڳي پٽ سليمان مرزا، اهي دليل ڏنا آهن ته؛ هن جي پيءُ کي دائود ابراهيم ۽ مار موچڙو ڪرڻ وارن گروپن سان ملائي هڪ غنڊي جي شڪل ۾ پيش ڪري هن جي بي عزتي ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ حاجي مستان پنهنجي حقيقي زندگي ۾ نه ته بدمعاش هو ۽ نه ئي هو غنڊو هو. هن ته ڪڏهن به پنهنجي هٿن ۾ هٿيار نه کنيا ۽ نه ئي هن جي خلاف قتل يا اغوا يا دهشتگردي يا سبوتاز جي ڪنهن ڪارروائي جو مقدمو درج ٿيو آهي. جيڪي مقدما ٺهيا اهي پوليس جي طرفان، خاص ڪري هن کي ڦاسائڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا ۽ مزيدار ڳالهه اها آهي ته حاجي مستان جي خلاف ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ شاهدي نه ڏني، ته هو ڪو غير قانوني ڌنڌو ڪري ٿو. هن جي خلاف داخل ڪيل FIRs مان ڪنهن هڪ کي به صحيح ثابت نه ڪيو ويو آهي ۽ هن جي پيءُ حاجي مستان کي عدالت جي طرفان باعزت آزاد ڪيو ويو هو. ان ڪري عدالت هن ڳالهه جا حڪم جاري ڪري ته هن جي پيءُ جي زندگي تي ٺاهيل هيءَ نئين فلمOnce Upon a Time in Mumbai کي نمائش لاءِ پيش ڪرڻ کان جهليو وڃي ۽ ان جي اسڪريننگ ڪري متنازع حصن کي خارج ڪيو وڃي.
حاجي مستان جي پٽ جو چوڻ آهي ته؛ هن جو پيءُ حاجي مستان هڪ انسان دوست ۽ همدرد انسان هو. جنهن هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هميشھ ڀائپي پيدا ڪئي، ۽ ڪڏهن به ڪنهن رقيب جي خلاف ڪم نه ڪيو. بلڪ هن غريب مسلمانن ۽ هيٺانهين ذات جي هندن جي فلاح و بهبود جي لاءِ هڪ سياسي و فلاحي جماعت ”دلت، مسلم ڀارتيا سرکشا مهاسنگ“ به ٺاهي هئي. جنهن جي پليٽ فارم تان غريب مسلمانن ۽ ممبئي جي مسڪين حال هندن ۽ عيسائين کي ماهوار بنيادن تي ڪفالت ڪئي وئي ٿي ۽ اڄ به اهڙا سوين خاندان ممبئي ۾ موجود آهن جيڪي حاجي مستان جي خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا ۽ هن جا مداح آهن ۽ سندس پٽ سليمان مرزا کي ”سندر شيکر“ جي نالي سان سڏين ٿا.
حاجي مستان جيتوڻيڪ 1994ع ۾ وفات ڪري ويو، پر اڄ به ڀارت جا هزارين نوجوان هن ۾ دلچسپي وٺن ٿا ۽ هو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته حاجي مستان ڪير هو؟ هڪ سنهڙي سيپڪڙي نوجوان، ممبئي جهڙي عالمي شهر ۾ اچي ڪيئن راڄ ڪيو؟ حاجي مستان هميشھ ڪَلف لڳل ڪاٽن جي سوٽ ۾ يا بنا داغ جي شلوار قميص ۾، پنهنجن دوستن سان گڏ، هٿن ۾ امپورٽيڊ سگريٽن جي دٻي ۽ بهترين آرائشي شين سان نظر ايندو هو. حاجي مستان هميشھ ان وقت جي نمبر ون ڪار مرسيڊيز بينز ئي رکي، جيڪا ڪار اڄ به انڊيا جي وڏن ڪارخانيدارن کي نصيب ناهي.
اها ڪار حاجي مستان اڄ کان 30 سال اڳ استعمال ڪندو هو. حاجي مستان لاءِ اها ڳالهه به عام آهي ته هن لاءِ روزانو تامل ناڊو کان ايندڙ صبح واري اڏام ۾ تامل زبان ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جو بنڊل ممبئي واري بنگلي تي پهچندو هو. ڇو جو حاجي مستان فقط تامل زبان پڙهي سگهيو ٿي.
حاجي مستان تامل ناڊو رياست جي هڪ سامونڊي ڪناري واري ڳوٺ ڪڍالور(Cuddalore)  اندر هڪ غريب گهر ۾ 1938ع ۾ ڄائو. هو ننڍي هوندي پنهنجي هم عمر ڇوڪرن جي ٽولي سان گڏ هلڻ لڳو. ان بعد هن جي نظر ممبئي جي فلم نگري تي پيئي ۽ 17 ورهين جي ڄمار ۾ 1955ع ۾ ممبئي اچي، هتي جي انڊر ورلڊ (ڏوهاري) گروپ تي پنهنجو رعب ڄمايو. ممبئي ۾ جڏهن هو آيو ته هن پهرين بندرگاهه تي ڪُولي (مزدور) ٿي ڪم ڪيو ۽ پوءِ مزدورن جي يونين جو وڏڙو ٿيندي ملڪ جي سياست ۾ اچي ويو. بقول سندس هڪ سڃاڻو بلجيت پامر جي هڪ مضمون “Demystifying Hajji Maston” جي، حاجي مستان سون، چاندي ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان جي سمگلنگ مان ڪروڙين رپيا ڪمايا. ممبئي جو هڪ هڪ گروپ هن جي عزت ڪرڻ لڳو ۽ هن کي ’حاجي صاحب‘ ۽ ’باوا‘ جي نالن سان سڏڻ لڳو.
حاجي مستان جي حوالي سان اهو به ياد رهي ته سابق ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ سن 1975ع ۾ جڏهن انڊيا ۾ ايمرجنسي لڳائي ته هن جي حڪومت خاص طور حاجي مستان کي نظربند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جنهن تي حاجي مستان کي هن جي ڪجهه ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اٽڪل 3 سال کن هو جيل ۾ بند رهيو. جيل ۾ وڃڻ کان اڳ، هن کي اردو يا هندي زبان نٿي آئي. هو فقط تامل ڳالهائي ڪم هلائيندو هو. جيل ۾ هو هندي سکيو. 1977ع ۾ جيل مان نڪرڻ بعد، هن مسلمانن ۽ هيٺين طبقي جي دلت هندن جي ڏتڙيل حالت کي سهارو ڏيڻ لاءِ 1985ع ۾ ”دلت مسلم سرکشا مهاسنگ“ نالي جماعت ٺاهي. حاجي صاحب 56 ورهين جي ڄمار ۾ 1994ع ۾ وفات ڪئي.
حاجي مستان جي خاص سڃاڻپ، بالي ووڊ جي فلمي انڊسٽري ۾ رابطن سان به آهي. چيو وڃي ٿو ته؛ حاجي مستان جي پيسن تي ڀارتي فلم انڊسٽري بيٺل آهي ۽ ڀارتي اداڪارائون هميشھ هن سان گڏ رهڻ پسند ڪنديون هيون. جڏهن ته ڀارتي فلم انڊسٽري جي سن سٺ ۽ ستر جي ڏهائي جا سمورا هيروز ممبئي انڊر ورلڊ جي مبينه افسانوي ڪردار ”حاجي مستان“ سان گڏ فنڪشنن ۽ دعوتن ۾ گڏ شريڪ ٿيڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ پنهنجي خوش نصيبي ۽ شان سمجهندا هئا. حاجي مستان مسلم اداڪار ۽ هيرو يوسف خان (دليپ ڪمار) کي به پسند ڪيو ٿي. ممبئي ۾ گهڻو وقت حاجي مستان ۽ دليپ ڪمار گڏ ئي رهيا. سليمان مرزا (جيڪو پاڻ کي سندر شيکر به سڏائي ٿو) جو ڀارتي اخبارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ دوران اهو چوڻ آهي ته اهو به صحيح آهي ته؛ هن جي پيءُ حاجي مستان جا ڀارتي فلم انڊسٽري جي ماڻهن سان گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا، پر اهو ڪٿي جو انصاف آهي ته منهنجي پيءُ کي دائود ابراهيم، ابو سالم ۽ ٻين بدنام قسم جي گئنگسٽرن سان ملايو وڃي.
حاجي مستان جي پٽ سليمان مرزا (جيڪو هن وقت ”دلت مسلم سرکشا مها سنگهه“ جماعت جو چيئرمين آهي) کي اهو به اعتراض آهي، ته هن فلم Once Upon a Time in Mumbai ۾ هن جي پيءُ حاجي مستان جو مڌو بالا سان عشق کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي، جيڪا ناقابلِ برداشت ڳالهه آهي. سليمان مرزا جو چوڻ آهي ته حاجي مستان ڇا هو، اهو معلوم ڪرڻ بيحد آسان ڳالهه آهي. ڀارتي اخبارون اهو مڃين ٿيون ته حاجي مستان تي پنهنجي ئي زندگيءَ ۾ هڪ فلم ’ديوار‘ ٺاهي وئي هئي. جنهن ۾ اميتاڀ بچن حاجي مستان جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ خود اميتاب جو چوڻ آهي، ته حاجي مستان جي زندگيءَ تي ٺاهيل هن فلم ۾ ڪردار کي چڱي طرح سمجهڻ لاءِ ۽ ان کي پرکڻ لاءِ هُن حاجي مستان سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون هيون ۽ هن جي عادتن کي غور سان جانچڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هن سان گڏ رهيو هو. هن فلم ۾ به حاجي مستان کي غريبن جو همدرد ڏيکاريو ويو آهي ۽ هن کي ان وقت ”ان داتا“ يعني God Father جو لقب ڏنو ويو هو.
’ديوار‘ نالي انڊيا ۾ ٻه فلمون ٺهي چڪيون آهن، ٻنهي ۾ اميتاڀ بچن ڪم ڪيو آهي. پر پهرئين ۾ حاجي مستان جو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي. اها 1975ع واري ’ديوار‘ فلم آهي. جنهن جو ڊائريڪٽر يش چوپڙا آهي ۽ ڪهاڻي سليم جاويد لکي آهي. ’ديوار‘ فلم ٻن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي، جن جو مختلف پيشو آهي. وجي (اميتاڀ بچن) سمگلر ٿيو آهي، ۽ سندس ڀاءُ روي ورما (ششي ڪپور) پوليس آفيسر آهي. هي ٻه ڀائر ننڍي هوندي هڪ غريباڻي گهر ۾ پنهنجي پيءُ آنند ورما (ستين ڪاپو) ۽ ماءُ سميترا (نيرو پاراءِ) سان رهن ٿا. وڏو ڀاءُ گهر جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پڙهائڻ لاءِ بوٽ پالش ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه ۾ قلي (مزدور) ٿي ڪم ڪري ٿو. جيڪو ڪم حاجي مستان به ڪيو هو. ننڍو ڀاءُ روي پڙهي لکي پوليس آفيسر ٿئي ٿو ۽ پنهنجي هڪ آفيسر جي ڌيءَ ويرا (نيتو سنگهه) سان معاشقو ڪري ٿو. هوڏانهن وڏو ڀاءُ وجي، بار ۾ مليل هڪ چالو عورت انيتا (پروين بابي) سان عشق ڪري ٿو... هن فلم جا گانا ساحر لڌيانويءَ لکيا ۽ ميوزڪ راحل ديو برمن ڪمپوز ڪئي. هيءَ فلم تمام گهڻي ڪامياب ويئي ۽ کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. هيءَ ساڳي فلم ڏکڻ هندستان جي زبان تامل ۾ ’ٿي‘ نالي پڻ ٺاهي وئي، جنهن ۾ رجني ڪانت هيرو ٿيو ۽ ساڳي فلم ’مگادو‘ نالي تيلگو زبان ۾ پڻ ٺاهي وئي. هي ٻئي فلمون اسي واري ڏهي ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تمام گهڻيون مشهور ٿيون جو اتي رهندڙ انڊين تامل، تيلگو، مليالم ۽ ڪنهڙ زبانون ڳالهائين ٿا.
’ديوار‘ نالي هڪ فلم ڪجهه سال اڳ 2004ع ۾ پڻ ممبئي ۾ ٺاهي وئي. جنهن ۾ اميتاڀ بچن پاڪستان جي قيد ۾ ٻين 30 کن انڊين سپاهين سان گڏ 1971ع واري جنگ جو قيدي (Pow) ڏيکاريو اٿن. 33 سالن بعد سندس پٽ گورف (اڪشي کنا) پنهنجي پيءُ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ مشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ٿو، جنهن ۾ پاڪستاني قيد مان ڀڄي آيل خان نالي سپاهي (سنجي دت) پڻ هن جي مدد ڪري ٿو. هن فلم جا گانا نصرت بدر لکيا آهن، ۽ ميوزڪ آديش شري واستا ڪمپوز ڪئي آهي.

No comments:

Post a Comment