Friday, February 03, 2012

مڪي ۾ رھائش دوران - الطاف شيخ


مڪي ۾ رھائش دوران
الطاف شيخ 
حج تي رھائش دوران ھرھڪ حاجي ڏھاڪو کن ڏينهن مديني ۾ پڻ گذاري ٿو. باقي ڏينهن (ويھارو کن) مڪي ۾ رھي ٿو ۽ پنج ڏينهن منى، عرفات، مزدلفه، منى (مزدلفه ۾ رات رھڻ بعد وري منى اچي ٿو ۽ ان ڏينهن وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻيون پون ٿيون ۽ قرباني ڪرڻي پوي ٿي)، مڪي (طواف زيارت ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪ وري مڪي اچڻو پوي ٿو) ۽ وري منى ۾ اچي رھڻو پوي ٿو. اھڙي طرح حج لاءِ مليل 35 ڏينهن کن جي ويزا ختم ٿيو وڃي.


حج تي اچڻ مھل سڀني کي جدي ايئر پورٽ تي پھچي پھرين مڪي اچڻو پوي ٿو. جيئن يڪدم عمري جا ارڪان (طواف ۽ سعي) وغيره پورا ڪري احرام جي حالت مان نڪري سگھجي. ان بعد ڏينهن ٻه ترسي حاجي مديني وڃن ٿا پر جيڪي حاجي آخري ڏينهن ۾ حج لاءِ اچن ٿا، جيئن اسان 2 مارچ تي ڪراچي کان نڪتاسين (۽ 15 تاريخ ڌاري حج ھو) انهن کي مديني حج بعد وڃڻ ڏين ٿا ۽ پوءِ اتان ئي (مديني کان) کين جدي موڪليو وڃي ٿو، جيئن پنهنجي وطن ھليا وڃن. جيڪي پھرين ڏينهن ۾ حج لاءِ اچن ٿا. اھي جيئن مٿي لکيو اٿم ته ڏينهن ٻه مڪي ۾ رھي، پوءِ مديني روانا ٿيو وڃن. مديني ۾ ڏھاڪو کن ڏينهن رھي، پوءِ مڪي موٽن ۽ حج جي ڏينهن جو انتظار ڪن ٿا. حج وارا پنج ڏينهن منى، عرفات ۽ مزدلفه ۽ وري منى ۾ رھي مڪي موٽن ٿا. جتان پوءِ ھو واپس وطن ورن، منى، عرفات ۽ مزدلفه مڪي شھر کان ائين آھي، جيئن حيدرآباد شھر، کان سٽيزن سوسائٽي ڄامشورو واري پل ۽ گلستان سجاد.
سٽيزن سوسائٽي جيتوڻيڪ حيدرآباد جي ايڏو ويجھو ناھي تيئن منى مڪي کان ايڏو ويجھو ناھي پر حج جي ڏينهن ۾ جڏھن ھڪ ئي وقت ٽيهه لک حاجي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ وڃن ٿا ته ٽرئفڪ ايڏي جئم ٿيو وڃي جو پنڌ ھلندڙ بسين وارن کان اڳ پھچيو وڃن. مزدلفه منى ۽ عرفات جي وچ ۾ آھي ۽ مزدلفه ۽ منى ھڪٻئي جي ائين ويجھو آھي، جيئن گلستان سجاد ۽ سٽيزن سوسائٽي(يا کڻي قاسم آباد سمجھو).
يا ڪراچي ۾ ٽاور مڪو سمجھو ته منى سٽي ڪورٽ جيترو پري آھي. جتان عرفات صدر جيترو پري آھي ۽ مزدلفه اڙدو بازار ۽ ريڊيو پاڪستان وارو علائقو چئي سگھجي ٿو. ڪراچي ته شھر ئي شھر آھي. پر ھيڏانهن رڻ پٽ، واري ۽ جبل آھن. ھفتو اڳ تنبو لڳڻ شروع ٿين ٿا، ان ڪري يورپ وارا منى شھر کي Tent City  (تنبن وارو شھر) سڏين ٿا ۽ پوءِ اٺين تاريخ حج لاءِ آيل سڀ حاجي منى جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ 13 تاريخ شام کان اتي وري خاموشي ۽ ماٺ ڇانئجيو وڃي. ان ڪري عام معلومات جي سوالن (Quiz) ۾ اھو سوال اڪثر پڇيو ويندو آھي ته اھو ڪھڙو شھر آھي، جيڪو ھڪدم Populated  ٿيو وڃي ۽ پوءِ خالي به ھڪدم ٿيو وڃي.
منى ۾ ته وري به پنج ڏينهن کان رھائش ٿئي ٿي. عرفات جي ميدان تي ته اڌ ڏينهن مس ٿو رھڻو پوي. منجھند کان وٺي سج لٿي تائين، جيئن ئي شام ٿيندي آھي ته تنبو ھڻڻ وارا سعودي حڪومت جا مزور، تنبن جون پاسن واريون قناتون (پڙدا) کولڻ شروع ڪندا آھن ۽ رات تائين سڀ تنبو کولي ڇڏيندا آھن. ڏينهن ٻن بعد عرفات جي ميدان تان لنگھڻ مھل يقين نه ايندو آھي ته ھي اھو ميدان ھو، جتي تنبو ئي تنبو ھئا ۽ ٽيهه لک عرب، حبشي، انڊين، پاڪستاني، ملئي، انڊونيشي، چيني، ايراني، ترڪ، افغان، يورپي، آمريڪي ڀانت ڀانت جون زبانون ڳالھائڻ وارا اڇي ڪفن جھڙي چادر ۾ ماڪوڙين وانگر ائين پکڙيا پيا ھئا، جيئن ڪو ٽيبل مٿان سنهو لوڻ يا کنڊ ھاريل ھجي. اھڙن موقعن جون ھيليڪاپٽر مان نڪتل تصويرون ڏسي رب پاڪ جي وڏائي ۽ عظمت جو ھڪ دھرئي کي به احساس ٿئي ٿو.
حج وارا ھي پنج ڏينهن پورا ٿيڻ بعد ٻئي ڏينهن کان مقامي ماڻھو ۽ اوسي پاسي جي ملڪن، يمن، عراق، شام، مصر وغيره جا ماڻھو ڪارن ۽ بسين ۾ پنهنجي ملڪ روانا ٿيڻ شروع ٿين ٿا، ڏورانهن ملڪن جا اھي ماڻھو جيڪي پھرين اڏام ۾ آيا ھئا، اھي به ھلڻ شروع ڪن ٿا، جيڪي پوءِ آيا ھئا ۽ مديني نه ويا ھئا، اھي مديني روانا ٿين ٿا ۽ جيڪي حج کان اڳ مديني مان ٿي آيا ھئا ۽ مڪي ۾ گھٽ ڏينهن رھيا ھئا، اھي مڪي ۾ رھائش جا ويهه ڏينهن کن پورا ڪن ٿا.
مڪي ۾ رھائش دوران ھر حاجي جي اھا خواھش رھي ٿي ته حرم پاڪ ۾ جماعت سان پنج ئي وقت نماز پڙھجي. ان کان علاوه ھرھڪ پنهنجي وت آھر طواف ۽ عمرا ڪري ٿو. ٻيو نه ته حرم پا ڪ ۾ ويھي ڪعبي شريف کي ڏسي ٿو ۽ تسبيحون پڙھي ٿو، جيئن گھڻي کان گھڻو ثواب حاصل ڪري سگھي. حضرت عبدالله بن عمر رضه جن جو چوڻ آھي ته مون حضور ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو ته جنهن بيت الله شريف جو طواف ڪيو ۽ ٻه رڪعتون ادا ڪيون، ان ڄڻ ھڪ غلام آزاد ڪيو. (ابن ماجه روايت ڪيو).
حضور ﷺ جن جو ارشاد آھي ته ”رب پاڪ طرفان روزانو ھڪ سئو ويهه رحمتو ن ھن گھر (ڪعبي) تي نازل ٿين ٿيون، جن مان سٺ طواف ڪرڻ وارن تي، چاليهه نماز پڙھڻ وارن تي ۽ ويهه بيت الله کي ڏسڻ وارن تي نازل ٿين ٿيون.
سو ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته بيت الله شريف کي فقط ڏسڻ به عبادت آھي. ھي اھو گھر آھي، جتي ھرڪو پنهنجو گناهه بخشائڻ ۽ دعا گھرڻ لاءِ اچي ٿو. ھونئن ته مڪو معظم سڄو شھر اھڙو آھي، جتي ھر ھنڌ دعا قبول ٿئي ٿي پر ڪجهه اھڙا خاص ھنڌ به آھن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي دل مان نڪتل ڪا به دعا قبوليت بنا نه ٿي موٽي.
حضور اڪرم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته توھان جو رب وڏو رحيم ۽ ڪريم آھي .جڏھن بندو ھن جي سامھون پنهنجي ٻڪ جھلي ٿو ته ھو ھن کي خالي نه ٿو موٽائي. عالمگير مسجد ۾ ليڪچر دوران ۽ حج جي ڪتابن ۾ پڻ، ھر حاجيءَ کي اھا نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته دعا دل سان گھري ۽ ھر دعا کان اڳ الله تعاليٰ جي واکاڻ ۽ وڏائي بيان ڪجي. پنهنجن گناھن جي معافي گھرجي ۽ درود شريف پڙھڻ کپي.
ڪجهه اھڙين جاين جو ذڪر ڪيو وڃي، جتي دعا جي قبوليت يقيني سمجھي وڃي ٿي.
1.  ڪعبي تي پھرين نظر پوڻ تي دعا گھرجي.
2.  حطيم اندر، حطيم لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھو ڪعبي شريف جو ئي حصو آھي. حضرت عائشه رضه جن فرمائين ٿيون ته منهنجي دل چوندي ھئي ته آئون ڪعبي شريف جي اندر وڃي نماز پڙھان. حضور ﷺ جن منهنجو ھٿ جھلي حطيم ۾ داخل ڪيو ويو ۽ فرمايو: ”جڏھن تنهنجي ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ تي دل چوي ته ھتي اچي نماز پڙھندي ڪر، ھي ڪعبي جو ئي حصو آھي. تنهنجي قوم جڏھن ڪعبي جي تعمير ڪئي ته ھن حصي کي (خرچ جي کوٽ ڪري) ڪعبي کان ٻاھر ڪري ڇڏيو“.
3.  ميزاب رحمت جي ھيٺان بيھي دعا گھرجي.
4.  طواف ڪري مقام ابراھيم جي ويجھو يا پرتي ٻه رڪعتون پڙھڻ بعد دعا گھرجي.
5.  خانه ڪعبي جي دروازي جي ھيٺان ملتزم تي.
حضرت ابن عباس رضه حضور اڪرم ﷺ جن طرفان نقل ڪري ٿو ته ”ملتزم اھڙي جاءِ آھي، جتي دعا قبول ٿئي ٿي ۽ ڪنهن به اتي اھڙي دعا نه ڪئي ھوندي جا قبول نه ٿي ھوندي“.
ملتزم، حجر اسود کان وٺي ڪعبي شريف جي دروازي تائين جو حصو سڏجي ٿو. شايد ان ڪري جو ان جو نالو ملتزم رکيو ويو آھي، جنهن جي معنى آھي چھٽڻ جي جاءِ.
ابو دائود ۾ حضرت ابن عباس رضه کان نقل ڪيو ويو آھي ته ھنن ان جاءِ (ملتزم) وٽ بيھي پنهنجي ڇاتي ۽ منهن ان ڀت سان ملائي ڇڏيو ۽ ٻنهي ھٿن کي ڀت تي وڇائي چيو، مون ان ريت حضور اڪرم ﷺ جن کي ھتي دعا گھرندي ڏٺو.
6.  حجر اسود وٽ
7.  رڪن يماني ۽ حجر اسود جي وچ ۾.
حضرت عبدالله بن عمر رضه جو چوڻ آھي ته مون رسول الله ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو ته حجر اسود ۽ رڪن يماني کي ڇھڻ سان گناهه ختم ٿيو وڃن (ان کي ابن خزيمہ روايت ڪيو).
حضور اڪرم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته رڪن يماني تي ستر ملائڪ مقرر آھن، جيڪو شخص ان تي وڃي ھي دعا پڙھي ٿو: اَللھُمَ اِنِي اَسئَلُڪَ العَفوَ وَالعَافِيت.ُ فِي الدُنيا والاخرت رَبَنا آتنا فِي الدنيا حَسنَت.ُ وَ فِي الاخِرتِ حَسنَت.ُ وَ قِنا عَذابُ النارِ.
ته اُھي ملائڪ ھن جي دعا تي آمين چون ٿا.
8.  چاهه زم زم وٽ.
9.  سعي دوران ۽ صفا مروه وٽ بيھي ڪعبي ڏي منهن ڪري.
10. مولد النبي صه تي وڃي.
11. جبل ابو قبيس تي.
12. جبل رحمت وٽ.
13. غار حرا ۾.
14. مزدلفه ۾.
15. غار ثور ۾.
16. طواف ڪندي.
17. عرفات جي ميدان تي.
18. منى ۾ ۽ شيطانن کي پٿريون ھڻڻ وقت. وغيره وغيره.
حضور اڪر مﷺ جن جو ارشاد آھي ته ماڻھو جيڪڏھن گھر ۾ نماز پڙھي ٿو ته فقط ھن نماز جو ثواب ھڪ کي ملي ٿو ۽ محلي جي مسجد ۾ ستاويهه دفعا گھڻو ثواب ملي ٿو ۽ جامع مسجد ۾ پنج سئو دفعا ثواب وڌيڪ ملي ٿو ۽ بيت المقدس جي مسجد ۾ ھڪ نماز جو ثواب پنجاهه ھزار نمازن جيترو ملي ٿو ۽ منهنجي مسجد ۾ يعني مديني پاڪ جي مسجد ۾ پڻ پنجاهه ھزار نمازن جيترو ثواب آھي ۽ مڪي شريف جي مسجد ۾ ھڪ لک نمازن جو ثواب آھي.
پاڪستان مان نڪرڻ وقت اسان عمري جو احرام ٻڌي نڪرون ٿا ۽ مڪي شريف پھچي عمري جا ارڪان: طواف، سعي، حلق يا قصر سرانجام ڏيون ٿا ۽ اھڙي طرح عمرو ٿئي ٿو ۽ احرام جي پابندين ۽ ڪپڙن کان آزادي ملي ٿي. مڪي بعد مديني وڃڻ ٿئي ٿو ۽ مديني مان وري مڪي اچڻ مھل اسان رستي تي (مديني جي ڀرسان) ھڪ ڳوٺ ذوالحليفه (جنهنجو اڄڪلهه نئون نالو بئر علي آھي) تان عمري لاءِ احرام ٻڌون ٿا. ذوالحليفه مديني کان ايندڙن لاءِ ميقات آھي.
انهن عمرن کان علاوه مڪي ۾ رھڻ دوران وڌيڪ عمرا ڪرڻ لاءِ ميقات واري جاءِ تي عمري لاءِ احرام ٻڌڻ خاطر تنعيم يا جعفرانه وڃڻو پوي ٿو. ھي ٻه جايون مڪي جي ويجھو آھن ۽ بس يا ٽئڪسي ۾ وڃي سگھجي ٿو. ياد رھي ته تنعيم ۽ جعفرانه ميقات نه آھن پر حدود حرم کان ٻاھر آھي. اتي مسجدون ٺھيل آھن، جتي ٻه رڪعتون ادا ڪري عمري جي نيت ڪئي وڃي ٿي. مسجد تنعيم مسجد عائشه ۽ مسجد عمرا به سڏي وڃي ٿي، ڇو ته حضرت عائشه رضه حضور اڪرم ﷺ جن جي حڪم مطابق عمري لاءِ احرام ھتان ٻڌو ھو. ھي مسجد مڪي مڪرمه کان ٽي ميل اتر ۾ جدي ڏي آھي.
جعفرانه طائف شھر ڏي آھي. ھي اھا تاريخي جاءِ آھي، جتي صحابه ڪرام رضه سان گڏ حضور ﷺ جن تشريف فرما ٿيا ھئا. ھن جاءِ تان به احرام ٻڌي عمرو ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻھو ان عمري کي وڏو عمرو سڏين. شايد ان ڪري جو ھي ھنڌ جعفرانه تنعيم کان پري آھي. جعفرانه مڪي شريف کان اٽڪل 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي.
مڪي  ۾رھڻ دوران عبادتن بعد دنيا جي ڪمن ۾ حاجين لاءِ اھم ڪم کاڌي پيتي جو بندوبست ٿئي ٿو. پوءِ ڪن اسان وانگر گھر ۾ رڌ پچاءَ جو بندوبست ڪيو ھو ته ڪي ھوٽلن ۾ کائيندا ھئا. ھينئر ته مڪي (۽ مديني ۾ پڻ) دنيا جي ھر شيءِ ملي ٿي. قدم قدم تي ھوٽلون ۽ کاڌي پيتي جا دڪان آھن، نه ته اڄ کان پنجاهه سٺ سال کن اڳ جن حج ڪيو، اھي ٻڌائين ٿا ته ھو کاڌي پيتي جي ھر شيءِ پنهنجي ملڪ مان کڻي ويندا ھئا. مون کي پڻ ننڍپڻ جا ڏينهن ياد آھن ته پاڙي جا ماڻھو حج تي ويندا ھئا ته ڪي مھينا ھو حج جي تياري ڪندا ھئا. پاڻ سان چانور ۽ اٽي جھڙيون شيون ته دٻا ڀري کڻي ويندا ھئا پر گوشت ۽ مڇي به سڪائي پاڻ سان کڻندا ھئا ۽ چڱو جو انهن ڏينهن ۾ ھوائي جھاز بدران پاڻي جي جھاز ۾ سفر ٿيندو ھو، نه ته رڳو ھرھڪ حاجي سان گڏ سامان جا ايترا سارا دٻا ڪھڙي ھوائي ڪمپني پنهنجي ھوائي جھاز تي ڍوئڻ پسند ڪري ھا.
حج بابت ھڪ سفرنامو پڙھي رھيو ھوس، جنهن جي لکڻ واري 1925ع ڌاري حج ڪيو ھو. پاڻ دھلي (يا شايد لکنئو) کان پاڻي واري جھاز ۾ چڙھڻ لاءِ بمبئي پھتو ۽ بمبئي ۾ ٻارنهن ڏينهن حج جي سفر لاءِ سامان پئي ورتائين ۽ ان سامان ۾ کاڌي پيتي جي سامان کان علاوه ٿانوَ ٿپا، ديڳڙا، چالھيون، لالٽين، ھنڌ بسترا، بالٽيون وغيره وغيره پڻ وٺڻا پيا، جو انهن ڏينهن ۾ مڪي ۽ مديني ۾ ھر شيءِ حاجي کي ڪرڻي پئي ٿي. عربستان ۾ اڃا تيل جي پئسن جو استعمال شروع نه ٿيو ھو. ھندستان جا شھر ۽ رستا ۽ ٻيون سھولتون (پاڻي ۽ بجلي وغيره) وڌيڪ بهتر ھيون ۽ ٻين حاجين وانگر ھن حاجي کي به رکي رکي ننڍي کنڊ جون ھوادار ۽ سھڻيون جايون، رستا ۽ لاريون، گاڏيون ۽ بگيون ياد ٿي آيون. انهن ڏينهن ۾ وري اھو به شڪر آھي جو ننڍيون لاريون نڪتيون ھيون، جيڪي عربي سڏبيون ھيون ۽ مديني کان مڪي ڏينهن ٻن ۾ اچي پڄائينديون ھيون. منجھس چوڏھن کن ماڻھو سوڙھا سگھورا ٿي ويندا ھئا. سامان ھفتو کن اڳ اٺن تي موڪلبو ھو. جو اھي پھچڻ ۾ ھفتو کن وٺندا ھئا.
بهرحال ان ھوندي به حاجي سڳورا خوش ھئا، جنهن جو اظھار مٿين ھمراهه به ڪيو آھي ته اھو به شڪر آھي جو ھاڻ پاڻي واري جھاز تي ماني جو بندوبست مسافرن کي نه ٿو ڪرڻو پوي ۽ جھاز جي بورچيخانن ۾ ماني ٺاھي وڃي ٿي، نه ته 1925ع  کان اڳ حاجين کي سامونڊي سفر جا اٺ ڏهه ڏينهن ڊيڪ تي رڌ پچاءُ جو بندوبست ڪرڻو پوندو ھو. خراب موسم ۽ گرمي ۾ جڏھن ٺھيل ٺڪيل کاڌو ملي ٿو ته اھو ئي اھڙي حالت ۾ سمنڊ کي کاڌو نه ٿو ٿئي. اتي مسافرن کي پاڻ رڌ پچاءُ ڪرڻ ۽ جھاز جي لوڏن کان پاڻ کي ۽ پنهنجي سامان کي بچائڻ لاءِ ڪيتريون تڪليفون ۽ اوجاڳا ڪرڻا پوندا ھئا. ھڪ جھاز ھلائڻ وارو يا سامونڊي زندگي کان واقفڪار ئي سمجھي سگھي ٿو. ان حساب سان اڄڪلهه حج جو سفر ڪو ڏکيو نه رھيو آھي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته حج تي ماڻھن جو تعداد وڌڻ ڪري دوران حج (خاص ڪري حج وارن ڏينهن ۾) طواف يا سعي ۾ گھڻي رش رھي ٿي.
حاجين جو کاڌي پيتي جي ھوٽلن ۽ دڪانن کان علاوه ٻين دڪانن تي پڻ چٽو وڃڻ ٿئي ٿو. خاص ڪري آخري ڏينهن ۾، حج جو فرض پورو ٿيڻ بعد پبلڪ ٽيليفونن تي به چڱي رش رھي ٿي. ھرھڪ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ٻارن جي خبر چار لھڻ لاءِ يا پنهنجي ايندڙ ڏينهن جو پروگرام مائٽن کي ٻڌائڻ لاءِ ٽيليفون ڪري ٿو. اڄڪلهه ٽيليفون ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناھي. پئسا خرچيو ته سيڪنڊن جا فيصلا آھن. مڪي توڙي مديني ۾ جڳهه جڳهه، گھٽي گھٽي ۾ ٽيليفون بوٿ لڳل آھن، جن ۾ ڪارڊ وجھي فون ڪري سگھجن ٿا. ھڪ سئو يونٽن جو ڪارڊ پنجاهه ريالن ۾ ملي ٿو ۽ ڪٿي ته 55 ريالن جو به مليو ٿي، جنهن ذريعي مڪي يا مديني کان پنهنجي ڳوٺ ڏهه ٻارھن منٽ ڳالھائي سگھجي ٿو. ڪيترائي ٽيليفون جا دڪان پڻ آھن، جتي ڏهه ٻارنهن ننڍا ڪمرا (Cubicles) ٺھيا پيا آھن. ڳالھائڻ بعد دڪان جو مالڪ منٽن مطابق توھان کي بل ڏيئي سگھي ٿو. پنهنجي ملڪ، شھر ۽ گھر فون ڪرڻ لاءِ پھرين ٻه دفعا زيرو ملائڻو پوي ٿو، ان بعد ملڪ جو ڪوڊ يعني پاڪستان جو 92 ٿيو. ان بعد شھر جو مثال طور دادو جو نمبر 229 ٿيو ۽ پوءِ گھر جو 610614 يعني ٽيليفون کڻي ان ۾ ڪارڊ وجھي يڪو نمبر ملائڻو پوندو0092229610614..
پنجاهه جي سڄي گروپ مان روز ڪجهه ماڻھو پنهنجي وطن فون ڪندا ھئا ۽ پوءِ شام جو ٻين جي دلچسپي لائق خبرون ٻڌائيندا ھئا ته ڪراچي ۾ ڦڙ ڦڙ وسي. اسلام آباد ۾ ڪلنٽن اچي رھيو آھي. پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ نه ڏٺو آھي. ھن سال حاجين جي ڪراچي ايئرپورٽ موٽڻ تي ڪسٽم چيڪنگ نه ٿيندي.
منجھند جو اڳين (ظھر) نماز کان ڪلاڪ ٻه اڳ ۾ ۽ عشاءِ نماز بعد گروپ جا سڀ کان گھڻا حاجي ڪمري ۾ موجود ھوندا ھئا ۽ پوءِ ڪڏھن ديني ڳالھين جو دور ھلندو ھو ته ڪڏھن دنيا جي خبرن جو. اسان جي گروپ ۾ جيئن ته واپاري ڪميونٽي جا ماڻھو گھڻا ھئا. ان ڪري واپاري جون ڳالھيون گھڻيون ھلنديون ھيون. اھي ٻڌي مون کي تعجب لڳندو ھو ته ان سبجيڪٽ تي ھنن جي ڄاڻ ۽ ذھانت ڪيڏي وسيع آھي. جيتوڻيڪ اڌ کان وڌيڪ مئٽرڪ تائين مس پڙھيل ھئا پر تعليم جي پنهنجي اھميت آھي ته تجربي جي پنهنجي ھنن کي ابن ڏاڏن کان ڌنڌي جو مليل ھنر ۽ تجربو ايڏو آھي جو پرئڪٽيڪل زندگي ۾ ھڪ ڪامرس ۽ فائننس جو Ph-D  به ھنن جو مقابلو نه ڪري سگھي.
نور احمد چاندنا جنهن جو رنگ (Paints) جو واپار آھي. تنهن ٻڌايو ته اسان جي ملڪ (پاڪستان) ۾ اوڌر جو ڏاڍو مرض آھي، ھر ڪو شيءِ وٺي وڃي ٿو پر اوڌر تي. پوءِ رلائي رلائي قسطن ۾ پئسا ڏئي ٿو. ڪيترا ته قسطن ذريعي به ڪجهه پئسا ڏئي ڪجهه کائي ويندا ۽ پوءِ ماڳھين نظر نه ايندا، پوءِ کين اسان ڳوليندا وتنداسين.
”کانئن رھيل پئسا وصول ڪرڻ لاءِ؟“ مون چيومانس.
”نه، کين چوندا آھيون ته باقي رھيل پئسا کڻي نه ڏيو پر وڌيڪ مال   وٺڻ لاءِ ته اچو، ڇو ته اسان اھو ئي چاھيون ٿا ته پئسا کڻي ڪجهه گھٽ ملن پر مال ته نڪرندو رھي ۽ جي سختي ٿي ڪجي ته ڪو به نه ٿو اچي. ھو ٻين کان وڃيو وٺن. جيڪي اوڌر ڏين ٿا“. ھن ٻڌايو.
اڪثر بنگلاديش ۽ انڊونيشيا جو گھڻو ذڪر نڪرندو ھو، جن جون ٽوپيون مردن جون قميصون ۽ ٻارن جا ڪپڙا مڪي جي سڄي مارڪيٽ ۾ ڇانيل ھئا.
”سان ايڪسپورٽ ۾ پٺتي ٿي ويا آھيون. حڪومت هڪ طرف مدد يا ھمت افزائي نه ٿي ڪري. مزورن جو مسئلو ٻئي پاسي آھي. رشوت ۽ ڀتا خوري ٽئين طرف آھي. نتيجي ۾ اسان جي ملڪ ۾ ٺھيل ھر شيءِ جي قيمت ايڏي گھڻي ٿيو وڃي جو بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ اسان مقابلو نه ٿا ڪري سگھون. ڪيتريون شيون ته پنهنجي ملڪ ۾ به مھانگيون پون ٿيون. ان ڪري ڪيتريون شيون جيڪي ٻاھرن ملڪن ۾ ٺھي اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿيون. انهن جي قيمت اسان جي ملڪ ۾ ٺھيل شين کان گھٽ آھي“. ھڪ بزنيس مئن ٻڌايو.
ڊاڪٽر فضل ربي جيڪو دل جو سرجن آھي ۽ دل جون آپريشنون ڪري ٿو. ان سان اڪثر انگلينڊ جي ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ھئي، جتي ھو اٺ سال کن رھي آيو ھو. ھڪ ڏينهن ڳالھين ڪندي ھن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ اھو فرق آھي جو انگلينڊ ۾ سينئر پروفيسر (سرجن) ڏکيون آپريشنون پنهنجي ھٿ ۾ ٿو کڻي. ھتي جيڪا ڏکي آپريشن ھوندي، جنهن ۾ مريض جي بچڻ جي گھٽ اميد ھوندي اھا جونيئر حوالي ڪري ڇڏيندو، جيئن مريض مري پوي ته خواري جونيئر جي ٿئي. سولي آپريشن بس سمجھو ته پليٽ ۾ حلوو کائڻ آھي ته اھو ڪم پاڻ کڻندا، جيئن سندن ناموس ٿئي ته ”ھو وڏا قابل ڊاڪٽر آھن، سندن ھر آپريشن ڪامياب ٿي وڃي ۽ جونيئر ڊاڪٽر ماڻھو ٿا مارين“. ساڳي وقت ھيٺين پوسٽن وارن جي پروموشن به ڏکي ۽ دير سان ڪئي وڃي ٿي.
ڪڏھن ته چرچا ڀوڳ به ھلندا ھئا. اسان جي گروپ  ۾ محسن نالي بزنيس مئن آھي، جيڪو نه فقط ننڍي عمرجو آھي (اٽڪل 28 سال کن جو ٿيندو) پر قد ۾ به ننڍو آھي. مصري عرب جيڪا جبا (توب) پائين ٿا، اھي بيحد ويڪرا ۽ ھيٺ وڏي گھير وارا ٿين ٿا. نماز تي ماڻھن جو گھڻو تعداد ۽ جاءِ جي سوڙهه ھجڻ ڪري ھڪٻئي جي پويان ايترو ويجھو بيھڻو پوي ٿو جو سجدي لاءِ مس جاءِ ملي ٿي. اھڙي صورت ۾ انهن مصري عربن جي وڏي گھيري وارا توب (پھراڻ) سجدي ۾ پويان بيٺل ھمراهه جي مٿان وڇائجيو وڃن ۽ ڪيترا دفعا سجدي مان اٿي بيھي سڌو ٿيڻ مھل پٺئين ھمراهه جو ڪنڌ ھنن جي توب ۾ ڦاسيو پوي. مٿين ھمراهه محسن چيو ته ھو ته ھڪ دفعي ذري گھٽ اڳيان بيٺل عرب جي توب (جبي، پھراڻ) ۾ اندر ھليو ويو ھو.
ھڪ دفعي منجھند جي ماني تي اچي ڳالهه نڪتي ته نارمل انسان لاءِ ڪيتري خواري ضروري آھي.
”ڇا ڪئلورين جي حساب سان؟“ ڊاڪٽر شفيق پڇيو.
”نه وزن جي حساب سان“ اسان جي ٽولي جي ليڊر احسان شيخ صاحب چيو.
”ھڪڙي ڪڪڙ“. ڪنهن جواب ڏنو.
”اڌ ڪڪڙ. پر ڪڪڙ ڪيتري وزن جي ٿئي ٿي؟“ ڪنهن ٻئي چيو. ”ڪڪڙ ته ھڪ ڪلو، ڏيڍ ڪلو ۽ ٻن جي به ٿي سگھي ٿي پر صاف ٿيڻ ۽ پچڻ بعد سڪي اڌ ڪلو به ٿي سگھي ٿي“. احسان صاحب چيو ”بهرحال انسان جي ھر ويلي تي وڌ ۾ وڌ خوراڪ ڇهه سئو، ساڍا ڇهه سئو گرام آھي. آئون پھلوانن، جوڌن، جپاني سومون ٿلھن جي ڳالهه نه ٿو ڪريان. ھڪ نارمل ماڻھو جي ڳالهه ٿو ڪريان“.
”ڪي ڪي نارمل ماڻھو به گھڻو کائين ٿا. ڪٿي ڪٿي بوفي ٽائيپ لنچ يا ڊنر ھوندي آھي ته ڀينگ ڪري ڇڏيندا آھن“. شميم احمد ٻڌايو جنهن کي ڪراچي ۾ شادي ھال آھي.
”ھا صحيح ٿا چئو“. فيروز سندس ڳالهه جي تائيد ڪندي ٻڌايو، پر ڪراچي جا ماڻھو ڪمزور، پريشان ۽ ھر وقت ڀڄ ڊڪ ۾ اھڙو رھن ٿا جو سندن معدو صحيح نه ٿو رھي“.
”آئون پنجاب پاسي جي ماڻھن جي ڳالهه ٿو ڪريان.“ شميم چيو. ”ھا پنجاب پاسي جا ماڻھو صحتمند آھن ۽ گھڻو کائين ٿا پر لاھور پاسي جا ايترو نه ٿا کائين جيترو گجرانوالا جا“. ھڪٻئي ٻڌايو.
شميم صاحب ٻڌايو ته واقعي گجرانوالا جي ماڻھن سان کائڻ ۾ ڪير نه پڄي سگھندو. اسان وٽ جڏھن ڪو شادي جو ھال بُڪ ڪرائڻ ايندو آھي ته ماني جو في ماڻھو جي حساب سان اگهه پڇندو آھي ته اسان اگهه ٻڌائڻ کان اڳ کائنس اھو معلوم ڪندا آھيون ته شادي ۾ دعوتي ڪير ھوندا؟ ڪراچي جا پڙھيل ڳڙھيل يا اوسي پاسي جي ٻهراڙي جا؟ سنڌ جي ڳوٺن جا يا پنجاب جا؟ ۽ پنجاب جا به ڪٿي گجرانوالا جا ته نه ھوندا؟ ڇو جو جتي اسان ٻين لاءِ اڌ ڪڪڙ جي حساب سان پئسا چارج ڪندا آھيون، اتي گجرانوالا کان آيل لاءِ ڄڃ لاءِ في ماڻھو ڏيڍ ڪڪڙ جي حساب سان چارج ڪندا آھيون. بلڪھ ڪيتريون ڪئٽرنگ ڪمپنيون گجرانوالا کان آيل مھمانن جو ٻڌي جواب ڏئي ڇڏينديون آھن.
”يارو آئون توھان کي ڇا ٻڌايان“. ھڪ ٻئي بزنيس مئن ٻڌايو، جنهن کي ڌنڌي جي لحاظ کان پنجاب وڃڻو پوندو آھي. ”ھڪ دفعي پنهنجي پنجابي بزنيس مئن دوست وٽ گجرانوالا ويس. منجھند جي ماني ھن جي گھر کاڌيم. اسان ٻه ڄڻا ھئاسين. ٽيون سندس پٽ، سندس بورچي وڏو ڊش ٻوڙ جو اچي رکيو، جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ يا ٻن ڪڪڙين جيترو گوشت ھوندو. کائڻ جو آئون به مڙس ماڻھو آھيان. ٻه چار ٻوٽيون پليٽ ۾ رکي ماني سان ٿي کاڌيم ته ميزبان دوست رڙ ڪري چيو ته ھي ڇا؟
”ڇو؟“ مون وائڙو ٿي پڇيو.
”ماني سان گوشت ٿو کائين؟ گوشت ته رکو کائڻ کپي“. ھن چيو.
”ته پوءِ ھي ماني ڇا جي لاءِ آھي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”اھا ته آخر ۾ منهن اگھڻ لاءِ آھي“. ميزبان جواب ڏنو.
ڪڏھن ڪڏھن ديني مسئلن تي به اچي بحث ٿيندو ھو. جنهن لاءِ جيتوڻيڪ اسان کي شروع کان بلڪه ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي سڀني کي سختي سان چيو ھو ته ھرھڪ پنهنجو عقيدو پاڻ تائين رکي. ٻئي سان بحث نه ڪري پر پوءِ ڪنهن وقت گروپ ليڊر نه ھوندو ھو ته شروع ٿي ويندا ھئاسين. بس اسين ماڻھو عادت کان مجبور جيسين بحث مباحثا نه ڪريون، تيسين ماني ھضم نه ٿئي. ڪڏھن ڪڏھن ته اڌ گابرو رسي به اٿندا ھئاسين. جيتوڻيڪ اصل ڳالهه ۾ ڪجهه به نه ھوندو ھو. جيئن مثال طور: ھڪ اھڙو بحث ھن وقت ياد پيو اچي ته ڪنهن کڻي چيو ته ”مولانا مودودي کي عربي نه ايندي ھئي“، پوءِ ته سڀ شروع ٿي ويا. ڪي ان جي Favour ۾ ته ڪي ان جي مخالفت ۾. اھڙي طرح ٻين عنوانن تي بحث ھلندو ھو. جن مان ھن وقت ڪو ياد نه آھي.
ڪڏھن ڪڏھن بحث دوران ھڪ ٻئي کي سٺيون ڳالھيون به ٻڌايون وينديون ھيون. نواب عبدالستار، حافظ سعيد ۽ چوڌري مھتاب جھڙا ڪيتريون ئي سٺيون سٺيون اسلامي ڳالھيون ۽ حديثون ٻڌائيندا ھئا. بلڪھ گھڻو وقت سٺين ڳالھين ۾ گذرندو ھو. عالمگير مسجد جي ٻين گروپن جا ليڊر ايندا ھئا ته اھي به ھميشھ مذھبي ڳالھيون ڪندا ھئا. ھرھڪ جا ڪيترائي حج ۽ عمرا ٿيل ھئا. ھو عربي زبان کان به واقف لڳي ٿا. ان ڪري اسان جھڙن جاھلن ۽ نون حاجين ھنن مان پرايو ٿي. ان ڪري ڪراچي ۽ اوسي پاسي جا ماڻھو جيڪي اڪيلا آھن ۽ گروپ ٺاھي نه ٿا سگھن يا کين حج جي گھڻي واقفيت ناھي، انهن کي آئون اھا ئي صلاح ڏيندس ته ھو عالمگير مسجد ۾ ھليا وڃن، جيڪا بهادر آباد ۾ آھي، جن جو شعبو انصار الحجاج ھنن جي مدد ۽ رھنمائي ڪري سگھي ٿو ۽ اسان وانگر توھان کي ڪنهن گروپ سان شامل ڪري حج تي روانو ڪري سگھي ٿو يا ٻين اھڙن ادارين سان گڏجي وڃجي.
مڪي پھچي (توڙي مديني پڻ)، سعودي حڪومت جي ويجھي اسپتال ضرور ڏسي ڇڏجي، جيئن ٿڌ بخار يا ٻي بيماري ۾ دوا درمل وٺي سگھجي. اھڙين اسپتالن ۾ دوا توڙي ايڪسري ۽ ٻيا ٽيسٽ مفت ٿين ٿا، ڪي بيماريون کنگهه، تپ جھڙيون عام ٿين ٿيون، جنهن لاءِ دوائن جو دڪاندار (فارميسي وارو) به ڪا دوا Suggest ڪري سگھي ٿو ۽ گروپ ۾ جيڪڏھن ڪو ڊاڪٽر آھي ۽ توھان پنهنجي وطن کان گھربل دوائون کڻي آيا آھيو ته اھو ته اڃا به سٺو جو دڪانن تي دوائون ڪافي مھانگيون آھن.
اسان جي رھائش واري جاءِ جي سامھون يعني رستي جي ٻئي پاسي اجياد اسپتال ھئي، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ پاڪستاني ڊاڪٽر عبدالغني اسان جي گروپ جي ھڪ حاجي جو ڀائٽيو ھو ۽ ٻئي ٽئي ڏينهن منجھند جي ماني تي اسان وٽ ايندو ھو ته اسان جي گروپ جا ڪيترائي حاجي ھن سان دوا درمل جي ڳالهه ڪندا ھئا. مون کي به ٻه ٽي دفعا بخار ٿيو ۽ آخري ڏينهن ۾ کنگهه ٿي ته واپس ڪراچي تائين رھي. منهنجي خيال ۾ ڏينهن ٻن جي بخار لاءِ ڪا پونسٽان، ڊسپرين، پئناڊال جھڙي گوري پاڻ ئي کائي ڇڏجي ۽ سعودي اسپتال جي ڊاڪٽر وٽ نه وڃجي ته بهتر، جو ھرھڪ کي ڪا نه ڪا ائنٽي بائٽڪ ڏيو ڇڏين ۽ ائين معمولي معمولي ٿڌ تپ لاءِ ڳريون دوائون کائڻ به ته صحيح ناھي.
مڪي ۾ واندڪائي ۾ حاجي پنهنجي مٽن مائٽن، ڄاڻن سڃاڻن سان به ملندا رھن ٿا، پوءِ ڪنهن جي ڪنهن سان حرم پاڪ ۾ ملاقات ٿيو وڃي ته ڪنهن جي شھر جي بازارين ۾، اسان جي ڳوٺ جا به سئو کن حاجي مختلف اڏامن ۾ آيا ھئا، تفصيل سان خبر نه ھيم ته ڪير ڪير آيا آھن پر اھا خبر ھيم ته انهن ۾ ھڪ اسان جو مائٽ محمد عيسيٰ ميمڻ ۽ ان جي پوڙھي والده به ھئي. ھو اسان کان ھفتو کن اڳ واري فلائيٽ ۾ آيا ھئا پر اسان کي ھڪ ٻئي جي رھائش جي خبر نه ھئي. اسان پھرين ڏينهن کان وٺي کين حرم پاڪ اندر توڙي ٻاھر ماڻھن جي انبوهه ۾ ڳوليندا رھياسين ٿي پر ٽيهه لک ماڻھن ۾ ڪنهن کي ڳولڻ ائين آھي، ڄڻ بهه ۾ سئي ڳولڻ، اڃا به ڪنهن جو لنگهه حرم پاڪ جي ساڳي دروازي مان آھي ته پوءِ ھڪ ٻئي سان ملاقات آسان آھي. پنج وقت نمازن مان ڪنهن ڏينهن ڪنهن نماز لاءِ ويندي يا موٽندي ان در وٽ ملاقات ٿيو وڃي. باقي مختلف در آھن ته پوءِ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. مون کي جڏھن به وقت ملندو ھو ته پنهنجي گھٽي ۾ ٿي بيھندو ھوس ته من ڪو اسان وارو مائٽ يا ھالا جو ڪو ماڻھو ملي، پر ھزارين ماڻھن ۾ ڪي ٿورا پاڪستاني مھانڊا نظر ايندا ھئا، سي به پٺاڻ، افغاني يا پنجابي ھوندا ھئا، نه ته ڳاھٽن جا ڳاھٽ ترڪ، عرب، آفريڪن، ملئي، انڊونيشي وغيره ھوندا ھئا.
ھڪ ڏينهن سنڌي ۾ ڳالھائيندي ٻه ٽي ڄڻا اچي لنگھيا. پاڻ سانگھڙ پاسي جا ميان ۽ لغاري ھئا. ”ڀائو ڪھڙي پاسي ٿا رھو؟“. مون پڇيومان.
”او ايڏانهن پل جي ھن پاسي کاٻي گھٽي ۾“. ھنن ٻڌايو.
”ايڏانهن ڪي ھالن جا آھن؟“ مون پڇيومان.
”نه. ھالن جا ته نه آھن پر اسان جي بلڊنگ ۾ خيرپور ۽ سکر پاسي جا آھن، ڀر واري بلڊنگ ۾ لاڙ جا رھن ٿا پر ھالا جا نه آھن“.
اھڙي طرح ڪنهن به سنڌي ڳالھائيندي يا سنڌي ٽوپي ۾ ڏسندو ھوس ته پڇندو ھوس ته پاڻ ڪير آھي ۽ مڪي شريف ۾ ڪٿي رھي ٿو. آخري ڏينهن ۾ حج بعد جڏھن ھاڻ اسين مديني وڃي رھيا ھئاسين ته آخر ڳوٺ وارن سان ملاقات ٿي وئي.
مڪي ۾ رھائش دوران حاجي مڪي کان ٻاھر، ويجھڙائي وارين ڪجهه اھم جاين جو پڻ ديدار ڪن ٿا. جھڙوڪ غار حرام، ثور جبل، جبل رحمت، مولود النبي وغيره. ڪجهه اھڙين زيارتن جو مختصر احوال ٻئي چئپٽر ۾ ڏيان ٿو.

No comments:

Post a Comment