Friday, February 03, 2012

مڪي ۾ رڌ پچاءُ ۽ ٻيون ڳالھيون - الطاف شيخ


مڪي ۾ رڌ پچاءُ ۽ ٻيون ڳالھيون
الطاف شيخ 
ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ اسان جي گروپ  ۾شامل ھڪ ھمراهه جيڪو ھن کان اڳ به عالمگير مسجد وارن جي ھڪ گروپ سان گڏ حج ڪري چڪو ھو، تنهن ٻڌايو ته حج تي عالمگير گروپ وارا کاڌي پيتي جو بندوبست ڪن، ھتان ٿانوَ ٿپا کڻي ھلن ۽ مسواڙ تي جايون به اھڙيون ڪن، جن ۾ رڌ پچاءَ جو بندوبست ھجي . پوءِ ڀلي ان جي مسواڙ ڪجهه وڌيڪ ھجي.


مون کي ان ڳالهه تي يقين نه ٿي آيو ۽ نه اھا Idea مون کي پسند ھئي. ڳوٺ جي حاجين کان ٻڌو ھوم ته مڪي ۾ ھزارين ھوٽلون آھن. ھر گھٽي ۾ انيڪ ھوٽلون آھن. ھر ملڪ جي ٽيسٽ جي کاڌن جون ۽ پاڪستاني قسم جي ننڍين وڏين ھوٽلن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناھي. پوءِ ڀلا پاڻ پچائڻ جي ڇو تڪليف ڪجي ۽ وقت برباد ڪجي. خاص ڪري مون لاءِ ته اھا ڳالهه بنھ فائدي ۾ نه ھئي ته ٻوڙن  جا ھنڊا پيا چڙھن ۽ ان لاءِ روز مارڪيٽ ۾ گوشت مڇي، بصر، پٽاٽا ۽ مصالحا پيا خريد ڪجن ۽ رڌ پچاءَ تي وقت وڃائجي. ڪيترا اھڙا ماڻھو آھن، جن کي جيسين روز رس وارو پاڪستاني اسٽائيل ٻوڙ نه ملي، تيسين ھنن جو گذر نه ٿو ٿئي ۽ پوءِ ان ڪري پرديس ۾ مليل نوڪريون به ڇڏيو اچن. ڪيترا اسان جا جھاز ھلائڻ وارا فارين جھازن تي نوڪري ان ڪري نه ٿا ڪن جو اتي کين کائڻ لاءِ ٻوڙ ماني نه ٿو ملي پر مون لاءِ ته ٻوڙ ماني کان وڌيڪ ڊبل روٽيون، سئنڊوچ، کير جو گلاس، بيضو آمليٽ جھڙيون شيون صحيح آھن ۽ مڪي جي ھوٽلن ۾ ته ٻوڙ ماني به ملي ٿي.
ڪجهه سال اڳ جڏھن آئون ھڪ عرب دوست جي گھر مديني رھيل ھوس ته گھر ۾ ماني کائڻ بدران مسجد نبوي ھليو ويندو ھوس ،جنهن جي ٻاھران پاڪستاني ھوٽلن وارا اڦراٽا ۽ پوريون ٺاھي وڪڻي رھيا ھئا. ملئي ۽ انڊونيشي ماڻھو مي گورينگ (ٻوڙ جي رس ۾ فراءِ ٿيل سيويون) ۽ مرتباڪ (قيمي وارو افراٽو) ٺاھي وڪڻي رھيا ھئا. بنگالي ھوٽلن وارا پنهنجي نموني جو کاڌو ته ڏکڻ ھندستان جا تامل پنهنجي سواد جو کاڌو وڪڻندي نظر آيا. آئون پنهنجي مرضي سان نه فقط کاڌو کائي پر انهن ملڪن جون يادون جن ۾ مون زندگي جا ڪيترا ڏينهن گذاريا، ڌيان ۾ آڻي خوش ٿيندو ھوس، دڪاندارن سان بنگالي يا ملئي زبان  ۾ڳالھائي پنهنجائپ محسوس ڪندو ھوس ۽ ھينئر به مون ان قسم جي آزادي چاھي ٿي ٿا. پنهنجي مرضي جو کاڌو ،پنهنجي وقت تي بنا ٽائيم ضايع ڪرڻ جي. پر ائين ٿي نه سگھيو. پنهنجي گروپ جي سامان ۾ ٿانوَ ٿپا ۽ ديڳڙا ھنڊيون ڏسي سمجھي ويس ته اھا شيءِ مرضي جي خلاف رھندي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته گروپ جي حيثيت ۾ ميجارٽيءَ جو خيال رکڻو پوندو  ۽گروپ ليڊر جو حڪم مڃڻو پوندو پر ان ھوندي به مون کي اميد ھئي ته ٿي سگھي ٿو مڪي پھچي Choice پڇي وڃي ته ڪير ھتي کائڻ پسند ڪندو، ڪير ٻاھر پنهنجو کائيندو. مون کي پنهنجي گروپ ۾ ھڪ ھم خيال ڊاڪٽر شفيق ملي ويو، جيڪو آمريڪا ۾ 6 سال رھي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، حج جي فارم ڀرڻ وارن ڏينهن ۾ ڪراچي پھتو ھو. ھن جو به اھو ئي ٿي چاھيو ٿي ته کاڌو ٻاھر کائجي پر مڪي پھچي گروپ ليڊر گھر ۾ پچائڻ لاءِ چيو، جنهن کي تقريبن سڀني خوشي سان قبول ڪيو ۽ اسان ٻئي ڄڻا چپ ٿي وياسين. مون ڪجهه مريل مريل آواز ۾ ڀڻڪيو ته ان سان ته وقت برباد ٿيندو.
”نه، ان سان پاڻ وقت بچندو. اسان مان ھرھڪ تي ٻارھن ڏينهن ۾ فقط ھڪ دفعو رڌ پچاءَ جو وارو ايندو“. منهنجي ڀرسان ويٺل چوڌري مھتاب نالي ھڪ بزنس مئن چيو، جيڪو ههڙن گروپن سان ڪيترائي حج ڪري چڪو ھو ۽ آئون چپ ٿي ويس. پوءِ ڏينهن ٻن ۾ ئي احساس ٿي ويوته ھي واقعي بهترين طريقو آھي. مديني ۾ ھوٽل ۾ کائڻ جي ڳالهه جيڪا مون مٿي لکي آھي، اھا انهن پنجن ڏينهن جي آھي، جن ۾ مديني ۾ ھڪ به حاجي نه ھو ۽ ھو حج لاءِ منى، مزدلفه، عرفات ۽ مڪي ۾ ھئا. ھوٽل وارا واندا ويٺا ھئا. تڏھن ويٺي ڪچھريون ڪيائون ۽ ھاڻ اھا حالت ھئي جو پئسا به اڳواٽ ڏيڻا پيا ٿي. اڌ ڪلاڪ کن قطار ۾ به بيھڻو پيو ٿي، پوءِ به شيءِ صحيح نه ٿي ملي، جنهن وقت وڃ ھوٽلن اڳيان رش. ھوٽلون کڻي سوين ھيون پر حاجي به ته لکين ھئا. عرب دنيا جا مشھور ”شوارما“ جيڪي مديني ۾ (حج وارن ڏينهن ۾ جڏھن اتي حاجي موجود نه ھئا) ۽ ينبع ۽ جدي ۾ کاڌا ھئم. انهن جو نالو نشان ئي نه ھو، شوارما ٺاھڻ وارو ڊگھي بن کي ڪٽي تئي تي چڱي طرح سيڪي پوءِ وچ ۾ پڪل گوشت جا ڪيترا پترا رکي  ڪيچ اپ ۽ ساس وجھي ڏيندو ھو ۽ ھاڻ پئسا ڏيڻ، قطار ۾ بيھڻ بعد جيڪو شوارما مليو ٿي، ان جي ڊبل روٽي مان ڪچي اٽي جي بوءِ ٿي آئي ۽ گوشت جا سنها ڇلر رکي بنا ڪيچ اپ جي ائين ڏنو ويو ٿي، ڄڻ دڪاندارن احسان ٿي ڪيو. وٺو نه وٺو نه ته ٻيا خريدار کوڙ.
اھو ئي حال چانھن جي دڪان تي ٿيو، توھان ڀلي رڙيون ڪندا رھو ته کنڊ گھٽ يا گھڻي، کير گھٽ يا گھڻو پر مجال آھي جو دڪاندار ٻڌي. جنهن نموني سان وڻيس ھو توھان کي چانهن ڏئي. بلڪه گھڻي رش ڪري پاٺي جي گلاسن ۾ کير کنڊ ۽ چانهن جي پڙي اڳھين وڌي ويئي ٿي. پوءِ گلاس ۾ گرم پاڻي وجھي ڏنو ويو ٿي. چانهه ٺاھيندڙ بنگالي نوڪر کي چيم ته کنڊ ته ڪجهه ڪڍ، آئون ايتري مٺي چانهن نه پيئندو آھيان.
”مون کي ڪو وقت آھي“ بنگالي نوڪر بيرخيءَ ۽ اٻهرائي مان ڳالھايو، ”جو توھان لاءِ اسپيشل چانهن ٺاھيان. مٺي گھٽ پيئندا آھيو ته کنڊ کي کڻي گھٽ گھمايو.
آئون سندس منهن ڏسندو رھيس. يارو بنگالي بيحد غريب ۽ ھيسيل رھن ٿا پر ھتي جي دڪانن ۾ ھنن کي توھان نرالو پائيندائو. ان ۾ ھنن جو به ڏوهه ناھي. دڪان جا عرب مالڪ يا ڪفيل ھنن کي گھڻي کان گھڻو پئسو ڪمائي ڏيڻ لاءِ چون ٿا ۽ فجر نماز کان وٺي آڌي رات تائين ھنن کي بيٺي پير شين جو وڪرو ڪرڻو پوي ٿو ۽ گراھڪن کي سڏڻ ۽ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رڙيون ڪرڻيون پيون ٿي. اڻ پوري ننڊ، خوراڪ ۽ پگھار ڪري ھنن جا ھوش خطا رھن ٿا ۽ نفسياتي مريض ٿيو پون.
بهرحال جلد ئي مون محسوس ڪيو ته اسان جو رڌ پچاءَ وارو سسٽم سٺو آھي، جنهن ھر وقت چانھن ۽ ڪافي پيئندا رھون ٿا، سا به پنهنجي ٽيسٽ ۽ نموني جي ھڪ اليڪٽرڪ ڪيٽل به رکي وئي ھئي، جنهن  ۾پاڻي يڪدم بوائل ٿي ويو ٿي ۽ ڪوپ ۾ ڪافي يا چانهن جي ٿيلھي وجھي چانهن ٺاھي ورتي ٿي يا پتيليءَ  ۾کير، کنڊ ۽ چانهن جي پتي وجھي پٺاڻن واري دود پتي چانهن ٺاھي وئي ٿي. اسان جي ڏنل ٻه ٻه سئو ريالن جي ڦوڙيءَ مان گروپ جي ليڊر ھر شيءِ وٺي ڪچن جا ڪٻٽ ۽ فرجون ڀري رکيون ھيون. ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ۽ ڪيترن ئي Juices جا ڪريٽ، کير جا دٻا، جئم، مکڻ، ماکي، پنير وغيره. صبح جو روزانو ڊبل روٽي ۽ خبز (نان) گھرايا ويندا ھئا، جنهن کي جنهن وقت نيرن وڻي ڪري ۽ جيڪا شيءِ پسند اچيس اھا کائيندو رھي. ڪنهن تي جھل پل نه ھئي. ڪيلو، اورينج ۽ صوفن جا ٻه کوکا گھرائي رکيا ويا ھئا. منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني گڏ ويھي کائيندا ھئاسين. روزانو ھر ويلي تي ٻارھن کن ڪڪڙين جو ٻوڙ رڌبو ھو ۽ نان، ڊبل روٽي يا چپاتيون ڊيوٽي وارو ھمراهه ٻاھران وٺي ايندو ھو، جنهن جا پئسا مقررڪيل خزاني کان وٺبا ھئا. ڪنهن ڏينهن چانور به رڌيا ويندا ھئا. ڪڪڙين (Frozen  Chickens) جا به يڪا کوکا وٺي ڊيپ فريزر ڀريا ويا ھئا. مرچ مصالحو به اڳواٽ ھول سيل ۾ ورتو ويو ھو. تنهن ھوندي به روزانو ڊيوٽي وارا ٻه مرد عورتن کان پڇا ڪندا ھئا ته ڪھڙي شيءِ جي ضرورت پوندي، جيڪا ٻاھران وٺي صبح سوير پھچائبي ھئي ۽ اھي ڏھين يارھين تائين ٻوڙ رڌي وٺنديون ھيون. ظھر نماز کانپوءِ ڊيوٽي وارا مرد ماني وٺي ايندا ھئا ۽ ڏيڍ بجي ڌاري مرد پنهنجي فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ ۽ عورتون پنهنجي فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ پٽ تي غاليچي مٿان پلاسٽڪ وڇائي ماني کائيندا ھئاسين. ماني بعد گروپ جو ليڊر ايندڙ ڏينهن جي پروگرام بابت ٻڌائيندو ھو ته سڀاڻي مڪي جي اوس پاس جون زيارتون ڏسڻ لاءِ بس جو بندوبست ڪيو ويو آھي. فلاڻي ٽائيم تي سڀ تيار ھجن يا ڪا ٻي ڳالهه ھوندي ھئي ته ان جو اعلان ان وقت ٿيندو ھو. ان بعد ”تعليم“ ٿيندي ھئي، جنهن ۾ گروپ جو ليڊر احسان الاھي شيخ يا حافظ قرآن سعيد احمد حج بابت ڪنهن عنوان تي ليڪچر ڏيندو ھو يا قرآن مجيد جي ڪنهن سورت جو تفسير يا حديث ٻڌائيندو ھو . ان بعد ڪلاڪ کن آرام ڪري پوءِ عصر جي نماز تي ويندا ھئاسين.
رات جي ماني سومھڻي (عشاءِ جي نماز بعد نائين بجي ڌاري ٿيندي ھئي. رات جي ماني بعد جن جي کاڌي جي ٻئي ڏينهن ڊيوٽي ھوندي ھئي. اھي زناني فليٽ تان معلوم ڪندا ھئا ته سڀاڻي جي ماني لاءِ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ته نه آھي، جيئن ھو رات جو ئي وٺي اچن يا ٻئي ڏينهن صبح جو فجر نماز کانپوءِ اڪثر ڪجهه شين جي کوٽ ٿيندي رھندي ھئي. جيئن ته ڌورو کپي، سلاد، اچار، بصر، ٽماٽا، ڌاڻا، ڦودنو، پڪوڙن لاءِ بيسڻ کپي وغيره وغيره. روزاني ڪڪڙ جو ٻوڙ ٺھندو ھو . ھڪ يا ٻه دفعا ٻاڪرو رڌيو ويو پر شايد گھڻن کي پسند نه آيو. آخري ڏينهن ڌاري ڪيترن دانهون ڪيون ته روز روز ڪڪڙ کائي ٿڪجي پيا آھيون. ڀاڄي به رڌجڻ کپي پوءِ خبر پئي ته ڀاڄي رڌڻ لاءِ ڀاڄي جي ڇلڻ کان ھر عورت ڀڄي ٿي. ڪڪڙيون ته اڳھين ڇليل آھن، رڳو ڪات سان ننڍا ٽڪر ڪيا وڃن ٿا، جيڪو ڪم ڊيوٽي وارا مرد ڪن ٿا، پنهنجن منهن اسان ٻن ٽن ڄڻ شروع وارن ڏينهن ۾ شڪايت ڪئي ته ائين ڪرڻ سان کاڌي پيتي تي تمام گھڻو خرچ ايندو پر پوءِ خبرپئي ته جنهن مارڪيٽ مان ۽ جنهن ھول سيل اگهه تي ھي اسان جا گروپ وارا خريداري ڪن ٿا، تمام سستو پوي ٿو، اسان واري سڃاڻي اسرار الحق مون کي جيتوڻيڪ ان بابت پھريون ڏينهن تي ٻڌايو ھو ته پاڻ سان گڏ ستر سيڪڙو اھڙا آھن، جن جو واسطو تجارت سان آھي. ھو ڪيترا عمرا ۽ حج ڪري چڪا آھن. انهن کي ائين گڏ ۾ کاڌو ڪرڻ ۾ ضرور فائدو نظر آيو ھوندو، نه ته ھو ٻاھر ھوٽلن تي ئي کائين ھا.
۽ پوءِ منهنجي واري اچڻ تي جنرل راشن جون ڪيتريون ئي شيون ختم ٿي چڪيو ن ھيون ۽ اسان کي گروپ جي ليڊر ٻه اڍائي ھزار کن ريال ڏنا ته مڪي کان ٻاھران گوشت ۽ فروٽ مارڪيٽ مان سامان وٺي اچو. مون سان گڏ ڊيوٽي گلزار جي ھئي پر اسرار کي به پاڻ سان کنيوسين. سعودي ٽي وي تي ھڪ پاڪستاني ھمراهه عبدالشڪور ڪم ڪري ٿو، جيڪو گذريل ويھارو سالن کان ھتي آھي ۽ اسان جي گروپ ليڊر جو واقف آھي. اھو پڻ اسان سان ھليو. بلڪه ھن کي اسان ساڻ کنيو جو ھتي جو واقف آھي ۽ عربي به سٺي اچيس ٿي. ھو اسان کي ھتان ھتان ڦيرائي ھڪ روڊ تي اچي پھتو، جتان ٽئڪسيون ۽ پرائيويٽ ڪارون مسافر کڻن ٿيون. ان مارڪيٽ ۾ وٺي ھلڻ لاءِ ھڪ ڪار وارو ٻارھن ريالن  ۾راضي ٿي ويو. مڪي شھر جي رستن تان حج لاءِ آيل ماڻھن جي درياهه مان ڪار ڪڍي شھر جي ٻاھر پھتو ۽ پوءِ جلد ئي شھر جون عمارتون ختم ٿي ويون ۽ نانگ وانگر پڪا ڏامر جا ڪارا رستا ھئا يا ڪارن لسن پٿرن وارا پھاڙ ۽ پوءِ وڏيون گدامن جھڙيون عمارتون نظر آيون، اھي کاٻي پاسي ھيون. ان ڪري ڪار وارو ھڪ ھنڌان مڙي وري شھر ڏي ايندڙ رستي تي آيو ۽ اسان کي انهن عمارتن وٽ ڇڏيو. سعودي عرب ۾ آمريڪا وانگر رائيٽ ھئنڊ ڊرائيور آھي، يعني رستي جو ساڄو پاسو وٺي ھلڻ ۽ ڪارين بسن ۾ ڊرائيونگ ويل کاٻي پاسي ٿئي. اسان وٽ پاڪستان انڊيا، ملائيشيا وغيره ۾ ان جي ابتڙ آھي جو اسان برٽش سسٽم فالو ڪريون ٿا.
اھي عمارتون جتي اسان خريداري لاءِ لٿاسين، ھتي جي ھول سيل مارڪيٽ (سبزي منڊي نموني) جي ھئي، جتي ھر قسم جي شيءِ لاءِ الڳ الڳ حصو ھو. ميوي لاءِ الڳ جتي دنيا مان ايندڙ ھر قسم جي ميوي جا کوکا رکيا ھئا. ويندي آسٽريليا، نيوزيلينڊ جو Kiwi فروٽ، وچ آمريڪا ۽ فلپين ڪو ڪيلو، مصر ۽ موراڪو جا سنگتڙا، فلوريڊا  آمريڪا جا صوف وغيره. پاڪستان جا ڪينو به ھئا پر افسوس جو ھڪ ته پئڪنگ جا کوکا سادا ھئا. ان ڪري خريدارن جو ان طرف ڌيان گھٽ ھو ۽ ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اھا ته منجھس فروٽ به صحيح قسم جو نه ھو يا شايد پئڪ ڪرڻ وقت باغائين سٺي جنس جو ڪينو وڌو ھجي پر باغن تان ڀر وارن شھرن ۾ انهن شھرن کان ڪراچي يا لاھور جي ھوائي اڏي تي ۽ ھوائي اڏي تان ھوائي جھاز  ۾چڙھڻ لاءِ ايڏي ته انگهه ڪئي وئي ھجي، جو ھتي جي مارڪيٽ ۾ پھچندي پھچندي اڌ کان وڌيڪ ميوو پاروٿو ٿي چڪو ھو. دڪاندارن انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ خريدارن کي Discount اگهه تي ٿي ڏنو ته به وٺڻ لاءِ ڪو راضي نه ھو. اسان پنهنجي ملڪ جي شيءِ سمجھي ھڪ کوکو کڻي ورتو پر اسان جي گروپ مان ڪنهن به پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي سمجھي کڻي نه کاڌو.
ڪُٺل ۽ ٿڌيون ٿيل ڪڪڙين جي مارڪيٽ مان سٺ کن ڪڪڙيون ورتيوسين. ھڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته ان قسم جو فروزن مال ۽ کير وغيره ڊئنمارڪ جھڙن ملڪن کان سعودي عرب ايندو ھو پر ھاڻ سعودي عرب ۾ کير جا به ڪارخانا کلي پيا آھن، جتي بين الاقوامي معيار جو تازو کير پئڪ ٿئي ٿو ته ڪڪڙين جا فارم به. ڪڪڙين جي خوراڪ لاءِ ٻاھران Feed گھرائي اھي ھتي پاليون تاتيون وڃن ٿيون ۽ ھاڻ گھڻي کان گھڻيون شيونProduct of Saudi Arabia  آھن. ھڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته سڄي دنيا ۾ ھيڏي مھانگائي ٿيڻ جي باوجود ھتي ڪيتريون شيون سالن کان ساڳي اگهه تي وڪامن ٿيون.
اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ ينبو سعودي عرب آيو ھوس. تڏھن به شھر جي دڪانن تي سڄي فروزن ڪڪڙ جي قيمت ڇهه ريال ھئي. اڄ کان ويهه سال اڳ جھاز کي سعودي عرب جي اتراھين بندرگاهه دمام وٺي آيا ھئاسين ته ان وقت به اھا قيمت ھئي ۽ اڄ به شھر ۾ سڄي ڪڪڙ جي قيمت ڇهه ريال آھي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته اسان کي مھنگي به لڳي ٿي جو اسان جي ملڪ جي خراب حالتن ڪري اسان جي سڪي جي قيمت ڪري پئي آھي ۽ ويهه سال اڳ جيئن ته ھڪ ريال ٽن رپين برابر ھو ته اسان کي 18 رپئي ڪڪڙ لڳندي ھئي ۽ ھاڻ 51 رپئي ريال ٿيڻ ڪري 90 رپئي جي لڳي ٿي پر تنهن ھوندي به ھي ڪڪڙ وڌيڪ سستي ۽ صحتمند آھي ۽ اسان کي ته ھن مارڪيٽ مان ھول سيل جي اگهه ۾ ساڍن چئن ريالن جي پئي ٿي. اھڙي طرح ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو دٻو جيڪو شھر جي ھوٽلن يا دڪانن ۾ ھڪ ريال جو ملي ٿو. ھن مارڪيٽ مان اڌ ريال کن جو مس ٿي پيو، اھڙي طرح فروٽ، داليون، مصالحا وغيره ھر شيءِ سستي پئي ٿي ۽ آخري ڏينهن تي جڏھن حساب ڪيو ويو ته في ماڻھو جو سڄي ڏينهن جو خرچ ڏهه ريالن کان به ٿورو گھٽ آيو، جنهن ۾ ٽي ويلا ماني کاڌيسين ٿي ۽ فروٽ، کير ۽ چانهيون الڳ، سو ان خيال ۾ اسان جي گروپ ليڊر يا انصار الحجاج (عالمگير مسجد) جي انتظاميا وارن جي عقلمندي چئجي جو ھو ان قسم جي جاين تي گھڻي مسواڙ ضرور ڏين ٿا پر رھائش جي آرام سان گڏ کاڌي پيتي تي گھٽ خرچ ٿئي ٿو ۽ ھرھڪ پرديس ۾ پيٽ ڀري کائي ٿو ۽ وقت به ايترو ضايع نه ٿو ٿئي. جيترو پھرين سوچيوسين. ھر ويلي تي ھوٽل ۾ قطار ٺاھي بيھڻ ۾ وڌيڪ وقت ضايع ٿئي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل مارڪيٽ مان سامان وٺڻ مھل آئون دڪان جي ٻاھران رکيل ڪرسي تي ويٺو رھيس، مون سان گڏ آيل ھمراھن دڪان اندر گھڙي ضرورت جو سامان ڏسي دخل تي ويٺل سيٺ کي لکائي پئسا ڏنا ۽ بعد ۾ دڪان جي مزورن اسان جو ۽ ٻين گراھڪن جو سامان دڪان اڳيان بيٺل مزدا گاڏين ۾ چاڙھيو ٿي. جيڪي سوزوڪي پڪ اپ ۽ ٽرڪ جي وچ جي سائيز جون ٿيون ٿيون. ھرھڪ دڪان چڱو خاصو سپر اسٽور ھو ۽ اھي دڪان قطار ۾ پري پري تائين ھليا ويا ٿي. دڪانن جي وچ وچ ۾ ڪجهه ڪولڊ اسٽوريج به ھئا جو رکي رکي جدي کان وڏا ٿڌا Refrigerated ڪنٽينر اچي رھيا ھئا. جن مان فروزن ڪڪڙين جا کوکا، سڄيون سڄيون ڪٺل ۽ ٿڌيون (Frozen) ٻڪريون، آئيس ڪريم ۽ مکڻ جا دٻا ۽ ٻيو سامان لھي رھيو ھو، جيڪو سعودي عرب جي مختلف فئڪٽرين جو مال ھو يا وري جدي جي بندرگاهه تان ـ جيئن ته ڪٺل ٻڪريون، رڍون ۽ ڍڳيون پڪ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان Refrigerated جھازن ۾ آيون ھونديون. دڪانن جا مزور انهن ڪنٽينرن مان سامان لاھي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکي رھيا ھئا ۽ وري ضرورت پوڻ تي، جيئن اسان کي اٺ ڪڪڙيون جا دٻا کتا ٿي (ھر دٻي ۾ ڏھاڪو کن ڪٺل ۽ ٿڌيون ٿيل ڪڪڙيون ھيون) ته ھنن ڪولڊ اسٽوريج مان ڪڍي اسان جي پڪ اپ ۾ چاڙھيا ٿي. خريدارن ۾ گھڻو ڪري مڪي جي ھوٽلن جا مالڪ ھئا، جن ۾ ڏکڻ ھندستان جا تامل ۽ پنجاب پاسي گھڻا ھئا. انهن کي فئملي ھوٽلون ھيون. يعني ھوٽل جو مالڪ يا ڪفيل کڻي عرب ھو پر ھلائي ھنن ٿي، جنهن ۾ سڄي فئملي ڪم ڪيو ٿي. يعني ڀائرن، ڀائٽين، پيءُ چاچي، وغيره، بنگالين جون به مڪي ۾ ڪافي ھوٽلون لڳن ٿيون، جن بابت انهن ھوٽل وارن خريدارن کان پڇندو رھيس، مون کان به پڇڻ لڳا ته منهنجي به ڪا ھوٽل آھي. وراڻيومان ته بس سمجھو ته اسان جي به ھڪ ھوٽل آھي، جنهن جا پنجاهه کن پرمننٽ گراھڪ آھن ۽ اھڙا چار پنج ٻيا مھمان به روز اچيو وڃن ٿا.
سامان کڻڻ وارا تقريبن سنڌي ۽ بلوچ ھئا، جيڪي سامان ڍوئڻ دوران سنڌي ۾ ڳالھائي رھيا ھئا ته چرچا ڀوڳ به ڪري رھيا ھئا. اٿڻ مھل ھڪ ٻن کان پڇيم ته ھو ڪٿي جا آھن ته ٻڌايائون ته اتر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جا آھن، ھونئن به عربستان جي وارياسين پٽن، گرمين ۽ لوھن لڪن ۾ جيڪب آباد ۽ سکر جا ئي ماڻھو پورھيو ڪري سگھن ٿا پر افسوس جي ڳالهه فقط اھا آھي ته ھتي ڌارين کان جيتري پورھيو ۽ ڪم ورتو وڃي ٿو، اوترو اجورو نه ٿو ڏنو وڃي. ان جي ڄاڻ ۽ فڪر نه عرب مالڪ کي آھي ۽ نه حڪومت کي.
حڪومت ڪا نئين مارڪيٽ ٺاھي ٿي ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ عرب پنهنجن پئسن سان دڪان خريد ڪري ٿو نه ته اسان جي ملڪ جو پئسي وارو واپاري، پنجابي، پٺاڻ، بنگالي، تامل (ڏکڻ ھندستان جا به ڪافي آھن)، ڪنهن عرب جي نالي تي پنهنجن پئسن سان دڪان کولي ٿو، ڇو جو عرب ملڪ ۾ ڪنهن به ڌارئين کي پراپرٽي خريد ڪرڻ جي اجازت ناھي. پوءِ به ڪنهن عرب سان دوست ڪري، دڪان، ھوٽل يا فئڪٽري خريد ڪري ٿو، بلڪه ڪيترن عربن ان کي ڌنڌو ڪري سمجھيو آھي ۽ ھو ڌارين ملڪن جا اھڙا امير ڳوليندا وتن ٿا، جيڪي ھنن جي نالي ۾ ڌنڌو ھلائين ۽ گھر ويٺا بنا سيڙپ جي کين پئسو پھچائين. ڪيترا ته اھڙا به واقعا ٿيا آھن، جن ۾ مڪاني عرب لالچ ۾ اچي يا ڪاوڙ ۾ اچي گھڻي پئسي جي گھر ڪن ٿا. ايترو گھڻو جو وڪڻڻ وارو اصل مالڪ بيزار ٿيو پوي ۽ پوءِ ٺڳي تي لھيو اچي. مال ڪسو ٿو ڏئي، شيءِ مھنگي ٿو ڪري، جيئن پنهنجي ڪفيل کي خوش ڪري سگھي. جنهن طرفان پريشر لڳو رھي ٿو ته گھڻي کان گھڻو پئسو ڏي نه ته دڪان ٻئي جي حوالي ڪري، توکي تنهنجي ملڪ ٿو موڪليان. ڪن حالتن ۾ ته انهن تي ڪوڙا ڪيس ڪري ملڪيت ڦٻايو وٺن. جيڪا ھونئن ئي سندن نالي ٿيل ھوندي آھي. ڌاريون غريب پنهنجي کل بچائي نڪرندو آھي.
اھڙي صورت ۾ دڪان، ھوٽل، اسٽور ھلائڻ وارو اھا ئي ڪوشش ڪري ٿو ته اھڙو مزور گھرايان، جيڪو غريب ملڪ جو مجبور ۽ بيروزگار ھجي ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش وغيره کان نڪتل مزور اھو سوچي سعوي عرب پھچي ٿو ته اجھو ٿو عربن وٽ پھچي مال ڪمايان جو عرب پئسي وارا آھن ۽ مون کي به عيش ڪرائيندا، پر ھتي پھچي ھن کي پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻھو وٽ ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ موسم ۽ رھڻ جون Conditions سندن ملڪ کان به خراب ملن ٿيون. پاسپورٽ به اھو پنهنجو ملڪ جو شوخ طبيعت وارو سيٺ يا عرب ڪفيل سوگھو ڪريو ڇڏي. ان ڪري مقرر پورھئي جي مدي کان اڳ ڀڄي پنهنجي ملڪ به نه ٿو اچي سگھي ۽ نه وري ھن کي ٽڪيٽ جا پئسا آھن، جيڪي ھيس سو الهه تلهه وڪڻي ويزا ۽ ڀاڙو ڏئي ويتر قرض ٿي ته ھتي پھتو، مڪي ۽ مديني جھڙن شھرن ۾ رھي به ھنن کي موڪل نه ٿي ملي ته وڃي پاڪ جاين جو ديدار ڪن يا مٽن مائٽن سان ملن، ھتي جا ست ئي ڏينهن پورھيو ڪرڻو پوين ٿو. گھٽ پگھار تي.
ھڪڙا سنڌي ھمراهه چار کن پٽڪن ۽ سنڌي ٽوپين ۾ چڱو خاصو راشن وٺڻ لڳا، پڇڻ تي ٻڌايائون ته ھو حج لاءِ آيل آھن ۽ ھنن مڪي شھر کان پري ٻهراڙي ۾ مسواڙ تي جاءِ ورتي آھي، جتي گھر ڪشادا آھن ۽ مسواڙ گھٽ آھي. رڌ پچاءَ ھنن به اسان وانگر گھر ۾ ڪيو ٿي پر اسان جي جاءِ حرم پاڪ جي ويجھو ھجڻ ڪري ڳري مسواڙ واري ھئي. ”پوءِ ڀلا نمازن لاءِ حرم پاڪ ۾ ته ايندي تڪليف ٿيندي ھوندائوَ“. مون پڇيومان.
”اسين فجر پڙھي بس ۾ موٽي ايندا آھيون ۽ پوءِ ظھر نماز تي بس يا ٽئڪسي ۾ ويندا آھيون ته چارئي نمازون پڙھي عشاءِ بعد موٽون، يڪو وقت حرم پاڪ ۾ ويٺا ھوندا آھيون. شھر کان پري گھر وٺڻ ۾ اسان جي وڏي بچت ٿئي ٿي“. ھنن ٻڌايو.
ساڳي ڳالهه اسان جي پيٽارو ڪاليج جي دوست عبدالقادر قريشي ڪئي، جيڪو پڻ حج تي آيل ھو ۽ اوچتو مديني ۾ ملاقات ٿي. ساڻس گڏ سندس ڀائٽيا (مرحوم احمد علي قريشي جج جا ٻار) مقصود، مسعود ۽ محمود ھئا ۽ اي اين جي عباسي جو ڀائٽيو (اعجاز جو پٽ) عبداللطيف ھو. مقصود ڪراچي ۾ SDM آھي. ھن چيو ته شھر جي وچ ۾ (يعني مڪي ۾) سوڙھين جاين ۽ ھوٽلن ۾ رھڻ کان بهتر آھي ته شھر کان ٿورو پري مسواڙ تي جاءِ وٺي رھجي. پوءِ نمازن لاءِ ڀلي ٽئڪسي ڪري اچجي اھو ڪم سستو آھي. گھٽ ۾ گھٽ رھڻ لاءِ ڪمرا ته وڏا ملي ويندا ۽ تمام سستا پڻ.
در اصل ڪيترا به کڻي حاجي اچن پر ان جو اثر مديني شھر تي نه ٿو پوي، جو اُتي انهن جو فقط ھڪ حصو ھر وقت موجود رھي ٿو. يعني ٽي چار لک حاجي ھفتو ڏهه ڏينهن رھي موٽن ٿا ۽ پوءِ ٻيا وڃن ٿا. ان ڪري مديني ۾ رھائش ڪشادي، سستي ۽ آساني سان مليو وڃي ۽ مڪي وانگر پٽ تي سوڙھا گاديلا وڇائي سمھڻ بدران مديني ۾ نوي سيڪڙو رھائشگاھن ۾ پلنگ آھن. مڪي ۾ رھڻ جو وڌيڪ مسئلو ان ڪري آھي جو ھڪ اھڙو وقت اچي ٿو. حج کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۽ پوءِ، جو سڀ حاجي اچيو اتي گڏ ٿين. ڇو جو حج لاءِ سڀني کي مڪي ۾ گڏ ٿيڻو آھي. جتان پوءِ پنج ڏينهن حج وارا منى، عرفات ۽ مزدلفه ۾ گذارڻا آھن ۽ ھي پنج ڏينهن سڀني حاجين کي ساڳيا ڪم ساڳي ساڳي ڏينهن تي ڪرڻا پون ٿا.
مڪي ۾ رھڻ دوران ھر حاجي حرم پاڪ ۾ نماز پڙھڻ چاھي ٿو ۽ طواف ۽ عمرا ڪرڻ چاھي ٿو. ظاھر آھي. ھتي اچڻ جو مقصد ئي عبادت آھي. نمازن جي وچ  ۾ھرڪو گھر ۾ اچيو آرام ڪري يا کاڌي خوراڪ لاءِ ھوٽلن ڏي ڀڄي ٿو يا پنهنجي مڪي ۽ مديني ۾ رھڻ دوران پوندڙ ضرورتن جي شين جي خريداري ڪري ٿو يا پنهنجن ٻارن، ٻچن، دوستن يارن لاءِ سوکڙيون خريد ڪري ٿو. مڪي توڙي مديني جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ دڪان آھن ۽ دڪان شين سان اٿلندي نظر اچن ٿا. اوچيون شيون ۽ اوچا دڪان به آھن پر تمام گھٽ. سستي قسم ۽ چمڪ دمڪ وارين شين جا دڪان گھڻا آھن جو ميجارٽي غريب ماڻھن جي آھي. گھڻن تڻن اميرن وٽ به جاين جون ڳريون مسواڙون ڏيڻ ۽ کاڌي خوراڪ جا بل ڀرڻ بعد ايترا پئسا نه ٿا بچن جو اوچي قسم جي دڪان يا شين ڏي وڌن. ان ڪري سستي قسم جي دڪانن تي گراھڪن جي وڏي رش نظر اچي ٿي . خاص ڪري اھي دڪان جن تي ھر شيءِ ھڪ ريال، ٻه ريال يا ٽن ريالن جي رکيل آھي. واچن جي ڪن دڪانن ۾ ھر قسم جي واچ 15 ريال به ھئي. گھڻو مال چين جو نظر آيو ٿي. عام طرح شيون ايڏيون سستيون نه آھن، پر ڪي ڪي شيون ننڍن اگھن وارن دڪانن ۾ ايڏو سستيون جو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته دڪاندار  ۽ فئڪٽري واري کي ان تي ڇا فائدو ٿيندو ھوندو، جيئن ھڪڙو الارم گھڙيال ٽن ريالن ۾ ورتم، جنهن لاءِ ھن پھرين پنج ريال چيو پر پوءِ ٽن تي راضي ٿي ويو. ھاڻ انهن ٽن ريالن واري شيءِ تي ھانگ ڪانگ، تائيوان کان اڌ ريال ته ڀاڙو ۽ ٻيو خرچ لڳو ھوندو. ھڪ ريال دڪاندار ڪمايو، ھڪ ريال فئڪٽري واري به نفعو رکيو ھوندو ته ڇا گھڙي جي باڊي ۽ ان ۾ اندر پيل انيڪ پرزن جي قيمت اڌ ريال ٿي؟
مڪي ۾ ڪھڙين شين جو گھڻو وڪرو ھو: واچون، ڇٽيون، چپل، عطرن جون ننڍيون ننڍيون شيشيون، رولڊ گولڊ جون چوڙيون ۽ ڪنگڻ مختلف ٻُڙن واريون منڊيون (Rings)، ٿرماس، ڪي چين، صابڻ شئمپون، بنگلاديش جون مختلف نمونن ۽ ڀرت جون ٽوپيون، سرمو (Antinomy)، چانهن جون مختلف ماپن ۽ قسمن جو ڪٽليون، ٻارن جا ڪپڙا، غنجن نالي اگربتيون، ميندي (راني ڪون). اھا شايد پاڪستاني شيءِ ھئي ۽ ٻي ھاشمي سرمو گھڻو ٿي ھليو. سنگاپور، ملائيشيا پاسي جو ٽائيگر بام ۽ ابوفاس ڏاڍو ٿي وڪاميو ۽ مختلف ”تيل“ مالش جا، جن مان ھڪ ”منياڪ داب“ به ھو. منياڪ معنيٰ تيل ۽ داب معنيٰ سانڊو. اھو ملئي نالو آھي، اھو تيل ٿي سگھي ٿو سعودي عرب جو ھجي يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان وڪري لاءِ ھتي آيو ھجي يا ٿي سگھي ٿو ڪنهن ٻئي ملڪ کان آيو ھجي پر ان جا وڏا خريدار ملئي ۽ انڊونيشي آھن. ھنن جي نظرن ۾ سعودي عرب جي رڻ پٽ جو سانڍو (داب) اوچي شيءِ آھي .جنهن مان نڪتل تيل مرد جو Sexual Power  وڌائي ٿو. ملائيشيا جا سعودي عرب ۾ تعليم وٺندڙ شاگرد به واپسي تي سانڊا وٺي ملائيشيا جي ايئر پورٽ تي لھندا آھن، جن کان مڪاني حڪيم ڳرين قيمتن تي خريد ڪري انهن مان تيل ڪڍندا آھن.
ٻين شين ۾ وئپورب بام، آمريڪن ويسلين جي ڪاپي ڪيل پاڪستاني ويسيلن، نيويا ڪريم، بمبئي جي توراب النيل ۽ پاڪستان جي مشق جامد ڪريم ۽ مينديون پڻ عام شيون آھن، جن کي مختلف ملڪن جا ماڻھو خريد ڪن ٿا.
دڪانن کان علاوه فوٽ پاٿن تي، مختلف ماڻھو خاص ڪري اٿوپيا جون شيدياڻيون ۽ ڏکڻ ٿائلينڊ جون مسلمان شاگرد ڇوڪريون ڪاري ميندي، چونئرا، منڊين جا ٻڙا  (Stones)، لونگ ۽ ان قسم جون شيون وڪڻنديون نظر اچن ٿيون. ھي عورتون غير قانوني طرح شيون وڪڻن ٿيون، ان ڪري پوليس جي گاڏي جو ھارن ٻڌي سامان به ڇڏي ڀڄي وڃن ٿيون. شيدياڻيون (حبش ملڪ جون ھي آفريڪن ڪاريون عورتون) سڀ ھڪ جھڙا ڪارا برقعا پائي وھن، جنهن ۾ سندن منهن ڍڪيل ٿئي ٿو، فقط ٻه اکيون نظر اينديون آھن ۽ سڀ ھڪ جھڙيون لڳن. اسان واري عمارت واري روڊ تي رھندڙ لونگن واريءَ وٽ نائيجيريا، گھانا ۽ مالي ملڪن جي شيدي مردن جي وڏي رش لڳندي ھئي. ھڪ دفعي نيٺ کانئن پڇيم ته ھو لونگ ڪھڙي ڪم لاءِ وٺن ٿا.
”اسان وٽ چانهن ۾ وجھندا آھن“. آفريڪن شيديءَ ٻڌايو.
”توھان جي ملڪن ۾ نه وڪامن ڇا؟“ مون پڇيومانس.
”وڪامن پر تمام مھنگا آھن ۽ سٺي جنس جا نه آھن. ان ڪري ھرھڪ جو مٽ مائٽ حج تان لونگ آڻڻ جي فرمائش ڪندو آھي“. ھن وراڻيو.
ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ گھڻو ڪري ماڻھو ناريل جي کير ۾ رڌل چانور نيرن تي کائيندا آھن. وڻ مان پٽيل تازي ناريل جي چوري ۾ پاڻي وجھي کير ٺاھين. نيرن تي ڀت کائڻ ھڪ عجيب ڳالهه آھي پر ھتي ناريل جي کير  ۾رڌل چانور جيڪي ملئي زبان ۾ ناسي ليما (Nasi Lemak)  سڏجن ٿا، ڪجهه ڏينهن کائڻ بعد ماڻھو اھڙو عادي ٿيو پوي جو حلوا پوريون ھڪ طرف ۽ ھي ناسي ليما  ٻئي طرف. مون کي به خبر پيئي ته ھڪ گھڻي ۾ ملئي عورتون صبح سان ناسي ليما وڪڻن ٿيون. پھرين دفعي منهنجي پھچڻ کان اڳ کپي ويو. ٻئي دفعي فجر نماز پڙھي اچي بيٺس، چار پنج عورتون گھران ٺاھي فوٽ پاٿ تي ديڳڙا رکي وڪڻي رھيون ھيون. ناسي ليما ملائيشيا ۾ به اخبار جي پنن ۾ پڙيون ٺاھي وڪيو ويندو آھي. 25 سينٽن ـ يعني پنجين رپئي کن جي ھڪ پڙي وڪامي، ھتي ان کان به ننڍيون پڙيون ٺھيل ھيون، جھن مان ڇهه ست گراهه ٿين ۽ ٻن ريالن ۾ وڪامي رھيو ھو. يعني 30 رپيا في پڙي. منجھس اھڙو سواد نه ھو، جھڙو ملائيشيا جي ناسي ليما ۾ ٿئي ٿو. ظاھر آھي سعودي عرب ۾ ڪٿان آيو ته ايترو تازو ناريل؟ ملائيشيا  ته ملڪ ئي ناريلن جو آھي پر ناسي ليما جي نالي ۾ خوب وڪرو ھليو ٿي ۽ وڪڻڻ وارن جي خوب ڪمائي ٿئي ٿي. اھي وڪڻڻ واريون عورتون گھڻو ڪري حج تي آيل حاجياڻيون ھيون، جن جي حج سان گڏ ڪجهه ڪمائي به ٿيو وڃي ۽ حج جو ڪجهه خرچ پکو نڪريو وڃين.
سعودي حڪومت جيتوڻيڪ اھڙن غير قانوني دڪاندارن کي شيون وڪڻڻ لاءِ منع ڪري ٿي پر تنهن ھوندي به ڪم ھلندو رھي ٿو ۽ ھتي جي پوليس به اک ٻوٽ ڪندي رھي ٿي، روس جي علائقي داغستان جا ھر نماز بعد حرم پاڪ جي ويجھو فوٽ پاٿ تي سندن ملڪ جون ڪاتيون، ڇريون، قئنچيون ۽ ھٿ ۾ کڻي ھلڻ جا لڪڻ وڪڻندي نظر ايندا ھئا. بوزنيا جا حاجي حرم پاڪ ۽ مسجد نبويءَ جون وڏيون تصويرون ۽ ڀرت جون قرآني آيتون وڪڻندا ھئا. جن مان ھو غريب حج جي سفر جو ڪجهه خرچ ڪڍندا ھئا. ڪپڙي گندي ۾ به ھو بيحد غريب لڳندا ھئا. ٻه سنڌي ھمراهه گھوٽڪي جو غلام اصغر چنه ۽ محب الله چنه تسبيحون وڪڻندي نظر آيا. مڪي ۽ مديني ۾ تسبيحن  ۽ مصلن جو به وڏو وڪرو ٿئي ٿو. ھنن ٻڌايو ته بهاولپور مان يا شايد پنجاب جي ڪنهن ٻئي شھر مان ڪاٺ جي داڻن جون تسبيحون گھرائي پوءِ ھتي ھول سيل ۾ دڪاندارن کي وڪڻن.
ڪنهن زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ھالا جا به ڪجهه ماڻھو ھر سال حج تي ويندا ھئا، ڇو جو حج جا ٽي ڏينهن ڪاسائي ڳولھيو نه ٿو ملي. ھڪ ٻڪري تي سير وجھڻ جا ڏهه ريال يعني ڏيڍ سئو رپيا .ڪي ته ان کان به وڌيڪ ڏين، گھٽ نه. ھونئن به حج واري عيد تي سعودي عرب جي سڀني شھرن ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻھو، خاص ڪري مصري ۽ پاڪستاني پورھيت ھٿ ۾ ٻه ڪاتيون کڻي گھٽين ۾ چڪر پيا ڏيندا آھن ته من ڪو قرباني لاءِ کين سڏ ڪري، پر ھاڻ سرڪار طرفان وڏا وڏا مذبح گاهه (Slaughter House) کلڻ بعد اھو ڪم سرڪار پنهنجن ھٿن ۾ کنيو آھي ۽ ڪاسائي به حڪومت طرفان مقرر ٿيل آھن. ان ھوندي به غير قانوني طرح حج تي آيل حاجي ۽ سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندڙ ڌاريان، ڪاسائي جو ڪم ڪندا رھن ٿا پر ھاڻ سندن اھا ڪمائي نه آھي، جيڪا ڪجهه زمانو اڳ ۾ ھئي.
اھو ئي حال ڌارين ملڪن کان آيل حجامن جو آھي. ڏھين ذوالحج تي وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ بعد قرباني ڪئي وڃي ٿي. ان بعد ھر حاجي کي مٿو ڪوڙائڻو پوي ٿو، جيڪي ڏھين تاريخ تي قرباني نه ٿا ڪن. اھي ٻئي ڏينهن يارھين تاريخ قرباني ڪن ٿا ۽ يارھين تاريخ ٺوڙهه ڪرائين ٿا. يعني انهن ھڪ ٻن ڏينهن ۾ حاجين کي وار ڪوڙائڻا پون ٿا. ھن سال (2000ع) چيو ويو ته اٽڪل ٽيهه لک حاجي ھئا، جن مان اڌ عورتون ٻڌجن ته به 15 لک مرد ٿيا، جن مان پنج لک کڻي پاڻ ھڪٻئي جي ٺوڙهه ڪن (ڇو ته ڪيترا حاجي ائين به ڪن ٿا) ته به ڏهه لک حاجي حجامن وٽ وڃن ٿا. ھن سال کان حجامن جو بندوبست به سعودي سرڪار پاڻ ڪيو آھي، ڇو جو غير قانوني حجام غلط بليڊ ۽ پاڪيون استعمال ڪرڻ سان حاجين کي زخمي ڪريو وجھن، ان بندوبست لاءِ منى ۾ شيطانن وٽ سرڪار طرفان ست سئو حجام ورھايل ھئا ۽ ھر حجام اڳيان ماڻھن جي رش ھئي. اسان جو گروپ شيطان کي پٿريون ھڻي ۽ قرباني جو ڪم لاھي مڪي پھچي ويو ھو. اتي به حجام جام آھن پر ان ڏينهن تي اتي به حجامن جي دڪانن اڳيان ايڏي ڊگھي قطار ھئي، ڄڻ فلم جي ٽڪيٽ لاءِ قطار لڳل ھجي، جنهن بلڊنگ ۾ رھيل ھئاسين. ان ۾ ڪم ڪندڙ بنگالي ڇوڪرن کان پڇيم ته ھنن ٻڌايو ته ھو اھو به ڪم ڪن ٿا ۽ پوءِ اسان جي سڄي گروپ انهن کان ٺوڙهه ڪرائي. بهرحال ھنن حج وارن ڏينهن ۾ بلڪه حج جي موسم حجامن جي خوب ڪمائي ٿئي ٿي جو ھر عمري بعد به وار ڪوڙائڻا پون ٿا ۽ پوءِ حج تي آيل ڪيترا حاجي پڻ حج جو خرچ پکو ڪڍڻ لاءِ اھو سائيڊ بزنيس ڪن ٿا.
ھڪ ٺٽي  جو سنڌي حجام مليو. پڇيومانس ڳوٺ اھو به ڌنڌو ڪرين.
”نه سائين ھتي مڙيئي چار ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ حجامڪو ڪم ڪريان ٿو“. ھن ٻڌايو.
”ڀلا ھتي اچي حجامڪو ڪم سکئين يا ڳوٺان سکي ائين؟“ مون پڇيومانس.
کلي وراڻيائين ”سائين ھتي ڪھڙا ھيئر ڪٽ جا ڏهه اسٽائيل ٺاھڻا پون ٿا. ھرھڪ کي ٺوڙهه ڪرائڻي آھي. صابڻ ھڻي بليڊ سان مٿي جا ڪنهن به ھنڌ کان شروع ٿي ويندا آھيون“.
بهرحال وقت جي ضرورتن موجب مختلف ملڪن جا ماڻھو روزگار ايجاد ڪندا رھن ٿا، جيئن ھنن جي سفر جو خرچ نڪري پوي. سڀ کان سٺي ڪمائي جدي ايئر پورٽ جي حاجي ڪئمپ ۾ ھڪ افغاني جي ھلي رھي ھئي، جنهن اسان جي پاڪستاني ڪئمپ ۾ چانهم پئي وڪي.
حج ڪرڻ بعد جڏھن آخري ڏينهن مديني کان جدي واپسي ٿي رھي ھئي ته مديني کان بس، رات جي ٻارھين بجي ھلڻ شروع ڪيو. ڪلاڪ ٻه رستي تي سعودي حڪومت جي حج آفيس ۾ اسان حاجين جي جاچ پڙتال ٿي ته سڀني وٽ ڪاغذ پٽ صحيح آھن يا نه. اھو ڪم ته ڪو پندرھن منٽن جو به نه آھي پر ان ڪم تي مقرر ڪيل نوجوان عرب آفيسر حاجين جو تيل ڪڍيو ڇڏين. ڪا دير ته بس انتظار ڪندي رھي ۽ اسان کي لھي ٽنگ ڊگھي ڪرڻ جي به موڪل نه ھئي. مس مس عرب انچارج بس ۾ چڙھيو ۽ مسافرن جو تعداد ڳڻيو ۽ پوءِ ڊرائيور کان پاسپورٽ وٺي اھي ڳڻيا ۽ پوءِ ھڪ ھڪ پاسپورٽ کولي ماڻھو جو نالو کڻيو ويو ۽ ان جي تصوير ڏسي ان کي ھٿ ۾ ڏيندو ويو. بس ۾ ويٺل حاجين اعتراض ڪيو ته ھرھڪ کي ھٿ ۾ ڏيڻ ضروري آھي ڇا. خاص ڪري عورتن کي ۽ ھڪ ھڪ پاسپورٽ لاءِ اڳيان پٺيان وڃي وقت ٿو ضايع ڪرين. عرب آفيسر پھرين نه مڃيو ۽ چيو ته اھو ھن ملڪ جو قاعدو آھي پر پوءِ اسان جي گروپ جي ڪجهه ماڻھن جن کي عربي آئي ٿي، تن عربي ۾ سوال جواب ڪري کيس Convence  ڪيو ته اسين سڀ پورا آھيون، ڪو به توھان جي ملڪ ۾ نه رھجي ويو آھي.
بهرحال ھن اسان کان مطمئن ٿي اڌ گابري چڪاس نه ڪئي پر ھونءَ ئي ڇڏي ڏنو، نه ته ھن کي خبر آھي ته اسان پاسي جي ملڪن جو ھرھڪ ائين چوي ٿو، تنهن ھوندي به غير قانوني ڪم ڪندا رھون ٿا ۽ سعودي عرب ۾ ترسيو پئون.
سڄي رات گاڏي ھلندي رھي، رستي تي ٻه دفعا ترسي چانھن پيتي سين. ھڪ ھوٽل جو ته نالو ”پھلوان“ ھو ۽ سڄو عملو پاڪستاني ھو. چانهن جي ڪوپ جا ٽي ريال يعني 45 رپيا کن وٺي رھيا ھئا پر گھڻي ٽھڪندڙ پاڻي جي نه ھجڻ ڪري منجھس ڪو خاص مزو نه ھو. مديني کان مڪي يا جدي واري ھاءِ وي تي ھوٽلون ائين آھن ۽ اھڙي نموني جون جھڙيون ڪراچي حيدرآباد سپر ھاءِ وي تي. فجر نماز جو وقت به رستي تي ٿيو. جدي تائين ساڍي نائين ڌاري پھتاسين ۽ بس تان سامان لاھي جدي ايئر پورٽ جي سامھون ٺھيل حاجي ڪئمپ ۾ اچي رکيوسين. ھر ملڪ جا الڳ حصا ھئا. جتي حاجي صاحب پنهنجي ملڪ ويندڙ اڏامن جو انتظار ڪري رھيا ھئا. اسان جي فلائيٽ ٻئي ڏينهن صبح جو چئين بجي ڌاري ڪراچي لاءِ اڏامڻي ھئي. ھرھڪ پنهنجي فراسي، تڏو، تونئري يا اسپنج جو بسترو پٽ تي وڇائي ان تي ويھي يا ليٽي رھيو. ويھڻ لاءِ رکيل سڀ صوفا ۽ بئنچون اسان کان اڳ آيل پاڪستاني حاجين سان والاريل ھئا. ٿڪ ڪري دل چانهن پيئڻ تي چئي رھي ھئي. اسان جي گروپ جي ھڪ حاجي ڊاڪٽر شفيق جائزو وٺي اچي ٻڌايو ته ٻه بلاڪ کن اڳيان جتي بنگلاديشي ۽ ملائيشيا جي حاجين جو حصو آھي. اتي ڪيترائي دڪان ۽ ھوٽلون آھن. جتان کائڻ پيئڻ جي شيءِ يا چانهن يا ٿڌو وٺي سگھجي ٿو. آئون ته ڊگھو ٿي ليٽي پيو ھوس. دل چانهن پيئڻ تي به چيو پئي پر اھو به سوچيم پئي ته ھيڏو پنڌ به ڪري وڃجي پر چانھن پسند وٽان به ھجي يا نه. اڃا اھو سوچي رھيو ھوس ته ھڪ قداور افغاني ھمراهه پنجاهه ورھين جو ڊگھو ڏاڙھي سان ”علاءُالدين جي جن“ وانگر مٿين اچي بيھي رھيو. سندس ساڄي ھٿ ۾ گرم چانهن جي وڏي ڪٽلي ھئي، جنهن جي منهن مان ٻاڦ نڪري رھي ھئي ۽ کاٻي ھٿ ۾ پلاسٽڪ جا Disposable گلاس.
”چائي گرم“ ھن اسان جو ڌيان ڇڪايو.
”واهه سائين واهه“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”انڌو گھري ھڪ اک، ھتي ته ٻه پئي مليون“.
”خانصاحب ھڪ گلاس مون لاءِ“ آئون ٽپ ڏيئي اٿيس. چانهن فرسٽ ڪلاس دود پتي واري ھئي ۽ قيمت به فقط ھڪ ريال ھيس. چانھن جو ڍڪ پي چيومانس ته واهه جي چانهن آھي، پر ٻيو دفعو آڻي ته کنڊ ٿوري گھٽ وجھجانءِ. مون سان گڏ ٻين به ورتي، ان بعد خانصاحب ٻين تنبن ڏي ھليو ويو، پندرھن ويهه منٽن بعد خانصاحب موٽيو ته ڪٽلي خالي ھيس. کيس مون گھٽ مٺي چانهن آڻڻ لاءِ ياد ڏياريو. ”ابهي لاتا ھون“. ھو اھو چئي اسان جي سامھون غسلخانن واري ڀت وٽ رکيل پنهنجي سامان وٽ پٺيرو ٿي ويٺو رھيو. ٻه کن وڏيون لوھي ٽرنڪون ھيس. ھڪ ٻه ٿيلھا ھيس. ھو ھڪ پيتي جو ڍڪ کولي ڪجهه ڪڍندو رھيو. شايد سامان ٺاھيندو رھيو. ”خبر ناھي ھاڻ ھي افغاني وري ڪيڏي مھل ھوٽل تان چانهن آڻي“. مون دل ئي دل ۾ سوچي اکيون بند ڪري ٿوري دير سمھڻ جي تياري ڪئي پر اڃا ٻه ٽي منٽ به اکيون مس بند ڪيون ھوندم ته ”چائي گرم“ جي ھوڪي تي اک کلي ولي. ھي ھمراهه منهنجي مٿان بيٺو. ”صاحب چيني ڪم ڊالي ھي“.
اٿي چانهن جو گلاس وٺي ريال ڏيومانس، واهه جي چانھن ٿو آڻي. خبر ناھي ڪٿان ٿو آڻي. ٻيو ڪوپ چانهن جو پي ڪجهه دير سمھي رھيس. اک کلي ته وري اھو افغاني چانهن وڪڻندي نظر آيو. ههڙي سستي ۽ سٺي چانهن ههڙي ھنڌ تي ويٺي ويٺي ملي وڃي ته ٻيو ڇا کپي. خانصاحب جنهن طرف ٿي ويو خريدار کوڙ ۽ ڏسندي ڏسندي ڪٽلي خالي ٿي ٿي ويس ۽ پوءِ وري اچي پنهنجين لوھي پيتين وٽ ويٺو ٿي. پوءِ سمجھيس ويس ته چانهن اتي ئي ڪاڙھي رھيو آھي. جيئن ھو چانهن جي ڪٽلي کڻي روانو ٿيو ته جائزو وٺڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيس ته ھي حاجي صاحب ڪٿي باهه ٻاري چانهن ٺاھي رھيو آھي پر سندس سامان جي ويجھو اچي ڏٺم ته نه کير، نه پتي، نه باهه نه ديڳڙا، لوھي ٽرنڪن پويان ڏٺم، ڀر ۾ ڀت جي پويان ھڪ کانچو ٺھيل ھو، جتي غسلطانا صاف ڪرڻ وارن بنگالي مزورن جا ٻهارا ۽ ٻيو صفائي جو سامان رکيل ھو. اتي ليئو پائي ڏٺم ڪو ديڪڙو نظر نه آيو، ڪا ٻرندي ڪاٺي يا ڪوئلو نظر نه آيو. ڪو اليڪٽرڪ ھيٽر يا سئچ ڏسڻ ۾ نه آيو. ڏاڍو تعجب لڳم ته ھي خانصاحب ماڻھو آھي يا جن. ڪٿان ٿو چانهن آڻي. مرداڻن غسلخانن جي چوڌاري چڪر ھڻي وري اچي خانصاحب جي سامان وٽ بيٺس. اتي مينهن واءُ ڪندو خانصاحب به پھچي ويو.
”ڪيا چاھئي“ خانصاحب کي منهنجو اتي بيھي نوس نوس ڪرڻ پسند نه آيو. پر ساڳي وقت ھو مون کي اتي بيھڻ کان منع به نه ٿي ڪري سگھيو، جو ايئر پورٽ ۽ حاجي ڪئمپ سعودي حڪومت جي ھئي.
”خانصاحب چانهن کپي پر ھڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ چانهن ٺاھين ڪٿي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
ھو ٿورو مرڪيو پو ٽٽل ڦٽل اردو ۾ ٻڌايو ته ھو اسان وانگر حج تي آيو ھو ۽ ھر سال حج تي ايندو آھي، پوءِ واپسي تي ھتي مھينو کن ترسي چانهن وڪڻي پوءِ آخري فلائيٽ ۾ ڪابل ويندو آھي.
”ٻڌايان ٿو، دراصل ھي غير قانوني ڪم آھي، سعودي پوليس ڏسندي ته مون کي ان ئي وقت ٽپڙ ٻڌائيندي. ائين چئي ھن پنهنجي لوھي ٽرنڪن جا تالا کولي ھڪ ھڪ جو ڍڪ مٿي کنيو ته ھڪ ۾ چلهه ٻري رھي ھئي. جنهن مٿان ڪٽلي ۾ چانهن اٻري رھي ھئي  ۽ ٻي ۾ گئس جو سلينڊر ھو.  جنهن جو رٻڙ پائيپ پيتي ۾ ٿيل ٽنگ مان نڪري ٻي پيتي ۾ چلهه سان ڳنڍيل ھو. مون کي کل به آئي ۽ تعجب به لڳو ته ھڪ ته ھي وڏي دل وارو آھي جو حاجين جي سامان ”پيتين“ جي ڀر ۾ باهه جي پيتي رکي چانهن ٺاھي رھيو آھي.
”خانصاحب! تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو. ڀلا ھي ھيترا سارا صفائي وارا بنگالي پيا ھلن، اھي نه توتي چغلي ھڻن؟“
”نه اھي نه ھڻندا، جو انهن کي روز خرچي ڏيان ٿو. بلڪھ ھن پاسي ڪو پوليس وارو رخ ڪري ٿو ته مون کي يڪدم اطلاع ڪن ٿا ۽ آئون باھيون وسايو چپ ڪريو ٻين وانگر مٿي تي ھٿ رکي پنهنجي اڏام جو انتظار ڪريان ٿو“.
”ڀلا اھو ته ٻڌائي روز ڪيترا ڪوپ وڪڻين؟“ مون پڇيومانس.
”بس الله جو شڪر آھي. صبح جو 3 بجي کان رات جو عشاءِ نماز تائين اٽڪل پنج ڇهه سئو کن ڪپ وڪڻان ٿو، جن تي اڌواڌ فائدو ٿئيم ٿو“.
يعني روزانو 300 ريال فائدو ٿئي ته مھيني ۾ 9 ھزار ريال يعني ڏيڍ لک رپيا کن مھيني سوا ۾ ڪمايو وٺي. حق ته پنهنجي پھرين فلائيٽ مس ڪريو ڇڏي. اٺ ڏهه ھزار رپيا ٽڪيٽ جا ويا ته مڙيئي خير آھي، ان کان ڏھوڻو ڪمايو وٺي.
”خانصاحب تنهنجي ڪھاڻي پنهنجي ملڪ جي اخبار ۾ ڏيان“. مون پڇيومانس.
”ڀلي“.
”ڀلا فوٽو ڪڍانءِ“.
ھونءَ افغاني فوٽو ڪڍرائيندي آر محسوس ڪندا آھن پر ھن ان لاءِ به ھا ڪئي.
سومھڻي نماز بعد ماني کائي آياسين ته ان وقت خانصاحب وھنجي سھنجي اسان وانگر پٽ تي ھنڌ وڇائي سمھڻ جي تياري ڪري رھيو ھو. اسان جي گروپ ليڊر کيس چيو: ”خانصاحب ڇا چانهن نه پياريندين؟“
”نه، ھي وقت منهنجي سمھڻ جو آھي. رات جو 3 بجي کان وٺي ھل ھلان ٿو ڪريان. ڏاڍو ٿڪجيو پوان“.
ڊاڪٽر فضل ربي اسان جي گروپ جي ”دل جو سرجن“ چيو ته سڄو ڏينهن ھلي ٿو، فزيڪلي ٿڪجي پوندو ھوندو.
”ان کان وڌيڪ مينٽلي ٿڪبو ھوندو“. مون کيس ٻڌايو. ”جنهن ذھني خوف ۽ ڇڪتاڻ (Tention) ۾ ھي ڪم ڪري ٿو. ان جو ڪو سوچي نه ٿو سگھي. ڄڻ بارود مٿان چڙھي سگريٽ ٿو پيئي“.

No comments:

Post a Comment