Wednesday, February 15, 2012

ملاڪا جهونو شهر آهي يا ٺٽو ۽ سکر - الطاف شيخ


ملاڪا جهونو شهر آهي يا ٺٽو ۽ سکر
الطاف شيخ
هتي ملائيشيا جي هن پراڻي ۽ تاريخي شهر ملاڪا جي ماضيءَ بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو، جنهن سان منهنجو 1968ع کان وٺي واسطو هلندو اچي. 10-15 سال جهاز هلائڻ دوران هن شهر وٽان لنگهه ٿيندو هو. ملاڪا پراڻي زماني ۾ يعني اڄ کان 60-70 سال اڳ تائين هتي جو سهڻو ۽ مشغول ترين بندرگاهه مڃيو ويو ٿي پر مون جڏهن سمنڊ جي نوڪري شروع ڪئي ته جهازن جي سائيز وڏي ٿي چڪي هئي خاص ڪري اهي جهاز جن تي مون ڪم ڪيو ٿي انهن لاءِ ملاڪا جو بندرگاهه ننڍو ۽ گهربل سهولتن کان ڪسو هو. ان ڪري اسان جي جهاز هر وقت ملاڪا جي ڀروارن بندرگاهن ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ جوهور بارو ۾ لنگر ڪيرايو ٿي، جيڪي ان وقت ڪافي وڏا ۽ ماڊرن بندرگاهه ٿي رهيا هئا. انهن بندرگاهن کان فاصلي جي حساب سان ملاڪا شهر ائين آهي جيئن ڪراچي کان حيدرآباد. سو اسان هر وقت باءِ روڊ ملاڪا ايندا ويندا رهياسين ٿي. ان بعد ٻارن جي پڙهائيءَ ڪري آئون جهاز جي نوڪري ڇڏي 10 سال کن ملاڪا ۾ ٽِڪي پيس ۽ اتي ئي شور جاب (ڪناري جي نوڪري) ڪيم، هتي جي عوام ۽ حڪومت منهنجي خدمتن جي تعريف ڪئي. حڪومتي ايوارڊ ڏنائون، ماڻهن مان ڏنو، شاگردن جيتوڻيڪ پاڻ محنتون ڪيون ۽ پرايو پر هو اڄ تائين ان جو ڪريڊٽ مون کي ڏيندا رهن ٿا. پاڻ ۽ سندن عزيز دوست لک عزتون ڏيندا رهن ٿا، شايد ان ڪري به جو اسان جو اهو تعليمي ادارو (نيول اڪيڊمي) اهڙي ٻيٽ نما تنها هنڌ تي هو ۽ پگهار به ايترو گهٽ هو جو ڪو به فارينر يا سندن پنهنجو مڪاني جهاز ران آفيسر سال ٻن کان مٿي رهي نٿي سگهيو. مون کي اڪيلائي پسند آهي، گهٽ پگهار هو پر سخت سادگي ۾ رهي گذارو ڪندو رهيس. شوق لاءِ ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري ٿو ۽ منهنجو شوق اهو ئي هو ته مون کي ڪو ڊسٽرب نه ڪري. نوڪري جا ڪلاڪ پورا ڪرڻ بعد مون کي ڇڏيو وڃي ته لکڻ پڙهڻ ۾ لڳو رهان يا دلچسپ ماڻهن ۽ ماڳن جي خبر چار وٺي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ لکندو رهان. مڪاني ماڻهن مون کي پيار ۽ عزت ان ڪري به ڏني ٿي، شايد ته مون ۽ منهنجي فيمليءَ سندن ملئي زبان ڳالهائي ٿي ۽ هنن اسان کي پنهنجن مان هڪ سمجهيو ٿي ۽ اهو وهنوار هو، اڄ به پاڻ ۽ سندن اولاد قائم رکندا اچن. 1991ع ۾ ملاڪا واري نوڪري ڇڏي موٽڻ بعد منهنجو اڄ تائين ملاڪا وڃڻ ٿيندو رهي ٿو، پوءِ ڪڏهن ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ ته ڪڏهن اتي جي نيول اڪيڊمي ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ.


ملاڪا هڪ تاريخي شهر آهي بلڪ سڄي ملائيشيا ۾ هي پهريون شهر آهي جنهن ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچي رهيا. هي شهر سالن تائين سڄي ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جو مرڪزي ڪمرشل ۽ گاديءَ وارو شهر مڃيو ويو ٿي. ملايا جو پهريون هندو سلطان پرميشورا جيڪو پوءِ اسڪندر شاهه سڏائڻ لڳو. جاوا ۽ سماترا پاسي کان جان بچائي هن شهر ۾ اچي رهيو. ان وقت هي هڪ ننڍڙو مهاڻن ۽ ماڇين جو ڳوٺ هو، جنهن کي اسان بين الاقوامي زبان ۾ فشنگ وليج سڏي سگهون ٿا. يورپي فاتح ڊچ، پورچو گالي ۽ آخر ۾ انگريز به هتي آيا. ملاڪا تي قبضو ڪرڻ تي هو سڄي ملڪ (ملايا) جا مالڪ ٿي ويٺا ٿي. بهرحال ملاڪا جو شهر يا رياست ملائيشيا جي تاريخ ۾ آڳاٽو شهر ضرور آهي پر دنيا جي تاريخ ۾ ڪو اهڙو اهم پراڻو ناهي. ان کان ته ٺٽو، روهڙي، ملتان، لاهور تمام جهونا شهر آهن.
1402 ۾ جڏهن سنگاپور پاسي جي سري وجايا خاندان سان تعلق رکندڙ چڱو مڙس پرميشور اتي جي جهيڙن جهٽن مان جان بچائي اچي ملاڪا ۾ ساهه پٽيو ته ان وقت ملاڪا ۽ سڄي ملايا جو ڇا حال هو؟ سڄو ملايا (اڄ وارو مغربي ملائيشيا) هڪ گهاٽو جهنگل هو. سمجهو ته سنڌ جو ڪچي وارو علائقو هو سو به اڄ کان 50 سال اڳ وارو جڏهن گهاٽا ٻيلا ۽ گاهه هو، جنهن مان هلڻ به مشڪل هو. آمدرفت فقط ندين مان ٻيڙين رستي ٿي سگهي ٿي. ان وقت نه هو اڄ وارو پينانگ، نه شاهه عالم، نه جوهر بارو نه اپوح شهر. ويندي ڪوالالمپور به 400 سالن بعد جهوپڙي جهوپڙي ٿي ٺهڻ لڳو. ملاڪا سمنڊ جي ڪناري تي هڪ مهاڻن جو بنا نالي جي ڳوٺ هو، جنهن وڻ جي ڇانوَ هيٺ هي ملئي هندو راجا اچي آرامي ٿيو، ان جو ملئي زبان ۾ ميلاڪا(Malaka)  نالو هجڻ ڪري هن راجا هن ڳوٺ جو نالو ملاڪا رکيو جيڪو پوءِ يورپي حاڪمن ملاڪا(Malacca)  ڪوٺيو، جيئن قاهره کي Cairo، ممبئي کي Bombay، قبرص کي Cyprus وغيره سڏيو ٿي.
بهرحال اهو سوچيو ته ان وقت يعني 1402 ۾ هي (مغربي ملائيشيا) گهاٽو جهنگل هو ۽ صباح سراواڪ وارو پاسو (مشرقي ملائيشيا) ته اڃا به وڌيڪ جهنگ هو، ته ان مقابلي ۾ اسان جو ننڍو کنڊ ته الائي ڪٿي بيٺل هو. سنڌ ۾ سمن جو راڄ 1350 ۾ ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻ سومرن جو هلي رهيو هو. هوڏانهن چين ۾ يئان گهراڻي جي سؤ سال حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ 1368 کان مِنگ گهراڻي جو راڄ شروع ٿي چڪو هو ۽ هن تر جي ملڪن تي منگ سلطنت جو وڏو رعب ۽ دٻدٻو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن ملئي هندو راجا پرميشور (جيڪو پوءِ مسلمان شهزادي پاسائيءَ سان 1409 ۾ شادي ڪري مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو) ملاڪا ۾ پنهنجي سلطنت قائم رکڻ لاءِ چين جي منگ گهراڻي جي حاڪمن کان مدد گهريائين ڇو جو انهن ڏينهن ۾ ٿائلينڊ (جيڪو سيام سڏبو هو) ۾ منتظم حڪومت هئي، جنهن کان پرميشور کي ڊپ ٿي ٿيو ته متان هو کيس کلا نه هڻن ۽ جتان هو آيو آهي اوڏانهن ڀڄائي نه ڪڍن.
ياد رهي ته ملائيشيا جو هي پهريون شهر ملاڪا هاڻ ٿي ٺهڻ شروع ٿيو جڏهن ته اسان وٽ سيوهڻ ۽ ٽنڊو جهانيان جهڙا شهر به دنيا ۾ مشهور هئا تڏهن ته ابن بطوطا دنيا جي سير تي انهن شهرن کان اچي نڪتو. قلندر شهباز وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ايران ڇڏي 1200ع ڌاري (يعني ملاڪا ۾ راجا پرميشور جي آمد کان به 200 سال اڳ) اچي سيوهڻ وسايو. راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ وقت سڄي ملايا (ملائيشيا) ۾ نه هو فنون لطيف نه شعر و شاعري ۽ هيڏانهن اسان وٽ ان کان به 80 سال کن اڳ 1320 ۾ امير خسرو (علاؤالدين خلجي ۽ غياث الدين تغلق جي درٻار جي شاعر) تغلق نامو لکي ڇڏيو هو. اسان جي دادو جي دوست اقبال ترڪ کي ملاڪا جو شهر گهمائيندي گائيڊ ٻڌايو ته ملاڪا تمام تاريخي شهر آهي جنهن تي هن جڏهن حيرت مان مون ڏي ڏٺو ته مون کيس اهو ئي چيو ته ملاڪا ڪو اهڙو به جهونو شهر نه آهي. ان کان آڳاٽو ته تنهنجو ڳوٺ جهانگارا باجارا، بکر ۽ اروڙ آهي. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هتي جي حڪومت هتي جي هر پراڻي شيءِ جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ان کي اصلي حالت ۾ قائم رکيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان کي پنهنجن ماڳن ۽ شين جي پاڻ کي به خبر ناهي. آئون به پهريون دفعو ملاڪا مان ٿي پنهنجي ڳوٺ هالا پهتس ته ان وقت مون کي ڄاڻ ٿي ته ملاڪا جي قلعي ۽ هتي جي ٻين تاريخي شين کان آڳاٽو ته مخدوم نوح جو مقبرو آهي، جنهن جو ڪم سال 1205 هجري ۾ پير محمد زمان شروع ڪرايو ۽ مير فتح خان پورو ڪرايو. هتي اهو به لکندو هلان ته مخدوم مير محمد جنهن هالا پراڻو ٻڌايو ان جي قبر به ڀر ۾ آهي. اها قبر ۽ مسجد مير ڪرم علي خان 1222 هجري ۾ ٺهرايو. هن وقت مون کي Exact عيسوي سن ياد نه آهي پر ملاڪا ۾ جيڪي ڊچن ۽ انگريزن جون تاريخي جايون ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ ڏسڻ اچن ٿا اهي پوءِ جون ٺهيل آهن جو ملاڪا تي ڊچن 1641 کان 1798 تائين حڪومت ڪئي ۽ ملاڪا انگريزن حوالي 1824 ۾ ٿيو معنيٰ انگريزن واريون جايون ته 1824 کانپوءِ جون ئي ٺهيل سڏبيون. هيڏانهن سکر وارو معصوم شاهه جو منارو 1593 ۾ ٺهڻ شروع ٿيو هو (جيڪو 14 سالن ۾ مڪمل ٿيو) ۽ روهڙي جي وار مبارڪ واري مسجد ته ان کان به آڳاٽي 1545 جي ٺهيل آهي. ٺٽي بابت هڪ مشهور پور چوگالي فري مانڪرق(Frey Sebastian Manrique)  جا رمارڪ پڙهي رهيو هوس جيڪي هن 1641 ۾ لکيا. هن ٺٽي جي درسگاهن، عمارتن ۽ سکي ستابي زندگي جي ڇا ته تعريف ڪئي آهي. پر افسوس جو اسان اڳتي وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن پٺتي وڃي رهيا آهيون. اڄ جي اها بين الاقوامي رپورٽ پڙهي بيحد ڏک ٿيو ته پرائمري تعليم ۽ اسڪولن ۾ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي ايشيا ۾ پهرين نمبر تي پٺتي پيل ملڪ اسان جو آهي. ٻيا شهر ته ڇا دنيا ۾ بهترين تعليم جي مرڪز ٺٽي ضلعي جي به ڪيترن ڳوٺن جا پرائمري اسڪول اوطاقون ۽ خچر خانا ٿيا پيا آهن!

No comments:

Post a Comment