Friday, February 03, 2012

حج جو خيال ـ حج جي تياري - الطاف شيخ


حج جو خيال ـ حج جي تياري
 الطاف شيخ
ڪو زمانو ھو، بلڪه ويھارو سال کن اڳ 1980ع تائين جڏھن پاڪستان کان حاجين جو وڏو تعداد پاڻي جي جھاز ذريعي سعودي عرب ويندو ھو ته ھن کي اتي ٽي چار مھينا رھڻ جي اجازت ھوندي ھئي، جنهن سان ھو ڪجھ عرصو مڪي شريف ۾ گذاريندو ھو ته ڪجھ مديني پاڪ.


اڄڪلھ ھوائي جھاز ۾ ويندڙ حاجي ٽيھن کان چاليھ ڏينهن کن سعودي عرب ۾ رھن ٿا، جن مان ڏھاڪو کن ڏينهن مديني ۾ باقي ڏينهن مڪي ۾ ترسن ٿا. پوءِ اھي مديني وارا ڏينهن ڪي حاجي حج کان پھرين مديني ۾ گذارين ٿا ته ڪي (جيڪي پوءِ وارن ڏينهن ۾ سعودي عرب پھچن ٿا) پھرين حج ڪن ٿا ۽ پوءِ مديني پاڪ مسجد نبوي ۽ حضور ﷺ جن جي روضي مبارڪ جي زيارت تي پھچن ٿا. ھونئن حج لاءِ پنج ڏينهن ضروري آھن، جن ۾ سڄي دنيا کان آيل مسلمان احرام جي حالت ۾ مڪي کان منى پھچن ٿا. رات منى ۾ گذاري ٻئي ڏينهن عرفات جي ميدان ۾ پھچن ٿا. عرفات جي ميدان تي پھچڻ سڀ کان اھم ۽ ضروري آھي، جنهن بنا حج ھرگز نه آھي. ٽي چار سال اڳ جڏھن منى جي تنبن ۾ باھ لڳي ۽ ڪيترا سوين ماڻھو مري ويا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جيڪي ھلي به نه ٿي سگھيا، تن کي سعودي حڪومت ايمرجنسي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۽ اسٽريچرن تي کڻائي مغرب (سج لھڻ) کان اڳ عرفات جي ميدان تي پھچايو ھو. جيئن جنهن مقصد (حج ڪرڻ) لاءِ ھو ھيڏيون قربانيون ڏيئي پھتا ھئا. ان جو اھم رڪن (عرفات جي ميدان ۾ حاضري ڏيڻ) پورو ٿي وڃي.
سج لھڻ کانپوءِ عرفات جو ميدان ڇڏي مزدلفه روانو ٿيڻو پوي ٿو، جتي سڀني حاجين کي رات کلئي آسمان ھيٺان گذاري ٻئي ڏينهن فجر نماز پڙھي وري منى ڏانهن روانو ٿيڻو پوي ٿو. اھو ڏينهن وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ جو آھي. پٿريون ھڻڻ بعد رڍ، ٻڪري يا ڍڳي، اٺ (جن ۾ ست پتيون ٿين ٿيون) جي قرباني ڪرڻي پوي ٿي. قرباني بعد مڪي پھچي حلق يعني مٿي جا وار ڪوڙائڻا پون ٿا، جنهن بعد احرام لباس مان آجو ٿي وڃجي ٿو. وھنجي عام ڪپڙا پائي سگھجن ٿا ۽ پوءِ طواف (ڪعبي جي چوڌاري ست ڦيرا ڪرڻ) ۽ سعي (صفا ۽ مرواه جي وچ ۾ ڊوڙ) ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوءِ رات جو ئي منى موٽڻو پوي ٿو، جتي وڌيڪ ٻه ڏينهن رھي روانو ٽنهي شيطانن کي پٿريون ھڻڻيون پون ٿيون ۽ پوءِ آخري ڏينهن ـ يعني پنجين ڏينهن شام جو منى مان موٽي مڪي اچي طواف وداع ـ الوداعي طواف ڪرڻو پوي ٿو.
سعودي عرب جا حج لاءِ آيل مڪاني ماڻھو گھڻو ڪري اھي پنج ڏينهن موڪل وٺي حج لاءِ اچن ٿا ۽ ڇھين ڏينهن آفيسرن ۽ ٻارن جا اسڪول کليو وڃن. اسان جا جھازي دوست به ائين حج ڪندا ھئا. حج وارن ڏينهن ۾ جھاز جدي جي بندرگاهه ۾ ايندو ھو ته موقعي مان فائدو وٺي جھاز جا اڌ آفيسر ۽ خلاصي پنج ڏينهن کن موڪل ڪندا ھئا ۽ بس يا ٽئڪسي ذريعي مڪي ھليا ويندا ھئا ۽ باقي اڌ ماڻھو جھاز جي ڊيوٽي ڪندا ھئا. حاجين جي جھازن وارا ته اڌ کان به وڌيڪ حج ڪري وٺندا ھئا، جو حاجين جي جھازن تي چڙھڻ وارا مسافر خود حج ڪرڻ ۾ مشغول ھوندا ھئا. حج جا پنج ڏينهن پورا ٿيڻ بعد حاجين جي پھرين کيپ جدي موٽندي ھئي ۽ کين کڻي جھاز ڪراچي روانو ٿيندو ھو.
حاجين جا جھاز ھر سال جدي اچڻ ڪري انهن جي ھلائيندڙن کي ٻن سالن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ دفعو حج ضرور نصيب ٿي ويندو ھو ۽ اھڙي طرح ڏھ ٻارھن سالن جي نوڪري ۾ ھنن جا ڪيترائي حج ٿي ويندا ھئا. مال بردار جھاز ھلائيندڙن جي قسمت جي ڳالھ رھي ٿي. ڪي حج وارن ڏينهن ۾ اچيو نڪرن ۽ حج ڪريو وٺن ڪيترن کي فقط عمرو نصيب ٿئي ٿو. منهنجو جھاز سعودي عرب ۾ ضرور آيو پر ھميشھ ايراني نار جي بندرگاهه دمام ۾، جيڪو مڪي کان ايترو پري آھي، جيترو ڪراچي کان بمبئي، ھڪ دفعو به ڳاڙھي سمنڊ (Red Sea)  جي بندرگاهه جدي ۾ نه آيو. ھڪ اڌ دفعو وري پنهنجن عرب دوستن سان ملڻ لاءِ ھوائي جھاز رستي سعودي عرب اچڻ ٿيو پر حج ڪرڻ جي موڪل نه ملي سگھي. سعودي عرب ۾ رھندڙ ڌارئين توڙي مڪاني عرب کي کلي اجازت ناھي ته ھن کي جڏھن وڻي حج لاءِ مڪي ھليو وڃي. منهنجي خيال ۾ ھنن کي پنجن سالن ۾ فقط ھڪ دفعو حج جي پرمٽ ملي ٿي، جيڪا چاھين ته ھو پاڻ استعمال ڪن يا سندن وٽ رھندڙ ڌارئين مھمان يا ملازم کي ڏين. بهرحال پنهنجي ڪتاب (اي روڊ ٽ مدينه) ۾ لکي چڪو آھيان ته ھي سڀ قسمت ۽ داڻي پاڻيءَ جو چڪر آھي، جنهن کي قدرت طرفان سڏ  ٿئي ٿو، اھو ھر صورت ۾ اچيو حاضر ٿئي. ھڪ اھڙو وقت ھو، سترجي ڏھاڪي وارا سال، جڏھن حج لاءِ ڪُڻا نڪرندا ھئا. ڪيترا لڳاتار ٽي ٽي سال درخواست موڪليندا ھئا پر سندن پُکو نه نڪرندو ھو. منهنجو پھرين دفعي ۾ ئي نالو نڪري آيو پر ان وقت ڪو اھڙو انجنيئر ڪراچي ۾ نه ملي سگھيو جو مون کان جھاز جي چارج وٺي، مون کي موڪل ڪرائي، جيئن آئون حاجين جي جھاز يا ھوائي جھاز ۾ مسافر ٿي حج لاءِ ھليو وڃان. 1990ع ۾ ملائيشيا مان موٽڻ بعد اسان جي پيٽارو جي دوست ENT (ڪن، نڪ ڳلي) جي سرجن ڊاڪٽر سرفراز شاھ مون کان ھڪ ڏينهن پڇيو: ”الطاف حج ڪيو اٿئي“.
”نه يار“ وراڻيومانس.
”ته پوءِ ھن سال تيار ٿي وڃ. آئون توکي حج ڪرائي ايندس“، پر ان سال به حج منهنجي قسمت ۾ نه ھو. ڪجھ ڏينهن بعد ھن نيڪ ۽ من پسند انسان ۽ غريبن جي خدمت ڪندڙ ھڪ قابل سرجن کي دھشتگردن سندن گھر اڳيان عباسي شھيد اسپتال ۾ قتل ڪري ڇڏيو، جتي ھو ڏھاڪو سالن کان نوڪري ڪري چڪو ھو. بنا ڪنهن ڏوھ سبب جي ھڪ اھڙي انسان کي ماريو ويو، جنهن، آئون نه ٿو سمجھان ته ڪنهن کي رنجايو ھوندو. ان بعد سرفراز جھڙو دوست ۽ ٿڌي طبيعت وارو سفر جو ساٿي نه رھيو ھو ۽ حج جو پروگرام آئون ويس ’پوءِ‘ تي ٽاريندو.
گذريل سال ھڪ ڏينهن خيرپور پاسي جي ھڪ دوست ڊاڪٽر نظام الدين ڏانور وٽ PAF ويس، جتي ھو ايئر ڪموڊور (برگيڊيئر) جي رئنڪ سان نوڪري ڪري ٿو. ھو ڪيترن ڏينهن کان نظر نه پئي آيو، سو معلوم ڪرڻ لاءِ ويو ھوس. خبر پيئي ته ھو حج تي ويو ھو ۽ ھفتو کن اڳ ئي موٽيو ھو. ايئر ڪموڊور نظام کي سعودي عرب جي تمام گھڻي ڄاڻ آھي جو ھن فوج طرفان ھڪ وڏو حصو سعودي عرب ۾ نوڪري ڪئي آھي.
”يار مون کي خبر ھجي ھا ته آئون به توسان گڏ حج تي ھلان ھا“. مون ڊاڪٽر ڏانور کي چيو.
”ڇو توھان حج نه ڪيو آھي؟“ ھن تعجب مان مون کان پڇيو.
”افسوس جو اڃا تائين اھو فرض پورو ڪري نه سگھيو آھيان“. جواب ڏنومانس.
”يو مسٽ گو، مون کي خبر ھجي ھا ته توکي زوريءَ وٺي ھلان ھا“. ڪموڊوز ڊاڪٽر ڏانور چيو.
مون کي ڏاڍي شرمساري ٿي ۽ آئون ان وقت پڪو پھ ڪري آيس ته ھاڻ رڳو اخبار ۾ حج جو اچي ته فارم ڀريندس.
منهنجي خيال ۾ اڳ ۾ ته ائين ھوندو ھو ته ھرڪو پنهنجو فارم ڀريندو ھو يا وڌ ۾ وڌ گھر جي ڀاتين جو ـ پوءِ جنهن جو پُکو نڪري، ھزارن جي تعداد ۾ مسافر پاڻي جي جھاز ۾ چڙھنداھئا ۽ پوءِ جدي يا مڪي پھچي معلم (مڪاني سونهون) ڳولبو ھو، جيڪو رھائش جو بندوبست ڪندو ھو ۽ حج جا ارڪان پورا ڪرڻ ۾ رھنمائي ڪندو ھو. معلم گھڻو ڪري اھي عرب ھوندا ھئا، جيڪي اصل کان ھند، سنڌ کان لڏي وڃي اتي رھيا پر ھاڻ حاجين جو سفر آسان ڪرڻ لاءِ سعودي عرب  جي ۽ پاڪستان جي حج وزارت وچ ۾ پوي ٿي. معلم ۽ مڪتب ھاڻ حڪومت طرفان چونڊجي ملن ٿا. مڪي ۾ رھائش لاءِ گھر، فليٽ يا ھوٽلون پڻ اتان جي يا اسان جي سرڪار اڳواٽ بندوبست ڪري مھيا ڪري ٿي، جنهن لاءِ ڪراچي ۾ اڳواٽ پئسا ڪٽيا وڃن ٿا. گذريل سال تائين ته مڪي کان مديني يا منى وغيره وڃڻ لاءِ پنهنجي مرضي سان بس يا ٽئڪسي ڪبي ھئي پر ھاڻ انهن بسن جو بندوبست پڻ سرڪار معلم جي معرفت ڪري ٿي ۽ انهن جا ڀاڙا ڀتا به اڳواٽ ڪٽيا وڃن ٿا، پوءِ چاھي توھان ان بس ۾ ويھو يا نه ويھو.
ھر بس ۾ پنجاھ کن ماڻھو ويھن ٿا. منى ۾ جيڪي تنبو لڳل آھن، انهن ۾ به پنجاھ کن ماڻھو سمھي سگھن ٿا ۽ ڪنهن عمارت ۾ پنج، ڇھ ڪمرا آھن ته پنجاھ کن ماڻھن جو گروپ رھي سگھي ٿو. ان ڪري پنجاھ جي لڳ ڀڳ اھو تعداد آھي، جيڪو نه ننڍو آھي ۽ نه وڏو. پنجاھ کان ٻه ٽي ماڻھو مٿي يا گھٽ آھن ته به سھولت سان سفر ٿيو وڃي. سو ڪيترن سالن کان سعودي عرب توڙي پاڪستان حڪومت جي اھا خواھش رھي آھي ته ماڻھو پنجاهه پنجاهه جي ٽولي ۾ ٿي حج لاءِ درخواستون ڏين، يا وري ڏھن يا ويھن جي ٽولن ۾ جن کي پاڻ ۾ ملائي پنجاهه جو گروپ ٺاھڻ سولو ڪم آھي.
جن کان پنجاهه يا ڏهه ويھن جو گروپ نه ٿو ٺھي ته پوءِ اڪيلي سر درخواست ڏين ٿا. پوءِ اھا بئنڪ، جنهن ۾ حج جو خرچ جمع ڪرڻو پوي ٿو. اھا يا پاڪستان جي حج وزارت انهن ڌار ڌار آيل ماڻھن جا پاڻ ويھي ٽولا ٺاھي ٿي، پوءِ جيڪو جنهن ٽولي ۾ آيو.
اخبار ۾ جيئن ئي آيو ته حج لاءِ فارم ڀريو ۽ جي خرچ جا پئسا جمع ڪرايو ته مون ڪجهه ساٿي پنهنجي پروفيشن جي ڳولڻ شروع ڪيا. جيئن گھڻا نه ته چار پنج ڄڻا ته سڃاڻا ھجون، پوءِ ٻيا کڻي ڪھڙا به گروپ ۾ ھجن. ٽي چار ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ پراڻن جھازي ساٿين کي پڇندو رھيس پر جنهن کان پڇان ته اھو ٻڌائي ته ھن حج ڪيو آھي، ان ڪري چپ ٿي ويس ۽ ٻين جھازي ھمراھن کان پڇڻ ڇڏي ڏنم. جيتوڻيڪ پوءِ آخر ۾ وڃي خبر پيئي ته مون وانگر ٻيا به ڪيترائي مرچنٽ نيوي جا حج تي ھلي رھيا ھئا. جيڪي منهنجا سڃاڻا ھئا ۽ انهن مان ھرھڪ آتو ھو ته ڪو ٻيو به ساٿي ملي وڃي ته ساڳي گروپ ۾ ٿي ھلجي ۽ ھڪ ٻئي جي پھرين جي واقفيت ھجڻ ڪري فائدو رھي. ٻيا ته ٺھيو پر منهنجو ڳوٺائي ۽ پاڙي جو ڪئپٽن رشيد ابڙو به حج تي ھليو پر ھن کي خبر نه ھئي ته آئون به ھن سال حج تي وڃڻ جو ارادو رکان ٿو. ان کان علاوه ڪئپٽن ابرار، ڪئپٽن شميم ويندي اسان جو پراڻو جھازي ۽ واقفڪار چيف انجنيئر حاذق صالح پڻ ھو پر ڪراچي ۾ ھڪ ٻئي کي خبر نه پئجي سگھي. ھرھڪ پنهنجي منهن پروگرام پئي ٺاھيو ۽ پنهنجي منهن حج جي موڪل جو بندوبست پئي ڪيو، پوءِ جڏھن حج لاءِ PIA ۽ سعوديه ايئر لائين جي ھوائي جھازن جون اڏامون شروع ٿيون ته ھڪ ٻي جي خبر پيئي، بلڪه ڪيترن دوستن جي ته حج ڪري اچڻ بعد خبر پيئي يا ته اتي مڪي، مديني، منى، مزدلفه ۾ اوچتي ملاقات تي خبر پيئي.
منى ۾ غسلخانن اڳيان لڳل قطار ۾ منهنجون ڇھون ستون نمبر ھو، جيسين ھڪ ھڪ ٿي فارغ ٿئي. سڀ احرامن (ٻن اڇين چادرن) ۾ لوٽو ھٿ ۾ جھلي پنهنجي پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺا ھئاسين. اڳيان بيٺلن ۾ گھڻو ڪري پنجاب پاسي جي ٻهراڙي جا ھاري ناري لڳا ٿي. ڏسندي ڏسندي منهنجي پويان به ڪافي ماڻھو گڏ ٿي ويا. منهنجي بلڪل پويان عرب شڪل جو ھمراهه ھو. انگريزي ۾ پڇيومانس:
"Can you speak English?"
”جي ھان“ ھن فرسٽ ڪلاس لھجي ۾ جواب ڏنو.
”ڪھڙي ملڪ جا آھيو؟“ مون کانئس سوال ڪيو.
”مصر جو آھيان“ ھن جواب ڏئي شايد اھو سوچي ته منهنجو ٻيو ڪھڙو سوال ھوندو، اڳواٽ ٻڌايو، ”آئون مصري فوج (Army) جو ليفٽيننٽ جنرل آھيان.“
”سبحان الله“ مون دل ئي دل ۾ رب پاڪ جي تعريف ڪئي، ”ڇا ته وقت ۽ پٽ آھي! نه يونيفارم نه تمغا! ھيڏو وڏو آفيسر ھڪ طرف ۽ اڳيان بيٺل پنجاب جي ڳوٺن جا غريب ھاري ٻئي طرف سڀ ھڪ ئي قسم جي ڪفن جھڙي ڪپڙن جي گوڏين ۾ بيٺا آھن ۽ ھي ڇا! مصر جي ان آرمي آفيسر جي بلڪل پويان اسان جي جھازن جو پراڻو چيف انجنيئر حاذق صالح ھٿ ۾ لوٽو جھليو بيٺو آھي! اسان کي ھڪٻئي کي سڃاڻڻ ۾ دير لڳي، خاص ڪري مون کي جو اسان وارو يار ان وقت بيحد ڪمزور لڳي رھيو ھو ۽ ڏاڙھي پڻ رکائي ھئائين. جواني جي ڏينهن جون وڏيون مڇيون جنهن تي ھن کي ناز ھو اھي نه برابر ٿي ويون ھيون. جھاز ھلائڻ وارن ڏينهن ۾ امر جليل جو افسانو پڙھي کيس چيڙائيندو ھوس ته سائين ايڏين وڏين مڇن تي طوطو ويھاريندائو ڇا؟ چوندو ھو: ”ھي مڇون ناھن، مڇون ٻلن کي ٿينديون آھن. ھي شھپر آھن. شھپر جوڌن کي ٿيندا آھن.“
ستر واري ڏھاڪي ۾ جڏھن حاذق صالح پاڻي جا جھاز سيڪنڊ انجنيئر (۽ پوءِ چيف انجنيئر) جي صلاحيت سان ھلايا، جن ڏٺو ھوندو، اھي مڃيندا ھوندا ته ھو واقعي جوڌو ھو. شينهن وانگر گجندو رھندو ھو. جونيئر انجنيئر ۽ انجن روم جو ٻيو اسٽاف کانئس ڏڪندو ھو. پنهنجي ڪئبن مان ڪنهن سان فون تي ڳالھائيندو ھو ته ٻڌڻ وارو سندس آواز بنا ٽيليفون پيس جي ٻڌي سگھندو ھو. ايڏو ڪڙڪو ھو سندس آواز ۾! اھڙا تهڙا مشيني پرزا جيڪي ٻيا چين بلاڪ (Chain Block) ذريعي مٿي کڻندا ھئا، ھي ھٿن سان ڇڪي ٻاھر ڪڍندو ھو ۽ انجڻين ۾ فٽ ڪندو ھو. ايڏي طاقت ھئي ھن جي ھٿن ٻانهن ۾! ڪيترا دفعا بندرگاهه ۾ اسان جا جھاز ھڪ ئي جيٽي (ڌڪي) تي ھڪٻئي سان لڳي (Along Side) ٿي بيٺا ۽ پوءِ اھڙن موقعن تي ماني ھن جي جھاز تي يا اسان جي جھاز تي گڏجي کائيندا ھئاسين. ھن جي جھاز جا اسٽيورڊ ته ھميشه ٽپ ٽاپ رھندا ھئا پر جنهن ڏينهن ھو منهنجي جھاز تي ماني لاءِ ايندو ھو ته اسان جي جھاز جا اسٽيورڊ (بئرا، بٽلر) ڪجهه وڌيڪ ئي سجاڳ ۽ سمارٽ ٿي ويندا ھئا. حاذق صالح لاءِ ڪمپني جا سڀ جھاز ھن جا پنهنجا ھئا ۽ ھن ڪمپني جي ڪنهن به ماڻھوءَ کي سست يا غير سمارٽ ڏسڻ نه ٿي چاھيو. کيس پائيپ پيئڻ جو شوق ھوندو ھو. ڊيڪ تي ھوا کائڻ لاءِ بيھندو ھو ته به پائيپ ساڄي ھٿ ۾ ۽ تماڪ جو دٻو کاٻي ھٿ ۾ وڏي شان سان جھلي بيھندو ھو. اڄ پورن 52 سالن کانپوءِ مٺن پيشابن ۽ پيريءَ ڪري بيحد نستو ۽ نٻل لڳي رھيو ھو ۽ سندس ھٿ ۾ پائيپ ۽ ولائتي تماڪ جو دٻو ھجڻ بدران پاڻي سان اڌ ڀريل پاڪستاني سادي قسم جي پلاسٽڪ جونيري رنگ جو لوٽو ھو!
”اڙي سائين توھان!“ اسان ھڪ ٻئي کي تعجب مان ڏسي کيڪاريو. منى ۾ اسان ٻنهي جا تنبو ويجھا ھئا پر وضو لاءِ ڊگھن قطارن ۾ بيھڻ، نمازون پڙھڻ ۽ ميل ٻن جو اڌ ڪلاڪ جو پنڌ، گھڻي رش ھجڻ ڪري ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري شيطانن کي پٿريون ھڻڻ ۾ ئي وقت گذري ويو ٿي. ٻئي ڏينهن شام جو منى ۾ ٺھيل عارضي دڪانن (بقالائن) مان ھڪ تان ڇولن جھڙي دال ۽ ڀت وٺي حاذق صالح جي تنبوءَ ۾ آيس. پاڻ پٽ تي چادر وڇايو ستو پيو ھو. فلو ۽ بخار کان سندس جسم ٻري رھيو ھو. ڪجهه گھڙيون اڳ پئناڊال جون ٻه گوريون کاڌيون ھئائين. مون کيس اٿاري ويھاريو. ٻه چار گرانهن رکي ڀت جا مون سان کاڌائين. ان بعد اسان جو منى ۾ آخري ڏينهن ھو. ھو پنهنجي گروپ سان آئون پنهنجي گروپ سان بسين ۾ چڙھي مڪي شريف ڏي روانا ٿياسين. ڪجهه ماڻھن بي پناهه ٽرئفڪ ۾ بس جي آھستي چرڻ کان مڪي پڻ وڃڻ کي ترجيح ڏني. بهرحال اسان کي اتي ئي پھچي خبر پيئي ته ڪراچي ۾ اڳواٽ خبر پوي ھا ته ٿي سگھي ٿو، اسان ھڪ ئي گروپ ۾ اچون ھا.
حج جو فارم ڀرڻ کان اڳ مون ڪنهن گروپ سان شامل ٿيڻ لاءِ ڳوٺ مان به معلوم ڪرايو. خبر پيئي ته اسان جي ڳوٺ مان ھن سال 89 کن ماڻھو حج لاءِ تيار ٿيا، جن پنهنجا ٻه گروپ ٺاھي حج لاءِ فارم جمع به ڪرائي ڇڏيا آھن. اھو ٻڌي افسوس ٿيو، خاص ڪري اھو معلوم ڪري ته ان ۾ ڪجهه منهنجا ھم عمر، سڃاڻا ۽ مائٽ به ھئا، جن سان سفر ڪرڻ ۾ ڪچھري جو سٺو موقعو ملي ھا ۽ مھيني سوا جي مدي ۾ ڳوٺ جون ڪيتريون ئي خبرون ٻڌجن ھا، جن جي ڳوٺ کان پري رھڻ جي ڪري ڄاڻ نه ٿي رھي.
پر منهنجي ھڪ جھازي دوست پڇتاءُ ڪرڻ کان مون کي منع ڪندي نصيحت ڪئي ته ڪڏھن به پاڙي يا ڳوٺ جي ماڻھو سان گڏ سفر نه ڪجي، خاص ڪري وڏي عمر ۾.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”سفر کڻي ڪيڏو به مختصر ۽ سھولت وارو ھجي“. ھن پنهنجي راءِ ۽ تجربو پيش ڪيو، ”پر سفر دوران ٿوري گھڻي کِٽ پٽ ضرور ٿئي ٿي. پوءِ جيڪڏھن سفر جو ساٿي ڳوٺ يا پاڙي جو آھي ته پوءِ اھي بعد ۾ اختلاف قائم رھن ٿا ۽ جڳ جھان کي به خبر پئجيو وڃي“.
”سفر ۾ ڪا غلط فھمي ٿي يا ڪنهن ڳالهه تي رسامو ٿيو ته سفر تان موٽڻ تي پاڙي واري جي ھجڻ ڪري ٻين پاڙي وارن کي خبر پئجيو وڃي ته ھي وڃڻ وقت ته گڏ گڏ قرب ونڊيندا خوش ٿي ويا ۽ ھاڻ ھڪٻئي سان ڳالھائين نه ٿا. پوءِ پاڙي وارا ھرھڪ کان وضاحتون پڇندا ۽ رٺل ڌريون پنهنجو پاڻ کي ڏوھاري نه ثابت ڪرڻ لاءِ ھڪٻئي تي الزام ھڻنديون ۽ ٻڌڻ وارا پاڙيسري انهن ۾ مرچ مصالحا وجھي سڄي محلي ۾ کين خوار ڪندا رھندا ۽ ڌرين جي وچ ۾ ايڏو ويڇو وجھي ڇڏيندا، جو پوءِ ھو پرچڻ چاھيندي به شرمندگي محسوس ڪندا“.
”يا وري ائين به ٿئي ٿو ته ھڪ ته ھر سفر ۾ ڪجهه نه ڪجهه تڪليف ته رھي ٿي، ڇو جو سفر ۾ ھرھڪ ماڻھو کي پنهنجي گھريلو روزمرھ جي Routine ڇڏڻي پوي ٿي. ان ڪري ماڻھو نفسياتي طور منجھيل ۽ پريشان رھي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ھر ڳالهه بابت ھرھڪ جو پنهنجو خيال ۽ راءِ ٿئي ٿي ۽ پوءِ ھرھڪ پنهنجي گھر جو وڏو ھجڻ ڪري کيس پنهنجي گھر ۾ ته عزت ۽ واکاڻ ملي ٿي، پر ڌارين ۾ اھا راءِ يا خيال پيش ڪندي ضروري نه آھي ته کيس ان ڳالهه جي مڃتا ۽ قبوليت ملي. مثال طور: توھان سفر جي ساٿين جو خيال رکي، ھنن کي پنهنجي خرچ مان کارايو پياريو ٿا، پوءِ انهن مان ڪو توھان جي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻ بدران ڳوٺ اچي پاڙي وارن کي ٻڌائي ته ”فلاڻو ته ھٿ ڦاڙ ھو، رڳو پئسو پئي ضايع ڪيائين. شايد حرام جو ڪو ھوس“ ۽ توھان کي اھو ٻڌي، ٿي سگھي ٿو ڏک ۽ ڪاوڙ اچي ۽ ورندي ۾ توھان به ڪجهه چئي ڏيو يا ٿي سگھي ٿو، توھان کي ڪي شيون نه وڻنديون ھجن، ان ڪري توھان اھي نه کائيندا ھجو پر ڪو ڳوٺ اچي ٻڌائي ته ”فلاڻو ته ڪنجوس ھو، بک پئي مئو ته به پنهنجي پيئڻ لاءِ به ڪوڪا ڪولا نه ٿي ورتائين. وغيره“. ھاڻ ھن کي حقيقت جي ڪھڙي خبر ته توھان ڪوڪا ڪولا ان ڪري نه ٿي پيتي جو توھان ان کي صحت لاءِ خراب ٿي سمجھو... وغيره.“
 بهرحال مون ھن جي ڳالهه سمجھي، ڇو جو آئون پاڻ ٻاھر ويندڙن کي اھو چوندو آھيان ته ولايت ۾ قانوني طرح يا غير قانوني طرح پڙھڻ يا نوڪري لاءِ وڃو ته پنهنجي ڳوٺ يا شھر جي ماڻھو سان گڏ ته نه رھجو پر پنهنجي ملڪ جي ماڻھو کان به پري رھجو، پھريان ڏينهن اڪيلائي محسوس ٿيندي پر پوءِ توھان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ساڳيو حال سفر جو آھي. ورلي ڪو الله جو نيڪ بندو ھوندو، جو سڄو سفر صبر سان ڪري موٽندو ھوندو. نه ته حاجين جي جھاز تي به مسافر ويندي وقت ھڪٻئي تان قربان پيا ٿيندا آھن پر واپسي وقت وڙھڻ لاءِ کين انيڪ سبب ھوندا آھن.
بهرحال ان جو بهترين علاج يا کڻي چئجي ته ان مرض مان ٿوري گھڻي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ اھو نسخو به آھي ته ڪنهن به سفر تي وڃجي ته پھرين کان ئي اھو ذھن ۾ رکجي ته ڪيترائي مسئلا ۽ تڪليفون درپيش اچي سگھن ٿيون. اھا ڳالهه ذھن ۾ رکڻ ان ڪري ضروري آھي، جيئن ڪا تڪليف اچي وڃي ته ان کي ھمٿ سان منهن ڏجي ۽ صبر کان ڪم وٺجي. رڳو سٺيون ڳالھيون Expect نه ڪجن. ھونئن به چوڻي آھي ته:
Happy are those who do not expect anything
۽ حج جي سفر ۾ ته ھر وقت ڏکيائين جو سوچجي جو ھڪ ته حج ڪو گھمڻ ۽ تفريح ناھي پر عبادت آھي  ۽ ھڪ مقرر مدي ۾ مقرر ارڪان ھڪ ئي وقت سڀني کي گڏ پورا ڪرڻا پون ٿا، جنهن ۾ ڪافي مشقت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪو به گھر جھڙي سک يا سھولت جي اميد رکي نه ٿو سگھي. ان ڪري ته حج لاءِ چون ٿا ته ھر وقت الله تعاليٰ کان دعا گھرجي ته: ”حج آسان ٿئي“ ۽ واقعي اھي قدرت جا ڪمال آھن، جو ھيڏا Masses ٽيھارو کن لک ماڻھن جا مڪي جھڙي شھر ۾ ھڪ ئي وقت مسافر ٿي رھن ٿا. ھڪ ئي وقت منى مزدلفه ۽ عرفات ڏي پنج ڏينهن تائين اچ وڃ ڪن ٿا. اولمپڪ راندين ۾ لک کن ماڻھن جو به حڪومت جون وايون بتال ڪريو ڇڏي. آيل ماڻھن جا روز ھنگاما ٿين ٿا ،کاڌا پيتا کٽيو وڃن پر حج تي لکين ماڻھو جن ۾ اڌ کان وڌيڪ پوڙھا ۽ ڪمزور آھن. مڪاني زبان کان اڻ واقف آھن. ڏينهن ۾ پنج دفعا پيا حرم پاڪ ۾ اچن وڃن. ماڻھن جي تعداد جو اھو حال آھي جو نماز مھل مڪي جي ھر گھٽي مان ماڻھن جو درياهه حرم پاڪ ڏي ويندو نظر اچي ٿو ۽ وري ساڳيو سيلاب پيهه پيھان ۾ موٽي ٿو. زالون، مرد، پوڙھا، جوان آفريڪا جا قداور توڙي ملائيشيا جا بندري قد جا ڪمزور، ترڪي ۽ ايران جا ڀورا ،گورا توڙي ڪڻڪ رنگا پاڪستاني، ھندستاني، مختلف لباس ۾ خاموشي سان ھلندي نظر ايندا. نه ھنگامو، نه گوڙ، نه لٺبازي، نه گار گند، جيڪو اڄڪلهه دنيا جي ميلن، ملاکڙن، ڪارنيوال، ماردي گراس، مئچن ۽ سئنيمائن ۾ عام ٿي ويو آھي پرھتي مڪي مديني ۾ ٽيھن ڏينهن جي حج تي ٽيهه لک ماڻھن مان ٽن چئن ماڻھن کي ٽن چئن منٽن لاءِ به مارڪٽ ڪندي نه ڏٺو. اڃ، بک، اس، گرمي، جاءِ جي کوٽي ۽ رش ھوندي به سڀڪو خاموش آھي ۽ اھا ئي ڪرامت ۽ ڪرشمو آھي، جيڪو غير مسلم کي پريشان ۽ وائڙو ڪريو ڇڏي. ھڪ قسم جو خوف ۽ دھشت ڏياريو ڇڏي ۽ ھو اسلام جي طاقت کان مرعوب ٿيو وڃي.
حج تي آيل ھر مسلمان ٻئي کي تڪليف ڏيڻ کان گريز ڪري ٿو. ھو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي ڏک نه ٿو پھچائڻ چاھي، ڇو ته ھن کي خبر آھي ته بندي کي ناراض ڪري رب کي سرچائي نه ٿو سگھجي. ان معاملي ۾ سعودي حڪومت به مختلف زبانن ۾ ڇپيل پمفليٽن ذريعي حاجين کي آگاهه ڪندي رھي ٿي ته ڪنهن به انسان کي تڪليف نه ڏيو. مثال طور: حجر اسود کي رش ڪري چمي نه ٿا ڏئي سگھو ته ھٿ لائڻ ئي ڪافي آھي پر جي ھٿ نه ٿا لائي سگھو ته پري کان ئي ھٿ جي اشاري سان ھن کي چُمي ڏيو پر ٻين ماڻھن کي ڌڪا ٿيلھا ڏيئي پنهنجي لاءِ رستو پيدا ڪرڻ گناهه جو ڪم آھي.
ان ئي قسم جي ڳالهه اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي به ڪئي. ڪراچي ۾ کيس جرمن ڪمپني باش جي ايجنسي آھي. ھو وڏي پئسي وارو آھي پر سندس شوق ھر سال حج ڪرڻ ۽ حاجين جي مدد ڪرڻ آھي. جيئن ھو سولائي سان ۽ صحيح طرح حج جا ارڪان پورا ڪري سگھن. جدي ھلڻ کان اڳ توڙي مڪي مديني ۾ ھن جي ھر وقت اسان کي اھا نصيحت ھوندي ھئي ته توھان اھو نه سوچيو ته توھان کي ٻيو ڪو مدد ڪندو پر ھر وقت اھو سوچيو ته توھان کي ٻين جي خدمت ڪرڻي آھي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته وڏي عمر جي باوجود ان جو مثال پاڻ به سڄي سفر ۾ ڏيندو رھيو.
ڊفينس سوسائٽي جي فيس فور واري ھڪ مسجد (شفقت مسجد) جتي منهنجو اڪثر وڃڻ ٿيو ٿي، جي ھڪ ٻن جماعتن سان منهنجي سٺي سلام دعا ٿي وئي ھئي. انهن مان ھڪ پنجاب پاسي جو ٺيڪيدار اسرارالحق ھو، جنهن جو ڪم جايون ٺھرائڻ آھي. ھي مسجد به ھن پنهنجي خرچ سان ٺھرائي ھئي، پلاٽ سو وڙھي جڙي ڊفينس سوسائٽي وارن کان ھٿ ضرور ڪيو ھئائين. پاڻ اڇي ڪاري ڏاڙھي سان چاليهه ورھين جو ويجھو ٿيندو. ھڪ ٻيو قرآن جو ياد حافظ ـ حافظ سعيد احمد ھو، جيڪو پڻ وڏي ڏاڙھي سان چاليهه پنجيتالهه جي وچ جو ٿيندو. جسم ۾ تمام گھڻو صحتمند ۽ پھلوان، مسجد ۾ ڪڏھن ڪڏھن ٻانگ ڏنائين ٿي ۽ نماز پڙھائين ٿي. آواز سندس بيحد مٺو آھي. جناح اسپتال جي در سامھون سندس ميڊيڪل اسٽور آھي. مون اسرار کي فون ڪري حج لاءِ پڇيو ته آيا ھن حج ڪيو آھي يا نه ۽ ھن سال سندس يا سندس ڪنهن ٻئي ڄاڻ سڃاڻ واري جو حج تي ھلڻ جو ارادو آھي يا نه.
”الطاف ڀائي واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي“. اسرار الحق کي ڄڻ ڪا وسري ويل شيءِ ياد اچي وئي. ”ان بابت ته مون سوچيو ئي نه ھو. انشاءَ الله ھن سال ئي حج ڪرڻ چاھيان ٿو ۽ گڏجي ھلنداسين“.
”پوءِ ڀلا ڪيئن ھلجي. مون کي ته اھا به خبر ناھي ته فارم ڀري ڪنهن کي ڏجي“ مون کيس اڳواٽ ڪن کڻايو ته جيئن کيس خبر پوي ته آئون انهن ڳالھين ۾ بنهه اڻ ڄاڻ آھيان. متان ھو منهنجي سامونڊي سفرن جي ڳڻپ ڪري مون کي ڪو سياڻو سمجھي.
”يار خبر ته مون کي به نه اٿئي، پر پنهنجو حافظ سعيد احمد ان معاملي ۾ سياڻو آھي. ھو ويجھڙائي ۾ حج ڪري آيو آھي ۽ وڏو ھمت وارو آھي. پاڻ کي صحيح طرح Guide ڪري سگھندو.“
حافظ سعيد ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي ادارا آھن، جيڪي حاجين جي مدد لاءِ گروپ ٺاھي کين حج تي وٺي ھلن ٿا ۽ ٻي خوشخبري اھا ٻڌائين ته ھو پڻ ھن سال به حج ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ”ٻه سال کن اڳ آئون زال کي حج تي ويٺي ويو ھوس ۽ ھن سال پنهنجي ڀيڻ کي حج ڪرائڻ چاھيان ٿو“. ھن ٻڌايو ۽ اھو پڻ ٻڌايائين ته ان مسجد جو ھڪ ٻيو جماعتي نسيم گلزار نالي پنهنجي زال سان گڏ حج ڪرڻ چاھي ٿو ۽ پاڻ سان ئي شامل ٿيندو. اسرار مون کي بي فڪر رھڻ لاءِ چيو: ”ٻن ڏينهن اندر جائزو وٺي توکي اطلاع ڪنداسين ۽ جيئن به ھلڻ ٿيو ته پوءِ ٽولو گڏ رھندو.“
۽ پوءِ ٻه ڏينهن به نه گذريا ته اسرار فارم ڀرڻ لاءِ گھرايو. ”پاڻ عالمگير ٽرسٽ وارن جي معرفت ھلي رھيا آھيون. انهن سان اسان ڳالھايو آھي. ھنن جا اٽڪل ٽيهه کن گروپ ھر سال حج تي وڃن ٿا. ھنن جا گروپ ليڊر ڪيترائي حج ڪري چڪا آھن ۽ نه فقط مڪي مديني ۾ سٺي رھائش ھٿ ڪرڻ ۾ ھوشيار آھن پر مذھبي ڄاڻ به اٿن. تون فارم لاءِ ھن سائيز جا ھيترا ھيترا بليڪ ائنڊ وائيٽ فوٽو اڄ ئي ڪڍرائي وٺجانءِ ۽ ھيترا پئسا حافظ سعيد کي موڪلي ڏي. رھائش لاءِ ھينئر ئي پئسا ڏيڻا آھن، سي به ڊالرن ۾. ان ڪري حافظ سعيد رھائش جي مسواڙ ڊالرن ۾ مٽائي رکي ۽ باقي پئسن جو بئنڪ مان ڊرافٽ ٺھرائي وٺ.
مون اسرار جي چوڻ موجب فوٽن ۽ پئسن جو بندوبست ڪيو. ھن سفرنامي ۾ حج جو ارادو رکندڙ پڙھندڙن لاءِ ھتي ٻن ٽن ڳالھين جي سمجھاڻي لکڻ ضروري ٿو سمجھان.
فوٽو ڪڍرائڻ گناهه آھي يا نه پر حج جو فارم ڀرڻ لاءِ مردن توڙي عورتن کي فوٽن جو گھربل تعداد ڏيڻ ضروري آھي. جن مان ھو پاسپورٽ، پئسن جي رسيد، شناختي ڪارڊ وغيره تي فوٽو لڳائين ٿا. ھيترن ماڻھن جي سڃاڻپ، گم ٿيڻ کان بچڻ ۽ ڏوھن کي روڪڻ لاءِ فوٽو ضروري ڪيو ويو آھي. بهرحال فوٽو ڪڍرائڻ کان اڳ فوٽن جو تعداد سائيز ۽ رنگ وغيره ته آيا، فوٽو بليڪ اينڊ وائيٽ ھجن يا رنگين. چڱي طرح معلوم ڪري پوءِ ڪڍرائڻ کپن. اڄڪلهه عورتن جي فوٽو لاءِ ضروري ڪيو ويو آھي ته ھن جو مٿو چڱي طرح ڍڪيل ھجي، جيئن ھڪ وار به نظر نه اچي.
حج جا فارم ڀرڻ لاءِ اڄڪلهه پاڪستان ۾ ٻه اسڪيمون آھن. ھڪ ”ريگيولر“ يعني حج تي وڃڻ وارو پاڪستاني پئسا پاڻ ڀري وڃي رھيو آھي ۽ ٻيو ”اسپانسرشپ“ اسڪيم آھي، جنهن ۾ حج تي ويندڙ ڪنهن دوست يا مائٽ کان ٻاھر پئسا (ڊالرن ۾) گھرائي حج جو خرچ ڏئي ٿو. اسپانسرشپ وارن کي حج تان روڪ نه ٿي ٿئي  ۽ جيڪو فارم ڀري ٿو، ان کي حج جي موڪل ملي ٿي. ريگيولر وارن جا ڪُڻا ڪڍيا وڃن ٿا. مثال طور: پاڪستان جي حج وزارت يا سعودي حڪومت اھو فيصلو ڪيو ويو آھي ته ھن سال (2000ع) پاڪستان فقط ھڪ لک ماڻھو حج لاءِ موڪلي. ھاڻ جي درخواستون لک کان مٿي آھن ته پوءِ پکا (ڪڻا) ڪڍيا وڃن ٿا ۽ جيڪي لک ۾ اچن، اھي ئي حج لاءِ وڃي سگھن ٿا. اھا ٻي ڳالهه آھي ته ھن سال (2000ع) لاءِ جنهن ۾ مون کي حج جي سعادت نصيب ٿي، پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف سڀني کي حج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ ھن سال پاڪستان مان ھڪ لک ڏهه ھزار ماڻھن حج ڪيو.
گھڻو اڳ حج تي ويندڙن کان فقط پاڻي جي جھاز جي ٽڪيٽ جا پئسا ورتا ويندا ھئا، جدي پھچي مختلف ھنڌن (مڪي، مديني، منى، مزدلفه، عرفات) تي وڃڻ لاءِ ھو پاڻ بسون ڪندا ھئا. رھائش لا ءِگھر پڻ ھو ،پاڻ ئي ڳوليندا ھئا ۽ معلم به پنهنجي مرضي سان ڪندا ھئا. خاص ڪري سنڌ جا ماڻھو محمد ھاشم سنڌي جھڙو معلم ڪندا ھئا، جيڪو اصل ۾ سنڌ کان لڏي سعودي عرب ۾ وڃي رھيو ۽ اتي ئي شادي ڪيائين. کيس سنڌي اچڻ ڪري اسان جي سنڌ جي رھاڪن لاءِ وڏي سھولت رھي ٿي . (محمد ھاشم گذاري ويو آھي، سندس پٽ معلم جو ڪم ڪري ٿو پر کيس سنڌي نه ٿي اچي) اھڙي طرح پنجاب جي ماڻھن اھڙو معلم ڪيو ٿي، جيڪو ھنن جي زبان سمجھي سگھي. ڪيترائي پنجاب جا اتي رھن ٿا، جيڪي گھڻو اڳ، اڄ کان سٺ ستر سال اڳ سعودي عرب ۾ رھڻ ڪري، ھنن وٽ سعودي عرب جو پاسپورٽ آھي ۽ عرب سڏجن ٿا. بهرحال ھر حاجي پنهنجي مرضي سان معلم ڪيو ٿي. معلم معنى اھو ماڻھو، جنهن کي علم ھجي يعني (سونهون Guide). معلوم نه فقط حاجين جي رھائش ۽ ڪاغذ پٽن جو بندوبست ڪري ٿو، پر حج جا ارڪان پورا ڪرائڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. اڄ به ڪيترائي ترڪ، انڊونيشي ۽ ٻيون قومون آھن، جن کي گھڻي عربي نه ٿي اچي، پوءِ معلم يڪو جٿو وٺي طواف، سعي، منى ۽ عرفات  دوران ھنن جي اڳيان اڳيان ھلي ٿو ۽ زور زور سان دعائون پڙھي ٿو، جنهن پويان ٻيا پڙھندا ھلن ٿا. مثال طور: طواف چوندو ”ربنا“ ته سندس پويان ھلندڙ پنجاهه يا سئو کن ماڻھن جو جٿو زور سان چوندو ”ربنا“ پوءِ معلم چوندو ”آتنا“ ته سڄو جٿو زور سان ورجائيندو ”آتنا“ اھڙي طرح اھي ماڻھو جن کي قرآن جون آيتون، دعائون وغيره ياد نه آھن. اھي معلوم پٺيان پڙھي ثواب حاصل ڪن ٿا پر ساڳي وقت ڪيترن ئي اھو چوندي ٻڌو ويو ته ائين زور زور سان پڙھڻ سان ٻيا ڊسٽرب ٿين ٿا ۽ ساڳي وقت سڄي جٿي جي گڏ گڏ ھلڻ ڪري ٻين کي ڌڪا ۽ ٿيلھا لڳن ٿا. ڇو ته اڪيلو ھلندڙ ماڻھو لاءِ ڪڏھن ڪڏھن اڳيان پويان ٿيڻ ۾ ڪو فرق نه ٿو پوي. پر ٽولي جو ھرھڪ ماڻھو پنهنجي ٽولي سان گڏ گڏ ھلڻ چاھي ٿو، ڇو ته ھو نه ٿو چاھي ته پنهنجي ٽولي کان وڇڙي وڃي، سو ان چڪر ۾ ھو ٻين کي ڌڪا ٿيلھا ڏئي به اڳيان وڌڻ چاھي ٿو.
بهرحال ھاڻ حج تي ويندڙن لاءِ حڪومت رھائش، بسين ۾ سفر ڪرڻ ۽ معلم حاصل ڪرڻ جو بندوبست پاڻ ۽ اڳواٽ ڪري ٿي. ڇو جو ڪيترن کي مڪي پھچي سولائي سان رھائش ملي وڃي ٿي پر گھڻن کي ڏکيائي ٿئي ٿي، خاص ڪري انهن کي جيڪي آخري ڏينهن ۾ مڪي پھچن ٿا، سو انهن ڳالھين کي ڌيان ۾ رکي، حاجين جي سھولت لاءِ پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جي حڪومتن، سعودي عرب سان گڏجي حاجين جي رھائش جو اڳواٽ بندوبست ڪيو آھي. جيئن حاجي کي جدي پھچي خبر پئجي وڃي ته ھن کي ڪٿي رھڻو آھي ۽ مسافر بس کيس جدي مان کڻي مڪي يا مديني  ۾سندس رھائشگاهه تي اچي ڇڏي ۽ ھو يڪدم سامان رکي آجو ٿي طواف لاءِ ھليو وڃي يا ڪجهه دير چاھي ته آرام ڪري وٺي.
مڪي جي گھٽين مان لنگھبو ته ڪيترين عمارتن جي ٻاھران ڪپڙن جي وڏن بئنرن تي لکيل نظر ايندو ”پاڪستانيون ڪي لئي رھائشگاهه نمبر 9“ يا ڏهه، يارھن يعني اھي عمارتون پاڪستان حڪومت يا سعودي عرب حڪومت پاڪستاني حاجين لاءِ اڳواٽ مسواڙ تي وٺي ڇڏيون آھن ته جيئن اھي پاڪستاني ان ۾ اچي رھن. اھا ٻي ڳالهه آھي ته سڀ عمارتون ھڪ ئي پاڙي ۾ نه ٿيون ملن. پنجاهه کن جاين مان ڪي ويجھو آھن ته ڪي پري ملن ٿيون. ڪي نيون ۽ سٺيون آھن ته ڪي جھونيون ۽ ڊٺل آھن. پوءِ اھا نصيب جي ڳالهه آھي ته ڪنهن کي ڪھڙي ملي ٿي. ھونئن حرم پاڪ جي ويجھو وارين عمارتن جي مسواڙ ڳري آھي ۽ پري واريون سستيون آھن، پر حڪومت ھر حاجي جي ھڪ سراسري مسواڙ ڪٽي ٿي. پوءِ جيڪي حرم پاڪ جي ويجھو وارين عمارتن ۾ رھن ٿا. اھي پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ خوشنصيب سمجھن ٿا.
پاڪستانين جي رھائش وارين جاين سان گڏ ھندستان ۽ بنگلاديش کان آيل ماڻھن جون جايون پڻ ھر گھٽي ۾ نظر اچن ٿيون. جن جي ٻاھران انهن ملڪن جا جھنڊا پڻ لڳل ٿين ٿا، جيئن ھرھڪ حاجي پري کان پنهنجي جاءِ سڃاڻي اتي پھچي وڃي، ٻين ملڪن جي ماڻھن جي رھائشگاهه پڻ ان ريت مقرر ٿيل آھن پر اتي پھچي وڃي، ٻين ملڪن جي ماڻھن جا رھائشگاهه پڻ ان ريت مقرر ٿيل آھن پر پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش ،ايران، ترڪي، انڊونيشيا، ملائيشيا جھڙن ملڪن جا وڌيڪ نمايان آھن، جو اتان اچن به لکن جي تعداد ۾ ٿا.
بهرحال ھر حاجي جي رھائش جي مسواڙ جا پئسا اڳواٽ ڪٽجيو وڃن پر جيڪڏھن ڪو سرڪار طرفان رھائش جو بندوبست پسند نه ڪري ته پوءِ ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ اطلاع ڪري سگھجي ٿو ۽ آخري ڏينهن تي حاجي ڪئمپ ۾ ھن کي اھي مسواڙ وارا پئسا موٽي ملن ٿا. بهرحال ان بابت ھو فارم ڀرڻ وقت بئنڪ وارن کان معلوم ڪري سگھي ٿو، جو ڪيترين ڳالھين جا قاعدا قانون مسئلن مطابق ھر سال ڦرندا گرندا رھن ٿا.
اسان اسپانسرشپ اسڪيم ھيٺ عالمگير ٽرسٽ وارن جي مھيا ڪيل سھولت موجب وڃي رھيا ھئاسين، جيڪي رھائش جو بندوبست پاڻ ڪن ٿا ۽ ڪوشش ڪري سڀ عمارتون ھڪ ئي علائقي ۾ وٺن ٿا، جيئن ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ بس ۾ ھلڻو پوي ته سڀ ھڪ ھنڌ موجود ھجن ۽ گھڻو انتظار نه ڪرڻو پوي. ٻيو ته حرم پاڪ جي ويجھو واريون عمارتون مسواڙ تي ڪن ٿا، جيڪي ظاھر آھي، وڌيڪ مھانگيون آھن. مثال طور: سرڪاري طرح مڪي ۾ رھائش جي مسواڙ في ماڻھو 300 کن ڊالر آھي پر اسان کي 450 ڊالر ڏيڻا پيا، يعني 32 ھزار کن رپيا پر اھو به آھي ته ھنن يڪا فليٽ مسواڙ تي ڪيا، جن ۾ رھائش جي ڪمرن کان علاوھ ورانڊو، ھر ڪمري کي بالڪني، ٻن ڪمرن لاءِ ھڪ ھڪ غسلخانو، وڏو رڌڻو، ھر فليٽ  ۾ ٽي ريفريجريٽر ۽ ھڪ واشنگ مشين ھئي، ھر فليٽ ۾ چار ڪمرا ھئا، جن مان ھرھڪ ۾ ڇھن کان اٺ ماڻھو ستا ٿي. بهرحال رھائش لاءِ سعودي حڪومت طرفان ھرھڪ لاءِ اڍائي فوٽ باءِ ڇهه فوٽ جاءِ مقرر ٿيل آھي ته مڪي ۾ ھر حاجي کي ايتري جاءِ گھٽ ۾ گھٽ ملڻ کپي. مديني ۾ ان کان گھڻي آھي ۽ منى ۾ ان کان گھٽ (ٻه فوٽ باءِ ساڍا پنج فوٽ) آھي.
وچين نماز کان ٿورو اڳ اسان عالمگير مسجد پھتاسين، جيڪا مسجد عالمگير روڊ تي بهادرآباد ۾ آھي. مسجد جي ٻي ۽ ٽي ماڙ جي ٺھڻ جو ڪم ھلي رھيو ھو. مسجد ٻاھران ڪيتريون ئي ايمبولينس گاڏيون بيٺيون ھيون، جن تي عالمگير ويلفيئر ٽرسٽ لکيل ھو. آئون سمجھي ويس ته ھي عالمگير نالي ھڪ خدمت خلق جو ادارو آھي. جيئن ايڌي جو ادارو آھي يا ٻيا ڪيترا سماجي ادارا آھن. جي الله ڪارڻ غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا. مسجد جي در وٽ ٻه چار ھمراهه سبيل ۽ ڪچي ڪپڙي جون ٿيلھيون ٺاھي رھيا ھئا. انهن ٻڌايو ته ھي ڪپڙا ڪن ماڻھن خيرات ڏنا آھن. جيڪي ھو شام جو ڪراچي جي ھڪ غريب علائقي اورنگي ۾ رھندڙ ماڻھن ۾ ورھائيندا. مسجد جي ٻاھران ٺھيل دڪانن ۾ حج جو سامان، احرام، چيلهه جو پٽو، ٽوپيون، تسبيحون وڪامي رھيون ھيون. ھن ٽرسٽ جي ھڪ ڪارڪن ٻڌايو ته عالمگير ويلفيئر ٽرسٽ انٽرنيشنل جا ھي مقصد آھن.
·        غريب ۽ حقدار مريضن جو علاج ڪرايو وڃي ٿو.
·        يتيم ۽ مجبور ڇوڪرين جي شادي تي سامان جي مدد ڏني وڃي ٿي.
·        رمضان جي مھيني ۾ اٽڪل چار ھزار ماڻھن کي (خاص ڪري قيدين کي) افطار ڏني وڃي ٿي.
·        غسل ميت ۽ ڪفن دفن جو مڪمل انتظام 24 ڪلاڪن ۾ ٿئي ٿو.
·        حاجين لاءِ احرام ۽ وھيل چيئر جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو. وغيره.
اسان جي حاجين واري پنجاهه جي گروپ ۾ ھڪ پنجھٺ ستر سالن جو اڇي ڏاڙھي سان نور احمد چاندنا نالي حاجي ھو. پاڻ ھن کان اڳ به ڪجهه حج ڪيا اٿس ۽ عالمگير ٽرسٽ جي ڪارڪنن مان ھڪ آھي. پاڻ خدا ڪارڻ بنا ڪنهن پگھار جي ڪيترن سالن کان ڪراچي جيل ۾ قيدين کي قرآن شريف پڙھائيندو رھي ٿو، کيس بوھرا پير ۾ رنگ روغن جو ڪاروبار آھي. سندس تعلق دھلي، پنجابي سوداگران جماعت سان آھي. اتفاق سان اسان جي گروپ ۾ ٽيھارو کن حاجي انهي جماعت سان تعلق رکندڙ ھئا. ھونئن ھي عالمگير ٽرسٽ ڪنهن ھڪ جماعت جو نه آھي، پر ھن مسجد ۾ ايندڙ جماعتي ۽ ڪارڪن گھڻي ڀاڱي دھلي، پنجابي سوداگر آھن، جو انهن جي ڪميونٽي جو وڏو حصو ھن مسجد عالمگير جي آسپاس واري علائقي ۾ رھي ٿو. ٻئي نمبر تي ڪراچي ميمڻن جون مختلف جماعتون آھن، جن جا گھر پڻ بهادر آباد کان ھل پارڪ واري علائقي ۾ آھن.
دھلي، پنجابي سوداگران پاڪستان ٿيڻ تي دھلي کان لڏي آيا ۽ سندن واسطو واپار سان آھي. بقول اسان جي گروپ جي ھڪ ٻئي حاجي نواب عبدالستار جي ته اسان جي ڪميونٽي جي ماڻھو کي دڪان نه ھوندو ته به فٽ پاٿ تي بوڇڻ رکي شيون وڪڻندو پر نوڪري نه ڪندو. ھاڻ مڙيئي ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪرين تي آيا آھن، جن مان ھڪ نوجوان ڊاڪٽر فضل ربي، دل جو سرجن ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڻ اسان جي گروپ ۾ ھو، بلڪه مڪي ۾ مون واري ڪمري ۾ رھيو ٿي، پر ھو به ٻين وانگر حليم طبيعت جو ھو ۽ ڪنهن به ڪنڊ کان سرڪاري ڪامورو يا ٺٺ ٺانگر ۽ اجائي لئه ڏيکارڻ وارو ڊاڪٽر نه ٿي لڳو. ٽيھارو سال کن عمر ٿيندس، جنهن مان اٺ سال کن انگلينڊ ۾ رھي آيو ھو. ھر وقت پاڪيٽ سائيز قرآن ھٿ ۾ ھوندو ھوس ۽ پاڻ ۽ سندس زال طواف ڪرڻ ۽ قرآن جا ختما پورا ڪرڻ ۾ ھوندا ھئا. حج کانپوءِ ھڪ ڏينهن خريداري لاءِ ويو ۽ مون کي ان وقت خبر پئي ته کيس ھڪ ٻار (ڇھن سال کن جو) پڻ آھي، جنهن کي ڪراچي ڇڏي آيو آھي، ان لاءِ رانديڪو ورتائين.
ساڳيو حال ھن ڪميونٽي جي ٻين نوجوانن جو ھو، جيڪي شادي ڪري حج تي آيا ھئا يا حج تان وڃي شادي ڪرڻ جو ھو. ذري گھٽ سڀني کي ڏاڙھيون ھيون ۽ سڀئي قرآن جا حافظ نه ھئا ته به قرآن جو وڏو حصو کين ياد ھو. چوڌري ماھتاب نالي ھڪ حاجي ٻڌايو ته: ”اسان جي ڪميونٽي جي ٻارن کي ننڍي ھوندي ئي حج ڪرايو وڃي ٿو، جيئن ھنن کي دين جي ڄاڻ پوي ۽ زندگي ۾ پنهنجي لاءِ بهتر رستي جو تعين ڪري سگھن.“
ھڪ ٻئي حاجي فيروز احمد ٻڌايو ته سندن وڏا پنجاب جا ھئا، پوءِ مغلن جي ڏينهن ۾ ڪنهن مغل شھنشاهه، دھلي ۾ کين دڪان کولڻ جي اجازت ڏني  ۽اتي وڃي لڏي ويٺا ”اڄ به اسان جي ڪميونٽي جا ڪيترائي ماڻھو دھلي ۾ رھن ٿا پر ھاڻ سڀ دھلي ۾ رھندڙ توڙي ڪراچي وارا پنجابي وساري ويٺا آھيون ۽ اڙدو ۾ ئي ڳالھايون ٿا .
وچين نماز کانپوءِ مون ڏٺو ته عالمگير مسجد جي ورانڊي ۾ چوڌاري  رکيل ڪاٺ جي ڊيسڪن پويان وڏي عمر جا وڏين ڏاڙھين سان اچي ويٺا. اسان (اسرار، گلزار ۽ حافظ سعيد) ھڪ ھمراهه جي اڳيان اچي ويٺاسين. حافظ سعيد اسان پاران سمورا فوٽو، رھائش لاءِ آمريڪن ڊالر، پاڪستاني رپين جو ڊرافٽ وغيره ھن کي ڏنو، جنهن ھر شيءِ چيڪ ڪرڻ بعد ھرھڪ جو فارم ڀرڻ شروع ڪيو. فارم ڀرڻ ۾ ٻه ڳالھيون مون کي سٺيون لڳيون. ھڪ ته پاڪستان سرڪار، بلڪه وزارت ج ’فارم‘ تمام مختصر ٺاھيو آھي. حج تي ويندڙ جو نالو، والد جو نالو، شناختي ڪارڊ نمبر، ائڊريس ۽ وارث جو نالو ۽ پتو (جيئن حج تي ڪو گذاري وڃي يا ڪا اھڙي ڳالهه ٿي پوي ته ان کي اطلاع ڪيو وڃي) فارم ۾ ٻي ڪا لانڍ نه ھئي ته ڪٿي ڄائو آھي، ڪھڙي سن ۾ ڄائو آھي. مادري زبان ڪھڙي اٿس. نوڪري يا ڌنڌو ڇا اٿس. جيل ۾ ڪڏھن ويو آھي يا نه. فلاڻي بيماري ڪڏھن ٿي اٿس يا نه، وغيره وغيره. جن قسم جون اجايون سجايون ڳالھيون، اسان وٽ ڪيترن ڳالھين لاءِ فارم ڀرڻ تي لکيون وڃن ٿيون. (ويندي قد ڪيترو آھي، اکين جو رنگ ڇا آھي، وارن جو رنگ ڇا آھي؟ ھاڻ ھڪ پنجاهه سٺ ورھين جي ڄمار واري حاجي جي مٿي تي ڪھڙا وار ھوندا ۽ جي ھوندا ته انهن جو رنگ اڇو ئي ھوندو).
ٻي سٺي ڳالهه اھا ته فارم به عالمگير مسجد جي والنٽيئرن ئي ڀريا ٿي. اسان کان رڳو نالو، ائڊريس وغيره پڇندا ويا. جي پاڻ ڀرڻا ھجن ھا ته شايد آئون ايترا ننڍا اکر لکي ننڍن خانن ۾ مڪمل ائڊريس وغيره نه لکي سگھان ھا. اسان جي ڀر واري ھمراهه کان ٺٽي جو ھڪ ڪراڙو مڙس پنهنجو ۽ پنهنجي زال جو فارم ڀرائي رھيو ھو. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ٺٽي، گھاري ۽ گجي پاسي جا ڪيترائي سنڌي ھتان اچي فارم ڀرائيندا آھن، جو ھنن کي تجربو آھي ۽ ھو ٻهراڙي وارن جي سٺي رھنمائي ڪن ٿا ۽ اھو به ضروري ناھي ته ڪو توھان ھنن (عالمگير ٽرسٽ وارن) سان گڏ حج تي وڃو. فارمن جو ڪم پورو ٿيڻ تي فارم ڀرڻ واري مولانا صاحب ٻڌايو ته ھو ڪراچي جو بزنس مئن آھي ۽ ھتي پاڙي ۾ ئي رھي ٿو. حج جي ڏينهن ۾ عصر نماز کان عشاءِ تائين حج تي ويندڙن جا فارم ڀرڻ ۾ مدد ڪندو آھي  اھڙي طرح ٻيا به ڏھاڪو کن اھو ڪم ڪن ٿا، جن جو ان سلسلي ۾ پراڻو تجربو آھي. پاڻ اھو پڻ ٻڌائين ٿا ته حاجين جا ٽولا ٺاھي حج تي وٺي ھلڻ ۽ اتي رھنمائي ڪرڻ لاءِ عالمگير مسجد وارن جو ھي الڳ شعبو آھي، جيڪو انصار الحجاج سڏجي ٿو ۽ ان شعبي طرفان، حج تي روانو ٿيڻ کان اڳ عالمگير مسجد ۾ ڇهه کن ليڪچر ڏنا وڃن ٿا، جيئن حج تي ويندڙن کي حج بابت ھر ڳالهه جي ڄاڻ ھجي.
اھي ليڪچر مون به اٽينڊ ڪيا، صبح جو ڏھين کان اڳين (ظھر) نماز تائين ھلندا ھئا، جن لاءِ اسان کي اھي مقرر ڏينهن اڳواٽ ٻڌايا ويا ھئا. ليڪچر ڏيڻ وارن عالمن، مولوين وغيره ۾ ھڪ مولانا مفتي عبدالرئوف سکروي پڻ ھو، جنهن جو ٻڌايل ”حج جو طريقو: قدم بقدم“ ھتي پڙھندڙن لاءِ ڏيان ٿو، جيئن کين ڪجهه آئيڊيا ٿي سگھي. بهرحال ھن قسم جا ليڪچر منهنجي خيال ۾ تمام ضروري ۽ فائديمند ثابت ٿين ٿا ۽ انسان ڪيتريون غلطيون ڪرڻ کان بچيو وڃي. ملائيشيا ۾ ھوندو ھوس ته اتي به حاجين کي حج تي وڃڻ کان اڳ ھر شھر جي مسجد ۾، اتي جي حج کاتي طرفان، حج ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو ويندو ھو. ان جو نتيجو اھو ئي آھي ته ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا حاجي صبر ۽ تحمل سان حج ڪن ٿا. ڪنهن ٻئي حاجي کي ڌڪا ٿيلھا ڏئي تڪليف نه ٿا پھچائين. آئون به حجر اسود کي چمڻ لاءِ ڳوٺ جي ماڻھن کان ٻڌندو ھوس ته رش ۾ ھو ڪيئن ڌڪا ۽ ٺونٺيون ھڻي حجر اسود کي چمڻ ۾ ڪامياب ٿيا ٿي ۽ مون به سمجھيو ٿي ته اھو اجر کٽڻ لاءِ مون کي به ائين ڪرڻو پوندو پر عالمگير مسجد جي ليڪچر ٻڌڻ بعد مون کي ڄاڻ ٿي ته ڪنهن انسان کي تڪليف پھچائڻ غلط ۽ ڏوهه جھڙو ڪم آھي ۽ ثواب بدران گناهه ملي ٿو. ڪنهن به صورت ۾ ٻئي ڪنهن انسان کي ڌڪا ڏيئي نه تڪليف رسائجي ۽ نه دل رنجائجي.
ھونئن دنيا جي ڪيترن حاجين کي پاڪستانين، ترڪن، ڪجهه آفريڪي ملڪن جي ماڻھن ۽ خاص ڪري ايرانين سان شڪايت رھي ٿي ته ھو ڏاڍائي ٿا ڪن ۽ ٻين حاجين کي اڪثر تڪليف رسائين ٿا. ھڪ ايراني جنهن کي انگريزي به آئي ٿي، معمول جي خلاف خاموشي ۽ صبر سان ويٺل ڏسي مون کي تعجب لڳو، پڇڻ تي ھن روميءَ جو شعر ٻڌايو، جيڪو ھتي پڙھندڙن لاءِ بي محل نه ٿيندو.
دل بدست آر ڪه حج اڪبر است، 
از ھزارھا ڪعبھائي يک دل بهتر است
ڪعبه بناءَ خليل آذر اڪبر است، 
دل گذرگاهه رب جليل است

(دليون کٽ ڇو ته دليون کٽڻ حج اڪبري آھي، 
ھزارن جي ڪعبن کان ھڪ دل جو درجو وڌيڪ آھي،
ڇو ته ڪعبو آذر جي پٽ خليل جو ٺھيل آھي، 
۽ دل رب جليل جي جلوه گاهه آھي.)

مطلب ته جيتري قدر ٿي سگھي ته حج تي وڃڻ کان اڳ گھڻي کان گھڻي واقفيت حاصل ڪجي، جيئن ڪنهن ڳالهه بابت غلط اعتقاد نه رھي ۽ ڪنهن غلطي ڪرڻ جي اجائي گنجائش نه رھي ۽ پنهنجو پاڻ کي اھڙوDisciplined  رکيو وڃي، جو ٻئي کي تڪليف نه رسي.
حج جو فارم ڀرڻ بعد ٻن ڏينهن کانپوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته عالمگير مسجد جي شعبي انصار الحجاج طرفان اسان کي ھن سال 2000ع جي ٻاويھين گروپ ۾ رکيو ويو آھي، جنهن جو گروپ ليڊر جناب احسان الاھي شيخ آھي ۽ حج جي تربيت ڏيڻ لاءِ فلاڻا فلاڻا ڏينهن مقرر ڪيا ويا آھن، جن تي عالمگير مسجد ۾ اچي عالم دين ۽ حج کان واقفڪارن کان ليڪچر ٻڌي سگھجن ٿا.
عالمگير مسجد طرفان ٽيھارو کن گروپ ٺھيا. ھر دفعي ليڪچر بعد ھر گروپ جا پاڻ ٽولو ٺاھي ويٺا ٿي ۽ گروپن جي ليڊرن کين وڌيڪ ڪم جون ڳالھيون ٻڌايون ٿي ته اتي ڪيئن رھبو. ماني ٽڪي جو ڇا بندوبست ڪبو. ڪھڙو ڪھڙو سامان کڻي ھلبو... وغيره وغيره. ساڳي وقت اسان پنهنجي گروپ جي ماڻھن جون شڪليون ڏسي ڏسي ھڪٻئي کان ڪافي مانوس ٿي وياسين. حج تي رواني ٿيڻ کان اڳ اسان جي گروپ جي ھڪ ٻن ھمراھن پنهنجي گھر ۾ دعوت به ڪئي. ان ڪري اڃا به ھڪٻئي سان وڌيڪ ڏيٺ ويٺ ٿي وئي.

No comments:

Post a Comment