Friday, February 24, 2012

ملاڪا ۾ ميرپورخاص جا مير - الطاف شيخ


ملاڪا ۾ ميرپورخاص جا مير
الطاف شيخ
ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر سان منهنجي روبرو ملاقات هتي ملاڪا ۾ اچي ٿي. ساڻس ٻن سالن کان انٽرنيٽ تي رابطو هو ۽ مون کي اهو محسوس ڪري خوشي ٿئي ٿِي ته مير صاحب هڪ اهڙي شهر ۾ رهي ٿو، جنهن جي گهٽين مان منهنجو ڪئين سال گذر ٿيو. منهنجي ذهن ۾ هو ته ملاڪا جڏهن به وڃڻ ٿيندو ته ڊاڪٽر مير عطا محمد سان ضرور ملندس ۽ کانئس هن شهر ۽ ملڪ بابت سندس خيال پڇندس. ڪراچي ۾ رهندڙ منهنجي هڪ دوست مشتاق علي ٽالپر سان به جڏهن ملاقات ٿَي ٿِي ته هن مون کي ملاڪا ۾ ڊاڪٽر مير عطا سان ملڻ لاءِ چيو ٿي.


”توهان کي ڊاڪٽر مير عطا محمد سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي. هو پڙهيل ڳڙهيل ۽ محنتي نوجوان آهي.“ مشتاق ٽالپر چيو ٿي.
ڊاڪٽر مير عطا محمد سان ملاڪا ۾ ملڻ ۽ ڏينهن ٻه گڏ رهڻ سان مون کي مشتاق ٽالپر جي ڳالهه سؤ سيڪڙو صحيح لڳي ۽ ملاڪا مان موٽڻ بعد کيس اهو ئي چيم ته؛ ”ڊاڪٽر مير عطا جي توهان جيڪا تعريف ڪئي ٿي هو ان کان به وڌيڪ خوبين جو مالڪ آهي.“
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هو پريس ۾ رهي پنهنجي فيلڊ (ميڊيڪل/ ڊاڪٽري) جي نه رڳو نوڪري ڪري رهيو آهي، پر ان سان لاڳاپيل بزنيس به ڪري رهيو آهي ۽ هن جو مقابلو هتي رهندڙ چينين سان آهي، جيڪي سڄي سال ۾ فقط ٻه ڏينهن پنهنجي نئين سال جي شروعات جي موڪل ڪن ٿا. مون کي حيرت آهي ته ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر هڪ ميراڻو ٻار ٿي ڪري جيڪو ظاهر آهي ته وڏي لاڏ ڪوڏ سان پليو آهي ۽ امير ماءُ پيءُ جو پٽ ٿي ڪري جنهن محنت ۽ پورهئي سان نوڪري ڪري پاڻ وڻائي ٿو ۽ جنهن هوشياري ۽ ذهانت سان پنهنجو بزنيس هلائي ٿو، جنهن ۾ هن کي رات جو دير تائين ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ صبح جو سوير ئي اٿڻو پوي ٿو، هڪ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. بقول سندس، هن جي ڪاميابي ۽ بزنيس ۾ Survival جو راز ئي ان محنت ۽ جدوجهد ۾ آهي.
”هر هفتي خميس جي ڏينهن ملاڪا جي وڏن واپارين جي صبح جو ستين وڳي هتي جي هڪ هوٽل ۾ ميٽنگ ٿيندي آهي.“ ڊاڪٽر عطا ٻڌايو؛ ”ان ۾ ورلي ڪو ملئي يا انڊين واپاري پهچي سگهندو آهي.“
ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته؛ ”هن ميٽنگ ۾ اسان کي وڏو فائدو رسي ٿو جو مختلف واپاري هڪ ٻئي جي رهنمائي ڪن ٿا. مثال طور ڊاڪٽر عطا پنهنجي تيار ڪيل نون پراڊڪٽس بابت ٻڌائي ٿو ته انهن جي صحت برقرار رکڻ ۾ ڪهڙي خصوصيت آهي. ٻئي دفعي جي ميٽنگ ۾ ڪيترا ئي واپاري جن کي معلوم ٿئي ٿو ته ان شيءِ جي ڪٿي گهرج ٿئي ٿي ڊاڪٽر عطا کي ٻڌائين ٿا، جيئن هو انهن علائقن، اسپتالن، آفيسن ۽ ادارن ۾ انهن هيلٿ پراڊڪٽس جي پروموشن ڪري سگهي.
ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب پنهنجين شين کي انٽرنيٽ تي به رکيو آهي، جيئن پڙهندڙن کي انهن بابت آگاهي ٿي سگهي ۽ ملائيشيا جي ڏورانهن شهرن جا پڙهندڙ انهن شين جو فون يا اِي ميل ذريعي آرڊر ڏئي سگهن. هڪ ڏينهن ته گاڏيءَ ۾ شهر جو چڪر هڻي رهيا هئاسين ته ڊاڪٽر عطا جي موبائل جي گهنٽي وڳي. ٻئي طرف سنگاپور جي هڪ چيني عورت هئي، جنهن کي اهڙين جڙين ٻوٽين جي ضرورت هئي، جيڪي کائڻ سان هوءَ جلد صحتياب ٿي سگهي. هن جي سيزيرين آپريشن ٿي هئي ۽ کيس ٻار کي ٿڃ ڏيڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو هو.
ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر گذريل ٽن چئن سالن کان ملاڪا جي مشهور ڪاليج ”ملاڪا ڪاليج آف ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ ۾ ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر آهي. هو هتي جي شاگردن لاءِ مختلف سبجيڪٽن جا ڪورس Develop ڪندو رهي ٿو. ان کان علاوه هن جي ملاڪا ۾ ”سنڌ هيلٿ ڪيئر“ (Sindh health Care Sdn Bhd)  نالي دوائن جي ڪمپني آهي. هي دوائون جيڪي ميون ۽ جڙين ٻوٽين مان تيار ڪيون وڃن ٿيون، انسان کي تندرست ۽ صحتمند رکن ٿيون. انهن دوائن، ٽانڪن (Tonics)، عرق ۽ معجونن مان هو، ڪجهه پاڪستان ۽ انڊيا مان گهرائي ٿو ته ڪجهه ملائيشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان ٺهرائي ٿو. بهرحال هي ڪم اهڙو آهي جنهن ۾ بيحد خبرداري ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي جو ملائيشيا انهن ملڪن مان آهي، جتي جي حڪومت هر شيءِ تي سختيءَ سان نظر رکي ٿي ۽ ڪو به دڪاندار، هوٽل وارو يا فئڪٽري جو مالڪ، غلط شيءِ جو وڪرو ڪري نٿو سگهي. هر شيءِ ۾ جيڪي ڪيميڪل پيل آهن، انهن بابت خريدار کي ڄاڻ ڏيڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته؛ هو انڊيا جي شهر دهليءَ مان ڪيترا ئي خاڪا، معجونون ۽ ڊڀ گهرائيندو رهي ٿو. ”هڪ دفعي مون پاڪستان مان ڪنهن ڪمپني جي ٺهيل ميون جي رس گهرائڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان ۾ ”پيڪ ATP“ نالي هڪ ڪيميڪل به وڌو وڃي ٿو پر دٻن جي ٻاهران ان بابت لکيل نه هو. مالڪن اهو نٿي لکڻ چاهيو. ان ڪري مون ملائيشيا ۾ گهرائڻ کان انڪار ڪيو. هيءُ ڪيميڪل جنهن جو ايجاد ٿيل آهي، ان جي نالي رجسٽرڊ ٿيل آهي ۽ ان جو ئي ڪاپي رائيٽ آهي. ڪنهن ٻئي کي استعمال ڪرڻ لاءِ، مالڪ کان کيس اجازت وٺڻي پوندي يا ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ڏيڻو پوندو. ٻي صورت ۾ هو ڪيس ڪري سگهي ٿو ۽ منهنجي ڪمپني جي ساک خراب ٿي سگهي ٿي.“
ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جو واسطو ميرپورخاص جي ميرن سان آهي، جيڪي ماڻڪاڻي مير سڏجن ۽ مير ٺارو خان جو اولاد آهن. ميرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت ڪلهوڙن جو آخري حاڪم ميان عبدالنبي ڪلهوڙو هو. هڪ ٻئي پويان هالاڻي جي ٽن لڙائين بعد ڪلهوڙن کي مڪمل طور شڪست اچي وئي ۽ حيدرآباد جو پڪو قلعو ٽالپرن جي هٿن ۾ آيو. هي سال 1783ع جي ڳالهه آهي. هالاڻيءَ جي هنن لڙائين ۾ بلوچن جي ڪمانڊ هنن مير سردارن وٽ هئي:
·        مير فتح علي خان
·        مير ٺارو خان
·        مير سهراب خان
ميرن سنڌ ۾ ٽي پرڳڻا قائم ڪري، ٽي گڏيل حڪومتون قائم ڪيون. انهن مان هڪ پرڳڻو حيدرآباد مير فتح علي ٽالپر حوالي هو، جيڪي شاهدادڻي مير سڏجن ٿا. ٻيو ٿر ۽ ميرپورخاص وارو مير ٺاري جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو اولاد ماڻڪاڻي مير سڏجن ٿا ۽ ٽيون خيرپور وارو مير سهراب حوالي ٿيو، جيڪي سهراباڻي مير سڏجن ٿا.
سنڌ فتح ڪرڻ وقت، ميرپورخاص جي ٽالپرن مان مير ٺاري خان جو وڏو هٿ هو، جنهن کي ٿرپارڪر وارو ملڪ حصي ۾ ڏنو ويو. مير ٺاري خان جي وفات کانپوءِ سندس فرزند مير علي مراد ميرپورخاص جي گاديءَ تي ويٺو، جنهن 1838ع ۾ وفات ڪئي ۽ پٺيان ٻه پٽ ڇڏيائين: هڪ مير شير محمد خان ۽ ٻيو مير خان محمد خان. مير شير محمد خان، انگريزي ۽ فارسي تاريخن ۾ ”شيرِ سنڌ“ سڏيو ويو آهي. 1828ع ۾ ڪمشنر مانسفيلڊ عمرڪوٽ ۾ درٻار ڪئي، جتي مير صاحب مرحوم کي ستاره هند تمغو لقب سميت ڏنو ويو. پاڻ 1888ع ۾ وفات ڪيائين. مير شير محمد 24 مارچ 1843ع تي سپاهين سميت حيدرآباد ڀرسان دٻي جي ميدان جنگ تي انگريزن جو دليري سان مقابلو ڪيو، پر انگريز کٽي ويا ۽ سنڌ جي آزاد رياست برٽش انڊيا سان ملائي وئي. هتي اهو به لکندو هلان ته هن ”دٻي جي لڙائي“ کان اڳ، انگريزن جي لڙائي حيدرآباد جي ميرن سان 16 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ ٿي، جنهن ۾ هوش محمد شيدي ميرن طرفان انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. 
ميرپورخاص ڀرسان جيڪو مير شير محمد ڳوٺ آهي، اهو هن دلير مير شير محمد (شير سنڌ) جي نالي آهي، جتي ڊاڪٽر مير عطا محمد جو يارهين سيپٽمبر 1962ع تي مير يار محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ جنم ٿيو. پاڻ ستين ڪلاس تائين، ميرپورخاص جي سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول مان پڙهيو. ان بعد مئٽرڪ تائين APWA ۽ گورنمينٽ اسڪول ميرپورخاص مان پڙهيو.
فرسٽ ايئر ۽ انٽر شاهه لطيف ڪاليج مان ڪرڻ بعد هن MBBS لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪئي، جيڪو ڪاليج اڄڪلهه لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMS) سڏجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب پوسٽ گريجوئيشن لنڊن مان ”هيلٿ سسٽمز مئنيجمينٽ“ ۾ ڪئي.
1988ع ۾ MBBS ڪرڻ بعد، ڊاڪٽر عطا ڪجهه عرصو LMC ۾ هائوس جاب ڪيو، ان بعد ميرپورخاص ۾ پرائيويٽ پرئڪٽس به ڪئي. نوي واري ڏهي جي وچ ڌاري هن پاڪستان جي سوشل ايڪشن پروگرام (SAP) ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ضلعي ليول تي ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ به ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر عطا محمد ٽالپر کي ننڍپڻ کان راندين کيڏڻ ۽ شڪار کان علاوه لکڻ پڙهڻ جو به شوق رهيو آهي. سنڌ ۾ تعليم ۽ نوڪريءَ دوران هن جا خط ۽ مضمون، اڪثر عبرت ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن. سندس اها هابي اڃا تائين هلندي اچي ۽ اڄڪلهه هن جا انگريزيءَ لکيل مضمون انٽرنيٽ تي اچن ٿا، جيڪي توهان http://www.melakareview.com/ تي پڙهي سگهو ٿا ۽ سندس بزنيس بابت توهان هيءَ ويب سائيٽ http://www.sindhhealth.com/ ڏسي سگهو ٿا. ان کان علاوه توهان هيٺين Web Sites تي توهان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ سندس لکڻين بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا:
ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر مون کي ملاڪا جي مرڪزي بس اسٽاپ (Melaka Sentral) تان وٺڻ آيو ته ساڻس گڏ سندس پٽ غلام محمد به هو. غلام محمد 18 سالن جو ٿيندو ۽ هو هتي ملاڪا ۾ STPM (جيڪو پنهنجي انٽر ۽ او ليول برابر آهي) ۾ آهي. مٿس اهو نالو سندس پڙڏاڏي (ڊاڪٽر عطا جي ڏاڏي) تان آهي، جيڪو 1909ع ۾ ڄائو. سمجهو ته گذريل صديءَ جي پهرين ڏهي ۾ مير غلام محمد اول جنم ورتو ۽ ان صديءَ جي آخر واري ڏهي ۾ اسان واري ڊاڪٽر عطا جي فرزند، جنهن کي پاڻ غلام محمد ثاني چئي سگهون ٿا، جنم ورتو آهي.
ڊاڪٽر عطا کان اولاد پڇڻ تي هن ٻڌايو: ”الله بخشي ڏئي، مون کي هڪڙو ئي پٽ آهي.“
”جنهن شخصيت جو توهان هن تي نالو رکيو آهي، اهو به پنهنجي والد خانبهادر مير يار محمد خان ٽالپر کي اڪيلو پٽ هو.“ جيئن ته آئون ملاڪا اچڻ کان اڳ ميرن جي، خاص ڪري ميرپورخاص جي ماڻڪاڻي ميرن جي تاريخ پڙهي آيو هوس، سو مون ڊاڪٽر عطا جو ڌيان ان طرف ڇڪايو.
خانبهادر مير يار محمد، جنهن کي پاڻ اول چئي سگهون ٿا، جو نالو سندس پوٽي (ڊاڪٽر عطا جي والد) تي پڻ آهي. خانبهادر مير يار محمد خان ولد شهزادا سرڪار مير نبي بخش خان سنڌ جي مشهور شخصيت ’شير سنڌ‘ مير شير محمد ٽالپر جو پوٽو هو، جيڪو سنڌ انگريزن جي حوالي ٿيڻ کان اڳ رياست جو سربراهه هو ۽ جنهن مياڻي واري جنگ کان مهينو کن پوءِ، حيدرآباد جي ڀرسان دٻي جي ميدان تي انگريزن سان سخت مقابلو ڪيو ۽ سندس بهادريءَ جا مثال اڄ تائين ڏنا وڃن ٿا. پڙهندڙ جي سهوليت لاءِ هتي هن خاندان جو مختصر شجرو لکندو هلان:
·        شيرِ سنڌ، مير شير محمد خان ٽالپر (وفات 1888)
·        شهزادا سرڪار، مير نبي بخش خان ٽالپر
·        خانبهادر، مير يار محمد خان ٽالپر اول (وفات 1936)
·        مير غلام محمد خان ٽالپر اول (ڄم 1909، وفات 1986)
·        مير يار محمد خان ٽالپر ثاني (ڄم 1940، وفات 2006)
·        مير ڊاڪٽر عطا محمد ٽالپر (ڄم 1962 سيپٽمبر 11)
·        مير غلام محمد ٽالپر ثاني (ڄم 1993 نومبر 22)
ڊاڪٽر عطا محمد ٻڌايو ته هن کي جيئن ئي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي ته پنهنجي پٽ مير غلام محمد کي به ميرپورخاص کان ملاڪا وٺي آيو ۽ هتي جي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني.
”غلام محمد کي هتي ملائيشيا وٺي آئين، اهو سٺو ڪيئي.“ مون عطا کي چيو.
”ڪيئن؟“ ڊاڪٽر عطا پڇيو.
”ڇو جو هن تي جنهن شخص، يعني توهان جي ڏاڏي جو نالو رکيل آهي، اهو به ته ملائيشيا جي حوالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.“ مون چيومانس.  
1843ع ۾ جنرل چارلس نيپيئر، سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ ڌرتي ڌڻين کان کسجي، برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني حوالي ٿي وئي. جيڪا پوءِ برطانيه جي راڄ جو حصو رهي. اهڙيءَ طرح انگريزن جو هن پاسي جي ملڪن، ملاڪا ۽ سنگاپور تي راڄ رهيو. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ کي انگريزن کان آزادي ملي ۽ دنيا جي نقشي تي نئين ملڪ پاڪستان جنم ورتو. هيڏانهن ملايا (هاڻوڪو نالو ملائيشيا) کي پورن ڏهن سالن بعد ساڳئي انگريز حاڪم کان 1957ع ۾ مرديڪا (آزادي) ملي. ملئي زبان ۾ آزادي کيMerdika  سڏجي ٿو. ڪوالالمپور جي اسٽيڊيم ۾، جنهن کي هاڻ ”پڊانگ مرديڪا“ سڏجي ٿو، ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان خود مختياري (Independence) جو اعلان ڪيو ۽ يونين جئڪ (انگريزن جي حڪومت جو جهنڊو) لاهي، پنهنجي ملڪ جو جهنڊو چاڙهيو. ان خوشيءَ جي موقعي تي، ملڪي ۽ غير ملڪي، ڪيترين ئي اهم شخصيتن جشن ۾ حصو ورتو. هن محفل ۾ پير ڀرڻ لاءِ، پاڪستان کان جيڪو ماڻهو ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور هلي آيو، اهو ٻيو ڪو ڌاريون نه پر ڊاڪٽر مير عطا محمد جي فيمليءَ جو سندس ڏاڏو مير غلام محمد ٽالپر هو، جنهن جو نالو ڊاڪٽر صاحب جي پٽ تي آهي. ان وقت مير صاحب جي عمر 48 سال هئي.
هتي اهو به لکندو هلان ته؛ مير غلام محمد ٽالپر (ڊاڪٽر عطا محمد جو ڏاڏو) محنت، سخاوت، زمينداري ڄاڻ ۽ جانورن سان پيار رکڻ وارن مان هڪ اهم انسان ٿي گذريو هو. پاڻ ماٺيڻي طبيعت وارا هئا، جن جو گهڻو وقت ڳوٺ ۾ گذريو ٿي. سياست ۾ گهڻو متحرڪ ٿيڻ بدران هنن هميشهLow Profile رکيو. تنهن هوندي به هو ميرپورخاص ميونسپل ڪميٽي جا ڏهاڪو کن سال نائب صدر ٿي رهيا. کين وقت جي حڪومت طرفان Justice of Peace جو خطاب مليل هو، جنهن موجب کيس مئجسٽريٽ جا پاور مليل هئا. پاڻ صوبائي يا قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ حصو نه ورتائين. هن هميشه سر غلام حسين هدايت الله کي سپورٽ ڪيو ٿي، جيڪو سنڌ حڪومت جو وزيراعليٰ ٿي رهيو، ان بعد هو گورنر پڻ ٿيو. مون ڊاڪٽر عطا محمد ٽالپر وٽ، سر غلام حسين هدايت الله جا ڪيترا ئي خط ڏٺا، جيڪي هن مير غلام محمد خان ٽالپر کي وقت بوقت لکيا هئا. مير صاحب پنهنجي والد خانبهادر مير يار محمد ٽالپر کي اڪيلو پٽ هو ۽ هن کي پيءُ طرفان ورثي ۾ هزارين ايڪڙ زمين ملي، پر ان مان گهڻي ڀاڱي ويران ۽ غيرآباد رهي ٿي. مير صاحب سخت محنت ۽ شوق سان نه رڳو اهي زمينون آباد ڪيون، پر ان ۾ ٻيا به هزارين ايڪڙ شامل ڪيا. اهي زمينون هنن کي انگريزن طرفان جاگير ۾ نه مليون هيون پر پنهنجي پورهئي ۽ ڪمائي مان خريد ڪيون. کين قيمتي ۽ پراڻيون شيون گڏ ڪرڻ جو پڻ وڏو شوق هو پر افسوس جو 1983ع واري باهه ۾، جيڪا سندن ڳوٺ واري گهر کي لڳي، ڪيتريون ئي شيون سڙي راک ٿي ويون، جن ۾ ٻين antiques سان گڏ ڪيترا ئي آڳاٽا ڪتاب، هٿ جا لکيل مسودا (Manuscripts) ۽ تاريخي دستخط (ڊاڪومينٽس) پڻ ختم ٿي ويا. تاريخ جي کين وڏي ڄاڻ هئي. مير محمد بخش، جيڪو ميرپورخاص جي ميرن تيMalkani Talpurs of mirpurkhas ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ گهڻي کان گهڻي ڄاڻ، ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي ڏاڏي مير غلام محمد طرفان ڏنل آهي.
هونءَ مير شڪار جا شوقين ٿين ٿا، پر مير غلام محمد ٽالپر ڪڏهن به جانور يا پکين کي مارڻ پسند نه ڪيو. هن کي جانورن سان ته وڏو پيار هو. اهو ئي سبب آهي جو هن وٽ تمام وڏو تعداد (هزارن ۾) پالتو جانورن جو هو، جهڙوڪ: اٺ، مينهون، ڳئون ۽ ڪجهه گهوڙا پڻ. جيڪي سندس شيرواهه (بلوچ آباد)، سلطان آباد، سجناهه، هالارو، سونائڻ، ليٽ، پنهوارڪي ۽ نئين کپري وارن فارمن تي رهيا ٿي. هن هميشه اوسي پاسي کان لڏي آيل غريب ۽ بي گهر ٿرين جي مدد ڪئي ٿي، جيڪي خشڪسالي ۽ ڏڪار ڪري هن وٽان اچي نڪتا ٿي. ايوب خان جڏهن لئنڊ رفارمس آندا ته سنڌ جي چند ماڻهن مان مير صاحب پڻ هو، جنهن صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي زمين پنهنجي هارين ۾ ورهائي ڇڏي. ايتري قدر جو ان جي ٽرانسفر ۽ ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ جو خرچ به پنهنجي کيسي مان ڀري ڏنو. ميرپورخاص جا ڪيترا هاري جيڪي هاڻ وڏا زميندار ٿي ويا آهن، مير صاحب جي سخاوتن جو ذڪر ڪن ٿا.
مير غلام محمد ٽالپر صاحب جي ستهتر ورهين جي ڄمار ۾ 1986ع ۾ وفات ٿي ۽ کين پنهنجي اباڻي قبرستان جھلوري ۾ پنهنجي والد صاحب خانبهادر مير يار محمد ٽالپر جي ڀرسان دفنايو ويو. مير صاحب 13 ورهين جو هو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ حج ڪيو هئائين. 1931ع ۾ 22 ورهين جي ڄمار ۾ سندن شادي پنهنجي چاچي مير عبدالله خان جي گهران ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ: مير محمد نواز ۽ ننڍو مير يار محمد خان (ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جو والد) ٿيا.
مير يار محمد خان اسان جي ئي عمر جو آهي. مون کان چار سال وڏو آهي. انٽر ۽ ٻه سال کن چٽگانگ ۾ رهڻ بعد، مون کي جڏهن ڪراچيءَ جي شپ يارڊ ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ چيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ رهائش جو بندوبست نه هجڻ ڪري مون ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي، جتان مير صاحب پڙهيو ۽ اڄ واري پيپلز پارٽي جي وزير مظفر شجراھ جي مامي جو ڪلاس ميٽ هئا. پاڻ اسڪولي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام مان حاصل ڪئي. داڪٽر عطا محمد ٽالپر وٽ، انهن ڏينهن جو هڪ گروپ فوٽو آهي، جيڪو 1956ع ڌاري جو آهي، جنهن ۾ سندن والد صاحب مير يار محمد ٽالپر اسڪول جي سنڌي بزم ادب جي ساٿين ۽ ان وقت جي هيڊ ماستر ناصر حسين صاحب سان ويٺو آهي. تصوير ۾ محمد اشرف جان سرهندي (جنرل سيڪريٽري) ۽ رسول بخش بلوچ به نظر اچي رهيا آهن. مير يار محمد ٽالپر هن بزم جو نائب صدر هو. صدر هيڊ ماسٽر صاحب پاڻ هو.
ڊاڪٽر مير عطا محمد کي جيئن ته پنهنجي ميڊيڪل پروفيشن ۽ بزنيس سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو شوق پڻ آهي، ان ڪري آئون کيس اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پنهنجي خاندان جي تاريخ ۽ پراڻين يادگيرين کي ڪتابي صورت ۾ آڻي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو ڪيتريون ڳالهيون ۽ ملائيشيا بابت پنهنجا خيال، تجربا ۽ مشاهدا وقت به وقت انٽر نيٽ تي ڏيندو رهي ٿو، جيڪي ويب سائيٽون آئون مٿي ڏئي چڪو آهيان، جيئن منهنجا پڙهندڙ هنن ميرن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ آئون پنهنجي پڙهندڙن کي مير محمد بخش ولد مير عبدالله خان ٽالپر جو ڪتاب ”تاريخ ميرانِ سنڌ“ پڻ پڙهڻ لاءِ چوندس، جيڪا ٽالپر ميرن جي تاريخ آهي، خاص ڪري ماڻڪاڻي شاخ جي ميرن جي.


No comments:

Post a Comment