Wednesday, February 29, 2012

چهري په گري زلفين - الطاف شيخ


چهري په گري زلفين
الطاف شيخ
”سائين سفر ڪيئن رهيو؟“ ڪار ۾ ويهڻ سان، منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا ۽ سندس پٽ مير غلام محمد، مون کان ڪوالالمپور کان ملاڪا جي سفر بابت پڇيو.
”فرسٽ ڪلاس“ مون ورندي ڏني ۽ پوءِ غلام محمد کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”ڳالهه هيءَ آهي ته هنن پَٽن تي جي جهڙالي موسم آهي ته جهڙو ڪشمير. اگر جي آسمان تي ڪڪري ناهي ته پوءِ، اڳيان خط استوائي سج جا سڌا پوندڙ ڪرڻا، جيڪب آباد ۽ سبي ٿا ياد ڏيارين.“


اتفاق سان اڄ صبح سان ئي، ڪوالالمپور کان وٺي ملاڪا تائين ته جهڙ رهيو پر، هتي به آسمان گهاٽن ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل نظر آيو. سالن جا سال هيڏانهن (ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ پاسي) رهي ايتري idea هئي ته گهاٽن ڪڪرن هوندي به اڃا جلد، ڪلاڪ ٻن ۾، مينهن پوڻ وارو ناهي. بس ايتري ئي اڳ ڪٿي ڪري سگهجي ٿي. هينئر به هوا بند ٿي ۽ Low پريشر ٿيو ته وسڪارو شروع ٿيڻ ۾ ڪلاڪ به نٿو لڳي. هونءَ اهو آهي ته هتي جا روڊ رستا ۽ عمارتون اهڙي نموني جا ٺاهيا ويا آهن جو ڊرائيونگ ۾ ڪا دقت نٿي ٿئي. هر آفيس، دڪان، مارڪيٽ ۽ بازار ۾ پارڪنگ اهڙي هنڌ تي ٺهيل آهي جو اتي ڪار بيهاري توهان بنا پُسڻ جي اندران ئي اندران ان آفيس، هوٽل يا بلڊنگ ۾ پهچي سگهو ٿا. جڏھن ته مينهن جي ڪري، مون جهڙو ڪو ٽوئرسٽ آئوٽ ڊور فوٽوگرافي ڪري نٿو سگهي ۽ نه وري منجهند مهل اس ۾، سٺي فوٽوگرافي ٿي سگهي ٿي. سٺي فوٽوگرافي فقط ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن شام جي وقت يا صبح پهر سج هيٺ آهي، پر اڄ جهڙ ڪري هلندڙ بس مان به فوٽو ڪڍندو رهيس ۽ هينئر به مير عطا جي پروٽون Gen-2 ڪار ۾ ويهڻ سان شروع ٿي ويو هوس.
ڪار جيئن ئي ملاڪا سينٽرل جي بس اڏي مان ٻاهر نڪري پنگ ليمار (Panglima Awang) روڊ تي آئي ته مير عطا بٽڻ کي دٻائي، ڪار جا شيشا بند ڪيا ۽ ايئرڪنڊيشن آن ڪيو. ان سان گڏوگڏ ڪار جي درن ۾ لڳل اسپيڪرن مان گانو شروع ٿيو.
Kau memang manis
Usahlah lagi
Bersedih hati
Lupakan saja
Hei jangan di ingat lagi.
”عطا يار هي ته بند ڪر.“ مون رڙ ڪئي.
”او! ساري! ساري! هن وقت پراڻا گانا پيا هلن.“ عطا وراڻيو.
”نه نه. ريڊيو نه پر هي تنهنجو ايئرڪنڊيشنر.“ مون چيو.
”ٿڌڪار لڳو پيو آهي. اي سي ڪري ماڳهين دري بند ڪرڻي ٿي پوي. رستي تان گذريل عمارتن ۽ Sign بورڊن جون تصويرون ڪڍڻ چاهيان ٿو.“
عطا مون واري پاسي جو شيشو هيٺ ڪري ڇڏيو.
”انڪل! اڳيان ڊئش بورڊ ۾ انگريزي ۽ سنڌي راڳن جون Latest سي ڊيون پيون آهن، جيڪا پسند اچي، اها لڳايو ۽ FM ريڊيو بند ڪري ڇڏيو.“ غلام محمد چيو.
”ڪمال ٿو ڪرين.“ مون غلام محمد کي چيو، ”ههڙو گانو ڪيئن بند ڪبو؟ ڪائو ميمانگ مانيس! (تون ڪيڏي مِٺي آهين). اُساهه لا لاگي (وري هرگز نه) برسيديح هاتي (پنهنجي دل کي غمگين ڪجانءِ). لوپا ڪان ساجا (هاڻ وساري ڇڏجانءِ). هاءِ جنگن دِي انگات لاگي (مون کي وري ياد نه ڪجانءِ). هي اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو ٽاپ گانو هوندو هو.“
غلام محمد مون ڏي ڏسي، کلندو رهيو؛ ”انڪل اسان ته ڪڏهن به نه ٻڌو.“
”ڪمال ٿو ڪرين غلام محمد! تون ته انهن ڏينهن ۾ ڄائو به نه هوندين!“ مون چيو؛ ”هيءُ منهنجي جوانيءَ جي ڏينهن جو گانو آهي. تنهنجو بابا عطا به مون کان گهڻو گهڻو ننڍو آهي. آئون ذري گهٽ تنهنجي ڏاڏي مير يار محمد خان ٽالپر جي عمر جو آهيان.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي عطا به مرڪندو رهيو ۽ گڏوگڏ منهنجي خوشيءَ خاطر ئي سهي ڊي جي ديو(D.J Dave) جي هن گاني سان گڏ جهونگارڻ لڳو.
Pandanglah ke hari Depan
اڳتي جي ڏينهن ڏي نگاهه وجهه
Dengan sepenuh harapan
ڀرپور اميد سان
Tentu kau tak sedih
تون پڪ غمگين نه ٿيندينءَ
Bila kau Sedari
جڏهن تو کي احساس ٿيندو
Hidup Bereti
زندگي جي مقصد جو.
بهرحال گانا سڀ هڪجهڙا ٿيندا آهن. ورلي ڪنهن راڳ يا گاني جي شاعري، سٺي ٿئي ٿي. ور نه ته ان جي ڪمپوزنگ، ميوزڪ، ماحول ۽ ڳائڻ واري جو سر ۽ سوز ان کي پاپولر بنائي ٿو.
”واهه جو سُر اٿس. ڪير آهي؟“ عطا پڇيو.
”مير صاحب توهان جي ڳوٺ جو ته آهي.“ مون چيومانس.
”ڪيئن ڀلا؟“
”ڪيئن ڀلا! توهان جو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“
”ميرپور خاص“ عطا چيو.
”هينئر ڪهڙو آهي؟“
”ملاڪا.“
”ته بس هي ڳائڻو ديو (Dave) به هن تنهنجي ڳوٺ ملاڪا جو ئي آهي.“ مون چيو، عطا کلڻ لڳو.
”ڀلا عطا ٻڌاءِ ته هي Penyannyi (ڳائڻو) چيني آهي يا ملئي؟“ مون عطا کان پڇيو.
”سٺي ملئي ۾ ٿو ڳائي، پڪ ملئي هوندو.“ عطا چيو.
”نه پنهنجي نسل جو اٿئي يعني ننڍي کنڊ جو آهي. هاڻ مسلمان ٿيو آهي پر اصل ۾ سک هو.“
Very Interesting“، غلام محمد حيرت کائيندي چيو؛ ”توهان کي انڪل ڪيئن معلوم ٿيو؟“
”آئون سمجهه ته هن جي پاڙي ۾ رهندو هوس. سندس گهر مسجد تاناح ۽ اسان جي اڪيڊمي جي وچ ۾ هو.“ مون کين ٻڌايو.
اسان جڏهن اسيءَ واري ڏهي جي شروعاتي سالن ۾، ملاڪا اندر اچي رهيا هئاسين ته انهين ڏينهين هتي RTM1 ۽ RTM2 به چئنل شروع ٿيا هئا. ديو انهن ڏينهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو. جڏھن ته شريفان ائني، انيتا سراواڪ، نور ڪُلما، ساري مستوران، علي نور، داتو شيڪ، سڌيرمن ۽ هيءُ، انهن ڏينهن ۾ ماڻهن جا دلپسند ڳائڻا هئا. هڪ ڏينهن مسجد تاناح ڳوٺ جي، ڀرواري ڳوٺ ڪمپونگ پايا رمپوٽ ۾، منهنجي هڪ سڃاڻو فيملي جي شاديءَ جي سڏ تي آئون ويس ته اتي ڪنوار جي مائٽن مون کي هڪ نوجوان عورت سان ملائيندي ٻڌايو ته؛ ”هيءَ ايئر هوسٽس آهي ۽ خبر اٿانوَ ڪنهن جي زال آهي؟“
”نه.“ مون اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو.
”اڄڪلهه جي پاپولر سنگر ”ڊي جي ديو“ جي اِستري آهي.“
ملئي زبان ۾ زال کي استري ۽ مڙس کي سَوامي چون. ڳائڻي يعني سنگر کي Penyanyi سڏين. مون سندس زال کي کلي چيو؛ ”ڪهڙو جادو مٿس ڪيئي؟“
ياد رهي ته ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ملئي ماڻهن ۾، اڃا به ڪجهه ٽوڻا ڦيڻا هلن ٿا. بهرحال ديوَ جي زال ڪو جواب ڏئي، ان کان اڳ مون کانئس گهر ۽ فون جو نمبر وٺي چيومانس ته؛ آئون ۽ منهنجا ٻار تنهنجي مڙس سان ملڻ لاءِ اينداسين. ان بعد منهنجي D.J ديوَ سان، سندس گهر ڪافي دفعا ملاقات رهي. هڪ دفعو ته مون وٽ پاڪستاني ڳائڻو عالمگير ۽ بينجمن سسٽرز به آيون هيون، جن کي پڻ Dave سان ملرايم.
مسلمان ٿيڻ بعد، ديوَ جو نالو اروان شاهه عبدالله آهي. هتي ملائيشيا ۾ ذات پات جو چڪر نه رهيو آهي. هر ماڻهو پنهنجي ۽ پيءُ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، يعني ”فلاڻو بن فلاڻو“ يا ”فلاڻي بنت فلاڻي“، جيئن مهاتير بن محمد يا رڳو ’مهاتير محمد‘ يعني ان مان سمجهي وڃڻ کپي ته مهاتير صاحب محمد جو فرزند آهي. مسلمان ٿيڻ تي ڪو به پنهنجو اسلامي نالو رکي سگهي ٿو پر اهڙن نون مسلمانن لاءِ پيءُ جي نالي جو مسئلو هن ريت حل ڪيو ويو آهي ته ان جي نالي بدران عبدالله رکيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي آفيس ۾ هڪ نئنسي نالي چيني ڇوڪريءَ جي، هڪ ملئي مسلمان سان شادي ڪرڻ تي هوءَ مسلمان ٿي ته هن پنهنجو نالو فاطمه بنت عبدالله رکرايو. اهڙيءَ طرح اسان واري سنگر ڊي جي ديو، مسلمان ٿيڻ تي پنهنجو نالو اروان شاهه بن عبدالله رکرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس اڄ به فلمي يا ڪمرشل نالو سندس اصلي نالي ڌامي جگجيت سکديو تان D.J Dave هلندو اچي. جيئن انڊين مسلمان ائڪٽر يوسف خان، اڄ تائين دليپ ڪمار سڏجي ٿو.
ديو صاحب اڄ 30 سال گذرڻ بعد به ڪافي مشهور ڳائڻو ليکيو وڃي ٿو. پنج سال کن اڳ، سندس هڪ پنجابي آلبم ”مار گئي او ئي“ انڊيا ۾ رليز ٿيو هو. ديو، پاڻ ملائيشيا جو سٽيزن آهن. سندس پيءُ، ٻي جنگ عظيم ۾ امرتسر پاسي جي هڪ ڳوٺ کان لڏي، هتي ملايا ۾ اچي رهيو هو. ديو هيستائين انگريزي، هندي، ملئي، ڪئنٽونيز (چيني) ۽ پنجابي زبانن ۾ اٽڪل 40 گانن جا آلبم ٺاهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ملائيشيا جو نالو روشن ڪرڻ سبب، کيس ملائيشيا جي سرڪار طرفان ’داتڪ‘ Datuk جو خطاب مليل آهي.
داتڪ اروان شاهه (D.J. Dave) ٻڌايو هو ته؛ ڳائڻ جي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ، هن پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪيو ٿي. هو اتي ايمانداريءَ سان سخت پورهيو ڪري رهيو هو، جيئن هڪ ڏينهن هو پوسٽ ماسٽر ٿي سگهي.
”انهن ڏينهن ۾ مون کي RTM (ريڊيو ٽيليويزن ملائيشيا) طرفان، معذور ٻارن جي هڪ فنڪشن ۾ هندي گانو ڳائڻ لاءِ چيو ويو.“ ديو ان ريت مون کي سندس قسمت بدلجڻ جو احوال ٻڌايو هو. هن اتي ”سورج“ فلم وارو محمد رفيع جو گانو ”چهري په گِري زلفين! ڪهه دو تو هٽا دون مين، گستاخي معاف!“ ڳايو.
”منهنجو آواز ايڏو ته پسند اچي ويو جو ملائيشيا ٽي ويءَ وارن منهنجو آڊيشن وٺي مون کي ڪو ملئي گانو تيار ڪري اچڻ لاءِ چيو. مون کي ته ان رات خوشيءَ ۾ ننڊ ئي نه آئي ۽ پوءِ جڏهن هفتي ڏيڍ بعد، مون ٽي وي تي گانو ڳايو ته ماڻهن کي ڏاڍو پسند آيو.“
ديوَ ٻڌايو ته؛ ”ان بعد يڪدم هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ منهنجو آلبم ڀرڻ لاءِ مون کي ڪجهه گانا تيار ڪرڻ لاءِ چيو. مون ٻن ٽن گانن جون ڌنون پاڻ ٺاهيون ۽ اهڙا ٻه ٽي گانا هندي گانن جي طرز تي ٺاهيا، جن مان هڪ ته هري راما هري ڪرشنا فلم جي گاني ”ڦولون ڪا، تارون ڪا...“ جي طرز تي پڻ هو.
”هي منهنجو پهريون آلبم، جيئن ئي رليز ٿيو ته آئون رات اندر، سڄي ملائيشيا ۾ مشهور ٿي ويس. فلم سورج جي هندي گاني؛ ”چهري په گري زلفين“ جي طرز وارو منهنجو ڳايل ملئي گانو ته پورا 13 هفتا ملائيشيا جو ”نمبر ون گانو“ رهيو! انهن 13 هفتن بعد منهنجو پاڻ ڪمپوز ڪيل ملئي گانو نمبر ون رهيو!“
ديو جي پهرين آلبم هِٽ ٿيڻ تي، دنيا جي مشهور رڪارڊنگ ڪمپني EMI ديو کي ٽن سالن لاءِ Sign-on ڪيو ۽ ان بعد ديو لڳاتار 20 سالEMI  وارن سان رهيو. هڪ ڳالهه آهي ته ديو خير جا ڪم به خوب ٿو ڪري. جڏهن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ زلزلو آيو هو ته نيٽ تي، ملائشيا جي هڪ اخبار ۾ پڙهيو هو ته ڊي جي ديو، زلزلي جي ستايلن لاءِ 2 لک آمريڪن ڊالر گڏ ڪري، انهن جا گرم ڪپڙا ۽ ڪمبل موڪليا آهن.
”زبردست!“ منهنجي ڳالهه ٻڌي، ڪار جي پٺين سيٽ تي ويٺل، ننڍڙي غلام محمد چيو.
”ڀلا! ديو اڄ ڪلهه ڪٿي رهي ٿو؟“ مير عطا محمد پڇيو.
”پاڻ سڀاڻي يا پرينھن، مسجد تاناح پاسي هلڻ وقت، ڀرواري ڳوٺ مان پڇا ڪنداسين.“ مون چيو؛ ”پر مون کي لڳي ٿو ته هو انهن ئي ڏينهن ۾ اهو زال جو گهر ڇڏي، هيڏانهن ملاڪا شهر ۾ اچي رهيو هو. هونءَ ملائيشيا جي هن ملاڪا رياست ۾، اهو رواج آهي ته شاديءَ بعد، گهوٽ ڪنوار جي گهر ۾ رهي ٿو. پر پوءِ شايد ديوَ کي زال جي گهر رهڻ ڏکيو لڳو. اهي به افواهه هئا ته زال مڙس جي عليحدگي ٿي وئي آهي ۽ زال جيڪا شاديءَ بعد نوڪري ڇڏي هائوس وائيف ٿي هئي، تنهن وري وڃي نوڪري ڪئي... وغيره.“

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete