Saturday, February 04, 2012

حج : حديثن جي روشني ۾ - الطاف شيخ


حج : حديثن جي روشني ۾
الطاف شيخ 
جنهن گروپ سان مون کي حج ڪرڻ جو موقعو مليو. ان ۾ ڪيترائي عالم، فاضل ۽ قرآن جا ياد حافظ ھئا. ھو اڪثر اسلامي ڳالھيون خاص ڪري حج بابت حديثون ٻڌائيندا رھندا ھئا. روزانو منجھند جي ماني بعد ته باقاعدي تعليم ٿيندي ھئي، جنهن ۾ اسان جو گروپ ليڊر مولوي احسان الاھي شيخ يا حافظ سعيد احمد ڪنهن ديني ڪتاب جا چند ورق پڙھي ٻڌائيندو ھو ۽ انهن جون سمجھاڻيون ڏيندو ھو.


حرم پاڪ ۾ پڻ مختلف زبانن جا مولوي مختلف ھنڌن تي پنهنجي ھم زبان حاجين کي دين جي تعليم ڏيندا رھيا ٿي. گھڻو ڪري ترڪي، ملئي، ايراني، عربي زبان ۾ ليڪچر ٿيندو ھو. اڙدو ۾ پڻ الشيخ محمد مڪي نالي مولوي مختلف عنوانن تي واعظ ڪندوھو، جيئن ته توحيد ۽ بدعت، سيرت النبي، حاضر ناظر، پڙدي جا احڪام وغيره وغيره. بهرحال ھتي ڪجهه حديثون لکڻ بي مھل نه ٿينديون، جيڪي حج بابت آھن. مختلف ھنڌن تان نوٽ ڪيون اٿم. حرم مڪي جي حدن جي مقرري حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ حرم مديني جي حدن جو تعين رسول اڪرم ﷺ جن ڪيو.
حضرت رافع بن خديجه رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”حضرت ابراھيم عليه السلام مڪي کي حرم قرار ڏنو ۽ آئون ٻنهي ڪارن پٿرن وارن ٿنڀن جي وچ واري جاءِ ـ يعني مديني کي حرم قرار ڏيان ٿو. (ان کي مسلم روايت ڪيو)
وضاحت
الله تعاليٰ جي حڪم سان حضرت ابراھيم عليه السلام حرم مڪي جون جيڪو حدون مقرر ڪيون آھي، ھن ريت آھن: اتر ۾ مڪي مڪرمه کان چار ميل (تنعيم تائين)، اتر اوڀر ڏي مڪي شريف کان اٽڪل نَوَ  ميل (وادي نخله تائين) اولهه ڏي مڪي شريف کان اٺ ميل حديبيه تائين، سعودي حڪوت علامت طور انهن ھنڌن تي اڇي رنگ جا ٿنڀا ٺھرائي ڇڏيا آھن.

·                    مڪو شريف الله تعاليٰ ۽ ھن جي رسول صلعم جو محبوب ترين شھر آھي
حضرت عبدالله بن عدي حمراءَ رضه چوي ٿو ته مون رسول الله ﷺ جن کي حزوره جي مٿان بيھي ھي فرمائيندي ڏٺو: ”الله جو قسم! (اي مڪا) تون الله جي سڄي زمين کان بهتر آھين ۽ الله کي سڀ کان گھڻو محبوب آھين. جيڪڏھن مون کي ھتان نه ڪڍن ھا ته آئون ھتان ڪڏھن به نه نڪران ھا“. (اھو ترمذي روايت ڪيو آھي).

·                    دجال مڪي ۽ مديني ۾ داخل ٿي نه ٿو سگھي
حضرت انس بن مالڪ رضه ٻڌائي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”ڪو به شھر اھڙو ناھي، جنهن ۾ دجال جو گذر نه ٿئي، سواءِ مڪي ۽ مديني جي. انهن شھرن جي سڀني رستن تي ملائڪ صف در صف پھرو ڏئي رھيا آھن“. (ان کي مسلم روايت ڪيو).

·                    مڪھ مڪرمھ جي مسجد ـ مسجد الحرام ۾ ھڪ نماز اداڪرڻ جو ثواب ھڪ لک نمازن جي برابر آھي.
حضرت جابر رضه کان روايت آھي ته رسول اڪرم ﷺ جن فرمايو. ”منهنجي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ جو اجر (ٻين مسجدن جي ڀيٽ ۾) ھزار درجا گھڻو آھي. سواءِ مسجد الحرام جي ۽ مسجد الحرام ۾ ھڪ نمازجو ثواب (ٻين مسجدن جي ڀيٽ ۾) ھڪ لک درجا گھڻو آھي. (اھو احمد طرفان روايت ٿيل آھي).

·                    مديني منوره جو ٻيو نالو ”طابا“ آھي، جيڪو الله تعاليٰ رکيو آھي.
حضرت جابر بن سمره جو چوڻ آھي ته مون رسول اللهﷺ جن کي اھو فرمائيندو ٻڌو ته الله تعاليٰ مديني جو نالو ”طابا“ رکيو آھي.

·                    مديني منوره ۾ طاعون جي بيماري ڪڏھن به نه پکڙبي ۽ ان ۾ دجال داخل ٿي نه سگھندو.
حضرت ابو ھريره رضه جن جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”مديني جي رستن تي ملائڪ مقرر آھن. ان ۾ نه ڪڏھن طائون پکڙجي سگھي ٿي ۽ نه دجال داخل ٿي سگھي ٿو“. (ان کي بخاريءَ روايت ڪيو).

·                    مديني منوره جي ”جبل احد“ سان به رسول الله  صلعم جن کي محبت ھئي.
حضرت انس بن مالڪ رضه چوي ٿو ته آئون خيبر وڃڻ لاءِ نبي اڪرم ﷺ جن سان (گھر کان) نڪتس. اتي (خيبر ۾) آئون پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ڪندو رھيس. نبي اڪرم ﷺ جن خيبر کان مديني ڏي موٽيا. جبل احد ڏيکائي ڏني ته پاڻ فرمايائون: ”ھي جبل اھو آھي، جيڪو اسان سان محبت ڪري ٿو ۽ اسين ھن سان محبت ڪريون ٿا“. (ان حديث کي بخاري ۾ روايت ڪيو).

·                    مديني منوره جي کجي ”عجوه“ جنت جو ميوو آھي، جنهن ۾ زھر ۽ جادو لاءِ شفا رکي وئي آھي.
حضرت ابو ھريره رضه چوي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”عجوھ کجور جنت جو ميوو آھي ۽ ان ۾ زھر لاءِ شفا آھي“. (ھي ترمذي کان روايت ٿيو).

حضرت سعد بن ابي وقاص رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله جن فرمايو: ”جيڪو ماڻھو جنهن ڏينهن صبح کان عجوه ڪتل جون ست ڳڙيون کائيندو، ان ڏينهن زھر ۽ جادو نقصان نه رسائيندس“. (ان کي بخاري روايت ڪيو آھي).

·                    مسجد نبوي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پھرين تحيھ المسجد ادا ڪرڻ کپي، پوءِ قبر مبارڪ تي حاضر ٿي درود و سلام پڙھڻ کپي.
حضرت ابو قتاده رضه جو چوڻ آھي ته آئون مسجد نبوي ۾ حاضر ٿيس ۽ رسول الله ﷺ صحابه ڪرام رضه جي وچ ۾ ويٺل ھئا. آئون به ھنن وٽ اچي بيٺس. رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”ويھڻ کان اڳ ٻه رڪعتون (تحيه المسجد) پڙھڻ کان توکي ڪھڙي شيءِ جھليو؟“ حضرت ابو قتاده رضه عرض ڪيو ”يا رسول الله صلعم! مون توھان کي ۽  ٻين کي ويٺل ڏٺو (ته آئون ويھي رھيس). پاڻ ارشاد فرمايو: ”جڏھن ڪو شخص مسجد ۾ اچي ته ھن کي ان وقت تائين نه ويھڻ کپي، جيسين ھو ٻه رڪعتون (تحيه المسجد) ادا نه ڪري“. (ان کي مسلم روايت ڪيو).

·                    مسجد نبويءَ ۾ جڏھن روضة الجنت ۾ عبادت ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ته اھو وڌيڪ اجر ۽ ثواب جو باعث آھي.
حضرت ابو ھريره رضه کان روايت آھي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ”منهنجي حجر ۽ منبر جي وچ واري جاءِ  جنت جي باغن مان ھڪ باغ آھي ۽ منهنجو منبر منهنجي حوض تي واقع آھي“. (ان کي بخاري روايت ڪيو.)
وضاحت
روضة الجنت کي سفيد رنگن جي ٿنڀن ۽ سفيد غاليچن سان نمايان ڪيو ويو آھي. ھن جاءِ جو ٻيو نالو ”روضو شريف“ آھي ۽ ھتي حضور اڪرم ﷺ جن جي قبر مبارڪ آھي .ان کي ”حجرو شريف“ سڏجي ٿو.

·                    رسول اڪرم صلعم جن جي قبر مبارڪ تي نماز وانگر ھٿ ٻڌي بيھڻ، رڪوع وانگر جھڪڻ، سجدو ڪرڻ يا تلاوت ۽ ذڪر لاءِ ويھڻ، ان جو طواف ڪرڻ، ان ڏي منهن ڪري دعا گھرڻ يا نماز پڙھڻ منع آھي.
حضرت ابو ھريره رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”يا الله! منهنجي قبر کي بت نه بڻائجانءِ. الله تعاليٰ انهن ماڻھن تي لعنت فرمائي، جن نبين جي قبرن کي عبادتگاهه بنايو“. (ان کي احمد روايت ڪيو).

·                    عورتن جو زيارت لا ءِ ھر ھر نبي اڪرم صلعم جن جي قبر مبارڪ تي اچڻ سٺي ڳالهه نه آھي.
حضرت ابو ھريره رضه جن فرمائين ٿا ته رسول الله ﷺ جن قبرن تي گھڻو اچڻ وارين عورتن تي لعنت فرمائي آھي (اھو ترمذي کان روايت آھي).

·                    مسجد قبا ۾ تحيھ المسجد ادا ڪرڻ جو ثواب عمري جي برابر آھي.
حضرت سھل بن حنيف رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”جيڪو ماڻھو (پنهنجي گھر کان) نڪري ۽ ھن مسجد يعني مسجد قبا ۾ اچي (ٻه رڪعتون) نماز پڙھي ته ان کي عمري جيترو ثواب ملي ٿو“. (اھو نسائي کان روايت ٿيو).

·                    حج ۽ عمري جو ثواب خرچ ۽ تڪليف مطابق ملي ٿو.
حضرت عائشه رضه کان روايت آھي ته ھڪ موقعي تي نبي اڪرم ﷺ جن ساڻس (حضرت عائشه رضه) سان عمري جي ثواب جي باري م فرمايو ته ان جو ثواب خرچ يا مشقت مطابق ملي ٿو. (اھو بخاري طرفان روايت ٿيل آھي).

·                    حجر اسود  ۽ مقام ابراھيم ٻئي جنت جا پٿر آھن.
حضرت عبدالله بن عمر رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ”حجر اسود ۽ مقام ابراھيم جنت جي قيمتي پٿرن مان ٻه پٿر آھن. الله تعاليٰ ٻنهي پٿرن جي روشني ختم ڪري ڇڏي آھي، جيڪڏھن الله تعاليٰ ائين نه ڪري ھا ته ھي ٻئي پٿر مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾ ھر شيءِ روشن ڪري ڇڏين ٿا“. (ان کي ابن خزيمه روايت ڪيو).

·                    حجر اسود  جنت مان لٿل پٿر آھي، جيڪو کير وانگر سفيد ھو پر ماڻھن جي گناھن جي ڪري ھو ڪارو ٿي پيو آھي.
حضرت عبدالله بن عباس رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”حجر اسود جنت مان لٿل پٿر آھي، جيڪو کير کان وڌيڪ سفيد ھو پر ماڻھن جي گناھن ھن ھن کي ڪارو ڪري وڌو آھي (اھو ترمذي روايت ڪيو).

·                    حج ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي گھر ٻار ڏي جلدي موٽڻ وڏي اجر جي ڳالهه آھي.
حضرت عائشه رضھ کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”جڏھن ڪو شخص پنهنجو حج مڪمل ڪري وٺي ته ھن کي پنهنجي اھل و عيال وٽ (موٽڻ) وڃڻ لاءِ جلدي ڪرڻ کپي. اھو ھن لاءِ اجر عظيم جو باعث آھي“. (ان کي دارقطني ۽ حاڪم روايت ڪيو).

No comments:

Post a Comment