Sunday, February 05, 2012

ملاڪا ڏي روانگي....- الطاف شيخ


ملاڪا ڏي روانگي....
الطاف شيخ
ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا وڃڻ لاءِ منهنجو ڪوالالمپور وارو ميزبان حاجي علي سولنگي مون کي اتي جي مشهور بس اسٽاپ ’پودو‘ تي وٺي آيو، جتان ملائيشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏي بسون روانيون ٿين ٿيون. بس اسٽاپ تي پهچڻ سان چوڌاري ويراني ڏسي حيرت ٿي. بس اسٽاپ جي چوڌاري کاڌن جي اسٽالن مان هڪ جيڪو کليل هو، جنهن جو مالڪ پنهنجي دڪان جو سامان هڪ مزدا ٽائيپ پڪ اپ ۾ رکي رهيو هو، تنهن ٻڌايو ته؛ ”پودو رايا بس ٽرمينل کي وڌيڪ ماڊرن ۽ بهتر بنائڻ لاءِ ايندڙ چئن مهينن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.“
”پوءِ ڀلا ملاڪا وڃڻ لاءِ ڪٿان بس ملندي؟“ مون پڇيو.


”ان لاءِ توهان کي ’بڪت جليل‘ وڃڻو پوندو.“ هن چيني دڪاندار ٻڌايو ۽ سامهون بيٺل هڪ بس ڏي اشارو ڪندي چيو ته؛ ”مسافرن جي سهوليت لاءِ هيءَ شٽل بس رکي وئي آهي، جيڪا ٻن ڊالرن ۾ بڪت جليل پهچائي ٿي.“ ان وقت هڪ ملئي فئملي به ٽئڪسيءَ مان لٿي جن کي، توڙي ٽئڪسي ڊرائيور کي پڻ اها ڄاڻ نه هئي ته هي پودو رايا وارو بس اسٽاپ، عارضي طور شفٽ ٿي ويو آهي. کين بس ذريعي باتو پاهت وڃڻو هو. باتو پاهت ملائيشيا جي ڏاکڻي رياست ’جوهور‘ جو شهر آهي ۽ ملاڪا کان پوءِ جاسين ۽ موئر بعد اچي ٿو. هڪ چيني همراهه جنهن کي اتر ڏي الور اسٽار وڃڻو هو، اهو به هيءَ خبر ٻڌي وڃي شٽل بس ۾ ويٺو. عليءَ مون کي ڪار ۾ وٺي هلڻ لاءِ چيو.
”علي! هينئن ڪر.“ مون عليءَ کي چيو؛ ”تون پنهنجي ڪم کي وڃي لڳ. آئون شٽل بس يا مونو ريل ذريعي بڪت جليل وڃان ٿو. مون کي نه سامان آهي ۽ نه وري ڪا جلدي.“
عليءَ نٿي چاهيو ته هو مون کي ائين اڪيلو ڇڏي وڃي پر منهنجي زور ڀرڻ تي هو موڪلائي روانو  ٿيو.
”هتان پودو يا هنگ تئا ريلوي اسٽيشنن تان مونو ريل بُڪت جليل وڃي ٿي؟“ عليءَ جي وڃڻ بعد، مون ان چيني دڪاندار کان پڇيو، جيڪو پنهنجي دڪان کي خالي ڪري رهيو هو.
”هنگ تئا ريلوي اسٽيشن تان مونو ريل لنگهي ٿي پر اها امبي، بڪت بنتانگ، بڪت ناناس، ميدان تئانڪو ۽ چوڪٽ ريلوي اسٽيشنن ڏي وڃي ٿي“، هن چيو؛ ”بڪت جليل وڃڻ لاءِ توهان کي ائمپنگ لائين وٺڻي پوندي.“
مونو ريل گاڏيون ڇا آهن ۽ ايڏو پسند ڇو ٿيون ڪيون وڃن؟ ريل انگريزي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ پٽو يعني لوهي پٽڙي آهي. لوهي پٽن تي هلندڙ گاڏين کي اسان ريلوي ٽرين سڏيون ٿا. هي ريلوي ٽرينون يا ريل گاڏيون ڦيٿن ذريعي ٻن پٽن تي هلن ٿيون، پر مونو ريل گاڏيون سندن نالي مونو مطابق هڪ ريل تي هلن ٿيون. يعني هلندڙ گاڏن جي پاسن بدران وچ ۾ ڦيٿا ٿين، جيڪي هڪڙي پٽي تي هلن. هي ريل گاڏيون زمين جي سطح تي يا زمين هيٺان هلڻ بدران ويهه پنجويهه فٽ مٿانهون هلن ٿيون، ڇو جو جنهن پٽي (گرڊر) تي اهي هلن ٿيون، ان کي سيمنٽ جي ٿنڀن يا لوهي پاون ذريعي مٿانهون جهليو وڃي ٿو. مونو ريل ٽرين ۾ سواري ڪرڻ ۾ اهو فائدو آهي جو مسافر کي شهر جو سٺو نظارو ڪرڻ جو موقعو مليو وڃي.
ڪوالالمپور جهڙو شهر جتي بسون، ٽئڪسيون، ٽرامون ۽ ٽرينون ايتريون آهن جو مونو ريل جي ضرورت ئي ناهي، پر جيئن ته دنيا جا ڪيترا ئي ٽوئرسٽ مونو ريل ۾ سفر ڪرڻ جو شوق رکن ٿا سو انهن جي شوق پوري ڪرڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ هتي جي حڪومت شهر جي مرڪز ۾ 5 ميل کن فاصلي تي يارهن کن اسٽيشنون ٺاهي، انهن مٿان مونو ريل هلائي آهي. هن ذريعي مسافر سفر ڪرڻ کان وڌيڪ نظارو ڪرڻ جو لطف وٺن ٿا ۽ ڪجهه اهڙو احساس ٿئي ٿو ڄڻ ماڻهو هيٺين ليول تي هيليڪاپٽر ۾ سير ڪري رهيو هجي. هڪ مونو ريل  ۾ ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ کن مسافر ويهي سگهن ٿا.
مونو ريل گاڏيون، ڊرائيور ذريعي توڙي بنا ڊرائيور جي هلايون وڃن ٿيون. مونو ريل گاڏين جو اهو فائدو آهي ته هنن لاءِ زمين تي تمام گهٽSpace  جي ضرورت پوي ٿي. يعني ٿوري جاءِ ولارجي ٿي. ڇو جو فقط هڪڙو ٿنڀو ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو ريل کي سپورٽ ڪري ٿو. ٻن ريلن جي مقابلي ۾ ريل جو هڪڙو پٽو(Mono Rail)  ٺاهڻ سستو ڪم آهي. نقصان فقط اهو آهي ته هيءَ ريل گاڏي، زمين کان مٿي هلڻ ڪري ايمرجنسي ۾ مسافرن کي گاڏيءَ مان ڪڍي هيٺ لاهڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. پر ڪن ملڪن جي مونو ريل گاڏين ۾ مون ڏٺو آهي ته هوائي جهاز وانگر چيوٽ (ڪپڙي جي ڏاڪڻ) جو بندوبست رهي ٿو، جيئن باهه لڳڻ يا حادثو درپيش اچڻ وقت مسافر ان ڪپڙي جي ڏاڪڻ ذريعي تِرڪي هيٺ پهچي سگهن. ڪجهه ملڪن ۾ اهڙي ايمرجنسي ۾ مسافرن کي مونو ريل مان لاهڻ لاءِ باهه وسائڻ وارين گاڏين ۾ لڳل ڏاڪڻيون به استعمال ڪيون وڃن ٿيون. بهرحال هن وقت بڪت جليل وڃڻ لاءِ مون مونو ريل ۾ چڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ چاهيو ٿي، پر خبر پيئي ته مونو ريل ته ڪوالالمپور جي فقط هڪ ننڍڙي حصي ٽيٽا ونگسا ۽ چوڪٽ کان ’مهاراجا ليلا ‘ ۽ ’تُن سمبا ٿان‘ ريلوي اسٽيشنن وٽان ٿي سينٽرل اسٽيشن تي اچيو دنگ ڪري ٿي.
بڪت جليل پهچڻ لاءِ مون هنگ تئا ريلوي اسٽيشن تان ائمپنگ لائين جي ٽرين ۾ چڙهي ”چان سو لن“ (Chan Sow Lin) اسٽيشن تي پهتس، جتان ٻي ٽرين ذريعي بڪت جليل اسٽيشن پهتس. اڄ کان 15 سال کن اڳ، بڪت جليل وارو علائقو، جيڪو ڪوالالمپور جي مرڪز کان 12 کن ميل (20 ڪلوميٽر) جي فاصلي تي آهي، ائين ٻهراڙي وارو علائقو هو جيئن ڪراچيءَ ۾ ماريپور يا ميمڻ ڳوٺ. هيءُ علائقو، منهنجي ملائيشيا 1991ع ۾ ڇڏڻ وقت به ”بڪت جليل اسٽيٽ“ (جاگير) سڏيو ويو ٿي، جو چوڌاري پام آئل ۽ رٻڙ جون جاگيرون هيون. پوءِ 1998ع جي ڪامن ويلٿ راندين لاءِ نيشنل اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهيو ويو ۽ شهر سان ڳنڍڻ لاءِ هلندڙ ريل لاءِ اسٽيشن ٺاهي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي علائقو سهڻو، ماڊرن ۽ ڪمرشل ٿي ويو. 1999ع جي هڪ مشهور انگريزي فلمEntrapment  جي ڪجهه شوٽنگ هن ريلوي اسٽيشن ”بُڪت جليل“ ۾ به ڪئي وئي آهي.
جڏھن تهEntrapment  هڪ آمريڪن فلم آهي، جيڪا جان اميل ڊائريڪٽر ٺاهي. هن فلم جا اهم ڪردار مشهور هيرو سِين ڪونري ۽ ڪئٿرين زيٽا جونس آهن. فلم ۾ زيٽا هڪ انشورنس ڪمپني جي جاسوس آهي ۽ سين ڪونري بين الاقوامي چور آهي.
دنيا جي مشهور مصور رئمبر انڊٽ جي ٺهيل اوريجنل پينٽنگ چوري ٿي وئي آهي، جنهن جو شڪ سين ڪونري ۾ آهي. زيٽا ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ سين ڪونري کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيتريون ئي اٽڪلون ڪري ٿي ۽ ظاهري طرح هوءَ پاڻ به چور سڏرائي ڪونري جي ساٿياڻي ٿئي ٿي ۽ گڏجي اسڪاٽلينڊ اچن ٿا، جتي بي بها چيني ماسڪ چوري ڪري ان کي ڪوالالمپور ۾ وڪڻڻ ۽ پيٽروناس ٽاور بلڊنگ جي هڪ بئنڪ مان 8 بلين ڊالر چوري ڪرڻ جو پلان ٺاهين ٿا. آخري لمحن ۾ گڙٻڙ ٿيو ٿي پوي ۽ هو Twin ٽاور بلڊنگ (Petronas Towers) مان ڪرسمس جي جشن لاءِ لڳل بلبن جي رسين ذريعي ڀڄن ٿا. ڀڄڻ وقت هو هڪ ٻئي سان وري ملڻ لاءِ، ٻئي ڏينهن پودو ريلوي اسٽيشن تي پھچڻ جو پروگرام رکن ٿا. پودو ريلوي اسٽيشن تي هو ريل ۾ چڙهن ٿا، جتي هنن جو پيڇو ڪرڻ لاءِ FBI جا ايجنٽ به آهن. وچ تي هلندڙ ٽرين مان هو ٽپو ڏيئي لهن ٿا... وغيره وغيره. هن وقت صحيح ڪهاڻي ياد نه آهي، پر جن اها فلم ڏٺي هوندي ۽ هو پودو ريلوي اسٽيشن کان واقف هوندا، اهي ضرور اهو سوال ڪندا ته فلم ۾ ڏيکاريل پودو اسٽيشن اصل واري پودو اسٽيشن کان ته بلڪل مختلف آهي!
بلڪل صحيح آهي. فلم Entrapment ۾ ڏيکاريل ريلوي اسٽيشن تي جيتوڻيڪ بورڊ به پودو ريلوي اسٽيشن جو لڳل آهي، پر اها پودو اسٽيشن نه آهي. ريلوي اسٽيشن وارا اهي سين دراصل بڪت جليل ريلوي اسٽيشن تي فلمايا ويا آهن، پر جيئن ته سِين ڪونري کي ان ريلوي اسٽيشن جو نالو اچارڻ ۾ ڏکيو ٿي لڳو، ان ڪري بڪت جليل جي بورڊن تي PUDU لکرايو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪوالالمپور جي ريلوي توڙي مونو ريل اسٽيشنن جا نالا ايشيا جي اسان ڌارين لاءِ به ڏکيا آهن. جيئن ته: سنگائي بيسي، تُن سمڀاٿان، ٽيٽا ونگستان، پانڊان انڊاح، بڪت ناناس، داتو ڪرامت، تمن ميلاتي... وغيره وغيره.
هتي اهو به لکندو هلان ته؛ ٻه ڏهائيون کن اڳ، بڪت جليل جو علائقو جيڪو جنگل ۽ کيت هو، يعني ڪراچي جو 1950ع وارو لالو کيت هو، سو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ماڊرن شهر ٿي پيو آهي، جتي اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ خوبصورت ريلوي اسٽيشن کان علاوه انٽرنيشنل ميڊيڪل يونيورسٽي (IMU)، ٽيڪنالاجي پارڪ ملائيشيا (TPM)، دي ايشيا پئسفڪ انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ UCIT (يونيورسٽي ڪاليج آف ٽيڪنالاجي) پڻ آهي. چوڌاري خوبصورت فليٽن جون اتانهيون عمارتون آهن، جن جا انگريزي نالا ارينا گرين، وستا ڪامن ويلٿ سوانا، گرين فيلڊ، گرين ايونيو پڙهي ائين نٿو لڳي ته هي اهو ملائيشيا آهي، جيڪو مون پهريون دفعو 1968ع يا شايد 1969ع ۾ ڏٺو هو.
بس اسٽاپ تي پهتس ته مون کي ملاڪا ويندڙ بس کي ڳولڻ ۾ دقت نه ٿي. جيئن ڪراچي ۾ شالامار بس اسٽاپ تي پهچبو آهي ته بسين جا ڪنڊيڪٽر گلو ڦاڙي رڙيون ڪندي نظر ايندا آهن.... حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، مورو، سکر.... تيئن هتي جوهور، باتو پاهت، الور اسٽار، الور گاجاح، ڪئالا ڪنگسار.... جي رڙ لڳي پئي هئي. جيڪو ملاڪا، ملاڪا ڪري رهيو هو، تنهن کان پڇيم ته؛ ”بس ڪٿي آهي؟“
”اها سامهون بيٺي آهي.“
”ٽڪيٽ ڪٿان وٺان؟“ مون پڇيو.
”اِنچڪ (جناب) توهان وڃي ويهو. بس هلڻ واري آهي.“ هن مون کي تڪڙو جواب ڏئي، وري ملاڪا ملاڪا، ملاڪا ملاڪا جي تسبي پڙهڻ شروع ڪري ڏني.
بس ۾ گهڙيس ته آخري سيٽ تي هڪ چيني فئملي ويٺي هئي ۽ اڳين سيٽ تي ڪنهن ڪاليج جي ملئي ڇوڪري. ٻي سڄي بس خالي هئي. دل ۾ سوچيم ته هن نڀاڳي ته اهو چيو ته بس ڇٽڻ واري آهي. هيءَ ته خالي خالي لڳي پئي آهي. ملئي ڇوڪريءَ کان پڇيم ته؛ ”هيءَ بس ڪيڏانهن وڃي رهي آهي.“
”موئر.“ هن وراڻيو. يعني هيءَ بس موري تائين وڃي ٿي. آئون اڌ رستي تي حيدرآباد يعني ملاڪا لهي پوندس. ”توهان ڪٿي وڃڻ چاهيندائو؟“ ڇوڪريءَ مون لاءِ اهو سمجهيو ته آئون ٽوئرسٽ آهيان، پر هن اهو ئي سمجهيو ته آئون ملائيشيا جي ڪنهن اترانهين رياست ڪيداح يا پرلس کان گهمڻ لاءِ نڪتو آهيان.
”ملاڪا ڏسڻ جي شوق ۾ ڪراچيءَ کان ڪَهي آيو آهيان.“ مون وراڻيو. ايتري ۾ ٻه ٽي ٻيا مسافر به بس ۾ چڙهيا. ڇوڪري مون کي حيرت مان ڏسڻ لڳي. آئون سمجهي ويس ته هوءَ سوچي رهي هوندي ته آئون هڪ ڌارئين ملڪ جو ٽوئرسٽ ٿي سندس مادري زبان ڪيئن ڳالهائي رهيو آهيان. هن کان رهيو نه ٿيو ۽ هن انگريزيءَ ۾ "Oh! You speak good Malay" چئي داد ڏنو.
”سايا پينشارا سِني انتوق لاپان تاهون.“ مون کيس سندس ٻوليءَ ۾ ٻڌايو؛ ”آئون اٺ سال کن هتي ليڪچرار هوس.“
هن ڇوڪريءَ اِيزاح، ٻڌايو ته هن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ لبوق چينا ۾ مڪمل ڪري هاڻ ڪوالالمپور جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي. هينئر ٻن ڏينهن جي موڪل تي هوءَ ڳوٺ وڃي رهي آهي، جتي سندس ڪنهن سؤٽ يا ماسات جي اڄ شادي آهي. لبوق چينا، مسجد تاناح (جتي هتي جي مئريٽائيم اڪيڊمي آهي، جتي آئون رهيس) ۽ ملاڪا شهر ائين هڪ ٻئي جي ويجهو آهن جيئن ٽنڊوڄام، مٽياري ۽ حيدرآباد.
ايزاح منهنجي لاءِ هن سفر ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي، جو رستي تي جتي جتي بس بيٺي ٿي ته هن منهنجا فوٽو ڪڍيا ٿي ۽ ساڻس هن پاسي جون خبرون به پڇندو رهيس ٿي. ڇو جو لبوق چينا، مسجد تاناح ۽ ملاڪا جهڙو هن جو ڳوٺ ٿيو، اهڙو منهنجو پڻ. هوءَ هن وقت ويهه سالن جي ٿيندي. يعني آئون جڏهن ملاڪا ۾ اچي، رهيو هئس ته هوءَ ته اڃا ڄائي به نه هئي. هڪ سوال تي ته انهن ڏينهن ۾ هنن ڳوٺن جون ملئي ڇوڪريون ڪيئن هيون؟ مون کلندي چيومانس ته؛ انهن ڏينهن ۾ ملئي ڇوڪريون گوڏيون پائي هلنديون هيون ”۽ هاڻ؟“ ايزاح پڇيو.
”هاڻ؟ تون پنهنجو پاڻ کي ڏس“، مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس، ”جينز جون پتلونون ۽ کڙين وارا سئنڊل پايو پيون هلن.“
بس رستي تي سريمبان وٽ ڪافي دير ترسي جو ڪوالالمپور ۽ ملاڪا جي وچ ۾ سريمبان ائين آهي، جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ نوري آباد آهي. ايزاح کي ملاڪا کان ٿورو اڳ لبوق چينا ۾ لهڻو هو، جيڪو سمجهو ته حيدرآباد کان ٿورو اڳيان ڄامشورو ٿيو.

No comments:

Post a Comment