Saturday, February 04, 2012

مديني منوره جون ڪجهه زيارتون - الطاف شيخ


مديني منوره جون ڪجهه زيارتون
الطاف شيخ 
مسجد ذوالقبلتين
ھيءَ مسجد ٻن قبلن واري پڻ سڏجي ٿي. ھن مسجد جو ھڪ محراب خانه ڪعبي ڏي آھي ۽ ٻيو مسجد اقصيٰ (بيت المقدس) ڏي. ھي مسجد ”مسجد نبوي“ کان ٽي ميل پري شارع خالد بن وليد جي ڪناري ۽ وادي عقيق جي ويجھو آھي.


ھي مسجد تاريخ اسلام جي ھڪ اھم واقعي جي علامت آھي. شروع ۾ مسلمان بيت المقدس ڏي منهن ڪري نماز پڙھندا ھئا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جيستائين مڪي معظم ۾ ھئا. اھو ئي دستور رھيو پر پاڻ حرم پاڪ ۾ ائين بيھي نماز پڙھندا ھئا جو بيت الله به سامھون رھيو ٿي پر مديني اچڻ بعد مڪمل طور بيت المقدس ئي قبلو ھو ۽ اٽڪل سورھن سترھن مھينا کن بيت المقدس ڏي منهن ڪري نمازون پڙھندا رھيا. بيت المقدس مسلمانن لاءِ ان ڪري به مقدس ھو جو اتان حضور اڪرم ﷺ جن معراج لاءِ روانا ٿيا ھئا پر ان سڄي عرصي ۾ حضور ﷺ جن جي اھا دلي تمنا رھي ته مسلمان حضرت ابراھيم عليه السلام جي تعمير ڪيل خانه ڪعبه ڏي منهن ڪري نماز ادا ڪن. حضور ﷺ جن ھر وقت اھا تمنا دل ۾ رکي آسمان ڏي ڏسندا ھئا. آخر ھڪ ڏينهن نماز پڙھڻ دوران ھي آيت نازل ٿي:
ترجمو: ”ھي تنهنجو ذري ذري آسمان ڏي منهن کڻڻ اسين ڏسي رھيا آھيون، انڪري اسين توکي ان قبلي ڏي ڦيرڻ چاھينداسين، جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. مسجد الحرام (خانه ڪعبه) ڏي رخ بدلائي ڇڏ. ھاڻي جتي به تون ھجين ته ان ڏي منهن ڪري نماز پڙھندو ڪر“. (البقرة ـ144)
ھي حڪم رجب يا شعبان ٻي ھجري  ۾ نازل ٿيو ھو. حضور ﷺ جن بني مسلمه جي ام بشر علائقي ڏي وڃي رھيا ھئا ته اتي ظھر نماز جو وقت ٿي ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جن بنو سلمه جي مسجد ۾ نماز جي امامت ڪرڻ لاءِ اٿيا. ٻه رڪعتون پڙھائي چڪا ھئا ته ٽي رڪعت ۾ اوچتو وحي ذريعي قبلو بدلائڻ جي مٿين آيت نازل ٿي. پاڻ ان ئي وقت جماعت سميت پنهنجو رخ بيت المقدس کان بدلائي ڪعبي ڏي ڪيو.

مسجد جمعة
ھي تاريخي مسجد قبا کان اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر مديني ڏي آھي. ھتي قبيلو بنو آسم آباد ھو. حضور اڪرم ﷺ جن جڏھن ھجرت جي موقعي تي قبا جي علائقي کان مديني ڏي روانا ٿيا  ھئا ته جمعي جو ڏينهن ھو. پاڻ ڪريم ﷺ جن قبيلي بنو سالم بن عوف ۾ پھتا ته جمعي جي نماز جو وقت ٿي ويو. ان ڪري اتي ان جاءِ تي پاڻ ﷺ جمعي نماز پڙھايائون. مديني منوره ۾ ھي حضور اڪرم ﷺ جن جو پھريون جمعو ھو. بعد ۾ ھن ھنڌ تي بنو سالم مسجد ٺھرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين مسجد جمعة ۽ مسجد بني سالم جي نالن سان سڏجي ٿي. ھاڻوڪي سعود بادشاهه، ملڪ فھد ھن مسجد جي مرمت سان گڏ ھن کي وڏو پڻ ڪرايو آھي ۽ ھاڻ 700 کن ماڻھو ھڪ ئي وقت نماز پڙھي سگھن ٿا. مسجد جي گنبذ جو قطر 12 ميٽر آھي ۽ مناري جي اوچائي 25 ميٽر آھي.
مديني ۾ رھائش دوران توھان جو مسجد قبا ته ضرور وڃڻ ٿئي ٿو، اتان واپسي تي ھن مسجد جي زيارت ڪري سگھو ٿا ۽ ٻه رڪعتون نفل به ادا ڪري سگھو ٿا.

مسجد غمامه
مسجد نبوي جي باب اسلام کان ٻاھر اچڻ تي ڏکڻ اولهه طرف (اٽڪل اڌ ڪلوميٽر پنڌ تي) ھي مسجد نمايان طور نظر ايندي. دراصل تصور ڪيو وڃي ته اڄ کان چوڏھن سئو سال کن اڳ مديني منوره ۽ مڪي مڪرمه جھڙن وڏن شھرن جي به آدمشماري تمام گھٽ ھئي ۽ مديني جي مسلمانن جا سڀ گھر اڄ جي مسجد نبوي جي حدن اندر اچي ويا ٿي ۽ ھي مسجد غمامه جھڙيون مسجدون شھر کان پري سمجھيون ويون ٿي ۽ شھر جي آسپاس جا رھاڪو عيد نماز لاءِ ھتي اچي گڏ ٿيندا ھئا. حضور اقدس ﷺ جن ھن مسجد ۾ 2 ھجري ۾ پھريون دفعو عيد جي نماز ادا ڪئي ۽ نائين صدي ھجري تائين (يعني اٽڪل نَوَ سئو کن سال) عيد جون نمازون ھن مسجد ۾ پڙھيون ويون.
ھن مسجد کي مسجد مصليٰ به سڏين ٿا. پاڻ ﷺ جن ھن ھنڌ تي نماز استسقاءَ پڻ پڙھائي ھئي. ان ئي وقت ڪڪر مڙي آيا ۽ بارش ٿي ھئي. ان ڪري ھن کي مسجد غمامه (ڪڪر) به چون ٿا. ھن مسجد جي موجوده عمارت سلطان عبدالمجيد ترڪي جي زماني ۾ ٺھي.

مسجد ابي بڪر الصديق، مسجد عمر بن الخطاب ۽ مسجد علي
ھي سڀ مسجدون مسجد نبوي شريف جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ آھن ۽ مٿي ذڪر ڪيل مسجد غمامه جي ڀر ۾ آھن، مسجد ابي بڪر صديق ته فقط 40 کن ميٽر مسجد غمامه کان پري آھي. يعني پنجاهه کن قدم. رستي جي ھڪ پاسي مسجد غمامه آھي ته ٻئي پاسي مسجد ابي بڪر. حضور اڪرم ﷺ جن ڪڏھن ڪڏھن ھن مسجد ۾ به عيد نماز پڙھائي ۽ خليفه اول حضرت ابوبڪر رضه عيد جون نمازون ھن مسجد ۾ پڙھايون. ان ڪري ھي مسجد سندن نالي سان مشھور ٿي وئي. ان مسجد جي ساڄي پاسي طريق السلام (سلام روڊ) جي ڪناري تي مسجد علي بن ابي طالب آھي. مسجد غمامه کان سڌو مسجد علي ڏي اچبو ته مسجد علي 120 ميٽر پري ٿيندي. ھي تمام ننڍيون مسجدون آھن ۽ مسجد عليءَ جي ماپ 33 باءِ 22 ميٽر آھي ۽ مناري جي بلندي 26 ميٽر آھي.
مسجد غمامه جي ھڪ پاسي مسجد ابي بڪر ۽ مسجد علي آھي ته ٻئي پاسي 130 ميٽرن جي فاصلي تي مسجد عمر بن خطاب آھي. ھن مسجد کي سڃاڻپ ۾ ڏکيائي نه ٿيڻ کپي جو مسجد جي ٻاھرين گيٽ مٿان ھن مسجد جو نالو ”مسجد عمر بن خطاب“ لکيل آھي، ھن مسجد جي ابتدائي تعمير نائين صدي ۾ ٿي.
ھونءَ مسجد نبويءَ جي ويجھڙائي ۾ ھڪ ٻي به ننڍڙي مسجد عثمان بن عفان (ذوالنورين) پڻ آھي، جيڪا مسجد غمامه کان چوٿو ڪلوميٽر فاصلي تي ٿيندي.

جنت البقيع
ھي مديني منور جو قديم قبرستان آھي. ھن ۾ ڪيترائي ھزار صحابه ڪرام رضه، ازواج مطھرات رضه ۽ شھيد دفن ٿيل آھن، جن مان ڪجهه ھي آھن.
·                    حضرت عثمان غني رضي الله عنه.
·                    حضرت سيد ابو سعيد خدري رضي الله عنه.
·                    حضرت فاطمة بنت اسد رضي الله عنه. (حضرت علي رضه جي والده)
·                    حضرت حليمه سعديه رضي الله عنها.
·                    حضرت سيدنا ابراھيم رضي الله عنه. ابن رسول الله صلي الله عليه وسلم
·                    حضرت امام نافع مدني
·                    حضرت امام ملڪ رضي الله عنه.
·                    ازواج مطھرات (حضرت خديجة رضي الله عنها ۽ حضرت ميمونه رضي الله عنها کي ڇڏي ـ جيڪي مڪي معظم ۾ دفن ٿيل آھن).
·                    بنات رسول الله صلي الله عليه وسلم.
·                    حضرت عباس رضي الله عنه. عم رسول الله ﷺ
·                    حضرت امام حسن رضي الله عنه.
·                    حضرت امام محمد باقر رضي الله عنه. ۽ امام جعفر صادق رضي الله عنه.
·                    حضرت بيبي فاطمة الزھرا رضي الله عنها
·                    حضور اڪرم ﷺ جن جون پڦيون
·                    حضرت امام اسماعيل رضي الله عنه.
رسول الله ﷺ جن فرمايو ”مون ھڪ دفعو توھان کي قبرن تي وڃڻ کان جھليو ھو. ھاڻ توھان اتي وڃي سگھو ٿا ڇو جو اتي وڃڻ تي عبرت حاصل ٿئي ٿي ۽ روز آخرت جي ياد تازي ٿئي ٿي“. (مديني جي تاريخ نويس علي حافظ جو لکيل ڪتاب ”ابواب تاريخ المدينة المنوره(( ـ ص. 115)
صحيح مسلم ۾ حضرت عائشه رضه جي حوالي سان روايت آھي، پيغمبر اسلام ﷺ آخر شب جنت البقيع ۾ ويندا ھئا ۽ اتي دفن ٿيلن لاءِ الله کان مغفرت جي دعا گھرندا ھئا.
ترمذي شريف ۾ حضرت ابن عباس رضه کان روايت آھي ته جڏھن به رسول الله ﷺ مديني منوره ۾ دفن ٿيل ماڻھن جي قبرن وٽان گذرندا ھئا ته فرمائيندا ھئا: ”اي اھل قبور. الله توھان تي پنهنجي رحمت نازل ڪري ۽ توھان جا ۽ اسان جا گناهه بخش ڪري“.
جنت البقيع (قبرستان) شھر جي اڀرندي حصي ۾ مسجد نبوي جي ڏکڻ اوڀر ۾ آھي. قاضي اياض مالڪ جي حوالي سان نقل ڪيو آھي ته اٽڪل ڏهه ھزار اصحابي سڳورن مديني ۾ وفات ڪئي، جيڪي جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آھن. رسول الله ﷺ تي ايمان آڻڻ وارن انصارن ۾ اسعد بن زرار رضه ۽ مھاجرن ۾ عثمان بن مظعون رضه پھريان ماڻھو آھن، جيڪي جنت البقيع ۾ دفن ڪيا ويا.
جنت البقيع ۾ قبرن تي اھڙا ڪتبا يا نشان نه آھن، جن مان خبر پوي ته ڪھڙي قبر ڪنهن جي آھي، پر مورخين جي تحقيق جي روشني ۾ عوام جي علم ۾ آھي ته ممتاز ھستيون ڪھڙيون قبرن ۾ دفن ٿيل آھن.

جبل اُحد
مديني منوره جي اتر ۾ اٽڪل چئن ميلن جي فاصلي تي احد نالي جبل آھي، جنهن جي قدمن وٽ 3 ھجري ۾ مسلمانن جي ڪافرن سان وڏي خوفناڪ لڙائي لڳي، جنهن کي اُحد جي لڙائي سڏجي ٿو.
ھن جنگ ۾ مسلمان جي ذري گھٽ شڪست ٿي وئي، جنهن جو سبب سپهه سالار جي غلط حڪمت عملي نه ھئي پر تير اندازن جو حضور اڪرم ﷺ جن جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري جنگي اعتبار کان پھاڙي کي ڇڏي ڏنو ھو. رسول الله ﷺ جن ھن لڙائي ۾ زخمي ٿي پيا پر پوءِ الله جي مھرباني ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي بهادري ڪري ھي ھار فتح ۾ بدلجي وئي.
ھن لڙائي ۾ مسلمانن جا ستر ماڻھو (امير حمزه رضه سميت) شھيد ٿي ويا، جيڪي جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آھن.

No comments:

Post a Comment