Saturday, February 04, 2012

مسجد قبا ۽ مسجد نبوي - الطاف شيخ


مسجد قبا ۽ مسجد نبوي
 الطاف شيخ
پيغمبر اسلام کي جڏھن رب پاڪ طرفان ھجرت جو حڪم ٿيو ته نبوت جو تيرھون سال ھو. 12 سيپٽمبر 622ع تي رات جي وقت حضور اڪرم ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضه جن کي پاڻ سان گڏ وٺي مڪي معظم کان غار ثور ڏي روانا ٿيا. ڪافرن جي حملي کان بچڻ لاءِ پاڻ ٽي راتيون ان غار ۾ لڪل رھيا. ٽن راتين کانپوءِ پاڻ مديني شريف روانا ٿيا ۽ 23 سيپٽمبر 622ع تي قبا پھتا. جتان مدينو منوره فقط ٽي ميل پنڌ تي ھو. قبا ۾ حضرت عمرو بن عوف کي حضور ﷺ جن جي مھمان نوازيءَ جو شرف حاصل ٿيو. پا ڻ ڪجهه ڏينهن ھتي رھي پيا ۽ مسجد ٺھرايائون، جيڪا مسجد قبا جي نالي سان سڏجي ٿي. مديني شريف ۾ اسلام جي ھيءَ پھرين مسجد ھئي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ سورھ التوبة جي 108 آيت ۾ ھن مسجد جو بيان ھن طرح فرمايو آھي:
ترجمو: ”اھا مسجد جنهن جو بنياد روز اول کان ئي تقويٰ تي رکيو ويو، ان ڳالهه جي زياده حقدار آھي ته تون ان ۾ اٿي بيهه“.


اسلام ۾ ھن مسجد جي وڏي فضيلت آئي آھي. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: ”ھن مسجد ۾ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪرڻ جو ثواب ھڪ عمري جي ثواب برابر آھي“. ان ڪري مديني جي زيارت ڪرڻ وارا مسجد قبا ۾ به وڃن ٿا. جتي نفل ادا ڪري دعائون گھرن ٿا.
قبا ۾ ڪجهه ڏينهن رھڻ بعد رسول الله ﷺ جن جمعي جي ڏينهن مديني منوره روانا ٿيا. رستي تي جمعي نماز جو وقت اچڻ تي پاڻ جمعي نماز پڙھي ۽ خطبو پڻ ڏنو. مديني منوره ۾ سندن شاندار استقبال ٿيو. ھرھڪ اھوچاھيو ٿي ته حضور اڪرم ﷺ جن ھن جا مھمان ٿين. پاڻ فرمايائون ته: اٺڻي، جنهن تي پاڻ ﷺ سوار ھئا. ان جي مھار ڇڏي ڏيو. ھوءَ جيڏانهن وڃي ٿي، اوڏانهن وڃڻ ڏيو. رب پاڪ کي جتي مون کي لاھڻ مقصود ھوندو. ان جاءِ تي اٺڻي پنهنجو پاڻ ويھي رھندي.
سڀ کان پھرين اٺڻي ان جاءِ تي ويٺي، جتي اڄ مسجد نبوي آھي پر حضور اڪرم ﷺ جن اڃا لھڻ وارا مس ٿيا ته اٺڻي وري ھلڻ لڳي ۽ بنو نجار جي محلي ۾ ايوب انصاري رضه جي گھر جي سامھون اچي ويھي رھي. ان ئي محلي ۾ حضور ﷺجن قيام فرمايو. ھتي به پاڻ ڪريم ﷺ جن سڀ کان اڳ مسجد جي تعمير ڏي ڌيان ڏنو، جيئن قبا ۾ رھڻ دوران قبا مسجد ٺھرائي، مسجد جي لاءِ حضور اڪرم ﷺ جن اھا جاءِ پسند ڪئي جتي اٺڻي پھرين ويٺي ھئي. ان ڪري اھا زمين خريد ڪئي وئي، جيڪا ٻن يتيم ڀائرن جي ھئي. ھنن ڀائرن اھا زمين بنا قيمت جي ڏيڻ چاھي ٿي پر پاڻ ﷺ جن ائين وٺڻ منظور نه ڪيو ۽ پئسا ڏيڻ بعد مسجد جا بنياد رکيا، جيڪا مسجد نبوي سڏجي ٿي. ھي اھا مسجد آھي، جيڪا صحابه ڪرام سان گڏ حضور اڪرم ﷺ جن گڏجي ٺاھي. پاڻ ئي سرون ۽ گارو کڻي ڀتين ۽ ڇتين جي اڏاوت ڪيائون. ان مسجد جي ڀر ۾ پاڻ ﷺ جن پنهنجو رھائش گھر ٺاھيو.
شروع جي ٺھيل ھن مسجد جون ڀتيون ڪچين سرن سان ٺاھيون ويون، ڇت کجي جي پنن جي ۽ ٿنڀا کجي جي ٿڙن مان ٺاھيا ويا. ان وقت مسجد جي ڊيگهه 105 فوٽ ۽ ويڪر 90 فوٽ ۽ اوچائي 10 فوٽ ھئي. مسجد جي اوڀر واري ڪنڊ کان ھڪ ڇت سان ڍڪيل صفو ٺاھيو ويو، جتي سٺ، ستر اھي صحابي رھيا ٿي، جن جوڪو گھر ٻار نه ھو ۽ نه ڪو روزگار، فقط علم دين ۽ فيض نبوي حاصل ڪرڻ لاءِ ھو اتي ٽڪيل ھئا. ان ڪري مسجد جو اھو حصو اڄ به اصحاب صفه جي نالي سان مشھور آھي.
مسجد نبوي جي قبلي جو رخ به مسجد قبا جي قبلي وانگر ان وقت تائين بيت المقدس ڏي يعني اتر ڏي ھو، ڇو جو اڃا تائين رب پاڪ طرفان اھو حڪم نه آيو ھو ته قبلي جو رخ ڪعبي ڏي موڙيو وڃي. بهرحال ان اتراھين ڀت کي ڇڏي باقي مسجد جي ٽن ڀتين ۾ دروازا ڪڍيا ويا. سترھن مھينن تائين بيت المقدس ڏي منهن ڪري نمازون پڙھڻ بعد ھجرت جي ٻئي سال ۾ بيت الله شريف کي قبلو ٺاھڻ جو حڪم الاھي نازل ٿيو. ان بعد ڏاکڻي ڀت کي بند ڪري اتراھين ڀت ۾ دروازو کوليو ويو، جيڪو اڄڪلهه باب مجيدي نالي سان سڏجي ٿو. فتح خيبر کانپوءِ حضور اڪرم ﷺ ھن مسجد جي ڊيگهه ۾ 45 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 60 فوٽ جو واڌارو ڪيو ته مسجد 150 فوٽن جي چورس ٿي پيئي.
سن 17 ھجري ۾ حضرت عمر فاروق رضه ھن مسجدجي ديگهه 150 فوٽن جي ساڄي طرف به کاٻي طرف ۽ ٻه پٺيان، موجوده باب السلام ۽ باب النساءِ ان دور فاروق جا يادگار آھن. البت مسجد کي اھڙو ئي سادو رکيو ويو.
سن 23 ھجري ۾ حضرت عثمان رضه جن خليفا ٿيا ته ھنن ڀتين ۽ ٿنڀن کي پٿرن سان ٺھرايو ۽ انهن جي نقش نگار ڪرايا. قبلي ڏي مسجد کي ان حد تائين وڌايو، جنهن تائين اڄ آھي ۽ ان ڀت ۾ ھڪ محراب به تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ به محراب عثمان رضه جي نالي سان مشھور آھي. اھا تعمير 29 ھجري  ۾ شروع ٿي ۽ 30 ھجري ۾ ختم ٿي.
ان کانپوءِ بنو اميه جي دور خلافت ۾ وليد بن عبدالملڪ جي عھد ۾ 88 ھجري ۾ مسجد کي چڱو وڏو ڪرايو ويو. سندس ڊيگهه 300 فوٽ ۽ ويڪر 250 فوٽ ڪرائي ٿنڀا سنگ مرمر جا ٺھرايا ويا. ڇت تي سون جو پاڻي لڳايو ويو ۽ خوبصورت نقاشي ڪرائي وئي، ھي ڪم 91 ھجري تائين ھليو.
ان کانپوءِ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ ھن مسجد کي وڌايو ويو، خليفي المھدي العبس 161 کان 165 ھجري تائين ھن مسجد جو اڱڻ وڏو ڪرايو. ان کانپوءِ اٽڪل ست سئو کن سال ھي مسجد ان ئي حالت ۾ رھي. 888 ھجري ۾ سلطان اشرف قائتبائي سلطان سليمان رومي روضي مبارڪ  ۾ سنگ مرمر جو فرش لڳرايو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آھي.
حجري شريف ۾ سرنگهه کوٽڻ جو واقعو 55 ھجري ۾ ٿيو، ھي ماڻھو عيسائي ھئا، جن سرنگهه ذريعي کوٽائي ڪري جسم مبارڪ کي کڻي وڃڻ چاھيو ٿي. ان کانپوءِ مصر جي بادشاهه نورالدين انگي حجري جي چوڌاري اونهي کاھي کوٽائي ان ۾ شيھو رجائي ڀري ڇڏيو. جيئن آئنده ڪو شيطان قبر تائين پھچي نه سگھي.
ترڪن جي عھد ۾ به مسجد مبارڪ ۾ ڪافي واڌارو ٿيو، ترڪ جيڪي پنهنجو پاڻ کي خدام ڪعبه سڏيندا ھئا. مسجد نبوي جي اندرئين حصي جو شان اڄ ڏينهن تائين انهن جي ياد ڏياري ٿو. ڳاڙھي رنگ جا ٿنڀا ۽ انهن تي سونهري گل پن انهن جي ئي زماني جي ياد آھن.
پوءِ ھاڻوڪي سعودي خاندان جي سلطان عبدالعزيز ابن سعود مرحوم 1368 ھجري ۾ مسجد نبوي کي ٻيڻ جيترو وڌائڻ جو حڪم ڏنو. مسجد جي آسپاس ٺھيل گھرن کي خريد ڪري ڊاھڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. 1372 ھجري ۾ سلطان سعود بن عبدالعزيز مديني ۾ اچي ان ڪم جي بسم الله ڪرائي.
مسجد جي ان واڌاري واري اسڪيم ۾ ھڪ خاص ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ واري اھا آھي ته اصل مسجد ۽ ان جا مقدس ھنڌ يعني روضه اقدس گنبذ خضرا، حجرہ مبارڪ مقصوره شريف، اصحابه صفه وارو چبوترو وغيره تاريخي شين کي اصل حالت ۾ رھڻ ڏنو ويو آھي. ان ۾ ٿوري به ڦير ڦار نه آندي وئي آھي.
مسجد نبوي تي سڀ کان گھڻو واڌاري ۽ سونهن جو ڪم ملڪ فھد بن عبدالعزيز 1405 کان 1412 ھجري تائين ڪرايو آھي. ھن تمام وڏي پئماني تي خرچ ڪري دنيا جا بهترين ڪاريگر گھرايا ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ بهترين مٽيريل لڳايو آھي، جنهن جي تيار ڪيل فلم دنيا جا ماڻھو تعجب مان ڏسن ٿا. دنيا جي انيڪ ملڪن مان ڪاٺ، سرون، پٿر، واڍا، رازا آندا ويا، اڄ مسجد نبوي ۾ ساڍا ڇهه لک ماڻھو ھڪ ئي وقت نماز پڙھي سگھن ٿا ۽ مسجد جي ٽوٽل ايراضي ٻاھريون اڱڻ ملائي ٽي لک چورس ميٽر آھي. ھيٺ تھ خاني جي پکيڙ 73000 چورس ميٽر آھي، جنهن ۾ مسجد جي انتظام ھلائڻ لاءِ آفيسون آھن، ڪار پارڪنگ لاءِ ٻه ليولون آھن، جتي 4500 ڪارون پارڪ ٿي سگھن ٿيون.
مسجد جي ڪجهه حصن مٿان چرندڙ گنبذ  (Moving Domes) آھن، جي شام جو رڙھڻ سان آسمان نظر اچي ٿو ۽ ڏينهن جو اس کان بچاءَ لاءِ ڇت کي ڍڪيو ڇڏين. ھنن گنبذن جوDiameter  14.7 ميٽر آھي ۽ تور 80 ٽن آھي. اھي گنبذ مشينن رستي ھڪ منٽن ۾ رڙھن ٿا. ھٿ سان ريڙھڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي ٿو. سڄي مسجد کي ڏهه منارا آھن، تن مان چار پھرين جا ھئا ۽ ڇهه ملڪ فھد جي ڏينهن ۾ ٺھيا آھن. منارن جي اوچائي 104 ميٽر آھي. پٿر جي ٿنڀن جو تعداد 2725 آھن، جن مان 550 مٿين ماڙ تي آھن، ٿنڀن جو Diameter  64 سينٽي ميٽر آھي.
مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جملي 85 دروازا آھن. ھر دروازو 3 ميٽر باءِ 6 ميٽر آھي. مسجد ۾ جملي بتيون 67000 آھن ۽ شئنڊليئر 68 آھن. مسجد کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڇهه چلر (Chillers) آھن. ھرھڪ 3400Ton Capacity  جو آھي. ان کان علاو ٻه ايمرجنسي چلر آھن. انهن کي جيڪي ست پمپ پاڻي سپلاءِ ڪن ٿا. انهن پمپن مان ھرھڪ جي Capacity ٽي ھزار چار سئو گئلن في منٽ آھن. انهن مشينن لاءِ 31 مڪينيڪل ڪمرا آھن ۽ تھ خاني ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ 150 ايئر ڪنڊيشنر يونٽ آھن.
اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ مسجد کي پنهنجو پاور جنريشن پلانٽ آھي، جنهن کي اٺ 2.5 ميگا واٽ پيدا ڪندڙ ڊيزل جنريٽر آھن۽ چار سب اسٽيشنون آھن. ھي جنريٽر وغيره مسجد کان ست ڪلوميٽر پري لڳايا ويا آھن.
سي سي ٽي ويCCTV  مانيٽرنگ ۽ ڪنٽرول سسٽم لاءِ مسجد ۾ 543 ڪيمرائون لڳل آھن، جن ذريعي نماز لاءِ ايندڙن جي چرپر تي نظر رکي وائرليس ذريعي ڊيوٽي تي بيٺل پوليس کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو. ٿوري به رش يا گڙٻڙ ٿيڻ يا چوڌاري ھر وقت ايمبولينس گاڏيون تيار رھن ٿيون.
سائونڊ سسٽم لاءِ 206 ايمپليفائر آھن، ھرھڪ 600 واٽ جو آھي ۽ 3500 اسپيڪر آھن. باهه جي معلومات ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ Water Sprinkler Network آھي، جيڪي اڄڪلهه دنيا جي فائيو اسٽار ھوٽلن ۾ لڳل رھي ٿو.
ڇت تي چڙھڻ لاءِ 18 عام ڏاڪڻيون آھن ۽ 6 ايسڪاليٽر آھن، ھر يونٽ ۾چار چار چرندڙ ڏاڪڻيون آھن.

مسجد نبوي جا فضائل
فضائل مسجد نبوي جي حديث آھي، جيڪا صحيح بخاري ۾ آھي. رسول الله ﷺ فرمايو منهنجي ھن مسجد ۾ ھڪ نماز ٻين مسجدن جي ھزار نمازن برابر آھي. سواءِ مسجد الحرام يعني خانه ڪعبي جي.
ھڪ ٻي حديث ۾آ ھي ته: مديني منوره جي مسجد کي دنيا جي سڀني مسجدن تي ھڪ ھزار درجا فضيلت حاصل آھي پر منهنجي مسجد کي سڀني مسجدن تي ھڪ لک درجا فضيلت حاصل آھي.
حضرت ابو ھريره رضي الله عنه کان روايت آھي ته حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته: بيشڪ منهنجي ھن مسجد ۾ ھڪ وقت جي نماز پڙھڻ مسجد الحرام کانسواءِ دنيا جي ٻين سڀني مسجدن ۾ ھڪ ھزار رڪعتون نماز پڙھڻ کان افضل آھي.

رياض الجنت
مسجد نبوي ۾ رياض الجنت تمام وڏي عظمت وارو حصو آھي. نبي اڪرم ﷺ ھن کي جنت جي باغ سان تعبير فرمايو. مسجد نبوي ۾ جڏھن توھان باب جبريل کان داخل ٿيندائو ته توھان جي کاٻي ھٿ تي ھڪ حجرو نظر ايندو. ھي حضرت بيبي فاطمة رضه جو گھر ھو. جڏھن توھان ھن جي سامھون کان گذري ويندائو ته پوءِ يڪدم کاٻي ھٿ تي مسجد نبوي جو اھو حصو آھي، جيڪو رياض الجنت سڏجي ٿو. ان ھنڌ لاءِ حديث ۾ آھي، ”جيڪا جاءِ منهنجي گھر ۽ منبر جي وچ ۾ آھي، اھا جنت جي باغن مان ھڪ آھي“. (گھر مان مراد حضرت عائشه رضه جو حجرو آھي، جنهن ۾ حضور پاڪ ﷺجي قبر شريف آھي ۽ جو حضرت بيبي فاطمه رضه جي حجري جي پٺيان آھي).
يعني ھيءَ جاءِ حقيقت ۾ جنت جو ھڪ ٽڪرو آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ منتقل ڪيو ويو آھي ۽ قيامت جي ڏينهن ھي ٽڪرو جنت ۾ ھليو ويندو. ھن رياض الجنت ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جو مصلو پڻ آھي، جتي پاڻ بيھي امامت فرمائيندا ھئا. ھن ھنڌ تي اڄڪلهه ھڪ خوبصورت محراب ٺھيل آھي. جيڪو محراب نبوي سڏجي ٿو. وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ وليد جي حڪم سان عمر بن عبدالعزيز جڏھن مسجد نبوي کي وڏو ڪرايو ھو ته ھن جاءِ تي محراب به ٺھرايو ھو.
اڄڪلهه 9 فوٽ سنگ مرمر جي ھڪ ئي ٽڪري مان محراب ٺھيل آھي، جن تي سون جي پاڻي سان خوبصورت ميناڪاري ڪئي وئي آھي. محراب جي پٺيان اھا آيت لکيل آھي، جنهن ۾ درود شريف پڙھڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، يعني سورة الاحزاب جي 56 آيت:
ترجمو: ”الله تعاليٰ ۽ فرشتا نبي تي درود ۽ سلام موڪلين ٿا، ان ڪري ايمان وارئو، توھان به ھن تي درود و سلام موڪليو“.
رياض الجنت جي نشاني لاءِ ان حصي کي سفيد ٿنڀن ذريعي الڳ ڪيو ويو آھي ۽ ھن حصي تي اڇيري رنگ جا غاليچا وڇايل رھن ٿا. ھن ھنڌ تي ھر وقت زيارت لاءِ آيل ماڻھو نظر ايندا ۽ حج وارن ڏينهن ۾ ته تمام گھڻي رش رھي ٿي. ھن ھنڌ تي جڏھن به جاءِ ملي وڃي ته گھڻي کان گھڻا نفل ادا ڪجن. تلاوت ڪلام پاڪ ڪري دعائون گھرجن، ڇو ته ھن جاءِ تي ويھڻ جنت ۾ ويھڻ برابر آھي.

ست ٿنڀا (سُتون)
ھونءَ ته مسجد نبوي جو ٽڪرو ٽڪرو نورفشان آھي پر رياض الجنت جا اھي ست ٿنڀا جن کي سنگ مرمر جي ڪم ۽ سونهري ميناڪاري سان نمايان ڪيو ويو آھي. اھي ھن ريت آھن.

ستون حنانه:
ھيءُ ٿنڀو نبي ﷺ جن جي ويجھو آھي. حضور اڪرم ﷺ جن ھن ستون وٽ بيھي خطبو ڏيندا ھئا. جتي اھو کجور جو وڻ دفن آھي، جيڪو ڪاٺ جو منبر ٿي وڃڻ کانپوءِ حضور اڪرم ﷺ جي فراق ۾ ٻارن وانگر رنو ھو.

ستون عائشه رضه:
ھڪ دفعي حضور اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو: ”منهنجي مسجد ۾ ھڪ اھڙي جاءِ آھي، جتي ماڻھو کي نماز پڙھڻ جي فضيلت جي خبر پئجي وڃي ته ھو ان ڳالهه تي پُکا وجھن (قرعه اندازي ڪن)“. طبراني. ھن جاءِ جي نشاندھي حضرت عائشه رضه فرمائي ھئي. ھاڻ اتي ستون عائشه ٺاھيو ويو آھي.

سُتون ابولباب.
ھن ستون کي ستون توبه به چون ٿا. حضرت ابو لبابہ رضه صحابيءَ کان ھڪ غلطي ٿي وئي. ان جي توبه لاءِ ھن پنهنجو پاڻ کي ھن ٿنڀي سان ٻڌي ڇڏيو. آخرڪار، الله تعاليٰ ھن جي توبه قبول ڪئي ۽ حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجن مبارڪ ھٿن سان ھن کي کوليو.

ستونِ وفود:
ھن جاءِ تي نبي اڪرم ﷺ ٻاھران ايندڙ وفدن سان ملاقات ڪندا ھئا.

ستونِ سرير:
ھن جاءِ تي نبي اڪرم ﷺ جن اعتڪاف ڪندا ھئا ۽ رات جو ھتي سندن لاءِ بستر وڇايو ويندو ھو.

ستونِ حرس:
ھن ھنڌ تي حضرت علي رضه اڪثر نماز پڙھندا ھئا ۽ ھن جاءِ تي ويھي حضور اڪرم ﷺ جي پاسباني ڪندا ھئا. ھن کي ستونِ علي رضه به چون ٿا.

ستونِ تهجد
نبي ڪريم ﷺ جن ھن جاءِ تي تهجد نماز ادا ڪندا ھئا.
ھي سڀ ستون (ٿنڀا) مسجد جي ان حصي ۾ آھن، جيڪا حضور اڪرم ﷺ جن جي زماني ۾ ھئي. ھنن وٽ وڃي ھر انسان کي دعا استغفار ڪرڻ کپي ۽ جڏھن به موقعو ملي ته انهن وٽ ستون ۽ نفل پڙھڻ کپن. ھي اھي متبرڪ جايون آھن، جتي نبي ڪريم ﷺ جن جي ڪرم جون نگاھون پئجي چڪيون آھن.
مسجد نبوي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي دروازا آھن. عربي ۾ دروازي کي باب سڏجي ٿو. حضور اڪرم ﷺ جن جي روضي مبارڪ مٿان سائي رنگ جو گنبذ آھي. عربي ۾ سائي رنگ کي خضر چئجي ٿو ۽ سائي رنگ جي ڪري ھن قبي (Tomb) کي گنبذ خضرا سڏجي ٿو ۽ گنبذ خضرا واري پاسي يعني قبلي پاسي (ڏکڻ پاسي) واري ديوار کان داخل ٿيڻ لاءِ ڪجهه ھي دروازا آھن. باب اسلام، باب رحمت، باب جبرئيل، باب ابوبڪر صديق، باب نساءِ، باب عمر بن عبدالعزيز، باب البقيع (مديني کان مڪو شريف يعني ڪعبو ڏکڻ طرف آھي. ان ڪري مديني ۾ ڏکڻ طرف منهن ڪري نماز پڙھجي ٿي . اسان وٽ پاڪستان ۾ قبلي جو رخ الھندي ڏي آھي، جو اسان وٽان مڪو شريف الھندي ڏي آھي.
مسجد نبوي جي اتر واري ڀت ۾ جتان Main Entrance آھي. ھي دروازا آھن: بابت زينب، باب حمزه بن عبدالمطلب، باب عمر بن خطاب، باب سعد بن ابي وقاص، باب ملڪ عبدالعزيز، باب سعد بن زيد، باب عثمان بن عفان، باب  الزبير، باب ڪلثوم. ان بعد مسجد ڏي منهن ڪري بيھڻ سان ساڄي پاسي واري ڀت ۾ جيڪا مغربي (الھندي پاسي واري) ڀت آھي. ھي دروازا آھن. باب الحسن بن علي، باب علي بن ابي طالب، باب الحسين بن علي ، باب مصعب بن عمر، باب ام سلمه، باب عائشه، باب حفصه ۽ کاٻي پاسي واري مشرقي ڀت جا ھي دروازا آھن. باب سعود، باب ملڪ عبدالعزيز (ھي دروازو شارع عبدالعزيز وٽ آھي)، باب ملڪ فيصل، باب سعد بن معاذ، باب فاطمه، باب خديجه، باب رقيه.
حاجين جي سھولت لاءِ ھڪ دفعو وري لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته ھو مڪي وانگي ھتي مديني  ۾ به پنهنجي رھائشگاهه (ھوٽل وغيره) ۽ رستي جو نالو ياد رکن. مديني جي رھائش پڻ مڪي وانگر مسجد نبوي جي چوڌاري آھي ۽ مسجد نبوي ۾ ان دورازي کان داخل ٿيو ،جيڪو توھان جي رھائشگاهه کي ويجھو ھجي ۽ وري موٽڻ وقت به ان دروازي کان گھر اچو ۽ جي رستو وسري وڃي يا رش جي ڪري پنهجن ساٿين کان ڌار ٿي وڃو ته ھڪ ٻئي جو انتظار ڪرڻ لاءِ ان دروازي وٽ اچي ترسجي. مڪي شريف جي مسجد الحرام وانگر مديني منوره جي ھن مسجد نبوي جي به دروازن جانه فقط نالا لکيل آھن پر ھر در جو نمبر پڻ آھي، جيئن پوڙھا ماڻھو جيڪي دروازي جو نالو ياد ڪري نه سگھن ته فقط نمبر ياد رکن. ڪيترائي ماڻھو خاص ڪري پھرين ڏينهن تي، دروازي جو نالو يا نمبر ياد نه رکڻ ڪري رستو وڃايو ڇڏين ۽ ھڪ دروازي مان اچي ٻئي مان نڪرڻ ڪري ھنن جي گھر جي پنڌ ۾ ميل ڏيڍ جو فرق اچيو وڃي، جيڪي مديني مان ٿي آيا آھن ۽ مسجد نبويءَ جي سڀني درن کان واقف آھن. اھي اندازو لڳائي سگھن ٿا ته اھو ماڻھو جنهن جي رھائشگاهه باب الملڪ سعود وٽ آھي ۽ ھو اھو دروازو ياد نه ٿو رکي ۽ موٽڻ مھل مغربي ڀت جي باب عائشه يا باب علي مان ٻاھر نڪري اچي ٿو ته ھن کي ته سڄي دنيا نرالي نظر ايندي ۽ مسجد جي ٻاھران ڦري گھر تائين پھچڻ ۾ ھن کي ميل کن پنڌ جو وڌيڪ ڪرڻو پوندو.
ھونءَ مڪو مڪرمه ۽ مدينو منوره دنيا جا اھي شھر آھن، جن ۾ ڪو به گم ٿي نه ٿو سگھي. بشرطيڪه ھن کي مسجد الحرام يا مسجد نبوي جي ان دروازي جو نالو ياد رھجي، جيڪو سندس گھر جي ويجھو آھي. توھان جون اکيون پوري توھان کي مديني شھر جي ڪنهن به ھنڌ تي ڇڏي اچجي. توھان اتان مسجد نبوي ۾ اندر ھليا اچو. اندر اچي ان در ڏي وڃو، جيڪو توھان جي گھر وٽ آھي. زيارت لاءِ ايندڙ گھڻو ڪري پھرين ڏينهن گم ٿين ٿا، بلڪه پنهنجو رستو ڀلجيو وڃن جو ھو تڙ تڪڙ ۾ مسجد نبوي کي سامھون ڏسي اندر گھڙيو اچن پر ان گھڙڻ واري دروازي جو نالو يا نمبر ياد نه رکڻ ڪري سمجهه ۾ نه ٿو اچين ته ڪھڙي دروازي کان نڪرجي. ڇو جو مسجد ۾ اندر گھڙڻ مھل ضروري ناھي ته ان دروازي وٽ نماز جي جاءِ ملي، صفون ڀرڻ ۽ صفون سڌيون ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سعودي مذھبي پوليس وارا ۽ اسڪائوٽ درن وٽ بيٺل رھن ٿا ۽ اھي توھان کي ان طرف وڃڻ لاءِ زور ڀرين ٿا، جنهن طرف جاءِ خالي آھي.
زيارت لاءِ ايندڙن لاءِ رستو ڀلجڻ جو ھڪ ٻيو به سبب ٿئي ٿو، جنهن ڪري (خاص ڪري) عورتون رستو ڀلجيو وڃن. اسلام ۾ عورت ۽ مرد کي ھڪ ٻئي جي ڀر ۾ بيھي نماز پڙھڻ يا مسجد ۾ گڏ ويھڻ کي پسند نه ڪيوويو آھي. مسجد الحرام (مڪي) ۾ به ڪيترائي مرد توڙي پوليس کاتي جون عورتون ان ڪم لاءِ مقرر ٿيل آھن ته ھو مردن ۽ عورتن کي ڌار ڌار حصن ۾ ويھارين پر اتي زائرين جو ايڏو وڏو تعداد آھي۽ نماز سان گڏ طواف جي ڪري به چوويهه ئي ڪلاڪ ماڻھو ايندا رھن ٿا ۽ نماز جي وقت تي ته مسجد کان به ٻاھر رستا گھٽيون نمازين سان ڀرجيو وڃن ۽ اوستائين ۽  ھروقت ماڻھو کي تنبيهه ڪري کين ڌار ڌار نماز پڙھڻ ۾ اڃا سئو سيڪڙو ڪاميابي نه ٿي آھي ۽ حرم پاڪ ۾ اندر توڙي ٻاھر ڪيترن ھنڌن تي زالون مرد گڏ ويٺل نظر اچن ٿا. طواف به گڏ ڪن ٿا. خاص ڪري ھڪ ئي خاندان يا ھڪ ئي گروپ جا. پر مديني ۾ به ائين نه آھي، اتي سختي سان مردن توڙي عورتن لاءِ الڳ دروازا ۽ حصا ڪيا ويا آھن، ھاڻ ڇا ٿو ٿئي جو گھران نڪتل زال مڙس گڏجي مسجد ڏي روانا ٿين ٿا. عورت اھو ئي سوچي ٿي ته آئون پنهنجي مرد (محرم) سان گڏ آھيان ۽ ان سان ئي موٽنديس. رستو يا مسجد ۾ گھڙڻ وارو دروازو ياد ڇو ڪريان ۽ پوءِ مسجد ۾ گھڙڻ وقت پوليس واراعورتن کي ان دروازي مان داخل ٿيڻ بدران عورتن وارن دروازن ڏي وڃڻ جو اشارو ڪن ٿا. ڪي ڪي عورتون ضد ڪن ٿيون ته انهن کي سعودي پوليس دڙڪا به ڏئي الڳ ڪريو ڇڏي ۽ پوءِ تڪڙ ۾ ھڪ ته عورت ان دروازي جو نالو ياد نه ٿي رکي ۽ ٻيو ته جي ياد رکي به ٿي ته ھن کي اھو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ٻاھر نڪري مڙس کي ڪٿي ڳوليان يا ڪنهن ھنڌ ھن جو انتظار ڪريان. ڇو جو ھن اھو پنهنجي مرد سان طئه نه ڪيو ھو. ان ڪري مديني ۾ گھران نڪرڻ وقت مرد توڙي عورت کي گھر ۽ گھٽي جو نالو ۽ رستو ياد رکڻ کپي، جيئن نڪرڻ مھل ان ئي دروازي مان نڪري ۽ جي عورت مسجد مان نڪري پنهنجي مرد سان گڏ وڃڻ چاھي ٿي ته ھن کي کپي ته مسجد ۾ اندر گھڙڻ کان اڳ ٻاھر ڪا جاءِ مقرر ڪري ڇڏين ته جيڪو اڳ نماز پڙھي نڪري ،اھو اتي ٻئي جو انتظار ڪري.
بهرحال رستو ڀلجڻ جي حالت ۾ پريشان نه ٿجي جو ھتي ڪا به خطري جي ڳالهه ناھي. اڃ لڳي ھجي ته زم زم جو پاڻي پي وٺجي ۽ پوءِ آرام سان پنهنجي زبان ڳالھائيندڙ کي مدد لاءِ چئجي. توھان کي فقط ھوٽل جو نالو ياد آھي ته به توھان کي ڪو نه ڪو پھچائي سگھندو. جو ھي اھو مقام آھي، جتي ھرھڪ ٻئي جي مدد ڪري ثواب کٽڻ چاھي ٿو. اھڙين حالتن ۾ منهنجي اھائي صلاح آھي ته تڪڙ ڪري گھر جو رخ رکڻ بدران مسجد ۾ اندر ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪجي جو توھان جا ساٿي توھان کي اتي ئي ڳوليندا رھندا ۽ ھو ضرور اتان به اچي نڪرندا، جتي توھان ھوندائو ۽ جيڪڏھن توھان وٽ توھان جي رھائش جي ائڊريس ۽ فون نمبر کيسي ۾ آھي ته پوءِ ڪو به الڪو نه ڪرڻ کپي. ھونئن ھن رھائشگاهه جو مالڪ (خاص ڪري مديني ۾ جتي گھڻي ڀاڱي رھائش ھوٽلن ۾ ٿئي ٿي). پھرين ڏينهن ئي مسواڙي کي ھوٽل جو ائڊريس ڪارڊ ڏئي ٿو، جيڪو کيسي ۾ وجھي پوءِ ٻاھر نڪرجي.

No comments:

Post a Comment