Saturday, February 04, 2012

ڪجهه سعود خاندان بابت - الطاف شيخ


ڪجهه سعود خاندان بابت
 الطاف شيخ
سعودي عرب تي جنهن گھراڻي جي حڪومت آھي، اھو سعود گھراڻو سڏجي ٿو ۽ ھن گھراڻي تان ھن ملڪ جو نالو سعودي عرب يا سعودي عريبيا پيو. ويھين صدي جي شروع وارن سالن تائين نقشي ۾ ڪٿي به ”سعودي عرب“ نالي ڪو ملڪ نه ھو. ڳاڙھي سمنڊ، عربي سمنڊ ۽ ايران وارن سمنڊن ۾ وڪوڙيل ھي ريتي ۽ رڻ پٽ جو اپٻيٽ عربستان سڏيو ويو ٿي. بيابانن ۽ واريءَ جي ڊٻن ۽ ٺوڙھن ڪارن جبلن جي ھن ڌرتي تي اسلام کانپوءِ يا اڳ جيڪا ڪجهه زندگي، ھلچل، رونق ۽ چھچٽو ھو، سو ٻن ٽن شھرن ۾ ھو. جھڙوڪ مڪو (ڪعبي جي ڪري) يثرب (کجين جي باغن ۽ پاڻي جي ڪري) جيڪو شھر حضور اڪرم ﷺ جن جي ھجرت بعد مدينو سڏجڻ لڳو ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڪري ھي شھر دنيا ۾ مشھور ۽ خوشحال ٿيو، طائف (سٺي موسم، پاڻي  ۽ پوک ڪري) ۽ ٿورو گھڻو عدن، جدو ۽ ينبع (ينبو) بندرگاھن ڪري ۽ صنعا (اتاھين Altitude تي ھجڻ ڪري ٿڌي موسم ۽ عيسائي مندرن ڪري). عدن، صنعا ۽ حاضر الموت وارو مشھور علائقو شروع کان يمن ملڪ ۾ آھي. سجي عربستان جي 3 ملين چورس ڪلوميٽر پکيڙ آھي. جنهن ۾ فقط اُھي چند ٽڪرا (شھر ناليرا ھئا)، ٻيو سڄو ملڪ ريتي ۽ جبل ھئا ۽ جتي پاڻي به نه ھجي ۽ تيز ھوائون انسانن جا پيرا به لٽي ڇڏين. اتي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رستا ڳولڻ سامونڊي سفر کان به ڏکيو ڪم آھي. اڄ به فقط سعدي عرب 2140000 چورس ڪلوميٽر آھي. پاڪستان کان ذري گھٽ ٽيڻو آھي، جنهن جي پکيڙ 746000 ڪلوميٽر آھي، جپان کان ڇھوڻو ۽ برطانيا کان ڏھوڻو آھي.


ھن ريت ھاڻي اُپ ٻيٽ عربستان جو ھڪ حصو يمن ھو، جيڪو اڄ به ساڳي نالي وارو ملڪ آھي ۽ باقي حصو حجاز ۽ نجد سڏيو ويو ٿي، جيڪو ھاڻ ھڪ ملڪ سعودي عرب سڏجي ٿو. اڄ جي سعود خاندان جو ھنن پٽن تي اثر رسوخ ڪافي پراڻي زماني کان ھلندو پئي آيو پر تاريخن ۽ لکت ۾ احوال شھزاد سعود ابن محمد ابن مغرين ابن مرخان کان آھي. جنهن 1725ع ۾وفات ڪئي. اڄ جو سعود خاندان ۽ ھن ملڪ جو نالو ان سعود حاڪم تان آھي. ھن جي حڪومت ھيٺ عربستان جوعلائقو ڪڏھن گھٽيو ٿي ته ڪڏھن وڌيو ٿي. گادي وارو ھنڌ ديريا ھو، جيڪو اڄ جي گادي واري شھر الرياض جي ڀر ۾ آھي.
مغرين جي پوٽي ۽ محمد جي ھن پٽ سعود جي حڪومت وارا ڏينهن سنڌ ۾ يار محمد ڪلھوڙي جي حڪومت وارن ڏينهن سان ملن ٿا ۽ ساڳي وقت تي ٻنهي جي وفات ھڪ ئي دور ۾ ٿي ٿي. 1719ع ۾ يار محمد ڪلھوڙو گذاري ويو (۽ نور محمد ڪلھوڙو ”خدا يار خان“ ٿيو) ۽ ڇھن سالن بعد 1725ع ۾ ھن سعود خاندان جو پايو وجھندڙ ھي سعود ابن محمد گذاري ويو.
سعود ابن محمد جي حڪومت جو اھو زمانو ھو، جنهن ۾ سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع ۾) ڄائو ۽ اتر سنڌ ۾ ھلندڙ لڙائي ۾ دائود پوٽن جي (1707ع ۾) ھار ٿي ۽ ھن سعود جي ڏينهن ۾ ھندستان ۾ (1707ع) ۾ اورنگزيب وفات ڪئي ۽ ان کانپوءِ اڳتي ھلي بهادر شاهه کي مغل حڪومت جون واڳون مليون. سعود جي وفات کان تيرھن چوڏھن سال کن 1739ع ۾ نادر شاهه دھلي تي حملو ڪري ھندستان ۾ تباھي مچائي. انهن ڏينهن ۾ سعود جو پٽ جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو محمد رکيل ھو. عربستان جي ھنن وارياسن علائقن جو حاڪم ھو. ننڍي کنڊ يا دنيا جي ٻين ملڪن جي ته ھن کان به پراڻي تاريخ ملي ٿي پر عربستان جي رڪارڊ ۾ آيل تاريخ ھن حاڪم محمد ۽ سندس والد سعود جي ڏينهن کان ملي ٿي.
ھن سعود کي چار پٽ ھئا. ھڪ وڏو پٽ، جيڪو سعود جي مرڻ بعد پڳدار ٿيو، جنهنجو نالو محمد ھو ۽ ٻيا ھئا ثنييان، مشاري ۽ فرحان.
سعود خاندان جي سڀني شھزادن ۾ محمد ابن سعود وڌيڪ ناليرو ٿيو، جو ھن جي ئي دور ۾ ھڪ مذھبي رھنما شيخ محمد ابن الوھاب دنيا جي سامھون آيو. ابن عبدالوھاب ماڻھن کي سنئين واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڪئي ۽ شر ۽ بدعتن کان پاسو ڪرڻ لاءِ سختي سان سمجھايو. ھن جو ڳوٺ يوئينا ھو. جتان ھو لڏي گادي واري شھر ديريا ۾ اچي رھيو. ملڪ جي حاڪم (امير) محمد ابن سعود شيخ ابن عبدالوھاب سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. سڄي عرب دنيا ۽ اوسي پاسي جي ملڪن عراق، ايران وغيره ۾ اسلام ۾ Deviation اچي چڪي ھئي. ماڻھو ويا پئي شرڪن ۾ ڦاسندا. ڪيترا ماڻھو پنهنجي اپائڻھار سان گڏ قبرن، وڻن، جھنڊن، گنبذن کان پنهنجون گھرجون گھرڻ لڳا. بادشاهه محمد ابن سعود شرڪ ڪندڙن سان جنگ جوٽي رکي ۽ ھو مرڻ گھڙي تائين اھا جھاد جي پاليسي اختيار ڪندو آيو. پاڻ 1765ع ۾ وفات ڪيائين. ان بعد ھن جو وڏو پٽ شھزادو عبدالعزيز ابن محمد ملڪ جو حاڪم (امير) ٿيو ۽ 39 سال حڪومت ڪيائين. ھن جو اثر رسوخ عربستان کان به پري، شام، عراق، يمن ۽ عمان تائين ھو. ھن (عبدالعزيز ابن محمد) جي حڪومت واري دور  ۾ سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت ھئي. جنهن جي باني غلام شاهه ڪلھوڙي 1774ع ۾ وفات ڪئي ۽ 1778ع ۾ ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي سول جنگ شروع ٿي ۽ آخرڪار 1803ع ۾ ٽالپرن جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ ھوڏانهن ھندستان ۾ وارن ھئسٽنگس (1771ع ۾) بنگال جو گورنر ٿيو ۽ 1799ع ۾ ٽيپو سلطان مارجي ويو۽ يورپ ۾ فرانس انگلينڊ جي خلاف 1778ع  ۾ جنگ جو اعلان ڪيو.
وچ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي عربستان سان گڏ ھند، سنڌ يا ٻين ھنڌن جا تاريخي واقعا ان ڪري ڏيڻ بهتر سمجھان ٿو ته جيئن پڙھندڙن کي Idea ٿئي ته ڪھڙي عرب حاڪم جي ڳالهه ھلي رھي آھي. يعني سعود بادشاهه يا عبدالعزيز بادشاهه جي ته ھلي رھي آھي، پر ڪھڙي دور وارو سعود يا عبدالعزيز. ڇو جو اڄ ڏينهن تائين سعودي عرب جي بادشاھن جا ساڳيا نالا ھلندا اچن ۽ ھڪڙو سعود عبدالعزيز، فيصل يا عبدالله گذاري وڃي ته ان جو نالو يڪدم پٽ، ڀائيٽي يا پوٽي تي رکيو وڃي. انگلينڊ جي شھنشاھيت ۾ به ساڳين نالن جو ورجاءُ آھي، جيئن ته جارج، چارلس، ايلزبيٿ وغيره پر انهن سان گڏ نمبر به آھن، يعني جارج پنجون، جارج ڇھون، ايلزبيٿ پھرين، ايلزبيٿ ٻي وغيره وغيره، ان ڪري ايڏو مونجھارو نه ٿو ٿئي.
بهرحال ڪلھوڙن جي دور وارو ھي عربستان جو بادشاهه عبدالعزيز ابن محمد ھمٿ، عقل ۽ انصاف کان بيحد مشھور ھو، 1803ع ۾ ھو ديريا جي مسجد الطيرائف ۾ نماز پڙھي رھيو ھو ته ڪو ھن کي شھيد ڪري ويو.
عبدالعزيز ابن محمد کانپوءِ ھن جو پٽ (جنهن جو نالو سندس ڏاڏي تان سعود رکيو ويو) تخت تي ويٺو. سعود ابن عبدالعزيز کي پنهنجي پيءُ واريون سٺيون ڳالھيون ھيون ۽ ھن جي سڄي عربستان ۾ واکاڻ ۽ دٻدٻو ھو. مصر جو ھڪ جھونو تواريخ نويس الجبارتي 1805ع جي زماني جون جيڪي ڳالھيون رڪارڊ ڪيون آھن، انهن ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”مصر ۾ خبرون پھتيون آھن ته وھابي مڪي طائف ۽ حجاز جي ٻين شھرن ۾ گھڙي چڪا آھن. (جتي انهن ڏينهن ۾ ترڪن جو راڄ ھو). ھنن پنهنجو لشڪر ٺاھي جدي ۽ ينبو جھڙا بندرگاهه پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا آھن. ھنن جي حجاز ۾ ھاڪ ۽ ناموس آھي. ھنن لاءِ اھو ٻڌجي ٿو ته اھوڪجهه ڪن ٿا، جيڪي حلالي آھن. منع ڪيل ۽ غلط شين کان پاسو ڪن ٿا“.
مٿي وھابي لفظ عربستان جي حاڪم (امير) لاءِ استعمال ڪيو ويو آھي. جيڪو انهن ڏينهن ۾ (1805ع ۾) سعود ابن عبدالعزيز ھو. ڪيترن تاريخدانن (مسلمانن توڙي غير مسلمان) سعود خاندان جي حاڪمن کي “وھابي“ سڏيو آھي. اھو لفظ ڪو عام طرح استعمال ۾ نه ايندو ھو پر ڌاريان ايئن سمجھندا ھئا ته شيخ محمد ابن عبدالوھاب ڪو نئون مذھب يا فرقو ڪڍيو آھي، جنهن جا عرب حاڪم پوئلڳ آھن پر حقيقت ۾ شيخ محمد ابن عبدالوھاب ۽  سعود خاندان جا حاڪم گڏجي اسلام کي شرڪن ۽ بدعتن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا ھئا. ھنن نه ٿي چاھيو ته مسلمان شرڪ جھڙا ڪم ڪن ۽ ھو الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي ھن سان شامل شريڪ ڪن. ماڻھن ۾ سجاڳي اچڻ ڪري ھنن مقبرن مزارن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ انهن تي ويٺل مجاورن، ڪوڙن مولوين ۽ پيرن فقيرن جي اھميت گھٽ ٿيڻ لڳي، جن شيخ محمد ابن عبدالوھاب جي نصيحتن ۽ ليڪچرن جي اھميت گھٽائڻ لاءِ ابن عبدالوھاب خلاف پروپئگنڊا شروع ڪري ڏني آھي.
مون کي ياد آھي ته اسان جي ڳوٺ ۾ به اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏھن اسان ننڍا ھئاسين ته ڪنهن کي پيرن فقيرن جي قبرن يا امام حسين جي نالي ٿيل گھوڙي يا جھنڊي کان دعا نه گھرڻ تي وھابي سڏيو ويندو ھو. ھاڻ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مدرسا ٺھي ويا آھن ۽ ڪيترائي پڙھيل ڳڙھيل عالم مولوي ۽ مفتي ماڻھن کي گمراهه ٿيڻ کان بچائي رھيا آھن، جيئن ھو شرڪ کان پاسو ڪن ۽ ھر ڳالهه لاءِ پنهنجي پروردگار سان رجوع ٿين. جيئن شاهه لطيف به چيو آھي ته الله ئي حبيب آھي، ۽ شفا ڏيڻ وارو آھي. ڦڪيون به تڏھن اثر ڪن ٿيون، جڏھن ھنن کي رب پاڪ جو امر ٿئي ٿو.
ھڪ ٻي ڳالهه جيڪا پڙھندڙن لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندي ته شيخ محمد ابن عبدالوھاب وارن ڏينهن ۾ سنڌ وڏي اوج تي ھئي، جنهن جو ھڪ شھر ٺٽو دنيا جي مشھور شھرن مان ھو، جنهن جا عالم اديب، دنيا ۾ مڃيا ويا ٿي ۽ ھندستاني حڪمن جي راڄڌاڻين ۾ توڙي عربستان ۽ بلخ بخارا ۾ ھتي جا سنڌي عالم علم سيکارڻ ۽ مذھبي مسئلن تي معلومات ڏيڻ لاءِ سڏايا ويا ٿي ۽ پوءِ ڪيترا ته اتي ئي ٽڪي پيا ٿي.
اليگزينڊر ھئملٽن جھڙي انگريز (اسڪاٽلئنڊ جي رھاڪو) سياح پنهنجي ڪتاب "New Account of East Indies" ۾ سترھين صدي جي آخر وارن سالن جو احوال لکيو آھي ته:
"Thatta city (of Sindh) has four hundred colleges and schools, The city of famous for learning in theology, philology and politics"
ٺٽي ۽ سنڌ جو ھي احوال مون ان ڪري لکيو آھي ته جيئن پڙھندڙن کي اڃا ڄاڻ ھجي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ نه فقط واپار وڙي، جھاز راني ۽ ٻين ڪمن ۾ اڳيان ھئي پر علم ۽ ڄاڻ ۾ پڻ سنڌي عالم دنيا ۾ مشھور ھئا. ويندي شيخ محمد ابن عبدالوھاب جي چئن استادن مان ٻه سنڌي ھئا. مون کي ان بابت ھن سال حج دوران خبر پيئي. مديني ۾ ھڪ عرب دوست ابن عبدالوھاب تي ھڪ 250 کن صفحن جو ڪتاب پڙھڻ لاءِ ڏنو. جيڪو سعود اسلامڪ يونيورسٽي جي پروفيسر سليمان عبدالرحمان جو لکيل آھي، جنهن ۾ ھن انهن سنڌي عالمن جو احوال لکيو آھي، جيڪي مديني ۾ رھيا ٿي ۽ جن وٽ ابن عبدالوھاب علم حاصل ڪيو. انهن مان ھڪ محمد ابن حيات السنڌي جي نالي سان مشھور آھي، جيڪو پڻ سنڌ کان لڏي مديني ۾ اچي رھيو ھو. شيخ السنڌي بابت ھن ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر سليمان ابن عبدالرحمان لکيو آھي ته شيخ السنڌي پڻ شرڪ ۽ اسلام ۾ بدعتن جي سخت خلاف ھو. ھڪ دفعي ابن عبدالوھاب ڏٺو ته ڪجهه ماڻھو قبرن ۾ دفن ٿيلن کان پنهنجي ضرورتن لاءِ گُھر ڪري رھيا ھئا، جنهن لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ سختي سان منع ڪئي آھي. ايتري ۾ شيخ السنڌي اچي اتان لنگھيو. ابن عبدالوھاب شيخ السنڌي کان پڇيو.
”ھنن ماڻھن بابت توھان جو ڇا خيال آھي؟“
شيخ السنڌي جواب ۾ قرآن شريف جي ستين سورة جي 139 نمبر آيت پڙھي.
ترجمو: ”ھي ماڻھو جنهن طريقي جي پيروي (بت پرستي) ڪري رھيا آھن، اھو ته برباد ٿيڻ وارو آھي ۽ جيڪو عمل ھو ڪري رھيا آھن، اھو نسورو ئي باطل آھي“.
بهرحال سعود ابن عبدالعزيز جي سلطنت شام ۽ يمن تائين پھتي ٿي، جي مڪي ۽ مديني جي ماڻھن جي حالت سڌارڻ لاءِ ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيا (Ottomon Empire) جي سلطان سليم کي ھروقت لکندو رھيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ مڪو ۽ مدينو ترڪن حوالي ھو.
سال 1811ع ۾مصرف جي بادشاهه محمد علي پنهنجي پٽ توسون کي سعودي ابن عبدالعزيز تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو، خوب گولاباري ھلي. سعودين گھڻو ئي مقابلو ڪيو پر مصر جي محمد علي جو مڪي، مديني ظائف ۽ جدي تي قبضو ٿي ويو. ان ويڙهه ۾ سعود ابن عبدالعزيز 1813ع ۾ ديريا ۾ مارجي ويو.
ان بعد سندس پٽ عبدالله ابن سعود تخت تي ويٺو ۽ چار سال حڪومت ڪيائين. مصري حاڪم محمد علي فوج ديريا (گادي واري شھر) تائين پھچي وئي ۽ 1817ع ۾ سڄي شھر تي قبضو ڪري ورتائون. عبدالله ابن سعود ۽ شيخ محمد ابن عبدالوھاب ۽ انهن جي گھر جي ڀاتين کي مصر موڪليو ويو. جتان پوءِ کين سلطنت عثمانيا جي گادي واري شھر استنبول ۾ موڪليو يو، جتي شھزادي عبدالله ابن سعود کي 1818ع ۾ قتل ڪيو ويو.
ان بعد وڏي سعودي جي ٻيو نمبر پٽ مشاري ابن سعود عرب حڪومت جون واڳون سنڀاليون پر اھو انهي سال لڙائي ۾ مارجي ويو. ان بعد عبدالله ابن سعود جو پٽ ترڪي ابن عبدالله 1820ع ۾ تخت تي ويٺو پر ھن کي الرياض شھر جي مسجد ۾ نماز پڙھندي قتل ڪيو ويو. ان بعد شھزادو فيصل ابن ترڪي ابن عبدالله 1830ع ۾ حڪومت سنڀالي ۽ 1865ع تائين حڪومت ڪئي. ھن سلطنت عثمانيا جي فوجين سان ڪيتريون ئي جنگيون وڙھيون. ھن جي ڏينهن ۾ سڄو عربستان ننڍن ننڍن قبيلن  ۾ ورھايل ھو. جن کي ٻاھرين طاقتون ڀڙڪائينديون رھيون ٿي. ھي جلدي انهن ۾ ھڪ طاقتور حاڪم ٿي ويو. 1865ع ۾ سندس وفات بعد شھزادو عبدالله ابن ثنييان تخت تي ويٺو (ثنييان وڏي سعود جو پٽ ھو ۽ محمد مشاري ۽ فرحان جو ڀاءُ) شھزادي عبدالله ابن ثنييان 1871ع کان وٺي 1895ع تائين حڪومت ڪئي ۽ مصر ۽ ترڪي وارن سان جنگيون جوٽي رکيون.
شھزادي عبدالله بعد ٽي سعود شھزادا تخت تي ويٺا.
·                    عبدالله ابن فيصل (جنهن 1888ع ۾ وفات ڪئي.
·                    سعود ابن فيصل ۽
·                    محمد ابن سعود ابن فيصل
ان بعد شھزادي عبدالرحمان ابن فيصل حڪومت سنڀالي. عربن نه ٿي چاھيو ته ترڪي جي سلطنت عثمانيا جي عربستان تي حڪومت ھجي پر مقابلو ڪري نه سگھيا ۽ آخر ۾ ڪمزور ٿيڻ ڪري سعود خاندان جا حاڪم ملڪ بدر ٿي بحرين ۽ ڪويت ھليا ويا.
ڪويت ۾ رھي عبدالرحمان ابن فيصل جو ھڪ نوجوان پٽ شھزادو عبدالعزيز ابن عبدالرحمان واپس حڪومت حاصل ڪرڻ جو سوچڻ لڳو ۽ آخرڪار ھو ان ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ تاريخ ۾ بادشاهه (ملڪ) عبدالعزيز ابن عبدالرحمان جو وڏو نالو ٿيو. بيت الحرم جو اجياد اسپتال پاسي وارو دروازو باب ملڪ عبدالعزيز به ھن بادشاهه جي نالي تي آھي.
سعودي عرب جي شھرن جا ڪيترائي اھم رستا، پليون، اسڪول، اسپتالون ھن بادشاهه عبدالعزيز نالي آھن. ھن بادشاهه تي دنيا جي ڪيترن ئي تاريخدانن، ڪيترن ئي زبانن ۾ ڪتاب لکيا آھن. ھن شخص عربستان کي سلطنت عثمانيا کان آزاد ڪرايو ۽ حجاز ۽ نجد کي ملائي سڄي ملڪ جو نالو پنهنجي ”سعود“ خاندان پٺيان ”سعودي عرب“ رکيو. پاڻ 1958ع ۾ گذاري ويو.
عبدالعزيز ابن عبدالرحمان جي وفات بعد سندس پٽ شھزادو سعود ابن عبدالعزيز تخت تي ويٺو. ھن بادشاهه سعودي عرب ۾ تعليم ۾ واڌارو آندو. سعودي عرب جي پھرين يونيورسٽي جيڪا سندس نالي تي رياض شھر  ۾ آھي. ھن بادشاهه سعود عبدالعزيز کولي، ھن ٻيا به ڪيترا ئي اسڪول ۽ ڪاليج کولرايا، مڪي جي ”مسلم ورلڊ ليگ“ جو باني پڻ سعودي ابن عبدالعزيز آھي.
سعود ابن عبدالعزيز کانپوءِ سندس ڀاءُ شھزاد فيصل ابن عبدالعزيز 1964ع ۾ سعودي عرب جو بادشاهه ٿيو .ان بعد ٽيون ڀاءُ خالد ابن عبدالعزيز 1975ع ۾ بادشاهه ٿيو. ٻنهي ڀائرن جي ڏينهن ۾ سعودي عرب وڏي ترقي ڪئي، اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، آفيسون، رستا، پليون، ھرھڪ شيءِ ۾ تبديلي اچي وئي. اڄ جو سعودي عرب دنيا جي ماڊرن ملڪن مان ھڪ ٿي پيو آھي. اڄڪلهه سعودي جو بادشاهه سعود، فيصل ۽ خالد جو ڀاءُ فھد ابن عبدالعزيز آھي. فھد 1924ع ۾ ڄائو ۽ 1982ع کان حڪومت جون واڳون ھن جي حوالي آھن.
ملڪ جو نائب پريميئر ۽ پڳدار شھزادو سندن ھڪ ٻيو ڀاءُ عبدالله ابن عبدالعزيز آھي، جنهن جو سن ولادت پڻ 1924ع آھي، جنهن مان لڳي ٿو ته ھو ٻي ماءُ مان آھي.
ان بعد شھزادو سلطان ابن عبدالعزيز آھي. پاڻ 1928ع ۾ ڄائو، سندس والد کيس ويهه ورھين جي ڄمار ۾ (1947ع ۾) رياض جو گورنر مقرر ڪيو. 1953ع ۾ ايگريڪلچر جو وزير ٿيو ۽ 1955ع ۾ ڪميونيڪيشن جو وزير ٿيو. بهرحال اڄڪلهه ھو سيڪنڊ نائب پريميئر آھي.

No comments:

Post a Comment