Saturday, February 04, 2012

زم زم جو پاڻي - الطاف شيخ


زم زم جو پاڻي
الطاف شيخ 
حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنه کان روايت آھي ته نبي اڪرم ﷺ جن فرمايو ته: ”ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان بهتر پاڻي زم زم آھي. (خير ماءُ علي وجہ الارض ماءَ زم زم) جيڪو بکايل لاءِ کاڌو ۽ بيمار لاءِ شفا آھي.
حضرت جابر بن عبدالله رضه چوي ٿو ته، مون رسول الله ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو آھي ته زم زم جو پاڻي جنهن ارادي سان پيتو وڃي اھو پورو ٿئي ٿو.
حضرت جابر بن عبدالله رضه کان روايت آھي ته، رسول الله فرمايو: ”زمزم جنهن نيت سان پيئجي ٿو، اھا ئي مراد پوري ٿئي ٿي. بهرحال آئون ان نيت سان پيئان ٿو ته قيامت جي ڏينهن (ميدان حشر ۾) اڃ کان محفوظ رھان“ ۽ پوءِ زمزم پيتائون.


ـــــــــــــــ
زمزم جي پاڻي نڪرڻ واري ڪرشمي کان اسين سڀ مسلمان واقف آھيون ته ڪيئن ھڪ رڻ پٽ، بيابان ۽ جابلو علائقي ۾ جنهن وقت بي بي ھاجران پاڻي جي ڳولا ۾ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙي رھي ھئي ۽ سندس معصوم ٻار اڃ کان روئي رھيو ھو ته سندس کڙين ھڻڻ واري جاءِ تان پاڻي جو چشمو ڦٽي آيو.
اھو ھنڌ جتي پاڻي جو نالو نشان نه ھجي، جتي سخت گرمي ڪري سڀ کان قيمتي شيءِ پاڻي ھجي، اتي ائين اڻ کٽندڙ مقدار ۾ پاڻي جو نڪرڻ وڏو ڪرشمو، ڪرامت ۽ نعمت ئي سمجھڻ کپي ۽ پوءِ جرھوم قبيلي جي ماڻھن اتي رھڻ لاءِ بي بي ھاجران کان اجازت ورتي ۽ ڪعبي جي تعمير بعد ھو ان جي سار سنڀال لھڻ لڳا. پر پوءِ اڳتي ھلي ھنن الله جي گھر جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏني. نتيجي ۾ آھستي آھستي ٿي زم زم جو پاڻي سڪندو ويو ۽ پوءِ اڳتي ھلي ان ھنڌ جا نشان به ڊھي ويا، جتان پاڻي آيو ٿي.
۽ پوءِ اڳتي ھلي رب پاڪ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏاڏي عبدالمطلب کي اھا قوت عطا فرمائي، جنهن ذريعي ھن کي ان ھنڌ جي ڄاڻ ٿي وئي. جتان زم زم جو پاڻي نڪتو ٿي. ان ڏينهن ۾ ڪعبي جي نگھباني عبدالمطلب جي ھٿ ۾ ھئي.
زمزم جي کوهه جي ڳولا ۽ کوٽائي کان پنجاهه سٺ سال اڳ جي ڳالهه آھي. جڏھن عبدالمطلب کي فقط ھڪ پٽ حارث ھو.
ان بعد مختلف دورن ۾ زم زم جي کوهه ۾ تبديليون ۽ سھولتون آنديون ويون آھن، جيئن ته ان کوهه کي وڌيڪ اونهو ڪيو ويو ھو. اھو ڪم المھدي خليفي جي ڏينهن ۾ به ٿيو ھو. الامين جي دور حڪومت ۾ پاڻي ۾ گھٽتائي ٿي وئي ۽ ھڪ دفعو وري کوهه کي اونهو ڪيوويو ۽ ان بعد ته نوي فوٽن تائين به کوٽائي ڪئي وئي، خليفي متصعم جي حڪومت تائين زم زم جو کوهه عوام لاءِ کليل رھيو. ان بعد ان کوهه ۾ ڪيتريون ئي سٺائيون آنديون پئي ويون.
سال1951ع ڌاري، سعودي حڪومت طواف واري جاءِ (مطاف) وڌائڻ چاھي ٿي ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو ته زمزم جي کوهه کي طواف ڪندڙ حاجين کان ٿورو پاسيرو رکيو وڃي، جيئن ھو سولائي سان طواف ڪندا رھن. ان ڪري ان کي ھيٺ انڊر گرائونڊ رکيو ويو، جيئن اڄڪلهه نظر اچي ٿو. شاهه فھد حاجين جي سُک لاءِ جتي ٻيا ڪم ڪيا آھن، اتي زم زم جو پاڻي پڻ انهن لاءِ عام جام ڪيو آھي. حرم پاڪ جي ھر حصي ۾ زم زم جي ٿڌي پاڻي جا وڏا ڪولر نظر اچن ٿا. ڪولرن ۾ پاڻي ڀريندڙ ھڪ پاڪستاني ٻڌايو ته سڄي حرم پاڪ ۾ (ھيٺ مٿي، اندر ٻاھر، دروازن وٽ) اٽڪل اٺ ھزار ڪولر آھن ۽ انهن ڪولرن کي ڀرڻ ۽ حرم پاڪ جي صفائي لاءِ اٽڪل چار پنج ھزار ڪم وارا آھن، جيڪي ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪن ٿا. انهن ڪولرن کان علاوه 750 نلڪا لڳل آھن، جن مان سنئون سڌو کوهه جو پاڻي (زمزم) اچي ٿو. حج دوران حاجين کي روزانو سندن رھائشگاهه تي في حاجي في لٽر زمزم پھچايو وڃي ٿو .ان لاءِ شام ڌاري اسان جي بلڊنگ ٻاھران پڻ پاڻي جي لاري ايندي ھئي ۽ اسان جي گروپ جا ٻه چار ڄڻا پنجويهه لٽر جا ٻه پلاسٽڪ ڪنٽينر ڀرائي ايندا ھئا.
کوهه مان زم زم جو پاڻي ڪڍڻ جا به ڪيترائي طريقا بدلبا رھيا. عباسي گھراڻي جي ڏينهن ۾ ڏول ذريعي کوهه مان پاڻي ڪڍي پوءِ ھڪ وڏي نادي (ٽب) ۾ وڌو ويندو ھو. جتان ضرورتمند کڻندا رھيا ٿي. ان بعد وڏيون ٽئنڪون(Strorage tanks)  ٺاھيون ويون، جن ۾ نلڪا به لڳايا ويا، جنهن مان ماڻھن پاڻي ڀريو ٿي. ان کان علاوه پخالي جيڪي زمازيما سڏبا ھئا، اھي پخالن ۾ پاڻي کڻي گھمندا ھئا ۽ وٽي يا گلاس ۾ پاڻي ڀري پياريندا ھئا.
سال 1383ع هجري ۾ (اٽڪل پنجٽيهه سال کن اڳ) کوهه مٿان پمپ لڳايو ويو ۽ پائيپن ذريعي حرم پاڪ جي مختلف ھنڌن تائين پاڻي پھچايو ويو ٿي.
ايڇ اين ايHNA  نيوز ايجنسي طرفان ان ڳالهه جو اعتراف سعودي عرب جي ھڪ انگريزي اخبار ۾ آيو ھو ته زم زم جي پاڻي جي سٿرائي (Purity) جي ساک صدين کان قائم آھي ۽ مڪي شھر جا رھاڪو، حاجي ۽ ٻيا گھمڻ وارا ھي پاڻي پيئندا رھن ٿا. تڏھن به نه ٿو کٽي. زمزم ۾ ڪيترين بيمارين جي شفا پڻ آھي ۽ ان جو مدار پيئڻ واري جي نيت تي آھي ته ھو اھو پاڻي ڪھڙي غرض سان پيئي ٿو، جيئن حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو آھي.
ـــــــــــــــ
زم زم جي پاڻي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندڙن لاءِ مسٽر معين الدين احمد جو انگريزي ۾ لکيل مضمون دلچسپ ثابت ٿيندو. مسٽر معين جدي جي  Desalting Plant(سمنڊ جي کاري پاڻي مان مٺو ٺاھڻ جي پلانٽ) ۾ بطور ڪيميڪل انجنيئر ڪم ڪيو ٿي. سندس مضمون ھن ريت آھي:
سال 1971ع ۾ ھڪ مصري ڊاڪٽر ”يورپين پريس“ ۾ ھڪ خط لکيو ته آب زمزم پيئڻ جي قابل نه آھي. منهنجي ذھن ۾ يڪدم اھو خيال آيو ته ھي ڳالهه تعصب جي بنياد تي آھي ۽ ان جي سوچ تي مبني آھي ته جيئن ته خانه ڪعبه ھيٺاھين تي (سطح سمنڊ کان ھيٺ) ۽ مڪي شھر جي وچ ۾ موجود آھي. ان ڪري شھر جو سمورو گندو پاڻي گٽرن ذريعي ھن کوهه ۾ اچيو سمي، جنهن ۾ زمزم آھي.
خوش قسمتي سان ھيءَ ڳالهه انهن ڏينهن جي سعودي بادشاهه شاهه فيصل (مرحوم) جي ڪنن تائين به پھچي وئي، جيڪو ان تي ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ ھن مصري ڊاڪٽر جي ان اشتعال انگيز بيان کي غلط ثابت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ھن ھڪدم منسٽري آف ايگريڪلچر کي حڪم ڏنو ته ان ڳالهه جي تحقيق ڪئي وڃي ۽ آب زمزم جا نمونا(Samples)  حاصل ڪري، انهن کي يورپ جي مختلف لئبارٽرين کي ٽيسٽنگ لاءِ موڪليا وڃن ته آيا ھي پاڻي پيئڻ جي لائق آھي يا نه. ايگريڪلچر منسٽريءَ ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ جده پاور ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽس وارن کي ھدايت جاري ڪئي. آئون انهن ڏينهن ۾ ان پلانٽ تي سمنڊ جي پاڻي کي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ ڪيميڪل انجنيئر ھوس. ان منصوبي  تي ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو ويو. مون کي ياد آھي ته ان وقت مون کي ان ڳالهه جو ڪو علم نه ھو ته اھو (زمزم جو کوهه) ڪھڙي قسم جو آھي. آئون مڪي شريف پھتس ۽ خانه ڪعبه جي منتظمين کي پنهنجي آمد ۽ مقصد کان ڄاڻايو. ھنن مون کي ھڪ معاون ڏنو، جيئن ھو ھر قسم جي امداد جنهن جي مون کي ضرورت ھجي .صحيح طرح پھچائي. جڏھن اسين زمزم جي کوهه وٽ پھتاسين ته مون لاءِ اھو يقين ڪرڻ مشڪل ھو ته ھيڏي اٿاهه پاڻي جو سرچشمو وڌ ۾ وڌ ھڪ ننڍڙو تالاب ھو. جنهن جي سائيز ڪا ارڙھن باءِ 41 فوٽ مس ھئي .اھو کوهه ھزارن سالن کان، حضرت ابراھيم علي. السلام جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين حاجين لاءِ ھر سال لکين گئلين پاڻي مھيا ڪري ٿو.
مون پنهنجي ڪم جي شروعات کوهه جي ماپ سان ڪئي ۽ پنهنجي معاون کي چيم ته ھو مون کي کوهه جي اونهائي ٻڌائي. ھن پھرين غسل ڪيو ۽ پوءِ کوهه ۾ ھيٺ لٿو ۽ کوهه ۾ بلڪل سڌو ٿي بيٺو. مون ڏٺو ته پاڻي جو سطح ھن جي ڪلھن کان ٿورو مٿي ھو. ھن ماڻھو جي قد پنج فوٽ اٺ انچ ھو. پوءِ ھو کوهه جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ويو ۽ انهي دوران ھن جو سر پاڻي کان ٻاھر ئي رھيو. ھن کي چيو ويو ته ھو کوهه اندر پاسن کان يا تري ۾ پاڻي جي اچڻ جي ڪا جاءِ يا پائيپ لائين ڳولھي، جتان پاڻي اچي رھيو ھجي. بهرحال ھن ڪافي جدوجھد ڪرڻ بعد ٻڌايو ته ھن کي ڪا به پاڻي جي آمد جي جاءِ يا پائيپ لائين نه ٿي ملي.
منهنجي ذھن ۾ ھاڻ ھڪ ٻي آئيڊيا آئي. زمزم جي کوهه مٿان جيڪو ٽرانسفر پمپ آب زمزم کي ڇڪي مختلف اسٽوريج ٽئنڪن ڏي ٿو موڪلي، ان ذريعي کوهه جو پاڻي تکو تکو ٻاھر ڪڍيو وڃي. اھڙي طرح پاڻي جي ليول ھيٺ ٿي ويندي ۽ کوهه ۾ پاڻي جي آمد جي جاءِ معلوم ٿي ويندي پر اھا نهايت حيراني جي ڳالهه آھي ته کوهه جو پاڻي خارج ڪرڻ سان ڪا به ڳالهه معلوم نه ٿي سگھي. مون ڄاتو ٿي ته فقط اھو ئي ھڪ طريقو آھي، جنهن ذريعي کوهه ۾ پاڻي جي آمد جي جاءِ معلوم ٿي سگھي ٿي.ان ڪري مون پاڻي ڪڍڻ واري تجربي کي وري ڪرڻ چاھيو. ھن ڀيري مون ان ماڻھو (معاون) کي ھدايت ڏني ته ھو کوهه اندر ھڪ ھنڌ تي ٿي بيھي ۽ ان دوران کوهه اندر ڪا اھڙي ڳالهه محسوس ڪري ته يڪدم ٻڌائي ٿوري دير کانپوءِ ھن ھٿ مٿي کڻي رڙ ڪئي: ”الحمد لله مون کي پاڻي جي اچڻ جي جاءِ جي خبر پئجي وئي. منهنجي پيرن جي ھيٺان ريتي چرپر ڪري رھي آھي ۽ صاف لڳي رھيو آھي ته پاڻي کوهه جي تري مان نڪري رھيو آھي“. ان کانپوءِ ھن ھمراهه کوهه اندر چئني پاسي گھمي ڏٺو ۽ جتي ڪٿي ھن اھا ئي ڳالهه نوٽ ڪئي. دراصل کوهه جي تري ھيٺان ھرھنڌ، ھڪ جيتري مقدار ۾ پاڻي اچي رھيو ھو. ان ڪري پاڻي جو سطح چوڌاري ھڪ جيترو رھيو ٿي.
پنهنجي تحقيقاتي ڪم ختم ڪرڻ بعد مون يورپين لئبارٽرين ڏي موڪلڻ لاءِ زمزم جا نمونا (Samples) حاصل ڪيا. مڪي شريف مان موٽڻ وقت خانه ڪعبه جي منتظمين کان مڪي جي پسگردائيءَ وارن کوھن جو معلوم ڪيو. ھنن ٻڌايو ته انهن کوھن مان گھڻا سڪي چڪا آھن. مون جدي پھچي پنهنجي باس کي سڄي رپورٽ پيش ڪئي. ھن وڏي دلچسپي سان ھي سڀ ڪجهه ٻڌو پر ان تي نهايت احمقاڻو تبصرو ڪيو ته زمزم جي کوهه زمين جي ھيٺاهين ۾ بحر احمر (Red Sea) سان ڳنڍيل آھي. جتان پاڻي سميو ٿي. مون چيومانس ته ڀلا اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو جو مڪو شريف سمنڊ کان 75 ڪلوميٽر پري آھي ۽ جڏھن ته مڪي جي آسپاس ٻيا ڪيترا ئي کوهه سڪا ٺوٺ ٿيا پيا آھن.
يورپين لئبارٽرين ۾ زم زم جو پاڻي ٽيسٽ ٿي اچڻ بعد اتي جون رپورٽون ۽ اسان جي لئبارٽرين ۾ ڪيل چڪاس جو نتيجو ھڪجھڙو ئي رھيو. آب زمزم ۽ شھر جي ٻين ھنڌن جي پاڻي ۾ فرق فقط ڪئلشيم ۽ مئگنيشيم سالٽ جي مقدار جو ھو. انهن جو مقدار آب زمزم ۾ ٿورو گھڻو ئي آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو آب زم زم جو استعمال ٿڪل حاجين کي تازو توانو ڪريو ڇڏي پر ان کان وڌيڪ اھميت واري اھا ڳالهه آھي ته آب زمزم ۾ فلورائيڊ موجود آھي، جيڪا ھڪ طاقتور جراثيم ڪش شيءِ آھي، ان کان علاوه يورپين لئبارٽرين جي رمارڪن ۾ اھو به ھو ته آب زمزم پيئڻ لائق آھي. سو اھڙي طرح مصري ڊاڪٽر جو بيان ڪوڙ ثابت ٿيو. جڏھن ان جو اطلاع فيصل مرحوم کي ڏنو ويو ته ھو بيحد خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنو ته ان جي (مصري ڊاڪٽر جي بيان جي) ترديد يورپين پريس ذريعي ڪئي وڃي.
ھي الله تعاليٰ جووڏو ڪرم آھي ته ھن تحقيق سان آب زمزم جي (Chemical Composition) واضح ٿي وئي. حقيقت اھا آھي ته آب زم زم جي توھان جيتري کوجنا ڪندائو. اوترائي حيرت انگيز عجائبات ظاھر ٿيندا ۽ آب زم زم جي جادوئي اثر ھجڻ جي خاصيتن تي توھان جو يقين ٿيندو ويندو. آب زم زم رب پاڪ جي طرفان انهن ايمان وارن لاءِ تحفو آھي، جيڪي ڏورانهن ھنڌن تان ھن ريگستاني زمين تي حج لاءِ اچن ٿا. آب زم زم جون ڪجهه سٺايون مختصر طور ھن ريت آھن:
الف:  آب زمزم جو کوهه حضور ﷺ جن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪڏھن به خشڪ نه ٿيو آھي. ھر حاجي ۽ ھر شھري جي ھي کوهه ضرورت پوري ڪندو رھيو آھي.
ب: ھن جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ھن پاڻي جو سواد ساڳيو رھيو آھي ۽ ھن جي سالٽ ڪمپوزيشن جي مقدار ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آھي. دنيا جي ھر حصي کان حجاج حج ۽ عمري لاءِ ھر سال خانه ڪعبه اچي ٿو، انهن مان ڪنهن به اڄ تائين آب زم زم جي باري ۾ ڪا شڪايت نه ڪئي آھي. بلڪه آب زمزم استعمال ڪري ھو خوش ٿين ٿا ۽ پاڻ کي صحتمند ۽ نوبنو محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ مختلف علائقي جي پاڻي جو ذائقو مختلف ٿئي ٿو. پر آب زمزم جي چاھت ۽ طلب ھميشھ وانگر عالمگير رھي آھي ۽ ان کي عالمي سطح تي پيئڻ لائق سمجھيو ويو آھي.
ج: آب زم زم ۾ ڪڏھن به ڪو ڪيميڪل نه وڌو ويو ۽ نه ئي ڪڏھن ڪلورين ان ۾ وڌي وئي. جيئن شھرن ۾ ٻين پاڻي ۾ وڌو ويندو آھي (جيڪي پمپ ذريعي سپلاءِ ڪيا ويندا آھن.
د: اڪثر کوھن ۾ بايولاجيڪل گروٿ ۽ گاهه ۽ سينيور وغيره پيدا ٿي ويندو آھي، جيڪا پاڻي کي بي مزو ڪري ڇڏي ۽ پاڻي ۾ ڌپ به ٿيو پوي پر زمزم جي کوهه ۾ اڄ تائينBiological Growth  نه ٿيو آھي.

No comments:

Post a Comment