Friday, February 17, 2012

ملاڪا سلطنت ۽ پورچوگالين جي آمد - الطاف شيخ


ملاڪا سلطنت ۽ پورچوگالين جي آمد
الطاف شيخ
ملايا يعني اڄ وارو مغربي ملائيشيا جيڪو سڄو گهاٽو جهنگل هو. سامونڊي ڪنارن يا ندين جي ڇوڙ وٽ ڪٿي ڪٿي ڪي مهاڻا ماڇي رهيا ٿي. هي جيڪي اڄ جا سلطان بادشاهه ڏسو ٿا انهن جو وڏو پرميشور جاوا ۽ سماترا پاسي کان 1402 ۾ هتي آيو ۽ اچي ملاڪا سلطنت جو پايو وڌو. جيئن انڊونيشيا جي بالي ٻيٽ جا رهاڪو ملئي اڄ به هندو آهن تيئن ان جي اوس پاس جي ٻين ٻيٽن جاوا، سماترا وغيره تي به هندو ڌرم هو. سماترا ٻيٽ جي اتراهين ڪنڊ تي پاسائي نالي واري علائقي ۾ مسلمانن جي سلطنت هئي، جيڪا تيرهين صدي کان پنڌرهين صديءَ تائين قائم رهي. پاسائي (Pasai) کي سموندرا يا سموندرا پاسائي به سڏيو ويو ٿي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سمنڊ آهي. جيئن برونائي سلطنت دارالسلام سڏيو ويو ٿي. چون ٿا ته هن سلطنت جو هندو راجا ميراح سيلو 1267 ۾ مسلمان ٿيو ۽ پاڻ کي مالڪ الصالح سڏرايو.


بهرحال هن ملاڪا ۾ آيل ملئي هندو راجا پرميشور پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ اتر کان سيامي راجائن جي کونئس کان بچڻ لاءِ چين جي مِنگ حاڪم کي پنهنجو ابو امان بنايو ۽ ٻئي طرف پورن ستن سالن بعد 1409 ۾ پاسائي حاڪمن جي ڌيءَ سان شادي ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو جو انهن ڏينهن ۾ پرشن (ايراني) حاڪمن کان هر هڪ Impress هو، جن پاڻ کي فارسي جي لفظ ’شاهه‘ سان سڏرايو ٿي. هن جي مسلمان ٿيڻ تي سندس رعيت جا ماڻهو به مسلمان ٿيڻ لڳا، جيڪي شروع ۾ سڀئي هندو ڌرم جا هئا.
ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جا ماڻهو هاڻ ته تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليم يافته ٿي ويا آهن. ويندي راندين، راڳ روپ ۽ سائنسي ترقي ۾ دنيا جو مقابلو ٿا ڪن پر ماضيءَ ۾ ائين هئا جيئن اسان وٽ ڪچي جا ماڻهو. مون کي اڄ به اهو ڪراڙو ملئي ماڻهو ياد اچي ٿو جنهن 1968ع ۾ مون کي پنهنجو پاڻ لاءِ چيو هو ته: ”ملئي ماڻهو ڇا آهن؟ جهنگل جا ماڻهو يا مهاڻا يا مزور. نه آهي منجهن تعليم نه ڄاڻ.“ بهرحال هاڻ اهي ماضيءَ جون ڳالهيون آهن ۽ اها واقعي حقيقت آهي ته هنن پٽن جو پراڻو ادب ۽ شعر و شاعري ته نه آهي پر ڪا مستند تواريخ به نه آهي. بس هر ڳالهه روايتن ۽ حڪايتن تي آهي. هڪ اهڙين ڳالهين جو ڪتاب ”سيجاره ملايو“ (ملايا جي تاريخ) آهي، جنهن بابت هن ملئي هندو راجا پرميشور کي هڪ رات خواب ۾ حضور صلعم جن نظر آيا، جن کين اسلام جو ٻڌايو. ان بعد پرميشور وري خواب ڏٺو ته مڪي جي هڪ عالم سيد ابوالحسن کيس اسلام تي اچي ليڪچر ڏنو. ان بعد اهو ساڳيو بزرگ ملاڪا ۾ آيو ۽ اچي عصر نماز پڙهيائين. ياد رهي ته راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ ڪري ڪيترائي عرب دنيا ۽ ننڍي کنڊ جا جهازي ۽ واپاري ملاڪا اچڻ لڳا هئا، جن جي خبرن چارن هتي جي ماڻهن کي اسلام جي آگاهي ڏني. چون ٿا ته انهن خوابن کانپوءِ پرميشور يڪدم پنهنجو نالو بدلايو ۽ مسلمان ٿيو. سندس مسلمان ٿيڻ بعد هن تَر ۾ اسلام بيحد تيزيءَ سان پکڙيو.
هڪ ڳالهه مڃڻ ضروري آهي ته پرميشور پڙهيل ڳڙهيل يا تجربيڪار ماڻهو کڻي نه هو پر وڏو ذهين لڳي ٿو. هو پنهنجي رعيت جي چند ماڻهن سان هڪ ڌارئين ڏيهه ۾ اچي رهيو. سنگاپور کان باءِ روڊ ايندي وقت آئر حطام ۽ موئر (Muar) جهڙا شهر اچن ٿا ۽ پوءِ ملاڪا اچي ٿو. هو به پهرين موئر ۾ ترسيو پر پوءِ هن ڏٺو ته هيءَ جاءِ بهتر نه ٿيندي. اڃان ڪا اڳتي ڏسجي. پوءِ ملاڪا آيو جيڪو هن کي سمنڊ جي ڪناري تي بهترين ۽ طوفانن کان محفوظ بندرگاهه لڳو. انهن ڏينهن ۾- بلڪ گذريل صديءَ جي اڌ تائين سکيا ۽ طاقتور اهي ماڻهو ۽ قومون هيون جن جو سمنڊ تي ڪنٽرول هو ۽ سمنڊ تي ڪنٽرول انهن جو هو جن جو جهازن ۽ بندرگاهن تي ڪنٽرول هوندو هو. سو راجا پرميشور به اونهي سوچ ۽ Vision جو ماڻهو لڳي ٿو، جو هن ملاڪا جهڙي بندرگاهه تي پنهنجي تخت جي گادي ٺاهي ۽ ٻيو ڪم اهو ڪيائين جيڪو انگريزن ممبئي جهڙو ويران ۽ بيڪار بندرگاهه هٿ ڪري ڪيو. هن به پنهنجي علائقي ۾ امن مان قائم ڪيو، ڌارين ملڪن کان ايندڙ وڻجارن (ناکئن، واپارين ۽ مسافرن) جي لاءِ سهولتون مهيا ڪيون جو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ طرف چين، سماترا، فلپين کان ته ٻئي طرف عرب ملڪن، گجرات، سنڌ ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن کان جهاز ۽ واپار اچڻ لڳا ۽ سندس ئي حياتيءَ ۾ ملاڪا هن پوري ريجن جو مشغول ۽ رونق وارو بندرگاهه ٿي ويو. پاڻ پنهنجي حڪومت مضبوط ڪرڻ لاءِ مڪاني جنگل جي رهاڪن (اورانگ اصلي) ۽ مهاڻن ماڇين (اورانگ لائوت) کي ملائي سڀني جي خوشحالي ۽ ترقي جو سوچڻ لڳو. ملئي زبان ۾ اورانگ معنيٰ ماڻهو ۽ Asli معنيٰ اصل جو رهاڪو. اڄ به ملائيشيا جي ڪيترن جهنگلن (Rain forests) ۾ هي ماڻهو رهن ٿا جن جي حالت پراڻي دور واري آهي. اهڙي طرح اورانگ لائوت معنيٰ سمنڊ جو ماڻهو يعني مهاڻا ماڇي جن جو ڪم سمنڊ تي رهي مڇي مارڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪناري تي اچڻ آهي.
هن راجا پرميشور جي ائڊمنسٽريشن (حڪومتي نظام) به قابل تعريف آهي جيڪو سندس پويان به قائم رکندا آيا. هن قاعدن قانون جو هڪ سيٽ ٺاهيو، جنهن مطابق سلطنت جو وڏو پاڻ ’سلطان‘ هو. هن کان پوءِ هيٺ ٻئي نمبر تي جيڪو ماڻهو مقرر ڪيو ويو اهو بينداهارا (Bendahara) سڏيو ويو ٿي، جيڪو ائين هو جيئن اڄ جو وزيراعظم آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته هو سلطان جو صلاحڪار هو. بينداهارا هڪ عام ماڻهو ٿيندو هو، جنهن جي چونڊ سلطان پاڻ ڪندو هو. بيندا هارا کانپوءِ طاقتور اٿارٽي لڪسامانا Laksamana ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ائڊمرل آهي. هي ملڪ ۽ سلطان جي سلامتي جو انچارج هوندو هو. اهڙي طرح پوليس جو مٿاهون آفيسر تيمينگنگ (Temenggung) سڏيو ويو ٿي. ان وقت جا هي عهدا مون هتي ان ڪري به بيان ڪيا آهن جو ملاڪا رياست جي ڪيترن شهرن جي روڊن جا نالا انهن آڳاٽن عهدن نالي آهن: جيئن ته جالان (شاهراهه) بينداهارا يا ’جالان لڪسامانا‘. تُن پيراق ۽ هنگ تُئا نالي هتي جا مشهور بينداهارا ۽ لڪسامانا ٿي گذريا آهن، جن ملاڪا کي تمام گهڻو وڌايو ۽ سهڻو بنايو. انهن نالي ملائيشيا جي ٻين رياستن ۾ به روڊ ۽ پليون آهن. پنهنجي نئين سلطنت کي صحيح طرح هلائڻ ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ راجا پرميشور ڪجهه قانون تيار ڪيا جن ۾ هندو ۽ ٻڌمت، اسلام ۽ مڪاني ملئي ماڻهن جي ريتن رواجن جو به خيال رکيو ويو هو.
امن امان ۽ چؤماسي جي هوائن ڪري ملاڪا جو بندرگاهه سڄي علائقي ۾ مشهور ٿي ويو. سياري جون هوائون لڳنديون هيون ته چين پاسي کان سامان سان ڀريل جهاز ملاڪا پهچندا هئا ۽ هوڏانهن انڊيا کان گجراتي ۽ عرب ملڪن جا واپاري پنهنجي وکر سان پهچي ويندا هئا. سامان جو وڪرو ۽ مٽاسٽا هلندي هئي ۽ پوءِ سانوڻيءَ جون هوائون لڳنديون هيون ته هرڪو اتر طرفان پنهنجن ملڪن ڏي روانو ٿي ويندو هو.
ملاڪا سلطنت کي سيامي (ٿائي) حڪومت کان ڊپ رهيو ٿي ۽ سيام وارن ملاڪا تي 3 دفعا حملو به ڪيو پر راجا پرميشور جي منظم سپاهين هنن کي ڀڄائي ڪڍيو. وڏي ڳالهه ته هنن کي چين جي وڏي مدد هئي. پرميشور سلطنت قائم ڪرڻ بعد يڪدم چين جي مِنگ سلطنت کي پنهنجو وڏو قبول ڪيو، ان ڪري چيني سياح ۽ ائڊمرل ”زينگ هي“ هن وٽ ٻه ٽي دفعا ملاڪا به آيو ۽ پاڻ به 1409 ۾ منگ شهنشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو. اڳتي هلي سندس پوٽي محمد شاهه جي پڙپوٽي سلطان منصور شاهه منگ سلطنت جي هڪ چيني شهزاديءَ هنگ لِي پو(Hang li po)  سان شادي ڪئي جنهن ڪري ٿائلينڊ وارن ملاڪا سلطنت کي تنگ ڪرڻ لاءِ توبهه ڪري ڇڏي.
هي اهي ڏينهن هئا جڏهن يورپ وارا مسالن جي پويان هئا. دنيا جو گهڻي کان گهڻو مسالو (لونگ، ڦوٽا، ڪاريون مِريون وغيره) هن پاسي جي ٻيٽن تي ٿيو ٿي ۽ ملاڪا هن واپار ۾ اهم رانديگر هو. يورپ جي مختلف ملڪن جا جهاز ملاڪا آيا ٿي ۽ ملاڪا جي حاڪمن جي دنيا ۾ هاڪ هئي. اها ئي ڳالهه Tome Pires نالي هڪ پورچوگاليءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي آهي ته:
"Whoever is lord of Malacca has his hand on the throat of Venice."
ملاڪا جو بندرگاهه اسلامي مرڪز به ٿي پيو، جتي عرب دنيا جا امام ۽ عالم آيا ٿي ۽ اسلام بابت واعظ ڪيا ٿي. ملاڪا جي سلطان مڪاني عالمن ۽ مولوين کي هن پاسي جي ٻيٽن ڏي اسلام پکيڙڻ لاءِ موڪليو ٿي. پورچو گال ويندڙ ايشيائي سوداگرن کان ملاڪا جي شان شوڪت جون ڳالهيون ٻڌي پورچو گال جي بادشاهه ائڊمرل لوپيز(Lopez de segueira)  کي معلومات لاءِ ملاڪا موڪليو. هي سال 1509 جي ڳالهه آهي، يعني راجا پرميشور کي ملاڪا ۾ سلطنت قائم ڪرڻ کان هڪ صدي پوءِ جي ڳالهه آهي. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا سلطنت جو سلطان محمود شاهه هو. هن پورچو گالين کي پهرين مانُ ڏنو پر پوءِ سندن نيت ۾ خلل محسوس ڪيو ۽ ملاڪا ۾ رهندڙ گجرات ۽ گوا جي مسلمانن به سلطان کي خبردار ڪيو ته انهن يورپين کان بچي رهجو جن انڊيا ۾ به پهرين گهمڻ، مذهب جي پرچار، واپار ۽ دوستي جو بهانو ڪري پوءِ گوا تي قبضو ڪيو ۽ مڪاني ماڻهن کي ويڙهايو.
سلطان محمود هنن ڌارين تي وٺ وٺان ڪئي ۽ ڪجهه کي جهلي سوگهو ڪيو، ڪجهه مارجي ويا ۽ هن پورچو گالي جهازن کي ڀڄڻ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا پر ان کان اڳ هو لنگر کڻي ملاڪا بندرگاهه ڇڏي چڪا هئا. پورچو گال حڪومت اهو ئي فيصلو ڪيو ته گوا وانگر ملاڪا تي به قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪرڻ ضروري آهي.
ٻن سالن جي تيارين بعد 1511 ۾ پورچو گالي ائڊمرل اولفنسو(Alfonso de Allbuquzaque)  سترهن کن جهازن ۾ 1200 کن ماڻهو کڻي گوا کان ملاڪا پهتو ۽ هن ملاڪا جي سلطان محمود کي ڪجهه Demands پيش ڪيون، جن ۾ هڪ اها به هئي ته هنن کي ملاڪا شهر ۾ پنهنجي ٽريڊنگ پوسٽ جي بچاءَ لاءِ قلعو ٺاهڻ ڏنو وڃي. سلطان سندن هڪ ڊمانڊ به مڃڻ لاءِ راضي نه ٿيو. پورچو گالي ته جهيڙي لاءِ تيار ٿي آيا هئا. 40 ڏينهن جي ويڙهه بعد ملاڪا پورچو گالين حوالي ٿي ويو. هڪ ته پورچو گالين جي توبن، بندوقن ۽ بارود جو ملئي ماڻهو مقابلو ڪري نه سگهيا ۽ ٻيو وقت جي حاڪم سلطان محمود ۽ سندس پٽ سلطان احمد جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي به کين ڪمزور ڪري وڌو ۽ ڌارين حملو ڪندڙن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو.
الفنسو ڊي البقرق نومبر 1511 تائين ملاڪا ۾ رهيو ۽ رکي رکي ملئي ماڻهن جي حملن کي پسپا ڪندو رهيو. نيٺ سلطان محمود شاهه کي ملاڪا مان ڀڄايو ويو ۽ هو کهانگ رياست ۾ وڃي رهيو جتان پوءِ ٻيڙيءَ ذريعي بنٽان هليو ويو، جتي وڃي ننڍڙي پئماني جي حڪومت قائم ڪئي. پورچو گالين هن کي اتي به نه ڇڏيو ۽ 1526 ۾ بنٽان کي ڊاهي ترپٽ ڪري ڇڏيو. سلطان جان بچائي سماترا ٻيٽ تي هليو ويو جتي ٻن سالن بعد گذاري ويو. مرڻ وقت هن جا ٻه پٽ وڃي بچيا هئا: ”مظفر شاهه“ ۽ ٻيو ”علاؤ دين ريائت شاهه“
مظفر شاهه کي اتراهن علائقن جي ماڻهن پاڻ وٽ گهرائي عزتون ڏنيون، جتي هن پيراق سلطنت ٺاهي ۽ پاڻ ان جو سلطان ٿيو. پيراق رياست جا اڄ جا سلطان سندس اولاد آهن. ٻيو پٽ مظفر شاهه ڏکڻ ڏي هليو ويو ۽ جوهور جي سلطنت ٺاهيائين. بهرحال پيراق رياست ۽ جوهور رياست ۽ سندن گادي واري شهر اپوح ۽ جوهور بارو هاڻ وڏا ۽ خوبصورت لڳن ٿا، نه ته انهن ڏينهن ۾ اهي شهر ملاڪا جي مقابلي ۾ ائين هئا، جيئن حيدرآباد يا شڪارپور اڳيان مٺي ۽ ڇاڇرو.
ملاڪا تي 1511 تي پورچوگالين جي قبضي ٿيڻ کان اڳ تائين راجا پرميشور (جنهن 1402 ۾ ملاڪا سلطنت ٺاهي) جي اولاد سوا سؤ سال کن حڪومت ڪئي. پرميشور (سلطان اسڪندر شاهه) کان علاوه محمود شاهه اول جنهن 1424 کان 1444 تائين ملاڪا تي حڪومت ڪئي، مظفر شاهه اول جنهن 1445 کان 1459 تائين ۽ منصور شاهه جنهن 1459 کان 1477 تائين جي حڪومت ڪئي، ڪافي مشهور ٿي گذريا آهن. پورچوگالين جي حملي وقت محمود شاهه دوم سلطان هو.
لوپيز (سڄو نالو Diogo lopes de segueira) جيڪو پهريون دفعو پورچو گالين کي جهازن ۾ وٺي آيو، ان کي ملاڪا جي سلطان محمود شاهه ڀڄائي ڪڍيو. بعد ۾ پورچو گال حڪومت هن شخص کي انڊيا جي پورچو گالي بيٺڪن: گوا، دِيو وغيره جو 1518 کان 1522 تائين گورنر مقرر ڪيو هو.
الفنسو جيڪو ملاڪا جي سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ 17 کن جهاز ماڻهن سان ڀري آيو هو، اهو 1453 ۾ پورچو گال جي گادي واري شهر لسبن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. لسبن شهر جي مشهور الفنسو چوڪ وٽ جيڪو ڌاتوءَ جو بت (Statue) آهي، اهو هن ائڊمرل جو آهي. مالاڪ جو تاريخي دروازو "A Famosa" هن جو ٺهرايل آهي. الفنسو گوا (انڊيا) جو ٻيو گورنر ٿي رهيو. سال 1515 جي ڊسمبر مهيني ۾ الفنسو پاڻي جي جهاز ۾ عدن طرف کان گوا اچي رهيو هو ته رستي تي گذاري ويو. ميڪسيڪو جو شهر البقريق سندس نالي آهي ۽ ملاڪا شهر ۾ سندس نالي هڪ روڊ آهي، جنهن جو نالو آهي ”جالان البقريق“.
پورچو گالي اندر ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ کيس ڪيترن ئي خطابن سان سڏيو وڃي ٿو، جيئن ته سامونڊي شير (Lion of the Seas) عظيم الفنسو (The Great)، پورچو گالي مريخ، اوڀر جو سيزر، دهشت وارو (The Terrible) وغيره.

No comments:

Post a Comment