Friday, February 03, 2012

مڪي پھچي طواف ۽ سعي ڪرڻ - الطاف شيخ


مڪي پھچي طواف ۽ سعي ڪرڻ
 الطاف شيخ
جدي کان مڪو شريف ايترو پري آھي، جيترو ڪراچي کان نوري آباد يا ھالا کان قاضي احمد اٽڪل پنجاهه کن ميل. سٺن ڪشادن رستن ڪري ھڪ اوچي قسم جي ڪار ڪلاڪ کن ۾ پھچائي سگھي ٿي ۽ اوترو ئي ٽائيم بس وٺي ٿي پر اسان کي ٽي چار ڪلاڪ لڳي ويا. رستي تي حاجين جي ڪاغذن جي چڪاس ۾ ڪافي دير لڳي ۽ وري مڪي پھچي معلم جي آفيس وٽ بس اچي بيھي رھي. اتي به ڪاغذن جي چڪاس ٿي. پاسپورٽ وغيره معلم جي حوالي ٿيو، اسان کي ان جو ھڪ صفحو مليو، ھر ھڪ کي ٻانهن ۾ ٻڌڻ لاءِ ھئڊي رنگ جي چمڙي جي پونچي (Arm band) ملي، جنهن تي اسان جي معلم جو نالو ۽ ائڊريس ھئي. مختلف ملڪن کان آيل ماڻھن کي مختلف رنگن جون اھي Bands ڏنيون وڃن ٿيون. جيئن مصر ۽ ٻين عرب ملڪن کان آيل ماڻھن کي شايد سفيد رنگ جون ھيون. آمريڪا ۽ يورپ کان آيل ماڻھن کي بلو رنگ جون وغيره. اسان واري رنگ جون اوڀر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن (جھڙوڪ انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا) وارن حاجين کي مليل ھيون. اھي سڀ سڃاڻپ لاءِ آھن، خاص ڪري منى ۽ عرفات لاءِ جتي ماڻھن جي گم ٿي وڃڻ جو گھڻو خطرو رھي ٿو ۽ انهن ھنڌن تي مختلف علائقن جي مختلف ملڪن جا الڳ تنبو لڳل رھن ٿا، مڪي ۽ مديني ۾ ايترا ماڻھو گم نه ٿا ٿين. ھڪ دفعو ماڻھو کي پنهنجي گھٽي ۽ گھر ياد ٿي وڃي ته پوءِ ھن کي مڪي جي شھر ۾ ڪٿي به کڻي ڇڏ ته ھو گھر ڀاتين تائين آساني سان پھچي سگھي ٿو. بس رڳو پھريون دفعو ھو اھو ڏسي ياد ڪري ڇڏي ته ھن جو گھر حرم پاڪ جي ڪھڙي دروازي وٽ آھي. پوءِ ھو شھر ۾ ڪٿي به گم ٿئي ته ڪنهن به دروازي مان حرم پاڪ اندر ھليو اچي ۽ پوءِ پاڻ واري دروازي مان (جتان ھو روز اچي وڃي ٿو) ٻاھر نڪري گھر ڏي ھليو وڃي، يا اُتي ويٺو ھجي، ھن جا مائٽ يا گروپ جا ماڻھو نماز جو وقت اچڻ تي ھن کي ڏسي وٺندا.


ھونئن پھرين ڏينهن پھريون دفعو گھر کان حرم پاڪ ڏي ويندي ھر ھڪ کي کپي ته مڙي مڙي پنهنجي گھر جي Location ڏسي ته اھو ڪھڙي ھنڌ تي آھي. ڪھڙي ھوٽل يا دڪان ڀرسان آھي ۽ حرم پاڪ پھچڻ تائين ڪيتريون گھٽيون لتاڙڻيون پون ٿيون يا رستا ٽپڻا پون ٿا ۽ انهن تي ڪھڙا اھم دڪان ۽ عمارتون يا ھوٽلون آھن. گھر جي پري آھي ته انهن اھم دڪانن جا نالا پني تي لکي ڇڏجن، جيئن واپسي تي انهن دڪانن وٽان ٿيندو گھر تائين پھچجي. ھڪ يا ٻه دفعا اچڻ وڃڻ ۾ ئي ياد ٿيو وڃي ۽ پوءِ ڀلي شھر ۾ ڪٿي به ھليا وڃو، رستو نه ملڻ تي حرم پاڪ ۾ ھليا اچو، جتان گھر پھچي سگھو ٿا. ھونئن به مڪي شھر جو وچ حرم پاڪ آھي. بلڪه حرم پاڪ جي چوڌاري مڪي جو شھر ٻڌل آھي. اھو ئي حال مديني جو آھي، جتي پڻ توھان گم نه ٿا ٿي سگھو، بشرطيڪه پھرين ڏينهن پنهنجي گھر ۽ گھٽي جي Location مسجد نبوي جي ويجھو دروازي کان ڏسي ڇڏيو. حرم پاڪ ۽ مسجد نبوي جي چوڌاري ڪيترائي دروازا آھن. ھرھڪ دروازي جو پنهنجو نالو ۽ نمبر آھي . مثال طور حرم پاڪ جي ڪجهه دروازن جا ھي نالا آھن: باب الفھد (عربي ۾ دروازي کي باب سڏجي ٿو). باب الملڪ عبدالعزيز، باب اجياد، باب اسماعيل، باب ھاشم، باب منى، باب الفتح، باب ابن زبير، باب عمر فاروق، باب المھدي، باب المدينة. المنورة، باب العمرة وغيره وغيره. اھڙي طرح مسجد نبوي جي دروازي جا ڪجهه نالا ھن ريت آھن. باب الملڪ عبدالعزيز، باب سعد بن زيد، باب الخليفه عثمان بن عفان، باب سعد ابن ابي وقاص، باب عمر بن خطاب، باب حمزه بن عبدالمطلب، باب السيده زينب، باب علي بن ابي طالب، باب الحسن بن بن علي، باب اسلام، باب ابوبڪر صدي، بابر الرحمة، باب النساءَ، باب البقيع، باب جبريل، باب عمر بن عبدالعزيز، باب السيده فاطمه، باب السيده خديجه وغيره وغيره.
بهرحال انهن سڃاڻپ جي ڪارڊن ۽ پٽين (Bands) جو وڏو فائدو منى ۽ عرفات جھڙن ھنڌن تي گھڻو آھي، جتي رڳو تنبو ئي تنبو آھن، سي به سئو سوا نه پر ھزارن جي تعداد ۾. ظاھر آھي جتي ٽيهه لک ماڻھو ھڪ ھنڌ ۽ ھڪ وقت اچي گڏ ٿين، اتي انهن جي رھائش لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ لک کن تنبو ته کپن ۽ پوءِ ڪيترائي ٻار ۽ پوڙھا (ڪڏھن ڪڏھن ته پڙھيل ڳڙھيل به) پنهنجو تنبو وڃايو ڇڏين. تنبوءَ مان نڪري ڪو باٿ روم ڏي نڪتو يا پاڻي ڀرڻ يا دڪان تان خريداري لاءِ نڪتو، پوءِ موٽڻ مھل ٿورو به بي خيالي ڪرڻ سان ھو رستو وڃايو ويھي، پوءِ ھڪ اس ۽ سخت گرمي، ھرڪو سخت ٿڪل ۽ اڻ واقف، مدد ڪرڻ جو چاھيندي به ڪيترا مجبور آھن ۽ گم ٿيل کان به پريشاني ۾ پنهنجي مڪتب ۽ تنبوءَ جا نمبر وسريو وڃن. اھڙي حالت ۾ ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪارڊ ۽ ھٿ ۾ ھي چمڙي جي پونچي (پٽي) ذريعي ھن جي ٺام ٺڪاڻي جي خبر پئجيو وڃي. عام حاجي نه ته سعودي حڪومت طرفان ان ڪم لاءِ مقرر ڪيل مختلف ملڪن جا مختلف زبانون ڳالھائيندڙ ملازم ۽ مڪاني اسڪائوٽ ڇوڪرا گم ٿيل حاجي کي ھن جي صحيح ھنڌ تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
معلم جي آفيس ـ جتي اسان جي بس اچي بيٺي ۽ اسان کي نشاني خاطر ڪارڊ ۽ چمڙي جون پونچيون مليون (جن تي معلم جا اتا پتا ۽ فون اھڙي ته مس سان لکيل ھئا جو پاڻي لڳڻ تي به نه ٿي ڊٺا) ۽ آڌرڀاءَ لاءِ ڪولڊ ڊرنڪ، ڪيڪ ۽ ڪتل ملي. مڪي شھر ۾ ئي ھئي ۽ ٽرئفڪ جي گھڻي ھجڻ ڪري اسان جي بس کي ڏاڍي ڏکيائي سان جاءِ ملي ۽ ڪم لھڻ بعد ان کان به گھڻي ڏکيائي سان بس کي ڪڍي اوڏانهن موڙيوويو، جنهن پاسي اسان جي رھائش ھئي. اسان جي رھائش بلڪل حرم پاڪ جي باب الملڪ عبدالعزيز (دروازي) وٽ ھوٽل شبرا وٽ ھئي. بس جيئن اڳيان وڌندي وئي، تيئن تيئن ٽرئفڪ وڌندي. ڪارين ۽ بسن کان وڌيڪ ماڻھن جو سيلاب ھو. آئون بس جي درين مان مڪي شريف جو چوڌاري ديدار ڪرڻ لڳس. عجيب شھر آھي ھي مڪو! دنيا جا شھر سمنڊ جي ڪناري تي ھوندا آھن، دنيا جا پراڻي کان پراڻا شھر دريائن جي ڪپرن تي ھوندا آھن يا دنيا جا شھر اتي ھوندا آھن، جتي بارش گھڻي ھوندي آھي ۽ پوک بي انتها ٿيندي آھي پر دنيا جو ھي واحد شھر آھي، جيڪو درياھن، سمنڊن، بارشن ۽ پوکن کان پري تپندڙ واري تي جيڪا ميلن تائين پکڙيل آھي. ٺوڙھن، ڪارن ۽ اڀائتن (Steep) پٿرن واري جبل جي وچ ۾ آھي. دنيا جو ھي واحد قديمي شھر آھي، جيڪو درياهه، سمنڊ ۽ بارش جي ڪري نه پر الله جي گھر (ڪعبي) جي ڪري آباد ٿيو.
آئون مڪي شھر جي چوڌاري پکڙيل ڪارن جبلن کي ڏسڻ لڳس، جن مان ڪنهن ڪنهن کي ٽڪي سرنگون (Tunnels) ٺاھيون ويون آھن، جيئن وڏو چڪر ڪرڻ بدران لاريون، موٽرون ۽ ماڻھو انهن سرنگن ذريعي جبل اڪري ٻئي پاسي پھچي سگھن. آئون آمريڪي معيار جي پڪي رستي تان ھلندڙ بس مان رستي جي ٻنهي ڪنارن تي دڪان ۽ دڪانن ۾ سٿيل سامان ۽ ھجومن جا ھجوم ماڻھن جا ڏسڻ لڳس .ڪٿي ملئي ماڻھن جا انبوهه ھئا ۽ ائين ٿي لڳو ته اھو ھنڌ ملائيشيا جي ڪنهن شھر جو حصو ھجي، ڪٿي آفريڪا جا ڪارا شيدي ھئا ته ڪٿي عرب، شلوار قميص ۾ پاڪستاني ننڍڙين ڏاڙھين سان ايراني ۽ خاڪي سليٽي رنگ جي بشرٽ پتلون ۾ ترڪ ته جتي ڪٿي نظر اچي رھيا ھئا. ڪجهه ڪجهه ماڻھو احرام جي چادرن ۾ ڦري رھيا ھئا. ”ڪمال آھي ڪعبي جو طواف ڪري احرام کان آجا ٿيڻ بدران ھتي دڪانن تي گھمي ڦري رھيا آھن“. مون دل ئي دل ۾ سوچيو پر پوءِ بعد ۾ مون کي خبر پيئي ته اھي اسان وانگر حج تمتع ڪرڻ بدران حج قرآن ڪرڻ آيا آھن. حج تمتع وارا ـ جيئن اسين پاڪستاني، ھندستاني، بنگلاديش، ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي جا ماڻھو جيڪي مڪي شريف پھچي عمرو ڪري پوءِ احرام کولي عام ڪپڙا پائيندا آھيون ۽ وري جڏھن حج جا ڏينهن ايندا آھن ته حج لاءِ احرام ٻڌي احرام جي حالت ۾ اچي ويندا آھيون پر ھي ماڻھو خاص ڪري سعودي عرب جا ۽ ڀر وارن ملڪن جا عرب حج ۽ عمري لاءِ يڪو احرام ٻڌي مڪي شريف ۾ گھڙن، مڪي پھچي طواف وغيرہ يعني عمرو ڪن. ان بعد احرام مان آزاد ٿيڻ بدران احرام ۾ ئي رھن. تان جو حج جا ڏينهن اچيو وڃن. پوءِ حج ڪن ۽ حج ڪري پوءِ احرام کولين ۽ احرام جي مقرر ٿيل پاندين مان آزاد ٿين. انهي قسم جو حج قرآن سڏجي ٿو، سو اھي ماڻھو جيڪي شھر ۾ احرام ۾ گھمندا رھن ٿا، حج قرآن لاءِ آيل آھن.
آئون بس مان مڪي شريف جون گھٽيون ۽ انهن جي پاسن کان دڪان ۽ ھوٽلون ۽ ماڻھن جا انبوهه ڏسڻ لڳس. ھر گھٽي ماڻھن سان ڀريل ھئي. اڃا ته مارچ جي ٻي تاريخ ھئي. 15 مارچ تي حج ھو ۽ ڏھين مارچ تائين دنيا جي مختلف ملڪن کان حاجين جون اڏامون اچڻيون ھيون ۽ اھي اڏامون ڪي ھڪ ڏينهن ۾ ڏهه ٻارنهن نه ٿي آيون. جدي ايئر پورٽ تي حاجي ڪئمپ ۾ بس جي انتظار ۾ ويٺي ويٺي جنهن وقت به مٿي نظر وئي ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي ھوائي جھاز کي سامھون واري مسجد جي مناري وٽان ٽيڪ آف ڪندي ڏٺو ٿي. لبنان ايئر لائين جي نشان وارو ھوائي جھاز، مصر ايئر لائين، انڊين ايئر لائين، ترڪ ھوائي ڪمپني،  پي آءِ اي، ملائيشين ايئر سسٽم جو ھوائي جھاز، سنگاپور انٽرنيشنل ايئر لائين جو ھوائي جھاز، نائيجيريا، سينيگال، مالي، سوڊان، موريطانيا، موراڪو، لبيا، ٽيونيشيا، ڪھڙي ملڪ جو نالو کڻي ڪھڙي ملڪ جو نالو کڻجي جنهن جو ھوائي جھاز نظر نه ٿي آيو ۽ ھر ٽن چئن منٽن بعد ڪو نه ڪو ھوائي جھاز پنهنجي ملڪ جا مسافر لاھي مٿي اڏاڻو ٿي. معنى ڪلاڪ ۾ ڏهه ھوائي جھاز ٻڌا وڃن ته به سڄي ڏينهن رات ۾ اڍائي سئو کن جھاز ٿيا، جيڪي ڌارين ملڪن کان ماڻھن کي حج لاءِ جدي پھچائي رھيا آھن ۽ ھر ھوائي جھاز ۾ ٽي سئو کن ماڻھو به سارجن ته سڄي ڏينهن ۾ منو لک ماڻھن جو جدي ۾ يعني مڪي ۾ پھتو. اڃا اٺ ڏينهن کن ماڻھو ايندا، معنى اڃا 6 لک کن ٻيا به ايندا، اھي ته ٿيا ھوائي جھاز رستي ايندڙ حاجي، يمن، شام، عمان، ڪويت، عراق پاسي کان ته باءِ روڊ، بسين ذريعي اچن ٿا، مصر ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان پاڻي جي جھاز ۾ به اچن ٿا ،يعني اڃا ته حج لاءِ ڏھاڪو کن لک ماڻھن جو اچڻو آھي، پر مون کي ان وقت ئي پيهه پيھان لڳي رھي ھئي، ايترا سارا دڪان، ھوٽلون ۽ رستن تي ھلندڙ ايترا ماڻھو ڪھڙي ملڪ ۾ ھوندا، مون به دنيا جا ڪيئي ملڪ ڏٺا آھن، ايڏو وڏو مجموعو ڪٿي ھوندو.
بس آھستي آھستي چُرڻ لڳي. خبر پيئي ته مغرب نماز جو وقت ٿيڻ ڪري حرم پاڪ جي چوڌاري ماڻھن جي رش وڌي ويئي آھي ۽ نماز پوري ٿيڻ تائين ٽريفڪ بند رھندي. اسان بس ۾ ئي ويٺا رھياسين ۽ تلبيه پڙھندا رھياسين. اڌ ڪلاڪ بعد بس کي اڳتي وڌڻ جي اجازت ملي. مغرب نماز پڙھي پوري ٿي چڪي ھئي ۽ ماڻھو گھرن ڏي روانا ٿي رھيا ھئا ۽ ڇا ماڻھن جا انبوهه ھئا. چوڻ کي ته ڇهه ست لک ماڻھو چوڻ سولي ڳالهه آھي پر حقيقت ۾ ماڻھن جو اھو وڏو تعداد آھي. مون به پھريون دفعو ڏٺو، بس جي سيٽ مٿانهين ھجڻ ڪري پري پري تائين ماڻھو ئي ماڻھو نظر اچي رھيا ھا. اڇين ۽ رنگين ٽوپين ۽ رومالن ۾ ماڪوڙين وانگر ماڻھو ھئا، جيڪي ھڪ ٻئي سان لڳي ھلي رھيا ھئا. ھو جيڪو چوندا آھن ته تِر ڇٽڻ جي جاءِ نه ھئي. ان وارو حساب ھو. ايڏي رش مون ڪٿي ڏٺي ھوندي. مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو. ”عورتون ۽ مرد ائين خاموشي ۽ سڪون سان ڪھڙي اسٽيڊيم، سيمينار يا ويندي روم  وٽيڪان سٽي ۾ يا اولمپڪ راندين جي گرائونڊ مان موٽندي ڏٺا ھوندا؟“ ۽ ھتي حرم پاڪ ۾ ماڻھن جو اھو سيلاب ڏينهن ۾ ھڪ دفعو نه پر پنج دفعا ٿئي ٿو ۽ روزانو ٿيندو رھي ٿو. ان ماڻھن جي ميڙ ۽ بنا جھيڙي جھٽي جي رستن تان لنگھڻ جي نظاري کي مون جھڙا ماڻھو وڌيڪ ساراھي سگھن ٿا، جن دنيا جي ملڪن ۾ ھڪ لک کان به گھٽ آيل تماشبينن کي فٽ بال جهڙين راندين تان موٽندي هنگاما ڪندي ڏٺو ھوندو ۽ يورپ ۽ آمريڪا جھڙن ”سڌريل“ ملڪن جي Well trained پوليس به انهن کي بنا مارڪٽ جي ماٺو ڪري نه سگھي ھوندي. مڪي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، زبانن، رنگن ۽ شڪل شبيهه وارن ماڻھن جي ان سمنڊ کي ائين Discipline سان ۽ صبر ۾ رمندو ڏسڻ لاءِ اڄ ڪيترائي غير مسلم ويس ۽ نالو بدلائي ھتي پھچن ٿا. اسلام دشمن قومون مسلمانن جي نه پئسي ۽ دولت مان مرعوب آھن، نه آرمي (فوج) ۽ امونيشن کان ڊڄن ٿيون .ھنن کي خوف آھي ته فقط ان ڳالهه جو ته ھڪ ٻانگو مسجد جي مناري تي بيھي ٻانگ ٿو ڏئي ته عورتون توڙي مرد، جوان توڙي پوڙھي، امير توڙي غريب، وڏي عھدي ۽ رتبي وارا توڙي اڻ پڙھيل ھاري ۽ مزور اچيو ھڪ ھنڌ گڏ ٿين ۽ مٿو زمين تي ٽيڪين. آئون حرم پاڪ جي باب الملڪ عبدالعزيز جي منارن کي ڏسڻ لڳس، جيڪي اتان چٽا نظر اچي رھيا ھئا، جتي اسان کي بس اچي لاٿو. اھي اٺ ماڙ عمارت ھئي، جنهن جي گرائونڊ فلور تي دڪان ھئا ۽ مٿي ھر ماڙ تي ڇهه، ست فليٽ، ھر فليٽ ۾ ٽي چار ڪمرا ۽ ھڪ ڊرائننگ روم ھو، ڪمرن جون بالڪنيون رستي واري پاسي کليون ٿي. اسان جي گروپ ليڊر ”عالمگير مسجد ڪراچي“ جي انصار الحجاج اداري جي ذريعي ھن عمارت (جنهن جو نالو ”عمارت اشرف“ ھو) ۾ ٻه فليٽ ھڪ لک ويهه ھزار سعودي ريالن تي مسواڙ تي ورتا ھئا. مڪي ۾ ورتل ھنن ٻن فليٽن مان ھڪ ۾ عورتون رھيون، جن جو تعداد 24 ھو ۽ ٻئي ۾ اسين 25 مرد رھياسين. عورتن جي حوالي رڌ پچاءَ جو ڪم ھجڻ ڪري، ھنن کي چئن وڏن ڪمرن وارو فليٽ ھو ۽ اسان جي فليٽ ۾ ٽي ڪمرا ھئا. ڊرائنگ روم ۾ ٻنهي فليٽن ۾ ھو جتي مردن پنهنجي فليٽ ۾ عورتن پنهنجي ۾ گڏجي ماني کاڌي ٿي. ھر فليٽ ۾ چئن چُلھن واري تمام وڏي ڪچن ھئي، جنهن ۾ ٿانوَ پليٽون ۽ ڪجهه رڌ پچاءَ جو سامان اڳھين موجود ھو. ڪجهه اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي شيخ ڪراچيءَ کان آڻڻ جو بندوبست ڪيو ھو. ھر فليٽ ۾ ٻه وڏا غسلخانا ھئا، جن مان ھڪ ۾ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ واشنگ مشين پڻ ھئي .ان کان علاوه ھر فليٽ  ۾ ٻه ريفريجريٽر ۽ ھڪ ڊيپ فريزر رکيل ھو. ھر ماڻھو لاءِ اسپنج جو ھڪ ھڪ گاديلو  اڍائي فوٽ باءِ ڇهه فوٽ جو مليل ھو، جيڪو ھرھڪ کڻي ڪمري ۾ وڇايو. ھر ڪمري ۾ اٺن ماڻھن جي سمھڻ جي جاءِ ھئي، يعني اسپنج جا اھڙا اٺ گاديلا وڇائي سگھياسين ٿي، پر ٻن ٽن ماڻھن ڊرائنگ روم ۾ سمھڻ پسند ڪيو. ان ڪري ھر ڪمري ۾ ست ماڻھو ٿي رھياسين. سامان رکڻ لاءِ ڌار اسٽور روم ھو ۽ ڊرائنگ روم ۾ پڻ لوهه جا رئڪ رکيل ھئا، جن تي ھرھڪ پنهنجون پيتيون ۽ ٿيلھا رکيا
منهنجن پھرين جي واقفڪارن مان حافظ سعيد ۽ نسيم گلزار ھڪڙي ڪمري ۾ ھنڌ وڇايو. يعني پنهنجو گاديلو رکيو ۽ اسرار الحق ڊرائنگ روم ۾ سمھڻ جو ارادو ڏيکاريو، مون به اتي گاديلو وڇائڻ چاھيو ٿي پر پوءِ يڪدم خيال آيو ته ھتان لنگهه ھجڻ ڪري ھر وقت بتي ٻرندي رھندي، ھر وقت ماڻھو لنگھندا رھندا ۽ ريفريجريٽر به ھتي ھجڻ ڪري ڊسٽربنس رھندو، سو پنهنجو گاديلو کڻي ڪمرا ڏسڻ لڳس. ھڪ ۾ ڇهه گاديلا وڇائجي چڪا ھئا، اڃا به ٻن ڄڻن جي جاءِ ھئي، سو مون پنهنجو گاديلو اتي وڇايو. باقي ڇهه ڄڻا به منهنجي ئي گروپ جا ٿيا. ڪراچي ۾ عالمگير مسجد ۾ ٿيل چئن، پنجن ملاقاتن ۾ سندن چھرن کان مانوس ٿي چڪو ھوس پر اڃا گھڻي واقفيت نه ٿي ھئي. ڪمري ۾ ايئر ڪنڊيشن ھلي رھيو ھو، جنهن ڪمري کي ٿڌو به ڪيو پئي پر منجھانئس آواز جھاز جي انجڻ روم جھڙو اچي رھيو ھو ۽ اھڙو ئي گوڙ گھمسان وارو ڇت ۾ لڳل پکو ھو. مون پٽ تي وڇايل اڍائي فوٽن جي ويڪر وارن سوڙھن گاديلن ڏي نظر وڌي. چار ھڪ قطار ۾ ۽ ٽي ٻي قطار ۾ اھڙي طرح وڇايل ھئا، جو پاسن ۽ پيرانديءَ کان ھڪ ٻئي سان مليا ٿي. اسڪول وارن ڏينهن ۾ اسڪائوٽنگ لاءِ ڪوئيٽا وڃبو ھو ته تنبن ۾ ائين سمھبو ھو پر انهن ڏينهن ۾ ھنن ڏينهن جي وچ ۽ عمر جو وڏو گئپ اچي چڪو ھو. ھاڻ عادتون بگڙي چڪيون آھن. مون پنهنجين عادتن جو تجزيو ڪيو. سمھڻ کان اڳ ڪلاڪ ڏيڍ ڪو ڪتاب پڙھڻ مون لاءِ ضروري بنجي چڪو آھي. ان بعد ننڊ تيسين نه اچي، جيسين ڪمري جون بتيون بند ٿين پر ورانڊي ۽ اڱڻ جون بتيون به بند ٿين. ڪيترا ماڻھو آھن، جيڪي سمھڻ تائين ڪچھري ڪندا رھندا. اڪيلائي کان ماڻھن جي محفل پسند اچين ۽ مون کي ھڪ معمولي حد تائين ڳالھائڻ ٻولھائڻ بعد باقي وقت خاموشي ۽ ماٺ پسند اچي. ھتي سامھون واري ۽ پاسن وارين ڀتين ۾ ٻرندڙ ٽيوب لائيٽون ھيون، جيڪي خبر ناھي ڪنهن وقت بند ٿين، ايئر ڪنڊيشنر جو بي ڊولو آواز ۽ بي ڊولي ھوا جي Distribution ھئي، جنهن جي ھوا جو رخ پاڻ ڏي ٿي ٿيو ته ڪن ۾ ڄڻ ڪنهن ڦوڪون ٿي ڏنيون ۽ پري ٿي رکيو ويو ته گرمي ٿي ٿي، مون کي پنهنجي حال تي رحم اچڻ لڳو. دل ئي دل ۾ رب پاڪ کان دعا گھرڻ لڳس ته: ”منهنجا مولا حج قبول ڪجانءِ ۽ حج آسان ڪجانءِ. منهنجي ھن حال جي توکي سڀ پروڙ“. آئون ڪا دير ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس ته الائي ڇا ٿيندو. اڄ حج بعد جڏھن ھي لکي رھيو آھيان ته سوچيان پيو ته ڪيئن اُھي ڏينهن خواب ٿي ويا. ڪيئن بنا ٽيبل لئمپ ۽ ڪتاب پڙھڻ جي ننڊ اچي ويندي ھئي. تقريبن سڄي رات بتيون پيون ٻرنديون ھيون جو رات جو به ڪي دير دير تائين طواف ڪري موٽندا ھئا. ڪي آڌي رات جو پيا ويندا ھئا، پر مون کي سمھڻ سان ننڊ وٺي ويندي ھئي ، منهنجي ھڪ پاسي وارو ڪراڙو کنگھندو رھندو ھو ۽ ٻئي پاسي وارا ايڏا زور سان کونگھرا ھڻندو ھو جو ٻي قطار جو آخر وارو به دانهون ڪندو ھو پر مون کي ڪجهه محسوس نه ٿيندو ھو.
۽ ھاڻ اھو پڻ سوچي رھيو آھيان ته ھيترن لکن ۾ ڪيئي ھزار اھڙا ھوندا، جن جون عادتون مون کان به ڏکيون ھونديون پر اھو عجيب ڪمال آھي جو ھر حاجي جي واتان اھو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو ھو ته ھيترين تڪليفن ھوندي به مون سان رب پاڪ جي مھرباني ٿي ۽ سڀ ڪم آسان ٿي ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته حج ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آھي. حج دوران ھر ماڻھو کي فوجي ڪئمپ واري زندگي گذارڻي پوي ٿي، سمنڊ تي ايندڙ طوفانن وارن ڏينهن وانگر اوجاڳا ڪرڻا پون ٿا . ھڪ مقرر وقت Time frame ۾ سڀ ارڪان پورا ڪرڻا پون ٿا ۽ ڪن ھنڌن تي اس ۽ گرمي ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. اھي سڀ ڳالھيون ڏسي غير مسلم دھلجيو وڃن. ڊڄيو وڃن ته ھي ڪيئن ممڪن ٿئي ٿو، پر اھو مسلمان جو ايمان آھي، جنهن جي زور تي ھن کي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه ٿي ٿئي. جوان ته جوان پر پوڙھا ۽ جڏا به سڀ ارڪان خوش اسلوبي سان پورا ڪريو وڃيو پار پون. مون اسي سالن جي پوڙھن کي مزدلفه کان منى تائين پيرين پنڌ ھلندي ڏٺو. مون ڪيترن جڏن کي مونڙيون ۽ بانبڙا پائي ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪندي ڏٺو، ڪيترا دفعا مون نائيجيريا جي ٽنگن ڪپيل شيدي کي پنهنجي ڀرسان نماز پڙھندي ڏٺو، ڇانوَ ۾ جاءِ نه ملڻ ڪري اس ۾ ڦاٽل گتو (دفتري جو پنو) وڇائي، ان تي سجدو ڪندو ھو. سندس گوڏا رستي ۾ گرم ڏامر تي سڙندا رھندا ھئا. ھڪ غريب داغستاني (روسي) جيڪو ڀاڙو ڪري حج تي پھتو ھو، پر ھن کي کائڻ لاءِ پئسو نه ھو. نماز بعد ھٿ جا ٺھيل لڪڻ وڪڻي ڪمايل پئسن مان ماني وٺي کائيندو ھو. ھڪ جھور پوڙھي ايرانڻ پاڻ کان وڌيڪ پوڙھي ۽ معذور مڙس کي ويل چيئر Wheel chair تي وٺي نماز لاءِ ايندي ھئي، ھي ماڻھو نارمل زندگي ۾ ته ھلي چلي به نه سگھن پر ھتي ھي ڪيئن ھلي چلي رھيا آھن! سندن منهن تي ھر وقت سرھاڻ ۽ شڪراني جا جذبا آھن، ڪنهن چيو ھي اندر جي طاقت آھي. ھي ايمان جو جذبو آھي، جيڪو کين ھمٿ ٿو ڏئي ۽ ھنن لاءِ ڪا ڳالهه مشڪل نه ٿي رھي. ھي اھو جذبو آھي ۽ ايمان آھي، جنهن لاءِ انگريزي ۾ ھڪ چوڻي آھي ته:
Faith can move a mountain.
سامان رکڻ بعد اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي شيخ اسان کي جلدي جلدي حرم پاڪ ھلي طواف ۽ سعي ڪرڻ لاءِ چيو، جيئن احرام جي حالت ختم ٿي وڃي ۽ احرام لاھي عام ڪپڙا پائي سگھون.
”حرم پاڪ جيتوڻيڪ ويجھو آھي، ان ھوندي به پنهنجي رھائشگاهه کي چڱي طرح ڌيان ۾ رکي وڃو، جيئن واپسي تي ھيڏانهن ھوڏانهن گم نه ٿي وڃو“. گروپ ليڊر اسان کي سمجھايو. ”مختلف ڪارڊ ۽ ٻانهن جون پٽيون ھميشھ پاڻ سان رکو. ھتان باب عبدالعزيز ويجھو آھي، جنهن مان گھڙڻ سان ڪعبو پاڪ يڪدم نظر اچي ٿو. ان ڪري اندر گھڙڻ مھل اکيون ھيٺ ڪري حرم پاڪ ۾ گھڙجو ۽ پوءِ ٿورو اڳيان ٿي ڪعبي تي پھرين نظر وجھجو ۽ دعا گھرجو ۽ پوءِ طواف وغيره ۽ ٻيا ارڪان پورا ڪجو. جن بابت ڪراچي ۾ عالمگير مسجد ۾ توھان کي بار بار ليڪچر ڏنا پئي ويا ۽ جيڪي پھريون دفعو حج تي آيا آھن. اھي اڪيلو وڃڻ بدران ڪنهن سان گڏجي وڃن“.
اسرار الحق ۽ آئون احسان الاھي گروپ ليڊر ۽ حافظ سعيد سان گڏ ھلياسين، جيڪي حج ڪري چڪا ھئا ۽ اسان کي ھر قدم تي سمجھائي سگھيا ٿي. ڪعبي تي پھرين نظر پوڻ ھڪ Powerful عمل جي گھڙي آھي، جنهن لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت تشبيھون (Similes) ڏئي سگھجن ٿيون. ھر انسان جو حج تي اچڻ فرض جي پورائي ڪرڻ آھي. ھو الله ۾ ڀروسو ڪري ٿو. ھن جو ايمان آھي ته ڪعبو الله جو گھر آھي. ھو پنهنجو فرض پورو ڪرڻ سان گڏ پنهنجا گناهه بخشائڻ اچي ٿو. ھو پنهنجي باقي زندگي ۽ ٻئي جھان جون خوشيون ۽ ضرورتون ھڪ اھڙي داتا کان پنڻ اچي ٿو، جنهن وٽ ڪنهن شيءِ جي کوٽ ناھي. ھي اھو ھنڌ آھي، جتي ھر بندو (ٻانهو) فقير بڻجي اچي ٿو. ڪعبي تي پھرين نظر پوڻ تي ڇا محسوس ٿئي ٿو. ھر انسان جون پنهنجون ذاتي Feelings آھن، جيڪي بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھن. اھي گھڙيون انسان جي زندگي جون قيمتي گھڙيون آھن، جنهن کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگھي. ھي اھو الله جو گھر آھي، جنهن لاءِ اسين ھر نماز ۾ چوندا رھون ٿا ته منهن ڪعبي ڏي... ۽ اڄ نه فقط اسان جو منهن ڪعبي ڏي آھي پر ڪعبو سامھون اکين اڳيان آھي. ڪيترا انسان، نبي پيغمبر، ولي اولياءِ، اصحابي امام، مولوي مفتي گذريل ھزارين سالن کان ھتي بيھي ويا. اڄ ھڪ مون جھڙي گناھگار کي ههڙي ھنڌ تي پھچڻ جي سعادت نصيب آھي. ”مون سان پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“ وارو حساب ھو.
ھڪ بزرگ کان ڪنهن پڇيو ته توھان ڪعبي ۾ داخل ٿيا؟
ھن فرمايو ته ھي پير ته ان جي قابل به نه آھن جو منهنجي رب جي گھر جي چوڌاري ڦرن ته پوءِ آئون انهن کي ان جي قابل ڪيئن ٿو سمجھان، جو انهن کي پاڪ گھر اندر داخل ڪريان. مون کي منهنجن پيرن جو حال معلوم آھي ته اھي ڪٿي ڪٿي ھليا آھن ۽ ڪھڙن ڪھڙن خراب ارادن سان ھليا آھن.
اڄ اھي احساس مون کي ڪعبي پاڪ جي سامھون بيٺي ٿي رھيا ھئا.

ڪعبه ڪس مُنه سي جائو گي غالب
شرم تم ڪو مگر نهين آتي.
ايران جي ھڪ فارسي شاعر جو شعر آھي:
بز مين چو سجده کر دم زرمين ندا برآمد
که مرا خراب ڪردي تو بسجده ربائي
بطواف ڪعبه رفتم بحرم رھم نداوند
که برون درچه ڪردي که درون خانه آئي.
”چون ٿا ته جڏھن زمين تي سجدو ڪيم ته زمين مان ھي آواز آيو ته تو ھن ڏيکاءَ جي سجدي سان مون کي ڇو خراب ڪري رکيو.
۽ جڏھن آئون ڪعبي ڏي ويس ته مون کي اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ھي آواز آيو ته ٻاھر تو ڪھڙا چٽا ڪم ڪيا آھن جو اندر اچڻ جي توکي تانگهه پيدا ٿي آھي“
پر بقول لطيف جي:
”آسرو مَ لاھيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو“.
۽ ”توڻي تڙئين تون، يا الڳ تو در توءِ نه ڇڏيان“. آئون ٻُڪ کڻي دعا گھران ٿو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪٿان شروع ڪريان، ڪٿي ختم ڪريان. ”چوڻ چارو ناهه ڪو بديون بيشمار“ واري ڳالهه آھي. بس ”عيبن ڀري آھيان، ستر ڪج ستار“.
”ھاڻ پاڻ کي طواف ڪرڻو پوندو“. حافظ سعيد مون کي سجاڳ ڪندي چيو ۽ حجر اسود واري ڪنڊ جي سامھون وٺي آيو. جنهن جي سڌائي ۾ زمين تي ڪري رنگ جي پٿر جي پٽي لڳل آھي. اسان احرام جي مٿين چادر ساڄي ڪلھي تان لاھي ساڄي ڪڇ ھيٺان ڦيرائي کاٻي ڪلھي مٿان ڦيرائي چڪا ھئاسين ۽ ھاڻ طواف جي نيت ڪئي. اسان کي عالمگير مسجد ۾ حج جي ليڪچرن دوران ٻڌايو ويو ھو ته ضروري ناھي ته نيت عربي ۾ ڪجي. نماز جي نيت وانگر طواف، عمري، حج وغيره جي نيت به پنهنجي مادري زبان ۾ ڪري سگھجي ٿي.
”اي الله آئون تنهنجي رضا لاءِ عمري جو طواف ڪريان ٿو. تون ھن کي منهن جي لاءِ آسان ڪجانءِ ۽ قبول ڪجانءِ.
ماڻھن جي تمام گھڻي رش ھئي، اسان کي ڪافي پري کان جاءِ ملي. ان ڪري حجر اسود کي ڇھڻ بدران پري کان استلام ڪيوسين، يعني ٻئي ھٿ پنهنجن ڪنن تائين آڻي پوءِ ھٿن جون تريون حجر اسود ڏي ڪري ”بسم الله، الله اڪبر“ چئي ھٿ چمياسين ۽ پوءِ طواف شروع ڪيوسين. طواف ۾ ڪعبي جي چوڌاري ست چڪر ھڻڻا پون ٿا، جن مان پھريان ٽي جاگنگ وانگر ننڍن ننڍن قدمن سان تکو تکو ھلڻو پوي ٿو. باقي چئن چڪرن ۾ عام طرح ھلڻو پوي ٿو. ھر چڪر حجر اسود واري ڪنڊ تي پورو ٿئي ٿو ۽ چڪر پورو ٿيڻ تي ھر دفعي استلام ڪجي. طواف دوران ھڪ ٻئي سان ڳالھائڻ بدران دعائون گھرڻ کپن، عربي ۾ ياد نه ھجن ته پنهنجي زبان ۾، خاص ڪري رڪن يماني واري ڪنڊ کان وٺي حجر اسود واري ڪنڊ تائين سنت مطابق ھرڪو ربنا آتنا... واري دعا گھري ٿو:
”اي اسان جا پروردگار!
اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي عطا فرماءِ
۽ آخرت ۾ به.
۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ...
طواف دوران ماڻھو اڪثر ٽيون ڪلمو بار بار پڙھن ٿا. اسان جي رھنمائي لاءِ طواف ۽ عرفات جي ميدان ۾ پڙھڻ لاءِ دعائون ”حج جي ڪتابن ۾ لکيل آھن، جيڪي پاڪستان جا ڪيترائي ادارا ۽ سعودي عرب حاجين جي سھوليت ۽ ثواب لاءِ ورھائيندا رھن ٿا. ھر حاجي کي کپي ته اھي چڱي طرح پڙھي.
نفلي طواف ۾ حجر اسود ۽ رڪن يماني کي ھٿ لائي سگھجي ٿو پر احرام جي حالت ۾ پري کان استلام ڪجي ٿو، جو انهن تي خوشبو لڳل رھي ٿي ۽ احرام جي حالت ۾ خوشبو عطر يا ويندي خوشبو وارو صابڻ به استعمال نه ٿو ڪري سگھجي.
طواف بعد اسان مقامِ ابراھيم جي پٺيان بنا  مٿو ڍڪڻ جي ٻه رڪعتون واجب طواف ادا ڪيون سين ۽ دعا گھري سين. ان بعد زم زم جو پاڻي پي پوءِ ھڪ دفعو وري حجر اسود جو استلام ڪري پوءِ سعي لاءِ ”صفا“ ڏي وياسين.
عمري ۽ حج ڪرڻ جو ھڪ خاص طريقو ٿئي ٿو. يعني Step by Step  ڇا ڪرڻ کپي. اھو ڪنهن ھنڌ تي الڳ باب ۾ ڏيڻ بي محل نه ٿيندو، جنهن مطابق اسان سڀ ڪجهه ڪري رھيا ھئاسين. ان کان علاوه اھي سڀ ڳالھيون ”حج جي ڪتاب“ ۾ به ڏنل ھونديون آھن يا ڪنهن مفتي عالم کان پڇي سگھجن ٿيون پر ھر صورت ۾ حج يا عمري تي نڪرڻ کان اڳ حج ۽ عمري جي طريقي کان واقف ٿي نڪرجي ۽ پوءِ مڪي پھچڻ تي به ڪوشش ڪري، ڪنهن اھڙي سان گڏ گڏ طواف، سعي ويندي منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ، نڪرجي، جنهن پھرين به ھڪ ٻه حج ڪيو ھجي ۽ ھو انهن طريقن کان واقف ھجي ۽ توھان جي رھنمائي ڪري سگھي. ڪا به غلطي ڪرڻ تي يا ڪو ارڪان ڇڏڻ تي صدقو يا ”دم“ ڏيڻو پوي ٿو. ڪنهن جانور ٻڪري يا رڍ جي قرباني ڏيڻ کي ”دم“ سڏجي ٿو.
صفا ۽ مروه پھاڙين جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ کي سعي سڏجي ٿو، عمرو ڪرڻ وارا طواف ڪرڻ ۽ زم زم جو پاڻي پيئڻ بعد سعي ڪندا آھن. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد آھي ته زم زم جو پاڻي جنهن نيت سان پيتو وڃي ٿو، اھو ئي فائدو ان مان ٿئي ٿو.
ھڪ ٻي حديث ۾ آيو ته، جيڪڏھن تون زم زم جي پاڻي کي اڃ لاھڻ لاءِ پيئندين ته اھو ان جو ڪم ڏيندو ۽ جيڪڏھن ڪنهن مرض کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پيئندين ته توکي صحت نصيب  ٿيندي. ھي حضرت جبرائيل عليه السلام جي خدمت آھي ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي سبيل آھي (اتحاف). حضرت جبرائيل عليه السلام جي خدمت جو مطلب اھو آھي ته ان جي ڪوشش سان ھي چشمو زمين مان ڦٽو ھو، جنهن جو قصو مشھور آھي.
حضرت عائشه رضه زم زم جو پاڻي پاڻ سان کڻي ويندي ھئي ۽ اھو ٻڌائيندي ھئي ته حضور ﷺ جن به کڻي ھلندا ھئا. ھڪ حديث ۾ آھي ته حضور ﷺ جن زم زم جو پاڻي پاڻ سان کڻي ھلندا ھئا ۽ بيمارن مٿان ڇڻڪيندا ھئا.
سعي (يعني صفا ۽ مروه پھاڙين جي وچ ۾ ست ڦيرا) حج ۽ عمري جو رڪن آھي. اھو ادا نه ڪرڻ سان حج ٿئي ٿو ۽ نه عمرو. سعي لاءِ باب صفا مان لنگھي صفا پھاڙي تي اچڻ کپي ۽ رستي تي قرآن مجيد جي آيت ”ان الصفا والمروه من شعائر الله“. (بيشڪ صفا ۽ مروه الله تعاليٰ جي نشانين مان آھن). پڙھڻ کپي. صفا پھاڙي تي ايترو چڙھڻ کپي جو بيت الله شريف نظر اچي ۽ قبلي ڏي منهن ڪري دعا گھرڻ کپي ۽ سعي جي نيت  ڪرڻ کپي.
”اي الله آئون تنهنجي رضا خاطر صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ست ڦيرا لڳائڻ) جو ارادو ڪريان ٿو. تون ان کي مون لاءِ آسان فرماءِ ۽ قبول فرماءِ.
صفا کان مروه ۽ مروه کان صفا ڏي ويندي وقت سائي رنگ جي ٿنڀن (ميلين اخضرين) جي وچ ۾ ڊوڙڻ يا تکو تکو ھلڻ کپي. مروه پھاڙي وٽ پھچي وري دعا گھرڻ کپي. ساون ٿنڀن جي وچ ۾ ڊوڙڻ جو حڪم فقط مردن لاءِ آھي ، عورتن لاءِ نه، پيري يا بيماري جي حالت ۾ ڊوڙڻ ضروري ناھي.
سعي جو ستون ڦيرو مروه وٽ پورو ٿئي ٿو، جتي سعي ختم ٿئي ٿي. ان بعد مٿي جا وار ڪترايا وڃن ٿا، جنهن کي حلق يا قصر سڏجي ٿو. مروه واري دروازي مان نڪرڻ سان به ٻه ٽي پنجابي ٽون ۾ اردو ڳالھائيندڙ حجام نظر آيا، جن ٺوڙهه ڪرائڻ جا ڏهه ريال گھريا ٿي پر حافظ سعيد جي ڪجهه بحث بعد ھو ٽي ريال وٺڻ لاءِ راضي ٿي ويا ۽ پنهنجي دڪان تي وٺي آيا ۽ مٿي تي بنا خوشبو وارو صابڻ ھڻي اسان جي ٺوڙهه ڪئي. وار ڪوڙائڻ بعد عمرو پورو ٿيو وڃي ۽ احرام جون پابنديون ختم ٿيو وڃن. گھر پھچي خوشبو واري صابڻ سان وھنجي شلوار قميص پاتي سين ۽ سڀني گڏجي ماني کاڌي. گروپ جي ليڊر ڪڪڙ جو ٻوڙ رڌيو ھو. نان (خبزه) ھيٺيان دڪان تان وٺي آيو، اسرار الحق چيو پھريون دفعو ماني احسان شيخ (گروپ ليڊر) ڪندو آھي. سڀاڻ کان ٻه ٻه زالون ٻوڙ رڌينديون ٻه ٻه مرد گوشت ۽ سيڌو وٺي انهن کي پھچائيندا. ھرھڪ ماڻھو، راشن پاڻي جي سلسلي ۾ (ٻه ٻه سئو) ريال گروپ ليڊر وٽ جمع ڪرايا.

No comments:

Post a Comment