Saturday, February 04, 2012

قرآن مجيد ۽ حديث شريف جون دعائون - الطاف شيخ


قرآن مجيد ۽ حديث شريف جون دعائون
 الطاف شيخ
”اي اسان جا رب! اسان پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو آھي، جيڪڏھن تو اسان کي نه بخشيو ۽ اسان تي رحم نه ڪيو ته اسان يقينن خسارو کڻڻ وارن مان ٿي پونداسين“. (سورة الاعراف ـ آيت 23)
”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي عطا فرماءِ ۽ آخرت ۾ به ڀلائي سان نواز ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچائج“. (سورة البقرة، آيت 201)


ــ”اي اسان جا پروردگار! اسان کان جھنم جو عذاب پري رکجانءِ، ڇو ته ان جو عذاب چھٽي وڃڻ وارو آھي. بيشڪ جھنم تمام خراب ٺڪاڻو ۽ خراب جاءِ آھي“. (سورة فرقان آيت ـ 66 ــ 65)
ــ”اي اسان جا رب! ھدايت عطا فرمائڻ بعد اسان جي دلين کي گمراهه نه ڪر ۽ اسان تي پنهنجي طرف کان رحمت عطا فرماءِ. بيشڪ تون ئي حقيقي داتا آھين“. (سورة آل عمران ـ آيت 8)
ـــ”اي اسان جا رب! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به بخش ڪر، جيڪي اسان کان اڳ ايمان آڻي چڪا آھن ۽ اھل ايمان جي باري ۾ اسان جي دلين ۾ ڪنهن به قسم جو ڪينو نه آڻڻ ڏي، اي اسان جا رب! تون وڏو ئي شفيق ۽ مھربان آھين“. (سورة الحشر ـ آيت 10)
ــ”اي اسان جا رب! اسان تي پنهنجي طرف کان رحمت عطا فرماءِ ۽ اسان جي معاملن ۾ اصلاح جي صورت پيدا فرماءِ“. (سورة الڪھف ـ آيت 10)
ـــ”اي اسان جا رب! اسان جو نور آخر تائين سلامت رکجانءِ ۽ اسان کي بخشجان، تون يقينن ھر شيءِ تي قادر آھين“. (سورة التحريم ـ آيت 8).
ـــ”اي اسان جا رب! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي نماز قائم ڪرڻ وارو بڻائج“.
ـــ”اي اسان جا رب! منهنجي دعا قبول فرماءِ. اي اسان جا رب! مون کي منهنجي والدين  ۽ اھل ايمان وارن کي حساب ڪتاب واري ڏينهن بخشي ڇڏجانءِ“. (سورة ابراھيم ـ آيت 41 ــ 40).
ــ”يا الله! منهنجي گناھن جي مقابلي ۾ تنهنجي مغفرت تمام وسيع آھي ۽ مون کي منهنجي عمل جي مقابلي ۾ تنهنجي رحمت جي وڌيڪ اميد آھي“.
ــ”اي الله آئون تنهنجي رحمت جو اميدوار آھيان. مونکي لمحي کن لاءِ به منهنجي نفس جي حوالي نه ڪر. منهنجون سڀ حالتون صحيح ڪجان. توکان سواءِ ڪو به الله نه آھي“.
ــ”اي الله! مون پنهنجي جان تي تمام گھڻا ظلم ڪيا  ۽ تنهنجي سواءِ ڪير آھي جو گناهه بخشي. مون کي پنهنجي طرف جي خاص بخشش سان نواز ۽ مون تي رحم فرماءِ“.
ــ”الاھي! اي جبرائيل، ميڪائيل، اسرافيل ۽ حضرت محمد ﷺ جا رب! آئون توکان باهه جي عذاب کان پناهه گھران ٿو“.
ــ”اي الله! جنهن ڏينهن تون پنهنجن ٻانهن کي اٿاريندين، ان ڏينهن مون کي پنهنجي عذاب کان بچائي رکجان“.
ــ”اي الله! مون کي بخش ڪر. مون تي رحم فرماءِ. مون کي صحت، ھدايت ۽ رزق عطا فرماءِ“.
ــ”يا الله! رزق حلال سان منهنجون سموريون ضرورتون پوريون فرماءِ ۽ حرام کان بچاءِ. پنهنجي فضل و ڪرم سان مون کي پنهنجي ذات کان علاوه ھرھڪ کان بي نياز ڪري ڇڏ“.

ــ”الاھي! آئون سوال ٿو ڪريان توکان درگذر ۽ سلامتي ۽ ھر تڪليف کان بچاءِ جو دنيا ۾ آخرت ۾.
ــ”يا الله! آئون توکان ھدايت، تقويٰ، پاڪدامني ۽ بي نيازي جو سوال ڪريان ٿو“.
ــ”اي الله! مون کي ھدايت ڏي ۽ منهنجي اصلاح فرماءِ. اي الله! آئون توکان ھدايت ۽ اصلاح جو سوال ڪريان ٿو“.
ــ”اي منهنجا رب! مون کي بخش ڪجانءِ. منهنجي توبه قبول فرماءِ. تون يقينن توبھ قبول ڪرڻ وارو ۽ بخشڻھار آھين“.
ــ”يا الله! منهنجي دل کي نفاق کان، عمل کان، ريا کان، زبان کي ڪوڙ کان  ۽اک کي خيانت کان پاڪ ڪري ڇڏ، ڇو جو تون اکين جي خيانت ۽ سينن جي اندر لڪل ڳالھين کي ڄاڻين ٿو“.
ــ”يا الله! آئون تنهنجي نعمت جي زوال، تنهنجي عافيت کان، محرومي، تنهنجي اوچتي عذاب ۽ تنهنجي ھر طرح جي ڪاوڙ کان پناهه گھران ٿو“.
ــ”يا الله! آئون چئن شين کان تنهنجي پناهه گھران ٿو (1) اھڙو علم جيڪو فائدو نه رسائي (2) اھڙي دل جيڪا خوف نه کائي (3) اھڙو نفس جيڪو آسودو نه ھجي (4) اھڙي دعا جيڪا قبول نه ٿئي“.
ــ”الله کانسواءِ ڪو به الٰہ ناھي. ھو اڪيلو آھي. ھن جوڪو به شريڪ ناھي. بادشاھي ان جي لاءِ آھي، واکاڻ جي لائق اھو ئي آھي ۽ ھو ھر شيءِ تي قادر آھي“.
ڪتاب (حج و عمره) تان ـ حديث پبليڪيشنز، لاھور.

No comments:

Post a Comment