Saturday, February 04, 2012

نيوز پيپر ڪٽنگز - الطاف شيخ


نيوز پيپر ڪٽنگز
الطاف شيخ 
حج جي دوران سعودي عرب مان نڪرندڙ انگريزي اخبارن ۾ ايندڙ ڪجهه خبرون پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ ھتي ڏيان ٿو. پڪ اٿم ته ھنن خبرن مان ڪيترن ئي ڳالھين جي آئيڊيا ۽ ڄاڻ ٿي سگھندي. ڪي خبرون دلچسپ پڻ آھن.


انگلينڊ کان آيل حاجي
سعودي عرب جي ھڪ انگريزي اخبار سعودي گزيٽ مطابق ھن سال (سن 2000ع) ۾ يورپ کان آيل حاجين ۾ ٽيهه ھزار حاجي انگلينڊ جا ھئا. گذريل سال انگلينڊ کان ويهه ھزار حاجي آيا ھئا. برٽش ھائوس آف لارڊس جو مسلمان ميمبر لارڊ نظير احمد پڻ حج تي آيل ھو. سندس ھي ٻيو حج ھو. ان کان علاوه ھن ست عمره ڪيا آھن. ھن سعودي حڪومت جي تعريف ڪئي، جيڪا ھر سال حاجين لاءِ بهتر کان بهتر سھوليتون مھيا ڪري رھي آھي ۽ حاجين کي عرفات ۽ منى ۾ پاڻي جون لکين بوتلون ۽ کاڌي جون شيون مفت ڏئي ٿي.
ھن سال برطانيا کان ڪيترن ئي ڊاڪٽرن رضاڪارانه طور پنهنجي خرچ تي حج تي اچي دنيا جي حاجين جي خدمت ڪئي. سعودي عرب حڪومت جي ٻئي نمبر پريميئر ۽ ڊفينس جي انسپيڪٽر جنرل ۽ بادشاهه فھد جي ڀاءُ شھزادي سلطان ابن عبدالعزيز خميس ڏھين ذوالحج تي جن خاص مھمانن سان ملاقات ڪئي، انهن مان انگلينڊ جو لارڊ نظير ھڪ ھو.
اٽڪل 42 ورھين جو نظير احمد، جيڪو لنڊن کان 180 ميل پري راٿرھام علائقي ۾ رھي ٿو، برطانيا جي پارليامينٽ جو پھريون مسلمان لارڊ آھي. پاڻ پاڪستاني آھي ۽ سندس فئملي جو اصل ڳوٺ ميرپور (آزاد ڪشمير) ھو. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ ھن جي پيءُ پنهنجو وطن ڇڏي لنڊن ۾ اچي رھائش اختيار ڪئي ھئي.

قربانيءَ جو گوشت ٻين ملڪن ڏي
جده 18 مارچ 2000ع حاجين جي منى ۾ ڪيل قربانين جي گوشت جي پھرين کيپ ڪالهه جمعي ڏينهن ھوائي جھاز کڻي جده کان پاڪستان ڏي روانو ٿي ويو، جتي اھو گوشت افغان مھاجرين ۾ ورھايو ويندو. حاجين طرفان ذبح ڪيل جانورن جو گوشت 27 مسلمان ملڪن جي غريبن ۾ ورھايو ويندو. ان ڪم جو بندوبست سعودي حڪومت  ۽ اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ گڏجي ڪنديون.
اٽڪل اڍائي ھزار يخ ٿيل (Frozen) قرباني جون ٻڪريون ۽ رڍون پھرين جھاز ۾ پشاور موڪليون ويون آھن ۽ اڄ ھڪ ٻي ان جيڏي کيپ ھوائي جھاز کڻي ڪوئيٽا روانو ٿيندو. ايندڙ ڏينهن ۾ اٽڪل ڏهه ھزار جانور پاڪستان روانا ڪرڻا آھن. اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ (IDP) جي نمائندي ٻڌايو.
آءِ ڊي پي وارن کي حاجين طرفان حج جي ھنن ٽن ڏينهن (خميس، جمع ۽ ڇنڇر) ۾ اٽڪل پنج لک رڍون، ٻڪريون ۽ ڏهه ھزار ڍڳيون ۽ اٺ ذبح ڪرڻ جو ارادو آھي. جمعي جي صبح تائين ٻه لک کن رڍون، ڍڳيون ۽ اٺ ذبح ٿي چڪا آھن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ گوشت کي ٿڌو (Frozen) ڪري ھوائي جھازن، پاڻي جي جھازن ۽ خشڪي رستي ٽرڪن، ڪنٽينرن ذريعي مختلف ملڪن ۾ موڪليو ويندو ۽ ان سڄي ڪم جي نگھباني آءِ ڊي پي بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر احمد محمد علي پاڻ ڪري رھيو آھي.
بئنڪ طرفان ھي قرباني جو پروجيڪٽ اڄ کان سترھن سال اڳ شروع ڪيو ويو ھو. ھن پروجيڪٽ ۾ ويهه ھزار ماڻھو ڪم ڪن ٿا، جن ۾ ڪاسائي جانورن جا ڊاڪٽر، ٽيڪنيشن ۽ مزور اچي وڃن ٿا ۽ اھو سمورو ڪم شريعت مطابق ڪن ٿا. نئين مذبحه خاني (Slaughter House) جي ٺھڻ سان ھاڻ منى ۾ ڪل پنج قربان گاهه ٿيا. ھن نئين ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي قربان گاهه ۾ ھڪ ڏينهن ۾ ٻه لک جانور قربان ڪري سگھجن ٿا. بئنڪ جي صدر ٻڌايو ته انهن قربانيءَ جي جانورن مان ڏهه ھزار جانورن جو گوشت مڪي جي حرم واري ايراضي ۾ ورھايو ويندو.

غير شريفاڻي نموني سان پئسو ٺاھڻ
مڪي مڪرمه ۽ مديني منوره کان علاوه منى، قبا ۽ ٻين پاڪ جاين تي فقيرن جا ڳاھٽ نظر اچن ٿا. خاص ڪري رمضان جي مھيني ۾ عيدن تي ۽ حج دوران، اھي فقير مختلف قوميتن جا آھن ۽ ھو مختلف جاين تي اھڙو قبضو ڪن ٿا، جو مجال آھي جو سندن ڀائي بند کان علاوه ڪو ٻئي ملڪ جو ان جاءِ تي ويھي پني ڏيکاري. ڪنهن ڪنهن ھنڌ تي ته سڄا خاندان نظر اچن ٿا. ماءُ، پيءُ ۽ ٻارن ٻچن سميت رستي تي، ڪناري تي يا وچ تي ويھي ايندڙ ويندڙ واٽھڙو کي پنهنجي جسم جا عذر وارا عضوا ڏيکاري ھمدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا . اھڙي طرح ھو حاجين کي ڦرين ٿا.
اخباري نمائندن ۽ فوٽو گرافرن کان ھي پينو فقير ڏاڍو ڪن ھڻن ٿا. ڪئميرا تي نظر پوڻ سان پريشان ٿيو وڃن. ڪوڙن عذرن ۽ بهانن وارن جي حالت ان وقت ڏسڻ وٽان ٿئي ٿي. جڏھن ھو ڪنهن سخي مرد کي پئسا يا کاڌي جا پئڪٽ ورھائيندي ڏسن ٿا ته ھنن کان پنهنجون لوليون لنگڙيون ٻانهون ۽ ٽنگون وسريو وڃن ۽ ڊوڙ پائي خيرات لاءِ پھچيو وڃن ۽ پوءِ وري ساڳي لولي لنگڙي يا منڊي ٽنڊي جي ائڪٽنگ شروع ڪريو ڏين. اھو ڏسي واٽ ويندڙ حاجي وائڙا ٿي ويندا آھن پر ھي پينو فقير بيشرم ٿي اھو ڪم ڪندا رھن ٿا.
”اسين الله جي نالي تي خيرات ڏيون ٿا، جيڪڏھن ھو اسان کي دوکو ڏين ٿا ته اھو ھنن جو مسئلو آھي“. ڪيترن حاجين اھو ٻڌايو. ڪجهه حاجين سڀني فقيرن کي ھڪ مقرر ٿيوري ٺاھي ڇڏي آھي ته انهن کي خيرات نه ڏيڻي آھي.
”اسان کي ھنن فقيرن ۾ ڪو اعتبار نه آھي“. ڪجهه حاجين کي شڪ ھو ته فقيرن جو عذر قدرتي نه پر ھٿرادو آھي.
”ھنن ڄاڻي واڻي پاڻ کي معذور بڻايو آھي يا عذر واري جو مکر ڪن ٿا، جيئن حاجي ھنن سان ھمدردي ڪن ۽ پئسا ڏين“.
فقير گروپن جي شڪل ۾ پنڻ لاءِ سعودي عرب اچن ٿا ۽ ھنن غلط ڪم ۾ کين ٻيا ڦاسائين ٿا ۽ سندن ڪمائي جو وڏو حصو اھي کڻن ٿا ھو. پوليس جي آمد يا موبائيل گاڏي جي اچڻ جو اطلاع کين اڳواٽ ڏئي کين ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه فقير جيڪي پوليس جي ور چڙھي ويا آھن، انهن جي کيسن مان ڏهه ڏهه ھزار ريالن کان به مٿي پئسا مليا. پنڻ ھڪ شرمناڪ ڳالهه ھجڻ جي باوجود، ڪيترن ماڻھن، پنڻ کي ڌنڌو بڻائي رکيو آھي ۽ ھو خاص خاص ڏينهن تي تمام گھڻو پئسو حاصل ڪريو وٺن. (سعودي گزيٽ اخبار)

جمراہ (شيطانن) کي پٿريون ھڻڻ
جمره عربي لفظ آھي. جنهن معنى آھي ٻرندڙ (ٽانڊو) (جمراه جمره جو جمع آھي) شيطانن کي پٿريون ھڻڻ جي رسم پوري ڪرڻ لاءِ حاجي ڳاھٽن جي صورت ۾ پيدل ۽ بس ۾ پھچن ٿا. حاجين جي سھولت لاءِ سعودي حڪومت ھن جاءِ کي پل ذريعي ٻه ماڙ ٺاھيو آھي. جيئن حاجي سڳورا ھڪ ھنڌ ميڙ ٿيڻ بدران مٿي پڻ ھليا وڃن. حڪومت طرفان ڪيترائي پوليس وارا حاجين جي رھنمائي ڪن ٿا. جيئن ڪجهه ھيٺ وڃن ته ڪجهه مٿي ۽ساڳي وقت ھڪ طرف کان وڃن ۽ ساڳي طرف کان موٽڻ بدران ٻئي طرف کان موٽن. جيئن ھنن جو ٽڪراءُ نه ٿئي، ڪو حادثو نه ٿئي.
ان سڄي علائقي کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ منى ميونسپلٽي ھزارين صفائي وارا لڳائيا آھن، جيڪي ٻهارن ذريعي، ٽريڪٽرن ذريعي ۽ ڪچري جي ٽرڪن ذريعي چوويهه ئي ڪلاڪ گند ڪچرو کڻندا رھن ٿا. ھر ٻن ٻن ڪلاڪن بعد ٽرڪون DDT پائوڊر جو ڦوھارو ھڻن ٿيون، جيئن جراثيم يا ڪا بيماري نه پکڙجي، پر انسان جي فطرت ۾ تڪڙ آھي. تڙ تڪڙ ۾ ۽ ھڪٻئي کي ٿيلھا ڏيڻ ۾ ھنن جا چمپل لھيو وڃن، ڇٽيون ڪريو پون يا ٻيو ھٿ ۾ کنيل سامان گم ٿيو وڃي. ويندي پنهنجي ساٿين ۽ مائٽن کان جدا ٿيو وڃن.
مختلف ملڪن جا ماڻھو مختلف ڊريسن ۾ ٽولن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا ته اڪيلا به. ھرھڪ جي شڪل صورت جدا جدا آھي، پر ھڪ ڳالهه سڀني ۾ ساڳي آھي، ھرھڪ جي ھٿ ۾ پٿريون آھن ۽ سندن زبان تي ساڳيو نعرو آھي: الله اڪبر ـ الله وڏو آھي.

سمارٽ ينگ حاجيز
ڪن ڳالھين ۾ ٻارن وڏن کان وڌيڪ تيز ٿين ٿا. ڪيترا ٻار منى وارا ٽي چار ڏينهن ايترو ڪمائين ٿا جو وڏو به نه ڪمائي سگھي. سندن ڪمائي جا عجيب طريقا آھن. منى ۾ ٻارن جو ھڪ ٽولو مفت ۾ ورھايل پاڻي جون بوتلون وٺي دڪانن اڳيان ھڪ ھڪ ريال ۾ وڪڻي رھيا آھن ۽ خريدار دڪانن تان ٻن ريالن في بوتل وٺڻ بدران ھنن کان اڌ قيمت يعني في بوتل ھڪ ريال خريد ڪري رھيا ھئا. جنهن ريت ٻارن جو ۽ خريدارن جو فائدو ٿي رھيو ھو. ڪيترا ٻار ته دڪانن اڳيان وڪڻڻ بدران رستي جي ڪناري تي بيھي وڪڻي رھيا ھئا.
منى ۽ عرفات ۾ جيتوڻيڪ پاڻي مفت ۾ ورھايو وڃي ٿو پر ڪيترا ماڻھو اُس ۾ پنڌ ڪري پاڻي جي لاري تائين وڃڻ بدران ھنن ٻارن کان ھڪ ريال ۾ پاڻي جي بوتل خريد ڪرڻ ۾ عافيت محسوس ڪن ٿا. ٻارن ۾ ھمٿ ۽ قوت ٿئي ٿي ۽ ھو پئسي ڪمائڻ جي شوق ۾ سڄو ڏينهن ھيڏانهن ھوڏانهن ڊوڙندا رھن ٿا ۽ ھو ھڪ قسم جي ڊليوري سروس ڪن ٿا، يعني ھڪ ريال گھر ويٺي بوتل پھچائڻ جو اجورو وٺن ٿا. ٻارن جي ان بزنيس ڪري دڪاندارن جو وڪرو ضرور خراب ٿئي ٿو، ڇو جو ٻار پاڻي جي دڪانن ٻاھران بيھي اڌ قيمت تي پاڻي جون بوتلون وڪڻن ٿا. ھڪ دڪاندار کان پڇڻ تي ھن ٻڌايو ”ننڍي ھوندي اسان به ائين ڪندا ھئاسين ۽ سڄي سال لاءِ چڱي خرچي گڏ ڪري وٺندا ھئاسين. حج جي موسم سڀني لاءِ آھي. جيڪو حج وارن ڏينهن ۾ نه ٿو ڪمائي سگھي، اھو باقي ڏينهن ۾ ڇا ڪمائيندو. بهرحال مون کي ٻارن جي پرواهه ناھي. ھو فقط پاڻي ئي وڪڻن ٿا. مون کي پنهنجي ڌنڌي جو فڪر تڏھن ٿيندو، جڏھن ھو پاڻي کان علاوه ٻيون شيون به وڪڻڻ شروع ڪندا“.
ڪجهه وکون اڳتي ”جمراه پل“ وٺ ڪجهه ٻارن اخبارن جي نمائندي کي تعجب  وجھي ڇڏيو. ھو ٻن ريالن، چمپل وڪڻي رھيا ھئا، جيڪي دڪانن تي پنجن کان ڏھن ريالن تائين ملن ٿا. ڪجهه حاجي جذبات ۾ اچي پٿرين بعد پنهنجي چمپل شيطان کي اھو سوچي ھڻندا آھن، ڄڻ ھو واقعي شيطان کي موچڙا ھڻي رھيا ھجن، انهن کي اھا خبر ناھي ته ھي فقط علامت (Symbol) طور آھي. ھزارن جي تعداد ۾ان قسم جا جوتا گڏ ٿين ٿيا، جيڪي صفائي وقت ٻار کڻن ٿا ۽ جوڙا جوڙا ٺاھي سستي اگهه تي Resell ڪن ۽ ضرورتمند حاجي ڏهه ريال ڏئي نئون وٺڻ بدران ھنن ٻارن کان ٻن ريالن ۾ خريد ڪن.

ڏھن ڏينھن ۾ اٺ ڪروڙ ٽيليفون ڪالز
مني 17 مارچ 2000ع سعودي ڪميونيڪيشن ڪمپني (STC) جي چيئرمين عبدالرحمان اليامي ”عرب نيوز“ اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته مڪي ۽ ڀرپاسي جي پاڪ جاين تان گذريل ڏھن ڏينهن ۾ موبائيل ۽ عام فون تان اٺ ڪروڙ کان مٿي فون ڪيا ويا. فقط عرفات واري ڏينهن تي ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ فون ڪيا ويا.

اسلامي اھم شخصيتن لاءِ فنڪشن
منى 17 مارچ 2000ع سعودي عرب جي اسلامي ڳالھين جي وزارت  (Ministry of Islamic Affairs, Endowment حج تي آيل اسلامي ملڪن جي اهم شخصيتن جي مان ۾ هڪ ڪاڄُ ڪري رهي آهي. صالح الشيخ، اسلامي ڳالهين جي وزير ان فنڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪيترن ئي عالمن، وزيرن ۽ حج مشن جي ليڊرن کي دعوت ناما موڪليا آهن.

وڇڙيل حاجين کي ملائڻ
ٿورو تصور ڪريو ته توهان پنهنجي ڪٽنب يا دوستن جي ٽولي سان گڏ حج لاءِ پهتا آهيو ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو توهان گم ٿي ٿا وڃو. توهان پنهنجي مائٽن عزيزن کان جدا ٿي ٿا وڃو. هنن سان ڪوبه رابطو قائم نٿا ڪري سگھو، اهو ڪي ڪجھه هڪ 70 سال جي پوڙهي حاجياڻيءَ ناوغ خاتون سان ٿي گذريو، جيڪا پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٽولي کان جيڪو انڊيا کان آيل هو. چئن ڏينهن لاءِ وڇڙيل رهي. ”لاسٽ اينڊ فائونڊ سائوٿ ايشين پلگمس“ جي ڊائريڪٽر اسماعيل خليل اخباري نمائندن کي ٻُڌايو.
هن ٻُڌايو ته هيءَ پوڙهي عورت منى پهچڻ واري پهرين ڏينهن ئي پنهنجي ٽولي کان جدا ٿي وئي. هن ويچاريءَ سان وڏو مسئلو اهو هو ته هو جو ڏکڻ هندستان جي جيڪا زبان ڳالهائي ٿي، اها سمجھڻ وارو ڪير به نه هو. پنهنجي ٽولي کان جدا ٿيڻ بعد هن ويچاريءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻين کي ڏاڍو ڳوليو ۽ سڏ ڪيا پر هو هڪ ٻئي سان ملي نه سگھيا. آخر ٿڪجي ۽ اڃ ۽ بُک ۾ پاهه ٿي هوءَ هڪ سپرمارڪيٽ ۾ پهتي ۽ دڪاندار کان کائڻ لاءِ مانيءَ ڀور گھريو. دڪاندار سمجھي ويو ته هيءَ ويچاري گم ٿي وئي آهي ۽ هن جي مدد ڪجي سو هن يڪدم ”South Asian lost and found centre تي فون ڪيو. جيڪي پوڙهيءَ کي مرڪز تي وٺي آيا، جتي هن کي رهايو ويو ۽ کاڌو پيتو ڏنو ويو.
چوٿين ڏينهن هڪ پير مرد پنهنجي زال جي ڳولا ۾ مرڪز کان اچي نڪتو، ”اسان ان وقت موجود عورتون هن کي ڏيکاريون ۽ هي پنهنجي زال کي سڃاڻي ڏاڍو خوش ٿيو.“ مرڪز جي انچارج ٻُڌايو. ٻنهي کي ملندو ڏسي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي. هو کلي خوش به ٿي رهيا هئا ته اکين مان ڳوڙها به ڳاڙي رهيا هئا. هنن کي چئن ڏينهن جي وڇوڙي بعد ملندو ڏسي اسان کي به روئڻ اچي ويو. بهرحال اها هڪ Happy Ending چئي سگھجي ٿي.

ڪعبي شريف جو ڪسوه (غلاف) اڄُ بدلبو
مڪو ـــ جنرل پريزيڊنسي حرمين شريفين طرفان ڪعبي شريف جو غلاف (ڪسوه) اڄُ (اربع نائين ذوالحج) هرسال جي رسم موجب بدلايو ويندو.
نئون غلاف (ڪسوه) نج سلڪ جي ڪپڙي جو ٺهيل آهي، جنهن جي ڊيگھه 47 ميٽر ۽ ويڪر 14 ميٽر آهي.
غلاف جي مٿئين حصي تي 47 ميٽر ڊگھو ۽ هڪ ميٽر ويڪرو پٽو آهي جنهن تي قرآن مجيد جون آيتون ڀريل آهن. غلاف سان گڏ ڪعبي شريف جي دروازي جو پڙدو پڻ آهي جيڪو البرغ سڏجي ٿو.
دروازي جو پڙدو پڻ نج سلڪ مان ٺهيل آهي، جنهن جي ڊيگھه 6.5 ميٽر ۽ ويڪر 3.5 ميٽر آهي، جنهن تي پڻ قرآن شريف جون آيتون ڀريل آهن.
سڄو غلاف پنجن حصن ۾ ٺهيل آهي. جنهن جا چار حصا ڪعبي شريف جي چئن ڀتين کي ڍڪڻ لاءِ آهن ۽ پنجون حصو هن جي دروازي جو پڙدو آهي.
هن سڄي غلاف تي 450 ڪلوگرام سلڪ استعمال ٿي آهي ۽ 17 مليل سعودي ريال خرچ آيو آهي. هي غلاف سعودي عرب جي خاص ڪاريگرن تيار ڪيو آهي.

فهد حاجين لاءِ ڏهه لک قرآن جون ڪاپيون ڇپرايون
منى ۾ 15 مارچ 2000ع ــ شاهه فهد حڪم جاري ڪيو اهي ته حاجين جي سندن وطن روانگي وقت ڏهه لک قرآن شريف جون ڪاپيون هنن ۾ ورهايون وڃن. هن ڳالهه جو اعلان وزير اسلامڪ افيئر شيخ صالح بن عبدالعزيز بن محمد ڪيو، جيڪو مديني ۾ قرآن شريف جي ڇپائيءَ جي ڪامپليڪس (ڪنگ فهد ڪامپليڪس فار پرنٽنگ هولي قرآن) جو سپروائيزر جنرل پڻ آهي.
سعودي بادشاهه اهو پڻ حڪم جاري ڪيو آهي ته مڪي جي علائقي ۾ جيڪي به مسجدون آهن انهن لاءِ ٻه لک ڪاپيون قرآن شريف جون تفسير سميت ورهايون وڃن.
وزير صاحب اهو پڻ ٻُڌايو ته ڪيترين ئي زبانن ۾ قرآن جا تفسير ۽ ڪئسٽ پڻ ورهايا ويندا.

جدي ۾ ويهه هزار حج پرمٽون جاري ڪيون ويون
جده 13 مارچ 2000ع ـــ برگيڊيئر حسن بن عباس ريشوان بيان جاري ڪيو آهي ته هن سال جدي ۾ رهندڙ مڪاني عربن ۽ ڌارين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙن مان ويهه هزار ماڻهن کي حج ڪرڻ جون پرمٽون ڏنيون ويون آهن. هن ٻُڌايو ته ان ڳالهه جو فيصلو اسلامڪ ڪانفرنس ڪري ٿي.
”اسان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن (عربن) توڙي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندڙ ڌارين کي حج جي کُلي آزادي نٿا ڏئي سگھون.“ برگيڊيئر حسن ٻُڌايو. ”ايئن ڪرڻ سان مونجھارو پيدا ٿي پوندو. اسان کي هروقت اهو خيال رهي ٿو ته ڌارين ملڪن کان خاص حج لاءِ هلي آيل حاجين جو حج سهوليت ۽ آسانيءَ سان ٿي سگھي.“
برگيڊيئر حسن ٻڌايو ته اسان جي ملڪ جي فقط انهن رهاڪن کي حج جي پرمٽ ڏني ويئي آهي، جن کي حج ڪئي پنج سال ٿي ويا آهن ۽ ان قانون جي جيڪو ڀڃڪڙي ڪندو ۽ لڪي ڇَپي حج تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي قانون مطابق سزا ڏني ويندي. مثال طور: سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندڙ (Expatriate) کي هن ڏوهه جي سزا جيل، ڏنڊ ۽ وطن واپسي ٿي سگھي ٿي ۽ جيل يا ڏنڊ انهن کي به ملي سگھي ٿو جيڪي حج جي مقرر ڏينهن کان وڌيڪ رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

منى لاءِ 30 ايمبولينسون
سعودي عرب جي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر اوساما بن عبدالمجيد شوبوڪشيءَ اعلان ڪيو آهي ته حاجين جي خدمت لاءِ منى ۾ 30 ايمبولينسون تيار رهنديون. هن اهو اعلان منى جي اسپتالن ۽ ڪلينڪن جي انسپيڪشن ٽوئر بعد ڪيو. هن صاحب منى جون هي اسپتالون چيڪ ڪيون: ڊسپينسري نمبر 22 ۽ نمبر 23، منى پبلڪ اسپتال الوادي اسپتال، نيوروڊ اسپتال، الجسر اسپتال (پل واري اسپتال). هن چيو ته ان کان علاوه کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 60 وڌيڪ ايمبولينسون تيار رکيون وينديون، جيئن ضرورتمند کي وقت تي ميڊيڪل سهوليت پهچائي سگھجي.

ٿائي مسلمان ليڊر جو اظهار
مسٽر برهان دين يوسينت سعودي حڪومت جي واکاڻ ڪئي ته هن حرمين شريفين (ٻنهي پاڪ مسجدن) کي وڏو سهڻو بڻائي خير جو ڪم ڪيو آهي ۽ منى توڙي عرفات جي ميدان تي حاجين جو وڏو خيال رکي ٿي.
برهان دين يوسينگ اٺ عمرا ڪيا آهن ۽ هن ڀيري پنجون حج ڪرڻ آيو آهي. پاڻ ٿائيلنڊ جي نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ اسيمبليءَ جي صدر جو سيڪريٽري پڻ آهي.
ٿائيلنڊ جي 61 ملين آدمشماري آهي جنهن ۾ ڏهه سيڪڙو مسلمان آهن، جن جو مُنو حصو ٿائلنڊ جي ڏاکڻن صوبن: يالا، پٽاني، سونگڪلا، ساتون ۾ رهي ٿو.
مسٽر يوسينگ ٻڌايو ته ملڪ جا ڪيترائي مسلمان ليڊر ٿائيلنڊ جي سوشيوپوليٽيڪل ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ”وان محمد نور ماٿا، صدر نيشنل اسيمبلي م سورن پتسو وارن فارين افيئر منسٽر انهن مان ٻه ڄڻا آهن.“ هن ٻُڌايو ته هن سال ٿائيلنڊ مان فقط ست هزار ڄڻا حج لاءِ آيا آهن. حاجين جي گھٽ اچڻ جو سبب وڌندڙ مهنگائي ۽ خراب ايڪانامي آهي.

خوشنصيب حاجياڻي
جڪارتا (انڊونيشيا) جي بن سعود اسلامڪ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي فاطمه انهن خوشنصيب ماڻهن مان آهي جن کي ملڪ جي بادشاهه شاهه فهد دعوت ڏئي حج لاءِ گھرايو آهي. هوءَ پهريون دفعو حج تي آئي آهي ۽ شاهه فهد جي مهمان ٿي رهندي.
”آئون ۽ منهنجو ڀاءُ شاهه فهد جا شڪرگذار آهيون، جنهن اسان کي هي موقعو ڏنو آهي.“ فاطمه سعودي گزيٽ جي اخباري نمائندي کي ٻُڌايو.
فاطمه پنهنجي شريعت ڪاليج ۾ ٽاپ جي شاگردياڻي آهي ۽ قرآن پڙهڻ ۾ هن جو آواز بيحد سٺو آهي. ان ڪري اندونيشيا ۾ سعودي سفير جي زال هن جو نالو هن دعوت لاءِ موڪليو. فاطمه ملئي زبان کان علاوه انگريزي ۽ عربي به سٺي ڳالهائي ٿي.

اسلامڪ لٽريچر جي ڊمانڊ
مائڪروسافٽ ڀلي کڻي دنيا ۾ سڀ کان گھڻو وڪرو ڪندڙ سافٽويئر ڪمپني هجي، پر هتي مڪي ۾ قرآن مجيد، حديث ۽ پيغمبر جي ڪهاڻين جو سافٽويئر نوان رڪاڊ قائم ڪري رهيو آهي..
هن ڀيري انهن شين جي کپت 300 سيڪڙو وڌي وئي آهي ۽ مسجدالحرام جي  ٻاهران ڪمپيوٽر سافٽويئر جا دڪاندار وڌندڙ ڊمانڊ ڏي ڌيان ڏئي رهيا آهن.
اڄ ڪلهه هي دڪان حاجين سان ٽُٻ رهن ٿا جن جي سوالن جا جواب قابل سيلزمين ڏيندا رهن ٿا. هي دڪان جيڪي اسلامي شيون وڪرو ڪن ٿا، اهي ڇهه اهم زبانن ۾ آهي: عربي، انگريزي، فرينچ، ملئي، ترڪي ۽  جرمن.
”حاجي حرم پاڪ مان نماز پڙهڻ بعد ان ساڳي امام جي رڪاڊنگ جي سافٽويئر ٻُڌي يڪدم خريد ڪن ٿا.“ هڪ دڪاندار ٻُڌايو. هڪ سيلز مين چيو ته:
“Islamic software are user friendly, self explanatory and in many languages.”
انهن جي قيمت 30 ريالن کان 400 ريالن تائين آهي. ڊئنمارڪ کان آيل هڪ حاجي چيو: ”هن قسم جا  پروگرام عربي سکڻ لاءِ سٺا آهن ۽ ساڳئي وقت اسان جي ٻارن کي مذهب بابت ڄاڻ مهيا ڪن ٿا.“

حاجين جي خدمت لاءِ اسپتالون
مڪه ــ سعودي حڪومت ست اسپتالون ۽ ڪيتريون ئي ڪلينڪون حاجين ۽ مڪي جي شهرين لاءِ مقرر ڪيون آهن. اسپتالون هن ريت آهن: ڪنگ عبدالعزيز اسپتال (272 بسترا)، ڪنگ فيصل اسپتال (207 بسترا)، الجيا جنرل اسپتال (131 بسترا)، حرا جنرل اسپتال (161 بسترا)، ابن سينا اسپتال (200 بسترا)، مئٽرنٽي ۽ ٻارن جي اسپتال (300 بسترا) ۽ نور اسپيشلسٽ اسپتال (526 بسترا).
ان کان علاوه پنج خاص مرڪز کوليا ويا آهن، جتي عذر وارن، ڪڊني ڪيس، ڊينٽل سرجري ۽ ڪيميڪل Poisoning جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا.
ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر غزاز ٻڌايو ته حاجين جي صحت برقرار رکڻ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي بچاءَ لاءِ حڪومت منى ۽ عرفات ۾ به ست کن اسپتالون کوليون آهن. اهي هي آهن: منى جنرل اسپتال، منى برج اسپتال، منى وئلي اسپتال، منى نيواسٽريٽ اسپتال ۽ عرفات ۾ عرفات جنرل اسپتال، جبل رحمت اسپتال ۽ نمره اسپتال. اهي اسپتالون حج وارا پنج ڏينهن ڪم ڪن ٿيون. انهن اسپتالن کان  علاوه منى ۾ 23 ڪلينڪون ۽ عرفات ۾ 42 ڪلينڪون کوليون ويون آهن.
ڊاڪٽر غزاز ٻڌايو ته مڪي جي گرم هوا مسئلا پيدا ڪري ٿي. عام طرح ماڻهن کي ڏينهن لڳيو وڃي، اهي هاجي جيڪي انگلينڊ، يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ٿڌن ملڪن مان اچن ٿا، جيڪي ڪوسي هوا (لُڪ) جا عادي نه آهن، اهي Sun Stroke جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا. سعودي حڪومت اهڙين بيمارين جي علاج کي به ڌيان ۾ رکيو آهي ۽ انهن جي علاج لاءِ خاص قسم جا ٿڌا بسترا ايجاد ڪيا ويا آهن، جيڪي مڪي، منى ۽ عرفات جي سڀني اسپتالن ۾ رکيا ويا آهن.
ڊاڪٽر غزاز ٻڌايو، ”جيتوڻيڪ مزدلفه ۾ حاجي رات جا فقط ٻه يا ٽي پهر گذارين ٿا پر ان هوندي به سعودي حڪومت اتي پڻ 6 ڪلينڪون کوليون آهن.“

حاجين ۾ پاڻي مفت ورهايو ويو
منى ــ خيميس 16 مارچ 2000ع ــ عرفات جي ٻئي ڏينهن به شاهه فهد طرفان حاجين ۾ چار لک پاڻيءَ جون بوتلون مفت ورهايون ويون. ان لاءِ ڪيتريون ئي ٽرڪون ۽ ڪولڊ اسٽوريج يونٽ استعمال ڪيا ويا. ان ڳالهه جو اطلاع مڪه واٽر اينڊ سيوريج جي ڊائريڪٽر جنرل محمد القوواحس اخباري نمائندن کي ڏنو.

هزارين حاجي روزانو گم ٿين ٿا
منى (اخباري نمائندي هسن حتراش طرفان)
”آئون پنهنجي زال کي حرم پاڪ ۾ ڇڏي ٻاهر هڪ دوست سان ملڻ ويس جنهن کي بن دائود ڊپارٽمينٽ اڳيان بيهڻ جو وقت ڏنو هوم. واپس موٽڻ تي آئون پنهنجي زال ڳولي نه سگھيس.“ 67 ورهين جي محمد موسى نالي هڪ ڪمبوڊيا جي حاجيءَ هرم پاڪ ۾ ٺهيل Found and Lost سينٽر ۾ ٻڌايو.
محمد موسى جو ڪيس انهن هزارين گم ٿيلن مان هڪ آهي. جيڪي روزانو گم ٿيلن جي سينٽر تي رپورٽ ڪن ٿا، جنهن جهڙا وزارت حج طرفان حرم پاڪ جي چؤڌاري اٺ سينٽر آهن.
هن اخباري نمائندي جي انسپيڪشن تي انهن مان هڪ سينٽر تي هڪ الجيريا جو حاجي پنهنجي سَسُ جي وڃائجي وڃڻ جي رپورٽ ڪرڻ آيو هو. سينٽر جي انچارج ساڻس چرچو ڪندي چيو: ”ميان ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي اهڙا سهڻا موقعا رب پاڪ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خاص ٻانهن لاءِ مهيا ڪري ٿو.“ حاجي (جنهن جي سَسُ گم ٿي وئي هئي ۽ ڦلهڙو منهن ڪري آيو هو) کان به ٽهڪ نڪري ويو.
ان سينٽر جي انچارج محمد يونس ٻڌايو ته هيستائين 3380 گم ٿيڻ جا ڪيس هنن جي سينٽرن تي درج ٿي چُڪا آهن. اهڙيءَ طرح ٻين سينٽرن ۾ به رپورٽ ٿيندا رهن ٿا. هن ٻڌايو ته هن سال حاجين جي وڏي تعداد ڪري گم ٿيندڙن جو تعداد گذريل سال کان تمام گھڻو آهي.
سينٽر جي انچارج ٻڌايو ته گم ٿيلن جي رپورٽ گھڻو ڪري نماز بعد ملي ٿي، ڇ جو نماز ختم ٿيڻ بعد رش ۾ حاجي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيو وڃن. گم ٿيڻ تي هو پوليس وارن سان ڳالهه ڪن ٿا ۽ هو اسان جي مرڪز Lost and Fount ۾ موڪلين ٿا. جيڪي گم ٿين ٿا انهن ۾ وڏو تعداد انهن جو آهي جيڪي 50 سالن کان وڏي عمر جا آهن ۽ سڀ کان گھڻا هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، شام، مصر ۽ ترڪيءَ جا گم ٿين ٿا.

جدي جو ايئرپورٽ روسي حاجين جي مارڪيٽ
جده ــ نمائندو ”عرب نيوز اخبار“
ڇا توهان پنهنجي چاهڻ وارن لاءِ ڪو تحفو يا سوکڙي خريد ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هٿ جي ڪم جو ڪو چيني گلدستو، ايراني غاليچو، انڊين ڳهه ڳٺو، روسي همام دستو؟
انهن شين لاءِ توهان کي ڀاڙا ڀري چين، روس، ايران، افغانستان يا ٿائلنڊ داغستان وڃڻ جي ڪا ضرورت ناهي. توهان کي رڳو ٿوري ڊرائيو ڪري ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچڻو آهي، جتي توهان کي هر اها شيءِ ملي سگھي ٿي جنهن جي توهان کي ڳولا آهي.
مختلف ملڪن کان ايندر حاجي پاڻ سان گڏ ملڪن جون شيون آڻين ٿا جيڪي هنن جي ملڪ ۾ سستيون آهن ۽ جدي جي ايئرپورٽ تي هنن کي انهن شين تي چار پيسا فائدو مليو وڃي. ساڳي وقت جدي ۾ رهندڙ عربن کي نيون شيون خريداريءَ لاءِ مليو وڃن. ۽ پوءِ هڪڙي جون شيون کپن ٿيون ته ٻيا پهچيو وڃن ۽ اهڙي طرح هي حج جا ٻه مهينا کن وڏو ڪاروبار هلي ٿو.
”هي فوٽ پاٿ واريون مارڪيٽون بين الاقوامي بازاريون آهن، جن ۾ خريداري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو اچي ٿو.“ ڪنگ عبدالعزيز يونيورسٽيءَ جي شاگرد فهد محمد چيو جيڪو حج وارا ٻه مهينا جدي ايئرپورٽ تي پارٽ ٽائيم جاب ڪندو آهي. ”توهان کي هتي هر شيءِ ملي سگھي ٿي. رات جو ڏسڻ لاءِ بائناڪيولر کان وٺي وڏي سائيز جا انب ملي سگھن ٿا.“ هن شاگرد ٻُڌايو.
ڪيترائي حاجي پنهنجون سيون پاڻ ويهي وڪڻن ٿا ۽ ٻيا حاجي هول سيل ۾ مڪاني عربن يا ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙن کي وڪڻيو ڏين ٿا، جيڪي پوءِ وڪڻندا رهن ٿا. چمڙي جي سامان، واچن، ڪئميرائن، ڇرين خنجرن کان بوٽ، قميصون، ٽوپلا، جڙيون ٻوٽيون ۽ ڳهه ڳٽا ملي سگھن ٿا، جن جي قيمت هڪ ريال کان 600 ريالن تائين ٿي سگھي ٿي. اڄُڪلهه سڀ کان گھڻو سامان ۽ وڪڻڻ وارا روس جا آهن.

حج لاءِ ايندر ڪئناڊئن جو وڏو تعداد
جده ــ نمائندو عرب نيوز
ڪئناڊا جي مسلمانن لاءِ هاڻ هرسال حج ڪرڻ آسان ٿيندو وڃي، جو ڪئناڊا جون ڪيتريون مڪاني ڪمپنيون ۽ سوسائٽيون ڪئناڊا جي ماڻهن کي حج تي موڪلڻ جو تجربو حاصل ڪنديون وڃن.
”ڪئناڊا کان حج لاءِ ايندڙ مسافرن ۾ ڪيترا اهي آهن جيڪي پهريون دفعو حج ڪري رهيا آهن. هن سال 4000 ڪئناڊا جا مسلمان حج لاءِ آيا آهن ۽ اميد ته ٻئي سال کان اڃا به گھڻا ايندا“. اونٽاريو (ڪئناڊا) جي خالد بن وليد مسجد جي بورڊ ميمبر احمد نورمحمد ٻڌايو.
اونٽاريو جي خالد بن وليد مسجد وارن هن سال پهريون دفعو 63 حاجين جو گروپ حج لاءِ موڪليو آهي. ڪئناڊا ۾ 30 لک مسلمان رهن ٿا، جن مان ٽي لک کن Toronto ۾ رهن ٿا انهن ۾ 80 هزار سوماليا جا مسلمان آهن، جيڪي سالن کان اتي Settle آهن. آهڙا لک کن عرب رهن ٿا. سڄي شهر 15 مسجدون آهن ۽ چار اسلامڪ اسڪول آهن. جن ۾ هڪ ڇوڪرين جو ڌار آهي.
ڪئناڊا کان ايندڙ هر حاجيءَ کي 1300 ڪئناڊئن ڊالر ڏيڻا پون ٿا، جيڪي هنن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ آهن. باقي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ لاءِ الڳ پئسا ڏيڻا پون ٿا. حج تي اچن کان اڳ هنن کي حج بابت تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ هتي به کين روزانو ليڪچر ڏنو وڃي ٿو.
ڪئناڊا جي مقابلي ۾ هن سال نارٿ آمريڪا يعني USA کان 6000 حاجي آيا آهن. ان ڳالهه جي تصديق آمريڪا ۾ قائم سعودي عرب جي سفارتخاني ڪئي، جن انهن کي ويزائون جاري ڪيون آهن.
ڪئناڊا جي احمد نور ٻڌايو ته هنن جي ”خالد بن وليد مسجد“ تي 13 لک ڊالر خرچ آيو هو، جيڪو ڪئناڊا جي سومالي اسلامڪ سوسائٽي ۽ سعودي عرب جي امير ماڻهن ڀريو هو.

دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوس گھر
رياض ــ 12 مارچ 2000ع ــ ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪرائون پرنس شهزادي عبدالله (جيڪو ڊپٽي پريميئر ۽ نيشنل گارڊ جو ڪمانڊر پڻ آهي) منى جي نئين ڪوس گھر (Slaughter House) جو افتتاح ڪيو. هي ڪوس گھر دنيا جو سڀ کان وڏو سلاٽر هائوس آهي، جتي ٽن ڏينهن اندر ڇهه لک جانور ذبح ٿي سگهن ٿا جن کي بعد ۾ ڇلي صاف ڪري اتي جو اتي Freeze (ٿڌو) ڪري سگهجي ٿو.
هي سلاٽر هائوس پنج لک چورس ميٽرن تي پکڙيل آهي، جنهن کي ٺاهڻ ۾ ننڍن وڏن ــ ڪل 112 ٺيڪيدارن حصو ورتو. گوشت کي يخ بنائڻ لاءِ ريفريجريشن سسٽم جو ڪم اوميگا انجنيئرنگ ڪمپنيءَ وارن ڪيو. جنهن ڪم لاءِ 1200 مزور، ٽيڪنيشن ۽ انجنيئر لڳاتارڪم ڪيو ۽ 470 ملين سعودي ريال فقط ريفريجريشن سسٽم تي لڳا. (عرب نيوز)

حاجين لاءِ 12000 بسون
حاجين جي هڪ هنڌ کان ٻئي  هنڌ (مڪي کان منى، عرفات، مزدلفه وغيره) کڻي وڃڻ لاءِ ٻارهن هزار بسون مقرر ڪيون ويون آهن. اها ڳالهه مواصلات جي ڊپٽي وزير ڊاڪٽر عبدالعزيز الاوهاليءَ ”عرب نيوز“ اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته انهن مان 7000 بسون سعودي ٽرانسپورٽ يونين وارا هلائيندا آهن ۽ اهڙو هزار کن سعودي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپنيءَ جي ذمي هونديون ۽ باقي بسون مڪاني ۽ بين الاقوامي بسين جون ڪمپنيون هلائينديون.
ياد رهي ته ڪويت، ايران، عراق جهڙن ڪيترن ملڪن کان حاجي بسين ذريعي مڪي پهچن ٿا ۽ هو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پنهنجين ئي بسين ۾ سفر ڪن ٿا. سڀ کان گھڻيون بسيون ترڪي ۽ گلف جي ملڪن: دبئي، دوحا، مسقط ۽ مصر کان اچن  ٿيون.

76 سالن جي سعوديءَ کي چار زالون 45 ٻار
العلا (نيوز ڊيسڪ) 31 مارچ 2000ع ــ ناحي المفراع نالي هڪ رٽائرڊ سعودي فوجيءَ کي چار زالون ۽ 45 پٽ ۽ ڌيئون  آهن. سٺ سال اڳ پهرين ذوالقعد 1360هه ۾ هو سعودي فوج ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو. پرائمري پاس آهي. 15 سال فوج ۾ ۽ 22 سال نيشنل گارڊ ۾ مختلف عهدن تي خدمت ڪري برگيڊيئر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. العلا شهر کان 45 ڪلوميٽر پري ڏور ڏکڻ ۾ مغيراءِ ڳوٺ جو باشندو آهي.
پهرين شادي ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪئي ۽ چوٿين پنجونجاهه سالن جي عمر ۾ ڪئي. چار زالون سڳين ڀيڻن وانگر پيار محبت سان هڪ ئي گھر ۾ رهن ٿيون. ناحيءَ مڪاني اخبار کي ٻڌايو ته هن جي عمر 76 سال آهي. هن ان ڳالهه تي تعجب جو اظهار ڪيو ته خبر ناهي ڇو اڄڪلهه جا نوجوان هڪ کان وڌيڪ شادين کان ڀڄن ٿا ۽ ان ڳالهه کي پسند نٿا ڪن.
ناحيءَ ٻڌايو ته مسئلا فقط انهن گھرن ۾ پيدا ٿين ٿا، جن جا مڙس انصاف پسند ۽ ڪڙڪ نه آهن. هن ٻڌايو ته هن کي 23 پٽ ۽ 22 ڌيئون آهن. اٺ پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جي شادي ڪري ڇڏي آهي. 36 پٽ ڌيئون ۽ زالون هڪ ئي گھر ۾ گڏ رهن ٿيون. عيد جا ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ ارڙهين هزار ريال ۽ اسڪول ۾ داخلا جو خرچ اٺ هزار ريال ٿئي ٿو.
هن ٻڌايو ته هن جي ٻارن جا نالا شاهي خاندان جي حاڪمن ۽ شهزادن جي نالن پٺيان آهن. فقط ٽن ٻارن جا نالا ڏاڏن پڙڏاڏن جي نالن تي رکيا ويا اهن. جمعي جي ڏينهن سڀني ٻارن کي گڏ ڪري تربيتي اجتماع جو بندوبست ڪندو آهيان. 15 هزار ريال پينشن گھر جي خرچ لاءِ پوري نٿي پوي. رمضان مبارڪ جو بل 40 هزار ريال ٿيو وڃي. سڀ کان وڏو مسئلو قرضن جو انبار آهي. جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهي ٿو.
ناحيءَ هن اخباري نمائندي کي ٻڌايو ته هن اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. ناحيءَ جو چوڻ آهي ته هن کي هڪ ترڪ دوکو ڏنو، جنهن کي هو ڪڏهن به وساري نٿو سگھي. هن وڏي مشڪل سان ڏيڍ لک ريال گڏ ڪيا ۽ هن کي ٽرڪ خريد ڪرڻ جو ارادو هو. ترڪ هن کي آفر ڏني ته هو ان رقم مان ان کي بهتر ڌنڌو هلائي سگھي ٿو، جنهن جي ڪفيل به تصديق ڪئي پر پوءِ هو اها رقم کڻي غائب ٿي ويو.
ناحيءَ تي پنج لک ريال قرض آهي. ناحيءَ جو چوڻ آهي ته بريده شهر ۾ پهرين گرلزاسڪول کلڻ تي شهرين جي هنگامي کي روڪڻ جو ڪم کيس سونپيو ويو هو، جيڪو هن خيرخوبيءَ سان سرانجام ڏنو هو. بريده جا شهري ڇوڪرين جي اسڪول کلڻ جي خلاف هئا. وليعهد شهزادي عبدالله مهم جي ڪاميابيءَ تي هن جو ٿورو مڃيو هو ۽ شاباس ڏني هئي. وزيرداخله شهزادي نايف بن عبدالعزيز به هن ڏي مهربانيءَ جو خط لکيو هو. (سعودي عرب مان نڪرندڙ ’اردو نيوز‘ اخبار تان ورتل.)

14 لک کان وڌيڪ پاڪيٽ ورهايا ويا
مديني جي سخي ماڻهن طرفان هن سال حاجين ۾ 14 لک کاڌي جا ٿيلها ورهايا ويا.
مديني منوره جي  Philanthropic store جي ڊاڪٽر يحيى ابراهيم مڪاني اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته هي پروجيڪٽ پنج سال اڳ شروع ڪيو ويو هو. پهرين سال هنن  تي لک ٿيلها حاجين ۾ ورهايا، جيڪي حاجين کي گھرن ۾ پهچايا ويا. هاڻ مديني جي هوائي اڏي، بس اسٽاپن ۽ بسين ۾ به ڏنا وڃن ٿا.
هرهڪ پلاسٽڪ جو ٿيلهو جيڪو حاجيءَ کي مفت ڏنو وڃي  ٿو، ان ۾ هڪ جوس جو دٻو، ڪٽيل ڪيڪ ۽ کير جو دٻو ٿئي ٿو.

No comments:

Post a Comment