Friday, February 03, 2012

مڪو شريف ۽ ڪعبة الله - الطاف شيخ


مڪو شريف ۽ ڪعبة الله
الطاف شيخ  
مڪو شريف (Mecca) ڳاڙھي سمنڊ (Red Sea) جي بندرگاهه جدي (Jeddah) کان 46 ميل (74 ڪلوميٽر) اوڀر ۾ آھي. ٿورن گھڻن ميلن جو فرق رھي ٿو، ڇو ته Depend ٿو ڪري ته توھان ڪھڙي رستي ذريعي سفر ڪري رھيا آھيو، پراڻي رستي ذريعي يا نئين ايڪسپريس روڊ ذريعي.


مڪو شريف سمنڊ جي ڪناري کان نَو سؤ فوٽ کن اتاھون ”وادي ابراھيم“ نالي ماٿري ۾ آھي. جنهن جي چوڌاري ڪارن وڏن ۽ ٺوڙھن پٿرن جا جبل ۽ ٽڪر آھن يا وري رڻ پٽ بيابان. اھي جبلن جون قطارون ”سيرت جبل“ سڏجن ٿا، جن مان ڪجهه جبل تمام گھڻو مشھور آھن، جھڙوڪ جبل: اجياد جيڪو 1332 فوٽ (406 ميٽر) اتاھون آھي. اجياد نالي مڪي شھر ۾ ڪيتريون ئي شيون آھن، جيئن ته اجياد روڊ، اجياد سرنگ (Tunnel) حرم پاڪ جي باب ملڪ عبدالعزيز نالي دروازي جي سامھون ٺھيل وڏي اسپتال جو نالو پڻ اجياد اسپتال آھي. بلڪه شارع اجياد ۽ شارع اجياد سد جي وچ وارو علائقو اجياد (Ajyad) سڏجي ٿو. (جيئن ڪراچي ۾ ناظم آباد، نارٿ ناظم، لياقت آباد، صدر، ڪلفٽن جا علائقا آھن، تيئن مڪي جا مختلف علائقا آھن، جھڙوڪ اجياد، القشاشية، القراره  (Al Qararah)، الشاميه، الشبيڪه (Shubaikah' Al). اھي سمجھو ته حرم پاڪ جي چوڌاري ويجھا وارا علائقا آھن. ان بعد الطندباوي، الھنداويا، الرصيفه، الزھراه، المسفة، الفيصلية، العتبية، المعابده ۽ العزيز وري انهن جي ڀر وارا يا ٿورو پرڀرا علائقا آھن.
اجياد جبل کان علاوه ھڪ ٻيو جبل ابو قوبيز آھي، جنهن جي چوٽي 1220 فوٽ (يعني 372 ميٽر) اتاھين آھي. اھي جبل اوڀر پاسي آھن. اولهه پاسي جبل قوايقان مشھور جبل آھي، جنهن جي چوٽي 1401 فوٽ (427  ميٽر) اتاھين آھي.
اسلامي تاريخ جي مشھور جبل حرا جي چوٽي 2080 فوٽ (634 ميٽر) اتاھين آھي، ھي جبل مڪي جي اتر اوڀر ۾ آھي. ھن جبل ۾ حرا نالي غار آھي. جنهن ۾ حضورﷺ جن نبوت ملڻ کان اڳ اڪيلائي ۾ ويھي غور ۽ فڪر ڪندا ھئا ۽ ھتي ئي حضور ﷺ جن تي وحي لٿو ۽ کين قرآن شريف جي پھرين آيت: ”اِقرا بِاسِمِ رَب...“ پڙھائي وئي.
مڪي شريف جي ڏکڻ ۾ جبل ثور آھي، جيڪو 2490 فوٽ (759 ميٽر) اتاھون آھي. ھن جبل ۾ به ھڪ غار آھي، جنهن ۾ حضور ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ مديني ھجرت ڪرڻ وقت ترسيا ھئا، مڪي جا ڪافر کين ڳوليندا ھن غار تائين پھتا پر غار جي منهن وٽ ڪوريئڙي جي ڄار ۽ ڪبوترن جو آکيرو ڏسي سندن اکين ۾ سرمو گھمي ويو ۽ ھو ٻاھران ئي موٽي ويا. اھڙي طرح رب پاڪ حضور ﷺ جن جي حياتي بچائي ورتي.
ــــــــــــــــــــــــــ
مڪي جو شھر وڌندو وڃي ۽ وڃن جبل ٽڪيندا. شھر کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ ۽ ٽرئفڪ جئم گھٽائڻ لاءِ شھر جي چوڌاري ڪيترن ئي جبلن کي ٽڪي سرنگھون (Tunnels) ٺاھيا ويا آھن ۽ جبل جي چوڌاري وڏو ڦيرو ڪرڻ بدران بسيون، ڪارون ۽ ٽرڪون وغيره سرنگھن مان ٻاھر نڪريو وڃن. جبلن اندران کوٽيل سرنگهه کي عربي ۾ نفق (انفاق) سڏجي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته گاڏين موٽرون (سيارات) لاءِ الڳ سرنگھون آھن ته پيادي ھلڻ وارن (مشاة) لاءِ الڳ سرنگھون آھن. خاص ڪري انفاق السد سرنگهه جيڪا منى مان شيطانن (جمرات) وٽان شروع ٿي ٿئي ته حرم پاڪ وٽ اچيو نڪري. گاڏين ڪارن لاءِ ”انفاق السد ـ سيارات“ سرنگهه منى کان مڪي اجياد روڊ سان اچيو ملي. جيڪو اجياد اسپتال تائين پھچي ٿو ۽ ڀر ۾ حرم پاڪ جو دروازو باب ملڪ عبدالعزيز آھي ۽ پيادن جي ھلڻ لاءِ سرنگهه ”انفاق السد ـ مشاة“ منى کان شروع ٿئي ٿي ته حرم پاڪ وٽ مروه پھاڙي وٽان اچيو ٿي نڪري. منى کان واپس مڪي ايندي ڪيترا حاجي ھن سرنگهه رستي حرم پاڪ انهن کان جلد پھچيو وڃن، جيڪي بسين ۾ نڪرن ٿا ۽ ٽرئفڪ جئم ڪري انهن کي ٽي ٽي، چار چار ڪلاڪ لڳيو وڃن ۽ ھوڏانهن پيادا منى کان ڪلاڪ ۾ پھچيو وڃن.
بهرحال اتر اوڀر طرف وارو اھو لنگهه منى مزدلفه، عرفات ۽ اڳتي طائف شھر ڏي وڃي ٿو. اتر اولهه وارو لنگهه مديني ڏي وڃي ٿو. اولهه واري لنگهه (Tunnel) ذريعي جدي وڃي سگھجي ٿو ۽ ڏکڻ طرف يمن جي شھر صنعا ڏي ويندڙ رستو آھي.
مڪو شريف صدين کان تجارتي مرڪز رھيو آھي. حضور ﷺ جن جي ولادت (يعني 570) کان به گھڻو اڳ. ھي اھو شھر آھي، جتي حضرت آدم عليه السلام جھڙا ڪيترا نبي ۽ الله جا ٻيا نيڪ ٻانها رھيا. ”مڪي“ جو تاريخ  ۾ذڪر سڀ کان اڳ پٽولمي (Ptolemy) ڪيو، جنهن شھر کي مڪورابا Makoraba سڏيو آھي. پراڻي زماني ۾ يعني Bibilical Times ۾ مڪي شھر تي يمني قبيلن جي حڪومت ھئي. ھڪ قبيلي جو ڪمزور ٿيڻ تي ٻئي قبيلي واڳون سنڀاليون ٿي. قريش جي ڏينهن ۾ مڪو سنگاپور وانگر ھڪ City State ٿي پيو، يعني مڪي کي ھڪ شھر جي به حيثيت حاصل ھئي ته ھڪ ملڪ جي به. قريش جي ڏينهن ۾ مڪي شھر جا ڪيترن ئي ملڪن سان تجارتي تعلقات رھيا. خاص ڪري سڄي عربستان سان (جنهن ۾ يمن به اچي ويو ٿي) اٿوپيا (حبش) سان ۽ يورپ جي ويجھڙائي وارن حصن سان، سڄي عربستان ۾ مڪي جو ننڍڙو شھر اھم تجارتي مرڪز ھو، جو اھو شھر ٻن اھم لنگھن جي جنڪشن وٽ ھو. ھڪ اتر ڏکڻ وارو رستو ھو، جنهن شام ۾ ڀونچ سمنڊ (Mediterranean) کي يمن ۽ ھندي سمنڊ سان ڳنڍيو ٿي. (ياد رھي ته انهن ڏينهن يورپ جا جھازران اڃا سائوٿ آفريڪا وارو Cap of Good Hope ڪراس ڪري سمنڊ رستي انڊيا نه پھچي سگھيا ھئا. ھنن جو سڄو واپار وڙو خشڪي رستي ھليو ٿي) ۽ ٻيو اوڀر اولهه وارو رستو ھو، جيڪو عراق ۽ ايران کان آفريڪا ۽ ڀونچ سمنڊ تائين ھليو ٿي. ھنن ٻنهي رستن جا مسافر مڪي شھر وٽان لنگھيا ٿي ۽ مڪي جي جاگرافيائي پوزيشن ائين اھم ٿي پئي، جيئن سامونڊي لنگھن تي سنگاپور جي آھي. سنگاپور وانگي مڪي ۾ به نه پوک فصل ھو، نه ڌاتو، کاڻيون پر مختلف ملڪن کان آيل مال جي وڪري مان ڪمائي ٿي ٿي. سو مڪو تجارت، زيارت ۽ شعر و شاعري جي محفلن کان ان وقت جي دنيا ۾ تمام گھڻو ناليرو ٿي پيو.
عرب دنيا ۾ شعر و شاعري جي وڏي اھميت ھئي، ڪنهن جا ڳڻ ڳائڻا ھوندا ھئا ته به شاعري کان ڪم ورتو ويندو ھو. ڪنهن کي خوار خراب ڪرڻو ھوندو ھو ته به شاعري ذريعي. ھڪ سال جي ٽيپ ڪنهن کي ايترو خوار نه ٿي ڪيو، جيترو ڪنهن جي خلاف لکيل شعر جي ٻن سٽن، شاعرن جو وڏو قدر ھو. ماڻھن وڏي شوق سان شعر ٻڌا ٿي. انهن تي داد ڏنو ٿي ۽ بحث مباحثو ڪيو ٿي.
ـــــــــــــــ
مڪي ۾ ھر سال ميلو مچڻ ڪري ھن شھر جي پنهنجي اھميت رھي پئي، ڪعبي ۾ بت رکيل ھئا، جن جي عرب مشرڪن پوڄا پاٺ ڪئي ٿي ۽ زيارت لاءِ پري پري کان ڪھي آيا ٿي. مڪي ۾ ماڻھن جي گڏ ٿيڻ ۽ سٺي واپار ھلڻ جو ھڪ اھو به سبب ھو، مڪي شھر جي وڏي ڪمائي انهن آيل زيارتين (Tourists) مان ھئي، عربن جي سڀني قبيلن اھي حج وارا ڏينهن جن ۾ مشرڪن پنهنجي نموني جو طواف ۽ پوڄا پاٺ ڪئي ٿي، جھيڙي جھٽي ۽ قافلن جي ڦر ڪرڻ کان گريز ڪئي ٿي. جيئن ماڻھو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي مڪي ڏي ايندا ويندا رھن.
ـــــــــــــــ
570ع ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي شريف ۾ ڄاوا. نبوت ملڻ بعد 622ع ۾ مڪي کان ھجرت ڪري مديني وڃڻو پيو، جتان پو ءِ 629ع ۾ مڪو فتح ڪرڻ تي ڪعبي ۾ پھتا ته پاڻ ﷺ ھڪ ھڪ ڪري سڀ بت ڊاھي ڇڏيا. حضور ﷺ جن انسان ذات کي ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ جو سبق ڏنو، جيڪو سڀني جو پروردگار آھي.
ـــــــــــــــ
930ع ۾ Carmathians (ڪرامتا) مڪي تي حملو ڪيو ۽ پاڻ سان حجر اسود پٿر کڻي ويا ۽ ٻاويهه سالن تائين پاڻ وٽ رکيائون.
ـــــــــــــــ
مڪي جو شھر سڄي تاريخ ۾ خودمختيار ٿي رھيو. جيتوڻيڪ شھر کي ھلائيندڙ مختلف خليفن جي حڪومتن جي طاقت جي مڃتا ڪندا رھيا، جيئن ته دمشق وارن جي ۽ ان بعد بغداد جي عباسي گھراڻي جي. 1269ع ۾ مڪو مصر جي مملوڪ سلطانن جي ڪنٽرول ھيٺ پڻ رھيو.
ـــــــــــــــ
1517ع ۾ مڪو ترڪن جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي انتظام ھيٺ رھيو. جن جي گادي جو ھنڌ قسطنطنيه (Constantinpole) يعني ھاڻوڪو استنبول ھو. ترڪن جي حڪومت بعد مڪي جو شھر تمام خوشحال ٿيو، واپار وڙي ۾، شھري سھولتن ۾، سفر لاءِ سوارين ۾ وغيره، ترڪن جي ڏينهن ۾ سعودي عرب ۾ ريل گاڏي به ھلي ھئي. مديني کان ينبو ۽ اڳتي ترڪيءَ تائين ھلندي ھئي. اڄ به ان وقت جا ڪجهه ريل جا دٻا مديني کان ميقات يا مسجد قبا ڏي ويندي رستي تي نظر ايندا. سھولتن ڪري حج ۽ عمري لاءِ ايندڙن جو تعداد پڻ وڌڻ لڳو.
ـــــــــــــــ
اوڻھين صدي جي شروعات ۾ پھريون جنگ بعد ترڪ ڍرا ٿي پيا ۽ مڪو وھابين جي انتظام ۾ آيو پر 1833ع  ۾مڪي تي وري ترڪن جو قبضو ٿيو ۽ انتظام ”محمد (Mehmet) علي“ جي حوالي آيو، جنهن پنهنجي پٽ ابراھيم الشيخ الحرام کي اتي رکيو.
ـــــــــــــــ
1916ع ۾ بادشاهه (ملڪ) عبدالعزيز ابن سعود مڪي کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ھن شھر مڪي کي سعودي عرب ملڪ جو حصو بڻايو ۽ حجاز ۽ نجد جو يڪو نالو سعودي عرب رکيو.
ـــــــــــــــ
مڪي شھر ۾ ڪو خاص مينهن نه ٿو پوي. سڄي سال ۾ پنجن انچن کان به گھٽ بارش وسي ٿي سا به سياري ۾. سياري جي ٻن ٽن مھينن (نومبر، ڊسمبر، جنوري ،فيبروري ۽ مارچ) کان علاوه سڄو سال سخت گرمي رھي ٿي ۽ ٽيمپريچر 54 ڊگري سينٽي گريڊ (311 فارن ھائيٽ تائين پھچيو وڃي.
ـــــــــــــــ
پاڻي جي کوٽ ڪري کاڌو خوراڪ ڀر وارن علائقن (وادين) مان گھرايو وڃي ٿو، جھڙوڪ :وادي فاطمة، طائف، بلاد غامد ۽ بلاد ظاھران وغيره مان ۽ ھاڻ ته ڪيتريون ئي شيون ٻاھرن ملڪن کان گھرايون وڃن ٿيون، جيڪي جدي ھوائي اڏي ۽ بندرگاهه ذريعي مڪي ۽ سعودي عرب جي ٻين شھرن ۾ پھچن ٿيون.
ـــــــــــــــ
مڪي ۾ پاڻي جدي کان اچي ٿو، جتي سمنڊ جي کاري پاڻي کي ٽھڪائي، مٺو پاڻي ٺاھيو وڃي ٿو. زم زم جو پاڻي به جتي ڪٿي پھچايو وڃي ٿو. حج جي ڏينهن ۾ ھر حاجي لاءِ روزانو ھڪ لٽر زم زم جو پاڻي ھن کي سندس رھائشگاهه تي پھچايو وڃي ٿو. مڪي شھر جي ماڻھن جو پاڻي لاءِ گھڻو دارومدار ڀر وارين وادين تي آھي، جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو يا قدرتي چشما آھن. سڀ کان گھڻو مشھور ”عين زبيده (زبيده جو چشمو) آھي. جيڪو اٺين صدي ۾ ٺھرايو ويو. زبيده اسلامي تاريخ جي مشھور خليفي ھارون رشيد جي زال ھئي. ھن مڪي شھر کي پاڻي پھچائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. شھر جي ٻاھران ھڪ جبل جي چوڌاري پراڻي ڀت نظر ايندي، جنهن بابت اسان جي ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ اھا پڻ زبيده ٺھرائي ھئي، جتان شاخن ذريعي پاڻي کي مڪي شھر ۾ پھچايو ويو ٿي. ان کان علاوه وادي نعمان جيڪا ويهه ميل پري آھي. ان کان پڻ مڪي ۾ پاڻي اچي ٿو. وادي شاميا جيڪا مڪي شھر کان 60 ميل پري آھي، اتي عين العزيزه نالي چشمو آھي، جتان پائيپن ذريعي مڪي شھر ۾ پاڻي پھچايو وڃي ٿو.
ـــــــــــــــ
ٻي جنگ عظيم کانپوءِ سعودي عرب ۾ تيل نڪرڻ ڪري انڊسٽري ۽ اليڪٽرسٽي عام ٿي وئي آھي. گھر گھر ۾ بجلي ۽ پاڻي جا نلڪا نظر اچن ٿا. اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ مديني واري رستي تي تيل تي ھلندڙ وڏا جنريٽر آھن.
مڪي شھر جي پنهنجي آدمشماري ڪا خاص ناھي. 1965ع ۾ لکن کان به گھٽ ھئي ۽ اڄ به ڪا خاص ناھي. پنج لک کن ڪا مس ٿيندي، شھر ۾ چوڌاري نيون نيون عمارتون ٺھي رھيون آھن. نيون نيون آباديون ظاھر ٿي رھيون آھن. ھن وقت خاص رھائشي علائقا ھي آھن. منى واري رستي تي العزيز ۽ فيصليہ آھن ۽ جدي ۽ مديني واري رستي تي الظاھر، الظھرا ۽ شارع المنصور آھن. ھنن نون علائقن مڪي شھر کي ھڪ ماڊرن شھر جي حيثيت ڏئي ڇڏي آھي.
ـــــــــــــــ
شروع وارن ڏينهن ۾ مڪي جي ماڻھن ڪعبي جي عظمت ۽ ھيبت کان تمام پري جبلن جي غارن ۽ چُرن ۾ پنهنجا گھر ٺاھيا ٿي. قصى بن ڪلاب جي زماني ۾ ڪعبي جي ڀر ۾ گھر ٺاھڻ جي موڪل ڏني وئي ۽ ماڻھن جا ڳاھٽ ٿي ويا. ھڪ ٿوري جاءِ کانسواءِ ڪعبي جي چوڌاري ڪا جاءِ باقي نه بچي، ان جاءِ کي مطاف سڏيو ويو ٿي، جنهن تي ماڻھن ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪيو ٿي، ماڻھن ان ڳالهه جو ضرور خيال رکيل ته پنهنجو پنهنجو گھر گول چڪري ۾ ٺاھيو ٿي، جيئن سندن گھر جي شڪل ڪعبي سان نه ملي ۽ گھرن جي اوچائي به ڪعبي جي ڀتين کان گھٽ رکي ٿي. ان کان علاوه ھر ٻن گھرن جي وچ ۾ گھٽي ڇڏي ٿي، جيئن مطاف تائين پھچي سگھجي.
اسلام کان اڳ خانه ڪعبه انهي حالت ۾ ئي رھيو، ان ڪري جو ان وقت تائين طواف کان وڌيڪ ٻي ڪا به شيءِ نٿي ٿي. نه سعي (صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڦيرا) نه جماعت سان نماز وغيره. طواف ڪرڻ وارا به سڀ پنهنجو پاڻ ۾ عرب ھئا. ان ڪري چوڌاري ڀتيون ڏيارڻ جي ضرورت نه پئي.
عھد نبوت ۽ پھرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي دور خلافت ۾ به ڪعبو ان ئي حالت ۾ برقرار رھيو. ٻئي خليفي حضرت عمر بن خطاب رضه جي عھد خلافت ۾ جڏھن گھڻا ماڻھو مسلمان ٿيڻ لڳا ته ڪعبي واري جاءِ کي وڌائڻ جي ضرورت پئي. جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻھو ھڪ ئي وقت طواف ڪري سگھن. جماعت سان نماز پڙھي سگھن ۽ صفا ۽ مروه ڏي ويندي کين گھرن وٽان نه لنگھڻو پوي. حضرت عمر رضه ڪعبي جي ڀر وارا گھر خريد ڪري حرم ۾ داخل ڪيا. ان کان علاوه چئني طرف ڀتيون ڏياريون ۽ ڏيا ٻارڻ جو حڪم ڏنو. حضرت عمر رضه پھريون ماڻھو ھو، جنهن خانه ڪعبي ۾ دروازو ٺھرايو. ان کانپوءِ ڪيترن خليفن، حاڪمن ۽ بادشاھن ھن کي وڌايو ۽ سھڻو بڻايو.
ـــــــــــــــ
حج جي موسم ۾ ڌارين ملڪن کان حاجين جي اچڻ ڪري مڪي جي آدمشماري تمام گھڻو وڌيو وڃي. 1973ع ۾ حاجين جو تعداد يارھن لک ٿيو ھو ته دنيا جي اخبارن ان ڳالهه جي وڏين سرخين سان خبر ڏني ھئي. ماڻھن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ھيون ته ايڏو وڏو تعداد ماڻھن جو ڪو ناچ گاني يا اولمپڪ راندين ڏسڻ يا ڀت جي دعوت تي نه پر عبادت ۽ حج جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو آھي. پنهنجا ڏوهه گناهه بخشرائڻ ۽ الله کان دل جون مرادون پنڻ لاءِ اچي نڪتو آھي ۽ اھو به ھڪ ڏينهن لاءِ نه پر ھفتن جا ھفتا رھڻ لاءِ. نماز لاءِ به حرم پاڪ ۾ ھڪ دفعي جي Gathering لاءِ نه پر ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج دفعا ماڻھن جا ميڙ حرم پاڪ ڏي وڃن ۽ موٽن ٿا. ھن سال (2000ع ــ 1420هه ۾) يعني چوٿين صدي کان بعد حاجين جو تعداد وڌي ٽيهه لک تي وڃي پھتو آھي. ھي سڀ الله جا مھمان آھن. ظاھري طرح ته سعودي حڪومت کي جس ھجي، جيڪا ھيڏن ماڻھن جو بندوبست ڪري ٿي پر ھرڪو سمجھي ٿو ته ھيترن ماڻھن کي قدرت ئي منهن ڏئي ٿي. نمازن جي وقت تي حاجين جا سيلاب مڪي جي گھٽين ۾ يا عرفات جي ميدان تي ڏسڻ سان ھڪ دھرئي (Althiest) کي به رب پاڪ جي عظمت ۽ موجودگي جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو.
ـــــــــــــــ
ڪعبي جي ڊيگهه 40 فوٽ آھي ۽ ويڪر 33 فوٽ آهي. ڪعبي کي ڪا دري ناھي، فقط ھڪ در آھي. ڪعبي جي اوڀر واري ڪنڊ تي زمين کان اٽڪل پنج فوٽ کن مٿي پاڪ پٿر حجر اسود ڀت ۾ لڳل آھي. ڪعبي شريف جي مٿان ڪاري رنگ جر بروڪيڊ ڪپڙي جو غلاف چڙھيل رھي ٿو، جنهن کي ڪسود سڏجي ٿو. غلاف تي سوني ۽ چاندي جي ڌاڳن سان قرآن مجيد جون آيتون لکيل آھن.
ـــــــــــــــ
ڪعبو سڄي دنيا جي مسلمانن جو قبلو آھي، جنهن ڏي منهن ڪري اسين نماز پڙھون ٿا. اسين پاڪستان ۾ الھندي (مغرب) ڏي منهن ڪري نماز پڙھون جو سامھون مغرب ڏي ڪجهه ھزار ڪلوميٽر جي سڌائي ۾ الله جو گھر ڪعبو آھي. اھڙي طرح يورپ ۽ روس جا ماڻھو ڏکڻ ڏي مھاڙ ڪري نماز پڙھن ٿا، جو اتان ڪعبو ڏکڻ ۾ آھي. سوڊان، لبيا، آلجيريا ويندي ميڪسيڪو ۽ آمريڪا (USA) جا مسلمان اڀرندي طرف منهن ڪري نماز پڙھن ٿا جو اتان ڪعبة الله اڀرندي طرف آھي ۽ سائوٿ آفريڪا پاسي جي مسجدن جا منهن اتر طرف آھن، جو اتان قبلو اتر ڏي آھي.
سڄي دنيا جا مسلمان ڪعبي ڏي منهن ڪري نماز پڙھن ٿا، اھا امت مسلمه جي وحدت جي علامت آھي. ٿورو غور ڪجي ۽ دنيا جي نقشي تي نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته چوويهه ئي ڪلاڪ دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ھنڌ الله جي وڏائي جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. الله اڪبر... الله وڏو آھي. ڌرتي جي گولي تان ٻانگ (اذان) جي روپ ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ گونج ٿيندي رھي ٿي. الله وڏو آھي، الله وڏو آھي، آئون شاھدي ٿو ڏيان ته الله کانسواءِ ڪو ٻيو ناھي ، محمد الله جو رسول آھي، اچو نماز لاءِ، اچو فلاح لاءِ، دنيا جي گولي جي ڪنهن نه ڪنهن حصي، ڪنڊ تي ھر وقت مسلمان قبلي ڏي منهن ڪري الله کي سجدو ڪندا رھن ٿا. جپان ۾ ھوندا ھئاسين ته صبح جو پوڻي ڇھين بجي ڌاري فجر جي ٻانگ ايندي ھئي. ان وقت پنهنجي وطن پاڪستان جو عوام گھاٽي ننڊ ۾ ھوندو ھو، جو ان وقت پاڪستان ۾ رات جا پوڻا ٻه ٿيندا ھئا. پاڪستان ۾ ۽ جاپان جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آھي.
اڌ ڪلاڪ کن بعد ڪوريا، انڊونيشيا ۽ چين جي ڪجهه حصن ۾ (خاص ڪري دئرين وغيره ۾) فجر جي ٻانگ اچڻ شروع ٿئي ٿي. ان بعد فلپين، برونائي ۽ آسٽريليا ۾ ٻانگ شروع ٿيو وڃي ۽ اھڙي اڌ ڪلاڪ بعد ملائيشيا ۽ ڪمبوڊيا وغيره ۾ ۽ ان بعد ٿائلينڊ ۽ روس جي ڪجهه حصن ۾ ۽ پوءِ برما ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا ۾، ان بعد بنگلاديش  ۾۽ جيئن جيئن سج اولهه ڏي وڌڻ شروع ٿئي ٿو يا ٻين لفظن ۾ اسان جي ڌرتي اوڀر پاسي ڦرندي وڃي فجر ٿيندي وڃي ۽ ان بعد سج جا ڪرڻا ڌرتي تي پوڻ ڪري صبح ٿيندو وڃي. بنگلاديش جي مسجدن ۾ فجر جي ٻانگ اچڻ تي جيئن ئي نمازي گڏ ٿي نماز شروع ڪن ٿا ته ھندستان ۽ سريلنڪا وغيره ۾ فجر جو وقت ٿيو وڃي ۽ فجر جون ٻانگون شروع ٿيو وڃن. ان بعد پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان ۾. ان بعد ترڪمانستان، ايران قزاقستان وغيره ۾. ائين اڳتي وڌندي وڌندي سڄو آفريڪا ۽ يورپ لتاڙي فجر جو وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي ٿو ته ان وقت جپان ۾ اڳين (ظھر) نماز جون ٻانگون شروع ٿيو وڃن ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ھڪ پاسي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي فجر جون ٻانگون پيون ھلن  ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي يعني آفريڪا، ايشيا، يورپ جي ملڪن ۾ ظھر نماز جون ٻانگون شروع ٿيو وڃن ۽ جپان پاسي وارن ملڪن ۾ ته عصر نماز جي تياري ٿيو وڃي. مطلب ته ھن دنيا جي گولي تي ھر وقت ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ھنڌ الله جي توحيد ۽ وڏائي جو نعرو گونجندو رھي ٿو ۽ الله جا نيڪ ٻانها ڪعبي ڏي منهن ڪري سجدو ادا ڪندا رھن ٿا. ساڳي طرح حرم پاڪ ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ڪعبي جي چوڌاري طواف ھلندو رھي ٿو. سواءِ فرض ۽ جنازي نماز جي، ڪجهه گھڙين جي، ان وقت ھرڪو نماز لاءِ بيھي رھي ٿو.
ـــــــــــــــ
شروع ۾ مسلمان (اسلام جي ابتدائي ڏينهن ۾) بيت المقدس ڏي رخ ڪري نماز ادا ڪندا ھئا. 2 ھجري کان الله جي حڪم موجب قبلي جو رخ ڪعبي ڏي ٿيڻ تي ڪعبي ڏي منهن ڪري نماز پڙھڻ شروع ڪيائون ۽ گذريل چوڏھن سئو سالن کان دنيا جا مسلمان ڪعبي ڏي منهن ڪري نماز پڙھندا اچن ۽ قيامت تائين ڪعبو اسان جو قبلو رھندو، انشاءَ الله. گذريل چوڏھن سئو سالن کان دنيا جا مسلمان ڪعبي جو حج ڪندا اچن. دنيا جون سموريون قومون ھتي اچيو ٿيون گڏ ٿين. ھڪ عظيم ۽ شاندار اجتماع ٿئي ٿو، جنهن جي اڳيان اولمپڪ جي راندين جو ميڙاڪو به ڪجهه ناھي. سڀ مسلمان ھڪ ئي رنگ ۽ ھڪ ئي نموني جي لباس، ٻن سفيد چادرن ۾ اچيو گڏ ٿين. ھنن جا جذبا ۽ تمنائون به ساڳيون آھن. احساس به ساڳيا آھن. مقصد ۽ خيال به ساڳيا آھن ۽ سندن زبان تي ٻول به ساڳيا آھن. لبيڪ اللھم لبيڪ...
”آئون حاضر آھيان، يا الله آئون حاضر آھيان.
آئون حاضر آھيان، تنهنجو ڪو شريڪ ناھي، آئون حاضر آھيان.
بيشڪ سڀ تعريفون ۽ نعمتون تو لاءِ آھن.
۽ ملڪ به.
تنهن جو ڪو به شريڪ ناھي“.
ـــــــــــــــ
ڪعبو دراصل لفظ ڪعب مان نڪتو آھي. جنهن جي معنى آھي بلندي يا اوچائي. انگريزيءَ جو لفظ Cube به عربي جي لفظ ڪعب مان نڪتو آھي، جيئن ٻيا ڪيترائي انگريزي لفظ عربي لفظن مان جُڙيا آھن. الجبرا، ڪيمسٽري، ازمٿ وغيره. ڪعبي واري جاءِ يعني ان علائقي (مڪي) کي اھو القرى به چون ٿا ته بڪه به.
بڪه جي اصليت ڏي اشارو ڪندي اصمعي ارشاد ڪيو آھي ته بڪه لفظ بڪ مان ٺھيو آھي، جنهن جي معنى آھي ڌڪو ڏيڻ، ٿيلھو ڏيڻ، ڇو ته طواف دوران ايترا ماڻھو ٿين ٿا جو ھو پنهنجو پاڻ ھلڻ بدران ھڪٻئي کي ٿيلھيندا رھن ٿا. ان ڪري ھن کي بڪه سڏين ٿا. مجاھد جو چوڻ آھي ته دراصل لفظ بڪه جي ب ميم (م) ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ھاڻ مڪه سڏجي ٿو.
ڪجهه سال اڳ جنگ اخبار ۾ ھڪ مضمون دارين صديقي جو ”بيت الله، دنيا جي عظيم ترين عمارت“ عنوان ھيٺ پڙھيو ھوم. ان موجب جڏھن حضرت آدم عليه السلام الله تعاليٰ جي حڪم سان زمين تي موڪليو ويو ته ھر وقت روئندو رھيو ٿي ۽ الله تعاليٰ کان معافي گھرندو رھيو ٿي. ھڪ ڏينهن حضرت جبرئيل عليه السلام جن آيا ۽ فرمايائون ته اي آدم تون وفات کان اڳ حج ڪري وٺ. آدم موت جي خبر ٻڌي ڏاڍو رنو ۽ حج جو رادو ڪيو. ياد رھي ته جڏھن الله تعاليٰ حضرت آدم ۽ بي حوا کي زمين تي لاٿو ته روايتن موجب آدم عليه السلام کي سرانديپ (ھاڻوڪي سريلنڪا ٻيٽ) تي ۽ بي بي حوا کي خراسان ۾ الڳ الڳ لاٿو. آدم سرانديپ کان مڪي ڏي حج جي نيت سان روانو ٿيو. جڏھن ھو مڪي جي ويجھو پھتو ته سڀئي ملائڪ ھن وٽ آيا ۽ چيو ته اي آدم اسان ٻن ھزار سالن کان ھن گھر جو طواف ڪري رھيا آھيون. ان وقت ھن جو نالو بيت المعمور ھو ۽ الله تعاليٰ جي طرفان اھو فقط فرشتن (ملائڪنﷺ لاءِ طواف گاهه ھو. ھي عمارت حضرت آدم عليه السلام کان به پھرين جي ھئي ۽ حضرت نوح عليه السلام تائين زمين تي قائم رھي. حضرت نوح کي به ملائڪن چيو ته اي نوح تون بيت المعمور جي زيارت ڪري وٺ، ڇو ته الله تعاليٰ ان کي آسمان تي کڻڻ چاھي ٿو ۽ نوح جي زيارت بعد الله تعاليٰ ان عمارت کي آسمان تي کڻائي ورتو ۽ اڄ به اھا عمارت آسمان تي موجود آھي.
جڏھن الله تعاليٰ حضور ﷺ جن کي معراج لاءِ گھرايو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن سڀني ملائڪن سان گڏ بيت المعمور ۾ ٻه رڪعتون نماز ادا ڪئي ھئي ۽ اڄ جيڪا اسين خانه ڪعبه جي عمارت ڏسون ٿا، اھا عمارت ھن عمارت جي بلڪل ھيٺان آھي، جيڪا آسمان تي آھي (بي بي حوا بابت روايت آھي ته ھن جي حضرت آدم عليه السلام سان ملاقات حج بعد عرفات جي ميدان تي ٿي).
ان کانپوءِ حضرت ابراھيم عليه السلام جو دور آيو ته ھن کي الله تعاليٰ طرفان ڪعبي (الله جو گھر) ٺاھڻ جو حڪم ٿيو، جيئن ماڻھو ان جي زيارت لاءِ اچن ۽ طواف ڪن. طوفان نوح بعد ڪعبي جا نشان ڊھي ويا ھئا ۽ ان ھنڌ جي نشاندھي لاءِ حضرت جبرئيل عليه السلام جن حضرت ابراھيم جن کي ٻڌايو ته توھان اٺ تي سوار ٿي ھن کي ھلڻ لاءِ چئو. الله جي حڪم سان ان اٺ تي ھڪ ڪڪر جي ڇانو رھندي، جيڪا اٺ سان گڏ گڏ ھلندي رھندي، جتي بيھي رھي ۽ اتي جيتري ٽڪر تي ڪڪر جي ڇانو رھي. ان سائيز جو گھر ٺاھجانءِ، پوءِ جڏھن اٺ ان جاءِ تي پھتو (ھي اھا جاءِ آھي جتي اڄڪلهه ڪعبي جي عمارت آھي). حضرت ابراھيم عليه السلام اٺ تان لھي ھڪ ڪاٺي جي ٽڪر سان ان حصي تي ليڪون پاتيون، جنهن تي ڪڪر جي ڇانوَ ٿي ھئي.
حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي پٽ اسماعيل سان گڏجي الله تعاليٰ جو گھر ٺاھيو، جنهن ۾ الله جي حڪم سان حضرت جبرئيل پڻ مدد ڪئي ۽ پنجن جبلن: ڪوھ لبنان، ڪوھ حرا، ڪوھ صفا، ڪوھ مروه ۽ ڪوھ ابو قيس تان کين پٿر آڻي ڏنا. ڪعبي شريف جي ٺھڻ بعد حضرت ابراھيم عليه السلام الله تعاليٰ کان مڪي شريف لاءِ دعا گھري ته اھو امن امان جو شھر رھي ۽ ان جي رھاڪن کي روزي ملي.
تعمير ڪعبه بعد حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي ملڪ شام ڏي روانو ٿي ويو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي ماءُ سان گڏ اتي ئي مڪي ۾ ٽڪي پيو ۽ ڪعبي جي نگھباني ڪرڻ لڳو. حضرت اسماعيل ۽ ھن جي والده بي بي حاجره جي وفات بعد انهن جي اولاد ڪعبي جي نگھباني جو فرض ادا ڪيو. پوءِ جڏھن حضرت اسماعيل جي اولاد جو سلسلو وڌيو ته اھي قبيلن ۾ ورھائبا ويا. انهن قبيلن مان ھڪ قبيلو قبابعد ھو. ھڪ روايت آھي ته قبابعد قبيلي جا ماڻھو حج بيت الله ڪندا ھئا ۽ ڪعبي کي نهايت عزت احترام جي نگاهه سان ڏسندا ھئا. انهي قبيلي جو ھڪ بادشاهه پھرين پھرين بيت الله تي غلاف چڙھايو، جيئن اھو پاڪ صاف رھي.
حضرت اسماعيل عليه السلام جي اولاد کانپوءِ ڪعبي جي نگھباني جو سھرو جرھم کي ٻڌو ويو، جيڪو حضرت اسماعيل جو مامو ھو، جرھم جي نگھباني کانپوءِ اھو فرض خزاع نالي قبيلي جي حوالي ٿيو ۽ ان بعد اھا سعادت قريش قبيلي جي حصي ۾ آئي، پوءِ قصى بن ڪلاب جو دور آيو، جيڪو قريش قبيلي جي ھڪ اھم شخصيت ھئي ۽ قصى بن ڪلاب جي پنجين پشت مان پيغمبر آخر محمد مصطفى ﷺ جن پيدا ٿيا. حضور ﷺ جن جي ولادت کان اٽڪل 130 سال اڳ قصى بن ڪلاب جي حڪومت قائم ٿي ھئي. ھي پھريون ماڻھو ھو، جنهن جي ڏينهن ۾ ڪعبي جي مرمت ٿي ۽ مٿان ڇت پئي. ان کانپوءِ ڪعبي جي تعمير حضور ﷺ جي ڏينهن ۾ ٿي، جڏھن پاڻ 35 سالن جا ھئا، يعني اعلان نبوت کان پنج سال اڳ 605ع ۾ ٿي.
انهن ڏينهن ۾ ڪعبي جي عمارت فقط ماڻھو جي قد جيڏي اتاھين ھئي. ڀتين مٿان ڇت به نه ھئي ۽ ان جو فرش ايڏو ته ھيٺ ھو جو مينهوڳي جي ڏينهن ۾ بارش جو پاڻي حرم پاڪ ۾ گڏ ٿي ويندو ھو ۽ عمارت کي ھر وقت نقصان رسيو ٿي. جنهن ڪري ھر سال مرمت ڪرائڻي پئي ٿي. آخرڪار اھو فيصلو ٿيو ته ان عمارت کي ڪيرائي نئين سر مضبوط ڪري ٺاھي وڃي. مختلف قبيلن عمارت جا مختلف حصا پاڻ ۾ ورھائي کنيا، جيئن ڪو به ھن عزت کان محروم نه رھي. ھن متبرڪ ڪم ۾ خود حضور ﷺ جن حصو ورتو ۽ ٻين سان گڏ پٿر کڻندا رھيا. ڪعبي جي تعمير خلوص سان جاري رھي پر جڏھن حجر اسود کي لڳائڻ جي مھل آئي ته جھيڙو ٿي پيو، ھر شخص چاھيو ٿي ته اھو ڀلارو ڪم ھن کي ڪرڻ جو موقعو مليو.
ھي جھيڙو چئن ڏينهن تائين جاري رھيو. آخر پنجين ڏينهن اھو فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو سڀ کان پھرين جيڪو ماڻھو باب صفا واري پاسي کان حرم ۾ داخل ٿيندو، اھو ئي حجر اسود کي ڀت ۾ لڳائڻ جو حقدار قرار ڏنو ويندو. ان راءِ کي سڀني مڃيو ۽ پسند ڪيو. خدا جو ڪرڻ ائين ٿيو جو سڀ کان پھرين حضرت محمد مصطفى ﷺ جن حرم پاڪ  ۾داخل ٿيا. کيس ڏسي سڀني چيو ”امين اچي ويو، اسان کي ھن تي اعتماد آھي“.
فيصلي مطابق حضور ﷺ جن کي ئي حجر اسود لڳائڻو ھو پر حضور ﷺ جن اھو ڪم اڪيلي سر ڪرڻ بدران ھڪ چادر گھرائي، اھا زمين تي وڇائي، پوءِ ان جي وچ ۾ حجر اسود رکيو ۽ قبيلن جي سردارن کي فرمايو ته ھاڻ ان چادر کي جھلي ھلن. جڏھن چادر ان جاءِ تي پھتي، جتي حجر اسود کي لڳائڻو ھو ته حضور ﷺ جن پنهنجن ھٿن سان ان کي کڻي ڀت جي ان ھنڌ تي رکيو، جتي ھينئر موجود آھي. اھڙي طرح حضور ﷺ جن جي ڏاھپ سان مڪي جا مختلف قبيلي ھڪ وڏي خطرناڪ جنگ کان بچي ويا.
ـــــــــــــــ
رب پاڪ ڪعبي شريف لاءِ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو: ”بيشڪ“ سڀ کان پھرين جيڪو گھر ماڻھن جي (عبادت) لاءِ ٺاھيو ويو، اھو ئي آھي، جيڪو مڪي ۾ آھي، برڪتن وارو ۽ سڄي جھان کي ھدايت ڪرڻ وارو“.
الله تعاليٰ مسجد حرام جو ان نالي سان قرآن ۾ پندرھن دفعا ذڪر ڪيو آھي ۽ ان کان علاوه ٻين نالن سان به ياد ڪيو آھي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ھن گھر کي ڪيترو تقدس ۽ جلال حاصل آھي ۽ ان کي ڪيڏي احترام ۽ عزت سان اسان کي محسوس ڪرڻ کپي.
ـــــــــــــــ
حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ سندس فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام ھن گھر جي تعمير ڪئي. ان بعد ھن جي ڪيترن حصن جي ترميم ۽ تعمير ٿيندي رھي، جيئن شروع ۾ بيان ڪيو ويو آھي. حضرت عمر بن خطاب رضه 17 ھجري ۾ ڪعبي جي مرمت ڪرائي. ان بعد ٽئين خليفي حضرت عثمان بن عفان رضه 26 ھجري ۾ ھجري ۾ مسجد حرام ۾ واڌارو آندو ۽ مسجد مٿان پھريون دفعو ڇت وجھرائي.
66 ھجري ۾ حضرت عبدالله بن زبير رضه مسجد ۾ واڌارو ڪيو ۽ ان کان اڳ 64 ھجري ۾ خانه ڪعبي جي نئين سنئين مرمت ڪرائي. حضرت عبدالله بن زبير جي ولادت ھجرت کان ڏهه مھينن بعد مدينه منوره ۾ ٿي، ھجرت کانپوءِ مسلمان مھاجرن ۾ سڀ کان پھرين ھن جي ولادت ٿي، جنهن تي سڀ مسلمان ڏاڍو خوش ٿيا ھئا. پاڻ تمام رحمدل، متقي ۽ شجاعت جو مالڪ ھو. پاڻ حضور ﷺ جن جي خواھش مطابق حطيم واري حصي کي ڪعبي اندر داخل ڪيو ۽ دروازي کي ھيٺڀرو ڪري زمين جي ويجھو ڪيو ۽ ٻيو دروازو پٺئين پاسي واري ڀت ۾ قائم ڪيو، جيئن ھر قسم ڪعبي اندر سولائي سان داخل ٿي سگھي ۽ ٻي در کان نڪري سگھي.
حضرت عبدالله بن زبير جي انتقال کانپوءِ عبدالملڪ بن مروان جي حڪومت واري زمين ۾ حجا بن يوسف 91 ھجري ۾ ڪعبي کي وري ساڳي نموني ۾ رکيو، يعني حطيم پاسي واري ڀت کي ڊھرائي پھرين واري جاءِ تي ڪيو ۽ حڪيم وارو حصو ٻاھر ئي رکيو ۽ اندر واري حصي جو ڀراءُ ڪري ڪعبي جي اندر واري حصي جو سطح مٿڀرو ڪري دروازي کي پھرين وانگر مٿي رکيو ۽ سامھون وارو ٻيو دروازو بند ڪرائي ڇڏيو. بعد ۾ جڏھن خليفي کي اصل حقيقت جي خبر پئي ۽ کين حضرت عائشه رضه واري حديث ٻڌائي وئي ته ھن کي پنهنجي ان فعل تي ڏاڍو افسوس ٿيو.
ان کانپوءِ خليفي ھارون رشيد پنهنجي دور ۾ ڪعبي جي عمارت ۾ وري ڦيرڦار آڻي حضرت عبدالله بن زبير واري حالت ۾ آڻڻ لاءِ ان وقت جي عالم دين حضرت امام مالڪ رح کان فتوى گھري. حضرت امام مالڪ رح اھو ارادو ترڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ فرمايو ته: ”بيت الله شريف کي بار بار تڪليف ڏيڻ سان ھن جي عظمت ماڻھن جي دلين مان ويندي رھندي ۽ ھي بادشاھن جي ھٿن ۾ ھڪ رانديڪو ٿي پوندو“. ان بعد خليفي پنهنجو ارادو لاھي ڇڏيو ۽ ڪعبو شريف اڄ تائين ان حالت ۾ آھي، جنهن ۾ حضور ﷺ جن ڏينهن ۾ ھو.
160 ھجري ۾ عباسي خليفو مھدي جڏھن حج ڪرڻ آيو ته ڏٺائين ته نمازين لاءِ مسجد سوڙھي ٿي رھي ھئي. ھن اتر ۽ اوڀر کان ان جو واڌارو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت خانه ڪعبه جي ڏکڻ طرف به گھٽ زمين ھئي. ان ڪري 164 هه ۾ جڏھن ھو ٻئي دفعي حج تي آيو ته ڏکڻ طرف به واڌارو ڪرايائين، جيئن ڪعبو مسجد جي وچ ۾ ٿي بيھي.
284 ھجري ۾ عباسي خليفي معتضد بالله مسجد جي وري نئين سنئين مرمت ڪرائي ھڪ دروازي جو واڌارو ڪيو، جيڪو ”باب الزيارة“ جي نالي سان سڃاتو ويو.
306 ھجري ۾ عباسي خليفي مقتدر بالله ”باب ابراھيم“ دروازي جو واڌارو ڪيو. 
604 هه ۾ مسجد ۾ باهه لڳڻ ڪري مسجد جو ھڪ حصو ڊھي پيو. ان بعد ٻوڏ آئي، ان بعد مصر جي حاڪم سلطان فرد بن محمد برقوف مسجد جي ڊٺل حصي کي چڱي طرح ٺاھڻ جو حڪم ڏنو.
979 ھجري ۾ سلطان سليم عثمانيءَ سڄي مسجد کي وري ٺھرائڻ جو حڪم ڏنو. ڇت کي گنبذ (جيڪو عثماني طرز عمارت جو نمونو آھي.) جي شڪل ۾ ۽ سڄي مسجد کي بهترين نموني سان ٺھرايو. سلطان سليم جي وفات بعد باقي ڪم ھن جي پٽ سلطان مراد پورو ڪرايو، جيڪو 984 ھجري تائين ھلندو رھيو.
اڄ جي سعودي خاندان مان بادشاهه (ملڪ) عبدالعزيز آل سعود حرم پاڪ تي تمام گھڻو ڪم ڪرايو، جنهن جي نالي دروازو (باب) پڻ آھي. پاڻ 1375 ھجري (1955ع) ڌاري مسجد تي ڪم ڪرايو، صفا ۽ مروه مان مسجد ڏي نڪرڻ لاءِ 16 دروازا ٺھرايا، ٻوڏ کان مسجد کي بچائڻ لاءِ ھڪ خاص قسم جو ڊرينيج ٺھرايو. صدر دروازي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي دروازا ٺھرايا. جن جو تعداد 51 ٿئي ٿو. اھم دروازن مٿان 92 ميٽرن جا ڊگھا مينار ٺھرايا ،جن مٿان چنڊ ٺھرايو. حاجين جي سھولت لاءِ ماڊرن قسم جي غسلخانن جو انتظام پاڻي جو بندوبست ۽ ٻين ڳالھين جو بندوبست نه فقط حرم پاڪ ۽ مڪي ۾ پر منى، مزدلفه ۽ عرفات ۾ پڻ سعودي حڪومت جو ھر بادشاهه ڪندو رھي ٿو.

No comments:

Post a Comment