Friday, February 03, 2012

حج ۽ عمري لاءِ ضروري ڳالھيون - الطاف شيخ


حج ۽ عمري لاءِ ضروري ڳالھيون
 الطاف شيخ
حج جي لغوي معنيٰ ارادو ڪرڻ يا ڪنهن جاءِ تي پهه ڪري وڃڻ آھي پر شريعت جي اصطلاح ۾ مڪي شريف وڃي بيت الله جو طواف، منيٰ ۾ رھڻ عرفات جي ميدان تي حاضري ڀرڻ، مزدلفه ۾ رات ٽڪڻ ۽ جبل صفا مروه جي وچ ۾ سعي (چڪر ھڻڻ) آھي.

حج جا ھي فرض آھن:
·                    نيت ڪرڻ، احرام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھڻ.
·                    وقوف عرفات يعني عرفات جي ميدان تي ترسڻ.
·                    طواف زيارت ڪرڻ جيڪو 10 ذوالحج کان 12 ذوالحج اندر ڪري سگھجي ٿو پر 10 ذوالحج تي ڪرڻ وڌيڪ افضل سمجھيو وڃي ٿو.
۽ ھيٺيون شيون واجب آھن:
·                    عرفات کان واپسيءَ تي رات جو مزدلفه ۾ ترسڻ ۽ اتي مغرب ۽ عشاءَ جون نمازون گڏ پڙھڻ.
·                    صفا مروه جي سعي ڪرڻ.
·                    شيطان کي پٿريون ھڻڻ.
·                    قرباني ڪرڻ.
·                    وار ڪترائڻ يا ٺوڙهه ڪرائڻ.
·                    مڪو شريف ڇڏڻ کان اڳ الوداعي طواف (طواف وداع) ڪرڻ.

·                    عمري لاءِ ھي ضروري آھي:
·                    نيت ڪرڻ، احترام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھڻ.
·                    طواف ڪرڻ ـ يعني خانه ڪعبه جي چوڌاري ست چڪر ڏيڻ.طواف ڪعبه عمر جو خاص عمل آھي، جيڪو عمري جو فرض سڏجي ٿو.
·                    صفا مروه جي سعي ڪرڻ ـ عمري لاءِ ھي ضروري عمل واجب آھي.
·                    حلق يا قصر ڪرڻ ـ وار ڪترائڻ يا ٺوڙهه ڪرائڻ، ھي عمل پڻ عمري لاءِ واجب آھي.

No comments:

Post a Comment