Monday, February 27, 2012

Tesco کان My din - الطاف شيخ


Tesco کان My din
الطاف شيخ
ملاڪا جو وڏي ۾ وڏو بس اسٽاپ، جتي مون کي بس اچي لاٿو، سو Melaka Sentral سڏجي ٿو ۽ جتي ’جالان (شاهراهه) پنگ ليما اوانگ‘، ’جالان تُن رزاق‘ سان اچي ملي ٿو، اتي آهي. ”جالان تُن رزاق“ هاءِ وي جو حصو آهي، جيڪو الور گاجا شهر کان اچي ٿو ۽ اڳتي موئر(Muar)  ۽ جوهور بارو شهرن کان ٿيندو، سنگاپور تائين پهچي ٿو. ملاڪا شهر جو هيءُ هنڌ، جتي هاڻ وڏي پئماني وارو هيءُ بس اسٽاپ ٺاهيو ويو آهي، وچ شهر کان پري آهي. اڄ کان ويهارو سال کن اڳ تائين، جڏهن آئون هي شهر ڇڏي رهيو هوس، اھو جنگل هو. هاڻ هن بس اسٽاپ جي ڪري، هڪ قسم جو جنگل ۾ منگل ٿي ويو آهي، جتي سڄي ملائيشيا کان ايندڙ بسون بيهن ٿيون. جتي ٽئڪسيون، مسافرن کي ملاڪا جي مختلف هنڌن ڏي يا ٻين شهرن ڏي کڻي وڃڻ جو انتظار ڪن ٿيون. جتي مسافرن ۽ انهن کي وٺڻ يا ڇڏڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ريسٽورنٽون ۽ خوبصورت دڪان آهن ۽ 24 ئي ڪلاڪ رونق ۽ ميلو متل رهي ٿو. هونءَ به ملائيشيا جي هر شهر جي بس اسٽاپ تي توهان کي زندگي نظر ايندي ۽ ڇو نه هجي؟ جڏهن ملڪ ۾ امن امان هجي، پگهارن جي مقابلي ۾ سستائي هجي ۽ کاڌي پيتي جون شيون، صحت جي اصولن موجب هجن، پوءِ رونق ڇو نه ھوندي. ههڙن ملڪن ۾ ماڻهو، ڏينهن هجي يا رات، سفر جاري رکن ٿا. هر بس اسٽاپ تي ويهڻ جي سهوليت کان علاوه واش روم ۽ ريسٽورنٽون آهن. سٺا رستا ۽ سٺيون سواريون آهن. هتي ملائيشيا ۾ ته ڀاڙو به مناسب آهي. ڪوالالمپور کان ملاڪا ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد. ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ، مون کي فقط 12 رنگٽ (ڊالر) ڀاڙو ڏيڻو پيو. اڄڪلهه ملائيشيا جي هڪ رنگٽ جي قيمت 28 روپيه آهي يعني 216 روپيه ٿيو. مزي جي اها ڳالهه ته 80 واري ڏهي ۾ به، جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس، ملاڪا کان ڪوالالمپور جو ڀاڙو 12 رنگٽ هئو. يعني هتي جي ماڻهن لاءِ ته ڪا مهانگائي ٿي ڪا نه. اسان کي وري به ان ڪري مهانگائي ٿي لڳي جو اسان جي رپئي جو قدر گهٽجي ويو آهي. ور نه ته مون وارن ڏينهن ۾، جڏهن هڪ رنگٽ اسان جي اٺن رپين برابر هو ته، اهو ڀاڙو 96 روپيه هو. ان کان به 10 سال کن اڳ، يعني 70 واري ڏهي ۾، جڏهن آئون جهازن تي هوس، ملائيشيا توڙي سنگاپور جي ڊالر جي قيمت، اسان جي چئن رپين برابر هئي.


هيڏي وڏي بس اسٽاپ جي ڪري، چوڌاري رهائشي ڪالونيون به ٺهي ويون آهن ۽ زمين جو اگهه وڌي ويو آهي. هونءَ به ملائيشيا جا شهر جتي چيني ۽ مڪاني طرز جا آهن، اتي آمريڪن اسٽائيل جا به ٿيندا وڃن. جتي شهر کان پري وڏا وڏا سپر ۽ هائپر ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن ۽ ماڻهو ڳتيل ۽ ڳهتيل مارڪيٽن بعد، شهر کان ٻاهر ٺهيل مالن مان خريداري ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهوليت ۽ سستائي محسوس ڪن ٿا، جتي هو پنهنجي ڪار به پارڪ ڪري سگهن ٿا. اسان جي ڏينهن ۾، يعني 80 واري ڏهي ۾، جهڙا تهڙا فقط 2 ڊپارٽمينٽل اسٽور کليا هئا؛ هڪ Lian Fatt  ۽ ٻيو ميڊم ڪنگ. ٻئي مڪاني چينين جا جالان بنگارايا تي هئا. هاڻ ملاڪا شهر ۾ ڪيترا ئي ڌارين ملڪن جا مشهور نالي وارا اسٽور نظر اچن ٿا. سينٽرل بس اسٽاپ مان نڪرڻ سان، ٽيسڪو(Tesco)  ۽ جايا جسڪو(Jaya Jusco)  جا بورڊ نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ٻڌايو ته؛ ”ملاڪا ۾ ٽيسڪو جو هڪ ٻيو اسٽور به آهي جيڪو ملاڪا جي ’پايا رمپت اتاما‘ واري علائقي ۾ جالان اِنانگ(Inang)  تي آهي. هيءُ اسٽور آچر کان خميس تائين، صبح جو 8 کان رات جو 11 تائين کليل رهن ٿا. جمعي، ڇنڇر ۽ پبلڪ هاليڊيز وارن ڏينهن تي صبح جو 8 کان 1 تائين کلن.“
ٽيسڪو ڊپارٽمينٽل اسٽور، انگلينڊ جا آهن. انگلينڊ جي ٽيسڪو ڪمپنيءَ، هتي جي مڪاني ڪمپني Sime Derby سان گڏجي، سن 2002ع ۾ ملائيشيا ۾ پهريون دڪان سلينگور رياست جي شهر پُچانگ ۾ کوليو. هاڻ ته سڄي ملائيشيا ۾ 40 کن Tesco جا وڏا اسٽور آهن. جيئن ڪراچيءَ ۾ اڄڪلهه مائيڪرو ۽ ميٽرو جا اسٽور آهن.
اهڙيءَ طرح، جايا جسڪو اسٽور آهي، جنهن ۾ پڻ هر قسم جي شيءِ ملي ٿي. ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته؛ ٽيسڪو ۽ جايا جسڪو جي معيار جا ٻيا به ڪيترا ئي وڏا اسٽور، ملاڪا ۾ کلي ويا آهن. جهڙوڪ: داتاران پهلوان (ملئي زبان ۾ اسان وارو لفظ Pahlwan به آهي)، هنگ تئا مال، هنگ تئا پلازه، ماهڪوٽا پريڊ ۽My Din  جيڪو دراصل هڪ تامل انڊين مسلمان محي الدين جو آهي پر هو پنهنجو نالوMy Din  لکي ٿو. ان نالي سان، ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سندس دڪان آهن. هڪ ڳالهه لکندو هلان ته؛ ملائيشيا ۾، خاص ڪري 1990ع تائين، سڀ کان گهڻو امير چيني هئا ۽ ملڪ جو بزنيس انهن جي هٿن ۾ هو. هاڻ مڙيئي ايڪڙ ٻيڪڙ ملئي ماڻهو به پئسي وارا ٿيڻ لڳا هئا ۽ سرڪاري نوڪرين سان گڏ بزنيس ۾ به گهڙڻ لڳا آھن.
ملائيشيا جي پنج کن سيڪڙو انڊين آدمشماريءَ جو وڏو حصو تامل (سائوٿ انڊين) آهن. اهي غريب هئا. باقي سنڌي هندو ۽ گجراتين ۾ ڪجهه پئسي وارا هئا، جن جا مڙيئي ڪجهه دڪان هئا. انهن مان هڪ سنڌي هندو، تان سري ڪشو کي، هر هڪ سڃاتو ٿي. ڇو جو هن ڪوالالمپور جي اهم روڊ جالان تئانڪو عبدالرحمان تي گلوب سلڪ اسٽور نالي هڪ اٺ ماڙ ڊپارٽمينٽل اسٽور کوليو، جنهن ۾ رکيل سامان جي ورائٽي ۽ سستائي ڪري ماڻهن سنگاپور مان شاپنگ ڪرڻ ڇڏي ڏني. اسان به آچر ڏينهن ملاڪا کان ڪوالالمپور اچي، گلوب سلڪ اسٽور تان گهر جي لاءِ شاپنگ ڪندا هئاسين. گهڻي مال جي وڪري ڪري، هنن تمام گهٽ فائدو رکيو ٿي ۽ هنن جي دڪان سان ٻيو ڪو واپاري مقابلو ڪري نٿي سگهيو. 
پوءِ 1990ع کان ڪوالالمپور ۾ جپان، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي مشهور دڪانن جون برانچون کلي ويون. ايتريقدر جو هن سنڌي ڪشوءَ جو گلوب اسٽور به لوڏن ۾ اچي ويو. پر ان دوران ملائيشيا ۾ ٽوئرسٽن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو ڪيترا امير چيني، هوٽلن سان گڏ هن بزنيس ۾ به ٽپي پيا. اڄ سڄي ملائيشيا ۾ جيڪي وڏا مال، سپر ۽ هائپر مارڪيٽون ڏسو ٿا، سي جپان، يورپ ۽ آمريڪا جي ڪمپنين جون آهن يا هتي جي چيني ڪروڙ-پتين جون. ان تناظر ۾ هڪ انڊين، سو به ڏکڻ هندستان جي تامل مسلمان جي "My din" نالي اسٽورن جي Chain جي هاڪ ٿي ٻڌجي ته حيرت ٿي ٿئي. مقابلي جي سخت حالت ۾، هن پنهنجي بزنيس کي زنده ۽ وڌندڙ ويجهندڙ بنائڻ لاءِ، ڇا ته محنت ڪئي هوندي!
اڄ سڄي ملائيشيا ۾ محي الدين محمد (هو پنهنجي نالي ۽ دڪان جي نالي جي اسپيلنگMy din لکرائي ٿو) جا 89 دڪان آهن. جن ۾ 5 ته هائپر مارڪيٽون آهن، 18 امپوريم، 2 بازارون ۽ 50 مِني مارڪيٽون آهن. ڪوالالمپور جي بزنيس-مين غلام علي سولنگيءَ ٻڌايو ته؛ 1918ع ۾ جن ڏينهن ۾، ڪشوءَ جي پيءُ ڄيٺانند هتي جي هڪ ڳوٺ سيگامت ۾ دڪان کوليو، تن ڏينهن ۾ محي الدين جي پيءُ غلام حسين جمال به مدراس انڊيا مان پينانگ اچي، دڪان کوليو. انگريزن جو راڄ هو. امن امان هو. پينانگ مشهور بندرگاهه هجڻ ڪري، هر وقت جهازن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي. جنھنڪري هنن جي مال جو خوب وڪرو ۽ آمدني ٿي پئي. ٻي وڏي لڙائي دوران، جپانين جي قبضي ٿيڻ تي، هنن ڪيترن جي گهرن ۽ دڪانن کي ساڙيو، هن جو دڪان به ٽِڙ-پِٽ ٿي ويو.
غلام حسين جمال، جيتوڻيڪ هٿين خالي ٿي ويو پر کيس واپار جي ڄاڻ ۽ همٿ هئي. هن اهو ڄاتو ٿي ته؛ سندس پٽ محي الدين ۾ قابليت آهي ته هو زيرو کان شروعات ڪري سگهي ٿو. جپانين مان جيئن ئي ملايا جي جان ڇٽي ۽ حالتون بهتر ٿيون ته 1957ع ۾ (ملائيشيا جي آزادي واري سال) محي الدين، ڪيلنتان رياست جي ڪوٽا بارو شهر ۾ دڪان کوليو. محنت، ايمانداري ۽ گهٽ فائدو رکڻ ڪري، هنن جو دڪان هلندو رهيو. پورن 22 سالن بعد، هنن هڪ ٻيو دڪان ڪئالا ترنگانو شهر ۾ کوليو ۽ پوءِ ڏهن سالن بعد ڪوالالمپور ۾ جالان مسجد انڊيا (روڊ) تي سن 1989ع ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور کوليو، پر تيستائين K.L (ڪوالالمپور) ۾ ايترا ته فاسٽ فوڊ جا فارين ريسٽورنٽ KFC، مئڪڊو نالڊ، سيون اليون کان سوگو، ڪي مارٽ ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽل اسٽور کلي چڪا هئا جو اسان جو ڪڏهن به هن سائوٿ انڊين اسٽور My Din ڏي ڌيان ئي نه ويو.
1991ع ۾، ملائيشيا ڇڏڻ بعد، آئون سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ پاسي ڪجهه عرصو رهيس. ڪجهه سالن بعد، ڪجهه ڏينهن لاءِ، ملائيشيا اچڻ ٿيو. هڪ ڏينهن ڪوالالمپور جي چوڪِٽ مارڪيٽ وٽان چڪر هڻي جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا جي فٽ پاٿ تي رکيل هڪ بئنچ تي اچي ويٺس. ٻيا به ڪيترا ملئي، خاص ڪري انڊين سک، سنڌي هندو ۽ تامل مدراسي ويٺا هئا ۽ رستي تان ايندڙن ويندڙن کي پئي ڏٺوسين. ڪوالالمپور جي هن ايريا ۾، انڊين جا دڪان گهڻا هجڻ ڪري، انڊين عورتون ۽ مرد جام نظر اچن ٿا. منهنجي ڀر ۾ ويٺل 2 ملئي همراهه بوهي مڱ(Pea Nuts)  کائي رهيا هئا.
”انچڪ مَڪَن ڪَچانگ“ هن مون ڏي پُڙي وڌائيندي، کائڻ لاءِ چيو. پي نٽ، منهنجي دلپسند شيءِ آهي. منهنجو جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪري، جيئن ئي آمريڪا جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته جهاز تان لهي، ويجهي دڪان تان يڪدم پي نٽ ۽ آئسڪريم وٺي ايندو هوس. آمريڪا جهڙا لذيذ ۽ سوڪ (Crispy)  پي نٽ، مون کي ڪٿي نظر نه آيا. بوهي مڱ ته اسان وٽ به ٿين ٿا، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ به ٿين ٿا، لنڊن ۽ ڪينيا ۾ به ٿين ٿا پر آمريڪا وارن جي پئڪنگ ۽ انهن کي فراءِ يا ٽوسٽ ڪرڻ جو طريقو بيحد هاءِ ڪلاس آهي. بهرحال، مون کانئن ٻه چار ڪڻا وٺي چکيا ۽ انهن جي لذت ۽ معيار ڏسي، مون کي حيرت ٿي ۽ کانئن يڪدم پڇيو ته هنن اهي ڪٿان ورتا آهن. هنن پڙيءَ تي لکيل نالي ڏي اشارو ڪري My Din جو نالو ورتو.

”هي اسٽور ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.
”هن ئي روڊ تي ته آهي“، هنن مان هڪ چيو؛ ”هڪ تامل انڊين جو آهي. هن اسٽور جي هر شيءِ بهترين ۽ مناسب اگهه تي آهي.“ آئون ان ئي وقت، ان اسٽور تي ويس ۽ اهو نوٽ ڪيم ته هنن وٽ هر شيءِ جي وڏي ورائٽي آهي. هر شيءِ سٺي معيار جي آهي ۽ واقعي قيمت به واجبي آهي.“
منهنجي خيال ۾، هنن جي ان اصول ڪري هن نالي جا اسٽور ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ور نه ته ملائيشيا ۾، بزنيس ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. جيئن گلوب سلڪ اسٽور جو سنڌي مالڪ ٻڌائيندو هو ته هن جو پيءُ چوندو هو ته؛ ”جيڪڏهن توهان بزنيس ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ ان ۾ رهڻ چاهيو ٿا ته ايمانداريءَ کان ڪم وٺو. ايمانداري جهڙي ڪا ٻي ڳالهه ناهي.
Be Honest. Nothing else pays in the long run.”
هو وڌيڪ چوندو هو ته هڪ دفعو ساک ٽٽي ته ماڻهوءَ جو هميشه لاءِ منهن ويو ۽ چوندو هو ته گراهڪ سان دوکو نه ڪريو.
Don’t take people for a ride.
اهڙيءَ طرح هن سائوٿ انڊين مسلمان واپاري محي الدين جي والد غلام حسين جمال، پنهنجي پٽ کي اها ئي نصيحت ڪئي ته ايمانداري سان ۽ حلال جو بزنيس ڪجانءِ. حرام جي ڪمائيءَ ۾ ڪو جٽاءُ ناهي. My Din لاءِ مشهور آهي ته،
My Din operates its business on halal concepts and stresses on honesty, sincerity and good discipline in all aspects of its business.
اڄ محي الدين وارن جو ملائيشيا ۾ مڪاني اسٽورن مان سڀ کان وڏو بزنيس آهي ۽ 6000 کان مٿي ماڻهو هنن جي دڪانن تي ڪم ڪن ٿا ۽ سندن دڪانن تي ٻن لکن کان مٿي مختلف شيون آهن. ان جي مقابلي ۾ Tesco وارن وٽ فقط 60،000 آئٽم آهن.
ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر ٻڌايو ته هنن دڪانن جو مالڪ محي الدين محمد علي حيات آهي ۽ پنهنجي ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي. سندس پٽ ۽ نُهون، هن ڪمپنيءَ جون ڊائريڪٽر آهن. پنهنجي ملاڪا واري اسٽور جي نظرداريءَ لاءِ، هو اڪثر ملاڪا پڻ اچي ٿو. جڏھن تهMy din  اسٽورن تي ڀاڄي، گوشت، مڇي ميوي کان ويندي ڪپڙا، بوٽ، رانديڪا، ڪتاب، دوائون، اليڪٽرڪ جو سامان ۽ راندين جو سامان ملي ٿو.
انھنMy Din  نالي وارن اسٽورن لاءِ مشهور آهي ته؛ هتي هر شيءِ هول سيل واري سستي اگهه تي ملي ٿي. بلڪ هن ڪمپنيءَ جو سلوگن ئي آهي:
Why pay more, buy at wholesale prices!
ملاڪا ۾ My Din جو اسٽور پڻ ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ وٽ ئي آهي. انهن مٿي ٻڌايل وڏن اسٽورن کان علاوه، ملاڪا ۾ ٻيا به ڪيترا ئي سپر اسٽور يا مارڪيٽون ٺهي ويون آهن. جهڙوڪ: سُونگ سينگ پلازه، ملاڪا رايا پلازه... وغيره.

No comments:

Post a Comment