Sunday, February 19, 2012

هُن شهر جون تري آيل يادون - الطاف شيخ


هُن شهر جون تري آيل يادون
الطاف شيخ
1402ع ۾، ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي گهاٽن جھنگلن واري هڪ ننڍڙي سامونڊي ڪناري واري ڳوٺڙي ۾، سماترا کان ڀڄي آيل شاهي خاندان جي هڪ فرد، جنهن جو نالو پرميشور هو، اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ ان جاءِ جو نالو رکيائين ملاڪا. پاڻ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيائين. سندس خاندان (گهراڻو) 1512 ۾، پورچوگالين جي آمد تائين حڪومت ڪندو رهيو. پورچوگالين جي ملاڪا تي 1512ع کان 1641ع تائين حڪومت رهي. ان بعد 1824ع تائين ملاڪا ڊچن جي قبضي ۾ رهيو ۽ پوءِ انگريزن جو راڄ شروع ٿيو. ڌارين ۾ سڀ کان گهڻو وقت، اٽڪل 183 سال ڊچن جو ملاڪا تي راڄ رهيو. ملاڪا ۾، توهان کي ڪيتريون ئي شيون پورچوگالين، ڊچن ۽ انگريزن جي راڄ جون ٺهيل نظر اينديون. جيئن ڪراچيءَ جي ايمپريس مارڪيٽ، ڪي ايم سي بلڊنگ، ميري ويدر ٽاور جهڙيون عمارتون، انگريزن جي دور جون ٺهيل آهن. پورچوگالين جو ته سڄو پاڙو آهي، جتي پورچوگالين جو اولاد رهي ٿو. آفريڪا وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته يورپي ماڻهن، پنهنجي حڪومتي دور ۾، مڪاني ايشين يا آفريڪي عورتن سان شادي ته ڇا پر ظاهر ظهور دوستي رکڻ کان به گريز ڪئي ٿي. پر پورچوگالين نه فقط شاديون ڪيون پر مڪاني عورتن مان پيدا ٿيندڙ ٻارن کي اهو ئي status ڏنائون، جيڪو سندن پنهنجي ملڪ ۾ هو. ان ڪري توهان کي ڪيترا ئي مختلف رنگن ۽ جسامتن جا پورچوگالي ملندا. ائين ڏٺو وڃي ته ڊچن به ٿورو گهڻو/ مڪاني ماڻهن سان جنسي تعلق رکيو ٿي ۽ انهن جو اولاد برگر سڏجي ٿو. توهان کي سريلنڪا ۾ ڪيترا ئي برگر ملندا. ملاڪا ۾ رهندڙ هي ڪڻڪ رنگا ۽ ڪارسرا پورچوگالي، ملئي ۽ پورچوگالي ڳالهائين ٿا. پر سندن پورچوگالي، اڄ جي پورچوگاليءَ کان بيحد نرالي آهي. جيئن سائوٿ آفريڪا جي ڊچ زبان، هالنڊ جي ڊچ زبان کان، ڪجهه ڪجهه بدليل آهي. بهرحال ملائيشيا جي حڪومت به کين هڪ حد تائين پنهنجي شناخت، ڪلچر، رسم و رواج قائم رکڻ جي همٿ افزائي ڪري ٿي ته ڀلي رنگين ڊريسون پائي ناچ گانا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندا رهن. جيئن ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن کي ملاڪا ۾ هڪ هي آئٽم به ڏسڻ لاءِ ملي وڃي. آئون جڏهن ملاڪا ۾ رهندو هوس ته مون وٽ پاڪستان کان جيڪو مهمان ايندو هو، ان کي ملاڪا جو هيءُ پورچوگالين جو پاڙو ضرور ڏيکاريندو هوس.


ملاڪا ۾ ڏهه سال رهڻ دوران، مون وٽ ڪيترا ئي سڃاڻو، دوست يار ۽ مائٽ مٽ آيا. مون به چاهيو ٿي ته منهنجي وطن جا گهڻي کان گهڻا ماڻهو، دنيا جو هي پاسو اچي ڏسن جيڪو تعليم، ٽيڪنالاجي، جديد پڻي، شپنگ، ميڊيڪل جهڙين شين ۾ اسان جي ملڪ کان گهڻو گهڻو پٺتي پيل آهي. پر جنهن عزم ۽ محنت سان هو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ان ۾ جي هو ڪامياب ٿي ويا ته دنيا کي ڏندين آڱريون اچي وينديون. هن ملڪ جا سياستدان، پنهنجي ملڪ جي هر اداري کي ترقي ڏيارڻ لاءِ، دنيا جي قابل ماڻهن کي پاڻ وٽ نوڪريون ڏئي رهيا هئا. جيئن سندن ملڪ جا نوجوان علم حاصل ڪري، پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڀڙ ٿي سگهن. هيءَ ستر ۽ اسيءَ واري ڏهي جي ڳالهه آهي. مون اهو ئي چاهيو ٿي ته منهنجي ملڪ جا ماڻهو انگلينڊ ۽ عرب ملڪن ڏي وڃڻ بدران هيڏانهن پڻ اچن. هڪ ڳالهه آهي ته ملائيشيا، انهن ڏينهن ۾ ايڏو وڏو پگهار نٿي ڏنو. وطن وڃڻ جي موڪل هر سال ڏيڻ بدران ٽن سالن بعد ڏني ٿي. جيڪي ڳالهيون ٻڌي اسان جي ماڻهن کي گهٻراهٽ ٿي ٿي. پر مون اها ئي ڪوشش ڪئي ٿي ته هو هن پاسي اچي ڏسن ته هتي جي زندگي، يورپ ۽ عرب ملڪن کان بهتر آهي. هتي life Quality of آهي. هتي جا ٽي سال، عرب ملڪن جي هڪ سال کان، وڌيڪ تيزي ۽ سڪون سان گذريو وڃن. هتي جا مڪاني ماڻهو، اسان جو قدر ڪن ٿا، اسان کي عزتون ڏين ٿا.
ملاڪا ۾ ڏهه سال رهائش دوران، ڪيترا ئي هلي ملي مون وٽ ملاڪا آيا. ڪيترن جي ته مون کي خبر پيئي ٿي ته هو ڪوالالمپور آيل آهن ته هلي ملي، آئون رهائش وارو گهر جنهن هنڌ تي هو، اتان هڪ شارٽ ڪٽ رستو پورٽ ڊڪسن کان ٿيندو، ڪئالالمپور پهتس ٿي ۽ جملي فاصلو 90 ڪلوميٽر مس ٿيو ٿي. رهائش جو به ايڏو مسئلو نه هو. ڇو جو هڪ ته اسان کي سمنڊ جي ڪناري تي انگريزن جي ڏينهن جا تمام وڏا بنگلا مليل هئا ۽ ان کان علاوه، اسان وٽ جيڪي Post sea جا ڪورس ڪرڻ لاءِ جهازن جا آفيسر آيا ٿي، انهن لاءِ فئملي ٽائيپ هاسٽل هئي، جنهن جو هڪ ڪمري وارو فلئٽ اسان جي مهمانن لاءِ سستي اگهه تي مسواڙ تي مليو ٿي. هڪ دفعي مون وٽ پنجاب يونيورسٽيءَ جو پروفيسر، خاطر غزنوي به اچي رهيو هو. ان وقت جون مشهور ڳائڻيون بينجمن سسٽرز به اسان وٽ آيون هيون. 1980ع ڌاري، هو پاڪستان جي ٽي ويءَ جون مشهور سنگرس هيون، جيڪي پراڻين انڊين فلمن جا گانا تمام سٺي سر ۽ اسٽائيل ۾ ڳائينديون هيون. خبر ناهي ڇو هو پوءِ ماٺ ٿي ويون. عالمگير نالي هڪ ڳائڻو به مون وٽان ملاڪا مان گهمي ويو هو. هو به گهڻو ڪري انڊين گانا ڳائيندو هو. پروفيسر خاطر غزنوي ته ڪئالالمپور جي يونيورسٽيءَ ۾ اردوءَ جو ٻه سال کن هيڊ به ٿي رهيو. اڄڪلهه جي ’هم‘ ۽ ’مسالا‘ ٽي وي جي مالڪڻ، مئڊم سلطانه صديقي به مون وٽ ملاڪا ۾ ٻه دفعا آئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ، پاڪستان ٽيليويزن جي پروڊيوسر هئي. ٻئي دفعا هوءَ، ڪنهن انٽرنيشنل سيمينار لاءِ ڪئالالمپور آئي ۽ منهنجي زال کيس اتان ملاڪا وٺي آئي. هوءَ اسان وٽ ملاڪا ۾ ٽي چار ڏينهن رهي ۽ منهنجي ٻارن سان گڏ، هن هتي جون تاريخي جايون ڏسڻ کان علاوه ملئي شاديون به اٽينڊ ڪيون. سندس ان وقت جون تصويرون، منهنجي ملائيشيا جي اردو ۽ سنڌي سفرنامن کان علاوه picasa.com تي به آهن. سندس وڏي ڀيڻ ادي نورجهان ۽ سندس گهر وارو ادا انيس شيخ به هڪ دفعو ٿائيلنڊ کان ٽرين ذريعي، اسان وٽ اچي رهيا هئا. ان کان علاوه، هڪ ٻي اهم شخصيت، ماهتاب محبوب ۽ سندس فئملي، اسان وٽ مهمان ٿي رهي. ماهتاب محبوب، سنڌيءَ جي مشهور افسانا نويس آهي. هوءَ منهنجي به دلپسند ليکڪا آهي. بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾، عورتن جو هڪ ڊيليگيشن ڪوالالمپور آيو ھو. اهو ٽولو، ملاڪا جي چيف منسٽر ۽ منهنجي دعوت تي ملاڪا ۾ به اچي رهيو. منجهن هڪ سنڌي ٽي وي چئنل جي مشهور ائنڪر، پروين راڄپر به هئي. هڪ دفعي ملاڪا ۾، مون وٽ سنڌي ۽ اردوءَ جو مشهور ليکڪ، قمر شهباز ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال عبدالرزاق ميمڻ به اچي رهيا هئا. انهن کي هن شهر ملاڪا جون تاريخي جايون، پارڪ، ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ گهٽيون گهمائيندي، ائين لڳندو هو ڄڻ، هيءُ منهنجو پنهنجو شهر هالا، حيدرآباد يا ڪراچي هجي.
سچ ته اهو آهي ته آئون، مٿين شهرن ۾ به نه ايترو رهيو هوندس ۽ نه وري اوترو واقف آهيان، جيترو ملائيشيا جي هن شهر ملاڪا کان. ملاڪا جا ته ڪيترا دڪاندار ۽ شهري ائين سمجهندا هئا ته آئون ڪو ملائيشيا جو پاسپورٽ رکندڙ هجان. ويتر مون کي ۽ منهنجي فئمليءَ کي ملئي زبان ۾ ڳالهائيندو ٻڌي، هو اهو ئي سمجهندا هئا.
اسان جي نيول اڪيڊميءَ ۾، ڪيترن ئي ڌارين ملڪن جي جهاز ران آفيسرن، نوڪري ڪئي ٿي پر هڪڙا آيا ٿي ته ٻيا ويا ٿي. ڪو به مون وانگر، ٽڪي نه رهيو. ملاڪا حڪومت طرفان مون کي PJK ايوارڊ مليو. جنھنڪري هن رياست جا سمورا ڪامورا، منهنجو خيال رکندا هئا. ڏهاڪو کن سال، جيڪي مون ملاڪا ۾ رهي ڪناري جي نوڪري ڪئي، تن ۾ چيف منسٽر، ساڳيو عبدالرحيم تامبي چِڪ رهيو. هو منهنجو پهرئين ڏينهن ئي دوست ٿي ويو هو. ملاڪا ۾ نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ، مون کي پهريان ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رکيو ويو، جيئن هڪ نئون ماڻهو ڊيوٽي شروع ڪرڻ کان اڳ، ڪجهه آرام ڪري سگهي ۽ ڪجهه نئين ملڪ جي ماحول، ماڻهن ۽ موسم کان واقف ٿي سگهي. ڇو ته نئين نوڪري ۽ نئين ماحول ۾، هر ڪو ماڻهو ڪجهه ڏينهن لاءِ، گهٻرائجيو وڃي.
اڄ جو ملاڪا بلڪل ٻيو ٿو لڳي. پر اڄ کان ٽيهه سال اڳ، جڏهن نوڪريءَ لاءِ هتي پهتو هوس ته ملاڪا حيدرآباد جو هيرآباد وارو علائقو لڳو ٿي يا ڪراچي ءَجو گارڊن ايسٽ هو. انهن ڏينهن ۾، حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي اعليٰ هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون هيون. ملاڪا جي سڀ کان اعليٰ هوٽل، جنهن ۾ مون کي رهايو هئائون، سا جالان تيمنگ گانگ جي ويجهو، strait Inn نالي هئي. جيڪا حيدرآباد جي فاران هوٽل جهڙي ته ڇا، هوٽل انڊس يا سائينجيز کان به سادي هئي. جيئن ته سڄي شهر ۾ اها ئي بهترين هوٽل هئي، سو هن رياست جو چيف منسٽر، شام جي وقت چانهه پيئڻ لاءِ آيو هو. آئون چڪر لاءِ هوٽل کان ٻاهر نڪتس ته رسيپشن واري هال جي ٻاهران، هڪ ڪاري رنگ جي مرسيڊيز ڪار بيٺي هئي. جنهن جي رجسٽري، بيٺل همراهه (CM جي سيڪريٽري) ٻڌايو ته؛ ”اها ڪار هن رياست جي وزيراعليٰ عبدالرحيم جي آهي.“ پوءِ يڪدم مون کان پڇيائين ته؛ ”آيا اوھان ساڻ ملڻ چاهيندؤ.“
”هو پاڻ ملندو؟“ مون پڇيو.
”آئون توهان کي هينئر ئي پڇي ٿو ٻڌايان.“ سيڪريٽريءَ چيو ۽ ٻن منٽن ۾، اڃا آئون اتي لائونج ۾ ئي هوس ته هن مون کي اچي سڏيو.
انهن ڏينهن تائين، نه ملاڪا ۾ ڪو ايترن ٽوئرسٽن اچڻ شروع ڪيو هو ۽ نه ڪو اهڙو تعليمي ادارو هو، جنهن لاءِ ڌارين جي خدمت حاصل ڪئي وئي هجي. ملاڪا جي وزير اعليٰ عبدالرحيم کي خوشي هئي بلڪ فخر هو ته ملڪ جي واحد مئريٽائيم اڪيڊمي نه فقط هن جي رياست ۾ کلي آهي پر جنهن هنڌ تي کلي آهي، ان جي ڀرسان سندس ڳوٺ آهي، جتي هو ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو. هن مون کي ٽيچر جي حيثيت ۾، لک عزتون ڏنيون ۽ ٻئي ڏينهن سندس آفيس ۾ وري چانهه لاءِ گهرايو. اهو سلسلو هلندو رهيو، جيستائين آئون 1991ع تائين ملاڪا ۾ هوس. پاڻ نفيس قسم جو ماڻهو آهي ۽ ملاڪا جي شروعاتي ترقيءَ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. هن ڌارين ماڻهن کي ملاڪا ۾ investment ڪرڻ جي همت افزائي ڪئي. هو سٺو دوست ۽ نيڪ نمازي هو. ساڳئي وقت، هو پيئڻ جو به شوقين هو. جنهن جي پوءِ، سندس خوش اخلاق ۽ سلجهيل زال، داتن پئان زبيده کيس سمجهائي سمجهائي عادت ڪڍي.
مون جڏهن ڏهاڪو کن سالن بعد، ملاڪا ڇڏي تڏهن به هو چيف منسٽر هو. سال 1992ع ۾ آئون سئيڊن هليو ويس ۽ 1994ع جي شروعات ۾، مون ٻڌو ته هن تي ڪنهن نابالغ ڇوڪريءَ سان عشق جو بهتان مڙهيو ويو آهي، جنهن ڪري هن سياست مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اخبار ۾ اها خبر پڙهي، مون کي افسوس ٿيو ته عوام جي ههڙي دلپسند شخصيت کي، جدائيءَ جي راهه اختيار ڪرڻي پيئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻ عاشق مزاج طبيعت جو ضرور هو پر ساڳئي وقت جينٽل مئن به هو. انهن ئي ڏينهن ۾، سندس خط به اچي ويو (جيڪو مون وٽ اڃا تائين محفوظ آهي) جنهن ۾ هن ڏک جو اظهار ڪيو آهي ته؛ ”ڪجهه گندن سياستدانن گڏجي، منهنجي خلاف گندي سياست ڪئي آهي. جنهن کان دل شڪستو ٿي، مون وڏ-وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.“ بعد ۾ جڏهن ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ته، اهو ئي ثابت ٿيو ته؛ هن جي خلاف ڪجهه سياستدانن مهم هلائي ۽ سندس مٿان مڙهيل الزام جي ڪا به شاهدي يا ثبوت نه ملي سگهيا. عبدالرحيم تامبي چِڪ، 1982ع کان وٺي 1994ع تائين، ملاڪا جو وزيراعليٰ رهيو. پاڻ ڊاڪٽر مهاتير محمد جي ويجهن ساٿين مان آهي ۽ پنهنجي پارٽي اُمنو (UMNO) جو نائب صدر به رهيو آھي.

No comments:

Post a Comment