Saturday, February 19, 2011

انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟ - الطاف شيخ



انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟
الطاف شيخ
انڊيا جي اخبارن جا اشتهارن وارا صفحا کولي کڻي ڏس ته نه فقط آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جي  Jobsسان ڀريل نظر اچن ٿا پر سعودي عرب، دبئي، ڪويت جهڙين اسان جي پاڙيسري ملڪن ۽ ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن مسلمان ملڪن جي نوڪرين لاءِ پڻ ”فلاڻين نوڪرين لاءِ هي ڄاڻ يا ڊگري رکندڙ انڊين جي ضرورت آهي.“ عرب ملڪ جيتوڻيڪ اسان جا پاڙيسري ملڪ آهن هنن کي کپي ته اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنيئر، مڪينڪ ۽ مستري گهرائين. بيروزگاري به اسان جي ملڪ ۾ گهڻي آهي. پر جڏهن به اتي جي ڪنهن واسطيدار عرب ڪارخانيدار يا سرڪاري ڪاموري سان ڳالهاءِ يا توڙي کڻي ملائيشيا ۾ ان بابت مڪاني ماڻهن يا اسان جي پاڪستاني Settlersسان ڳالهاءِ. (جن جا ملائيشيا، انڊونيشيا،سنگاپور پاسي ڪارخانا، ڪاروبار ۽ جهازي واپار آهن) ته هو ان بابت جيڪي سبب ڏين ٿا اهي هن ريت آهن:
·     پاڪستانين وٽ ٺلهيون ڊگريون آهن علم ايترو نه اٿن جيترو انڊين کي آهي پوءِ انڊين ڀلي کڻي هندو هجي يا مسلمان، سک هجي يا عيسائي، جنهن سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن يا پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي هو ان جي ڄاڻ ۾ ڀڙ آهي. نوڪرين ڏيڻ بعد هن تي مغز ماري نٿي ڪرڻي پوي. 

 
·     اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي انڊين محنت ڪئي آهي ۽ هو سادگيءَ ۾ رهيو آهي. ان ڪري هن جي اها عادت نوڪريءَ دوران به رهي ٿي. هو ٻٽاڪون هڻڻ بدران ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو. نئين نئين Ideasذريعي پنهنجي اداري جي ترقي ۽ مالڪ لاءِ خوشحاليءَ جا رستا پيدا ڪري ٿو. هڪ اڻ ڄاڻ ۽ بنيادي تعليم کان غير واقف ورڪر جو حال ناچ نه آئي آنگن ٽيڙها وارو ٿيو پوي، هو پنهنجي ڪمزوري ۽ ڪوتاهيءَ کي لڪائڻ لاءِ ويتر مالڪ حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪريو وهي.
·     انڊين توڙي بنگلاديشي تمام گهڻو Obedientآهي. هو گهٽ پگهار ۽ ڏکين حالتن ۾ به خوش ٿي ڪم ڪري ٿو. هو علم ۽ ڄاڻ جي بنياد تي مسئلن جا حل پيش ڪري ٿو ۽ نه مسئلا.
·     پاڪستانين کي اجائي سجائي موڪلن ڪرڻ جي پٽ آهي. ڪو دوست يا مائٽ اچڻو آهي يا ان سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي يڪدم موڪل کپي. ڪنهن مائٽ مٽ جي شادي يا طهر يا مڱڻو آهي موڪل کپي. ننڍڙي ننڍڙي ڳالهه تي رسي Contract ختم ڪريو ڇڏين. انڊين يا بنگلاديشي هڪ دفعو ڪنهن هنڌ نوڪريءَ ۾ لڳايو وڃي ٿو ته وري موڪلون نٿو ڪري. پنهنجي ڪم ۾ ئي لڳو رهي ٿو.
·     پاڪستاني ٿوري ئي ڪم جي پريشر وڌڻ تي يا گهڻا ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيڻ تي چڙچڙا ٿيو پون ۽ پاڪستانين ۾ غيرقانوني حرڪتون ڪرڻ جو رجحان گهڻو آهي.
·     ڪجهه اهي سبب آهن جو هر ملڪ انڊين کي نوڪري ڏيڻ لاءِ Prefer ڪري ٿو ۽ ٻئي نمبر تي بنگلاديشي ۽ سريلنڪن کي.
نوڪرين جي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جي نوڪرين جا اشتهار اچن ٿا اهي به ٺڙڪو قسم جي ننڍين نوڪرين جا آهن پر انڊيا جي اخبارن ۾ وڏين ۽ اهم نوڪرين جا اچن ٿا جيئن اڄ جي اخبار ۾ نوڪرين جا اشتهار پڙهي رهيو آهيان ته آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪيترن ڪمپيوٽرن سان واسطو رکندڙ فرمن کي انڊين نوجوان گريجوئيٽن جي ضرورت آهي. ڪجهه اشتهار سعودي عرب، ڪويت، دبئي. ويندي ايران جي مختلف ڪمپنين ۽ حڪومتن جا آهن جيڪي انجنيئرنگ ۽ مئنيجمينٽ جي مٿاهين Postsلاءِ آهن. ويندي دبئي جي شپ يارڊ لاءِ مئرين اليڪٽرانڪ انجنيئرن جي ضرورت جا اشتهار آهن ۽ اهي گهڻو ڪري سڀ ڊائريڪٽ اشتهار انهن ملڪن جي نجي ڪمپنين يا حڪومتن طرفان آهن. اسان جي اخبارن ۾ مزورن ۽ پورهيتن جي نوڪرين جا ڪڏهن ڪڏهن اشتهار هونداسي به لاهور يا پنڊيءَ جي ڪنهن ٺيڪيدار طرفان يعني ڪويت يا سعودي عرب جي ڪنهن اسپتال يا بندرگاهه جي صفائيءَ جو ڪو عرب ٺيڪو کڻي ان تي فائدو رکي ڪنهن پاڪستاني حوالي ڪيو آهي ۽ هاڻ هو پنهنجي لاءِ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي هم وطنين جو تيل ٿو ڪڍي. ان لاءِ هو ڳولي ڳولي مجبور ماڻهو کڻندو جن کي هو گهٽ پگهار ڏئي سهوليتن جو پئسو پنهنجي کيسي ۾ وجهي عيش ڪري ٿو، يعني هنن جو رت چوسي پاڻ کي ۽ ڪفيل کي خوش ڪري ٿو. ولايت جي نوڪريءَ جي شوق ۾ عرب ملڪن يا ملائيشيا ۾ پهچي اسان جي پورهيت کي خبر ٿي پوي ته هنن لاءِ اتي نه رهائش جو فضيلت وارو بندوبست آهي نه ميڊيڪل جون سهولتون پوءِ جڏهن هو حڪومت وٽ يا پنهنجي سفارتخاني ۾ دانهين ٿا ته هنن کي خبر ٿي پوي ته هو ته هڪ پنهنجي ئي ملڪ جي ٺيڪيداري ۾ ڪم ڪرڻ آيا آهن ۽ ڌارئين ملڪ جي حڪومت ۽ سفارتخاني کي نه خبر آهي ۽ نه ان ڳالهه سان واسطو ۽ اهڙين نوڪرين ۾ گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ تي اڪثر خبر پوندي آهي ته اها غير قانوني نوڪري هئي ۽ پوءِ غريب پورهيت سورن ۾ پئجيو وڃي ته پرديس ۾ ڇا ڪريان.
هتي (انڊيا) جي اخبارن ۾ آمريڪا طرفان انڊيا جي ماڻهن لاءِ جن نوڪرين جي اشتهار جي گهڻي ڌم آهي انهن جو واسطو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان آهي. آمريڪا وارا انڊين کي ڪمپيوٽر جو وڏو ڄاڻو سمجهن ٿا ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو آهن به. اسان جا گهڻي ڀاڱي نوجوان غلط سلط انگريزي يا رومن اردو ۾ Chatڪندي يا واهيات ۽ اگهاڙيون web Sitesکولي پيا ٺرندا ۽ گد گد ٿيندا. مائٽ به خوش ٿيندا ته سندن ٻار ڪمپيوٽر کوليو ويٺا آهن. وڏي ڳالهه کي پهچي ويا آهن اها خبر ئي نه ته سندن وقت هڪ طرف پيو خراب ٿئي ته اخلاق ٻئي طرف ان جي مقابلي ۾ هتي جيڪي ڏسان پيو ته گهڻي ڀاڱي انڊين ٻار ننڍي هوندي ئي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکڻ کان وٺي پروگرامنگ، گرافڪ ۽ ٻيون اهم ڪم جون ڳالهيون سکڻ جي جستجو ڪندا جيڪي کين نوڪري ڏياري سگهن.
دهليءَ جي سنگهه ڪانٽيننٽل هوٽل جتي اسان شروع جا ڪجهه ڏينهن رهياسين، ان جي ٽي روم ۾ ڪم ڪندڙ هڪ B.scجو امتحان ڏيئي رزلٽ جو انتظار ڪندڙ پارٽ ٽائيم جاب واري ڇوڪريءَ کان پڇيم ته مهيني ۾ ڪيترو پگهار کيس ملي ٿو.
”مهيني جي حساب سان نه پر روز جي حساب سان سٺ روپيه ٿا ملن. ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿي ڪريان.“ هن ٻڌايو.
”يعني ان حساب سان مهيني ۾ تيرهن سؤ کن رپيا ٿيا.“ مون چيومانس.
”نه ان کان گهڻو گهٽ.“ هن وراڻيو.
”ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”روز جي سٺ رپين مان ڏهه رپيا اوٽ موٽ جو بس جو ڀاڙو ڪٽيو ۽ ڏهه رپيا آئون مستقبل جي Investment ۾ لڳائيندي آهيان.“ اهو چئي هوءَ کلڻ لڳي.
”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي. ڇا اهي خيرات ڪندي آهين ٻئي جهان جي فائدي لاءِ؟“ مون پڇيو.
”نه. ڀر واري سيبر ڪيفي ۾ ڪلاڪ جا ڏهه رپيا ڏيئي فوٽو شاپ Adobe)پروگرام( سکندي ۽ پرئڪٽس ڪندي آهيان. اڄڪلهه رڳو B.scجي آڌار تي ته نوڪري نه ملي سگهندي.“
”اهو پروگرام سکڻ بعد مونکي ڪنهن فوٽو اسٽوڊيو ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ شام جو اها نوڪري ڪرڻ مان پئسو حاصل ڪري صبح جي شفٽ ۾ آئون M.sc ۽ اڳتي هلي Ph.Dڪري سگهان ٿي.“ هن ٻڌايو. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. سندس ماءُ جو ٻه سال اڳ ڊليوري ڪيس ۾ موت ٿي ويو هو. پيءُ مزوري ٿي ڪئي سو ظاهر آهي هن کي پنهنجي پڙهائي قائم رکڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي پيئي ٿي ۽ گهر جو ڪم ڪار پڻ. پر هن جو ٻين انڊين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن وانگر Moral بلند هو. هن کي يقين هو ته هوءَ سٺي Position ۾ M.sc ڪري ويندي ته هن کي Ph.D لاءِ ضرور ڪنهن فارين يونيورسٽيءَ مان اسڪالر ملي ويندي ۽ پوءِ پنهنجي تعليم ۽ هنر جي آڌار تي اتي ولايت ۾ ئي نوڪري حاصل ڪري سگهندي.
دهليءَ جي رستن تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏي ويندڙ بنا ميڪ اپ جي چهرن ۽ سادن سودن لباسن ۾ هتي جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ آئون هر وقت اهوئي سوچيندو رهندو آهيان ته هو ڪيڏا ته محنتي آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ جي هنن کي ڪيڏي ته جستجو آهي.

No comments:

Post a Comment