Sunday, February 20, 2011

ٽائٽانڪ ڀلا ڇو؟ - الطاف شيخ

ٽائٽانڪ ڀلا ڇو؟ 
الطاف شيخ
ڇا ٽائٽانڪ جھاز سامونڊي تواريخ ۾ پھريون جھاز ھو جيڪو ٻڏو؟ نه، ھرگز نه.
ڇا ٽائٽانڪ کان اڳ يا پوءِ ڪوبه جھاز نه ٻڏو آھي؟ ڪيترا ئي ٻڏا آھن ۽ اڄ تائين ٻڏندا اچن.
ته پوءِ ڀلا ٽائٽانڪ جھاز جي حادثي تي ايڏي واويلا ڇو؟ ٽائٽانڪ کي ايڏي اھميت ڇو ڏني وئي، جو ان جي ٻڏڻ کان پوءِ جھازن ۽ مسافرن جي سلامتيءَ جو سختيءَ سان خيال رکڻ لاءِ ڪيترا ئي اپاءَ ورتا ويا. ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سئيڊن) ۾ M.Sc ڪرڻ وقت ھڪ اھڙو به اسان جو سبجيڪٽ ھو، جنهن ۾ حادثي ھيٺ آيل جھاز تي بحث مباحثو ھلندو ھو. ٽائٽانڪ جھاز جي Case Study مھل انگريز پروفيسر الڊرٽن کي ڏاڍيون خارون اينديون ھيون. چوندو ھو ٽائٽانڪ کان وڌيڪ ٻيا اھم جھاز ۽ حادثا آھن، پر ھن جھاز جي حادثي کي اھم بنائڻ ۾ وڏو ڪردار پريس وارن جو آھي ۽ اخبار وارن ان کي گھڻي اھميت ان ڪري ڏني، جو ھن جھاز ۾ ٻڏي وڃڻ وارا دنيا جا امير ۽ اھم ماڻھو ھئا. آفريڪا جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ پنجاھ مزدور مري وڃن ته، اخبار جي آخري صفحي تي ٽن سٽن جي ھڪ ڪالمي خبر ايندي، سا به اخبار ۾ جاءِ بچي ته. ان جاءِ تي انگلينڊ جو پرائيم منسٽر جان ميجر يا اٽليءَ جي فلم ائڪٽريس صوفيھ لارين جو رستي ۾ ھلندي پير ترڪڻ ڪري موت ٿي پوي ته، اخبار جي نه فقط پھرين صفحي تي خبر اچي وڃي، پر لنڊن ۽ روم جون گھٽيون صاف رکڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿي وڃن.

بهرحال! ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته، ٻڏي ويل مسافرن جو وڏو تعداد امير ماڻھن جو ھو. غريب غربي جو نه ھو، پر ان کان علاوه ٻيون به ڪجھ ڳالھيون آھن، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي حادثي کي اھم بنائين ٿيون.
مسافر جھاز ھونءَ به عام جھازن کان بهتر نموني سان ٺھن ٿا. منجھن Safety Factor (سلامتيءَ جو درجو) وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ ھي جھاز ته ان دور ۾ ٺھندڙ ٻين پئسينجر جھازن کان تمام مضبوط ۽ سلامتيءَ وارو ٺاھيو ويو ھو. ايتري قدر جو ھن جھاز کي Unsinkable جو لقب ڏنو ويو ھو. يعني ان کي اھڙي نموني سان Buoyancy Tank وغيره ٺاھيو ويو ھو،وجھي جو جھاز کي اونڌو ڪري ھيٺ ٻوڙيو وڃي ھا، ته به مٿي اپڙي سمنڊ جي مٿاڇري تي تري ھا. (اھو ائين آھي جيئن ڪنهن ماڻھوءَ جي پٺ سان ھوا سان ڀريل وڏو ڦوڪڻو ٻڌي ڇڏجي. پوءِ ظاھر آھي ته ھن کي پاڻيءَ ۾ زور ڏئي اندر ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪبي ته به ھو مٿي تري ايندو)
انهن ڏينهن ۾ پئسي وارن ماڻھن کي جھاز ۾ چڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھو، پر کين ۽ سندن دوستن عزيزن کي اھو ڊپ ٿيندو ھو ته، ڪٿي جھاز ٻڏي نه وڃي. اھڙي Scenario (تناظر) ۾ ٽائٽانڪ جھاز جي ٺھڻ وارن ڏينهن ۾ ئي سڀني کي ٻڌايو ويو ھو ته، انگلينڊ جي جھازران ڪمپني ھڪ اھڙو جھاز ٺاھي رھي آھي، جيڪو ٻوڙڻ سان به نه ٻڏندو. نتيجي ۾ ھن جي Maiden Voyage (پھرين سفر) ۾ ئي دنيا جا اھم ماڻھو چڙھي پيا ۽ مڃون ٿا ته جھازن جا حادثا ٿيندا رھن ٿا – گھڻو ڪري تڏھن جڏھن جھاز پراڻا ٿين ٿا يا انهن جھازن جا گھڻا حادثا ٿين ٿا، جيڪي سادي مال مان ٺاھيا وڃن ٿا، پر ھن جھاز سان اھي ڳالھيون ھرگز لاڳو نه ھيون. جھاز سال به پراڻو نه ھو. بلڪ پھرين Voyage (سفر) تي ئي حادثي جو شڪار ٿي، ٻڏي ويو ھو. جھاز تمام سٺي مٽيريل مان ٺاھيو ويو ھو. ھر شيءِ اوچي کان اوچي استعمال ٿيل ھئي، پر ھن جھاز ۽ ان ۾ چڙھيل مسافرن جي قسمت ئي اھڙي ھئي جو غلط نموني سان سامان رکڻ ڪري اٿلڻ يا ڪنهن ٻئي جھاز سان ٽڪرائجڻ بدران، ھڪ برف جي ڇپ (Iceberg) سان وڃي لڳو.
برف جون ڇپون Iceberg
دنيا جي اتر قطب (توڙي ڏکڻ قطب) ڏي جيترو ويجھو وڃبو، اوتري گھڻي ٿڌ ملندي. آخر اھڙو ھنڌ شروع ٿي ويندو، جتان کان وڌيڪ اڳيان سخت سيءَ ڪري سڄو سمنڊ برف وانگر ڄميل ملندو. اونهاري جي موسم ۾ سمنڊ جا ڪجھ برفاني حصا باقي کان ڇڄي ڌار ٿي، پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳندا آھن. اتر ناروي ۽ ڪئناڊا پاسي جھاز ھلائيندي برف جون اھي ڇپون (آئيس برگ) نظر اينديون آھن. اھي آئيس برگ ڪافي وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي ته جھاز کان به ٻيڻا ٽيڻا وڏا ٿين ٿا، پر تعجب جي اھا ڳالھ آھي ته سمنڊ جي مٿان نظر ايندڙ ھي آئيس برگ سڄي آئيس برگ جو فقط ھڪ حصو ھوندا آھن. جيئن جھاز جيترو نظر اچي ٿو، اوترو سمنڊ اندر به ٿئي ٿو. اھڙيءَ طرح نظر ايندڙ ھيءَ “برف جي ڇپ” اصل ۾ “آئيس برگ” جي فقط Tip (ذرڙو) ٿئي ٿي، باقي ان جو اٺوڻ يا نائوڻ جيترو حصو سمنڊ اندر ٿئي ٿو. ان ڪري ھنن آفت جيڏن آئيس برگس سان پاڻيءَ جو جھاز ٽڪرائجي تباھ ٿي سگھي ٿو.
ناٽ:
سمنڊ تي ھلندڙ جھاز جي رفتار جو يونٽ ناٽ (Knot) آھي. ھڪ ناٽ معنيٰ “ھڪ ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ” رفتار. ڪنهن جھاز جي رفتار 25 ناٽ آھي، معنيٰ ھڪ ڪلاڪ ۾ پنجويھ ناٽيڪل ميل ھلي ٿو.
ناٽيڪل ميل:
ناٽيڪل ميل زمين جي عام ميل کان ڪجھ وڏو ٿئي ٿو. ھڪ ناٽيڪل ميل دراصل ھڪ “منٽ” آھي، جيڪو حسابن يا جاگرافيءَ جو شاگرد ته چڱيءَ ريت سمجھي ٿو، پر ھڪ عام ماڻھوءَ جي ڄاڻ لاءِ عرض آھي ته ھر گول دائري کي 360 ڊگريون ٿين. ان جو مثال ائين سمجھي سگھجي ٿو ته جيڪڏھن ھڪ گدري جون 360 ھڪ جيڏيون ڦارون ھجن (جيڪو ڪم آھي ته ڏکيو پر سمجھو ته ڪا اھڙي وڏي شيءِ آھي، جنهن جون سولائي سان ڪري سگھجن) ته ھر ڦار جي وچ واري ٻاھرين ويڪر ھڪ ڊگري مفاصلو ٿيو. ھاڻي ان کي وري سٺ حصن ۾ ورھائجي ته ھر حصي جي ويڪر ھڪ منٽ ٿيو. ڌرتي به ھڪ گدري مثل آھي، جنهن جون (360x60) يعني 21600 ڦارون ڪجن ته ھڪ ڦار جي ٻاھرين وچ واري (يعني خط استوا واري حصي جي) ويڪر ھڪ منٽ ٿي ۽ اھو مفاصلو يعني ھڪ منٽ دراصل ھڪ ناٽيڪل ميل ٿيو. ٻين لفظن ۾ خط استوا (Equator) وٽ ڌرتيءَ جو گھيرو ايڪيھ ھزار ڇھ سؤ ناٽيڪل ميل آھي. پر ان ساڳئي گھيري تي جيڪڏھن ڪار ھلي ته ان جو ميٽر 25000 کن ميل رڪارڊ ڪندو. يعني ناٽيڪل ميل Statue (زمين تي ماپڻ واري) ميل کان وڏو ٿيو.
خط استوا:
خط استوا (Equator) اھا خيالي ليڪ آھي، جيڪا دنيا جي پوري وچ تان لنگھي ٿي ۽ ڌرتيءَ کي ٻن ھڪ جيڏن حصن ۾ ورھائي ٿي.

No comments:

Post a Comment