Sunday, February 20, 2011

مختلف سامان کڻڻ لاءِ مختلف جھاز - الطاف شيخ

مختلف سامان کڻڻ لاءِ مختلف جھاز

الطاف شيخ
مون جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته انهن ڏينهن ۾ اڃا Container جهاز نه نڪتا هئا. ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ پئسينجر جهاز هئا، جيئن پاڪستان وٽ سفينه حجاج، سفينه عرب، رستم، اوشن انرجي وغيره جيڪي حج جي موسم ۾ حاجين کي جدي کڻي ويندا هئا يا وري ڪراچيءَ کان چٽگانگ هلندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اسان وارو پاڪستان مغربي پاڪستان هو ۽ اڄ وارو بنگلاديش مشرقي پاڪستان هو. جتي امير ماڻهو هوائي جهاز ۾ ويندا هئا، گهٽ پئسي وارا يا سير سفر جا شوقين پاڻيءَ واري جهاز ۾ ويندا هئا. ڪراچي کان جهاز نڪرندو هو ۽ هفتي ڏهه ڏينهن اندر چٽگانگ پهچي ويندو هو. رستي تي ٽن ڏينهن بعد سريلنڪا جو بندرگاهه ڪولمبو ايندو هو، جتي جهاز ڏهه ٻارهن ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ته ڏينهن رات به ترسندو هو. جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ پئسينجرن لاءِ سيڌو سامان ڪولمبو مان ورتو ويندو هو، جو انهن ڏينهن ۾ هن سڄي علائقي ۾ ڪولمبو ۽ عدن ڊيوٽي فري بندرگاهه هوندا هئا. هر شيءِ اتي سستي ملندي هئي. ڪنهن به شيءِ ٽئڪس نه هوندو هو، ان ڪري جهاز وارا پنهنجي لاءِ توڙي جهاز لاءِ خريداري ڪولمبو مان ڪندا هئا. مسافر به ڪولمبو مان هر قسم جي خريداري ڪندا هئا ۽ وڏي شوق مان انڊين فلمون ڏسندا هئا. جيڪي انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ بند ڪيون ويون هيون. ڪراچيءَ کان چٽگانگ پنجاهه رپيا کن مس ڀاڙو هو. هوائي جهاز جي به ڪراچيءَ کان ڍاڪا ۽ ڍاڪا کان چٽگانگ ٻه يا اڍائي سؤ رپيا کن ٽڪيٽ مس هئي.

 
سو سواءِ چند مسافر بردار جهاز جي، پاڪستان وٽ ٻيا جهاز ڪارگو جهاز هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪارگو جهاز معنيٰ هر قسم جو سامان کڻڻ وارا جهاز. اَن جون ڳوڻيون هجن يا مشينن جا کوکا، ڪپهه جون ڳٺڙيون هجن يا ڪپڙن جا تاڪيا، هر قسم جو سامان جهاز جي گدامن (Hatches) ۾ ڀريو ويندو هو. ڪڏهن ته ڪارون، تيل جا ڊرم، چانورن يا دالين جون ڳوڻيون، هر قسم جو سامان جهاز تي چڙهندو هو. اهو سامان ٽرڪن ذريعي جهازن جي ڀرسان ايندو هو ۽ پوءِ بندرگاهه جي ڪرين يا جهاز جي ڊيرڪ ذريعي جهاز ۾ چاڙهيو ويندو هو. جهاز ۾ سامان کي ٺاهي رکڻ لاءِ ٻه ٽي مزور هيٺ گدامن ۾ بيهندا هئا، جيڪي سامان ٺاهي رکڻ مهل، کائڻ پيئڻ جون شيون به کائيندا رهندا هئا يا ٻيون چوريون ڪندا هئا. ان معاملي ۾ مصري ۽ آمريڪا جا ڪارا (شيدي) مزور بدنام هئا. پوءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪنٽينر جهاز شروع ٿيا ته، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ڪناري جي مزورن ڏاڍو گوڙ ڪيو، جو هنن جي موج مزي جا ڏينهن ختم ٿي ويا. ڪنٽينر جهازن تي هنن کي سامان ٺاهي نٿي رکڻو پيو. سامان اڳهين ڪنٽينرن ۾ پئڪ ٿي جهاز تي پهچڻ لڳو ۽ هر ڪنٽينر کي Seal ٿيل تالا لڳل ٿين، جيڪي ڪو کولي نٿو سگهي.
‘ڪنٽينر جهازن’ جي ڪري جهازن جا مالڪ خوش ٿيا، جو هڪ ته ڪارگو (سامان) جي چوريءَ کي ٻنجو اچي ويو ۽ ٻيو ته جهاز، جيڪو عام طور سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ خاطر، مهينو ڏيڍ بندرگاهه ۾ بيٺو هوندو هو، اهو هفتي اندر فارغ ٿي، پنهنجو نئون سفر شروع ڪري ڏيندو آهي. جهاز جا مالڪ به اهوئي ٿا چاهين ته بندرگاهن ۾ جهاز گهٽ بيهي، جو بندرگاهن ۾ بيهڻ دوران خرچ ئي خرچ آهي. جهاز مالڪن کي تڏهن ڪمائي ڏين ٿا، جڏهن هو سمنڊ ۾ هلندا رهن ٿا ۽ اسان جهاز وارا وري تڏهن خوش آهيون، جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو آهي، ڇو جو اسان کي سامونڊي طوفانن ۽ جهاز هلائڻ جي ڏاکڙن کان موڪل ٿيو وڃي. جهاز جيسين بندرگاهه ۾ آهي ته سامان لهرائڻ چاڙهائڻ توڙي انجڻ جي وڏي مرمت جو ڪم، ان بندرگاهه ۾ موجود جهازران ڪمپنيءَ جي مڪاني آفيس حوالي رهي ٿو ۽ اسان کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ سٺو موقعو مليو وڃي. سو ڪنٽينر جهازن جي سورن ڪري ڪيترائي جهاز، ڪنٽينر جهاز هلائڻ کان ڪيٻائين ٿا، جيتوڻيڪ جنرل ڪارگو جهاز کان ڪنٽينر جهاز تي پگهار به وڌيڪ آهي.
اڄڪلهه جي دنيا ۾ نه فقط ڪنٽينر جهاز، پر ڪارگو (سامان) جي نوعيت سان ڪيترن ئي قسمن جا جهاز ٿي پيا آهن، جيئن ته تيل کڻڻ وارا ٽئنڪر (Oil tanker). انهن ۾ به مختلف قسم آهن، ڪي خام تيل Crude oil کڻن ٿا ۽ ڪي اعليٰ قسم جا تيل، خاص ڪري پام آئل جهڙا کاڄرو تيل.
هڪڙا جهاز “بلڪ ڪئريئر” (Bulk carrier) به ٿين ٿا، جن جي هئچن (گدامن) جا مُنهن وڏا ٿين ۽ انهن ۾ ڪنهن به قسم جو اناج ڦوهارن ذريعي ڀري سگهجي ٿو يا ريل گاڏيءَ جا توڙي لوهي پٿرن جا ڀريل دٻا ليٽائي سگهجن ٿا. منزل تي پهچڻ تي جهازن جي گدامن ۾ ٽرئڪٽر لاهي، ان ذريعي سامان ڪڍي سگهجي ٿو. اناج جهڙي شيءِ کي واپس به ڦوهاري رستي ڪڍي سگهجي ٿو. ڪڻڪ يا چانورن سان ڀريل جهاز، جيڪو ڳوڻين ذريعي خالي ڪرڻ ۾ ٻه هفتا کن لڳيو وڃن، اهو اليڪٽرڪ پمپن ذريعي Suction جي ڦوهارن ذريعي، ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪري سگهجي ٿو.
اسان جي ملڪ ۾ ته سئي گئس جهڙي گئس ڌرتي مان نڪري ٿي، جيڪا پائيپن رستي گهر گهر ۾ پهچائي وڃي ٿي، پر جپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ آهن، جن وٽ پنهنجي قدرتي گئس ناهي، اهي ٻين ملڪن مان جهاز ذريعي گئس گهرائين، جن سان ننڍا سلينڊر ڀري، ضرورت مندن کي وڪيا وڃن ٿا. ان قسم جا جهاز جيڪي خاص جهاز ٿين ٿا، اهي ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪڙا گئس Liquefied gas carrier ۽ ٻيا ڪيميڪل ڪئريئر.
گئس کڻندڙ جهاز جيڪا گئس کڻن ٿا، اها ايتري ته گهڻي پريشر تي رکي وڃي ٿي، جو اها پاڻيٺ (Liquefied) واري شڪل ۾ رهي ٿي. ان ڪري اُن کي کڻندڙ جهاز LG يعني Liquefied gas ڪئريئر سڏجن ٿا. انهن مان ڪي جهاز LPG سڏجن ٿا، يعني gas Liquefied petroleum ڪئريئر سڏجن ٿا، جيڪي پروپين، بيوٽين ۽ پروپلين جهڙيون گئسون کڻن ۽ ٻيا جيڪي ايل اين جي (Liquefied natural gas) ڪئريئر سڏجن ٿا، قدرتي گئس- خاص ڪري ميٿين گئس (Methane) کڻن. هن قسم جون گئسون کڻندڙ جهازن جون ٽانڪيون تمام مضبوط هجڻ کپن، جيئن گئسن جي هاءِ پريشر ڪري ڪٿان ليڪيج نه ٿئي. ٽانڪين کي گرمائش کان بچائڻ لاءِ ان جي چوڌاري سخت قسم جي Insulation رکي وڃي ٿي. سڀ کان خطرناڪ نوڪري هنن گئس کڻندڙ جهازن جي آهي. جهاز هلائڻ کان علاوه جهاز جي ڪارگو- يعني Pressurized گئس جو به خيال رکڻو پوي ٿو. هيءَ گئس ايتري ته وڏي پريشر تي ٿئي ٿي، جو اها Liquid form ۾ رهي ٿي. ٿوري به لِيڪ ٿي انسان جي جسم کي لڳڻ سان، جسم جي ان حصي کي ساڙي رکي ٿي- يعني  اها ايتري ته ٿڌي ٿئي جو ان جي ٿڌ ساڙيو رکي، جيئن ٿڌن ملڪن ۾ سخت ٿڌ ساڙيو رکي ٿي. ساڳي وقت هنن جهازن کي گرمائش کان به بچائڻو پوي ٿو. هي گئسون (ميٿين، پروپين وغيره) اهي آهن، جيڪي ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون، جيڪي سگريٽ لائيٽر ۾ ٿين ٿيون. هڪ چڻنگ ۾ وڏو ممڻ مچائي سگهن ٿيون، ۽ ههڙن جهازن تي باهه نه لڳندي آهي، پر ڌماڪو ٿيندو آهي، جنهن بعد جهاز تي، ڪوبه هن حادثي جي رواداد ٻُڌائڻ وارو باقي نه بچندو آهي.
گئس وارن جهازن وانگر ڪيميڪل ٽئنڪر به ٿين ٿا، جيڪي پڻ خطرناڪ ٿين ۽ گئس وارن جهازن وانگر هنن جهازن تي به زندگيءَ کي خطرو هجڻ ڪري، جهاز هلائيندڙن کي ٻين جهازن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پگهار ڏنو وڃي ٿو.
اڄڪلهه Combination ڪئريئر نالي جهاز به عام ٿي رهيا آهن، جن جون ٽانڪيون اهڙي نموني جون ٿين ٿيون، جو انهن ۾ مارڪيٽ موجب تيل به کڻي سگهجي ٿو ته Bulk ڪارگو به.
اڳ ۾ ڪنهن ڪار ڊيلر کي، ڪنهن ملڪ مان ڪارون گهرائڻيون هونديون هيون ته، اهي عام ڪارگو جهاز ۾ اينديون هيون. اسان جو جهاز به جڏهن جپان ويندو هو ته واپسيءَ تي ٻئي سامان سان گڏ، هر دفعي ڏهه ويهه کن ڪارون به آڻيندا هئاسين. انهن ڪارن کي جهاز ۽ سمنڊ جي لوڏن کان بچائڻ لاءِ، جهاز جو واڍو هر ڪار جي چوڌاري ڪاٺ جا فريم ٺاهيندو هو ۽ جهاز جا خلاصي هڪ هڪ ڪار کي چڱيءَ طرح رسن سان ڇڪي ٻڌندا هئا، پوءِ به ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ يا خليج بنگال ۾ جيڪڏهن طوفان هڪ پٺيان ٻئي ڏينهن به قائم رهندو هو ته، ڪيترين ڪارن جا رسا ۽ ڪاٺ جا فريم ٽٽي پوندا هئا ۽ پوءِ سڄو سڄو ڏينهن، سمنڊ تي انهن ڍرين ٿيل ڪارن کي، چڱيءَ طرح سوگهو ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هو. ان کان علاوه ڪارن رکڻ ڪري جهاز جي هئچن ۾، انهن مٿان سامان رکي نه سگهبو هو ۽ گدامن جي اتاهين ڇت تائين سڄي جاءِ خالي رهي ٿي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي عرب ملڪن ۾ تيل جو پئسو اچي ويو ۽ ڪارن جي ضرورت ايتري وڌي وئي جو ڪارن کڻڻ لاءِ خاص جهاز تيار ٿيا، جيڪي Car carrier سڏجن ٿا. انهن جهازن تي ڪارون ڪرين ذريعي کڻي رکڻ ۽ ڪاٺ جي فريم ۾ جڪڙڻ ۽ رسن سان ٻڌڻ ذريعي، ڊرائيوِ ڪري جهاز تي چاڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٺهيل کانچن ۾ ڦاسي بيهن ٿيون ۽ هڪڙي ئي هئچ ۾ ڪيترائي پليٽ فارم هجڻ ڪري، ڪارن جو وڏو تعداد هڪ ٻئي مٿان بيهي سگهي ٿو. منزل اچڻ تي اهي ڪارون ڊرائيو ڪري جهاز تان منٽن ۾ لاهي سگهجن ٿيون. جهاز جي پاسن کان اهڙي قسم جا دروازا ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي کُلڻ سان جهاز جي ڊيڪ ۽ جيٽيءَ جي فرش ۾ پيل پُلِ پون.
۱۹۷۳ع ۾ اسان ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ مان، لاس اينجلس (آمريڪا) لاءِ ٽونا (Tuna) مڇي ڀري، بس نڪرڻ وارا هئاسين ته، اسان جي ملائيشيا واري آفيس چيو ته هونءَ ئي توهان لاس اينجلس ويندي رستي تان جپان وٽان لنگهندئو. هينئر هينئر هيروشيما لاءِ ڪجهه ڪارگو ملي آهي، ڊيڪ تي ئي رکي وڃوس. ڇهه ستن ڏينهن جو ته سفر آهي، واٽ ويندي لاهيندا وڃجو ۽ ڪمپنيءَ کي ڪجهه فائدو ٿي ويندو. ٻيو نه ته ڀلا رستي جي سفر جو خرچ نڪري ويندو ۽ گراهڪي به پڪي ٿي ويندي. اسان جهاز وارن کي ڪو اعتراض نه هو، جو جهازن جي گدامن کي مڇي ۽ ٻئي جنهن سامان سان ڀريو هئوسين، اهو ڪو اهڙو نهرو نه هو. ان ۾ فقط واليوم هو. ان ڪري اسان ان کي کڻڻ لاءِ هائوڪار ڪئي، پر جڏهن خبر پئي ته اهو سامان ٻيو نه پر Lumber (ڪاٺ ۽ وڻن جا چيريل بُنڊ) آهن ته اسان دل من هنيو. ڇو جو جهاز جي ڊيڪ تي ڪاٺ کڻڻ وڏو مسئلو آهي. هونءَ ڪو رکڻ ۾ مسئلو نه آهي ۽ نه وري ان ۾ ڪو بانس (Bamboo) وارو مسئلو آهي، جنهن ۾ اڪثر نانگ بلائون ٿين ٿيون، جيڪي پوءِ بانس جي لڙهن مان نڪري ڊيڪ تي پيا هلندا آهن ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ مصيبت پيدا ڪندا آهن. ڪاٺ کي پاڻي چُوهڻ جي وڏي قوت آهي. جهاز جي ڊيڪ تي ڪاٺ رکڻ سان، هونءَ ئي سمنڊ جي گهميل هوا ڪري ٿورو گهڻو پاڻي ڪاٺ ۾ جذب ٿيو وڃي، پر جيڪڏهن خراب موسم جي ڪري سمنڊ جون ڇوليون، جهاز جي ڊيڪ (عرشي) مٿان اچيو ٿيو وڃن، ته پوءِ ڪاٺ ايڏو ته ڳرو ٿيو پوي، جو جهاز جي Stability ڊسٽرب ٿيو وڃي. جهاز جي Centre of gravity جيڪڏهن هيٺ ڀري آهي ته سامونڊي لهرن ۽ طوفاني هوائن ڪري، جهاز کاٻي ساڄي لڏي ضرور ٿو پر ٻُڏي نٿو. هو وري Stable حالت ۾ اچيو وڃي، پر جيڪڏهن CG (سينٽر آف گريوٽي)  مٿي هلي وڃي ٿي ته پوءِ خطري واري حالت ٿيو پوي ۽ اهڙيءَ صورت ۾ جهاز جي لڏڻ مهل ممڪن آهي ته، اهو واپس وچ واري صورت ۾ اچڻ بدران کاٻي يا ساڄي اونڌو ٿي وڃي. هيءَ صورت ان مثال مان سمجهي سگهجي ٿي ته، هڪ ٽرڪ ۾ جيڪڏهن هيٺان لوهه جو سامان يا ٽرئڪٽر جهڙي ڳري شيءِ رکي، مٿان ڀلي اٺ فٽ کن گاهه يا ڪانن جهڙي هلڪي شيءِ رکبي ته، ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو، پر جيڪڏهن اٺ فٽ کن گاهه هيٺان رکي، ان مٿان ٽرئڪٽر رکبو ته صحيح ڪم نه ٿيندو. ٽرڪ جي CG مٿي ٿي ويندي ۽ ڪٿي ساڄي يا کاٻي پاسي ٽرڪ کي تڪڙو موڙڻ سان، اها اونڌي ٿي سگهي ٿي.
جهاز جي ڪئپٽن آخري وقت تي ڪاٺ جهڙو ڪارگو کڻڻ لاءِ پهرين نهڪر ڪئي، پر پوءِ پينانگ جي آفيس وارن جي Convince ڪرڻ تي ته، ڀائي ڪڏهن ڪڏهن اصولن کي ڇڏي، پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڀلي لاءِ Risk کڻڻو پوندو آهي، آخرڪار راضي ٿي ويو. هونءَ به اونهاري جا ڏانهن هئا، جن ۾ ملائيشيا جي هن پاسي خليج بنگال ۾ ته طوفان (Cyclones) ۽ مَون سُون جا مينهن رهن ٿا، پر ٻئي پاسي ڏکڻ چيني سمنڊ شانت رهي ٿو. اسان جو جهاز هانگ ڪانگ تائين ايئن هلندو رهيو ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪي رهيو هجي، نه لهر نه لوڏو مليو. هانگ ڪانگ ۾ اڌ ڏينهن کن ترسي، هيورشيما (جپان) لاءِ ڪوچ ڪيوسين ۽ پوءِ به موسم ۾ سمنڊ سانتيڪو رهيو. سڀئي چوندا رهيا ته چڱو جو اهو فالتو ڪارگو کنيوسين. ڪئپٽن اجايو پئي ڦڏو ڪيو ۽ قاعدا قانون ٻُڌايا. هيڏي ساري آفت ڪا ائين ٻڏندي ڇا؟ ان جيترو ٻيو سامان ملي ها ته اهو به کڻڻ سان ڪجهه نه ٿئي ها. لوڊ لائين (جهاز تي ٺهيل ليڪ) سمنڊ جي سطح کان اڃا گهڻو مٿي آهي.
اسان ڏينهن رات جهاز هلائيندا اچي جپان جي ويجهو پهتاسين. هاڻ ڪو ويهه ڪلاڪن جو پنڌ هو ته، اچي ٿو مينهن جو وسڪارو ٿئي. وسڪارو به اهڙو جو بند ئي نه ٿئي ۽ اڳيان خراب موسم (Typhoon) جي اڳڪٿي. ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ان جو به اثر شروع ٿي ويو. پهرين هلڪي هوا، پوءِ تيز، پوءِ واچوڙو ۽ هاڻ طوفاني هوائن سان گڏ سمنڊ جون لهرون، جهاز جو ڊيڪ اورانگهي وڃڻ لڳيون. ڪاٺ کي جيڪو پاڻي ڇهڻو هو اهو هن ڇهي ورتو ۽ هاڻ اسان لاءِ خطرناڪ حالت هئي. جهاز کي لُڏڻ کان هر صورت ۾ بچائڻو هو، ٻي صورت ۾ جهاز سان گڏ اسان به سمنڊ جي تري ۾ ٿي وياسين. موت جڏهن مٿان اچي سوار ٿيو ته هرڪو ٻولي ئي ٻي ڳالهائڻ لڳو. چي ڪئپٽن کي ههڙي خطرناڪ ڪارگو کڻڻ کان صاف انڪار ڪرڻ گهربو هو. قانون به اجازت نٿو ڏئي ته اهڙي صورت ۾ ڪاٺ (Lumber) جهڙو ڪارگو کڻو. ڪمپنيءَ کي باقي ڪارگو مان ئي ڪافي فائدو پئي ٿيو، ته هي فالتو کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي... وغيره وغيره
آئون ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر (يعني چيف انجنيئر کان پوءِ ٻي نمبر تي انجنيئر) هوس. چانهه تي ڪئپٽن وٽ برج (ڪنٽرول روم) ۾ ويس. ڪئپٽن چيو ته ڪنهن نموني سان گهڻي کان گهڻي رفتار ڏيو، ته باقي ٽن چئن ڪلاڪن جو پنڌ ڪڍي وٺان. چيومانس، “انجڻ جي رفتار ته اسان به Maximum پيا ڏيون، پر جهاز کي رفتار ته رب پاڪ ئي ڏيندو. دعا ئي ڪري رهيا آهيون.” دراصل سامهون جي لهرن ۽ هوا ڪري، جهاز پچنگ به ڪري رهيو هو. يعني جهاز جو ڪڏهن اڳيون حصو مٿي ٿي ٿيو، ته ڪڏهن سمنڊ اندر هليو ٿي ويو. جنهن وقت سمنڊ اندر هليو ٿي ويو ته، سندس پٺيون حصو جنهن ۾ پروپيلر ٿئي، اهو مٿي کڄي ٿي آيو ۽ جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ ۾ گهمڻ بدران هوا ۾ ڦرڻ ٿي لڳو. ظاهر آهي جهاز ته تڏهن اڳتي ٿو هلي يا رفتار ٿو حاصل ڪري جڏهن جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ ۾ ڦري ٿو. پروپيلر جي هوا ۾ هلڻ ڪري، جهاز جو تيل اجايو هڪ طرف سڙيو ٿي ته انجڻ اوورلوڊ ٻي طرف ٿي ٿي، جنهن ڪري ان جي مختلف حصن تي منفي اثر ٿي ٿيا. ڪئپٽن کي ٻُڌايم ته اسان جو چيف انجنيئر جيڪو هن وقت ڊيوٽي تي آهي، ان ڪوشش ۾ آهي ته جهاز جون پٺيون ٽانڪيون تيل ۽ پاڻيءَ سان فل ڪري- جيئن جهاز جو جهڪاءُ پٺيان ٿئي ۽ پروپيلر جي ٻاهر نڪرڻ جو وقت ڪجهه گهٽ ٿئي ۽ جهاز کي رفتار ملي سگهي.
“هن رفتار سان هيروشيما تائين ڪيترو وقت لڳندو؟” مون ڪئپٽن کان پڇيو.
“هيروشيما تائين هلڻ جو ته هن وقت سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.” ڪئپٽن ٻُڌايو، “هاڻ رڳو ڪناري جي ويجهو ڪا اَڙ (Shelter) ملي ته اتي هلي جهاز کي لنگر انداز ڪري، ٽائفون (طوفان) جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪريون.”
سامهون جپان جو ڪنارو ئي ڪنارو هو، پر پورچوگال وانگر هي هنڌ به اهڙو جابلو هو، جتي بيهڻ “ آ بيل مجھي مار” جي مصداق هو. زير آب ۽ پاسن کان سنهين سنهين ٽڪرن سان جهاز جو لڳي ڇيتيون ڇيتيون ٿيڻ جو ڊپ هو. يعني”آسمان سي گرا کھجور مين اٽڪا” وارو حساب هو. بهرحال ڪنهن جي دعا قبول پئجي وئي. هڪ سڻائو هنڌ ملي ويو، جتي سڄي رات انتظار ڪري، ٻئي ڏينهن صبح جو هيروشيما لاءِ نڪتاسين ۽ منجهند ڌاري اچي پهتاسين.
اهي ستر واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا، جڏهن جهازن تي هر قسم جو سامان کڻبو هو. ان بعد سگهوئي ڪارون کڻندڙ جهاز (Car carriers) به نڪتا ته ڪاٺ جا بُنڊ (Lumber & timber) کڻندڙ جهاز به نڪري پيا، جن ۾ ڪاٺ جو هر قسم حفاظت ۽ سهوليت سان نه فقط هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين کڻي سگهجي ٿو، پر آسانيءَ سان جهاز تي چاڙهي ۽ لاهي به سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment