Monday, February 28, 2011

پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر هتي جو نمونو نرالو آهي

پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر هتي جو نمونو نرالو آهي

هونءَ هن وقت منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ جو ارادو نه هو، بلڪ جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هيءَ عمر سفر ڪرڻ جي ئي ناهي. مون ٻاهر نه نڪرڻ تي پڪي طرح عمل ڪرڻ چاهيو ٿي. ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترا ئي پروفيسر، ڊاڪٽر، بزنس مين ۽ شاگرد قرب ڪري مون کي ڪوالالمپور، اپوح، جوهوربارو، ملاڪا ۽ پينانگ جهڙن شهرن ۾ پاڻ وٽ گهمڻ لاءِ دعوتون ڏيندا رهيا ٿي ۽ آئون کين هائوڪار ڪندو رهيس ٿي. في الحال وڃڻ جو ارادو نٿي ٿيو ۽ پوءِ اوچتو (UMT  يونيورسٽي ملائيشيا ٽرنگانو) جي هڪPh.D  اسڪالر مير الهداد ٽالپر صاحب سان خط و ڪتابت ٿي. عبرت ۾ ڇپيل منهنجي هڪ ڪالم تي هن مون کيe-mail  ڪيو هو. پوءِ موڪلن ۾ حيدرآباد اچڻ تي مون کي فون تي به دعوت ڏنائين ته آئون وٽس ٽرنگانو ضرور چڪر ڏيان، جتي سمنڊ جا ڪنارا ۽ خاموشي آهي. جتي جو ماحول ملائيشيا جي K.L، اپوح ۽ پينانگ واري پاسي کان بلڪل مختلف آهي. دل ۾ سوچيم ته ڳالهه ته سؤ سيڪڙو صحيح ٿا ڪريو. اسان جا ماڻهو گهمڻ خاطر چئن ڏينهن لاءِ ملائيشيا ويندا آهن ته هڪ ڏينهن K.L ۾، هڪ ڏينهن لنگڪوي ٻيٽ تي، هڪ ڏينهن پينانگ ۾ ۽ هڪ ڏينهن گنتنگ هاءِ لئنڊ (هل اسٽيشن) تي گذاري، چوندا آهن ته اسان ملائيشيا گهمي آياسين. پر آئون اهو چوندو آهيان ته انگريز ۽ يورپي گورا ڀلي ائين ڪن پر اسان پاڪستانين کي جي ملائيشيا جي اصل سونهن ۽ مڪاني ماڻهن جي خبر چار لهڻي آهي ته پوءِ چار ئي ڏينهن ملاڪا يا پينانگ جهڙي هڪ شهر ۾ گذاري ڇڏجن. شهر ڏسڻ جو تعداد وڌائڻ خاطر، ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين بسن ۾ سفر ڪري اڌ کان وڌيڪ وقت روڊن تي وڃائي ڇڏڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وري اصل ملائيشيا ڏسڻ ٿا چاهيو ته ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) جي ڪناري وارن شهرن ڪوالالمپور، شاهه عالم، اپوح، الور اسٽار وڃڻ بدران ملائيشيا جي ڪيلنتان يا ٽرنگانو رياستن ۾ هليا وڃو، جتي 90 سيڪڙو ملئي ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن رياستن جا شهر ’سائوٿ چائنا سي‘ جي ڪناري تي آهن. ڏهه سال کن ملاڪا ۾ نوڪري دوران، مان پاڻ سان گڏ مختلف ملڪن جي جهازران پروفيسرن کي موڪلون گذارڻ لاءِ ٽرنگانو يا ڪيلنتان وٺي هلندو هوس.
هينئر جڏهن مير الهداد ٽالپر جو ٻڌم ته هو ٽرنگانو ۾ آهي ته دل ئي دل ۾ سوچيم ته ٽرنگانو جو چڪر هڻڻ لاءِ ملائيشيا ضرور ويندس. مير صاحب کي چيم ته سائين توهان دعوت نه ڏيندائو تڏهن به توهان وٽ ته ضرور ايندس. ان کان علاوه مئرين اڪيدمي (ALAM) جيڪا منهنجي ڏينهن ۾ ملاڪا رياست ۾ کلي هئي، سا هاڻ 30 سالن ۾ وڌي يونيورسٽي ليول جي ٿي آھي. يونيورسٽي ليول جي ٿيڻ تي، ان جو پرائمري ليول وارو حصو هاڻ ٽرنگانو ۾ کوليو ويو آهي. اسيءَ واري ڏهي ۾، منهنجي ڏينهن ۾، اسان وٽ ڪم ڪندڙ نوجوان ڪلارڪ، ٽائپسٽ، ٽيليفون آپريٽر ڇوڪرا ڇوڪريون جن جون انهن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان شاديون اٽينڊ ڪندا هئاسين ۽ فوٽا ڪڍندا هئاسين سي هن وقت رٽائرمينٽ جي عمر (55 سالن) جي ويجهو اتي ٽرنگانو جي نيول اڪيڊمي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پئان فريده، پُئان روس مالا، پئان حاجا بصرا، پئان سيتي حوا جهڙيون جيڪي ان وقت چِڪ فريده، چِڪ روس مالا وغيره هيون ۽ شام جي وقت اسان جي گهر پٺيان نيٽ بال کيڏنديون هيون، انهن جا ٻار به هاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ بئنڪر ٿي ويا آهن. بلڪه ڪي ته اسان وانگر ڏاڏيون نانيون به ٿي ويون آهن. هو پڻ هاڻ ٽرنگانو ۾ رهن ٿيون ۽ اڪثر اي ميل ذريعي خبر چار لکنديون رهن ٿيون. سندن اسي واري ڏهي جا فوٽو ڪڍي رکيا هئم ته سندن ٻارن کي ڏيکاريندس ته توهان جون ڏاڏيون نانيون جوانيءَ ۾ ڪيئن لڳنديون هيون.
هتي اهو لکندو هلان ته ٽرنگانو جيڪو انگريزي ۽ رومن ملئي ۾Terengganu  لکيو وڃي ٿو اهو جَوي ملئي ۾، يعني عربي اسٽائيل ملئي ۾ ترنغانو لکيو وڃي ٿو جنهن جو سنڌي يا اردو ۾ صحيح اچار ترنغگانو ٿيندو جو اهو دراصل ٻن لفظن ترنغ (معنى ٻهڪندڙ يا روشن) ۽ گانو (معنى انڊلٺ) جو جوڙ آهي. اسان لاءِ بهتر آهي ته ترنگانو لکون جيتوڻيڪ ترنغانو به صحيح رهندو. ملئي جا ڪيترائي لفظ ان قسم جا آهن جيئن ملائيشيا جي رياست Selangor  جيڪا سلينگور به لکي وڃي ٿي ته سلنغور به. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ هڪ لفظ Negara توهان کي تمام گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. نگارا يا نغارا معنى قومي (National) جيئن بئنڪ نگارا، مسجد نگارا، زو نگارا... وغيره.
ترنگانو ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي. ملائيشيا جون ٻه رياستون سباح ۽ سرواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن يعني ايڏانهن مغربي ملائيشيا ۾ آهن جيڪو ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي ۽ اسان جا ماڻهو گهڻو ڪري ملائيشيا جي هن حصي ۾ اچن ٿا. جتي ڪوالالمپور، جوهربارو، پينانگ ۽ ملاڪا جهڙا شهر آهن. هنن يارهن رياستن مان شروع کان نو رياستن جا مالڪ يا کڻي چئجي ته ڌڻي سائين سلطان هئا، باقي ٻه رياستون ملاڪا ۽ پينانگ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ رهيون بلڪه پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته هن پاسي جي ٻين سوين ويران ۽ گهاٽي جهنگ سان ڀريل ٻيٽن  وانگر هئا، جيڪي انگريزن ملئي سلطانن کان خريد ڪري develop ڪيا. بهرحال ٽرنگانو ملائيشيا جي سلطانن وارن نون رياستن مان هڪ آهي. هنن نون رياستن جا نو سلطان واري وٽيءَ تي سڄي ملڪ ملائيشيا جا پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا. اڄڪلهه جيڪو ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ميان زين العابدين 1962ع ۾ هن رياست جي اڳوڻي سلطان محمود المڪتفي بلاه شاهه جي گهر ۾ سندس ٻي زال شريفا نانگ فاطمه کي ڄائو. پاڻ ملائيشيا جو 13 ڊسمبر 2006ع کان تيرهون نمبر بادشاهه آهي.
سلطان ميزان زين العابدين پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي رياست مان حاصل ڪرڻ بعد آسٽريليا مان انٽرنيشنل رليشن ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه انگلنڊ جي مشهور فوجي اڪيڊمي ”رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ“ مان تعليم حاصل ڪئي. 1984ع ۾ کيس ليفٽيننٽ طور رايل ڪئولري ۾ مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ سندس پيءُ جي وفات تي ٽرنگانو جو سلطان مقرر ٿيو. پاڻ ملائيشيا جي سلطانن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو سلطان مقرر ٿيو ۽ هاڻ 44 ورهين جي ڄمار ۾ هو ٽئين نمبر تي ننڍي عمر جو بادشاهه ٿيو آهي. هن کان اڳ ڪيداح رياست جو سلطان تئانڪو عبدالحليم 43 سالن جو ۽ پرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد پترا 40 سالن جو هو ته بادشاهه ٿيا هئا. هڪ ٻي ڳالهه ته اڄ جو بادشاهه سلطان ميزان زين العابدين پهريون بادشاهه آهي جيڪو ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ڄائو. هن کان اڳ وارا ٻارهن ئي بادشاهه 1957ع کان اڳ ڄاوا.
سلطان ميزان زين العابدين جي راڻي سلطانا نور زهره سان 1996ع ۾ شادي ٿي. ملائيشيا جي هيءَ ٻي راڻي آهي جيڪا هميشه حجاب سان مٿو ڍڪي هلي ٿي. کين چار ٻار آهن، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون: شهزادي نادره، شهزادو محمد معيز ۽ شهزادي فاطمه زهره.
هونءَ چوندا آهن ته پاور خراب شيءِ آهي. اسان وٽ هڪ دفعو ڪنهن کي پاور ملي ٿو ته پوءِ مري جان ڇڏي ٿو پر هن پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي، گذريل اڌ صديءَ کان ڏسندو اچان ته نمونو ئي نرالو آهي. هيڏو طاقتور بادشاهه (Yang di Pertuan Agnong) جنهن جي لفظي معنى بادشاهه سلامت کان به مٿي ٿي...“ هي جيڪو جهان پناهه ٺاهيو ويو آهي.“ ۽ عوام هن کي خطاب ڪرڻ وقتKe Bawah Dali yang Maha Mulia  چوي ٿو يعني اسان هن عالي حضرت جي پيرن جي خاڪ آهيون (The dust under the feet of his exalted highness) اهو پنج سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي چُپڙي ڪري پنهنجي ڳوٺ هليو وڃي ٿو. مهاتر محمد سابق وزيراعظم چاهي ها ته عوام اڃان به کيس وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ووٽ پيو ڏئي ها پر هو مَتل ميلو ڇڏي گهر هليو ويو ته ڀلي هاڻ نوان ۽ نوجوان ملڪ جو ڪاروبار هلائين. پُتر جايا ۾ مليوسانس. چاق نه هو. ائين مليو ڄڻ هي ڪڏهن وزيراعظم رهيو نه هو. پر جڏهن وزيراعظم هوندو هو تڏهن به هو هڪ عام ماڻهو وانگر لڳندو هو. عيد وارن ڏينهن تي ته سندس گهر جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. غريب غربو، هاري ناري ملندو رهيس ٿي. آئون سندس هر وقت فوٽو ڪڍندو هوس. هڪ دفعي گلوب سلڪ اسٽور جي مالڪ ڪِشوءَ جي مامي وڪيو مل لاکياڻي جي گهر هڪ فئملي ڊنر ۾ مهاتر سان گڏ ماني کائيندي پنهنجن ٻارن جو فوٽو ساڻس گڏ ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کي دٻايم ته سيل ختم ٿي چڪا هئا. مون کان وڌيڪ پاڻ پريشان ٿي ويو. لاکياڻيءَ يڪدم پنهنجي ڊاڪٽر پٽ کي ڊوڙايو ته سيل وٺي آءُ ۽ مون هڪ بدران سندس ڪيترائي فوٽو ڪڍيا جن مان ڪجهه منهنجن ملائيشيا جي انهن سفرنامن ۾ آهن جيڪي مون 80ع واري ڏهي ۾ لکيا. هڪ سنگاپور جو وڪيل وزيراعظم لي ڪئان يو هو جنهن چورن، ٺڳن ۽ دو نمبر مال وڪڻندڙن جي ملڪ سنگاپور کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. نه ته ستر وارو ڏهو اهو هو جو اتي جو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي شرم محسوس ڪندو هو. ان ملڪ کي لي ڪئان يو اهڙو ڪري ڇڏيو جو اڄ سنگاپور جي پاسپورٽ رکندڙ کي آمريڪا جي ويزا جي ضرورت ناهي. هو فقط ٽڪيٽ خريد ڪري آمريڪا، انگلنڊ جپان وڃي سگهي ٿو. آمريڪا وارا به سمجهن ٿا ته سنگاپور ايڏو خوشحال، ماڊرن ۽ سکيو ستابو ملڪ ٿي پيو آهي جو سندن ملڪ جو آمريڪن آمريڪا ڇڏي سنگاپور ۾ رهڻ کي ته خوش نصيبي سمجهي سگهي ٿو پر هڪ سنگاپوري آمريڪا ۾ ڇو رهي پوي. ان سنگاپور ملڪ جو وزيراعظم جنهن کي ديوتا ڪري پوڄين ٿا ان وقت کان اڳ وزارت اعظمى ڇڏي ڏني. عوام پنهنجي محبوب ليڊر کي اڃان وزيراعظم ڏسڻ چاهيو ٿي پر هن کين سمجهايو ته هاڻ ڀلي ڪو ٻيو اچي باقي منهنجيون صلاحون هر وقت حاضر رهنديون. سو ملائيشيا ۾ به نه فقط عوام لاءِ پر بادشاهن لاءِ به قاعدا قانون ٺهيا پيا آهن، جن تي هو عمل ڪن ٿا. وقت پورو ٿين تي ڦشري ڪرڻ بدران مانَ عزت سان لهيو وڃن. هتي اهو به قانون آهي ته جيڪو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو اهو پنهنجي رياست جو اهو عرصو سلطان نه رهندو. ان لاءِ هن کي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪرڻو پوندو آهي. سو اڄڪلهه هن رياست ترنگانو جو هيڊ (جنهن کي ملئي زبان ۾ Pemanguk Raja سڏين ٿا) بادشاهه ميزان زين العابدين جو وڏو پٽ شهزادو اسماعيل آهي پر جيئن ته هو اڃان بالغ ناهي ۽ فقط اٺن سالن جو آهي سو هن رياست ترنگانو جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ ٽن ميمبرن جي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جو سرپرست بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ راجا تنڪو جيئن اسان وٽ سنڌ، پنجاب ۽ ٻين صوبن جا وزيراعلى آهن تيئن هتي ملائيشيا ۾ به هر رياست ۾ وزيراعلى آهن جيڪي مينتري بيسار سڏجن ٿا. ترنگانو جي وزيراعلى جي چونڊ هونءَ هن رياست جو سلطان ڪندو رهيو ٿي پر  ملائيشيا ٿيڻ بعد (يعني ملايا ۽ سباح ۽ سرواڪ گڏجي هڪ ملڪ ملائيشيا ٿيڻ بعد) وزيراعلى اهو ٿئي ٿو جيڪو اسيمبلي جي اليڪشن ذريعي چونڊجي اچي. 80ع واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته هن رياست جو وزيراعلى تان سري وان مختيار احمد هو. اڄڪلهه (مارچ 2008ع کان) داتڪ احمد سعيد آهي. پاڻ 1957ع ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽي سائنس ملائيشيا (USM) جو گرئجوئيٽ آهي.
هن مضمون جي شروع ۾ پنهنجي ملاڪا جي آفيس جي ڪن ڇوڪرين جي نالن اڳيان چِڪ ۽ پوءِ پُئان لکيو اٿم. ملئي لفظ چڪ (Cik) ڪنوارين ڇوڪرين لاءِ استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ Miss چئون ٿا. پئان (Puan) شادي شده عورتن جي نالن اڳيان استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ مسز ۽ اسان وٽ بيگم لکيو وڃي ٿو. مرد ڪنواري يا شادي شده لاءِ اِنچڪ Encik لکيو وڃي ٿو. البت پوڙهي مرد يا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل مولوي يا عالم لاءِ تئان (Tuan) لفظ استعمال ٿئي ٿو. هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ C جو اکر چ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ملئي زبان ۾ ش جي اچار لاءِ Sh نه پر Sy لکيو وڃي ٿو. جيئن ملئي لفظ اشارا (پاڻ وارو ساڳيو اشارو) Isyara لکيو وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment