Sunday, February 20, 2011

جھاز جو ٻڏڻ الطاف شيخ

جھاز جو ٻڏڻ

الطاف شيخ
ھي پھرئين مئي 1915ع جو صبح ھو. نيويارڪ شھر مٿان آسمان ڪڪرن سان ڀريو پيو ھو ۽ جيتوڻيڪ رکي رکي سنيھون بوندون وسي رھيون ھيون، ته به ماڻھو خوش ھئا، جو ھفتي جو آخري ڏينهن ھو ۽ اڳيان موڪلون ھيون. اونهاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ تمام گھڻا آمريڪي يورپ وڃڻ جو پروگرام ٺاھي ويٺا ھئا، پر ماڻھن جيئن ئي صبح جي اخبار ورتي ته سندن اميدون پاڻيءَ ۾ لڙھي ويون. اخبار جي پڇاڙڪي صفحي تي جرمن سفارتخاني طرفان ھڪ چتاءُ ڇپيل ھو:
“ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پار وڃڻ وارن مسافرن کي ٻڌائجي ٿو ته جيئن ته جرمني ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ جنگ ھلي رھي آھي، سو ائنٽلانٽڪ سمنڊ جي ھن پار، برطانيه ويندر مسافر پنهنجي سلامتيءَ جو ذمو پاڻ کڻي وڃن.”

 
افسوس ۽ تعجب جي اھا ڳالھ ته ان نوٽيس جي پاسي ۾ ئي ھڪ ٻيو اشتهار ڏنل ھو. ھي ڪونارڊ ڪمپنيءَ طرفان ھو: “دنيا جو وڏو جھاز لوسيتانيا، ائٽلانٽڪ سمنڊ جي سفر تي روانو ٿي رھيو آھي. دنيا گھمڻ جو سنهري موقعو.”
نيويارڪ جي اخبار نويسن جرمن سفارتخاني کان معلوم ڪيو ته سفارتخاني جي ترجمان، ان ڳالھ جي تصديق ڪئي ته اھو نوٽيس واقعي اسان جي حڪومت طرفان شايع ڪرايو ويو آھي. آمريڪا جيئن ته اسان جو دوست ملڪ آھي، ان ڪري اسان چاھيون ٿا ته ھن جا شھري ھر قسم جي نقصان کان بچيل رھن.
“لوسيتانيا” جھاز لنگر کڻڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. بندرگاھ تي مسافرن جي پيھ پيھان ھئي. ماڻھو ھڪ ٻئي کان موڪلائي رھيا ھئا. اميگريشن ۽ ڪسٽم جا آفيسر انهن سوين مسافرن جا ڪاغذ پٽ ۽ سامان جانچڻ جي ڊيوٽي ڏئي رھيا ھئي. مسافرن ۾ عام شھرين کان وٺي ڪروڙ پتي واپاري ۽ نوان شادي شده جوڙا شامل ھئا. انهن ۾ جارج ڪينسلر، شراب جو مشھور واپاري به ھو، جنهن وٽ ويھ لک ڊالرن جي وڏي رقم ھئي. ان کان علاوه ٿيٽر جي شھرت يافته اداڪارا مس جوليٽ به ان جھاز ۾ سفر ڪري رھي ھئي. ھڪ صحيح اندازي مطابق اٺھٺ ته رڳو ٻار پنهنجن مائٽن سان گڏ ھئا.
اخباري رپورٽر ۽ ڦوٽو گرافر جھاز جي عملي جي چوڌاري ڦريو بيٺا ھئا. جھاز جو اوڻھٺ سالن جو ڪئپٽن ٿامس پرسڪون نظر اچي رھيو ھو. ھڪ اخباري رپورٽر جرمن سب مئرين جي خطري جي ڳالھ ڪڍي ته، ھن کلندي جواب ڏنو: “جيڪڏھن ھن جھاز لوسيتانيا کي خطرو ھجي ھا ته مسافر ايتري گھڻائيءَ ۾ ھن جھاز جي سفر جون ٽڪيٽون ھرگز خريد نه ڪن ھا. توھان بي اونا رھو، ٽارپيڊرو جو ڊپ اجايو آھي، جرمن پنهنجي “يو – بوٽن” جو سڄو ٻيڙو به سمنڊ ۾ آڻين، ته به اسان جو وار ونگو نٿا ڪري سگھن. مون کي خبر آھي ته جرمن سب مئرين جي رفتار اسان جي جھاز کان تمام گھٽ آھي.”
ھي جھاز جي عملي ۽ سفر ڪرڻ وارن جو حال ھو. پر عوام جي ڪيفيت ان کان گھڻو مختلف ھئي. اخبار ۾ جرمني وارن جو چتاءُ ڇپيو ته، ھر ماڻھو منجھي پيو. عام خيال اھو ھو ته جھاز کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ويندي.
ڪونارڊ ڪمپني جي مالڪن ۽ آفيسرن کي ڪيتريون ئي تارون مليون، جن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو سفر رد ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني وئي. ھڪ تار ۾ ته ايتري قدر نياپو موڪليل ھو: “آئون اھا ڳالھ پڪ سان چئي رھيو آھيان ته، لوسيتانيا جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويندو. چڱو ٿيندو جو توھان ھي سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو.” ذاتي طرح ڪجھ مسافرن کي به ان قسم جون تارون مليون ھيون، پر ان ھوندي به جھازران ڪمپنيءَ جو فيصلو اھو ئي ھو ته، جھاز پنهنجي شيڊول (پروگرام) مطابق سفر تي روانو ٿي وڃي.
لوسيتانيا جھاز جي ماسٽ تي آمريڪي جھنڊو ڦڙڪي رھيو ھو ۽ چوڌاري رنگا رنگ لغڙين سان جھنجھيل ھو. جھاز جا چارئي اسٽيم ٽربائين گھٽيل آواز ۾ ھلي رھيا ھئا. پورا ساڍا ٻارھن وڳا ته ڪئپٽن ھلڻ جو حڪم ڏنو ۽ جھاز نيويارڪ جي خليج ھڊسن جي گودي نمبر 54 کان روانو ٿيو. ھن چرپر ڪندي اھڙي ته خوفناڪ وسل وڄائي، جو ماڻھن کڻي ڪنن تي ھٿ رکيا. جھاز جي ڊيڪ تي ڄڻ ميلو متو پيو ھو. نچندڙن جون ٽوليون ڳائڻ وڄائڻ ۾ مصروف ھيون. گوديءَ تي آيل ماڻھو گلن جون پتيون مٿان اڇلي رھيا ھئا.
جھاز گوديءَ مان نڪري کليل سمنڊ ۾ اچي ويو، پر ماڻھو اڃا تائين رومال ۽ ٽوپلا لوڏي پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کان موڪلائي رھيا ھئا. ڪجھ ماڻھن جي ھٿن ۾ اتحادي ملڪن جا جھنڊا ھئا، جن کي ھو اعتماد سان ھوا ۾ لوڏي رھيا ھئا.
يورپ جي جنگ جو ڄڀيون ڏينهون ڏينهن وڌي رھيون ھيون. برطانيا جي شاھي بحري فوج (Royal Navy) جرمن يو بوٽن جي ھڪ اڏي زيبرگ تي بمباري ڪئي ھئي، جنهن جي جواب ۾ جرمنن ٻائيتاليھ سينٽي ميٽر جي پري مار ڪندڙ توبن سان ڊنڪرڪ تي بمباري شروع ڪري ڏني ھئي. ڏور اوڀر ۾ جپانين، پيڪنگ کي الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو ھو. چوڌاري جنگ جي باھ ڀڙڪي رھي ھئي، پر واشنگٽن جا حاڪم اڃا تائين پنهنجين جاين تي مطمئن ھئا. آمريڪا جي صدر کي پڪ ھئي ته ھن جو ملڪ ان جنگ ۾ نه ٽپندو.
ائٽلانٽڪ ۽ ڀؤنچ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ جرمن سڀ مئرين تباھي مچائي ڏني ھئي. اھي برطانيه ٻيٽ جي چوڌاري گھمنديون رھيون ٿي. ھو پنهنجي بحري ھيڊ ڪوارٽر تان حڪم ملندي ئي، پنهنجي مھم تي روانيون ٿي ٿي ويون ۽ بنا ڪنهن خيال ۽ لحاظ جي ھر جھاز کي تباھ ڪرڻ ٿي لڳيون.
ھيگ ڪنوينشن موجب واپاري ۽ مسافر بردار جھاز تي حملو ڪرڻ ھڪ غير قانوني قدم ھو، پر ان جي ڪنهن کي به پرواھ نه ھئي. آئرلئنڊ جي ڏکڻ اولھ ۾ جرمن سب مئرين “يو 20” اٽڪل ٽي برٽس جھاز ۽ ھڪ روسي اسٽيمر ٻوڙي چڪي ھئي. ھڪ آمريڪي ٽئنڪر “سي گل فلائيٽ” سسليءَ جي ويجھو تارپيڊرو جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو ھو. ڊئنمارڪ جو اسٽيمر جھاز “ڪئٿي” نارٿ سيءَ ۾ اھڙيءَ طرح آيو.
جرمني، زھريلي گئس جا بم ايجاد ڪري چڪي ھئي ۽ انهن جو پھريون نشان اھي ڪئناڊا جا فوجي ھئا، جيڪي ايپري نالي شھر ۾ موجود ھئا.
ٻٽيھن سالن جو ڪئپٽن شويگر، جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر ھو. ھيءَ سب مئرين ايمڊن جي گوديءَ ۾ لنگر انداز ھئي، جو کيس “نارٿ سي” جي مھم تي روانو ڪيو ويو ۽ ھوءَ لوسيتانيا جي رواني ٿيڻ کان ھڪ ڏينهن اڳ، پنهنجي مھم تي رواني ٿي چڪي ھئي.
لوسيتانيا جھاز ھڪ تمام وڏو مسافر بردار جھاز ھو. ھن ۾ ھڪ سؤ پنجھتر ڪمپارٽمينٽ ھئا ۽ ھر ھڪ ڪئبن ۾ جديد ترين اوزار لڳل ھئا. سمنڊ ۾ ٻيڙيون (لائيف بوٽ) لاھڻ جو بندوبست به آٽوميٽڪ نموني ھو ۽ تمام ئي ماڊرن پڻ ۽ انهن ئي سٺائين ڪري ھن جھاز کي ان زماني جو تکي ۾ تکو ۽ محفوظ جھاز سمجھيو ويو ٿي.
آچر 3 مئي جو صبح ٿيڻ تي خبر پئي ته، لوسيتانيا گرئنڊ بئنڪس جي پاسي سفر ڪري رھيو آھي. نائين وڳي تائين مسافرن نيرن پاڻي ڪري ورتو. ٻاھر اس ۾ گرمي وڌي رھي ھئي. ٿرڊ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس لاءِ ڊائننگ ھال “ڊيمي ڊيڪ” تي ھئا. سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڇھ سؤ ھڪ مسافر ھئا، جن ۾ گھڻيون تڻيون زالون ۽ ٻار ھئا.
ٻئي ڏينهن جرمن سب مئرين – يو 20 برطانيه ٻيٽ جي چوڌاري ڦري رھي ھئي. ھوءَ پنجين مئي تي پنهنجي سفر تي روانو ٿي ته، ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ برٽش جھاز “ارل آف ليٿم” تي نظر پيس، جيڪو آئرلئنڊ کان سڪل گوشت، بيضا ۽ پٽاٽا کڻي لورپول پئي آيو. جھاز تي نگاھ پوڻ شرط جرمن ڪمانڊر شويگر بمباري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڏي قطر واريون توبون باھ وسائڻ لڳيون. فقط اٺ رائونڊ ساڙڻ کان پوءِ خبر پيئي ته انگلينڊ جو جھاز “ارل آف ليٿم” ڀور ڀور ٿي چڪو آھي.
شام جي وقت ناروي جو ٽي سؤ ٽن وزني جھاز ڏسڻ ۾ آيو. ھن ڏي تارپيڊو اڇلايو ويو، پر اھو صحيح نشان تي نه لڳو. شويگر سمنڊ اندر وڌيڪ اونهو وڃي، ھن جي ڪڍ لڳو پر جھاز جي خوش قسمتي چئجي جو بچي ويو.
مئي جي ڇھين تاريخ لوسيتانيا، آئرلئنڊ جي ڪناري کان پنج سؤ ميل پري ھو، پر ھو جنگي زون (علائقي) ۾ گھڙي چڪو ھو. ان ڳالھ کي ڌيان ۾ رکي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ڪئي وئي. سمنڊ ۾ لائيف بوٽ لاھڻ جي پريڪٽس ڪئي وئي، جيڪا تمام گھڻو ڪامياب رھي. اھي ٻيڙيون ڪل ٻاويھ ھيون. ان کان علاوه گھڻي تعداد ۾ لائيف جئڪيٽ ۽ لائيف بئاءِ (ٻوچن جا گول ٺھيل) به موجود ھئا. زندگي بچائڻ جو ھي ساز سامان ڇويھ سؤ مسافرن لاءِ پورو ھو، جڏھن ته مسافرن جو جھاز ۾ تعداد ان کان گھٽ ئي ھو. لوسيتانيا جھاز جو ڪئپٽن ٿامس ان حفاظتي بندوبست کان خوش ھو.
لوسيتانيا جھاز پنهنجي وڏين چمنين Funnel مان دونهون اڏائيندو، وڏي شان سان وڃي رھيو ھو. ھن جا اوڻويھ بئالر باھ جي گرمائش پيدا ڪري رھيا ھئا، جنهن ۾ پاڻيءَ طاقتور ٻاڦ جي شڪل اختيار ڪئي ٿي. ھر بئالر ۾ ٻاڦ جو دٻاءُ ھڪ سؤ پنجانوي پائونڊ في چورس انچ ھو. لائيٽ پيدا ڪرڻ وارا جنريٽر ٽي سؤ ڪلو واٽ اليڪٽرسٽي پيدا ڪري رھيا ھئا. ڪئپٽن کي يقين ھو ته جي موسم سازگار رھي ته جھاز جي رفتار ايڪيھ ناٽن تائين وڌائي سگھجي ٿي.
خميس ڏينهن شام جو ناچ گاني جي محفل ٿي. مختلف جوڙا ميوزڪ جي لئه تي ٿڙڪڻ لڳا. ڪيترا ئي مسافر ته شراب پيئڻ ۾ مست ھئا. اداڪاره جوليٽ جي چوڌاري ھن جي پرستارن جو ميڙو متل ھو. شڪاگو جو چارلس گھڻي کان گھڻو شراب پي پنهنجي شاديءَ جي ڇٽيھين سالگره ملھائي رھيو ھو.
شام جو ساڍي ستين وڳي ڪئپٽن ٿامس کي برطانيه جي نيويءَ طرفان نياپو مليو ته آئرلئنڊ جي ڏاکڻين ڪناري وٽ، جرمن سب مئرينس موجود آھن، جن کان ھوشيار رھڻ ضروري آھي.
ساڍي اٺين وڳي رات جو ريڊيو آفيسر کي ان سلسلي ۾ ھڪ ٻيو نياپو مليو، جنهن ۾ پڻ جرمن سب مئرين جي اوچتي حملي کان آگاھ ڪيل ھو.
ڪئپٽن پنهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ سگار دکائي فائيل اٿلائڻ لڳو. ھڪ صفحي تي ان جي نظر ڄمي وئي. ھي جرمن حڪومت جو ھڪ اعلان ھو، جنهن تي چوٿين فيبروري 1915ع جي تاريخ لڳل ھئي: “برطانيه ۽ ان جي آس پاس جي سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ جھاز ھن جي حملي جو نشان بڻجي سگھن ٿا.”
ھي اعلان پڙھڻ سان ڪئپٽن جي پيشانيءَ تي گھنج اچي ويا، پر ھو جلد ئي نارمل ٿي ويو. ھن دل ۾ پڪو پھھ ڪيو ته ھر صورت ۾ ھاڻ خطري کي منهن ڏبو.
نيويارڪ ۾ اخباري آفيسن مان ذري ذري ماڻھن پڇا ڪئي ته لوسيتانيا جھاز جرمن سب مئرين جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو آھي يا آئرلئنڊ جي ڪناري تي پھچي ويو آھي؟
۷ مئي جو سج نروار ٿيو ته خبر پيئي ته لوسيتانيا آئرلئنڊ جي ڪيپ ڪليئر کان پنجھتر ميل پري تائين پھچي چڪو آھي. ان وقت ھلڪو ڪوھيڙو ڇانيل ھو. ڪئپٽن حڪم ڏنو ته جھاز جي رفتار گھٽائي ارڙھن ناٽ ڪئي وڃي. ھي احتياط ان لاءِ ضروري ھو جو اھڙيءَ حالت ۾ جھازن جي ٽڪرائڻ جو خطرو رھي ٿو. جھاز لڳاتار وسل وڄائيندو ھليو.
ٻئي پاسي ڪئپٽن شويگر ھڪ سؤ ٽيھ ميل پري، پنهنجي سب مئرين يو 20 جي ڊيڪ تي، پنهنجن ھمراھن سان چرچا ڀوڳ ڪري رھيو ھو – سب مئرين جون بيٽريون چارج ٿي چڪيون ھيون ۽ ٽارپيڊو بلڪل تيار ھئا.
سوا يارھين وڳي نيويءَ طرفان نياپو مليو: “آئرش چئنل ۾ دشمنن جون سب مئرينون موجود آھن. انهن کي آخري دفعو ڪوننگ بي کان ويھ ميل پري ڏکڻ ۾ ڏٺو ويو ھو. لوسيتانيا کي خبردار رھڻ جي ضرورت آھي.”
ٻارھين وڳي ڌاري ڪوھيڙو گھٽيو ۽ موسم سٺي ٿي وئي، ڀوري اڇي رنگ جا سامونڊي ٻگھھ پکي (Seagulls) جھاز جي چوڌاري اڏامندي ڏاڍو سٺا لڳي رھيا ھئا. انهن جي موجودگيءَ مان اھا ڳالھ ظاھر ھئي ته ڪنارو ڪو پري ڪونهي.
ڪئپٽن ٿامس جو خيال ھو ته جرمن يو بوٽ ڏکڻ اولھ روٽ جي آس پاس ھوندي، ھن ڪري ھن جھاز جو طرف ڦيرائڻ جو حڪم ڏنو. الھندي ڪناري ڏي وڃڻ جو اھو ئي محفوظ ترين رستو ھو. ڏينهن جو ڏيڍ وڳي آئرلئنڊ جو ڪنارو بلڪل چٽو نظر اچي رھيو ھو. وڻ، گھرن جون ڇتيون ۽ گرجائن جا چھنبدار منارا پري کان اڀرندا نظر اچي رھيا ھئا. ھاڻي ڪئپٽن ٿامس تمام گھڻو مطمئن ھو، ڇو ته ان علائقي ۾ برطانيه جون گن بوٽون موجود ھيون. ھو اھو سوچي خوش ھو ته ھو جنگي زون مان سلامتيءَ سان ڀڄي ويندو. ٻه لڳي نون منٽن تي ٿرڊ آفيسر ۽ عملي جي ٻين ماڻھن جھازن جي چارج سنڀالي. ڪنهن کي به اھا خبر نه ھئي ته ايندڙ سٺ سيڪنڊ موت جو پيغام آڻيندا.
يو 20 جو ڪمانڊر شويگر، لوسيتانيا جي ويجھو پھچي چڪو ھو ۽ پيري اسڪوپ تي جھڪي آخري سمجھاڻيون ڏئي رھيو ھو.
“مٿي! ٿورو اڃا مٿي! ھڪ ڊگري ساڄي! ريڊي....! فائر!!”
يو بوٽ ٿورو لوڏو کاڌو ۽ ھڪ ٽن ڳري ٽارپيڊو کان آزاد ٿي وئي.
لوسيتانيا جي ھڪ خلاصيءَ پاڻيءَ ۾ ليڪ اڀرندي ڏٺي ته ھن وٺي ميگافون تي رڙ ڪئي: “ٽارپيڊو.”
سيڪنڊ آفيسر به اھو ٻڌڻ سان دانهون ڪرڻ لڳو: “اسان تي ٽارپيڊوئن سان حملو ٿي چڪو آھي.”
ان کان ٿوري دير بعد جھاز کي ھڪ زبردست ڌچڪو لڳو. ڪيترن ئي مسافرن منهن-ڀر وڃي ڦھڪو ڪيو.
ھنن اٿڻ جي ڪوشس ڪئي، پر ٻئي ڌچڪي ۾ وري اتي جو اتي رھجي ويا. انهيءَ وٺ وٺان ۾ ھڪ تمام وڏو ڌماڪو ٿيو. ٽارپيڊو لڳڻ سان جھاز جي تر واري اٺ انچ لوھ جي چادر ڇيتون ڇيتون ٿي وئي. ڪاٺ ۽ ڌاتوءَ جا ٽڪرا چئني طرف اڏامڻ لڳا. ڪيترا ئي وڏا ٽڪر ھڪ سؤ سٺ فٽن جي بلنديءَ تي پھچي واپس فرش تي اچي ڪريا. انجڻ روم ۾ موجود ٽيڪنيڪل عملو باھ جي ڄڀين ۾ ڦاسي ويو.
لوسيتانيا ڪناري کان فقط يارھن ميل پري ھو. ٻه ڏينهن اڳ برطانيه جو جھاز “ارل آف ليٿم” انهيءَ ھنڌ ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ريڊيو آپريٽر رابرٽ سيڪنڊ ڪلاس جي ڊائننگ روم مان ماني اڌ ۾ ڇڏي ٻاھر نڪتو. سگنل روم ۾ پھچي ھن کي خبر پئي ته جھاز جي اليڪٽرڪ پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. ايمرجنسي ڊائينامو ڪنڊ ۾ پيو ھو – آپريٽر ھن کي اسٽورڊ بيٽريءَ ذريعي ھلايو. ٽرانسميٽر پئنل جون سيون ڏڪڻ لڳيون ۽ ٻه وڄي چوڏھن منٽن تي “ايس او ايس” موڪليو ويو: “بچايو! بچايو! اسان جي مدد لاءِ پھچو. اسان ڪنسيا علائقي کان ڏھ ميل ڏکڻ ۾ آھيون.”
اھو پيغام برٽش ٽئنڪر جھاز “نرگنسٽ” تي ٻڌيو ويو، جيڪو لورپول (انگلينڊ) کان نيوجرسي (آمريڪا) وڃي رھيو ھو. ھو بدقسمت لوسيتانيا کان پنجٽيھ ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ھو. ان جي ڪئپٽن اھو پيغام ٻڌڻ سان پنهنجي جھاز جو رخ ٻڏندڙ لوسيتانيا ڏي ڪيو ۽ رفتار يارھن کان چوڏھن تائين وڌائي.
لوسيتانيا جي ڊيڪ تي ڀڄ ڊڪ متل ھئي. ھر ماڻھو ڪوشش ڪري رھيو ھو ته ھن کي لائيف بوٽ ۾ جاءِ ملي وڃي. جھاز لڳاتار لڏي رھيو ھو. مسافر لائيف جئڪيٽون کڻي ڀڄي رھيا ھئا.
اڱرن جي وڏن کورن ۾ پاڻي وڃڻ سان دونهين جو ھيبتناڪ ڪڪر ٻاھر نڪتو ۽ گرم بدبودار ڦلھير جو مينهن وسڻ لڳو. مسافرن سان ڀريل ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاٿيون ويون. ڪيترا ئي ماڻھو رسيءَ جي ڏاڪڻين (Pilot Ladder) ذريعي ھيٺ سمنڊ تي ٽپ ڏئي رھيا ھئا. افراتفريءَ جو اھڙو عالم ھو جو مسافرن سان ڀريل ھڪ ٻيڙي سمنڊ ۾ لاھڻ مھل ھڪ پاسي جھڪي پئي ۽ ان ۾ ويٺل سڀ مسافر سامونڊي ڇولين جي ڀيٽ چڙھي ويا.
لوسيتانيا جو “ايس او ايس” ڪناري جي اسٽيشن ڪنسيل ۽ بحري جھازن کي به مليو.
خبر ٻڌندي ئي ڪنسيل بندرگاھ جي لائيٽ ھائوس وٽ سوين ماڻھو اچي گڏ ٿيا. سامھون سمنڊ ۾ لوسيتانيا مان دونهين جا گھاٽا ڪڪر اڀري رھيا ھئا. ھر ماڻھوءَ جي زبان تي اھو ھو ته اھڙو ڀيانڪ حادثو ڪڏھن به پھرين پيش نه آيو.
ڪئپٽن ٿامس پنهنجي عملي جي ماڻھن کي ھدايتون ۽ سمجھاڻيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر ماڻھو ھن کي ورندي ڏيڻ بنا اڳيان نڪري ٿي ويا ۽ ھرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو ھو. ڪوبه ڊسيپلين قائم ٿي نه سگھيو.
جھاز جو اڳيون حصو آھستي آھستي مٿي اڀو ٿيندو ويو ۽ ھي ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. ھر ماڻھو اھو به محسوس ڪري رھيو ھو ته ٻيڙين رستي جان بچائي ڀڄڻ به ممڪن نه ھو، ڇو ته جرمن سب مئرين جو عملو انهن کي ڏسندي مشين گنن سان ڀڳڙا ڪري رکندو. پوءِ به جان بچائڻ جي جدوجھد ھلندي رھي. ويھارو کن زالون ۽ ٻار ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا، پر ھيٺ ويندي ھن جو ھڪ رسو ڪٿي ڦاسي پيو. ھيءَ ھڪ خطرناڪ صورتحال ٿئي ٿي. گھٻرايل حالت ۾ ھڪ ھمراھ ڪھاڙيءَ سان رسو ڪپيو ته ماڳين ٻيڙي اونڌي ٿي ويئي ۽ اڀاڳ مسافر سمنڊ جي تکين لھرن ۾ وھي ويا.
چارليس لاريٽ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري رھيو ھو. ھن جي ڪئبن ۾ زندگيءَ جون مڙيئي آسائشون موجود ھيون. حادثي کان پوءِ ھن لائيف بيلٽ ٻڌو ۽ سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو. ھو لھرن مٿان اڀريو ته معلوم ٿيس ته ھن جي اوسي پاسي ڪيترا ئي ماڻھو موت ۽ زندگيءَ جي ڏي وٺ ۾ مبتلا ھئا. لاريٽ پنهنجي اکين تان سمنڊ جو کارو پاڻي اگھيو ۽ جھاز ڏي نگاھ ڊوڙايائين. اڃا تائين سوين مسافر جھاز جي ڊيڪ تي موجود ھئا. جھاز جو اڳيون حصو سٺ فٽ کن مٿي کڄيل ھو. ايڏيءَ اتاھينءَ تان بل ڏيڻ موت کي سڏڻو ٿيو.
ڪجھ ماڻھن ھڪ لوھ جي پراڻي رسي ذريعي لھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نڪتل تارن سندن ھٿن تان گوشت به ڇلي رکيو.
جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر شويگر اڃا ويجھو ئي ھو. ھن پنهنجي لاگ بڪ ۾ لکيو: “جھاز سڙي رھيو آھي، مسافر مونجھاري ۾ آھن، سمنڊ ۾ ٻيڙيون لاٿيون پيون وڃن. انهن مان ڪيتريون اونڌيون به ٿي پيون آھن. جھاز جي اڳئين حصي تي لوسيتانيا جا لفظ پڙھڻ ۾ اچي رھيا آھن.”
ڪيترا ئي مسافر ھيٺين ڊيڪ تي ڦاٿا پيا ھئا. ڊيڪ تي عيسائي پادري (فادر) جي چوڌاري ماڻھن جو ميڙ لڳل ھو. جيتوڻيڪ پادري پاڻ به ڊپ ۾ ڏڪي رھيو ھو، پر ان ھوندي به ماڻھن لاءِ دعا گھري رھيو ھو.
باڪسر فري مئن مشھور برٽش چيمپئن ھو. ھن پنهنجي ھوش حواس کي قابوءَ ۾ رکندي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر ھيٺ وڃڻ سان سندس ڪلھو ٻيڙيءَ سان ٽڪرايو ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳس، پر جلد ئي ڌڪ بچائي ورتائين ۽ ترڻ لڳو.
ورجينا تمام سٺي تيراڪ عورت ھئي. جھاز ھڪ طرف جھڪيو ته ھن سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو ۽ ترندي باھ لڳل جھاز کان پاسو ڪيائين. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي جھاز ڏي ڏٺائين ته سندس ماءُ پيءُ لاچاريءَ جي عالم ۾ جھاز جي ٻنوڙي (Bulwark) کي جھلي بيٺا ھئا. ھوءَ کين فقط ڏسڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ به نٿي ڪري سگھي.
ھڪ لائيف بوٽ ٿورو اڳيان وڃي اونڌي ٿي پئي. ان تي ٽيھ ماڻھو سوار ھئا ۽ ائڪٽريس جوليٽ به انهن ۾ شامل ھئي.
ڪئپٽن ٿامس يونيفارم ۾ اداس لڳي رھيو ھو. ٿڌي سائي پاڻيءَ جون لھرون ھن جي پيرن کي چمي رھيون ھيون. ڪجھ دير ماٺ ئي ماٺ بيٺو رھيو. ان کان پوءِ ڏاڪڻ تي چڙھيو. جھاز کي لڳل ڪاراڻ ۾ ھٿ ڪارا ٿي پيا ھئس. ان وقت ھن جي دماغ ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون يادون گڏ ٿيڻ لڳيون. اھا ڳالھ ھن کي تمام گھڻو ڏک پھچائي رھي ھئي ته، جنهن عظيم جھاز جو ھو ڪئپٽن آھي، اڄ اھو سمنڊ جي تهن ۾ ٻڏي رھيو آھي. ايتري ۾ جھاز جي ڪوارٽر ماسٽر جانسن تي نظر پيس. کيس رڙ ڪري خطري کان آگاھ ڪيائين: “جانسن! پنهنجي جان جلدي بچائي وٺ. جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. تمام ٿورو ڪو وقت وڃي بچيو آھي.”
ھو ڏاڪڻ تان وري ھيٺ لھي آيو. پاڻيءَ جي وھڪري ۾ ھڪ ڪرسي ترندي نظر آيس. ھن وڌي کڻي ھن کي جھليو ۽ ان جي سھاري ترندو وائرليس ڊيڪ کان اڳتي وڌي ويو.
جھاز جي اڳئين حصي تي مسافر اڃا موجود ھئا. ھاڻ انهن بابت سوچڻ اجايو ھو. جھاز جو ھي حصو ھڪ سؤ فوت مٿي کڄي ويو ھو. پاڻي ڌڪڻ وارا پنکا (Propellers) پاڻيءَ کان مٿي نظر اچي رھيا ھئا. جھاز سمنڊ اندر گھڙندو ويو ۽ ٽارپيڊو لڳڻ کان فقط ارڙھن منٽ پوءِ، ھو اونهي پاڻيءَ اندر سڄو غرق ٿي ويو.
ٻٽيھ ھزار ٽن وزني ۽ اٺ سؤ فٽ ڊگھو ۽ سھڻو جھاز، آئرلينڊ جي ڪناري کان فقط ڪجھ ميل پري، انسان جي جنگي چريائپ تان قربان ٿي ويو. سمنڊ ۾ اڌ ميل تائين ماڻھن جا مٿا نظر اچي رھيا ھئا. ڪيترا ئي ويچارا رسن ۽ تارن ۾ ڦاسي اجل جو شڪار ٿي ويا. ھڪ ڪئنڊين زال پاڻيءَ جي وھڪري ۾ وھي جھاز جي چمنيءَ ۾ ھلي وئي ھئي. ڪجھ دير بعد بئالر ڌماڪو ڪري ڦاٽو. ٻاڦ جو دٻاءُ ايترو ته گھڻو ھو جو ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر جيڪو ڀر پاسي ۾ جيئرو بيٺو ھو، ان جو به خاتمو ٿي ويو. ڪئنڊين عورت جو لاش توپ جي گولي وانگر مٿي آسمان ڏي کڄي ويو ۽ پوءِ پري وڃي ڦھڪو ڪيائين.
لوسيتانيا جھاز ھاڻ سڄو ٻڏي ويو ھو. سندس جاءِ تي فقط ھڪ ھلڪي دونهين جي لڪير نظر اچي رھي ھئي، جيڪا اولھ کان لڳندڙ ھوا جي زور تي پري ٿي رھي ھئي.
انگلينڊ جي اخبارن ۾ اھا خبر آئي ته ماڻھن کي ماٺ لڳي وئي. آئرلئنڊ جي ڪناري تي رھندڙ مھاڻا پنهنجيون ٻيڙيون ۽ جھاز کلئي سمنڊ ۾ ٻاھر ڪڍي آيا ته جيئن زندھ بچڻ وارن جي ڳولا ڪري سگھجي، پر ھاڻي ھتي ڪير جيئرو ھو؟ جيڏانهن به نظر ٿي وئي ته لاش ئي لاش ترندا نظر ٿي آيا. پر ايڏي وڏي حادثي ھوندي ڪجھ ماڻھو اڃا زندھ ھئا.
مدد لاءِ آيل جھازن ۽ ٻيڙين، انهن کي وڏي ھمت سان بچايو. ان سلسلي ۾ ڪجھ اھڙا به واقعا نظر آيا، جو ھر ھڪ اھو ٿي چاھيو ته: “بيشڪ موت ۽ زندگي خدا جي ئي ھٿ ۾ آھي.”
ھڪ نوجوان ڇوڪري مس پيوي پاڻيءَ ۾ ڪري ته سندس اسڪرٽ ڦوڪڻي وانگر اڀامي پيو ۽ ھوءَ چڱي دير ھن جي سھاري ترندي رھي ۽ ايتري ۾ امدادي ٻيڙي اچي پھتي ۽ امدادي ٻيڙيءَ جي عملي ھن کي بچائي ورتو.
ٽئنڪر جھاز اڃا تيرھن ميل پري ھو ته، يو 20 سب مئرين جي سامھون اچي ويو ۽ ڪئپٽن شويگر ان کي آخري ٽارپيڊو ھنيو، پر خوش قسمتيءَ سان نشانو خطا ٿي ويو ۽ ٽئنڪر جھاز بچي ويو.
ان بعد ان ٽئنڪر جي ڪئپٽن پنهنجي جھاز جو رخ ھڪدم موڙي ڇڏيو. ھن کي خيال آيو ته ڪنهن ڪوڙو ايس او ايس ڏئي ھنن کي ڦاسائڻ ٿي چاھيو.
لوسيتانيا جي ٻڏڻ جي خبر آمريڪا پھتي ته جتي ڪٿي روڄ راڙو مچي ويو. ڪونارڊو ڪمپنيءَ جو جنرل مئنيجر اھا خبر ٻڌي غشيءَ جي حالت ۾ اچي ويو.
آمريڪا جي سرڪاري ادارن ۾ به ھن خبر ڪري ڏک ڇانئجي ويو. آمريڪي سياستدانن جو رد عمل نهايت سخت ھو. ليڊي روزويلٽ پنهنجي بيان ۾ چيو: “ان کي قتل عام ۽ سامونڊي ڦر جو واقعو سڏڻ کپي. سچ ته اھو آھي ته ظلم ۽ سنگدليءَ جو اھڙو خراب مظاھرو ھن کان اڳ اڄ تائين نه ٿيو آھي.”
نيويارڪ ۽ ڀر وارين رياستن ۾ ان موقعي تي غم وچان جھنڊا اڌ تائين چاڙھيا ويا.
ان حادثي بعد ڪيترن ماڻھن اھو به چيو ته اسان ته اڳھين ٿي چيو ته ھي جھاز ٻوڙيو ويندو.
بهرحال! ھن جھاز جي ٻڏڻ سان آمريڪا ۾ ھڪ طوفان مچي ويو. وڪٽوريا (ڪئناڊا) ۾ ھڪ ھجوم جرمن ڪلب تي حملو ڪري، ان کي ڊاھي رکيو. سمورو فرنيچر گڏ ڪري باھ کڻي ڏنائون.
جيئرا بچڻ وارا جسماني طرح ڪمزور ٿي ويا. ڪيترا ته ھلڻ جي قابل به نه رھيا. بدن تي ڌڪن ۽ ڦٽن جا نشان ٿي پين. ڪيترن جون ٻانهون ڀڄي پيون ۽ ٽنگون خراب ٿي ويون.
جرمنيءَ خلاف آمريڪا ۾ ڪيترا ئي ڏينهن مظاھرا ھلندا رھيا. ماڻھن جو اھو مطالبو ھو ته جرمنيءَ سان ھر قسم جا تعلقات ختم ڪيا وڃن. جيتوڻيڪ جرمني اھو بهانو ڏيندو رھيو ته، ان جھاز تي انگلينڊ لاءِ بارود کڄيو پئي ويو، ان ڪري اسان اھو جھاز نابود ڪيو.
نه فقط ان جھاز کي نقصان رسايائون، پر ان قسم جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالھيون جرمن ڪندا رھيا. نتيجي ۾ اڳتي ھلي نيٺ آمريڪا به جرمنيءَ سان جنگ جي حالتن جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment