Sunday, February 20, 2011

غوطا خوري ۽ ٽوٻو - الطاف شيخ


غوطا خوري ۽ ٽوٻو

الطاف شيخ
جڏھن شڪار ڪندڙ، شڪارين مان ڦري پاڻ ئي شڪار ٿي پوندا آھن ته پوءِ ڪي ٿورڙا ئي خوش نصيب بچندا آھن، جيڪي ھن قسم جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائي سگھن. ھيءَ ڪھاڻي پڻ ھڪ سچي ڳالھ آھي، جا سمنڊ ۽ ان جي ھڪ ٻئي جوکائتي پھلوءَ سان واسطو رکي ٿي، جيڪا آسٽريليا جي مشھور غوطا خور Skin Diver روڊني فاڪس کي درپيش آئي. کيس ان سچي روئداد تي ريڊرس ڊائجيسٽ طرفان فرست پرسن ايوارڊ پڻ ملي چڪو آھي.

 
ھڪ دفعي جپان جي ھڪ اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ داخل ھوس. منهنجي ڀر واري کٽ تي ھڪ غوطا خور علاج ھيٺ ھو. ھو ھڪ اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ جو وڏو آفيسر ھو ۽ غوطا خوري سندس وندر ھئي. تازين موڪلن ۾ شڪاڪو بيٽ وٽ غوطا خوري ڪندي ھن کي پاسراٽين ۾ ڌڪ لڳي ويا ھئا.
ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد پڙھندڙن جي ذھن ۾ به شايد ساڳيو سوال اڀري جيڪو منهنجي ذھن ۾ مٿين ھمراھ جي حادثي جي ڳالھ ٻڌي اڀريو ته ماڻھو آخر غوطا خوري ڪن ڇو ٿا؟
جواب ھرڪو اھو ئي ٿو ڏئي ته مھم جوئي ۽ ائڊوينچر جي شوق ۾. جيئن ماڻھو جبلن تي چڙھن ٿا، پوءِ ڪرندا جھرندا پيا پر پچر نه ڇڏيندا. ويندا وڏي کان وڏي جبل جي چوٽي پار ڪندا يا جيئن ماڻھو شڪار ڪرڻ جي شوق ۾ جھن جھاڳيندا وتندا آھن.
غوطا خور پاڻ سان ھوا جو سيلينڊر کڻي پوءِ سمنڊ ھيٺ وڃن ٿا، جيئن پاڻيءَ اندر ساھ کڻندا رھن. پر ھيءَ ڪھاڻي ھڪ اھڙي غوطي خور جي آھي، جيڪو مڇيون ڦاسائڻ جي مقابلي ۾ بنا سوائي سيلينڊر جي سمنڊ اندر ويو. ان ڪري ھن کي ھڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪرڻا پيا: ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ، آدمخور مڇيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ اٽورجڻ کان بچڻ لاءِ ذري ذري مٿي اچي ساھ جو بندوبست ڪرڻ.
غوطا خوري وندر ۽ مھم جوئيءَ کان علاوه آرٽ ۽ ھنر پڻ آھي. سڌريل ملڪن ۾ غوطا خوري سيکارڻ جا اسڪول ۽ ادارا ائين آھن، جيئن اسان وٽ سبڻ ڀرڻ، درزڪي، واڍڪي، ويلڊن ۽ مڪينڪ وغيره جا.
سمنڊ ۾ اندر گھڻي دير رھي جھازن جي “آب دوز ويلڊنگ”
ڪرڻ ۽ جھازن جي پنکن ۾ ڦاٿل رسا ڪڍڻ جھڙا ڪم ٽوٻن جي حوالي ڪيا ويندا آھن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ پڻ نيويءَ کي پنهنجا بهترين ٽوٻو آھن. ان کان علاوه ڪيترا ئي نجي کاتا پڻ آھن، جيڪي ضرورت وقت غوطا خور مھيا ڪن ٿا ۽ اھي “فراگ مين” سڏجن ٿا.

No comments:

Post a Comment