Thursday, February 17, 2011

تون ئي دل ڪر فيصلو - الطاف شيخ

تون ئي دل ڪر فيصلو
الطاف شيخ

چيف منسٽر هائوس ۾ هڪ پراڻي واقفڪار سان ملاقات ٿي. سندس نالو لکڻ مناسب نه ٿيندو. خوش ٿي کيڪاريومانس جلدي ۾ هو. گھٽ ۾ گھٽ مونکي اهوئي ٻڌائين. ان ڪري ان وقت وڌيڪ خبر چارون وٺي نه سگھيس پر پوءِ هن وٽ به گھران وڃي نڪتس.
”يار معاف ڪجانءِ،“ مون چيومانس، ”ان ڏينهن سي ــ ايم هائوس ۾ خبرچار ٿي نه سگھي سو تنهنجو سک ڦٽائڻ لاءِ هتي آيو آهيان. ڀلا خوش چاق مزي ۾.“

 
هميشهه وانگر ساڻس هجائتو ٿي آئون ڳالهائڻ لڳس. مونکي ته اها به خبر ان ڏينهن پئي ته هو هاڻ سياست ۾ آهي ۽ شايد صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو آهي. جيڪا ڳالهه نه مون لاءِ گھڻي اهميت واري هئي ۽ نه هن لاءِ هجڻ کتي ٿي. پر ان هوندي به مون ان لاءِ کيس مبارڪباد پيش ڪئي.
ٿوري ئي دير ۾ مون محسوس ڪيو ته ڪجھه آهي جنهن اسانجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستيءَ ۾ کاهي پئدا ڪري وڌي آهي. آئون جيتوڻيڪ هن سان ساڳي جوش خروش سان ڳالهائيندو رهيس جيڪو اڄ کان ست اٺ سال اڳ اسان جي وچ ۾ هو پر پاڻ سخت بي فرحتي محسوس پئي ڪيائين. سندس ڳالهين ۾ نه اهو جذبو ۽ سڪ هئي ۽ نه پهرين واري حب اڪير.
آءُ پهرين ته ان کي اتفاقي سمجھندو رهيس پر پوءِ احساس ٿيو ته گھر ۾ اچڻ مهل پڻ پاڻ ان ساڳي چاهت سان آڌرڀاءُ نه ڪيو هئائين ـــ جنهن سان هو هميشهه ڪندو هو، ۽ تيسين مونکي ڇهين حواس خبردار ڪري ورتو ته اسان جي ملاقات دوست يا واقفڪار جي نه پر هڪ آفيسر ۽ زيردست جي يا واپاري قسم جي ٿي رهي آهي. يا آءُ اهڙو فقير اچي نازل ٿيو آهيان جنهن کي ڪجھه ڏوڪڙ ڏيڻ لاءِ ٻٽونءَ کي هلڪو ڪرڻو پوندس.
بهرحال اهو سڀ ڪجھه محسوس ڪندي به في الحال اداس ۽ غمگين ٿيڻ بدران ساڻس ساڳي ٽون ۾ چرچو ڀوڳ ڪندو رهيس. پر هي همراهه آخر تائين خوش ٿيڻ بدران رکي رکي ساڳيو غم ورجائڻ شروع ڪري ٿي ڏنو. چي: ”بيروزگاري ڏاڍي وڌي ويئي آ. نوڪريون آهن ئي ڪونه. ڪلارڪي ملڻ به محال ٿي پيئي آهي. چيف منسٽر صاحب سڀ ڪجھه پنهنجي هٿ ۾ رکيو ويٺو آهي. اسان جي ته ڪا هلي ئي ڪانه ٿي. پنهنجا سوٽ ماسات ئي گرئجيوئيشن ڪريو ويٺا آهن پر انهن لاءِ ئي ڪجھه نه ڪري سگھيو آهيان . . . . . . . . . . .“ وغيره وغيره.
سمجھه ۾ نه پيئي آيم ته ان قسم جون ڳالهيون هو ڳالهيون ڪري ڇو پيو. دل ۾ آيو ته پڇانس پر وري خيال لهي پئي ويو. نيٺ چانهه پي کائنس موڪلايم: ”يار هاڻ خوش هوندين. حياتي رهي ته وري هتي پاڪستان ۾ ڪٿي گس پنڌ ۾ ملاقات ٿي ويندي.“
۽ پوءِ منهنجي اٿڻ تي مون ڏٺو ته سندس منهن تي سرهاڻ آئي. ڄڻ ڪنهن خوف جي آمد جو ڊپ هيس اهو ٽري ويو. پوءِ ڄاڙي کولي چيائين: ”يار ويهو. رات جي ماني ٽڪي کائي وڃو. معاف ڪجو مون هي ڳالهيون رڳو ان ڪري توهان سان پئي ڪيون جو مون سمجھيو ته توهان متان ڪنهن جي نوڪريءَ لاءِ مون وٽ آيا آهيو سو منهنجي ادا صفا ڪانه ٿي هلي. پر تنهن هوندي به توهان ڀاءَ ماڻهو آهيو. ڪو ڪم هوندو ته توهان لاءِ ڪوشش ضرور ڪبي.“
اڃان تائين اهو نظارو اکين اڳيان اچي ٿو ته تعجب ٿو لڳي ته ڪيترا ماڻهو وڏو عهدو ۽ وڏو رتبو ماڻڻ تي ڪيڏا ٽانءَ ۾ ڀرجيو وڃن. ڪيڏو شڪي ٿيو پون. هو چند ڏينهن جي وڏ ماڻپهي ۾ پنهنجا گھڻ گھريا سڄڻ به وڃايو ويهن.


ڪراچي جي هڪ وڏي هوٽل ۾ هڪ سنڌي وزير سان ملاقات ٿي. منهنجي هٿ ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ڪتاب هو. مون کيس پيش ڪندي چيو: ”سائين هي مون طرفان تحفو قبول ڪريو. ضرور پڙهجوس.“
ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”مونکي سنڌي نه پڙهڻ اچي ٿي ۽ نه لکڻ.“
انهيءَ رات، اها تعجب خيز ڳالهه جڏهن هڪ ڳوٺائي دوست سان ڪيم ته هن کي ڪابه حيرت نه لڳي:
”اهڙا ٻيا به اسانجا سنڌي نمائيندا آهن جن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ ٺپ نٿي اچي. فقط جھڙي تهڙي ڳالهائي سگھن ٿا.“ هن ٻڌايو ۽ پوءِ هن ٿڌو ساهه کنيو. ان بعد خلا ۾ گھوريندي چيو:
”سنڌ جو مستقبل روشن بنائڻ لاءِ، اسان کين چونڊيو آهي.“


هالا گلن جي هارن کان مشهور هو شادين مرادين تي پري پري جي ڳوٺن جا ماڻهو هالا مان گلاب جي تازن گلن جا هار وٺي وڃي گھوٽ جي ڳچيءَ ۾ وجھندا هئا جنهن جي هٻڪار ۾ سڄي اسٽيج واسجي ويندي هئي.
هاڻ اهي گل ٻوٽن ۾ ئي ڌوڙ پيا پائين. رستي لنگھندڙ بسن ٽرڪن جي ڌوڙ ۾ ئي گدلا ٿيو وڃن. ڇو جو هاڻ انهن گلن جا قدردان نه بچيا آهن. گھوٽن کي گلن جي هارن بدران نوٽن جا هار وڌا وڃن ٿا. جن مان هڪ ٻئي کي فائدو رسي يا نه پر دڪاندار کي آهي ئي آهي. هن کي نوٽن مان ٺهيل گلن جي مرجھائڻ جو ڊپ ڪونه ٿو رهي ۽ هونءَ به اصلي گلن کان ڪاغذ جا گل سدا سهڻا ۽ جٽادار رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هالا جي اهڙين دڪانن تي جيڪي نوٽن جا هار ٽنگيل ڏٺم انهن تي هزارين مکين جو گونهه لڳل هو. پر شاديءَ جي گھما گھميءَ ۾ ڪير ٿو انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ آڻي.
شاديءَ جي رسم بعد اهي هار گھوٽ جي ڳچيءَ مان لاهي، هڪ وڏي اجرڪ ۾ وجھي هڪ يا ٻه وڏيون ڳنڍيون ڏيئي، اها هڙ ڪنهن اعتبار جوڳي مائٽ يا دوست جي حوالي ڪئي ويندي آهي جيڪو بعد ۾ ڳڻي گھوٽ وارن کي ناڻي جا اگھه ٻڌائيندو آهي. شاديءَ جي هل هنگامي بعد انهن هارن ۾ پوتل نوٽن مان ٽاچڻي ڪڍي نوٽن کي سڌو ڪبو آهي يا ان تڪليف بدران سڌو سنئون دڪاندار کي هار وڪڻي ڏبا آهن. جيڪو سئو روپين وارو هار جيتوڻيڪ وڪڻندو هڪ سئو ڏهه روپين ۾ آهي پر خريد پنجانوي يا ڇهانوي ۾ ڪندو آهي. گھوٽ خوش ته ٻه چار رپيا گھٽ مليا پر ٽاچڻيون ڪڍڻ کان سندس قيمتي وقت بچي پيو. دڪاندار خوش ته نئون هار ٺاهڻ بنا کيس پنج ڏهه روپيا نفعو ٿي ويو ۽ پوءِ ان هار جي پتلي تان فقط سابق گھوٽ جو نالو ڊاهي ”شادي مبارڪ“ وارو نئون چلڪ وارو پنو هڻي وري پنهنجي دڪان اڳيان ڪوڪي ۾ ٽنگي ڇڏيندو آهي. ۽ جيسين ڪو نئون گراهڪ اچي تيسين انهن نوٽن تي هڪ دفعو وري شاهي بازار جون مکيون هنگڻ شروع ڪنديون آهن.


سنڌ جا ڳوٺ ڪنهن زماني صاف سٿرا ليکيا ويندا هئا. اڄ کان پنجاهه يا سئو سال اڳ تائين به ايشيا جو ورلي ڪو ملڪ انهن جو مقابلو ڪري سگھيو ٿي. پر هاڻ گدلي کان گدلا ٿي پيا آهن. ماڻهو جيتوڻيڪ پڙهي پيا آهن. پئسو به جام نظر اچي ٿو. ڪپڙو پوشاڪ ۽ جايون جڳهيون به فئنشي ٿي پيون آهن. پر صفائي ۽ هائيجن تي ڪو ڌيان ناهي. جتي ڪٿي گند، ڪرفتي، پوسل، اٿليل ۽ ڀڳل نالين کان علاوه جيت جڙن ۽ مڇرن ماڻهن کي چڪي رکيو آهي.
هڪ شڪارپوري دوست ان بابت افسوس جو اظهار ڪندي چيو:
”ڪو زمانو هو اسانجي شهر جا ماڻهو شام جي وقت واڪ ڪري واپسيءَ تي موتئي يا چنبيليءَ جا گل گھر وٺي ويندا هئا جن جي خوشبوءِ ۾ هو سڄي رات ننڊون ڪندا هئا. پر هاڻ مڇرن اهو ويل ٻاريو آهي جو شام جي وقت غريب توڙي امير جي هٿ ۾ مڇرن ڀڄائڻ جي چڪري آهي. جنهن جي دونهن ۾ سڄي رات گهُٽجي ٿو ۽ صبح جو اٿڻ مهل تازو توانو هجڻ بدران پاڻ کي موڳو ۽ مرضيل محسوس ڪري ٿو.


شاهه لطيف جي درگاهه ٻاهران ننڍڙن دڪانن تي ڳانن هارن، منڊين، چوڙين، رانديڪن ۽ مٺن کٽمٺڙن کان علاوه شاهه لطيف جو هڪ خاص پوز ۾ هٿ جو چٽيل خيالي (يا شايد حقيقي) فوٽو پڻ وڪامندو آهي.
هن ڀيري انهن هٽن تي شاهه لطيف جي فوٽن کان وڌيڪ مس بينظير، شاهنواز ڀٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم جا فوٽو وڪامندي نظر آيا ۽ ڳوٺاڻن مردن توڙي عورتن درگاهه جي زيارت بعد ڳوٺ لاءِ سوکڙيءَ طور وڏن ٽورن وارا ڳانا يا منڊيون وٺڻ بدران مرحوم ڀٽيءَ جو سفاري ڊريس ۾ مائيڪ جي اڳيان نڪتل فوٽو وڌيڪ ورتو ٿي.
شاهه لطيف جي درگاهه جي ٻاهران انهن هٽن تي ٻين شين کان علاوه ٿاڌل يا ڀنگ گھوٽڻ لاءِ ڪاشيءَ جا ڏنڊا ڪونڊا پڻ وڪامي رهيا هئا.
ڪونڊن تي گلن جي چٽساليءَ کان علاوه مختلف شعر پڻ نظر آيا. هڪ تي لکيل هو:
پِرت مان پيرا ڀري
ساقي کڻي آيو آ جام.
هڪ ٻئي تي هو:
تون ئي دل ڪر فيصلو
مان پيان يا ڇا ڪريان.

No comments:

Post a Comment