Sunday, February 20, 2011

دهليءَ ۾ سنڌي ڇوڪرين جو اسڪول - الطاف شيخ



دهليءَ ۾ سنڌي ڇوڪرين جو اسڪول

الطاف شيخ
منهنجي انڊيا اچڻ کان ٻه هفتا کن اڳ منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست نور احمد نظاماڻي پاڪستان حڪومت طرفان انڊيا ۾ ڏيڍ هفتي کن جو سيمينار  اٽينڊ ڪري آيو هو. منهنجي انڊيا اچڻ جو ٻڌي هن مون کي دهليءَ ۾ هڪ سنڌي ڇوڪرين جو اسڪول ڏسڻ لاءِ تاڪيد ڪئي. هو ان اسڪول ۽ ان جي انتظاميه مان بيحد متاثر ٿي لڳو.
”دهلي وڃين ته اهو اسڪول ضرور ڏسجانءِ.“ هن مون کي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو قيصر مان فون تي ٻڌايو.“ تون ليکڪ ماڻهو آهين اهو ڏسي ان تي ڪجهه ضرور لکجانءِ. منجهس 1200 کان مٿي سنڌي ڇوڪريون پڙهن ٿيون. اهو اسڪول اتي جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر  ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ اسان کي گهمايو هو. هو ان اسڪول جو Adviser  پڻ آهي. سندس موبائين فون نمبر 9810532923 آهي ۽ اي ميل ائڊريس Daswani@vsnl.com آهي. 

 
پروفيسر ڏاسواڻي پاڻ به هڪ دفعو ضياءُالحق جي ڏينهن ۾ ۽ ٻيو دفعو هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ انڊيا جي حڪومت طرفان اسلام آباد ۾ سرڪاري ڪانفرنس  اٽينڊ ڪري ويو آهي. هن ڀيري ته هو پنهنجو اصلوڪو  گهر ڏسڻ لاءِ حيدرآباد به آيو جتي نظاماڻي صاحب جي هن سان ملاقات ٿي. نور احمد نظاماڻي پاڻ به ڪنهن NGO جو ڊائريڪٽر آهي ۽ ”ماڊرن ائگريڪلچر“ نالي هڪ انگريزي رسالي جو ايڊيٽر ۽ ڊان ۽ دي نيون انگريزي اخبارن جو Freelance ليڪک پڻ آهي.
دهلي پهچي ٻن ٽن ڏينهن بعد مون پروفيسر ڏاسواڻيءَ کي فون ڪيو ۽ هن مون کي سندن اسڪول ڏسڻ، ٽيچنگ اسٽاف  سان ملڻ ۽ مانيءَ جي دعوت ڪئي ۽ ٻڌايو ته هي اسڪول دهليءَ جي ڏکڻ موتي باغ واري علائقي ۾ آهي جيڪو ساڌو  واسواڻي جي نالي سان: Sadhu Vaswani International School for Girls Shati Niketan, New Delhi 110021.شانتي نڪيتن ۾ آهي.
”پل جي هيٺان پهچي پوءِ کاٻي وڃڻ بدران ساڄي مڙندين ته سيڪنڊ  اسٽريٽ وٽ توکي نظر ايندو.“ پروفيسر ڏسواڻيءَ مون کي اسڪول جي ائڊريس چڱي طرح ذهن نشين ڪرائي.
ڪجهه ڏينهن دهليءَ جي اوس پاس وارا شهر نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ لاءِ سنڌ کان آيل ڄڃ سان گڏ گروپ جي صورت ۾ گهمڻ بعد هاڻ جيئن ئي واندڪائي ٿي ته اسڪول ڏسڻ لاءِ پروفيسر ڏاسواڻيءَ کي فون ڪيم ته هاڻ اچڻ چاهيان ٿو.
”توهان 24 مارچ تائين ڪڏهن به اچي سگهو ٿا جو ان کان پوءِ 25 ۽ 26 هوليءَ جي ۽ 27 تاريخ آچر تي موڪل آهي ۽ اسڪول بند رهندا.“ هن ٻڌايو.
مون ساڻس 23 تاريخ مقرر ڪئي.
”منجهد ڌاري اچجو جيئن ماني به کائي سگهون.“ پروفيسر صاحب چيو.
”مانيءَ جي تڪلف ۾ نٿا پئون جيئن وقت بچي پوي. آئون رڳو توهان سان ملڻ ۽ اسڪول ڏسڻ ٿو چاهيان. خبرن دوران چانهه کڻي پيئنداسين.“
”چڱو جيئن توهان کي سهولت ۾ اچي.“
ڪالهه 23 تاريخ هئي ۽ آئون دهليءَ جو وڏو گرلس اسڪول ڏسي آيس. پروفسير صاحب وٽ ڏهين بجي ملڻ جو پروگرام رٿيو هوم سو ڪلاڪ کن اڳ نائين بجي ڌاري تيار ٿي، ڪيمرا کڻي هتي جي ماڻهن جي عام ۽ فئوريٽ سواري ”آٽورڪشا“ لاءِ اچي بيٺس. هتي جي آٽو رڪشا اسان جي رڪشا جهڙي ئي آهي جنهن کي اڳيان موٽر سائيڪل ئي ڇڪي ٿي پر هتي هن کي فقط رڪشا چوڻ بدران آٽو رڪشا يا فقط آٽو چيو وڃي ٿو جو هتي انڊيا ۾ ان رڪشا کان علاوه هڪ ٻي به رڪشا آهي جيڪا مشيني پاور تي هلڻ بدران انساني طاقت تي هلي ٿي ۽ اها سائيڪل رڪشا سڏجي ٿي. هتي جي آٽو رڪشا اسان جي رڪشا کان ڪافي وڏي آهي ۽ ٽي ماڻهو ته آرام سان ويهي سگهن ٿا بلڪه چوٿون به ڏکيو سکيو ويهي سگهي ٿو ۽ ايترو ئي Comforatooble آهي جيتري ننڍي ڪار. اسان جي رڪشائن وانگر هنن جون دونهون نه ويٺل مسافر کي تنگ ڪري ٿو نه پريان ايندڙن کي. دونهين تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ هڪ ته هي سڀ آٽو رڪشائون CNG گيس تي هلن ٿيون ۽ ٻيو ته انهن جو Exhaust پائيپ هيٺ اهڙي هنڌ تي آهي جو ان جو سموڪ مٿي اچڻ تائين هوا سان ڪافي Dilute ٿيو وڃي. هتي جون سائيڪل رڪشائون ٿوري مسافريءَ لاءِ ٿورن پئسن تي هلن ٿيون. غريب ۽ ڏٻرا رڪشائن وارا ٻن ٻن ٿلهن متارن مردن يا عورتن کي پٺيان سيٽ تي ويهاري کڙ کٻڙ ۽ چاڙهين وارن رستن تان جنهن محنت سان هلن ٿا اهو ڏسي پهريان ڏينهن ته افسوس ٿيندو هو ته ايترو بار ته جانور به ڍوئيندي ڪيٻائي پر ايشيا جي ٻين شهرن وانگر انڊيا جي شهر ۾ به جتي امير ماڻهن جا يورپ جي ماڻهن کان به وڏا ٺاٺ ۽ عيش آهن اتي انهن شهرن جي عوام جو وڏو حصو اهڙي غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جي زندگي گذاري ٿو جيڪا هڪ جانور لاءِ به انسان جي دل ۾ڪهل پيدا ڪري.
هونءَ ته رستي تي هر وقت خالي رڪشائن جي قطار نظر ايندي هئي پر ڪالهه پروفيسر ڏاسواڻي وٽ وڃڻ لاءِ نڪتس ته خالي رڪشا نه ملي. سڀ ڀريل لنگهي رهيون هيون جيڪا خالي ملي ان جو ڊرائيور اهو پڇي ته موتي باغ مارڪيٽ ڪٿي آهي، ۽ آئون ڇا ٻڌايانس ته ڪٿي آهي. بهرحال اهو اندازو لڳايم ته ڪافي پري آهي. يعني آئون ڪٿي ڪلفٽن  وٽ بيٺو آهيان ته پروفيسر ڏاسواڻي جي آفيس ڄڻ ته تاج بلوچ جي گلستان جوهر واري پراڻي سوجهرو آفيس ٿي يا ٿي سگهي ٿو ته اڃا به پري هجي جو دهلي ته ڪراچيءَ جي آدمشاري توڙي پکيڙ ۾ ٻيڻي ٽيڻي ٿيندي ۽ جنهن علائقي ۾ آئون رهيو پيو آهيان ان جو هر رڪشا ڊرائيور هر ڏورانهين علائقي کان واقف نه آهي ۽ هوڏانهن دير ٿيڻ تي پروفيسر ڏاسواڻي ڇا سوچيندو ته سنڌي مسلمان کي نه پئسي جو قدر آهي نه وقت جو. آخر هڪ خالي رڪشا ۾ ٽپ ڏيئي چڙهي پيس.
”ڪهان چلنا هي؟“ رڪشا واري سوال ڪيو.
”هتان گهٽين مان نڪري پاس سئنيما واري مين روڊ تي ته هل ته ٻڌايائين ٿو.“
هو ٻه چار گهٽيون لتاڙي ڀارت آئل واري پيٽرول پمپ وٽ مين روڊ تي اچي بيٺو. روڊ جي مٿان وڏن بلو رنگ جي بورڊن تي هڪ پاسي همدرد يونيورسٽي، بهائي ايرانين جو لوٽس مندر ۽ هندن جو ڪالڪا مندر هو ته ٻئي پاسي نهرو پارڪ، امير خسرو پارڪ وغيره لکيل هئا. آئون منجهي پيس ته ڪهڙي  طرف هن کي رڪشا هڪلڻ لاءِ چوان. پيٽرول پمپ وٽ بيٺل ٽن چئن رڪشا وارن کان موتي باغ مارڪيٽ  جو پڇيم جنهن تي هنن مون واري ڊرائيور کي ٻڌايو. جاءِ واقعي پري هئي، ڊرائيور اوستائين سمجهي ويو ته آئون ڪنهن ٻئي شهر يا ملڪ جو آهيان دهليءَ جو هرگز نه. هاڻ رستو  معلوم ٿيڻ تي هن مون لاءِ ٻيو مسئلو کڙو ڪيو.
”ميٽر تي نه هلندس، ميٽر خراب اٿم.“
”مڙيئي  خير آهي ڪيترو وٺندين.“
”پنجاهه روپيا.“
”چڱو پنجاهه ۾ به هل.“ مون چيو مانس گذريل هفتي ڏيڍ کان اسين هر رڪشا ۾ ميٽر بنا پيا هلون ۽ هن جا پنجاهه روپيا به مفاصلي جي حسان سان اسان ڪراچي وارن لاءِ گهٽ آهن جو اتي صدر کان ايئرپورٽ تائين ٽيڪسي ٻه سؤ روپيا ٿي وٺي ۽ هتي هي جنتر منتر واري ٽيڪسي ٽيهه چاليس روپيا کن ٿي وٺي.
اسان جو بحث هلي رهيو هو اتي ڪو موٽر سائيڪل تي پوليس وارو اچي لنگهيو تنهن بيهارڻ جو سبب ميٽر خراب جو ٻڌي ڊرائيور کي دٻ پٽي ۽ مون کي ٻي رڪشا ۾ ويهڻ لاءِ چيو جيڪو ميٽر کي هيٺ ڪري سڌو ٿي ائين هلڻ لڳو ڄڻ ڪو رڪوع ۾ بيٺو هجي. پوليس واري پهرين کي ذري گهٽ چالان ٿي ڪيو ته جڏهن ميٽر صحيح نه هو ته گهران نڪتين ڇو. پر پوءِ معافيون وٺن تي پوليس واري ڇڏي ڏنس. آئون به ٻنهي (يعني پوليس واري ۽ پهرين رڪشا واري) جي مختلف طرفن ڏي روانو ٿيڻ تائين پوئين آرسيءَ ۾ ڏسندو رهيس ته پوليس وارو رشوت ۾ ڪو نوٽ ته نٿو وٺيس. پر نه. اهڙي ڪابه سين نه ٿي ان ڪري ان جو احوال لکڻ کان عاجز آهيان. آئون نٿو چوان ته هتي جي پوليس ڪا پاڪ پوتر آهي ۽ نه هتي جي پوليس جا ملائيشيا ۽ جاڇان جي پوليس جهڙا ڳرا پگهار آهن، پر هتي اهي ذليل نظارا نٿا ڏسجن جن جي اسان وٽ باهه ٻري پئي آهي. اسان جي پوليس ته ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيلن واري ڦر پئي ڪري ۽ مٿان وري اهو راڳ به پئي ڳائي ته ”قوم کي خدمت کرنا هي فرض همارا!“ شايد اهوئي سبب آهي جو انڊيا جي عوام پوليس کان ڊڄي ٿي. هنن کي خبر آهي ته انڊيا جو ٻچڙيوال ۽ غريب پوليس وارو جيتوڻيڪ بک تي ڊيوٽي پيو ڏئي پر سولو وڪامڻ وارو ناهي شهر ۾ ورولي ڪو ڪٿي ڪٿي پوليس وارو نظر ايندو ۽ ان سنهي لوڪڙ جهڙي ڇوڪراٽ جو اشارو به وڏن ٽرڪ ڊرائيورن ۽ لارين وارن کي ڏڪايو ڇڏي جو کين خبر آهي ته ان پوليس واري جي پويان سڄو پوليس فورس ۽ حڪومت آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هن کي خريد ڪرڻ سولو ناهي. هڪ ٻه دفعا رستي تي چيڪنگ لاءِ بيٺل اڪيلي پوليس واري کي ڏٺم جيڪو رستي تان لنگهندڙ مشڪوڪ گاڏين جي چيڪنگ ڪري رهيو هو. هن جنهن کي ٿي ڏنڊيءَ سان اشارو ڪيو ان يڪدم پنهنجي گاڏي پاسي تي بيهاري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجا ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريا ٿي. اسان وٽ (ٻيو نه ته گل بائي ۽ ماڙيپور واري علائقي ۾ ئي هلي ڏسو) ٽي ٽي پوليس وارا بيٺا هوندا. پوليس وارو سيٽيون وڄائي هنن کي بيهارڻ جي ڪندو. ڪو گاڏيءَ وارو بيهندو ڪو (جنهن وٽ صحيح ڪاغذ يا لائسنس نه هوندا) نه بيهندو.  ڪڏهن ڪڏهن ته بدمعاش  يا اثر رسوخ وارن مالڪن جا ڊرائيور بيهڻ جو اشارو ملڻ تي خار ۾ پوليس واري کي بجو ڏيئي هليا ويندا. هڪ اهڙي بس ڊرائيور کان اڳتي هڪ سنگل وٽ پهچي ان بابت پڇيم ته ائين ڪرڻ سان ڊپ نٿو ٿئي جڏهن ته ٽئڪسي ۽ گاڏيءَ جا ڪاغذ به پورا نه اٿئي؟
”ته ان لاءِ ته هنن...... کي روزانو سؤ روپيا ڏيون ٿا. پوءِ وري هي سيٽيون وڄائي اسان جو وقت ڇو ٿا خراب ڪن.“ هن وراڻيو.
هڪ سنڌي ASI کان پڇيم ته اهڙن بي قانوني ڊرائيورن تي سختي ڇو نٿا ڪريو.
”سائين اهي ئي ته آهن جيڪي وڏن صاحبن جي خرچ پکي لاءِ رشوت ٿا ڏين ۽ ٻيو ته هر گاڏي ڪنهن وڏي آفيسر جي آهي. ڪنهن ۾ هٿ وجهي ڪنهن ۾ وجهون، هتي کين جهلينداسين ته اڳيان کين ڇڏيو ويندو، ان ڪري پيا ٿا زماني کي منهن ڏيون ۽ نوڪريون ڪريون.“
بهرحال دهليءَ جو هي رڪشا ڊرائيور من کي اڳيان وٺندو هليو، رستي تي مواچند هاسپيٽل وٽ مون رڪشا کي بيهاري پروفيسر ڏاسواڻيءَ کي PCO تان فون تي ٻڌايو ته اچان پيو، جيتوڻيڪ پهچندي ٿوري دير ٿي وڃي. هن رڪشا واري کي Exact Iocation ٻڌائي ۽ پوءِ باقي رستا پار ڪري ڊرائيور شانتي نڪيتان مان اچي ڪڍيو جتي جي هڪ وڏي عمارت جي مين گيٽ تي ”ساڌو واسواڻي  انٽرنيشنل گرلس اسڪول“ لکيل هو.
اسڪول جي گيٽ تي لهي گارڊ روم ۾ رکيل رجسٽر تي پنهنجو نالو ائڊريس ۽ اسڪول ۾ اچڻ جو سبب لکيو ۽ پوءِ ريسپشن تي پهتس ته اتي جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ يڪدم نوڪر کي سڏ ڪري مون کي پروفيسر ڏاسواڻيءَ وٽ موڪليو.
پروفيسر صاحب هن وٽ ويٺل وائيس پرنسپال ۽ هڪ ٻن ٻين ليڊي ٽيچرن سان مون کي ملائيندي هنن کي ٻڌايو ته الطا جهازن جو انجنيئر ۽ پروفيسر هوندي ليکڪ پڻ آهي، جنهن جا سنڌي ۾ لکيل ڪتاب پنهنجي لئبريري ۾ پڻ آهن.
پروفيسر ڏاسواڻي ۽ مون کي سنڌي ۾ ڳالهائيندو ٻڌي هڪ نان، سنڌي ٽيچر ڏاسواڻيءَ سان حيرت جو اظهار ڪيو ته توهان انڊين سنڌي ۽ پاڪستاني سنڌي هڪ ٻئي جي زبان سمجهو ٿا.
Why Not ڏاسواڻيءَ جواب ڏنس.
”انڊيا جي تامل ناڊوءَ جو هڪ هندو تامل، سريلنڪا جو عيسائي تامل ۽ ملائيشياجو مسلمان تامل به ته هڪ ئي زبان تامل ڳالهائين ۽ سمجهن ٿا.“
”هن جو مطلب شايد اهو هجي ته اڌي صديءَ جي Gap  ۾ اسان جي سنڌيءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ۽ توهان جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا ايترا لفظ اچي ويا هجن جو پاڻ کي هڪ ٻئي جي سنڌي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي.“ مون چيو.
”ڌارين زبانن جا لفظ آيا آهن پر تمام گهٽ ۽ مزي جي ڳالهه اها ته عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ اسان جي به سنڌي ۾ اچي ويا آهن بلڪه عرب ملڪن ۾ انڊيا جا ايترا ته ماڻهو ڪم ڪن ٿا جو هنديءَ ۾ ئي ڪيترا لفظ عربيءَ جا اچي ويا آهن.“ پروفيسر ڏاسواڻي ٻڌايو.
چانهه تي ڏاسواڻي ٻڌايو ته هو 1936ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. حيدرآباد جو اصل نالو خدا آباد به هو. ”اسان حيدرآباد جا پراڻا رهواسي هجڻ ڪري اسان اڄ به هتي خدا آبادي سڏجون ٿا.“
ڊاڪٽر  چندر ڏاسواڻيءَ پرائمري تعلمي حيدرآباد مان وٺڻ بعد ايم اي، انگريزيءَ ۾ 1959ع ۾ آگره يونيورسٽي مان ڪئي ان بعد Linguistics (زبانن جي ڄاڻ) ۾ ايم اي ۽ پي ايچ ڊي 1996ع ۾ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽيءَ مان ڪئي، پاڻ پنهنجو Teaching Carrier 1952ع کان ديرادون جي ڀاوناڻي پرائمري اسڪول کان شروع ڪيو ۽ دهلي يونيورسٽيءَ جي ديال سنگهه ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر ٿي رهيو ۽ پوءِ نهرو يونيورسٽي ۽ پونا يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ هينئر ڊائريڪٽر آهي.
پروفيسر چندر ڏاسواڻي ٻڌايو ته هي اسڪول ساڌو واسواڻيءَ جي Mission  جو هڪ حصو آهي.
”ساڌوءَ واسواڻي هميشه چوندو هو ته نياڻي کي پڙهايو، ڪابه قوم تيستائين سرخرو ۽ طاقتور ٿي نٿي سگهي جيستائين ان جي نياڻي کي علم جهڙو زيور نٿو ڏنو وڃي. تعليم يافته ڇوڪري هڪ سٺي ماءُ بڻجي سڄي ڪٽب کي سکي بنائي سگهي ٿي. هوءَ پنهنجن ٻارن کي اخلاق اندر رکي سگهي ٿي. ڇو جو ٻار جي نيپاج تي ماءُ جو ئي وڏو اثر ٿئي ٿو، اهائي ٻار سان گهڻو وقت گهر ۾ رهي ٿي، پيءُ ته روزگار خاطر سڄو ڏينهن آفيس يا ڪارخاني ۾ گذاري ڇڏي ۽ هن جو ٻارن سان ايترو Interact نٿو رهي جيترو ماءُ جو.“
پروفيسر چندر وڌيڪ ٻڌايو ته حيدرآباد جو ميران اسڪول به ساڌوءَ ٺهرايو هن جو ان کي اڳتي هلي يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو هو. هن ته هندستان  جي ورهاڱي تي به سنڌ نه ڇڏي، هن کي سنڌ ۾ رهجي ويل هندن ۽ مسلمانن به نٿي ڇڏيو پر پوءِ اڳتي هلي هڪ ته هتان هندستان کان پاڪستان لڏي ويل مسلمانن ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ۽ ٻيو هيڏانهن انڊيا لڏي آيل هندن به هن کي لکيو ته توهان جهڙا ماڻهو جيڪر  هيڏانهن اچي اسان جي مورل سپورٽ ڪن ته اسان جي به همت افزائي  ٿئي ۽ پوءِ 1950ع ڌاري ساڌو واسواڻي سنڌ ڇڏي هندستان آيو.
ساڌو واسواڻي 25 نومبر 1879ع تي حيدرآباد  سنڌ ۾ ڄائو، پاڻ شاعر، فلاسفر ۽ عظيم استاد هو جنهن انسان ذات جي خدمت ۾ پنهنجي زندگي گذاري ڇڏي. هن جو گهڻو زور علم حاصل ڪرڻ جي پرچار تي هو. هن 1931ع ۾ (جڏهن پاڻ پنجاهه ورهين جو هو ته) حيدرآباد ۾ ”سخي ستسانگ“ (Sakhi Satsang) نالي سان پنهنجي تحريڪ جي شروعات ڪئي. انڊيا اچڻ بعد ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي مشن کي وري جاري رکيو ۽ هاڻ هن جي تحريڪ Brotherhood Assoication جي نالي سان ڪم ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجو هيڊ ڪوارٽر پوني کي ٺاهيو. تعليم سان گڏ هاڻ هو ڪميونٽي جي خدمت جا ڪم پڻ ڪرڻ لڳو. خاص ڪري غريبن جو مفت علاج ڪرڻ لاءِ اسپتائون قائم ڪرڻ شروع ڪيون.
پوني شهر جي ريلوي اسٽيشن مان نڪرڻ تي ڪجهه فاصلي تي ساڌو واسواڻي نالي هڪ روڊ اچي ٿو جنهن جي چوراهي تي ساڌوءَ جو پتل ۽ ٽامي جو ٺهيل هڪ ڏهه فوٽ ڊگهو Statue لڳل آهي. شهر جي وچ ۾ ساڌو واسواڻي مشن جي خوبصورت عمارت ٽن ايڪڙن جي پلاٽ تي ٺهيل آهي جتي هن سنڌ توڙي دنيا جي شهرن ۾ رهندڙ ساڌوءَ جا شيدائي ڪجهه ڪلاڪن يا ڪجهه ڏينهن لاءِ پوني اچن ٿا ته ان ۾ رهن ٿا.
1966ع ۾ ساڌو واسواڻي جي ديهانت بعد سندس مداحن سندس مشن جو نالو ”بردرهڊ ايسوسيئيشن“ مان بدلائي ”ساڌو واسواڻي مشن“ رکيو آهي ۽ هاڻ هن مشن هيٺ هلندڙ خير جا ڪم ”دادا جشن پي واسواڻي“ جي نظر هيٺ ٿين ٿا. داد واسواڻي جا ليڪچر صبح جي وقت انڊين چينل Sony تان روزانو اڌ ڪلاڪ لاءِ اچن ٿا، جهيڻي آواز ۽ ڪمزور صحت وارو هي جهور پوڙهو عالم اڄڪلهه سنڌ وڃڻو آهي جتي هو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين  شهرن ۾ ليڪچر ڏيندو.
ساڌو واسواڻي جي مشن ان ۾ يقين رکي ٿي ته سڀني مذهبن ۾ساڳي ڳالهه آهي ۽ سڀني جي عالمن اوتارن، پيغمبر جي عزت ڪجي. اهوئي سبب آهي جو هتي دهلي جي هن اسڪول ۾ توڙي ساڌو واسواڻي جي ٻين ادارن ۾ هر مذهب ۽ ان جو نياپو پهچائڻ وارن جو ڏينهن وڏي عزت ۽ احترام سان ملهائين ٿا. ساڌو واسواڻيءَ جو هڪ هنڌ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل قول/ شعر پڙهيم:
In all religions Light is Thine
In all the Saints the Picture is Thine.
پروفيسر چندر ڏاسواڻيءَ ٻڌايو ته دهليءَ جي هن اسڪول يعني ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول ۾ ڪي جي ۽ نرسريءَ کان وٺي ڏهين ۽ ٻارهين تائين ڪلاس آهن. يعني هڪ دفعو جڏهن ڇوڪري نرسريءَ ۾داخلا وٺي ٿي ته ٻارهن ڪلاس پاس ڪري نڪري ٿي يعني هوءَ هن اسڪول ۾ زندگيءَ جا چوڏهن سان گذاري ٿي. هتي تعليم وٺندڙ شاگردياڻين جو پنهنجو پاڻ ۾ هن اسڪول سان هڪ اڻ ٽٽندڙ رشتو ۽ پيار رهي ٿو.
ڪلاس ڏهين تائين سڀني کي ساڳيا  سبجيڪٽ کڻڻا پون ٿا ان بعد مئٿس، بائلاجي، ڪامرس، هوم ايڪانامڪس ۽ هاڻ بايوٽيڪ به شروع ڪرايو ويو آهي. هر ڪلاس جي شاگردياڻين جي تعداد مطابق ٻه يا ٽي  سيڪشن آهن. زبانن ۾ انگريزي، هندي، سنڌي ۽ سنسڪرت پڙهائي وڃي ٿي. سنڌي نه فقط پڙهائي وڃي ٿي پر هندي لکڻي بدران ان ئي عربي اسٽائيل ۾ لکائي وڃي ٿي جنهن ۾ اسان وٽ عام آهي. اسڪول ڏسڻ دوران آئون انهن ڇوڪرين جا نالا پڙهڻ لڳس جن مختلف ڪلاس مان هن سال سنڌيءَ ۾ ٽاپ ڪري انعام حاصل ڪيو آهي. ختاب آڏواڻي، ڀانو پنجواڻي، مالا آلواڻي، نينا ڀامباني، هينا سومائي، ڪارونا مامتاڻي، مڪتا ڇڳاڻي، لاتيڪا ڏيماڻي وغيره.
جن ڇوڪرين کي هن سال ميرٽ مطابق اسڪالرون ڏنيون ويون آهن، انهن جا نالا پڻ پڙهيم: ڀاونا اسراڻي، ڪنچن ساولاڻي، ڀاوڪا پماڻي، نيها ملڪاڻي، ماهيما گلابراڻي وغيره.
ساڌو واسواڻي مشن جي سڀ کان وڏي خيراتي اسپتال پوني شهر جي ڪوري گائون پارڪ واري علائقي ۾ The Sadhu Vaswani Medical Complex ۾ آهي. هيءَ اسپتال دادا واسواڻي (Dada J.P. Vaswani) جي ڪوشش سان ٺهي راس ٿي ۽ هن جي ئي خواب جي پوئواري ڪري ٿي ته اها اسپتال جنهن ۾ بيمار کي داخلا کان منع ان ڪري نه ڪئي وڃي ته هو غريب آهي، اها اسپتال جتي هيٺائين کان هيٺائين ذات جي مريض جو به علاج ڪيو وڃي. دادا واسواڻي پنهنجن انگريزي ليڪچرن ۾ بار بار اهو چوندو رهي ٿو ته:
Every Patient is a Picture of God. To serve him is to worship God.
مٿين اسپتال کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ننڍيون وڏيون اسپتالون ۽ ادارا آهن جيڪي ”ساڌو واسواڻي مشن“ هيٺ ڪم ڪن ٿا، جيئن ته ٻڌراڻي اسپتال جنهن جو افتتاح مدير ٽريسا 1989ع ۾ ڪيو. هن ۾ 22 ڊپارٽمينٽ، 86 ڪئسلٽنٽ، 270 وزٽنگ ڪنسلٽنٽ ۽ 186 نرسون ۽ 80 ٽيڪنيشن آهن. ويندي Dialysis مفت ۾ ٿئي ٿي.
1995ع ۾ مورٻائي نارائڻ داس ڪينسر انسٽيٽيوٽ ۽ ريسرچ سينٽر جو افتتاح دادا واسواڻيءَ ڪيو. هيءَ 150 بسترن جي اسپتال آهي ۽ سال ۾ اٽڪل پنج هزار مريضن جي ريڊئشن، ڪيموٿراپي ۽ سرجريءَ ذريعي مفت عالج ڪيو وڃي ٿو.
اسپتال ۾ رهائش ۽ علاج جو خرچ وغيره هندستان ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سخي هندو ڪن ٿا. اسپتال جي انتظاميه هر مرض جي علاج جو خرچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪو چاهي ته هو هڪ غريب جي اکين جي آپريشن ڪرائي خير کٽان ته هو انڊين 2100 روپيا يا پنجاهه آمريڪن ڊالر اسپتال جي انتظاميه کي موڪلي ڏئي. يا ڪو ڪنهن غريب کي مفت ۾ Dialysis ڪرائڻ ٿو چاهي ته هو اٺ سؤ روپيا يا ويهه آمريڪن ڊالر في ماڻهوءَ جي حساب سان موڪلي اجر حاصل ڪري سگهي ٿو. هونءَ هندوءَ کي ڀلي ڪو واڻيو (پڪو ڪنجوس) چوي پر حقيقت اها آهي ته هو خير جي ڪمن ۾ به پئسو خوب ٿو خرچ ڪري. اخبارن ۾ پڙهيو يا هتي رهڻ دوران ڏسان پيو ته ڪيترا انڊين جيڪي آمريڪا، يورپ ۽ جاپان ۽ ٻين واليتن ۾ رهيا پيا آهن ۽ هنن جو بزنس سٺو هلي ويو آهي ته هو هتي پنهنجي وطن اچي غريبن جي خوب مدد ڪن ٿا. ڪي مخير حضرات اسپتالون ٺهرائين ٿا ته ڪي اسڪول ۽ مندر ته ڪي وري غريبن کي رهائش لاءِ گهر ٺهرائين ڏين ٿا. اهڙن قسمن جي ڪجهه مشهور Philanthropists (سخي مردن) جو دلچسپ اسحوال هن سفر نامي ۾ يا ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ ضرور ڪنداسين. هو نه فقط انسان ذات لاءِ پر جانورن ۽ پکين لاءِ پڻ ڀلو ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌ ۾ اسان جيڪي ننڍي هوندي گهوڙن ۽ ٻين جانورن لاءِ پاڻي پيئڻ جا حوض حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڏٺا اهي سڀ هندن جا ئي ٺهرايل هئا. پاڪستان ٺهڻ بعد ڪنهن نوان ته نه ٺهرايا پر پراڻن جي به مرمت نه ٿي ويتر انهن پلاٽن تي ئي قبضو ٿي ويو. عوام جي فرحت ۽ سک لاءِ جيڪي داس گارڊن ۽ رام باغ جهڙا حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پارڪ ۽ باغيچا هئا، يا ڪراچي جهڙي شهر ۾ تعليم پرائڻ لاءِ غريب شاگردن جي رهائش جي بندوبست لاءِ هاسٽلون هيون سي پڻ سڀ هندن پنهنجي هڙون خرچ ڪري ٺهرايون. اسان وڏو ڇيهه اهو ڪيو ته نالا مٽائي مسلماني طرز جا رکڻ کي ئي خير جو ڪم سمجهيوسين. انڊيا ۾ عوام جي سک لاءِ جيڪي خيراتي پروجيڪٽ ٺهندا رهن ٿا اهي صاف ظاهر نظر اچن ٿا، انهن جون انتظاميون ايمانداريءَ سان خرچ هلائين ٿيون ۽ هتي توڙي پرديس ۾ رهندڙ هندو توڙي سک دل سان مالي ۽ جاني مدد ڪن ٿا جيئن دهليءَ جي هن ساڌو واسواڻي اسڪول لاءِ به هڪ طرف امير هندو پئسو موڪلين ٿا ته ٻئي طرف پروفيسر چندر ڏاسواڻيءَ جهڙا قابل ۽ ايماندار ماڻهو صبح کان شام تائين ويهي ان کي بهتر کان بهتر طريقي تي هلائين ٿا جيئن غريبن غربي جا ٻار هڪ سٺي ماحول، ۾ نه برابر خرچ تي اعليٰ کان اعليٰ تعليم حاصل ڪري قابل ٿي نڪرن ۽ ان قابليت جو ٽچ اسٽون اهو آهي جو آمريڪا ۽ يورپ ته ڇا اسان جا عرب ملڪ توڙي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جهڙا مسلمان ملڪ به انڊيا جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ پسند ڪن ٿا جو هنن کي صحيح تعليم ۽ قابليت آهي.
ڪنڊيارو ۽ حيدرآباد کان آيل هنن اوڏ ڄاڃين جو هتي هڪ اوڏ مائٽ وزير نالي آهي جيڪو پنهنجي تخلص ”سائل“ سان پاڻ کي سڏائي ٿو. هن جون ڳالهيون ٻڌڻ وٽان هونديون آهن، پاڻ سڪرنڊ ڳوٺ جو رهاڪو هو، ورهاڱي  کان گهڻو پوءِ لڏي هندستان جي صوبي راجستان ۾ آيو ۽ هاڻ ٻارن جي پڙهائي ۽ نوڪري ڪري هتي دهلي جي هڪ علائقي هرڪيش نگر ۾ رهي ٿو. گهر جو نمبر 108 اٿس. جڏهن به ڪو پروگرام نه هوندو اٿم ته کيس سندس موبائيل نمبر 55662377 تي فون ڪري ڪچهريءَ لاءِ سڏيندو آهيان. ڪچهري ٻي نه پر شاهه جا شعر اچي ٻڌائيندو آهي جيڪي هن کي اهڙا رٽيا پيا آهن ڄڻ ننڍي هوندي کان رڳو شاهه جو رسالو پيو پڙهي.
هڪ ڏينهن هندن جي خير خيرات ۽ غريب ماڻهن جي ڀلي لاءِ خرچ ڪرڻ جي ڳالهه اچي نڪتي. جنهن تي شاهه جي شعر جو مثال ڏنائين ته سائين روزا نمازون به سٺو ڪم آهي پر پروردگار کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ خير جا ڪم به ضروري آهن. جيڪو رب جي راهه ۾ خرچي ٿو ان کي الله بي حساب اهڙي طرح ڏئي ٿو جو هن کي خيال ۽ گمان به نٿو رهي.
”توکي خبر آهي ته شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ هڪ هندو ڏاهو مدن لعل هو، هڪ ڏينهن شاهه لطيف چيس ته مدن لعل! حشر ويل حساب جي ڪافر ڪندا ڪيئن؟ يعني توهان هندو ته روزا نمازون به نٿا پڙهو سو ڪيئن جنت ڏي هلندئو؟
مدن لعل چيو ان جو جواب ڏيندس پر هينئر نه وقت اچڻ تي. هڪ دفعي ٻيڙي فل ٿي ماڻهن کي پتڻ اڪارڻ لاءِ هلي جنهن ۾ شاهه لطيف به ويٺل هو، اتي ڪپر تي مدن لعل آيو. هن به ٻي پار وڃڻ ٿي چاهيو، هن ٻيڙيءَ واري کي ڏاڏا سڏ ڪيا پر هو هن کي کڻڻ لاءِ واپس نه ٿيو، اتي مدن لعل ٻه آنا ڀاڙي بدران روپيو هٿ تي رکي ٻيڙيءَ واري کي ڏيکاريو ته هو يڪدم موٽي آيو ۽ مدن کي اچي کنيائين. ٻيڙيءَ ۾ ويهي شاهه صاحب کي هن چيو ته هڪ دفعو توهان مون سوال ڪيو هو ته ”حشر ويل حساب جا ڪافر ڪندا ڪيئن؟“ ان جو جواب هاڻ ٿو ڏيانءِ ته:
”هٿ جنين جا هيئن پهرين پتڻ سي لنگهن.“
بهرحال وزير اوڏ (سائل) جيڪو بقول سندس: ”ادا آئون نه مسلمان آهيان ۽ نه هندو. آئون بت هرگز نه پوڄيندو آهيان.“ جو پڻ اهو عقيدو آهي ته جيڪو هٿ جو کلئو رهندو ۽ الله جي واٽ ۾ غريبن مسڪينن جي مدد ڪندو ان کي الله هرگز نه ڇڏيندو ۽ ٿي سگهي ٿو پهرين انهن کي پتڻ ٽپائي، پل ٽپائي جنت ۾ داخل ڪري.
بهرحال هتي اسان سنڌ جي هڪ شهر حيدرآباد جي رهواسي ساڌو واسواڻي جي فقير منش طبيعت ۽ ان جي مشن جي ڳالهه بيان ڪريون ته هن جيڪا تحريڪ حيدرآباد سنڌ کان شروع ڪئي اڄ ان جون شاخون ۽ خدمت ڪرڻ جا ادارا انڊيا جي 22 شهرن ۾ آهن ۽ دنيا جي اٽڪل 36 ملڪن ۾ آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن: لنڊن، ميامي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، پينانگ، (ملائيشيا جڪارتا (انڊونيشيا) بارسلونا (اسپين) دبئي، نيو جرسي، بوسٽن (USA) جهانسبرگ (سائوٿ آفريقا) پاناما، ٽرنيڊاد، سوٽا وغيره. دادا واسواڻي انهن مڙني جاين تي پروگرام ۽ ليڪچر آرگنائيز ڪندو رهي ٿو.
پوني ۾ اسپتالن کان علاوه ميران موومينٽ جي نالي سان ساڌو واسواڻي مشن جا جيڪي اسڪول آهن، سي هن ريت آهن:
ميران گرلس ڪاليج.
ميران هاءِ اسڪول (سنڌي ميڊيم)
ميران پرائمري اسڪول (سنڌي ميڊيم)
ميران ٻال ڀون.
شانتي وديا مندر (ڪنڊر گارٽن، انگلش ميڊيم) ۽
ماٿوري ٻائي ڪرمچند محبوباڻي گرلس هاسٽل.
ان کان علاوه سنڌي زبان (عربي ۽ ديوناگري لکت) جا Crash ڪورس نون سکندڙن لاءِ هر وقت ٿيندا رهن ٿا جيئن سنڌيءَ کان اڻ واقف ماڻهو هي قديمي زبان پڻ سکي سگهن.
ساڌو واسواڻي مشن هيٺ ڪجهه رسالا ۽ نيوز ليٽر به ڇپجن ٿا جيڪي هن ريت آهن:
ماهوار East & West
ماهوار انگريزي Mira
مهيني ۾ ٻه دفعا سنڌي رسالو ”شيام“
ماهوار سنڌي ”سنت مالا.“
سنڌي ماهوار نيوز ليٽر ”سنت ساهتيا.“
ساڌو واسواڻي مشن هن ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجي ٿي:
www.sadhuvaswani.org
۽ هن مشن جي پوني واري پوسٽل ائڊريس هن ريت آهي:
Sadhu Vaswani Mission
10,Sadhu Vaswain Path
Pune-411001.(Tel:625679,623847)
دهلي جي هن اسڪول ”ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول“ مان نڪرڻ وقت اسڪول جي وائيس پرنسپال هن سال جي اسڪول مخزن جي ڪاپي ڏني جنهن جو نالو Karuna آهي. ٻه سؤ کن صفحن جي هن مئگزين ۾ انگريزي، هندي ۽ سنڌي سيڪشن آهي. سنڌي ديوناگوري لکت ۾ نه پر اسان واري عربي رسم الخط ۾ آهي. ڇپائي تمام صاف ۽ چٽي آهي. سنڌي سيڪشن ۾ اسڪول جي ڪيترين ئي ڇوڪرين جا مضمون، شعر ۽ لطيفا آهن، جهڙوڪه هنا ٽيڪ چنداڻي جو ”پرڀوءَ جو پيار ديپڪا تنواڻي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀهرڻي گريماڪيسواڻيءَ جو ”جهولي لال سائين“ شعر، سونم بجلاڻيءَ جو ”اپديش جو اثر“ ۽ ٻيا ويهارو کن شعر ۽ مضمون آهن. نموني خاطر هتي ان مئگزين مان هڪ لطيفو ۽ شعر ”نه ملندو پئسي سان“ هوبهو نوٽ ڪيان ٿو.
هڪڙي عورت بس ۾ پئي وئي، ڪنڊيڪٽر کان پڇيائين، ”ڇا ٻار اڌ ڀاڙي تي بس ۾ مسافري ڪري سگهن ٿا يانه؟“ ڪنڊيڪٽر جواب ڏنو، ”ها، اڌ ٽڪيٽ تي مسافري ڪري سگهن ٿا رڳو ٻارهن کان گهٽ هجن تڏهن.“
عورت خوش ٿيندي چيو، ”شڪر آهي پرماتما جو مون کي نور ٻار آهن.“
۽ هاڻ آخر ۾ نموني خاطر ساڌو واسواڻي انٽرنيشل گرلس اسڪول جي مئگزين مان هڪ شعر پڻ هتي لکي رهيو آهي جيڪو نائين ڪلاس جي شاگردياڻي منيشا چيلاڻيءَ لکيو آهي.

نه مندو پئسي سان
پئسي سان ڪريم پائوڊر ملندو،
پر قدرتي حسن نه ملندو،
پئسي سان عينڪ ته ملندي،
پر اصلي نظر نه ملندي،
پسي سان زال ته ملندي،
پر ڌرم پتني نه ملندي،
پئسي سان پلنگ ته ملندو،
پر ننڊ نه ملندي،
پئسي سان باجو ته ملندو،
پر سُر نه ملندو،
پئسي سان گود ورتل پٽ ته ملندو،
پر پنهنجي پيٽ جو پٽ نه ملندو،
پئسي سان زهر ته ملندو،
پر امرت نه ملندو،
پئسي سان مندر ته ملندو،
پر ڀڳوان نه ملندو.
۽ آخر ۾ ساڌ واسواڻي جو سنڌ جي ياد ۾ انگريزي نطم جيڪو هن سنڌ ڇڏڻ بعد پوني (انڊيا) ۾ لکيو هو:
I remember trees
The dark blue clouds,
The waves of Sindhu,
How can I forget the by lanes
Of the village of my native land?
Oh, How I long to meet
The people of my land?
The people who were so poor
And yet so innocent
The beloved people of my land.

No comments:

Post a Comment