Sunday, February 20, 2011

ٽائٽانڪ جھاز تي فلم

ٽائٽانڪ جھاز تي فلم

جھاز ته ھيستائين ڪيئي ٻڏي چڪا آھن ۽ ٻڏندا به رھن ٿا. فلمون به نه فقط ٽائٽانڪ جھاز تي، پر ٻين به ڪيترن ئي جھازن تي ٺھي چڪيون آھن ۽ ٽائٽانڪ جھاز تي به ھيءَ پھرين فلم ناھي، پر 1912ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين 86 سالن ۾ ٽائٽانڪ جھاز تي ڪيتريون ئي فلمون، ڪتاب ۽ ٽي وي سيريل ٺھي چڪا آھن.
پھرين فلم ته جھاز ٻڏڻ بعد يڪدم مھينو کن رکي ٺھي ھئي، جنهن جي فلم اسٽار اھا ھئي، جيڪا ٽائٽانڪ جھاز جي ان بدنصيب سفر جي مسافر ھئي. ان فلم جو نالو “Saved from the Titanic” ھو. انهن ڏينهن ۾ فلمون ٽاڪيز نه ھيون. يعني آواز بنا ٺھنديون ھيون ۽ ٽائٽانڪ ٽريجڊيءَ جي اھا فلم بنا آواز جي ھئي – يعني گونگي فلم ھئي.
ٽائٽانڪ Teutonic يا Titanic فلم جرمني وارن ٺاھي ھئي، جنهن جو خرچ پکو نازي حڪومت ڏنو. ھن فلم جو خيالي ھيرو ھڪ جرمن جوان ڏيکاريو ويو ھو.
1958ع ۾ برطانيه وارن به ٽائٽانڪ تي ھڪ فلم A Night to Remember ٺاھي، پر فلم ڊائريڪٽر جيمس ڪئمران جي ھيءَ تازي فلم Titanic سڀني فلمن کان گوءِ کڻي وئي آھي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي ھاڪ ھلي وئي آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ھن فلم تي، فلم ٺاھيندڙن “فاڪس فلمڊ انٽرٽينمينٽ” وارن وڏو خرچ ڪيو آھي. ٻه سؤ ملين ڊالر فلم جي شوٽنگ تي خرچ ٿيو آھي ۽ اھڙا ڏيڍ سؤ ملين ڊالر مارڪيٽنگ تي خرچ ٿيو آھي. (ھن کان اڳ گھڻي خرچ واري فلم “واٽر ورلڊ” آھي، جنهن تي 175 ملين ڊالر خرچ آيو ھو) منهنجي خيال ۾ ھن فلم کي مٿانهون ڪندڙ، ماڻھن کي حيرت ۾ وجھندڙ نظارا آھن، جيڪي ڪمپيوٽر ذريعي پيدا ڪيا ويا آھن. ھيئن ھن کان اڳ ٺھيل فلم Jurrasic Park ھئي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر جنريٽيڊ اسي کن Shots ھئا ۽ ھن فلم ٽائٽانڪ ۾ 550 آھن.
ھن فلم ٽائٽانڪ جي شوٽنگ جو بندوبست فاڪس فلم ڪمپنيءَ وارن ميڪسيڪو جي شھر روزاريتو ۾ سورنھن ھيڪٽر ڪامپليڪس تي ڪيو ھو. فلم ۾ جيڪو ٽائٽانڪ جھاز ڏيکاريو ويو آھي، اھو بلڪل ھوبهو ۽ اصل جھاز جھڙو آھي، پر اصل جھاز جي ڏھين حصي جيڏو ناھي. ان کي ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪئمرائين جي اٽڪلن ذريعي ائين ڏيکاريو ويو آھي، ڄڻ سچ پچ ھجي ۽ سچ پچ جا ماڻھو اتان ڪري سمنڊ ۾ پيا ٻڏن، جيڪو دراصل “L” شڪل جي پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي آھي.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ٽائٽانڪ فلم جو ڊائريڪٽر James Cameron ھڪ قابل ۽ ھوشيار فلم ٺاھيندڙ آھي ۽ سندس ھن کان اڳ جي ٺھيل فلمن مان به ڪيتريون ئي مشھور ٿيون. جھڙوڪ: The Abyss، True lies، Terminator II وغيره وغيره. ٽائٽانڪ فلم ائڪشن ۽ رومانس جو ڳانڍاپو آھي، جنهن ۾ ليونارڊو ڊي ڪئپريو (Jack Dawson) ۽ ڪيٽ ونسليٽ (Rose Bukater) اھم فلمي اداڪار ٿيا آھن. فلم جي شوٽنگ جولاءِ 1969ع کان شروع ٿي ۽ 160 ڏينهن ھلي. عام فلمن کان ڪجھ وڏي ٿي وئي ۽ سندس Running ٽائيم ٽي ڪلاڪ چوڏھن منٽ آھي. فلم ۾ ڪم ڪندڙن کي اصل سمنڊ ۽ ٽانڪيءَ ذريعي ٺاھيل نقلي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ٽيھ کن لائيف گارڊ رکيا ويا ھئا. فلم ٺھڻ دوران ڪو به ٻڏي مرڻ جو حادثو درپيش نه آيو. البته ٽن Stunt Men جي ٽنگن ۽ ٻانهن جا ھڏا ڀڄي پيا.
وڏو Risk کڻي خرچ واري فلم ٽائٽانڪ جيتوڻيڪ ان وقت ٺھي، جنهن وقت دنيا جون ٻه ٻيون مشھور فلمون پڻ ھلي رھيون ھيون. ھڪ جيمس بانڊ جي نئين فلم Tomorrow Never Dies ۽ ٻي ڊريم ورڪس جي مزاحيه فلم Mouse Hunt، پر ان ھوندي به ھي سامھونڊي بدنصيبيءَ تي ٺاھيل ٽائٽانڪ سڀ کان گوءِ کڻي وئي ۽ مالڪن جو (يعني فلم ٺاھڻ وارن مالڪن جو ۽ نه جھاز ٺاھڻ وارن جو) پئسو سجايو ڪري رھي آھي.

No comments:

Post a Comment