Thursday, February 17, 2011

وهو مَ لاهي آسرو الله مان - الطاف شيخ

وهو مَ لاهي آسرو الله مان

الطاف شيخ
ڪئڊٽ ڪاليج جي پهرئين پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان: ڪرنل ڪومبس ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا شروع وارا ڇهه سال پرنسپال ٿي رهيو. جن ڏينهن ۾ الطاف شيخ چوٿين درجي، يعني اڄ جي ستين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين، ڇهه سال وٽس شاگرد ٿي رهيو. هي ڪاليج شروع وارا ٻه سال عارضي طور، ميرپورخاص ۾ رهيو.


ڪرنل ڪومبس عجيب مرد مجاهد هو. مون جهڙا ڪيترائي هن مان بيحد متاثر آهن. ان ڪري نه ته هو ڪو اڇو ڀورو انگريز هو. انگريز ته ڪرنل ڪومبس جي ڏينهن ۾ ٻيا به هئا يا ٻين تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ ڪيترن ئي انگريز ۽ يورپين سان گڏ ڪم ڪرڻو پيو، پر ڪرنل ڪومبس جي ڳالهه ئي ٻي هئي. هڪڙا انگريز اهي هئا، جن جو تواريخ ۾ پڙهيوسين ته هنن ڪيئن اسان جي وطن تي حملو ڪيو ۽ ان کي ڦريو لٽيو. ۽ هڪ هي نيڪ انسان هو، جنهن اسان کان وڌيڪ اسان جي ملڪ، صوبي ۽ پيٽارو ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائيءَ سان پيار ڪيو.
هن وقت آئون ڪرنل ڪومبس کي پسند ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هن جي سٺين ڳالهين جو سوچي رهيو آهيان ته آخر هو اسان کي ڇو ٿي وڻيو- ته ڪيتريون ئي ڳالهيون ڌيان ۾ اچن ٿيون.
ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسين ڳوٺن کان آيا هئاسين ۽ اڃا اڙدو ئي جهڙي تهڙي سمجهه ۾ آئي ٿي ته مهيني کن بعد پرنسپال جي خالي پوسٽ تي ڪرنل ڪومبس آيو. گهڻو ڪري پرنسپال صاحبان پنهنجو پاڻ کي رڳو پنهنجين آفيسن تائين محدود رکندا آهن يا نيم سرڪاري دورن ۾ مشغول هوندا آهن، پر ڪرنل ڪومبس ڪلاسن ۾ گهڙي، ڪڏهن انگريزي ته ڪڏهن جاگرافي يا مئٿس پڙهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. سبجيڪٽ ٽيچر کي به اسان سان گڏ ويهاري ڇڏيندو هو. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن آئون هن وٽان ڇهه سال ۽ جهازران اداري مان به پنج سال، تعليم حاصل ڪري، جهاز ذريعي انگلينڊ پهتس ۽ سندس لنڊن واري گهر ”پيٽارو هائوس“، جنهن کان متاثر ٿي ڪري مون به ڪراچيءَ واري گهر جو نالو پيٽارو هائوس رکيو آھي، پهتس ته هن ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته هن جو مطلب ڪو ڪلاس روم ۾ دخل اندازي ڪرڻ نه هو پر اسان مان لڄاڙوپڻ ۽ گهٻراهٽ ڪڍڻ هو، جيئن اسان ۾ اعتماد پيدا ٿئي ۽ بـُردبار ٿيون ۽ ساڳي وقت ٽيچر (جنهن کي پڻ هن پنهنجي ٻارن وانگر ٿي سمجهيو)، کي پڻ احساس ٿئي ته هن جو ڪنهن به وقت احتساب ٿي سگهي ٿو ۽ دل لڳائي پڙهائڻ سان سندس تعريف ۽ واهه واهه ٿيندي، ٻي صورت ۾ هو پنهنجي گلا ڪڍائيندو.
مٿي لکيو اٿم ته ڪرنل ڪومبس اسان سڀني کي ٻارن وانگر سمجهندو هو پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هن کي آخر تائين ڪو به اولاد نه ٿيو. پيٽارو ڇڏڻ بعد هن جي پهرين زال گذاري ويئي، ان بعد انگلينڊ مان هڪ ٻي پوڙهيءَ سان شادي ڪيائين. ان مان به اولاد نه ٿيس. پاڻ ان سان گڏ به ڪيترا دفعا، مرڻ گهڙيءَ تائين پاڪستان گهمڻ ايندو رهيو، جتي سندس اچڻ جو وڏو مقصد پنهنجن شاگردن کي ڏسڻ هو ته هو هن جي چوڻ مطابق نه فقط فوج ۾ ويا آهن، پر اتي سٺا آفيسر ٿي ڪم ڪري رهيا آهن يا نه.
بهرحال سچي ڳالهه اها آهي ته سواءِ شوڪت جماڻي، رفيع ڪاڇيلي ۽ ڪي جي اين انصاريءَ جي، اسان شاگرد ڪرنل ڪومبس کان ڀڄندا پيا هئاسين ته متان سامهون ملي نه وڃي ۽ انگريزي ڳالهائڻي پوي. پر ڪرنل ڪومبس به اسان کي ڇڏڻ وارو نه هو. جيڪو گهڻو شرمائيندو ۽ لهرائيندو هو ان سان ئي گهڻو ڳالهائيندو هو. نه فقط ڪلاس روم ۾ اچي پر شام جو راندين جي ميدان تي، مانيءَ جي ٽائيم تي ميس ۾، پڪنڪ تي وٺي هلڻ مهل ۽ نه فقط پاڻ پر پوءِ ٻين ٽيچرن تي به زور ڀريائين ته اهي به اسان سان گهڻي کان گهڻي انگريزي ڳالهائين ۽ تعليم کي رڳو ڪلاس روم تائين محدود نه رکن. هو ڪلاس روم کان ٻاهر اسان کي اخبارون، رسالا پڙهڻ لاءِ چون ۽ عام معلومات جا مقابلا رکي اسان کي مشغول رکن. انگريزيءَ جي اُچار سڌارڻ لاءِ هن ٽي اهڙا انگريز انگلينڊ مان ڳولي گهرايا جن بنا پگهار جي اچي پڙهايو. انهن ۾ هڪ برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪئپٽن هارلي هوندو هو، جيڪو لياقت جتوئي، محسن پنهور، رشيد ابڙي ۽ نصير قاضي جن جي ڪلاس جو ٽيچر هو ۽ سڄو ڏينهن انگريزي سيکارڻ پويان هو ۽ ٻه نوجوان ٽيچر ڪنهن اداري طرفان انگلينڊ کان آيا هئا جن جو پڻ ساڳيو ڪم هو. ان بعد ڪرنل ڪومبس کي ٻه پاڪستاني همراهه به دل وٽان ملي ويا، جن اهوئي ڪيو ٿي جيڪو ڪرنل ڪومبس چاهيو ٿي. يعني اسڪول جي سبجيڪٽن سان گڏ اسان کي انگريزي ۽ عام معلومات ۾ ڀڙ ڪرڻ، پي ٽي پريڊ ۽ ڊسپلين ۾ چئيوان ڪرڻ، فوج ۾ وڃڻ لاءِ ان طرف لاڙو پيدا ڪرڻ، وغيره. اهي هئا: هڪ نيول آفيسر ليفٽيننٽ اسرار الله جيڪو پوءِ پرنسپال به ٿيو هو ۽ ڪمانڊر ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ ٻيو آرمي جو نوجوان آفيسر ڪئپٽن عالم جان محسود جيڪو هينئر ٻه ٽي سال کن اڳ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي ۽ محسود قبيلي جو سردار آهي . مون کي ياد آهي ته وئڪيشن جي ڏينهن ۾ ڳوٺ وڃڻ بدران ڪرنل ڪومبس جي چوڻ تي اسرار الله صاحب اسان شاگردن کي گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن منهوڙي جي نيول اڪيڊمي ۾ اچي رهائيندو هو ۽ نيوي جا ادارا ۽ جهاز گهمائيندو هو، جيئن اسانکي نيويءَ ۾ اچڻ جو شوق ٿئي. هڪ دفعو ته ”سي اسڪائوٽن“ جي جمبوري ڏيکارڻ لاءِ سڄي انڊيا ۽ ايسٽ پاڪستان ريل رستي گهمايائين. ساڳيو حال عالم جان محسود صاحب جو هو. هڪ دفعي (جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ هئاسين) ته عالم جان صاحب سڄو سال اسان کي پنهنجو پاڻ ۾ به انگريزي ڳالهائڻ جو پابند ڪري ڇڏيو. هاسٽل ۾ ته ڪمرن تي لڪي لڪي سنڌي يا اڙدو ڳالهائيندا هئاسين پر پريڊ گرائونڊ يا ڪلاس روم ۾ ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اٺ آنا ڏنڊ هوندو هو.
ڪرنل ڪومبس جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيو، تڏهن فقط ٻه ڪلاس هئا ۽ ٻنهي ڪلاسن جا جملي ڪئڊٽ ستر کن مس هئاسين. کيس اسان سڀني جا نالا آيا ٿي. اها اسان لاءِ وڏي مصيبت هوندي هئي. هڪ دفعي جمعي نماز بعد مسجد جي ٻاهران رضا شيخ (ڊينٽل سرجن)، شبير لغاري (ٽيليفون کاتي وارو) ۽ مون ڏينڀن جي ککر کي ڀتر پئي هنيا. ڪرنل ڪومبس خبر ناهي ڪٿان اسان کي ڏسي ورتو ۽ اسان جي هائوس ماستر کي فون ڪري اسان کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ چيو. هائوس ماستر اسان کي گهرائي دڙڪا ڏنا، اسان گهڻو ئي ڪوڙ ڳالهايو ته ڪرنل ڪومبس ڪنهن ٻئي کي ڏٺو هوندو پر هائوس ماستر عبدالله خادم حسين صاحب جيڪو پوءِ (ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ فيڊرل جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو) چيو ته نه سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ٻي ڪنهن کان غلطي ٿي سگهي ٿي پر ڪرنل ڪومبس کان هرگز نه.
اڳتي هلي هر سال ڪلاس وڌندا ويا ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ويو، جڏهن ستين کان ٻارهين تائين ڪلاس ٿي ويا ۽ شاگردن جو هڪ ئي وقت تعداد ٻه سؤ کان به مٿي ٿي ويو ته به ڪرنل ڪومبس کي سڀني جا نالا آيا ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ڪن نالن جا اچار غلط وٺندو هو. جيئن الطاف بدران مون کي الٽاف چوندو هو پر واقف سڀني کان رهيو.
ڪرنل ڪومبس کي هر وقت اسان شاگردن جو فڪر هوندو هو. بقول مرزا بشير چاند (هينئر واپڊا ۾ ايس اي ٿي رٽائرڊ ٿيو) جي: ”ڪرنل ڪومبس کي نه آهن ٻار ۽ نه گهمڻ جو شوق. سڄو ڏينهن اسان جي پٺيان آهي. پڙهو پڙهو. وري پڙهون ٿا ته رانديون به کيڏو. پي ٽي پريڊ به ڪريو. لئبرري ۾ به وڃو. اخبارون به پڙهو. ڪـُئيز ۽ جنرل ناليج جي مقابلن ۾ به حصو وٺو. تقريرون ۽ بحث مباحثا به سڀ ڪريو. موڪلن ۾ به جان نٿو ڇڏي. موڪلن جو به اڌ سندس مرضي موجب گهمڻ وڃون ٿا، باقي اڌ موڪل لاءِ ايڏو هوم ورڪ ۽ ڪاليج مئگزين لاءِ مضمون لکڻ لاءِ ڏئي ٿو جو پنهنجي مرضيءَ مطابق ته ڪجهه به نٿا ڪريون.“
هونءَ اڪثر شاگرد پنهنجن ماسترن جون ڪوڙيون سچيون شڪايتون مائٽن سان ڪري رليف حاصل ڪندا آهن. پر اسان جي پرنسپال ڪرنل ڪومبس کان اسان جا مائٽ به ڊڄندا هئا جو هو انهن کي به دڙڪا ۽ سمجهاڻيون اهڙيءَ طرح ڏيندو هو جو هو مطمئن ٿي ويندا هئا. آئون مئٽرڪ ۾ هوس ته منهنجي ڀيڻ جي شادي ٿي رهي هئي. ڪرنل ڪومبس مون کي هڪ ڏينهن جي به موڪل نه ڏني. منهنجو پيءُ تن ڏينهن ۾ وليج ايڊ ڪاليج ٽنڊو ڄام جو پرنسپال هو. منهنجي موڪل لاءِ پاڻ پرنسپال وٽ هلي آيو پر ڪرنل ڪومبس صاف صاف بابا کي چيو: ”ان ۾ ڇوڪري جي پڙهائيءَ ۾ رُخنو ايندو ۽ توهان پاڻ پرنسپال ٿي ڪري اهڙي ڳالهه جي همٿ افزائي نه ڪريو.“
ڪرنل ڪومبس جتي سختي ڪندو هو (اڳتي هلي جڏهن مٿين ڪلاسن ۾ پهتاسين ته ڪاليج مان ڀڄڻ يا سگريٽ پيئڻ جهڙن ڏوهن لاءِ ڪيننگ به شروع ڪئي هئائين) اتي ڀائيندو پڻ هو. ماني ٽڪي يا رهائش جو مسئلو هجي يا اگهائي سگهائيءَ جو. سڀ کان وڏو مائٽ ڪرنل ڪومبس هوندو هئوسين. ڪيترا ڳوٺ کان آيل شاگرد ڪاليج جي ڪموڊ سسٽم ڪاڪوسن کان اڻ واقف هجڻ ڪري ڪموڊن جون مٿيون پلاسٽڪ جون سيٽون ڀڃي رکندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن اسيمبليءَ ۾ ڪرنل ڪومبس اسان کي سمجهايو ته ڪموڊ تي ڪرسيءَ وانگر ٿي ويهو. پر ته به نتيجو ڪو خاطر خواه نه نڪتو. هڪ ڏينهن اسيمبليءَ لاءِ جڏهن قطارن ۾ بيهڻ لڳاسين ته ڏسون ته پرنسپال جي بيهڻ واري هنڌ تي هڪ ڪموڊ رکيو آهي. اسان سمجهيو ته ڪنهن پرنسپال کي چيڙائڻ خاطر ڪاڪوس مان ڪموڊ ڪڍي اچي هتي رکيو آهي ۽ ڪرنل ڪومبس جيڪو هاڻ ڄاڻ ته پهتو اهو ڏسي پڪ ڪاوڙ ڪندو. ساڳي سوچ جو اظهار آيل ڪلاس ٽيچر به ڪري رهيا هئا ته مٿان ڪرنل ڪومبس اچي ڪڙڪيو. پر هن جي منهن تي ڪنهن به قسم جا جذبا نه هئا. نه ڪاوڙ جا نه تعجب جا. ڪئڊٽ خالد درانيءَ قرآن جي تلاوت اچي ڪئي جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هميشه وانگر ڪرنل ڪومبس ڪيو. (باءِ دي وي ڪرنل ڪومبس کي عربي لکڻ پڙهڻ پڻ آئي ٿي، جيڪا هن چار سال کن سوڊان ۾ رهڻ دوران سکي هئي.) ترجمي بعد ڪاليج جا ڊيلي آرڊر ٻڌائي پوءِ ڪموڊ وٽ آيو ۽ ان تي ڪرسيءَ وانگر ويهي چيو:  “هن تي هيئن ٿي وهندا ڪريو. ” ۽ پوءِ وري پير مٿي ڪري، ان مٿان چڙهي ويٺو، جيئن پير زمين تي رهڻ بدران ڪموڊ جي پلاسٽڪ واري سيٽ تي رهن ۽ چوڻ لڳو، ”مهرباني ڪري هن تي ائين نه ويهو. ائين ويهڻ سان ڪموڊ جي هيءَ سيٽ ڀڄي پوندي.“
ڪرنل ڪومبس لاءِ آفيس ٽائيم مقرر نه هوندا هئا. اسان ڪاليج ۾ گهڙندا هئاسين ته اسان کان اڳ هو آفيس ۾ هوندو هو ۽ موڪل مهل هن کي آفيس ۾ ئي ڇڏي ايندا هئاسين. آچر (موڪل) تي به هو آفيس ۾ رڌل هوندو هو. هڪ دفعي اهڙي موڪل واري ڏينهن تي اسان ڪجهه ڪئڊٽ، سندس آفيس جي پويان ڇانوَ ۾ (هيءَ ميرپورخاص واري ڪاليج جي ڳالهه آهي ۽ اسين اٺين ڪلاس ۾ هئاسين) ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين ۽ رکي رکي بال سندس آفيس جي ڀت کي لڳي رهيو هو. هي ڪو آفيس ۾ ويٺو هو پر اسان کي خبر ئي نه. ڪلاڪ کن رکي پاڻ آفيس کي لاڪ ڪري اسان ڏي پٺيان آيو. اسان جيئن ئي کيس ڏٺو ته بئٽ بال ڇڏي وٺي ڀڳاسين. پٺيان بشير ميمڻ (مکي احمد علي ڏيپلائي ميمڻ وڪيل صاحب جو فرزند. هاڻPWD  ۾ ايس. اي جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو آهي) تنهن کي سڏ ڪيائين. اسان چيو شريف ماڻهو ڦاسي ويو. ٿوري دير کانپوءِ بشير ميمڻ کلندو آيو ته ڪرنل ڪومبس سڀني کي سڏي پيو ۽ چوي ٿو ڊڄو نه، ڀلي کيڏو ۽ جيڪو وڏي شاٽ هڻندو (جنهن سان بال منهنجي آفيس جي دريءَ جو شيشو ڀڃي رکي) ان کي انعام ڏيندس. اسان سڀ موٽي آياسين. سڀ خوش هئاسين. شيشو ڀڄي يا نه پر اسان کي راند جي موڪل ملي وئي ۽ تعجب جي ڳالهه ته هڪ شاٽ بشير بلوچ (يا شايد سندس وڏي ڀاءُ شمس بلوچ) اهڙي هنئي جو شيشو ڀڄي پيو. ٻئي ڏينهن ڪرنل ڪومبس کيس ڪئڊبري چاڪليٽن جو وڏو دٻو ڏنو، جيڪو انگلينڊ مان کيس ڪنهن موڪليو هو.
ڪرنل ڪومبس ڏسڻ ۾ ڳاڙهو- بلڪ گلابي، منهن ڀريل، آمريڪن فلمن جي شئرف وانگر وڏين مڇن وارو هو. چانهه تمام گهڻي پيئندو هو. ڪنهن پڇيس روز ڪيترا ڪوپ چانهه پين ٿو؟ وراڻيائين:
Don't ask me about cups, ask me about kettles.
پاڻ خوش مزاج طبيعت جو هو. هر وقت چرچا ڀوڳ ٻڌائيندو رهيو ٿي. جيتوڻيڪ سندس زندگي ننڍپڻ کان وٺي، ڏکن جو داستان هئي. هونءَ آفيس ۾ سنجيدو هوندو هو پر ميس ۾ ۽ راندين جي گرائونڊ تي هميشه سندس منهن تي مـُـرڪ هوندي هئي. ڪاليج جي ليڪچرارن کان وٺي ڪئڊٽن ۽ اسٽاف ميمبرن سان چرچا ڪندي نه گسائيندو هو ۽ اسان جو ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرار الله، جنهن کيN.O  (يعني نيول آفيسر) سڏيندا هئاسين، اهي ته ورنديءَ ۾ ساڻس به چرچا ڪندا هئا، جن مان هو لطف اندوز ٿيندو هو.
هڪ دفعي نيويءَ جو سي اين سي ائڊمرل اي آر خان پيٽارو آيو ۽ منجهند جي ماني اسان سان کاڌائين. اسان انهن ڏينهن ۾ انٽر (ٻارهين ڪلاس) ۾ هئاسين. مين ٽيبل تي پرنسپال، ائڊمرل اي آر خان ۽ مختلف هائوس (هاسٽلن) جا انچارج  J.U.O (هڪ قسم جا مانيٽر) ويٺا. آءٌ لياقت هائوس جو "جي يو او" هوس ۽ مون کي چيف گيسٽ جي ڀرواري سيٽ ملي هئي. مانيءَ دوران ائڊمرل صاحب انگريزيءَ ۾ مون کي چيو ته هر ڪاليج ۾ چرچائي مڙس يا مسخرو هوندو آهي، توهان جي ڪاليج ۾ ڪو آهي؟ مون جواب ۾ "نه" (يعني NO) چيو.
تنهن تي ائڊمرل صاحب تعجب مان ڪرنل ڪومبس کي چيو: "ڇا واقعي ڪير به نه آهي؟" ڪرنل ڪومبس کلندي وراڻيو: "ڪئڊٽ الطاف توهان کي هڪ همراهه لاءِ ٻڌائي ته رهيو آهي."
"نه. هي ته جواب ۾ No پيو چوي." ائڊمرل صاحب چيو.
"اهوئي ته ان همراهه جو نالو NO آهي،" ڪرنل ڪومبس کلندي چيو، "الطاف هن جو سڄو نالو ٻڌائيندي ڊڄي ٿو." اهو ٻڌي آءٌ به گهٻرائجي ويس ته ڪرنل ڪومبس الائي ڪنهن لاءِ پيو سمجهي.
ائڊمرل چيو: "ڪرنل صاحب مون نه سمجهيو."
"الطافNO  پيو چوي يعني نيول آفيسر، يعني ڪمانڊر اسرار الله! هاڻ اهو توهان جي ڪميونٽيءَ (نيويءَ) جو ماڻهو آهي، ان ڪري ان جو سڄو نالو وٺندي ڊڄي ٿو."
ائڊمرل سان گڏ سڀني ٽهڪ ڏنا. واقعي ڪاليج ۾ سڀ کان گهڻو چرچائي مڙس اسان جو اين او (نيول آفيسر) اسرار الله هو. ائڊمرل صاحب کي به اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سندن اداري جي موڪليل نمائندي کي سڀ ڪو پسند ڪري ٿو ۽ ان ئي وقت ڪرنل ڪومبس ائڊمرل صاحب کي اسرار الله صاحب کي ٻه سال وڌيڪ ڪاليج ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيو.
                                                   
ڪرنل ڪومبس جون ٻيون سڀ ڳالهيون سٺيون پر اسان کي نه موڪل ڪرڻ ڏيندو هو ۽ نه پيرڊ گسائڻ ڏيندو هو. هڪ دفعي اسان کي خبر پيئي ته ٻين اسڪولن ڪاليجن ۾ قائداعظم جي وفات جي ڏينهن تي موڪل ٿئي ٿي پر اسان کي پيٽارو ۾ موڪل نٿي ڏني وڃي. انهن ڏينهن ۾ اسان فرسٽ ايئر ۾ هئاسين ۽ ڪرنل ڪومبس سان مڙئي هاڻ بحث ڪرڻ جي همٿ پيدا ٿي چڪي هئي. ڊيليگيشن جي صورت ۾ هن وٽ موڪل جو اعلان ڪرڻ لاءِ پهتاسين ته، "سائين هي ڇا آهي، اسان ههڙي ڀلاري ڏينهن تي به ڪم ڪريون ٿا." پاڻ سڄي ڳالهه غور سان ٻڌي سوال ڪيو: "جي توهان ان ڏينهن تي به ڪلاس اٽينڊ ڪريو ٿا. پي ٽي پريڊ ڪريو ٿا ته ڪهڙو نقصان آهي؟"
اسان ان سوال جو جواب ته پهرين سوچي نه ويا هئاسين. بهرحال اسان مان هڪ ڪئڊٽ شفيق الرحمان چنا پنهنجي سمجهه آهر جواب ڏنو ته سائين ان ڏينهن تي ڪم ڪنداسين ته اسان جي قوم جي ابي جناب قائداعظم جي روح کي تڪليف پهچندي.
"نه. هرگز نه." ڪرنل ڪومبس وراڻيو، "هن جي روح کي يقين ڪريو ته راحت رسندي ته هن جي قوم جا نوجوان موڪلون ڪري وقت وڃائڻ بدران محنت ڪري رهيا آهن. ڇا توهان جناح صاحب جي بايوگرافي نه پڙهي آهي ته هن هر وقت اهائي تلقين ڪئي ته ڪم، ڪم ۽ ڪم ڪريو؟" اسان چُپڙي ڪري ٻاهر هليا آياسين.
هڪ دفعي ته سالياني پروگرام موجب موڪل واري ڏينهن تي به ڪرنل ڪومبس اسان ٻارهين ڪلاس وارن کي امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ ڪلاس روم ۾ اچي پڙهڻ لاءِ گهرايو. اسان مان مانيٽر ٽائيپ ڪئڊٽن (J.U.Os) هن جي آفيس ۾ وڃي کيس عرض ڪيو ته اهو ڏينهن موڪل ئي رهي. بهرحال ڳالهه نه مڃيائين، موڪل نه ڪيائين. کيس مڃرائڻ لاءِ يا هڪ ٻئي کي قائل ڪرڻ واري بحث ۾ سندس هڪ جملو مون کي اڃا تائين ياد آهي. جڏهن اسان چيس ته: "سائين توهان ئي ته ساليانو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو آهي جنهن ۾ توهان هي ڏينهن موڪل رکي آهي ۽ هاڻ توهان پروگرام ٿا بدلايو" ته وراڻيائين: "پروگرام بدلائڻ ۾ ڇا آهي. منهنجو پروگرام ڪو قرآني آيتون ته نه آهن جو ڦيرڦار نه آڻجي." ۽ پوءِ چانهه جو وڏو ڍڪ ڀري چيائين، "جڏهن ملڪ جو آئين بدلجي سگهي ٿو ته منهنجو ٺهيل شيڊول ڇا ڳالهه آهي. هاڻ هلو." ۽ اسان وري چپڙي ڪري موٽي آياسين.
ڪرنل ڪومبس جي هتي هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه پڻ لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪا اڄ جي شاگرد ۽ والدين لاءِ وڏي سوچ رکي ٿي. اسان جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتاسين ته اونهاري جي موڪلن ۾ اسان کي ٻي هوم ورڪ سان گڏ ڪرنل ڪومبس هڪ مضمون لکي اچڻ لاءِ چيو، جنهن جو ڪجهه عنوان هن ريت هو ته اسان جو ڇا Aim آهي- يعني اسان مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ چاهيون ٿا.
ڇا ٿيڻ چاهيون ٿا؟ اڄ به آئون ڳوٺ جي ڇوڪرن کان پڇندو آهيان ته اهوئي جواب ڏيندا آهن، جيڪو اسان اڄ کان چاليهه سال اڳ ڏنو ٿي ته جيڪي قسمت ۾ هوندو. سو اسان به مضمون ۾ ڇا لکون. هڪ هونءَ ئي هوم ورڪ ڪرڻ کان ٻرو چڙهيو ٿي، ٻيو ڪجهه عنوان اهڙو جنهن لاءِ اسان وٽ ٻار کي تيار نه ڪيو ويندو آهي ۽ ويتر مائٽن کان به پڇيوسين ته انهن به چيو: "بابا اها به ڪا ڳالهه! جيڪي قسمت ۾ هوندو اهو ٿبو، اهي ايندڙ وقت جون ڳالهيون هينئر ڪي سوچبيون."
نتيجي ۾ مون جهڙن اڌ کان مٿي ڪلاس ميٽن ڪجهه نه لکيو ۽ پوءِ ڪاليج کلڻ تي، ۽ ڪرنل ڪومبس جي پڇڻ تي ٻه چار ڪلاس ميٽ اهو لکي آيا هئا ته اسين انجنيئر ٿينداسين، فوجي ٿينداسين، پائليٽ ٿينداسين. باقي اسان ٻين نه لکڻ جو اهوئي سبب ڏنو ته سائين اسان کي خبر ناهي جيڪي قسمت ۾ هوندو، اهوئي ٿيندو.
ڪرنل ڪومبس اهو جواب ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ اسان ان ڏوهه ۾ ٽي ڏينهن ايڪسٽرا ڊرل جي سزا کائيندا رهياسين ته اسان ايڏا سست ۽ نڪما آهيون جو مستقبل قريب جي لاءِ به پلاننگ نٿا ڪري سگهون. انٽر ڪرڻ ۾ باقي وڃي ٻه سال بچيا آهن ۽ نه اسان جي مائٽن ۽ نه اسان پاڻ پنهنجي دماغ ۾ اهو وڌو آهي ته اسان کي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، ڇا ٿيڻو آهي. جيڪي ڇوڪرا ان عنوان تي مضمون لکي آيا هئا ڪرنل ڪومبس انهن مان به فقط انهن کي معاف ڪيو جن تفصيلي مضمون لکيو. باقي جن، مثال طور، فقط ائين لکيو "اسان کي ننڍي هوندي کان هوائي جهاز هلائڻ جو شوق آهي، اسان پائليٽ ٿينداسين، پائليٽ جو پگهار گهڻو آهي يا پائليٽ دنيا گهمي ٿو وغيره وغيره." ته انهن تي به ڪرنل ڪومبس سخت ڪاوڙيو ته رڳو توهان جي شوق ۽ لکڻ سان پائليٽ نه ٿيندائو. پهرين ته اهو لکو ته جيڪي توهان ٿيڻ چاهيو ٿا ان جي ضرورت آهي. ملڪ جون اهڙيون حالتون آهن جو ايترا هوائي جهاز هوندا جن لاءِ توهان پائليٽ ٿيڻ چاهيو ٿا يا ايترا انجنيئرنگ جاب هوندا جو توهان سڀ سول انجنيئر ٿيڻ چاهيو ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته توهان پائليٽ، انجنيئر، فوجي يا جيڪي ڪجهه ٿيڻ چاهيو ٿا، ان لاءِ توهان کي ڇاڇا محنت ڪرڻي پوندي، پنهنجي صحت برقرار رکڻ ۽ مضبوط جسم بنائڻ لاءِ توهان ڇاڇا ڪندائو، اهو ته لکيو نه اٿانوَ؟"
ڪرنل ڪومبس ڇهه سال کن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ رهيو، يعني مون وارو سمورو وقت. اسان ڪڏهن به هن کي ڪنهن جي طرفداري ڪندي نه ڏٺو. چاهي ڪو وڏي آفيسر جو پٽ هجي، چاهي ڪنهن هاري، ڊرائيور جو. هن جي نظرن ۾ سٺو ڪئڊٽ (شاگرد) اهو هوندو هو، جيڪو محنت ڪري. جيڪڏهن ڪو پڙهائي يا راندين روندين ۾ ڪمزور هوندو هو ته ان کي ڌڪارڻ بدران ان جي ڪمزوريءَ جا سبب ڳولي ان کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پڙهائيءَ ۾ ڪمزور شاگردن لاءِ انهن جي ڪلاس ٽيچرن کي کين ٽيوشن پڙهائي ڀڙ ڪرڻ لاءِ چوندو هو، جسماني طرح ڪمزور کي ميس طرفان روزانو اڌ سير وڌيڪ ميوي يا کير لاءِ به چوندو هو. ميس يا مائٽن طرفان فنڊ نه هوندا هئا ته خبر ناهي ڪهڙن قومي ۽ بين الاقوامي ادارن کان اسڪالرون تائين وٺرائي ڏيندو هو. هالينڊ جي هڪ ڪمپني کي کير لاءِ چيائين ته شاگردن کي مهيا ڪري. انهن ڏينهن ۾ ’پائوڊر مِلڪ‘ پيئڻ جو نه ڪلچر هو نه عادت. يارهين وڳي واري رسيس ۾ اسان کي اهو کير پيئڻ لاءِ ڏنو ويندو هو پر تمام ٿورا پيئندا هئا. ڪرنل ڪومبس اسان کي سمجهايو ته اهو کير هالينڊ جي هڪ تمام مشهور ڊچ ڪمپنيءَ جو ٺهيل آهي ۽ پيئڻ ۾ اسان جو فائدو آهي. ان سان گڏ ميس وارن کي چيائين ته ان کير ۾ روح افزا وجهي ملڪ روز ٺاهي ڏيو، جيئن هي ڇوڪرا ضرور پيئن.
منهنجي لکڻ جو مطلب فقط اهو آهي ته اڄڪلهه مائٽ به اولاد جو ايڏو خيال نٿا رکن، جيترو هي هڪ ڌاريو ٿي ڪري اسان شاگردن لاءِ ڪندو هو. ساڳي وقت ڊسيپلين رکڻ ۾ پڻ سخت هو. معمولي غلطي تي به يڪدم والدين کي گهرائي تنبيهه ڪندو هو ته پنهنجي ٻار کي سمجهايو، نه ته آئون ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيندوسانس ۽ پوءِ هڪ دفعو ڪاليج مان ڪڍڻ بعد دنيا ڀلي اٿلي پوي، پنهنجا آرڊر واپس نه وٺندو هو. ها، فقط هڪ دفعو واپس ورتا هئائين- سو به وڏي مشڪل سان. ڪاليج جي آخري سال ۾ هڪ ڏينهن راندين تان موٽندي ڳالهين ڪندي سڀني کي اچي خيال ٿيو ته ٺوڙ ڪرائجي. سڀني هائوڪار ڪئي ۽ بنا ڪنهن پهرين جي رٿيل پروگرام يا شرارت جي، ائين ئي اسان اهو ارادو ڪيو ۽ حجام کي ٺوڙهه ڪرڻ لاءِ چيوسين. اسان ڪل ارڙهن ڄڻا هئاسين. حجام هڪ ٻئي پويان ٺوڙهه ڪندو ويو. بشير وسطڙو، تاج بگٽي، شوڪت جماڻي، اظهر عباسي (قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جو فرزند)، ميرپورخاص جو مرحوم عبدالرحمان ميمڻ، ظفر خان (پي آئي اي وارو چيئر مئن )، غلام حسين چانڊيو، خالد مخدوم، غلام محي الدين ۽ نياز وغيره.
يارهن کن ڄڻن جي ٺوڙهه ٿي بس ٿي ته اتي حجام وٽ پرنسپال طرفان ماڻهو آيو ته ڪئڊٽن کي ٺوڙهو نه ڪر ۽ جن ٺوڙهه ڪرائي آهي، انهن کي پرنسپال ڏي موڪل. مون سميت باقي چار پنج ڄڻا ٺوڙهه ڪرائڻ ۾ رهجي وياسين، جنهن جو ان وقت اسان کي افسوس ٿيو، پر پوءِ ٿوري دير بعد خبر پيئي ته جن يارهن ڄڻن ٺوڙهه ڪرائي، انهن کي پرنسپال ٽپڙ ٻڌڻ ۽ ڪاليج هڪدم ڇڏڻ لاءِ چيو آهي. اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين. دراصل اسان جي دل ۾ ڪجهه به نه هو پر اسان جي انگريز پرنسپال ان قسم جي ڳالهه کي هڪ احتجاج يا داداگيري سمجهي ڪاوڙجي ويو. جن ٺوڙهه ڪرائي انهن کي شام جو پنهنجن گهرن ڏي روانو ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ويجهن شهرن وارن ڪئڊٽن جا والدين پهچي ويا پر ڪرنل ڪومبس هڪ جي به ڳالهه نه ٻڌي. پاڻ قاضي عابد صاحب جو ڏاڍو خيال ڪندو هو، جو قاضي عابد توڙي سندس ڀاءُ قاضي اڪبر صاحب (جنهن جو فرزند بشير پڻ اسان جو ڪلاس ميٽ هو) ڪاليج جي تمام گهڻي مدد ڪندا هئا. پر ان معاملي ۾ ڪرنل ڪومبس قاضي عابد صاحب جي به نه ٻڌي، ان بعد ڪيترن ڇوڪرن جا مائٽ وري قاضي عابد صاحب وٽ پهتا ته ڪجهه ڪيو وڃي. قاضي عابد صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي سفارش لاءِ چيو، ان بعد مس مس ڪرنل ڪومبس راضي ٿيو ۽ پوري هفتي بعد ڪاليج کان ڪڍيل ٺوڙهن ڪئڊٽن کي واپس گهرايو ويو.
انهن ڏينهن ۾ ڪاپي ڪلچر نه هو. پڙهائي سخت هئي، ڪلاس ۾ تقريباً سڀني جو سٺو سيڪڙو ايندو هو، ته به ڪرنل ڪومبس چوندو هو: ”آئون رڳو توهان جي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي نٿو رکان. آءٌ توهان کي هر ڳالهه ۾ سٺو ۽ ڪامياب انسان ڏسڻ چاهيان ٿو. رانديون، پي ٽي پريڊ، ڳالهه ٻولهه، عام معلومات، اخلاق- هر ڳالهه ۾ توهان سٺا ۽ محنتي ماڻهو ٿيو.“
ڪرنل ڪومبس ڪاليج ڇڏڻ بعد انگلينڊ مان لکيل هڪ خط ۾ به ان ڳالهه کي ورجايو آهي:
"I decided to produce a good cadet college and do produce young men, who were more concerned with the 'Code of Honour' and being sympathetic humam beings than to obtain 1st Division. I was not concerned about academic results simply but about 'Real Men'."
ڪرنل ڪومبس کي هر وقت اهو اونو هوندو هو ته اسان ڪاليج ڇڏڻ بعد فوج ۾ وڃون. هڪ دفعي ميس ۾ ڳالهين ڪندي مون چيو: ”سڀني ڪاليجن ۾ بايولاجي به پڙهائي وڃي ٿي، اسان جي ڪاليج ۾ فقط مئٿس.“

No comments:

Post a Comment