Sunday, February 20, 2011

مرندي مرندي بچڻ - الطاف شيخ


مرندي مرندي بچڻ

الطاف شيخ
ان ڏينهن ڏکڻ آسٽريليا جو ساليانو مقابلو ٿي رھيو ھو. مقابلي ۾ چاليھ غوطا خور حصو وٺي رھيا ھئا، جن کي سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي ڀالي سان مڇيون مارڻيون ھيون. آءٌ پڻ انهن مان ھڪ ھوس. پروگرام موجب اھو مقابلو ڏسڻ لاءِ منهنجي زال به ھلڻ ٿي چاھيو، پر جيئن ته ھوءَ پيٽ سان ھئي ۽ پھرين ٻار ڄڻڻ ۾ باقي ڪي ھفتا وڃي بچيا ھئس، سو ڊاڪٽر کيس سختيءَ سان جھليو ھو ته گھڻي ھل چل نه ڪري.

 
مقابلي واري ڏينهن آئون صبح ساجھر روانو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي زال کان موڪلائڻ آيس، جنهن کي جيتوڻيڪ نه ھلڻ جو ڏک ھو پر مجبور ھئي ۽ غمگين صورت ٺاھي مون کي در تائين ڇڏڻ آئي.
ھينئر آئون سوچي رھيو آھيان ته ڊاڪٽر جي اھا صلاح ڪنهن پر مون سان به لاڳو ھجي ھا. ٻن ڪلاڪن بعد پوري اٺين وڳي آئون “الڊنگا” پھچي ويس، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٽاڪرائون حصو آھي ۽ جتي اھو مقابلو پوري نائين وڳي ٿيڻو ھو. آئون جلد ان ڪري پھتو ھوس ته جيئن ان ھنڌ واري سمنڊ جو حصو اڳواٽ جانچي ڇڏيان ته ڪٿي اندر ٽڪريون ۽ پھڻ آھن ۽ ڪٿي تري ۾ سامونڊي واڻراھ ۽ گاھ گوچر آھي، جيئن مقابلي وقت اھي شيون ڌيان ۾ رکي لس ئي لس ترندو رھان.
الڊنگا بيچ پاڻيءَ جي ھڪ جنت آھي، جنهن اندر سامونڊي گھاٽا ٻيلا آھن – جتي ھر قسم جون مڇيون مانگر ۽ ٻيا سامونڊي ساھوارا سڪون سان رھيل آھن ۽ مون جھڙي ٽوٻو شڪاريءَ لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪو بهتر شڪار گاھ نه ھوندو.
مقابلي ۾ حصو وٺندڙ مون سميت چاليھ ڄڻا ھئا. پوري وقت تي پنهنجن رٻڙ جي ڪپڙن ۽ مڇيءَ جھڙن وڏن بوٽن، شيشي جي دريءَ واري عينڪي کوپي، ساھ کڻڻ لاءِ رٻڙ جي نڙانڊي، بار ٻڌل پٽي ۽ ڀالي ھڻڻ واري بندوق سميت تيار ٿي اچي بيٺاسين ۽ مقابلي لاءِ ريفريءَ سيٽي وڄائي.
ھر ھڪ کي مقابلي لاءِ پنج ڪلاڪ ھئا، جنهن ۾ سمنڊ اندران مڇيون ماري کاريون ججن اڳيان رکڻيون ھيون. پوءِ جنهن جي گھڻي تور ٿئي ۽ جيڪو مڇين جا جھجھا قسم ماري.
منهنجي کٽڻ جو وڏو آسرو ھو. ان ڪري جو ھن کان اڳ به ٻن سالن جا لاڳيتا مقابلا کٽيندو آيو ھوس. آئون پنهنجي زال سان واعدو ڪري نڪتو ھوس ته ھي منهنجي زندگيءَ جو آخري مقابلو ھوندو. منهنجو مطلب ھو ته ھن سال به پھرئين نمبر تي چيمپئن ٿي، پوءِ عزت سان رٽائرڊ ٿيندس. ان کان پوءِ ڪڏھن ٻنهي جي دل ٿي ته ائين شوق خاطر غوطا خوري کڻي ڪبي، ٻيو مڙوئي خير.
آئون ان وقت ٽيويھن سالن جو ھوس ۽ ان مقابلي لاءِ ڪيترا ئي مھينا مون سکيا ورتي ۽ مشق ڪئي ھئي. اسان آزاد نموني جي غوطا خوري ڪندا ھئاسين. منهنجو مطلب آھي ته پاڻ سان ساھ کڻڻ لاءِ ھوا جا سيلينڊر يا ٻي شيءِ کڻڻ بنا سمنڊ جي اندر ويندا ھئاسين. مون ايترو ته ساھ پچايو جو سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي سؤ فٽ کن ھيٺ تائين پھچي ويندو ھوس ۽ پوءِ اتي بنا ڪنهن تڪليف جي ھڪ منٽ کن ترسي سگھندو ھوس.
ريفري جي سيٽي وڄائڻ سان اسان پاڻ کي سمنڊ اندر کڻي ڇڏيو ۽ سڀني مڇين پٺيان وٺ پڪڙ لاھي ڏني.
ھر ھڪ ماڻھوءَ پنهنجي چيلھ ۾ ٻڌل بيلٽ ۾ رسي ذريعي پلاسٽڪ جو ھڪ وڏو ڇٻو ٻڌي ڇڏيو ھو، جيئن ڦاسايل مڇيون ان ۾ گڏ ڪيون وڃن. مڇيءَ کي ڀالو ھڻڻ سان اسان اھا ڪوشش ٿي ڪئي ته زخمي مڇي جھٽ پٽ ان ڇٻي ۾ وڌي وڃي، جيئن مڇيءَ جو گھٽ کان گھٽ رت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڃي. اھا خبرداري ان ڪري ڪرڻي ٿي پيئي جو رت جي ڌپ تي متان ڪا وڏي بکايل مڇي – شارڪ جھڙي، پريان اونهي سمنڊ مان ھيڏانهن ھلي اچي – جيڪي ڏکڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ عام جام ڦرندي ملن ٿيون. شارڪ کان علاوه ھتي ھلندڙ ٻيون وڏيون مڇيون ايڏيون ويڙھاڪ قسم جون نه آھن ۽ غوطا خورن سان ھري مري ويون آھن.
ھونءَ شارڪ جھڙين خطرناڪ مڇين جي ھجڻ جي ھتي اميد
نه ھئي. ته به احتياط خاطر ٻه لائيف بوٽون سمنڊ جي ان ٽڪري تي نگاھ رکنديون رھيون، جتي اسان غوطا خوري ڪري رھيا ھئاسين.
ان ڏينهن موسم سٺي ۽ صاف ھئي. سمنڊ مان منهن ڪڍڻ مھل ڪناري تان لڳندڙ ٿڌي ھير فرحت بخش محسوس ٿي رھي ھئي، پر سمنڊ اندر ڏيک چٽو نه ھو. مٽيءَ جي ذرن وانگر ميرانجھڙو ڌنڌ ڇانيل ھو. اھا حالت ڀالي سان مڇيون مارڻ لاءِ سٺي نه سمجھي ويندي آھي جو اھڙي حالت ۾ شڪاري جڏھن مڇيءَ جي بلڪل ويجھو وڃي پھچي ٿو، تڏھن ھن کي خبر پئي ٿي ته سامھون ھن جي اڳيان مڇي آھي ۽ ايترو ويجھو پھچي جيسين ھو ڀالي سان حملو ڪري، ان کان اڳ ڊپ ۾ مڇي ڀڄيو وڃي.
ساڍي ٻارھين تائين مون پنهنجين مڇين جي ڍير ڏسي اندازو لڳايو ته آئون سڀني کان گوءِ کڻي پيو وڃان. نه فقط تور ۾، پر نموني نموني جي مڇين ۾ پڻ آئون مٿي ھوس. طوطا مڇي. سنئپر، سنڪو، سور مڇي، شھنائيءَ جھڙي مڇي ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون منهنجي ڍير ۾ ھيون، جيڪي ٻين جي ڍڳ ۾ نه ھيون. منهنجي ڍير جي تور ذري گھٽ مڻ اچي ٿي ھوندي ۽ مڇين جا ڪل چوڏھن قسم ٿي ويا ھئا. ٽائيم ھاڻي ٻارھن لڳي پنجٽيھ منٽ ٿيو ھو ۽ مقابلو ٻي بجي ختم ٿيڻو ھو. جنهن حصي ۾ اسان مڇيون ماري رھيا ھئاسين، اتي مڇين جو تعداد چڱو گھٽ ٿي چڪو ھو. وڏي ۽ بهتر مڇيءَ لاءِ مون ان علائقي جو منو ميل کن جھاڳي ورتو ھو. آخري غوطي مھل اٽڪل سٺ ستر فٽ کن ھيٺ ھڪ ٽڪنڊي ٽڪريءَ جي قدمن وٽ ڪجھ وڏيون مڇيون نظر آيون ھيون، جن لاءِ پڪ ھيم ته ڪيڏانهن وينديون ڪونه ۽ آئون کين وري اچي ٿو ڳولي ماريان. انهن مان ٻه مضبوط ۽ ڳريون مڇيون ھيون، جن کي اسين آسٽريليا جا شڪاري فيصلو ڪندڙ مڇيون ٿا سڏيون. انهن مان ڪا ھڪ به ڪنهن جي ور چڙھي وڃي ته ان کي ھارايل بازي به کٽائي سگھي ٿي ۽ اھي ٻئي جي مون کي ملي وڃن ته پوءِ باقي کپي ئي ڇا؟ آئون ان ھنڌ ڏي تري پھتس. پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٿوري دير نڙانڊيءَ رستي ساھ به کڻندو رھيس ته شيشي جي عينڪي کوپي مان حالتن جو جائزو به وٺندو رھيس ته ڪھڙي ريت سامھون ٽڪريءَ وٽ ويٺل انهن ٻن مڇين کي ڀالو ھڻي ماريان؟ پوءِ ڪجھ ڊگھا ساھھ کڻي ھڪ تمام گھڻي ڊگھي ساھ کي جھليم ۽ وڌيڪ ٽٻي ھڻي انهن مڇين ڏي وڌيس ۽ لس ئي لس ترندو سندن مٿان سامونڊي گاھ وٽ اچي بيٺس ۽ کين ڀالو ھڻڻ وارو ھوس. پر......
آئون اھا گھڙي ڪيئن بيان ڪريان جنهن وقت سمنڊ جي ھيٺين تهن جي خاموشيءَ ۾ اوچتو چرپر جو آواز ڪن تي پيو ۽ آئون جيسين مڙي ڏسان، تيسين ڪا پربت جيڏي شيءِ سڄي طاقت سان مون کي کاٻي پاسي کان اچي لڳي ۽ رفتار سان اڳتي پاڻيءَ منجھ ڌڪيندي وئي. منهنجا ته ھوش ئي خطا ٿي ويا.
ھاڻ اھا شيءِ مون کي چرين وانگر لڳاتار ٿيلھا ڏيندي آئي. مون کي ڦيري ٿيڻ لڳي. منهنجي ڇاتيءَ تي اڳيان پاڻيءَ جو دٻاءُ ۽ پٺيان ان شيءِ جي دٻاءَ منهنجيون ته ھڻي پاسراٽيون ئي ڀڃي رکيائين. ان ڌڪ ڌڪان ۾ منهنجي منهن تي چڙھيل شيشي جو کوپو ۽ ساھ کڻڻ جي نڙانڊي اڇلجي وئي ۽ ڀالي ڇوڙڻ واري بندوق به ھٿن مان ڇڏائجي وئي.
اھا شيءِ مون کي پاڻيءَ اندر ايڏو ته لڳاتار ۽ يڪ ساھيءَ ٿيلھو ڏيندي رھي جو مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟ مون پنهنجو پاڻ کي ان شيءِ کان پري ڪرڻ ٿي چاھيو پر منهنجو جسم ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان جھڙوڪر ڪنهن انبوريءَ ۾ ڦاٿو پيو ھجي. آخر گھڻي ڪوشش بعد مون غور سان ڏسي محسوس ڪيو ته آئون ڪھڙي ويڌن منجھ ھوس: ھڪ شارڪ مڇي پنهنجين ڄاڙين ۾ مون کي جھلي کائڻ لاءِ وڃي رھي ھئي.
آئون سڄي جانور کي ته ڏسي نٿي سگھيس، پر اھو اندازو لڳائي ويس ته پڪ آفت جيڏي مڇي ھوندي، جنهن جو مان ڪو گرھ به مس ٿيندس. ھن جا ڏند منهنجي ڇاٽيءَ ۽ پٺ تي ڪارائيءَ جي ڏندن وانگر رکيا ھئا ۽ کاٻي ڪلھي وارو پاسو ھن جي نڙيءَ ڏي ھو. ھوءَ مون کي وات ۾ جھلي ھاڻ ھيٺ تري ڏي ڌوڪي رھي ھئي.
جيتوڻيڪ آئون خوف ڪري ھراسجي ويو ھوس، پر سور محسوس نه پئي ڪيم. دراصل ھن جي ڏندن جي تکائي نه پئي لڳي، پر وات ڀڪوڙڻ ڪري چيڀاٽجي رھيو ھوس. مون پنهنجيون ٻانهون پريان موڙي مڇيءَ جي منهن ڏي اھو سوچي ھٿواڙيون گھمائڻ لڳس ته جيئن منهنجا ھٿ ھن جي اکين تائين پھچي وڃن ته انهن کي زور سان چلھيان.
اوچتو ڪو ڪرشمو ٿيو ۽ دٻاءُ گھٽجي ويو. ان وحشي جانور پنهنجو وات ٿورو ڍرو ڪيو ۽ مون پٺيان زور ڏئي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي – پر منهنجي سڄي ٻانهن ھن جي وات ۾ ھلي وئي.
ھاڻي مون کي اھڙو ته سور وٺي ويو جو ان سور بابت مون ڪڏھن سوچيو به نه ھو. ان سور جي سيٽ کان مون کان رڙ نڪري وئي ۽ جي پنهنجي ٻانهن کي سٽ ڏئي شارڪ جي ڀچيل ڏندن مان ڇڏائڻ جي ٿي ڪيم ته سور ماري ٿي رکيو، پر بهرحال ھن آفت مان پاڻ ڇڏائي ورتم.
آئون ٽنگن جي زور تي سڌو مٿي سمنڊ جي مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. شارڪ پٺيان آئي پئي جو منهنجيون لتون ھر ھر ھن جي جسم تي پئي لڳيون. آخرڪار آئون مٿي پھچي ويس ۽ مٿو پاڻيءَ کان ٻاھر نڪري آيو. مون جلدي جلدي ڊگھا ساھ کڻي ورتا.
مون کي پڪ ھئي ته شارڪ مون کي کائڻ لاءِ وري ضرور ايندي. ايتري ۾ مڇيءَ جي ڪلي منهنجن پيرن کي لڳي. ان بعد منهنجن گوڏن ھن جي کھري پاسي واري جسم کي ڇھي ورتو. مون ٻنهي ٻانهن سان ان آفت کي ٿيلھو ڏئي پوءِ ھڪ ئي وقت ھٿ ۽ ٻانهون ويجھو ۽ پري ڪرڻ لڳس – اھا ئي اميد رکي ته ائين ڪرڻ سان آئون ھن جي وات ۾ اندر وڃڻ کان بچي ويندس. انهيءَ وٺ پڪڙ ۾ منهن ٻاھر ڪڍي ڊگھا ڊگھا ساھ به کڻي پئي ورتا.
اسان ٻئي وري ھيٺ تري ڏي ھليا وياسين. شارڪ مون کي پاسن کان اھڙو ته ڌڪو ڏئي گھليندي وئي جو تري جي سڄي ريتي به روڙجي وئي. ھڪ دفعو مون وري پنهنجي طاقت سان شارڪ کي ٿيلھو ڏنو ۽ مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. مٿي پھچي مون کي ساھ کڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ آئون ڊگھا ڊگھا ساھ کڻڻ لڳس، پر منهنجي چوڌاري پاڻيءَ جو رنگ رت سان ڳاڙھو ٿي ويو ھو - ۽ اھو رت ٻئي ڪنهن جو نه پر منهنجو ئي ھو. شارڪ به مٿاڇري تائين اچي وئي ۽ مون کان ڪجھ فٽ پري پاڻ کي موڙڻ لڳي. سندس کلوتڻو جسم ٿلھي ڇوڏي واري وڻ جي ٿڙ وانگيان ٿي لڳو. رنگ ۾ ناسي ڀورو. يعني اھا شارڪ بنا ڪنهن شڪ جي ويڙھاڪ ۽ خوني قسم جي شارڪ مڇين مان ھئي.
ھوءَ مون ڏي مڙڻ لڳي. ھڪ اھڙو خوف جنهن کي بيان نٿو ڪري سگھجي، منهنجي جسم ۾ ٿڙڪڻي پيدا ڪرڻ لڳو. اھا ھڪ ڀوائتي ڳالھ ۽ حقيقت ھئي ته ان شارڪ جو مون تي راڄ ھو جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگھي ۽ انهيءَ علائقي ۾ آئون اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي. آئون ھتي ھڪ آفيسر مثال نه ھوس، پر ھڪ تڏ وانگر ننڍڙي کائڻ جي شيءِ ھوس، جيڪو ھن آفت لاءِ پورو گرانهھ به نه ٿئي ۽ شايد ھضم ٿيڻ کان اڳ ئي کيس وري وڃي ته ڪجھ دير اڳ ھن مون کي ڳڙڪايو ھو.
مون چڱي طرح ڄاتو ٿي ته شارڪ مون تي وري حملو ڪندي ۽ ڏندن سان ڪرٽي کائيندي يا وات اندر وجھي سڄو ڳھي ڇڏيندي. ٻنهي صورتن ۾ ڄاڻ ته چيچلائي چيچلائي مئس. بس ھاڻ رڳو ان موت جو آئون انتظار ڪري سگھان ٿو. مون تکو تکو ھڪ ساھ ۾ پنهنجي زال ۽ ايندڙ نئين ٻار لاءِ الله کان دعا گھري.
پوءِ اھو ڪجھ ٿي پيو، جنهن جي ڪا اميد ئي نه ھئي، جنهن جو ڪو سوچي به نٿو سگھي. مون ڏٺو ته اھا شارڪ مون ڏي وڌڻ بدران، پاسيرو ٿي سڌو ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ سڌو ٿي پٺيان مڙڻ لڳي ۽ پوءِ ھڪ دفعو وري مون ڏي منهن ڪري پاسو ڏئي ٻي طرف تري وئي – پر ھي ڇا؟ سندس پٺيان پٺيان آئون به گھلجڻ لڳس.
منهنجي چيلھ جي پٽي سان ٻڌل سنهي رسي جيڪا ھن کان اڳ پاڻيءَ ۾ ائين ئي ڍري ٿي لڙڪي پئي، سا مڇيءَ جي پري ٿيڻ ڪري ڇڪجڻ لڳي ۽ مڇي سان گڏ آئون به ڇڪجڻ لڳس. دراصل آخري دفعي جڏھن شارڪ مڇيءَ مون تي حملو ڪيو ھو ته سندس چڪ مون کي لڳڻ بدران پلاسٽڪ جي ڇٻي کي وڃي لڳو ھو ۽ ھوءَ ڪنهن طرح سان ڇٻي جي ٻڌل رسيءَ ۾ وچڙي پئي ھئي ۽ پوءِ گھڻو ئي پاسا ورائي پاڻ ڇڏيائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر آجي نه ٿيڻ ڪري منهنجي پيئي ۽ ھاڻ ڊپ ۾ ڀڄي رھي ھئي. مون پنهنجو بيلٽ ھڪدم کولي پاڻ کي آجو ڪرڻ ٿي چاھيو پر منهنجي ٻانهن ۾ ايتري سگھ نه ھئي جو اھو پٽو کولي سگھان – خاص ڪري ساڄي ٻانهن ۾.
ھاڻ اسان ٻئي پاڻي اندر تکو تکو وڃي رھيا ھئاسين ۽ اتڪل ٽيھ چيليھھ فٽ کن سمنڊ اندر شارڪ پٺيان گھلبيو ويس. جيتوڻيڪ کاٻو ھٿ بيلٽ جي بڪل کولڻ ۾ لڳل رھيو. دل ئي دل ۾ مون چيو ته مڇيءَ منهنجي جان ڇڏي. ھاڻ ھيئن ٻڏي مرڻ کان ته پاڻ جيڪر بچائي وٺان. پوءِ آخري ڪرشمو رونما ٿيو. گھڻين سٽن اچڻ ڪري رسي پنهنجو پاڻ بيلٽ مان ڇڄي ڌار ٿي وئي ۽ ائون ھڪ دفعو وري آزاد ٿي ويس. ٻين مون کي ٻڌايو ته سمنڊ کان ڪنڌ ٻاھر ڪڍي آئون ھي ئي رڙيون ڪنديو رھيس: “شارڪ.... شارڪ.... شارڪ!” ۽ اھو ئي گھڻو ڪي ڪجھ ھو.
پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پنهنجن دوستن جا آواز منهنجي ڪنن تي پيا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مون وٽان اچي نڪتا. مون وڌيڪ ھٿوراڙيون ھڻڻ ڇڏي پنهنجو پاڻ ھنن جي حوالي کڻي ڪيو ۽ ھنن مون کي مٿي ڇڪي ورتو ۽ آئون مرڻ کان بچي ويس.
ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھ مون کي رسيل ايڏا اونها زخم ۽ ڌڪ ڏسي ڏڪي ويا. منهنجي ساڄي ٻانهن ۽ ساڄو ھٿ شارڪ جي وات ۾ اچڻ ڪري انهن تان ايترو ته ماس روڙجي ويو ھو جو جتان ڪٿان رڳو ھڏيون پئي نظر آيون. منهنجي ڇاتي، پٺ ۽ کاٻو ڪلھو سندس ڄاڙين ۾ چپجڻ ۽ رھنڊجڻ ڪري جتان ڪٿان چيرجي ويو ھو ۽ ڇاتيءَ جون پاسيريون، ڦڦڙ ۽ آنڊا نظر پئي آيا.
پوليس کي اطلاع ڪرڻ سان ھنن رڪارڊ قائم ڪرڻ واري حد تائين جھٽ پٽ ايمبولينس موڪلي مون کي اسپتال پھچايو، جتي قابل سرجن ۽ اسٽاف اڳواٽ تيار ھئا. مون کي آپريشن ٿيٽر ۾ ٽيبل تي ليٽائي نشو ڏنو ويو. اکين مٿان بلبن جي ٻرندڙ ڇٽ جي روشني ڏسندي ڏسندي چونجھي ٿي وئي. اک منهنجي ٻئي ڏينهن کلي ته منهنجي زال ڀر ۾ بيٺي ھئي.
مون چيو: “سور اٿم.”
جواب ۾ ھوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
ڊاڪٽر رڙھي اڳيان آيو ۽ آٿت ڏيندي چيائين: “گھٻرائڻ جي ڳالھ ناھي. ھاڻ بچي ويندين.”
اڄ پورن ٻن سالن بعد منهنجا ڦڦڙ چڱي طرح ڪم ڪري رھيا آھن، جيتوڻيڪ منهنجي ڇاتيءَ ۾ اڃا سيٽ ٿئي ٿي. منهنجو ھٿ جيتوڻيڪ ڏسڻ لائق شيءِ نه رھيو آھي، پر آئون ان کي چوري پوري سگھان ٿو. منهنجي ڇاتيءَ، پٺ، دڏ ۽ ڪلھن تي مڇيءَ جي چڪن ۽ آپريشن جي وڍ ڪٽ ۽ ٽوپن جا ڪيترا ئي نشان ۽ داغ آھن.
ھڪ خدا ئي ڄاڻي ٿو ته مون نٿي چاھيو، پر منهنجي زال شروع کان ئي محسوس ڪيو ته ھڪ ڏينهن آئون وري غوطا خوري لاءِ ويندس. انسان اڌ ماڻھو آھي – جيڪڏھن خوف ھن تي واسو ڪري وڃن. صحتياب ٿيڻ کان پورا پنج مھينا پوءِ، آئون سمنڊ تي وري موٽي آيس ۽ پنهنجا ڊپ ڊاءَ اتي ئي اچي ڦٽا ڪيم جتان مون کي مليا ھئا.
پر ھاڻ منهنجي اڄ جي غوطا خوري اڳ کان بلڪل نرالي آھي – مون کي جيتوڻيڪ پاڻ تي وري اعتماد اچي ويو آھي ۽ دانائي پڻ. ان جو مطلب اھو ناھي ته آئون ڪو شارڪ سان مقابلو ڪرڻ ٿو چاھيان. ھونءَ به زندگيءَ ۾ ٻيا جوکم جا ڪم ڪي گھٽ آھن جو اجايو پاڻ لاءِ پاڻھي ھڪ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪريان.
سو بهرحال! ھاڻ غوطا خوريءَ جي مقابلي کان پري ئي رھندو آھيان ۽ ان سمنڊ جي حصي ۾ اھي ئي دلير غوطا خوري مقابلي ۾ حصا وٺندا رھندا، جن پنهنجين ڇاتين تي شارڪ مڇيءَ جون ڄاڙيون محسوس نه ڪيون ھونديون.



No comments:

Post a Comment