Sunday, February 20, 2011

دهليءَ جي جهوني ۾ جهوني لئبريري - الطاف شيخ

دهليءَ جي جهوني ۾ جهوني لئبريري

الطاف شيخ
پراڻي دهليءَ ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ”هريال ميونسپل پبلڪ لئبريري“ دهليءَ جي سڀ کان پراڻي لئبريري آهي. چاندني چؤڪ ۾ ٺهيل ڦوهاري کان پراڻي دهلي ريلوي اسٽيشن ڏي وڃبو ته واٽ تي کاٻي پاسي راڻي باغ جي ڪلارڪ (Clarke) گيٽ وٽ Colonial نموني جي عمارت نظر ايندي. ان جهڙيون انگريزن جي ڏينهن جون Colonial عمارتون ڪراچي صدر ۾ به اڃا موجود آهن. راڻي باغ اڄڪلهه گانڌي ميدان به سڏجي ٿو. پراڻن ڏينهن ۾ اهو ڪمپني باغ سڏبو هو. لئبريريءَ جي هيءَ عمارت ڪاريا پل تان ئي نظر اچي ٿي. هيءَ لئبريري انگريزن ۽ يورپين جي مطالعي ۽ وقت گذارڻ لاءِ 1862ع ۾ ٺهي هئي، بعد ۾ مڪاني ماڻهن يعني انڊين کي به اچڻ جي اجازت ڏني وئي. 

 
هن لئبريري جي وجود ۾ اچڻ جي به دلچسپ ڪهاڻي آهي. اوڻهين صديءَ ۾ اڃا هوائي جهاز هلڻ شروع نه ٿيا هئا. انگلينڊ کان انگريز آفيسر ڇهن ڇهن سالن لاءِ انڊيا بدلي ڪيا ويندا هئا جيڪي ان وقت جي هوائن جي رحم و ڪرم تي هلندڙ سڙهن وارن جهازن ۾ ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ آگبوٽن ذريعي انڊيا پهچندا هئا. لنڊن کان منزلون ڪاٽيندا، سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪندا، ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي هندستان جي بندرگاهه سورت يا بمبئيءَ ۾ ست اٺ مهينن بعد اچي پهچندا هئا. ڊگهي سامونڊي سفر ۾ وقت پاس ڪرڻ لاءِ هو پاڻ سان ڪتابن ۽ رسالن جون ڀريون ٻڌي نڪرندا هئا ۽ انڊيا پهچڻ تي اهي هنن جي ڪم جا نه رهندا هئا. بندرگاهه جا واسطي طار آفيسر اهي ڪتاب گڏ ڪري ريڊنگ ڪلب ۾ رکندا هئا. اتان پوءِ لارينس انسٽيٽيوٽ  ٺهڻ تي ان جي لئبريريءَ ۾ رکيا ويا. اها عمارت 1861ع ۾ ٺهي ۽ اڄڪلهه ٽائون هال آهي. 1902ع ۾ اها لئبريري جيڪا هاڻ دهلي پبلڪ لئبريري جي نالي سان سڏجي وڃي ٿي، ”ڪچا باغ“ شفٽ ڪئي وئي. 23 ڊسمبر 1912ع تي انگريز حاڪم لارڊ هارڊنگ تي آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙن بم اڇليو. جنهن جي اڳواڻي لالا هرديال ڪري رهيو هو. لارڊ هارڊنگ ان وقت هاٿيءَ تي چڙهي چاندني چؤڪ مان لنگهي رهيو هو. هو بنا ڪنهن زخم جي بچي ويو. ٻي حياتي ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ هن اتي دهلي پبلڪ لئبريري جي لاءِ نئين عمارت ٺهرائن جو اعلان ڪيو. هن ان ڪم لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي ان جو صدر لالا شيئو پرساد مقرر ٿيو. ڪميٽيءَ ستر هزار روپيا گڏ ڪيا جن مان چوڏهن هزار خان صاحب حاجي بخش الاهيءَ ڏنا ۽ ڏهه هزار ڪشمير جي مهاراجا ڏنا.
1916ع ۾ هيءَ لئبريري نئين عمارت ۾ شفٽ ڪئي وئي ۽ سندس نالو هارڊنگ ميونسپل پبلڪ لئبريري رکيو ويو، جيڪو پوءِ 1970ع ۾ بدلائي ”هرديال ميونسپل پبلڪ لئبريري“ رکيو ويو. لئبريري ۾ هندي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنسڪرت جا هڪ لک ستر هزار ڪتاب آهن، سڀ ۾ پراڻو ڪتاب Relation of Some Years. آهي جيڪو Travail Begvenne. جو 1634ع ۾ بلاڪ پرنٽنگ ذريعي لنڊن ڇپيو هو. هي ڪتاب ايشيا ۽ آفريڪا جو سف نامو آهي.
هن لئبريري ۾ ڪجهه ٻيا پراڻا ڪتاب هن ريت آهن:
”دنيا جي تاريخ، هن جا پنج واليوم آهن جن جو مصنف Sir Walter Raleigh آهي ۽ هي ڪتاب 1676ع جو ڇپيل آهي ۽ هڪ ٻيو ڪتاب 1870ع جو آهي، جيڪو لکنؤ جي برٽش ڪمانڊر جي زال مسز. آر. سي. جرمون جي لکيل ڊائري آهي. ان قسم جا هڪ سؤ سالن کان مٿي پراڻا ۽ بي بها ڪتاب هن لئبريريءَ ۾ ڇهن هزارن کان به مٿي ٿيندا.
مٿي ذڪر ڪيل ٻن انگريز آفيسرن: جان لارينس ۽ لارڊ چارلس هارڊنگ بابت ٻه اکر لکڻ ضروري  سمجهان ٿو جن جو انڊيا سان گهڻو تعلق رهيو.
جان لارينس 4 مارچ 1811ع تي انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ 1864ع کان 1869ع تائين انڊيا جو وائسراءِ ٿي رهيو. پاڻ سنه 1829ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سر هينري مانٽگميري سان گڏ انڊيا ۾ آيو. هي ٿورو ئي عرصي ۾ دهليءَ جو مئجسٽريت ٿيو ۽ پوءِ ٽيڪس ڪليڪٽر. سکن جي پهرين لڙائي (46_1845ع) ۾ لارينس پنجاب جي جالنڌر ضلعي جو ڪمشنر ٿيو ۽ سندس وڏو ڀاءُ سڄي صوبي (پنجاب) جو گورنر هو. هن شخص هندستان ۾ ستيءَ جي رسم ختم ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. 1859ع ۾ جان لارينس پنهنجي وطن (انگلينڊ) روانو ٿيو ۽ چئن سالن بعد 1863ع ۾ کيس وري انڊيا جو موڪليو ويو. هن ڀيري کيس ”وائسراءِ“ جي پوسٽ تي رکيو ويو ۽ پنج سال وائسراءِ ٿي رهيو. پاڻ سن 1879ع ۾ وفات ڪيائين.
لارڊ چارلس هارڊنگ به انڊيا جو گورنر جنرل ۽ وائسراءِ ٿي رهيو. سن 1858 ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو. 1880 ۾ انگلينڊ جي ڊپلومئٽ سروس ۾ داخل ٿيو ۽ 1904ع ڌاري سفير جي حيثيت سان روس موڪليو ويو. 1910ع کان 1916ع تائين هو دهليءَ جو گورنر  جنرل ۽ پوءِ وائسراءِ ٿي رهيو. هن جي ڏينهن ۾ انگلينڊ جو بادشاهه جارچ پنجون ۽ راڻي مئري 1911ع ۾ انڊيا گهمڻ آيا. هن جي ڏينهن ۾ ورلڊ وار پهرين لڳي جنهن ۾ انگريزن سان گڏ ننڍي کنڊ جي ماڻهن پڻ انگريزن جي بچاءَ لاءِ حصو ورتو. هن جي ڏينهن جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته هونءَ جون انگريز حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتو هو، اهو بدلائي دهلي ڪيو ويو. لارڊ هارڊنگ 1944ع ۾ پنهنجي وطن انگلينڊ  ۾ وفات ڪئي. هن جي يادگيرين جو لکيل ڪتاب My Indian years 1910-1916 پڙهڻ وٽان آهي، جيڪو 1948ع جو ڇپيل اهي. ان کان پوءِ ٻيا ڇاپا به ضرور نڪتا هوندا ۽ شايد Web site، تي به اچي چڪو هجي پر منهنجي پراڻي جهازي لئبرري ۾ 1948ع  جو ڇاپو هو جيڪو جهاز جا ٻيا آفيسر به وڏي شوق سان پڙهندا هئا. خاص ڪري سياري جي سرد ۽ ڊگهين اونداهين راتين ۾ يا ڊگهن سامونڊي سفرن ۾، وقت گذارڻ لاءِ.
انڊيا ۾ سنڌي
بڙودا ۾ ايڪسپريس فوٽو شاپ جي مالڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ پليئر جاويد ميانداد جو والد صاحب پاڪستان لڏي وڃڻ کان اڳ بڙودا ۾ پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو.
لڏپلاڻ وقت احمد آباد، بڙودا توڙي گجرات ۽ مهاراشٽراصوبن جا مسلمان سنڌ ۾ آيا جو هنن لاءِ پاڙيسيري صوبو هو. سنڌ ۾ هي جيڪي ڪڇي ميمڻي، گجراتي، ڪاٺياواڙي زبانو ڳالهائيندڙ ڏسو ٿا اهي انڊيا جي هنن صوبن جي مختلف ضلعن جا آهن ۽ هو پاڻ کي انهن ضلعن ۽ شهرن جي نالن جيت پور، ڪتيانا، ڪاٺياواڙ، ماندوي وغيره جي حوالن سان سڏائين ٿا. سنڌ کان جيڪي سنڌي هندو انڊيا آيا اهي به پهرين هنن صوبن ۾ آيا ۽ پوءِ وقت سان گڏ انڊيا جي ٻين صوبن ۾ به ٽڙي پکڙي ويا. اڄ به سنڌي هندو گجرات ۽ مهاراشٽرا ۾ گهڻا رهن ٿا. جڏهن سنڌ بمبئيءَ سان مليل هئي تڏهن به اسان جا وڏا جيتوڻيڪ ڪجهه علي ڳڙهه پاسي ويندا هئا باقي گهڻا تڻا هيڏانهن پوني، بمبئي جي جهونا ڳڙهه پاسي ايگريڪچلر،  ڊاڪٽري، وڪالت ۽ تعليم جي ٻين برانچن، واپار ۽ گهمڻ لاءِ آيا ٿي. بڙودا جي هن جهوني سنڌي فوٽو گرافر ٻڌايو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بڙودا ۽ احمد آباد وغيره ۾ تمام گهڻا سڌندي رهن ٿا ويندي سنڌين جون رهائشي ڪالونيون به آهن پر سڀ کان گهڻا ممبئي، الهاس نگر ۽ ٿاني پاسي رهن ٿا. ان سلسلي ۾ رميش ڪتيجا نالي هڪ هندو سنڌيءَ جو مضمون پڙهيو هوم جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته ايم ايم آر يعني Mumbai Mertropolitan Region جنهن ۾ گريٽر ممبئي جو ضلعو، ٿاني شهر، نئين ممبئي ۽ الهاس نگر جهڙا تعلقا ۽ راءِ ڳڙهه ضلعي جا ڪجهه حصا اچي وڃن ٿا، ڏهه لکن کان مٿي سنڌين جا گهر آهن.
ممبئي (بمبئي) جا علائقا  جن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي رهن ٿا اهي آهن: چيمبر سنڌي ڪالوني، ڪوليوال ۾ سنڌ سيوا سمتي نگر، سيان سنڌي ڪالوني، مولند ايسٽ ۾ شاهاڻي ڪالوني ۽ مولند ويسٽ ۾ سنڌ ڪالوني. ان کان علاوه ڪولابا، چرچ گيٽ، وارڊن روڊ، نيپين سي روڊ، ڪلبا ديوي، ماهيم، کار، باندرا، گهاٽڪو پار ۽ پووائيءَ ۾ به ڪافي سنڌي رهن ٿا. الهاس نگر انڊيا جو واحد شهر آهي جنهن ۾ سنڌين جي اڪيلي ميجارٽي آهي. (هي اهو شهر آهي جتي جي الهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن جي ڪارخانن جون ٺهيل شيون USA  جي نالي سان وڪامن ٿيون. جن جو تفصيلي ذڪر ”دنگي منجهه درياه“ ڪتاب ۾ ڪيو اٿم).
ممبئي پاسي جا هي سنڌي انڊيا جي ٻين هنڌن تي رهندڙ سنڌين کان وڌيڪ سکيا ستابا آهن. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي اباڻي وطن کان هٿين خالي آيا پنهنجي محنت، عقل، هنر ۽ لڳاتار جدوجهد سان غريب ڏتڙيل ڪميونٽي مان امير ترين ڪميونٽي بڻجي ويا جن جو مثال دنيا ڏئي ٿي. چي اهڙو محنتي جهڙو سنڌي هندو. ايڏو هنر مند ۽ جفاڪش جهڙو سنڌي هندو، اهڙو سخي مرد جهڙو سنڌي هندو.
شروع ۾ مڪاني ماڻهو هنن نون آيل ماڻهن کي ڌڪاريندا هئا ته هٿين خالي اچي هر واپار وڙي ۽ تعليمي فيلڊ ۾ اڳيان وڌي ويا آهن پر هاڻ مختلف ڪهاڻي آهي. هو ڏسن پيا ته هنن سنڌين جي ڪري سندن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ خوشحالي آئي آهي. وڌيڪ ڌنڌا ڌاڙيون ۽ ڪمائڻ جا ذريعا پيدا ٿيا آهن. هي سنڌي ٻين صوبن کان آيل ماڻهن جيان ڪمايل پئسو پنهنجي صوبي ۾ موڪلڻ بدران هتي ئي لڳائين ٿا، غريبن جي مدد ڪن ٿا، خير خيرات ڪن ٿا، مفت جي علاج ۽ تعليم خاطر اسپتالون ۽ اسڪول کولين ٿا. هو جتي رهن ٿا ان ڌرتيءَ کي ”ڪرم ڀومي“ ۽ ”جنم ڀومي“ سمجهن ٿا. هو ٻين ڌارين (مرهٽن، تاملن، بنگالين، بهارين وغيره)  کان بلڪل مختلف آهن.
ممبئي، الهاس نگر، ٿاني وغيره ۾ سنڌين جي گهڻائي هجڻ ڪري تعليمي ادارن جو تعداد تمام وڏو آهي جيڪو سنڌي ماڻهن جي چندن سان وجود ۾ آيو آهي. حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيٽ بورڊ، دي ڪشنچند چيلارام ايڊيو ڪيشن ادارا، “The Inlacs”، دي ساڌو بيلاس تعليمي ادارا، دي پر سرام  پارومل تعليمي ادارا، دي سنڌي ايڊيو ڪيشنل سوسائٽي انهن چند اسڪولن ۽ ڪاليجن مان آهن جيڪي سنڌين انڊيا جي فقط هن اولهه ڏکڻ واري حصي ۾ ٺهرايا آهن. هن ۾ انهن تعليمي ادارن جو ذڪر بلڪل نه ڪيو ويو آهي جيڪي سنڌين انڊيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کوليا آهن يا ويندي  ڀر وارن شهن، احمد آباد، بڙودا، پوني وغيره ۾ ٺهرايا آهن.
پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهي ۾ انهن سڀني تعليمي ادارن ۾ گهڻو ڪري سنڌي ميڊيم آف انسٽرڪشن هئي ۽ سبجيڪٽ طور ڪاليج جي مٿاهين ليول تائين پڙهائي وئي ٿي. وقت سان گڏ انگريزيءَ جو مان مٿاهون ٿيندو پيو وڃي ۽ انڊيا توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جي اسڪولن وانگر هتي به سنڌي بدران انگريزي ميڊيم آف اسنٽرڪشن ٿيندو وڃي. پر ان هوندي به اڃا تائين ڪيترائي سنڌي اسڪول آهن خاص ڪري هن ممبئي پاسي، ۽ سنڌين طرفان ٺهرايل ڪاليجن ۾ سنڌي سبجيڪٽ طور پڙهائي وڃي ٿي. ”ممبئي يونيورسٽي“ Ph.D ليول تائين سنڌي سبجيڪٽ تسليم ڪري ٿي. سنڌين لاءِ انڊيا جي هن علائقي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن جو سنڌين جي ٺهرايل سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌين لاءِ چاليهه سيڪڙو سيٽون رکيل آهن.
گجرات ۽ ممبئيءَ جو هي پاسو اهڙو آهي جتي اڄ به سنڌي گهڻي ڀاڱي اصلي اسٽائيل ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ٻين صوبن ۾ ڳالهائڻ جي لهجي تي مڪاني زبان جو گهڻو اثر ٿي ويو آهي. ممبئي  پاسي توهان کي سنڌين جون اهڙيون ڪميونٽيون، ملنديون جيڪي حيدرآباد نج سنڌيءَ کان علاوه شڪارپوري،  لاڙي، لاسي، ٺٽي ٿري ۽ اپر ۽ لورو سنڌ جي ٻين لهجن ۾ سنڌي ڳالهائين ٿيون. سنڌين جي گهرن ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي مڪسچر ۾ ڳالهه ٻولهه هلي ٿي جنهن ۾ مڪاني زبانن مرهٽي، گجراتي وغيره جا به ڪجهه ڪجهه لفظ استعمال ٿين ٿا.
ڪنهن وقت ۾ انڊيا مان ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون نڪتيون ٿي. هاڻ پڙهڻ وارن جي کوٽ ڪري اهي اخبارون هڪ هڪ ٿي بند ٿي ويون آهن. عربي رسم الخط واري سنڌي اخبار هاڻ فقط هڪڙي وڃي بچي آهي. جيڪا گجرات صوبي جي شهر احمد آباد مان نڪري ٿي ٻه ٽي مئگزينون نڪرن ٿيون جن مان هڪ Spoon مشهور آهي جيڪا پارو ۽ ٺاڪر چاوله جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. سنڌيءَ جا اهم ۽ وڏا ليکڪ هڪ هڪ ٿي الله کي پيار ٿا ويا يا ٻڍاپي جي دؤر مان گذري رهيا آهن. سندري اتم چندراڻي، اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي جهڙن ليجنڊن کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ڄڻ ته مڪمل بليڪ آئوٽ جو سمو ٿو پسجي.
هڪ ٻه ڏهائي سال اڳ تائين سنڌي ڊراما ڪندڙن جا ڪجهه گروپ ۽ آرٽسٽ ضرور هئا جن مختلف ٿيٽرن ۾ ڊراما ڪيا ٿي. هاڻ انهن جو تعداد پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽبو وڃي. مس انيلا سندر هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو اڃا سنڌي ڊرامن کي جياريندو اچي. انڊيا  ۾ ڪا سنڌي ٽي وي ناهي. سال ٻن کان دبئي ۽ بئنڪاڪ جهڙين جاين تان KTN ۽ سنڌ ٽي وي جهڙن چئنلن انڊيا جي سنڌي ڪميونٽيءَ ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ڪئي آهي.
سنڌين جي لڏي اچن کان اڳ انڊيا ۾ ”ڪو آپريٽو  هائوسنگ سوسائيٽنز“ جو رواج نه هو .اهي سنڌي هئا جن ممبئي جي علائقي ڪولابا (Colaba) ۾ پهرين ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ٺاهي سا به اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ. اڄ اهو Concept سڄي ممبئي ۾ عام ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي سنڌين هائوس ڪنسٽرڪشن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. هيرا ننداڻي، ۽ راهيجا، انڊيا جا مشهور ۽ ڪامياب بلڊر آهن. هنن جي ”گهريلو Complees جو سڄي انڊيا ۾ ڪو مقابلو ڪرڻ وارو ناهي.
ممبئي پاسي رهندڙ سنڌي انجنيئر، ڊاڪٽر، وڪيل ضرور آهن پر سندن گهڻائي واپار ڪري ٿي. هنن جي اچڻ کان اڳ هن تر ۾ گجراتين، مارواڙين ۽ بوهرين جو بزنس تي هولڊ هو پر محنت، عقل ۽ واپاري ڄاڻ کان ڪم وٺي سنڌي سڀ کان اڳ نڪري ويا آهن. ڪپڙي جي مارڪيٽن، الڪٽرانڪ جي مارڪٽين ۽ هول سيل جي فليڊ ۾ سندن ڪو مقابلو ڪري نٿو سگهي. هنن جي بنيادي سوچ High Turn over and low profitability.  هنن کي ڀاڳ ڌڻي بنائي ڇڏيو آهي.
سنڌين جا ڪٽڪ بالي ووڊ ۾ گهڙي پيا آهن. اڄ فلمي دنيا ۾ ڪيترائي سنڌي فنائنسر، ڊائريڪٽر، ايڪٽر، ايڪٽريسون ۽ ٻيا آرٽسٽ قومي ۽ بين الاقوامي فيم جا آهن، سپي، ڀاڳناني، توراڻي انهن مان ڪجهه ڪامياب نالا آهن فلمي دنيا ۾ سنڌين جي هيڏي طاقت هوندي به اها سنڌي فلمن کان خالي آهي.
هن پاسي جي سنڌي ڪميونٽي ۾ سنڌي ڊاڪٽرن ۽ سنڌين جي ٺهرايل اسپتالن جو به وڏو نالو آهي. اهي اسپتالون نه فقط اميرن لاءِ آهن پر غريبن لاءِ پڻ. پيڊار روڊ تي جسلوڪ اسپتال، ماهيم ۾ ”هندوجا“ اسپتال دنيا جي مقابلي جون اسپتالون آهن جن تي انڊيا کي فخر آهي. انهن کان علاوه سنڌين جون ٻيون به ڪيتريون ئي اسپتالون، نرسنگ گهر ۽ ڊسپينسريون آهن جتي اميرن توڙي غريبن جو علاج ٿئي ٿو. چيمبور  ۾ Inlac`s Hospital  پڻ انهن مان هڪ آهي. هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ ممبئي جي علائقي پووائي (Powai) ۾ ڊاڪٽر ايل، ايڇ هيراننداڻي اسپتال شروع ٿيڻ واري آهي، جنهن کي دنيا جي اعليٰ ترين اسپتال چئي سگهجي ٿو.
الهاس نگر جيڪو ڪنهن زماني ۾ غريب ڏٽريل سنڌين جو شهر سڏيو ويو ٿي اڄ دنيا جي ماڊرن شهرن مان هڪ آهي جيڪو بازارين، شاپنگ مالن، فيڪٽرين کان ڄڻ ته ڦاٽي ٿو ۽ سنڌين پنهنجي جياپي جو مثال قائم ڪيو آهي. ڪنهن سچ چيو آهي ته:
“The Community indeed is imperishable, If miniscule community of parsi` can survive Sindhis sure will”.

No comments:

Post a Comment