Sunday, February 20, 2011

رڍن جا جھاز ۽ مسئلا - الطاف شيخ

رڍن جا جھاز ۽ مسئلا

الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ڪارون کڻندڙ، ڪاٺ کڻندڙ ۽ ٻين جهازن جي ڳالهه ڪئي. جهاز هلائيندڙن کي جتي سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ جهاز هلائڻ لاءِ مشينن کي صحيح رکڻو پوي ٿو، اتي ڪارگو جي حوالي سان هر جهاز تي جيڪي مسئلا ٿين ٿا، انهن کي به مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن تيل کڻندڙ جهازن (Oil tankers) تي باهه لڳڻ جو خطرو ٿئي ٿو. تيل جي ڪري جهاز جي چوڌاري ڌماڪيدار گئسون (Methane، Ethane ۽ پروپين وغيره) رهن ٿيون ۽ معمولي چڻنگ جهاز تي ڌماڪو پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري آئل ٽئنڪر جهاز تي سگريٽ ڇڪڻ جي ته اجازت ناهي، پر ڪا لوهه شيءِ ويندي واچ ٻڌي به ڊيڪ تي هلڻو ناهي، متان اها جهاز جي لوهي ڀتين تي لڳي، ڪا چڻنگ پيدا ڪري ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجي. آخر سگريٽ لائيٽر ۾ به هڪ معمولي چڻنگ تڏهن ئي ٿي پيدا ٿئي، جڏهن لوهه جي ٻن ننڍڙن ڦيٿن کي اسان هڪ ٻئي سان رڳڙيون ٿا.
ڪيميڪل کڻندڙ يا ڪمپريسڊ گئسون کڻندڙ جهازن تي ته، اڃا به وڌيڪ خبردار رهڻو پوي ٿو، جو پاڻيءَ جي صورت ۾ اها گئس (Liquefied gas) يا مختلف ڪيميڪل، انسان جي جسم کي ته ڇا لوهه کي به ساڙيو رکن، جيئن تيزاب ٿو جلائي. ڪاٺ کڻندڙ جهازن جا پنهنجا مسئلا آهن، جن تي ٿوري به بي خياليءَ ڪري، اهو ڪاٺ جيڪو هلڪو ٿئي ٿو، سمنڊ جو يا مينهن جو پاڻي جذب ڪري، ايترو ته ڳرو ٿيو پوي جو جهاز جي Stability کاريو رکي ۽ جهاز ٻُڏيو وڃي. جهاز تي رکيل سامان (Cargo) کي باهه به لڳيو وڃي، جنهن کي وسائڻ جا به بندوبست آهن. جهاز جي چوڌاري پاڻي جام ۽ اڻ کٽندڙ آهي. جهاز جي انجڻ روم توڙي ٻين هنڌن تي اليڪٽرڪ توڙي ڊيزل جا پمپ به جام آهن. رڳو بٽڻ کي دٻائڻو آهي ۽ پاڻيءَ سان باهه وسائڻي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته جهاز باهه لڳڻ ڪري تباهه نه ٿيندو آهي، پر باهه وسائڻ ڪري خاص ڪري باهه لڳل ڪارگو ڪنهن قسم جو اناج آهي ته پاڪستان ۾ چانور جام ٿا ٿين، جيڪي اسان جپان يا يورپ جي ملڪن ڏي کڻيو ٿا وڃون، سي ڪڏهن ڳوڻين ۾ ته ڪڏهن Bulk ۾، يعني ڦوهارن ذريعي جهاز جا هئچ (گودام) چانورن سان ڀريا وڃن ٿا ۽ ڦوهارن ذريعي ٻاهر ڪڍيا وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اناج جي گدامن ۾ باهه لڳي سگهي ٿي، ان صورت ۾ اسان جي اهائي ڪوشش رهندي آهي ته، باهه لڳل هئچ جا دروازا چڱيءَ طرح بند ڪري، Seal ڪري ڇڏجن، جيئن ٻاهر جي هوا اندر نه وڃي ۽ باهه آڪسيجن جي کوٽ ڪري وسامي وڃي. يا گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ٻه ائين ڪڍي وٺجي، جيئن بندرگاهه تائين پهچي وڃجي ۽ بندرگاهه جي فائربرگيڊ کان مدد وٺجي، ڇو جو اناج ۾ لڳل باهه جي جيڪڏهن شروعاتي ليول تي ڄاڻ ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري پاڻيءَ سان وسامي وڃي ته صحيح آهي، نه ته گهڻي پاڻيءَ جي حالت ۾ جيتوڻيڪ باهه ته مڪمل طرح وسامي سگهي ٿي، پر ڏينهن ٻن بعد جهاز جون لوهي ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ سمنڊ جو پاڻي اندر اچي جهاز کي ٻوڙي سگهي ٿو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري چانور Expand ٿين ٿا ۽ کين جاءِ نه ملڻ ڪري ايڏو ته پريشر Develop ٿئي ٿو، جو جهاز جي لوهي ڀتين جا ويلڊ به اڊڙيو پون.

 
گهٽ مسئلا وهٽ/ چوپايو مال ڍوئيندڙ جهازن (Cattle ships) تي به نٿا ٿين. حيدرآباد کان ڪراچي تائين، يا کڻي لاهور کان ڪراچيءَ تائين، رڍن، ٻڪرين يا ڍڳين کي ٽرڪن ۾ پهچائڻ ڪو اهڙو مسئلو ناهي، پر پاڻيءَ جي جهاز تي انهن کي هزارن جي تعداد ۾ ڍوئڻ، سو به هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ نه، پر ٽن چئن هفتن لاءِ، وڏي سوچ ويچار جي ڳالهه آهي. تيل، ڪارون، ڪاٺ يا اناج ته ائين ئي هئچن ۾ پيو آهي، پر چوپايو مال ته ساهه واري شيءِ آهي، جنهن جي گالهه پٺي ۽ پاڻيءَ جو خيال هڪ طرف ڪرڻو پوي ٿو ته، سندن ڇيڻن ۽ ڦولهڙين جو نيڪال ٻئي طرف ڪرڻو ٿو پوي. دنيا جي هڪ ملڪ کان ٻئي ڏي ويندي، رستي تي موسم ۾ فرق اچي ٿو يا هونءَ ئي رکي رکي کين ڪا بيماري ٿي سگهي ٿي ۽ جانورن جون ڪي بيماريون وچڙندڙ ٿين ٿيون ۽ جڏهن اهي جانور هڪ ٻئي پويان مرڻ لڳن ٿا ته، کين سمنڊ ۾ اڇلڻ به مسئلو ٿيو پوي. سمنڊ ۾ به جتي ڪٿي توهان هر شيءِ اڇلي نٿا سگهو. هي ته هيڏو سارو جانور ٿيو- سو به هڪ نه ٻه، هي ته ڊزنن جي حساب سان مرن ٿا، ڇو جو ڪن ڪن جهازن تي هڪ لک کان به مٿي رڍون ٻڪريون چڙهن ٿيون، جن ۾ روز ايتري تعداد ۾ موت ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
رڍن ٻڪرين يا ڍڳين جي ٽرانسپورٽ جي، گذريل صدي جي شروعات واري اڌ (1950ع) تائين، ڪا ضرورت نه پئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڀلي نسل جا گهوڙا، اُٺ يا ڍڳيون، مينهن، سانَ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، پالڻ جي شوق لاءِ جهاز رستي ويندا هئا، جيڪي پوءِ هوائي جهاز ۾ به وڃڻ لڳا، پر پاڻيءَ جي جهاز رستي وڏي پيماني تي ٽرانسپورٽ، ستر جي ڏهاڪي کان شروع ٿي، جڏهن عربن وٽ تيل مان پئسو آيو.
ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته عرب کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن. هنن وٽ جڏهن تيل نه نڪتو هو، سخت غربت هئي، ايتريقدر جو حيدرآباد دکن جو نواب توڙي ٻيا ننڍي کنڊ جا ماڻهو، پنهنجون زڪواتون ۽ خيرات، حج دوران عربن ۾ ورهائيندا هئا، تڏهن به روزي تي رهيا ٿي يا وري چڱي طرح گوشت کاڌائون ٿي. پر ان وقت هنن پنهنجي مڪاني جانور اُٺ تي گذارو ٿي ڪيو. مونکي ياد آهي ته 1968ع ۾ اسان جو ٻه ٽي دفعا جڏهن لبنان جي شهرن طرابلس ۽ بيروت اچڻ ٿيو ته، اهڙن ماڊرن ۽ امير هنڌن تي به بن ڪواب، قيمي جو ٻوڙ يا عرب ملڪن جي مشهور سئنڊوچ- شورما ۾ اُٺ جو گوشت استعمال ٿي ٿيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عرب دنيا ۾ تيل جي دولت اچي وئي. يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ عرب سير سياحت ڪندي نظر اچڻ لڳا. مون انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکيو آهي ته عربن مان يورپين جي ايڏي ڪمائي ٿي ٿئي، جو لورپول (انگلينڊ) جهڙين هوٽلن ۾ عربيءَ ۾ لکيل مينو ۽ اشتهار نظر اچن ٿا. عربن جو اهڙي طرح برگر، اسٽيڪ، مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙين شين لاءِ ٽيسٽ ڊيولپ ٿيو ۽ کين اُٺ جو گوشت مڪروه لڳو. هو فروزن چڪن (ڪڪڙ جو گوشت)، ڊئنمارڪ ۽ اسپين مان ۽ فروزن مٽن ۽ بيف (رڍ ۽ ڳئونءَ جو گوشت) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مان گهرائڻ لڳا. سڄي عرب دنيا ۾ يورپي ۽ آمريڪي فاسٽ فوڊ جون هوٽلون/ ريسٽورنٽون کُلي ويون ۽ وئي گوشت جي ڊمانڊ وڌندي. ان دوران گوشت سپلاءِ ڪندڙ ڪجهه يورپي ڪمپنين سوچي سمجهي يا غير ارادي طور فراڊ به ڪيو ۽ سوئر جي گوشت جو قيمون ڳائي گوشت جي نالي ۾ موڪليندا رهيا- خبر مشهور ٿيڻ تي هو ڪچو گوشت گهرائڻ بند ڪري، جيئرا جانور گهرائڻ لڳا، جيئن انهن کي پنهنجي اکين اڳيان، اسلامي طريقي سان ذبح ڪيو وڃي.
هونءَ فروزن گوشت جيڪو اسان عام ڪارگو جهازن جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ يا ريفريجريٽيڊ ڪارگو جهازن (Refers) ۾ کڻي ايندا هئاسين، هاڻ جيئريون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون ڍوئڻ لاءِ هڪ خاص قسم جا جهاز نڪري پيا. انهن جهازن ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه جانورن جو خيال رکڻ ۽ کين چارو کارائڻ وارا، صفائي ڪرڻ وارا ۽ جانورن جا ڊاڪٽر پڻ چڙهن ٿا. ان هوندي به خراب موسم ۽ گرميءَ ڪري ڪيترائي جانور مريو وڃن. انجڻ جي خراب ٿيڻ تي انسان ته هوا خوريءَ لاءِ ڪمرن مان ٻاهر نڪري، ڊيڪ تي اچي سگهن ٿا. هيترن سارن جانورن کي ڪاڏنهن ڪجي؟ جنريٽر جي بند ٿيڻ تي، جانورن جي لوهي واڙن جو Ventilation سسٽم بند ٿيو وڃي ۽ ٻوسٽ توڙي گرميءَ ڪري، جنهن نموني سان هي بي زبان جانور چيچلائي چيچلائي مرن ٿا، اهو هڪ ڏکوئيندڙ نظارو آهي. يا باهه لڳڻ تي اسان انسان ته ٻيڙين رستي جهاز تان لهيو وڃون، پر معصوم رڍون جيئري باهه حوالي ٿيو وڃن. کين سمنڊ ۾ به نٿو لاهي سگهجي، جو اهي ڪتي يا ٻلي جيترو به تري نٿيون سگهن. رڍ، ٻڪري هجي يا ڍڳي، سمنڊ ۾ ڪِرڻ بعد اها سڌو هيٺ هليو وڃي. ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۽ USA جون “جانورن جو خيال رکڻ واريون تنظيمون” احتجاج ڪنديون رهن ٿيون ته، گگدام چانورن تي ڪهل ڪريو ۽ انهن جي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ ٽرانسپورٽ بند ڪريو، پر ان معاملي ۾ نه عرب ملڪ گهرائڻ بند ڪندا ۽ نه وري نيوزيلينڊ، آسٽريليا يا آمريڪا وارا موڪلڻ بند ڪندا. ڇو ته انهن ملڪن جي رڍن جي اُن (Wool) مان وڏي ڪمائي آهي. ٻه ٽي سال رڍن مان اُن ڪڍڻ بعد انهن کي ڪوس خاطر، عرب ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ڏي موڪليو وڃي ٿو.
دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مال (رڍون توڙي ڳائو مال) عرب ملڪ ۽ جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا، برونائي وغيره گهرائي ٿو ۽ سڀ کان گهڻو ايڪسپورٽ آسٽريليا مان ٿئي ٿو. گذريل سال آسٽريليا چالهه لک رڍون ۽ اٺ لک ڳائو مال، مختلف ملڪن ڏي موڪليو. اهڙيءَ طرح نيوزيلينڊ ۽ آمريڪا وغيره ڪوس جا جانور ايڪسپورٽ ڪري ٿو. اڄڪلهه جو ماڊرن جهاز هڪ لک کان سوا لک کن رڍون کڻي سگهي ٿو. جهاز تي ڍوئجڻ وارا هي جانور جهاز جي حادثي (ٻُڏڻ يا سڙڻ) تي ته مرن ٿا ۽ پر هڪ عام سفر ۾ به ڪيترائي جانور بک، گرمي Heat stroke، اُڃ (Dehydration) وگهي مريو وڃن. مون کي ياد آهي ته 1980ع ۾ جڏهن اسان جو جهاز مالاڪنڊ ملاڪا نار (ملائيشيا) وٽان لنگهي رهيو هو ته Farid fares نالي هڪ Cattle ship، جيڪو آسٽريليا کان ايران لاءِ 41 هزار رڍون کڻي نڪتو هو، ان کي باهه لڳي ويئي. جهاز ۾ موجود ماڻهن ته پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيئي پنهنجي جان بچائي ورتي، پر جهاز سمورين رڍن سميت سڙي خاڪ ٿي ويو. اهڙيءَ طرح 1996ع ۾ UNICEB نالي هڪ جانورن جي جهاز کي، هندي وڏي سمنڊ ۾ باهه وڪوڙي وئي هئي. اهو جهاز آسٽريليا کان ستر هزار رڍون کڻي اردن وڃي رهيو هو. منجهس موجود هڪ رڍ به بچي نه سگهي. ڪجهه سڙي ويون باقي ٻُڏي ويون. اهڙيءَ طرح ويجهڙائيءَ ۾ Guernsey express نالي هڪ جهاز جي خبر پڙهڻ ۾ آئي، جيڪو پئسفڪ سمنڊ ۾ Guam وٽ سورهن سؤ ڍڳين سميت ٻُڏي ويو. بهرحال اهي ته چند مثال آهن جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن. صحيح تعداد ته تمام وڏو ٿي سگهي ٿو.
هونءَ هي رڍن ڍڳين جو ڪاروبار، گذريل ٽيهه چاليهه سالن کان وڏي زور شور سان هلي رهيو آهي، پر عام پبلڪ کي ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ، هنن ڏهاڪو کن سالن ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا کان علاوه اليڪٽرانڪ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪا ڳالهه دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿئي ٿي ته، ان ئي وقت ان جي خبر ٻي ڪنڊ تائين پهچيو وڃي. پر اسان واري علائقي (ايشيا ۽ آفريڪا) کان علاوه يورپ پاسي رڍن جي هن ڪاروبار جو گهڻو وڳوڙ سال 2003ع ۾ “ڪورمو ايڪسپريس” جهاز واري واردات بعد مچي ويو.
هالينڊ جو هي اسٽيم جهاز ڪورمو ايڪسپريس Coromo-express 5 آگسٽ 2003ع تي جدي (سعودي عرب) لاءِ 57 هزار رڍون چاڙهي آسٽريليا جي بندرگاهه Fermantle مان نڪتو.
اٽڪل سورهن ڏينهن جي سفر بعد هي جهاز جدي وٽ پهتو ۽ قانون موجب کيس سامان (رڍون) لاهڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويو، جتي سعودي عرب جا مقرر ٿيل جانورن جا ڊاڪٽر (Veterinarians) رڍن جي چڪاس لاءِ جهاز تي پهتا. کليل ماحول مان ڪڍي جڏهن رڍن کي جهازن جي لوهي واڙن ۾، هڪ موسم واري ملڪ کان ٻي موسم واري ملڪ ۾ آندو وڃي ٿو ته گرمي، هٻس، اڻپوري کاڌي ۽ سندن ئي لاٿل گند ۽ پيشاب جي گڏ ٿي وڃڻ ڪري ۽ ذهني Stress ڪري، هنن کي دستن، سهڪ، بخار، نمونيا جهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون- خاص Scabby mouth جهڙي بيماري، جنهن کي سنڌيءَ ۾ شايد سمارو سڏيو وڃي ٿو. وات جي هيءَ بيماري Scabby mouth هڪ عام بيماري آهي، جيڪا سامونڊي سفر دوران رڍن کي اڪثر لڳي ٿي ۽ هڪ حد تائين رڍن جو ان بيماريءَ جو شڪار ٿيڻ قابل قبول سمجهيو وڃي ٿو. رڍون گهرائڻ وقت رڍون موڪليندڙ ۽ خريد ڪندڙ جي وچ ۾ معاهدو ٿيندو آهي ته ڪيتريءَ حد تائين بيمار رڍون قبول ڪيون وينديون.
سعودي عرب هيءَ جيڪا 57000 رڍن جي کيپ، آسٽريليا کان گهرائي، ان لاءِ سعودي عرب پنج سيڪڙو سمارو (Scabby mouth) بيماري واريون رڍون- يعني 2850 کن جي قبوليت جو معاهدو ڪيو هو. پر رڍن سان ڀريل هن جهاز Cormo express جي جڏهن جانورن جي بيمارين جي ماهرن چڪاس ڪئي ته، بيمار رڍن جو تعداد ڇهه سيڪڙو کان به مٿي هو. سعدي عرب رڍن جي هن سموري کيپ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جهاز وارن کي صاف صاف چيو ته، هنن رڍن مان بيماريءَ جو انديشو آهي، ان ڪري هڪ رڍ به سعودي عرب جي سرزمين تي لهڻ نه ڏني ويندي ۽ جهاز هتان لنگر کڻي ڪنهن ٻئي پاسي ٽري وڃي.
سمارو بيماريءَ کان علاوه رڍن جي سرسري حالت به اثر انداز ٿيل لڳي ٿي. جهازي ماهرن اهو به شڪ ڏيکاريو ته پراڻي کٽاري قسم جي جهاز ۽ گهٽ پگهار تي نيم ڄاڻو پورهيتن (Workers) ڪري به ائين ٿيو. جهاز ۾ نه صحيح طرح هوا جو گذر هو ۽ نه اليڪٽرڪ پنکن ۽ بلوئرن ڪم ٿي ڪيو ۽ آگسٽ جهڙي مهيني ۾ جڏهن آسٽريليا ۾ ته کڻي سيارو ٿئي ٿو، پر دنيا جي مٿين اڌ گول ۾، اسان وٽ ته اونهارو ٿيو ۽ انهن مهينن ۾ بحرِ احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي گرمي ايئرڪنڊيشنرن کي به مات ڪري ڇڏيو. بهرحال پنکن ۽ هوا جي سٺي گذر جي کوٽ کان علاوه هن جهاز “ڪمورو ايڪسپريس” جي Desalination plant (سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ واري مشين) ڪم نٿي ڪيو. جهاز تي چڙهيل پنجاهه کن جهازين لاءِ ئي پاڻيءَ جو وڏو مسئلو ٿئي ٿو، اتي اڌ لک کن رڍن کي ههڙي گرميءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪيڏي ضرورت پوندي هوندي. هڪ رڍ سڄي ڏينهن ۾ چار لٽر پاڻي پيئي، ته به روزانو رڍن لاءِ ٻه لک لٽر پاڻي جي ضرورت ٿي، جيڪو پاڻي بندرگاهه مان خرد ڪري نٿو سگهجي، جو پاڻي تمام مهانگو آهي ۽ نه وري جهاز تي ايڏيون وڏيون ۽ ايتريون ٽانڪيون آهن، جن ۾ ٻن ٽن هفتن جي ضرورت جو پاڻي جمع ڪري ٿو سگهجي، سو جهاز تي پاڻي ٺاهڻ جي مشين جنهن کي Fresh water evaporator به سڏجي ٿو، هجڻ ضروري آهي ۽ هن جهاز وارن ان مشين جي خراب هجڻ جي صورت ۾ ڪيئن پئي ڪم هلايو، سمجهه ۾ نٿو اچي.
جهاز جي Extraction plant ۾ پڻ مسئلو هو. اها مشين رڍين جي پيشاب ۽ ٻئي گند ڪچري کي ڇڪي ٻاهر سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ٿي. مشين صحيح طرح ڪم نه ڪرڻ ڪري، رڍن کي هر وقت ان گند ۾ بيهڻو پيو ٿي ۽ انهن کي چارو پڻ خراب حالت ۾ مليو ٿي، ڇو جو چاري لاءِ جهاز تي الڳ آهر نه ٿين. اهو مشينن رستي انهن مٿان اڇلايو وڃي ٿو، جنهن جو ڪجهه حصو رڍن جي پيشاب، ڦولڙين ۽ دستن سان مڪس ٿيو وڃي.
سعوي عرب وارن جو هيءَ رڍن جي کيپ قبول نه ڪئي ته، هاڻ هيترا سارا ساهه وارا ڪيڏانهن وڃن، جن لاءِ گلف جي گرميءَ جو هڪ هڪ ڏينهن عذاب هو. جهاز وارن لاءِ به وڏو مسئلو هو. ڪنٽينر، ڪارون، دٻا يا تيل جهڙو ڪارگو هجي ته جهاز ائين ئي بيٺو هجي. هتي اڌ لک کن ساهه وارا جانور هئا، جن جي صفائي جو مسئلو هڪ طرف هو. جنهن جي بدبوءِ ۾ نه فقط جهاز وارن کي، پر رڍن کي به گهوماٽي رهي هئي. ٻئي طرف انهن جي کاڌي پيتي جو مسئلو هو. پنج يا ڇهه سيڪڙو بيمار رڍون سي به سمارو جون مريض ڪو وڏو مسئلو نه هو، پر هاڻ گهڻا ڏينهن گذرڻ، گرمي ۽ غير هائيجڪ حالتن ڪري روزانو پنجاهه کن رڍون مري رهيون هيون، جن کي بندرگاهه وٽ سمنڊ ۾ اڇلي نٿو سگهجي، جو ان مان بيماريون پکڙجڻ جو انديشو رهي ٿو. انهن کي کلئي سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو. وڏي ڳالهه ته انهن مري ويل رڍن کي هزارن جي تعداد مان ڳولي ڪڍڻ به هڪ مسئلو آهي ۽ جي ڳولي نٿو ڪڍجي ته انهن مان ڍونڍ جهڙي بدبوءِ ٿي نڪري.
ان دوران آسٽريليا کان هنن جا جانورن جا ڊاڪٽر سعودي عرب حڪومت وارن کي Convince ڪرڻ لاءِ آيا ته، رڍن ۾ بيماري ان حد تائين ناهي جو الڪو ڪرڻ کپي، پر سعودي حڪومت جي ڊاڪٽرن، فوڊ ڊپارٽمينٽ ۽ صحت کاتي ڳالهه نه مڃي. آسٽريليا وارن جي به وڏي بي عزتي ٿي، جو اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي هي قصو ڏينهون ڏينهن مشهور ٿي رهيو هو ۽ آسٽريليا جي هن بلين ڊالر بزنيس کي ڇيهو رسي رهيو هو. رڍن جي آسٽريلوي واپاريءَ جو نمائندو پاڻ هلي آيو ۽ رڍن جي نيڪال لاءِ اوسي پاسي جي عرب ملڪن سان سودو طئه ڪرڻ لڳو. انهي دوران ڪورمو ايڪسپريس جهاز ٻاهر کلي سمنڊ ۾ اچي مئل رڍون ڪجهه جهاز جي بئالرن ۾ ساڙي ۽ ڪجهه سمنڊ ۾ ٻوڙي اردن جي بندرگاهه عقبه ۾ پهتو. اردن وارن چيو ته هونءَ کڻي اسان رڍون خريد ڪريون، پر جيئن ته هو ٻئي ملڪ لاءِ آيون ۽ انهن جي رد ڪرڻ جي خبر عوام کي چئجي چڪي آهي، ان ڪري هن سودي ۾ وقت جي حڪومت کي سياسي طرح وڏو ڇيهو رسندو.
۲۸ آگسٽ تي جهاز عقبه کان موٽي وري جدي آيو. ان دوران آسٽريليا کان هاءِ ليول جي هڪ ڪميٽي رياض ۾ اچي سعودي حڪومت جي واسطيدار عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر آسٽريليا وارن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. جهاز وارا سعودي عرب مان رڍن جي خوراڪ لاءِ ٻن هفتن جو چارو خريد ڪري دبئي آيا، پر انهن به رڍن کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. اتي سيپٽمبر جي به يارهين تاريخ ٿي وئي، رڍن جهاز جي لوهي ڪمرن ۾، ايراني نار جي گرمي ۾ سڙنديون رهيون. انهن کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ، جهاز کي ايراني نار مان ڪڍي، عربي سمنڊ ۾ هلائڻ شروع ڪيو، جيئن ڪجهه ٿڌي هوا لڳي ۽ رڍن جي روزاني موت ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿئي.
بهرحال قصو کٽائڻ لاءِ هتي مختصر طور اهو لکان ته آسٽريليا وارا اهڙا ته بيزار ٿي پيا، جو هنن اوسي پاسي جي ڏهه کن غريب ملڪن جي لسٽ ٺاهي، انهن جي حڪومتن کي منٿ ميڙ ڪئي ته مفت ۾ ئي رڍون کڻو، جيئن هڪ طرف جهاز وارن جي جان ڇٽي ۽ ٻئي طرف گگدام جانورن کي جهاز جي قيد کان آزادي ملي، جنهن لاءِ دنيا جون ڪيتريون “جانورن کي ظلم کي بچائڻ” واريون ڪميٽيون گوڙ ڪري رهيون هيون ۽ آسٽريليا بدنام ٿي رهيو هو. انهن ڏهن ملڪن ۾ افغانستان ۽ پاڪستان به شامل هئا، پر انهن به هيءَ خيرات قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آسٽريليا جي وزيراعظم جان هاورڊ اسيمبليءَ ۾ اهوئي اظهار ڪيو ته، لڳي ٿو ته رڍن جي هن کيپ کي واپس وطن گهرائڻو پوندو.
وزيراعظم جو اهڙو اعلان ٻُڌي ماڳهين سندس ماڻهو مڇرجي پيا ته اهي رڍون جن ٻين ملڪن جو چارو کاڌو آهي، انهن کي آسٽريليا جهڙي پاڪ، صاف ڌرتيءَ تي نه آندو وڃي، جو ٿي سگهي ٿو ته اهي هاڻ ڌارين ملڪن مان ڪن بيمارين جا جراثيم کڻي اچن ۽ جيڪڏهن هنن کي آندو به ويو ته هرهڪ جو ڪئارنٽائين ٿيڻ ضروري آهي- معنيٰ هرهڪ رڍ کي ٽي ڏينهن کن خاص ڪمري ۾ رکي، چڱيءَ طرح ميڊيڪل چڪاس ڪئي وڃي. ٻين لفظن ۾ “ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان” يا “اَٺ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي. ڪري پئي کوهه ۾ ته ڏيڍ رپيو ڪڍاڻي.”
جهاز کي ايراني نار، ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ ڀٽڪندي ڏهين آڪٽوبر ٿي ويو. آخر آسٽريليا جي وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا هن بدنصيب جهاز Cormo express کي واپس آسٽريليا گهرائڻ جو اعلان ڪيو. جهاز جئين ئي لنگر کنيو ته انجڻ جي بريڪ ڊائون ٿي پيئي. رڍن جو نيڪال جو اڳهين مسئلو، هاڻ جهاز جي انجڻ مٿي جو سور ٿي پئي. ٺهڻ ۾ ويو ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندو. پراڻو جهاز- جهاز جا انجنيئر جيڪا شيءِ کولين اها هٿ ۾. انهيءَ دوران آسٽريليا هڪ ڀيرو وري اوسي پاسي جي غريب ۽ گهر جائو ملڪن سان لهه وچڙ ۾ آئي ۽ عراق، سوڊان جهڙي ڪنهن ملڪ قبوليت جو ٿورو گهڻو خيال ٿي ڏيکاريو، ته يورپ ۽ آمريڪا جي ڪجهه عيسائي ۽ يهودي ٻاون ۽ پنڊتن وٺي گوڙ ٿي ڪيو ته “رڍن سان ظلم بند ڪريو.” هنن اڳهين ٽي مهينا کن جهاز جي گرمي، گند ۽ Stress ۾ گذاريا آهن. هاڻ ڪنهن مسلمان ملڪ جي حوالي ته نه ڪريو جو مسلمان وڏا ظالم آهن. ڍورن جي اڌ ڳچي ڪپي هنن کي تڙپائي تڙپائي مارين ٿا. ان قسم جا خط دنيا جي ڪيترين اخبارن ۾ ايندا رهيا. هڪ همراهه ته خط ۾ اهو به لکيو ته مسلمانن کي ڪو سمجهائي ته خدارا گگدام جانورن کي مڏيءَ ڇريءَ سان ته نه ڪهو.
بهرحال ان قسم جي خطن جي جواب ۾ ڪجهه مسلمانن به خط لکيا هوندا. هڪ يورپي مسلمان (Neo Muslim) جو ملائيشيا جي ڪنهن اخبار ۾ مون به پڙهيو. هو ڪو ڊاڪٽر لڳي ٿو ۽ هن اسلام کان اڻ واقفڪارن کي ٻُڌايو ته، اسلام جانور توڙي پکيءَ کي ذبح ڪرڻ لاءِ هميشھ تکي ڇري استعمال ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪئي آهي ۽ ذبح ڪرڻ وقت جانور جي رڳو رت جي نليءَ کي ڪٽيو وڃي ٿو، جيئن هن جي ڪرنگهي جي نس (Spinal card) سلامت رهي ۽ هن جي دل آخر تائين رت کي پمپ ڪري ٻاهر ڪڍندي رهي ۽ جانور جو ڦٿڪڻ دراصل هن جي دل ۽ ان سان وابسته نليون Contraction ۽ Expansion جو عمل ٿيون پيدا ڪن. جانور کي ته تڏهن سور ٿئي ٿو، جڏهن هن کي جهٽڪي سان ماريو وڃي ٿو يا هن جو ڪرنگهو ڪٽيو وڃي ٿو. ۽ ڪنهن به جانور کي کائڻ کان اڳ، هن جي جسم جو رت خارج ڪرڻ، ان ڪري به ضروري آهي، جو رت ۾ جراثيم ۽ بيماريون ٿين ٿيون، جيڪي ٻئي تائين ٽرانسفر ٿين ٿيون ۽ چوڏهن سؤ سال اڳ جي هن ڳالهه جي اڄ جي سائنس به تصديق ڪري ٿي.
بهرحال جانورن کي دڳ لاهڻ لاءِ آسٽريليا جي حڪومت، رڍن کي واپس پنهنجي ملڪ موٽائڻ جو ظاهري طرح اعلان ڪيو، پر ڳجهه ڳوهه ۾ هنن آفريڪا جي هڪ ملڪ اريٽيريا وارن سان معاهدو ڪري ورتو. جهاز جي مشينري جيئن ئي صحيح ٿي ته هنن کي اريٽيريا ملڪ جي بندرگاهه ماساوا (Massawa) وڃڻ لاءِ چيو ويو، جيڪو ڳاڙهي سمنڊ کان ڏينهن ٻن جي پنڌ تي آهي. اهڙي طرح اهي رڍون جيڪي 5 آگسٽ تي جهاز تي چڙهيون 74 ڏينهن بعد 24 آڪٽوبر تي لاٿيون ويون. ايتريون رڍون لاهڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا. (چاڙهائڻ ۾ جيترا ڏينهن لڳن ٿا لاهڻ ۾ ان کان هميشھ هڪ ڏينهن وڌيڪ لڳي ٿو.) اريٽيريا وارن کي نه رڳو رڍون مفت ۾ ڏنيون ويون، پر آسٽريليا وارن کي وڌيڪ خواريءَ کان بچائڻ جي خوشيءَ ۾ هنن اريٽيريا وارن کي ٽي هزار ٽن ڏاري جا ۽ هڪ ڪروڙ ڊالر روڪ پڻ ڏنا. رڍن کي ماساوا بندرگاهه تي لاهڻ بعد کين ٽرڪن ذريعي 25 کن ڪلوميٽر پري اسمارا (Asmara) جي چراگاهن ڏي نيو ويو. جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن جو ٿورو مڃيو، جيڪي ايڏي بي افعالي ۽ تڪليف واري سفر کان جواب ڏئي ڀڄي به وڃي سگهيا ٿي.
We would like to thank our master, officers and crews for their highly professional conduct throughout this trying and stressful period. Their conduct deserves nothing but praise.
هالينڊ جي هن جهازران ڪمپنيءَ جي چيئرمين Vroon BV جهاز جي هر ماڻهوءَ کي سرٽيفڪيٽ ڏنو. ان کان وڌيڪ جهاز جي ڪمپنيءَ وارا ۽ آسٽريليا جي حڪومت، آفريڪا جي هن غريب عيسائي ملڪ اريٽيريا جي شڪر گذار ٿي، جنهن هنن کي وڏي خفي مان بچائي ورتو ۽ ان بابت اخبارن ۾ بيان آيو هو ته:
We are extremely pleased that this difficult situation has finally been resolved, which brings to an end the unacceptable stress imposed on the animals as a consequence of the prolonged voyage.
پراڻي جهازن جي مالڪن جون آکاڻيون پڙهبيون آهن ته، انهن ڏينهن ۾ جهاز هوا جي آڌار تي هلندا هئا. جهاز جڏهن طوفانن ۾ ٻُڏي ويندا هئا ته، انهن جي مالڪن کي اڪثر هارٽ اٽئڪ ٿيندو هو. جهاز ۽ جهازن جي دنيا ۾ جتي انيڪ فائدا آهن، اتي ڪيترا اڻ ڄاتل نقصان پڻ آهن، جن جي صدمي وگهي اڄ به جهازن جا مالڪ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا.
دادوءَ جي چيف انجنيئر ظهير بابر، هن جهاز کي “ڪورمو ايڪسپريس” جي حوالي سان چيو: “سائين منهنجا! اسان رڳو جهاز جي مالڪ تي چڙ ڪيون ٿا. اهو ته سوچيو ته هن جو ته ان سفر ۾ الهه تلهه ناس ٿي ويو.” ۽ پوءِ هن حساب ڪندي چيو:
۵۷ هزار رڍن جي جوهي ۽ مهيڙ جي مارڪيٽ جي حساب سان قيمت پنج هزار رپيه لڳائجي، ته به اها ٿي 285,000,000 رپيا. اڍائي مهينا کن جهاز هليو (بندرگاهه ۾ بيٺو هو ته به جنريٽر ۽ ٻيون مشنيون ته هليون پئي)، ان کان علاوه جهاز هلائيندڙ جا پگهار ۽ کاڌا پيتا، رڍن جي چاري جا پئسا سڀ ملائي، هڪ ڏينهن جو ٿورو خرچ لڳائجي، ته به ٻه لک رپيا ته گهٽ ۾ گهٽ ٿيندو. يعني 75 ڏينهن جو ٿيو 15000,000 رپيا. ٽيهه هزار ٽن ڏارو جيڪو رڍن سان گڏ ڏنو ويو، ان جي اريٽريا جهڙي ڏڪاريل ملڪ ۾ قيمت ٿي 6000,000 رپيا. ان کان علاوه جن کي مفت ۾ رڍون ڏنيون ويون، انهن جي مدد ۽ مهرباني مڃڻ خاطر 60,000,000 رپيا ڏنا ويا. هاڻ رڳو اهي خرچ ڳڻجن ته 366,000,000 رپيا ٿيا، يعني ڇٽيهه ڪروڙ سٺ لک رپيا، جهاز جي مالڪ کي، ڏني نه ورتي گهران ڀرڻا پئجي ويا. ان کان ته اهي اڍائي مهينا کن جهاز هڪ هنڌ بيٺو هجي ها ته اهو سٺو هو.”
جهازن جي چيف انجنيئر ظهير بابر جيئن ئي ڳالهه ختم ڪئي ته، ڪن ۾ چيومانس؛ “پوءِ ڀلا اهو نڀاڳو جيئرو آهي يا مري ويو؟”
ظهير پنهنجو روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: “ڀاءُ منهنجا! شڪر ڪري ته کيس ٻيا به ٽي چار جهاز آهن، جيڪي ڪمائي رهيا آهن، نه ته هن مالڪ جو موت سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ ٿي وڃي ها، جڏهن عربن، اردنين ته ڇا پاڪستان ۽ افغانستان به هن تحفي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.”
رڍن واري هن جهاز ڪورمو ايڪسپريس جو قصو پهرين مهيني آگسٽ ۾ پاڪستان ۾ ايترو مشهور نه ٿيو، پر پوءِ جڏهن سعودي عرب، اردن يا ڪنهن ٻئي امير عرب اهي رڍون (جن مان ڇهه ست سيڪڙو کن کي وات جي بيماري لڳي وئي) خريد ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪيو ته، نيٺ آسٽريليا وارن انهن رڍن مان جان ڇڏائڻ لاءِ عراق، افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش جهڙن ملڪن کي مفت کڻڻ لاءِ آڇ ڏني. پاڪستان جو نالو ميڊيا ۾ اچڻ سان نه فقط پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني ماڻهن ۾، ان بابت بحث مباحثا شروع ٿي ويا. آئون انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ هوس، جتي مونکي ياد آهي ته پاڪستاني سفارتخاني جي ٻاهر يا نماز جي وقت ٽوڪيو جي مسجد ۾- خاص ڪري جمع نماز تي، اسان جي ماڻهن جا ان خبر بابت تمام گهڻا گرم گرم بحث شروع ٿي ويا. ڪن جو چوڻ هو ته موقعو سٺو آهي، مفت ۾ هيتريون ساريون رڍون پيون ملن، جن ۾ فقط هڪ ننڍڙو تعداد سمارو (Mouth scabby) ۾ ورتل آهي، باقي ته سڀ صحيح ۽ سٺي نسل جون آهن ۽ اها بيماري ڪا Mad Cow وانگر وچڙندڙ يا انسان ذات لاءِ نقصانڪار ته نه آهي، جو اسان نخرو ٿا ڪريون. ڪن جو وري اهو رايو هو ته اهڙي قسم جي خيرات اسان پاڪستانين کي هرگز هرگز قبول نه ڪرڻ کپي. اسان ڪي فقير ته نه آهيون. ڀلا جي غريب آهيون ته به، ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان وغيره وغيره.
هن جهاز بابت پاڪستان جي به مڙني اخبارن ۾ خبرون ۽ ان تي تبصرا ۽ پڙهندڙن جا خط ايندا رهيا ٿي. اهڙن خطن مان ٻه کن خطن جي ڪٽنگ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو. پهريون خط اسلام آباد مان ڪنهن ڊاڪٽر زرينا نالي محترمه جو آهي...
“...آسٽريليا کان ڪنهن جهاز ذريعي سعودي عرب لاءِ موڪليل اڌ لک کن رڍون، سعودي عرب اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي ته، انهن ۾ ڇهه سيڪڙو کن (يعني 3000 کن) رڍون بيمار آهن جڏهن ته هنن جو معاهدو پنج سيڪڙو تائين هو.
آسٽريليا حڪومت طرفان، اهي سموريون رڍون Donation طور پاڪستان کي ڏيڻ جي آڇ ٿي آهي، پر پاڪستان طرفان اهو چئي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ته، رڍن جو ايڏو وڏو تعداد سنڀالڻ مشڪل آهي.
ڪوبه Donation (امداد) اسان جهڙي غريب ملڪ لاءِ سنڀالڻ ڏکيو ڪم ناهي، جتي چاليهه سيڪڙو کان مٿي عوام مسيڪي واري ليڪ کان هيٺ آهي. هر رڍ جي قيمت چار پنج هزار رپيا چئي وڃي ٿي. رڍون اتاهين قسم جي پروٽين کان علاوه اُنَ، کير ۽ چمڙو مهيا ڪن ٿيون. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي غريب ماڻهن انهن کي پالڻ چاهيندا. انهن مڙني رڍن جي قيمت پندرهن ويهه ڪروڙ رپيا ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن کوکي ۾ ڪجهه انب خراب آهن يا ڪنهن ٽوڪريءَ ۾ ڪجهه بيضا خراب آهن ته، ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته هڙ جي هڙ اڇلي ڇڏجي. اسان جي ملڪ جي جانورن جي ڊاڪٽرن کي اڳيان وڌي صلاح ڏيڻ کپي ته آيا ان قسم جي Benign وات جي بيماري واري رڍ جو گوشت کائڻ ۾ ڪو نقصان ته نه آهي ۽ آيا اها بيماري ڦهلجندڙ ته نه آهي؟ جيڪڏهن اها بيماري ڦهلجندڙ آهي ته پوءِ اسان کي هيءَ امداد هرگز وٺڻ نه کپي، پر جي اهڙي ڳالهه ناهي ته، ان قسم جي آفر قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ جيڪڏهن فقط بيمار رڍون نقصانڪار آهن ته، انهن کي ڪُهي زمين اندر پوري ڇڏجي يا ساڙي ڇڏجن، باقي 47 يا 48 هزار رڍون جيڪي صحتمند آهن، اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ غريب ماڻهن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون...”
اهڙي طرح هڪ ٻيو خط علي ريحان نالي ڪنهن همراهه جو دبئيءَ مان لکيل آهي. جيڪو 27 يا 28 سيپٽمبر واري انگريزي اخبار ۾ ڇپيو.
“... ڪيتري ته افسوس جي ڳالهه آهي جو يورپي، آمريڪي توڙي آسٽريليا جهڙا امير ملڪ، اسان جي ملڪ پاڪستان کي شايد “ڪچرا ڪُنڊي” سمجهن ٿا ۽ دنيا جي هر گند ڪچري لاءِ پاڪستان کي Dumping ground سمجهن ٿا. پوءِ زهريلو مادو (Toxic waste) هجي يا بيمار رڍن جو ڌڻ. ان ذلالت جو اهوئي سبب آهي جو اسان جو ماضي هميشھ هنن اڳيان جهڪندي گذريو آهي.
اُميد ته اسان جي حڪومت جو بيمار رڍن کي قبول ڪرڻ وارو انڪار قائم رهندو ۽ ڪنهن به مرحلي تي هائوڪار نه ڪئي ويندي، ڇو جو اڃا تائين رڍن جي مستقبل جو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ بقول آسٽريليا حڪومت جي، ان سلسلي ۾ سندن ڳالهيون ڪنهن ويجهڙائيءَ واري ملڪ سان ڳجهه ڳوهه ۾ هلي رهيون آهن. اُميد ته اهو ملڪ اسان جو ملڪ نه هوندو...
پاڪستان جي انڪار ڪرڻ تي آسٽريليا کي ناراض نه ٿيڻ کپي، جو هنن رڍن ۾ مقرر تعداد کان وڌيڪ بيمار آهن ۽ اهي رڍون جيڪي سعودي عرب ۾ رهندڙن لاءِ هاڃيڪار آهن، اهي اسان جي ماڻهن لاءِ به نقصانڪار آهن...”



No comments:

Post a Comment